رحمت الله ماڃوٺي

Author Name
رحمت الله ماڃوٺيءَ، 25 مارچ 1957ع تي چوهڙ جمالي، ضلعي ٺٽي ۾، عبدالرحمان ماڃوٺيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ۽ گريجوئيشن 1980ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ٺٽي مان، ايم اي (پوليٽيڪل سائنس ۾) 1984ع ۾، ايم اي (بين الاقوامي تعلقات ۾) سچل ڪاليج حيدرآباد مان 1988ع ۾ حاصل ڪيائين.
پيشي جي لحاظ کان 1982ع ۾ استاد طور ڀرتي ٿيو. 
رحمت الله ماڃوٺيءَ لکڻ جي شروعات ننڍپڻ کان ڪئي،  پاڻ روزاني ”عبرت“، ” مهراڻ“، ”پڪار“، ” جاڳو“، ”عوامي آواز“ ۽ ”ڪاوش“ اخبارن ۽ ڪجھه رسالن ۾ لکندو رهيو.
رحمت الله ماڃوٺي لکڻ ۽ صحافت کان علاوه سياست ۾ به ڪنهن وقت سرگرم ڪردار ادا ڪندو رھيو پاڻ سياسي حوالي سان شروع ۾ جيئي سنڌ هلچل ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ڪارڪن طور ڪم ڪيائين، بعد ۾ سياست ڇڏي ڏنائين.
رحمت الله ماڃوٺي کي علمي، ادبي خدمتن عيوض کيس بهترين ڪهاڻيڪار طور سنڌالاجي ايوارڊ، سنڌي ادبي سنگت ايوارڊ، عثمان ڏيپلائي ايوارڊ، سنڌ ڪلچرل ڪائونسل ايوارڊ ۽ مادر وطن ايوارڊ ملي چڪا آهن، جڏهن تہ سندس ڪيترائي ڊراما مختلف ٽي وي چئنلس تي نشر ٿي چڪا آهن ۽ مختلف چئنلس طرفان ايوارڊ به مليا آھن. 
رحمت الله ماڃوٺي جون ڪيل علمي، ادبي خدمتون ھيٺين ڊرامن ۽ ڪتابن جي صورت ۾ موجود آهن. 
1.بيگار ڪئمپ(ڪهاڻيون)
2.ڪاملي(ڪهاڻيون)
3.نوان رستا، نيون راهون (مضمون)
4.ڳولا (ناول) 
5. سسرال (ڊرامو) 
6.ريت ڪي ديوار (اردو ڊرامو) 
7ڪالي چادر (اردو ڊرامو) 
8.تلخيان (اردو ڊرامو) 
9.قربتون (اردو ڊرامو) 
10.گونج (ڊرامو) 
11.ماڙي ۽ زندگي(ڊرامو) 
12.تو بنا (اردو ڊرامو)
13.کريل گھڙيال (ڪھاڻيون) .

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي رحمت الله ماڃوٺي جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


رحمت الله ماڃوٺي جا ڪتاب

ڳولا، ليکڪ : رحمت الله ماڃوٺي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ڳولا
ليکڪ : رحمت الله ماڃوٺي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ