زرينہ بلوچ
جيجي زرينا بلوچ جو اصل نالو آمنا ھو، ھوءَ 29 ڊسمبر 1934ع تي حيدرآباد لڳ ڳوٺ الھداد چنڊ ۾ ڄائي. سندس والد محمد موسٰي جلالاڻي سرڪاري ملازم ھو. ھن ميونسپالٽيءَ ۽ تعليم کاتي ۾ ڪم ڪيو. سندن خاندان ۾ ڳائڻ وڄائڻ کي سٺو نہ سمجهيو ويندو ھو. سندس والد ھڪ باشعور ماڻھو ھو، ان ڪري پنھنجي نياڻيءَ کي تعليم ڏياريائين. زرينہ بلوچ، فائنل، اديب ۽ اديب فاضل تائين پڙهي. پڙهڻ دوران ھن جو راڳ سان نينھن لڳو. اسڪول ۾ سنڌ جي نالي واري شخصيت دادي ليلان کي ڳائيندي ٻڌي زرينہ بلوچ راڳ جي ميدان ۾ آئي. تنھن کان سواءِ مشھور لوڪ فنڪارن نارو ڀڳت ۽ رقيہ خانم کان بہ متاثر ھئي. ابتدائي راڳ جي تربيت دادي ليلان کان ورتائين. ريڊيي تي اچڻ کان پوءِ 1960ع ۾ استاد محمد جمن جي باقاعدي شاگردياڻي ٿي. 1960ع ۾ ريڊيي حيدرآباد پاران ھڪ ڳائڻ جو مقابلو ٿيو، جنھن ۾ 600 نون ڳائڻن حصو ورتو، انھن ۾ زرينہ بلوچ ٽيون نمبر آئي. ھوءَ 1960ع ۾ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار وومين حيدرآباد ۾ ماسترياڻي مقرر ٿي. سنڌ يونيورسٽي ماڊل اسڪول ۾ پڻ پڙهايائين. 36 سال تعليمي خدمت ڪري 1996ع ۾ رٽائر ٿي، سندس اھا خدمت بہ واکاڻ لائق آھي. سياسي حوالي سان بہ سندس خدمتون ساراھڻ جوڳيون رهيون. ھوءَ سنڌ جي نالي واري سياسي اڳواڻ رسول بخش پليجي جي گهر واري ھئي. ھوءَ گهرداريءَ سان گڏ مڙس سان سياست ۾ بہ ٻانھن ٻيلي رهي. سنڌياڻي تحريڪ ۾ بہ سرگرم رهي. ھن سياست ڪندي جيل بہ ڪاٽيو. شاگردن توڙي عام ماڻھن ۾ قومي شعور جاڳائڻ لاءِ قومي شاعريءَ کي جهر جهنگ ڳايو. قومي گيتن کان سواءِ ھوءَ لوڪ گيتن جي ڪري بہ مشھور ھئي. ھن لوڪ گيتن کي گڏ ڪري انهن جي شاعري ۽ ڌن سنواري ڳائي، جيڪو ھڪ اھم ڪم آھي.
ڪجهہ لوڪ گيتن جون وري ھن ڌنون پاڻ بہ ٺاھيون، جن مان ’شل بوند وسئي، لاڏل بوڇڻ تي‘ بہ ھڪ آھي. جيجيءَ جو چوڻ ھو تہ مون جڏهن اھا ڌن ٺاھي تہ خبر نہ ھيم تہ ڪھڙي سر ۾ ٺاھي اٿم، جڏهن استاد محمد جمن کي ٻڌايم تہ چيائين، تِلنگ ۾ آھي، پوءِ اُھا ريڊيي حيدرآباد تي پروڊيوسر انور بلوچ رڪارڊ ڪئي. لوڪ گيتن کان سواءِ ھن مختلف صوفي توڙي جديد شاعرن جا ڪلام بہ ڳايا آھن. سڀني کان وڌيڪ شيخ اياز کي ڳايائين. ٽي ويءَ تي کيس پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ متعارف ڪرايو. ھن ٽي ويءَ تي سڀ کان اڳ ۾ بلوچي نغمو ڳايو، جنھن جا ٻول ’ليلا او ليلا بيا تران سيلان‘ ھئا. ھن بلوچيءَ ۽ سنڌيءَ کان سواءِ اردو، سرائڪي ۽ پنجابيءَ ۾ بہ ڳايو. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندڙ فلسطيني شاگردن پاران حيدرآباد ۾ ٿيل ھڪ تقريب ۾ ھن عربيءَ ۾ ڳايو، جنھن تي کيس فلسطيني شاگردن پاران اوارڊ مليو. جيجيءَ ٻڌايو تہ اَذان ڀيرويءَ ۾ پڙهي ڳائي ويندي آھي. سنڌيءَ کان سواءِ مصريءَ ۾ بہ ڀيروي ٿئي. ان ڳالھ کي ذھن ۾ رکي مون عربيءَ ۾ ڳايو ۽ ان جي ڌن پاڻ ٺاھي. زرينہ بلوچ جون ڪافي ڪيسيٽون مارڪيٽ ۾ آيون. پاڪستان کان ٻاھر آمريڪا، برطانيہ، دبئي، ھندستان ۽ ڪئناڊا ۾ بہ فن جو مظاھرو ڪيائين. ھوءَ بھترين ڳائڻي، ماسترياڻي، قومي ڪارڪن ۽ ڪمپيئر ھئڻ سان گڏ سٺي ڪھاڻيڪار بہ ھئي. سندس پھرين ڪھاڻي ماھوار ’روح رهاڻ‘ ۾ ڇپي، جنھن جو موضوع ھو ’مان توکي گيت ڏيان او ڌرتي‘. سندس لکيل ۽ ترجمو ڪيل ڪھاڻين جو ڪتاب ’تنھنجي ڳولا، تنھنجون ڳالھيون‘ بہ ڇپجي چڪو آھي، جيجي زرينہ غير تڪراري شخصيت ھئي. سائين جي. ايم. سيد ۽ قومي ڪارڪن بہ سندس وڏي عزت ڪندا ھئا. ھوءَ قومي ھلچل جي اڪثر ميڙاڪن ۾ ڳائي ڪارڪنن جي جذبن کي اتساھيندي ھئي، کيس ’جيجي‘ نالو قومي ڪارڪنن ڏنو. ھوءَ سڄيءَ سنڌ جي ’جيجي‘ ھئي. جيجي زرينہ بلوچ کي ڪيترا مڃتا اوارڊ مليا، جن ۾ شاھ لطيف اوارڊ ۽ قلندر لعل شھباز اوارڊ اھم آھن. جيجي زرينہ 25 آڪٽوبر2005ع جي رات جو لاڏاڻو ڪيو. سندس اولاد ۾ اسلم بلوچ، اختر بلوچ ۽ اياز لطيف پليجو آھن، جن مان پوين ٻن سنڌ جي سياست جي دنيا ۾ چڱو نالو ڪڍيو آھي.
- جنم: 1934-12-29
- ورسي: 2005-10-25
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل