شاهه محمد پيرزادو

Author Name

شاھ محمد پيرزادو، 31 جنوري 1961 ۾، مُھين جي دڙي لڳ  ڳوٺ حاجي لعل بخش شيخ(ٻلھريجي) ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ مان،  ميٽرڪ ۽ انٽر ڏوڪريءَ مان ڪري، 1981 ع ۾ ڪراچيءَ جي اسلاميہ سائينس ڪاليج مان گريجوئيشن ڪيائين. ميڊيڪل ليباريٽري مان ٽريننگ کان پوءِ ان ئي لائين ۾ ذاتي ڪاروبار شروع ڪيائين ، جنھن سان اڃا تائين لاڳاپيل آھي، ان سلسلي ۾ ئي ڏيھي ۽ پرڏيھي مسافريون پڻ ڪيون اٿائين. 
ادبي حوالي سان پنھنجي گھَرو ماحول جي اثر ۾ 1978ع کان شاعري شروع ڪيائين، مشھور اديب، صحافي ۽ محقق انور پيرزادو سندس سڳو چاچو آھي. فڪري طور سندس تعلق مارڪسي فلسفي سان رھيو آھي، 1983ع واري ايم آر ڊي تحريڪ جي پس منظر ۾ لکيل سنڌي ادب کي پنجابيءَ جي مشھور اديب احمد سليم سان گڏجي اردو ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري ’سارا ملڪ منصور‘ نالي مجموعو آندو، جيڪو پنھنجي نوعيت جو پھريون ڪتاب ھيو.
1994ع ۾ سندس ملاقات اردوءَ جي مشھور اديب ڊاڪٽر آصف فرخي سان ٿي ۽ اھا دوستي سنڌي ادب کي اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ آڻڻ جو سبب ٿي. 
شيخ اياز جي چونڊ شاعريءَ جو انگريزي ٻوليءَ ۾ پھريون مجموعو آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس جي طرفان شايع ڪرايو. جنھن جو نالو ھئو Storm`s call for Prayers..
شيخ اياز تي ٻہ ڪتاب اردوءَ ۾ مڪتبہ دانيال طرفان ڇپرايا. جن جا عنوان ھئا، ذڪر اياز  ۽ فڪر اياز
شيخ اياز جو ھڪ پاڪيٽ سائيز ڪتاب فضلي سنز طرفان پڻ ڇپايو جنھن جو عنوان ھئو، دانش اياز.
سنڌيءَ جون چونڊ ڪھاڻيون اردو ۽  انگريزي ٻوليءَ ۾ پڻ ڪيترن ئي مجموعن ۽ رسالن ۾ ڇپايون.
ڊاڪٽر آصف فرخي سان گڏجي ڪيل ڪم تي اياز چيئي طرفان ھنن کي شيلڊ ڏني وئي.

شاھ محمد پيرزادي جا اصلوڪا ڪتاب

اسٽوپا سنڌو ۽ چنڊ ( ٻلھڙيجيءَ جي ٽن شاعرن جو گڏيل مجموعو جنھن ۾ ھن سان گڏ فيض پيرزادي ۽ ملڪہ پيرزادي جي شاعري شامل ھئي) 1995 ۾ ڇپيو.
سونھن جون سَوَ صورتون (شاعري) 2003 ۽ 2010 ۾ چپيو
ڀورائيءَ ۾ ڀال ( جنم ڪٿا) 2017 ۾ ڇپيو.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي شاهه محمد پيرزادو جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن


شاهه محمد پيرزادو جا ڪتاب

ڀورائيءَ ۾ ڀالَ، ليکڪ : شاهه محمد پيرزادو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ڀورائيءَ ۾ ڀالَ
ليکڪ : شاهه محمد پيرزادو
سونھن جون سَوَ صورتون، ليکڪ : شاهه محمد پيرزادو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
سونھن جون سَوَ صورتون
ليکڪ : شاهه محمد پيرزادو
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ