انعام شيخ

Author Name

برک اديب، نقاد، مترجم، ڪالم نگار ۽ مضمون نويس انعام شيخ ،3   فيبروري 1962ع تي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. سندس خانداني نالو انعام ﷲ پٽ حاجي گل محمد شيخ آهي. 1983ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان بي اي آنرس (فلاسافي) پاس ڪري، سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي انٽرنيشنل رليشنز ۾ ڪيائين. پھرين اردو ڪاليج ڪراچيءَ ۾، 5 ڊسمبر 1989ع تي ليڪچرر ٿيو، ان کانپوءِ 1997 ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. 2008ع ۾ ساڳئي اداري ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ٿيو. هي آڪٽوبر 2003ع کان جولاءِ 2006ع تائين ٽن سالن لاءِ سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري به رهيو ۽ ڪيترائي ڪتاب ڇپرايائين. انعام شيخ بھترين مترجم آهي، سندس ترجمو ڪيل ڪتاب پڙهندڙن وٽ گهڻو پسند ڪيا ويا آهن. سندس اهم ڪتابن ۾ ”سوچ جو سفر“ (1996ع)، ”اِتھاس جا آواز“ (1997ع)، ”سونھن، عشق ۽ سنسار“ (1998ع) ۽ ”سنڌي سماج، ادب ۽ سياست“ (1999ع)، ”بين الاقوامي تعلقات جي لغت“ (2012ع) ۽ ”پرمانند ميوارام“ (2017ع) شامل آهن. انعام شيخ پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي به انتھائي متحرڪ آهي ۽ سماجي، ادبي ۽ سياسي حلقن ۾ پنهنجي چٽي/کري موقف سبب سڃاتو وڃي ٿو.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي انعام شيخ جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن


انعام شيخ جا ڪتاب

پرمانند ميوارام (سنڌي نثر ۽ لغت نويسيءَ جو ماھر)، ليکڪ : انعام شيخ

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
پرمانند ميوارام (سنڌي نثر ۽ لغت نويسيءَ جو ماھر)
ليکڪ : انعام شيخ
سوچ جو سفر، سھيڙيندڙ : انعام شيخ

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
سوچ جو سفر
سھيڙيندڙ : انعام شيخ
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ