ڪامريڊ مير محمد ٽالپر

Author Name

ڪامريڊ مير محمد ٽالپر ٽنڊي ڄام ۾ سال 1924ع ۾ مير غلام رسول ولد مير باغ علي ٽالپر جي گهر ۾ جنم ورتو ۽ سندس گهڻو وقت اڳوڻي ٿرپارڪر ۽ هاڻوڪي عمرڪوٽ ضلعي ۾ ديهه هيرل ۾ گُذريو. شروعات ۾ سياسي شعور کيس علامه مشرقي جي خاڪسار تحريڪ کان جاڳيو. ان بعد کيس حڪيم جي ڪم سکڻ جو شوق جاڳيو ۽ مولوي معاذ سان گڏ دهلي جي اصل حڪيم جي دواخانه ۾ طب جي علم سان پاڻ کي سنواريو. جنهن بعد چاچا ڪامريڊ مير محمد ٽالپر سنڌ جي غريب ۽ مسڪين هارين جي پوئيواري ڪرڻ لاءِ پاڻ ملهائڻ جو عزم ڪيو ۽ نعرو هنيو ته ”جيڪو کيڙي، سو کائي.“ سندس زندگي مختلف رنگن سان ڀريل آهي ۽ ان تي تفصيلي روشني وجهي لکڻ سج کي ڏيئو ڏيکارڻ برابر آهي. هن ۱۹۶۹ع ۾ ايوب جي زماني ۾ ملڪ جي بنيادي جمهوريت لاءِ لوڪل بورڊ جي اليڪشن ۾ حصو ورتو ۽ هڪ طاقتور (زميندار) اميدوار کي شڪست ڏئي بي ڊي جو ميمبر ٿيو ۽ ڪارڪنن کيس ۱۰ڪليوميٽرن تائين ڪلهن تي چاڙهي سرڪس ڪرايو. ڪامريڊ مير محمد ٽالپر ۶۰ع واري ڏهاڪي ۾ پنهنجو گهر ٽنڊو ڄام ڇڏي پنهنجي زمين تي ڍورو نارو ۽ هيرل تي رهائش اختيار ڪئي ۽ وڏو عرصو اتي مريضن جو علاج به ڪندو رهيو. اڄڪلهه هيرل ريلوي اسٽيشن (هڪ ننڍڙي) هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ هلندڙ ريل گاڏي هلي ٿي ان جونالو مشرف جي دور ۾ سائين جادم مڱريو مٽرائي پنهنجي والد ترڪو مڱريو جي نالي منسوب ڪري ڇڏيو هو.
ڪامريڊ مير محمد ٽالپر پنهنجي سياسي زندگي جي ابتدا ۱۹۷۰ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي پيپلز پارٽي کان ڪئي ۽ کيس پهريون جنرل سيڪريٽري نامزد ڪيو ويو. ليڪن اها مقرري متنازعه رهي، جنهن لاءِ اڄ به ۱۹۷۰ع جي آگسٽ مهيني جي عبرت اخبار شاهد آهي ته ان ۾ اها خبر شايع ٿي ته ”ڪامريڊ مير محمد ٽالپر کي پيپلز پارٽي جي جنرل سيڪريٽري جي عهدي تان هٽايو ويو آهي.“ جڏهن ته ان ئي خبر ۾ معراج محمد خان جو به ذڪر شامل آهي ته ڪامريڊ کي جنرل سيڪريٽري مقرر ئي ڪيو ويو هو ته پوءِ هٽائڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. حالانڪ معراج محمد خان ڪامريڊ جي عزت افزائي ڪندي اهو بيان ڏنو هو. حقيقت ۾ ڪامريڊ مير محمد پيپلز پارٽي جو جنرل سيڪريٽري وقتي طور هو ۽ سندس تقرير ۱۹۷۰ع جي چونڊ دوران ٽنڊو ڄام شهر جي هڪ وڏي امام بارگاهه جي ميدان تي ڪيل عوام کي نه رڳو سجاڳ ڪيو، پر کلائي کلائي پيٽن ۾ سور وڌو هو. ليڪن ذوالفقار علي ڀٽو جي پيپلز پارٽي سان ڪامريڊ جو ناتو وڌيڪ گهڻو نه هليو. خاص ڪري پيپلز پارٽي جي حڪومت ٺهڻ کانپوءِ ذوالفقار علي ڀٽو پاران بلوچستان اسيمبلي ٽوڙڻ، ميرن سان اختلاف پيدا ٿيڻ بعد ڪامريڊ پيپلز پارٽي کي الوداع چئي ڇڏيو. جيتوڻيڪ حاڪم علي زرداري کي پيپلز پارٽي ۾ ڪامريڊ مير محمد ٽالپر آندو هو، ليڪن ذوالفقار علي ڀٽو پاران مير علي بخش ۽ ٻين ميرن سان پيش آيل واقعن ڪامريڊ جي دل کٽي ٿي پئي. هي دل جو صاف ۽ بي باڪ ۽ منهن تي چئي ڏيندڙ هو ۽ هڪ دفعي مير برادران جي بنگلي تي ڪنوينشن ۾ تقرير دوران ذوالفقار علي ڀٽو چيو ته؛ ”منهنجي پارٽي غريبن جي پارٽي آهي“ ان تي ڪامريڊ هڪدم چيو ته؛ ”هي مخدوم، هي پير، مير سڀ غريب آهن ته پوءِ امير الائي ڪير آهي؟“ ڪامريڊ صاحب جي اها خاصيت هئي ته هو جيل ۾ قيدي دوستن وٽ ملڻ لازمي ويندو هو. ان سلسلي ۾ آئون ان جو خود شاهد آهيان ته جڏهن ۱۹۶۹ع جي زماني ۾ ون يونٽ ٽوڙڻ جي تحريڪ ۾ يحيٰ خان جي مارشل لا ۾ آئون بک هڙتال سبب سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ قيد هوس ته سڀ کان پهرين اهو ئي منهنجو عزيز چاچو ڪامريڊ مير محمد ٽالپر مون سان ملاقات ڪرڻ لاءِ پهتو هو ۽ جيل سپرنٽينڊنٽ لالا اعظم کيس عزت سان ويهاريو ۽ اسان ملاقات ڪئي هئي. ان بعد جڏهن ڪو مسئلو يا ڳالهه هوندي هئي ته مون کي ضرور ٻڌائيندو هو.
اصل ۾ ڪامريڊ مير محمد ٽالپر هڪ زماني جي انسائيڪلوپيڊيا هو ۽ سندس دماغ ۽ حافظو ڏاڍو مضبوط هو ۽ اڄ به هندستان جي پهرين وقتي وزيراعظم ۽ پهرين وزير تعليم مولانه ابوالڪلام آزاد جي ۱۸منٽ ڪيل ملاقات کي يادگار چوندو هو ۽ کيس پنهنجو مرشد سمجهندو هو. هن پهرين اخبار ”روزانه سنڌ“ لاءِ ڪالم ”روڪڙو جواب“ لکڻ شروع ڪيو. ان بعد ”اڇا منهن، ڪارا مُنهن“ پنهنجي طبيعت مطابق ڪتاب تحرير ڪيو. جنهن بعد ڪل ملائي  ۸ ڪتاب لکيا، جنهن ۾ ”ڪارا منهن، موچارا منهن“، ”يادگيرين جو سفر“، ”آديسي اُٿي ويا“، ”پُڇاڻو“، ”اکين ڏٺو ڪنن ٻڌو“ ۽ ”وٺ روڪڙو جواب“، شامل آهن.
ڪامريڊ مير محمد صاحب جيئن ته ڪميونسٽ ٽائيپ هو ۽ سندس گهر جو در ڳاڙهو هوندو هو ۽ پوسٽ جو دٻو سندس گهر جي ٻاهران در تي لڳل هوندو ۽ ٽپالي سدائين ٽپال ان ۾ وجهندو هو. هن جي خاصيتن ۾ اها به خاصيت هئي ته مائي خيري جي مسجد جو ذڪر ڪندي ڪيترن ئي بزرگن جو ذڪر ڪندو هو ۽ پڻ انهن مٿان نالن جون تختيون به هڻائيندو هو. سندس دل ۾ هزارين پيرن فقيرن جا قصا سمائل هئا. ڪامريڊ جي سنگت تمام وڏن ماڻهن کان وٺي غريبن تائين هئي، جن ۾ سائين جي ايم سيد ان بعد امداد محمد شاهه، حيدر بخش جتوئي، بلوچ رهنما اڪبر بگٽي، غوث بخش بزنجو، عطاءُ الله مينگل، ڊاڪٽر عبدالحي بلوچ وغيره. ان کانسواءِ هتان لڏي هندستان ويل سندس ڪافي دوست هئا. ڪامريڊ مير محمد ٽالپر نه رڳو سنڌ پر پاڪستان جو هڪ هيرو هو ۽ هن ملڪ جي آزادي ۽ انگريز جي ڪڍڻ وارين تحريڪن ۾ به حصو ورتو ۽ ورهاڱي کي ڏٺو. هن پنهنجي زندگي ۾ مختلف ملڪن جا دورا ڪيا، جن ۾ ترڪي، ايران، هندستان خاص ڪري شامل آهن ۽ ان کانسواءِ گڏيل پاڪستان وقت اوڀر پاڪستان ۾ به گهڻو رهيو. 


مير اعظم علي ٽالپر جي ٿورن سان

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي ڪامريڊ مير محمد ٽالپر جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن


ڪامريڊ مير محمد ٽالپر جا ڪتاب

يادگيرين جو سفر، ليکڪ : ڪامريڊ مير محمد ٽالپر

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
يادگيرين جو سفر
ليکڪ : ڪامريڊ مير محمد ٽالپر
آديسي اٿي ويا، ليکڪ : ڪامريڊ مير محمد ٽالپر

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
آديسي اٿي ويا
ليکڪ : ڪامريڊ مير محمد ٽالپر
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ