course image
Mir Nusrat Hussain Abro

مير نصرت حسين ابڙو

مير نصرت حسين ابڙو پھرين ڊسمبر 1938ع تي ڳوٺ مدئجي ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو. پاڻ شروعاتي تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪيائين. پيشي جي لحاظ کان پاڻ سنڌ جي سُڌ سماءُ واري کاتي ۾ ملازمت شروع ڪيائين ۽ اتان ڊائريڪٽر جي عھدي تان ريٽائر ڪيائين. 
نصرت ابڙي سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ سنڌ جي مختلف ماڳن ۽ شخصيتن جي باري ۾ مضمون ۽ ڪالم لکيا. هن شاهہ لطيف جي تڪين تي سٺو مواد جمع ڪيو هو جيڪو ڇپائي نہ سگهيو، پاڻ مدئجي لڳ شاهہ لطيف جي تڪئي جو سنڀاليندڙ بہ هو.  رٽائرمينٽ بعد سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾ رھائش پذير ٿيو. سنڌ جو ھي اديب، ڪالم نگار 22 جنوري 2004ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. سندس تدفين سچل ڳوٺ ڪراچيءَ جي قبرستان ۾ ڪئي وئي. 
نصرت حسين ابڙو جون ڪيل علمي، ادبي خدمتون ھيٺين ڪتابن جي صورت ۾ موجود آھن. 

1. ڪراچي روشنين جو شھر
2. سنڌ جا ڪالم نگا

1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image