آفتاب سومرو

Author Name

آفتاب احمد ’آفتاب‘ ولد محمد اسحاق سومرو 11 آڪٽوبر 1956ع ۾شڪارپور ويجهو مريد سيٺار ڳوٺ ۾ ڄائو. ايم. اي سوشيالاجي، ايم. اي (انگريزي) ۽ ايل ايل بي ڪرڻ بعد J.S.T طور مقرر ٿيو. بعد ۾ گورنمينٽ ڪاليج آف ٽيڪنالاجي حيدرآباد ۾ انسٽرڪٽر مقرر ٿيو. ان کانپوءِ، ’اسسٽنٽ ڊائريڪٽر نيشنل بوڪ فائونڊيشن‘ طور ڪراچي ۽ ڪوئيٽا ۾ به رهيو. سندس ٽي ڪتاب شايع ٿيل آهن: (1) مزدڪ جي ملڪ ۾ (سفرنامو)، (2) ايران ڪا سفرناما (اردو)، (3) بيجنگ ڪي بازارون سي بئنڪاڪ ڪي بازارون تڪ (اردو ۾ سفرنامو) هي ’سماج سڌار تحريڪ‘ جو باني ميمبر، ’سامي ريسرچ سوسائٽيءَ‘ جو باني ميمبر، ’پروگريسو ٿنڪرس فورم‘ ۽ ’سنڌي ادبي سنگت‘ جو سرگرم ڪارڪن رهي چڪو آهي. ان کان سواءِ آفتاب سومرو ’شعور‘ رسالي جو ايڊيٽر، ’نئين دنيا‘ جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر ۽ ’روشن خيال‘ رسالي جو ٻانهن ٻيلي به رهي چڪو آهي. اڄڪلهه سچل سرمست تي تحقيق ڪري رهيو آهي. گڏوگڏ اسلام آباد ۾ نيشنل بوڪ فائونڊيشن ۾ سيڪريٽريءَ جي عھدي تي خدمتون پڻ سرانجام ڏئي رهيو آهي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي آفتاب سومرو جا ڪُل 3 ڪِتاب موجود آھن


آفتاب سومرو جا ڪتاب

بيجنگ کان بئنڪاڪ جي بازارن تائين، ليکڪ : آفتاب سومرو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
بيجنگ کان بئنڪاڪ جي بازارن تائين
ليکڪ : آفتاب سومرو
سچل جي سنڌي شاعري – فڪر- پارکو، مصنف : آفتاب سومرو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
سچل جي سنڌي شاعري – فڪر- پارکو
مصنف : آفتاب سومرو
مزدڪ جي ملڪ ۾، مصنف : آفتاب سومرو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
مزدڪ جي ملڪ ۾
مصنف : آفتاب سومرو
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ