course image
Agha Taj Muhammad Khan

آغا تاج محمد خان

نامور تعليم دان، عالم ۽ اديب آغا تاج محمد خان 16 سيپٽمبر 1904ع ۾ تعلقي ۽ ضلعي سکر جي ڳوٺ ’باگڙجيءَ‘ ۾ ڄائو. سندس پيءُ جو نالو عبدالمجيد خان ھو. ھن کي پھريائين قرآن پاڪ جي تعليم ڏيارائي وئي، ۽ ڪجهہ پارسي پڙهائي، پوءِ ڳوٺ جي سنڌي اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، جتي ھن سنڌيءَ جا پنج درجا پاس ڪيا. آغا تاج محمد والد جي طرفان نسلي طرح افغاني ھو ۽ والدہ جي طرفان ايراني ھو، تنھنڪري ابتدا کان وٺي سنڌي ۽ فارسي ٻولين سان رغبت ھئس. آغا صاحب ثانوي تعليم سکر شھر جي ميونسپل اسڪول ۾ حاصل ڪئي. سال 1925ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين. آغا تاج محمد بي. اي ۽ بي. ٽي فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪئي. گرئجوئيشن 1929ع ۾ ڊي. جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ مان ڪيائين. ان عرصي ۾ سنڌ مدرسي ۾ استاد رهيو. 1932ع ۾ علي ڳڙھ مان بي. ٽي ڪرڻ کان پوءِ سنڌ مدرسي ۾ مستقل استاد مقرر ٿيو. لوڪل بورڊ جي ملازمت ڪرڻ کان پوءِ تعليم کاتي ۾ انسپيڪٽر آف اسڪولس ٿيو ۽ ان کان پوءِ خيرپور رياست ۾ ڊائريڪٽر آف اسڪولس مقرر ٿيو. آغا تاج محمد پنھنجي وقت جو انگريزيءَ، سنڌيءَ، اردو ۽ فارسيءَ جو مشھور مقرر ليکيو ويندو ھو. 1941ع ۾ حڪومت برطانيہ طرفان کيس ”قيصر ھند“ جو ميڊل مليو. 1945ع ۾ کيس ”خان صاحب“ جو لقب مليو. 1949ع ۾ کيس پاڪستان کي يونيسڪو ۾ متعارف ڪرائڻ جو اعزاز حاصل ٿيو. 1948ع کان صوبائي اسڪائوٽ ڪمشنر رهيو. ابتدا کان ريڊڪراس سان وابستہ ھو ۽ روٽري ڪلب جو ميمبر پڻ رهيو. 1953ع ۾ کيس ”جسٽس آف پيس“ جي لقب سان نوازيو ويو. ”ڀٽ شاھ ميموريل ڪائونسل“ ۽ ”شاھ عبداللطيف ڀٽ شاھ ڪلچر سينٽر“ جي سينٽرل ڪميٽيءَ جو بنيادي ميمبر سيڪريٽري ۽ بنياد وجهندڙ ھو ۽ آخري دم تائين ميمبر رهي خدمت ڪندو رهيو.
سنڌ يونيورسٽيءَ کي قائم ۽ سگهارو ڪندڙن ۾ آغا صاحب جو نالو ھميشہ ياد رهندو. پاڻ يونيورسٽي قائم ٿيڻ کان وٺي، سندس انتقال تائين پورا 12 سال يونيورسٽيءَ جو رجسٽرار رهيو. سندس دور سنڌ يونيورسٽيءَ جو سونھري دور ليکيو ويندو آھي.
آغا صاحب اديب، شاعر، ليکڪ، تعليمدان ۽ وڏو منتظم ھو. سنڌي گرامر تي سندس ڪيترا ڪتاب لکيل آھن. ھن شاھ لطيف جي فن ۽ فڪر تي بہ مقالا لکيا آھن. سندس شمار انھن ٿورن اديبن ۽ تعليمي ماھرن ۾ ڪيو ويندو آھي، جن کي راڳ جي ڄاڻ ھئي. آغا صاحب 10 آڪٽوبر 1959ع تي حيدرآباد ۾ لاڏاڻو ڪيو.

 

  • جنم: 1904-09-16
  • ورسي: 1959-10-10
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image