ظفر عباسي

Author Name

ناليواري اديب، ڪهاڻيڪار، صحافي ۽ محقق ڊاڪٽر ظفر عباسيءَ جو پورو نالو ظفرالدين عباسي آهي. سندس جنم 2 اپريل 1964ع تي ڳوٺ آباد، تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوشهروفيرز ۾ ٿيو. سندس تعليم ايم. بي. بي. ايس آهي. هن لکڻ جي شروعات 1978ع ڌاري ڪئي. ڊاڪٽر ظفر عباسي صحافت جي شروعات 1981ع ڌاري ڪئي. هيءَ ساهتي پبليڪيشن ڪنڊياري جو 1980ع کان 1982ع تائين ايڊيٽر، ساهتي ڪاليج مئگزين ڪنڊياري جو 1983ع ۾ ايڊيٽر، ايل. ايم. سي ڄامشوري پاران نڪرندڙ سرواڻ مئگزين جو 1989ع ۾ ايڊيٽر، هفتيوار ڪاوش فيملي مئگزين جو 1994ع ۾ ايڊيٽر، ماهوار سنڌ رنگ ڊائجسٽ حيدرآباد جو 1998ع کان 2005ع تائين ايڊيٽر، ماهوار هالار ڊائجسٽ حيدرآباد جو 1998ع کان 2005ع تائين ايڊيٽر رهيو. ان کان علاوه ڊاڪٽر ظفر عباسي روزاني خادم وطن حيدرآباد اخبار جي اندرين صفحن جو 1989ع کان 1994ع تائين انچارج، روزاني ڪاوش حيدرآباد جي اندرين صفحن جو 1992ع کان 2008ع تائين انچارج، روزاني ڪوشش حيدرآباد، روزاني شام حيدرآباد ۽ روزاني شام ۽ روزاني ڪاوش ۾ پري ويو سيڪشن جي انچارج طور ڪيترو وقت ڪم ڪيو. هيءُ سنڌي ادبي سنگت ڪنڊياري، ايل. ايم. سي شاخن جو عهديدار، نيو ٿنڪرس فورم، مرڪ ايڊوڪيسي اينڊ ڊولپمينٽ سوسائٽي جي مختلف عهدن تي رهيو. ڊاڪٽر ظفر عباسي ماهوار هالار ڊائجسٽ ۾ ايڊيٽر هجڻ دوران ڪيترن ئي نون شاعرن ۽ ڪهاڻيڪارن کي متعارف ڪرايو. هن نيو ٿنڪرس فورم حيدرآباد پبليڪيشن جو بنياد وڌو، جنهن جي پليٽ فارم تان ڪيترن ئي ڪهاڻيڪارن جا ڪتاب ڇپرايائين. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ”گهرا گهرا گهاءَ“ (ڪهاڻيون 1979ع)، ”تارا تارن هيٺ“ (ٻارن جي ڪهاڻيون 1981ع)، ”سوال چهرا جواب چهرا“ (ڪهاڻيون 1982ع)، ”شاعريءَ جون صنفون“ (تحقيق 1993ع)، ”ٽين دنيا“ (ڪهاڻيون 1996ع)، ”گناهن ڀريو ديوتا“ (ناول ترجمو 1998ع)، ”بي آواز گولي“ (ناول ترجمو 1999ع)، ”تو ته چيو هو“ (شاعري 2005ع)، ”تون ئي تون“ (شاعري 2007ع)، ”مون ۾ تون“ (شاعري 2007ع) ۽ ”سنڌ ۾ شاعريءَ جون صنفون ۽ صفتون“ (تحقيق 2007ع) قابل ذڪر آهن. ان کان علاوه هن ساهتي پبليڪيشن ۾ املهه ادب سيريز حيدرآباد جي پليٽ فارم تان 19 ڪتاب ڇپرايا آهن. خدمتن طور کيس ڪيترائي اوارڊ مليا آهن. جن ۾: سنڌ فنڪار اوارڊ 1993ع، چينل 5 اوارڊ 1994ع، سگا ڪنديارو اوارڊ 2004ع، ڪاس اوارڊ 2005ع، ورلڊ ليکڪ مڃتا اوارڊ 2006ع، شاهه لطيف اوارڊ (پي. آءِ. ڊي طرفان 2006ع) ۽ سنڌ چلڊرين اڪيڊمي طرفان مڃتا اوارڊ 2007ع قابل ذڪر آهن. ڊاڪٽر ظفر عباسي جي گهرواري عابده ظفر پڻ اديب ۽ ايڊيٽر آهي. هن وقت قاسم آباد حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي ظفر عباسي جا ڪُل 9 ڪِتاب موجود آھن


ظفر عباسي جا ڪتاب

تارا تارن ھيٺ، ليکڪ : ظفر عباسي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
تارا تارن ھيٺ
ليکڪ : ظفر عباسي
شاعريءَ جون صنفون، مصنف : ظفر عباسي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
شاعريءَ جون صنفون
مصنف : ظفر عباسي
ٽين دنيا، ليکڪ : ظفر عباسي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
ٽين دنيا
ليکڪ : ظفر عباسي
گھرا گھرا گهاءَ، ليکڪ : ظفر عباسي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
گھرا گھرا گهاءَ
ليکڪ : ظفر عباسي
رڪيل لڙڪ، سھيڙيندڙ : ظفر عباسي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
رڪيل لڙڪ
سھيڙيندڙ : ظفر عباسي
تو تہ چيو ھو، ليکڪ : ظفر عباسي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
تو تہ چيو ھو
ليکڪ : ظفر عباسي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ