پارس حميد

مشھور شاعر پارس حميد جو اصل نالو حميد الحق قاضي آھي. ھن پھرين جنوري 1957ع تي ڳوٺ گاھي خان جلباڻي لڳ خانواھڻ، تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوشھري فيروز ۾ جنم ورتو. ايم. اي (ايڪنامڪس: 1983ع)، ۽ ايل. ايل. بي (1985ع) تائين تعليم حاصل ڪئي. پارس حميد سٺو شاعر ۽ نثرنگار ھو. 1976ع کان سندس شاعري، ادبي مضمون ۽ مقالا، مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندا رهيا آھن ۽ سندس شاعريءَ جو ڪتاب ”هٿ ترين تي روشن دک“ (2006ع) ۽ ”ديس پرديس“ (ترتيب)، سنڌي ادبي سنگت خانواھڻ پاران 1981ع ۾ ڇپيل آھي. پارس حميد ڪورونا سبب 30 ڊسمبر 2020ع تي وفات ڪئي، کيس 31 ڊسمبر 2020ع تي، حيدرآباد جي بابن شاھ قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

 

  • جنم: 1957-01-01
  • ورسي: 2020-12-30
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب