اڪبر سومرو
ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار اڪبر سومرو ولد عبدالڪريم سومرو، 25 جنوري 1959ع تي، ٽنڊي الھيار، ۾ ڄائو. ايم. ايس سي (زراعت) زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام مان، سول انجنيئرنگ ۾ ڊپلوما پوليٽيڪنيڪل ڪاليج حيدرآباد مان ۽ بي ٽيڪ (آنرس) جون ڊگريون حاصل ڪيون. نئشنل ھاءِ وي اٿارٽيءَ ۾ 1985ع ۾ ملازمت ڪئي. 2014ع کان 2017ع تائين مواصلات واري وزارت ۾ اسٽاف آفيسر ٽو منسٽر فار ڪميونيڪشن جي عھدي تي رهيو. اڄڪلھہ ڊائريڪٽر مينٽيننس (گوادر) آھي. اڪبر سومرو، ادبي دنيا ۾ ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار طور سڃاتو وڃي ٿو، جڏهن تہ ڪجهہ شعر بہ لکيا اٿس. ھن وقت تائين سندس ڇپيل ڪتابن ۾، ’ڊائريءَ جا پنا‘ (1981ع)، ’من جي ھن پار‘ (1984ع: ڪھاڻيون)، ’چھرا چھرا شھر‘ (1991ع: خط)، ’ڪيسوڦل‘ (1992ع: ڊائري)، ’شھر جي ڳالھہ‘ (1998ع: ناول)، ’بوتيڪ کان بيڊروم‘ تائين (2007ع: ڪھاڻيون)، ’ڊسٽ بن‘ (2012ع: يادگيريون، مقالا ۽ تقريرون)، ’تمہارے شھر میں‘ (2013: ناول ترجمو)، ’بوتیک سے بیڈ روم تک‘ (2016ع: ناول ترجمو) ۽ ’ڪماچ‘ (2017ع: ناول) شامل آھن.
- جنم: 1959-01-25
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل