سوڀو گيانچنداڻي

Author Name

موهن جي دڙي جو جوڳي، ننڍي کنڊ جو سينيئر ۽ سچو ڪميونسٽ، سامراج دشمن، جاگيردار مخالف، ترقي پسند ادب ۽ سياست کي هٿي ڏيندڙ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، سنڌ جي تهذيب ۽ تاريخ جو ڄڻ هڪ منفرد ديومالائي ڪردار آهي.
عالمي شهرت جو مالڪ سوڀو گيانچنداڻي، موهن جي دڙي کان پنج ڪلوميٽر اولهه ۾، صدين کان آباد هڪ ننڍي ڳوٺ ٻِنڊيءَ ۾، 3 مئي 1920ع تي پيدا ٿيو. ٻنڊيءَ جو 50، 60 گهرن تي مشتمل ننڍڙو ڳوٺڙو، سنڌو درياهه جي ڪَڙ تي سرسبز پسمنظر رکي ٿو ۽ ڏوڪري شهر کان ست ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ يونين ڪائونسل بگيءَ ۾، موهن جو دڙو- باڊهه لنڪ روڊ تي واقع آهي. سوڀي جو پورو نالو سوڀراج پٽ ٽؤنر مل گيانچنداڻي آهي.
سنڌ جي تاريخ، ادب ۽ سياست تي اڻ مٽ نقش ڇڏيندڙ، هن شخص سوڀي گيانچنداڻيءَ جي ڏاڏاڻي نُک ڪٽيار، جاتي لهاڻا ۽ سندس ڏاڏاڻي نُک ڏوڏاڻي آهي. سوڀي گيانچنداڻيءَ جو پڙڏاڏو گيانچند، سيٺ هرداس جو پٽ ۽ ڪنڊياري جو رهاڪو هو، جيڪو اُتان لڏي ڳوٺ ٻِنڊي، تعلقي لب درياهه (هاڻي ڏوڪري)، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ اچي ويٺو هو. گيانچند کي چار پٽ ٿيا: روپچند، پارو مل، پرڀداس ۽ جيوت راءِ. گيانچند جي لاڏاڻي کانپوءِ، سندس ملڪيت پٽن ۾ ورهائي وئي. سندس ٽئين نمبر فرزند پرڀداس کي ڳيريلي ۽ ماٽوءَ واري زمين، دڪان ۽ ٻنڊي، ديهه بگيءَ واري زمين مان حصو مليو. کيس اٽڪل ٽي سؤ ايڪڙ زمين هئي، جيڪا آباد ڪرائي خوشحال زندگي گذاريندو هو. پرڀداس کي ٻه پُٽ ٿيا: (1) ٽؤنر مل، ۽ (2) کلڻ داس. کلڻ داس کي اولاد ڪو نه ٿيو، اُن ڪري هن سوڀي جي وڏي ڀاءُ ڪيولرام کي پُٽ ڪري پاليو هو. سوڀي جو والد ٽؤنر مل ڳيريلي وارين زمينن تي رهندو هو ۽ هفتي ڏيڍ کان پوءِ ٻنڊيءَ پنهنجي گهر ايندو هو. سوڀي جي ڏاڏي جي وفات، قيام پاڪستان واري ڏينهن ٿي هئي.
سوڀي کي چار ڀيڻون ۽ ٻه ڀائر هئا. سڀ کان وڏي ڀيڻ ڪلياڻي، پوءِ ڀاءُ ڪيولرام، پوءِ سوڀو پاڻ، ان کانپوءِ ڀيڻ پرميشوري، ڀاءُ خوبچند، ڀيڻ وديا ۽ آخري ڀيڻ ساوتري. سوڀي جي ماءُ رحمدل، نيڪ، خداترس، سخي ۽ محنت ڪش هئي.
سوڀو گيانچنداڻي ننڍي هوندي ئي نهٺائپ، ذهانت ۽ سوچ جي حوالي سان پنهنجن هڪجيڏن کان منفرد، ٿور ڳالهائو ۽ لڄارو هوندو هو. هو هميشه تنهائي پسند ۽ گوڙ شور کان پري رهندو هو. صاف سٿرو ۽ همدرد دل جو مالڪ هوندو هو. سندس سرشت موهن جي دڙي جي مهان مٽيءَ مان جڙي هئي ۽ ان عظيم ڌرتيءَ جي رنگن، سندس وجود ۾ انڊلٺي حسين رنگ ڀري ڇڏيا هئا.
سوڀي گيانچنداڻيءَ، پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول بگيءَ مان حاصل ڪئي، جيڪو ڳوٺ، سندس جنم کان ويهارو سال کن اڳ 1901ع ۾ قائم ٿيو هو. هن اسڪول ۾ گهڻي ڀاڱي ٻنڊي ڳوٺ جي هندن جا ٻار پڙهندا هئا، ۽ بگيءَ جي مسلمانن جا ٻار گهٽ پڙهندا هئا. سوڀي پنجن سالن جي ڄمار ۾، 1925ع ۾، هن اسڪول ۾ داخلا ورتي هئي. سندس ڀاءُ ڪيولرام ۽ هي ٻئي هڪ ئي ڪلاس ۾ گڏ پڙهندا هئا. هو جڏهن چوٿين ڪلاس ۾ پڙهندا هئا ته سندن ڏاڏي کين خاڪي اسڪائوٽنگ يونيفارم وٺي ڏنو هو. هي ٻئي ڀائر جڏهن خاڪي ورديون پائي بگيءَ جي گهٽين مان لنگهي اسڪول ويندا هئا ته ٻيا ٻار کين عجب ۽ حسرت مان ڏسندا هئا. پرائمري پنج درجا سنڌي، بگيءَ جي اسڪول مان پڙهي، وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سوڀي گيانچنداڻيءَ کي 1929ع ۾ قمبر جي اي. وي اسڪول ۾ موڪليو ويو، جتي هن ۽ ڀاڻس ڪيولرام پنهنجن عزيزن جي گهر ۾ رهڻ کي بوجهه سمجهندي، اسڪول جي بورڊنگ هائوس/ هاسٽل ۾ رهڻ پسند ڪيو. اتي اسڪول ۾ کيس تمام سٺو ماحول ميسر ٿيو. کيس مطالعي جو بيحد شوق هوندو هو. هن اسڪول جي لائبرريءَ مان ٻاراڻين ڪهاڻين کانسواءِ ڪيترائي ڌرمي/ مذهبي ڪتاب، سندر ساهتيه منڊل جا رسالا، لوڪ ڪهاڻيون، جاسوسي ناول، سک ڌرم جون جنم ساکيون، مهاڀارت، رامائڻ، چار درويش، گل بڪاولي، امير حمزي وغيره قسم جا داستان ۽ قصا پڙهي پڄايا. هن اُتي گرو گرنٿ جو به مطالعو ڪيو.
انگريزي چار درجا قمبر ۾ پڙهي، سوڀو ۽ ڪيولرام لاڙڪاڻي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ داخلا وٺڻ آيا. ٽيسٽ ۾ سوڀو پاس ٿي ويو، پر ڪيولرام فيل ٿي پيو، جنهنڪري هن اي. وي. اسڪول ۾ داخلا ورتي ۽ ٻئي ڀائر لاهوري محلي ۾ هڪ جاءِ وٺي اتي رهڻ لڳا. اڳتي هلي سوڀي جي ڀاءُ کي به هاءِ اسڪول ۾ داخلا ملي وئي. سوڀي پنجون درجو انگريزي لاڙڪاڻي ۾ ديوان ڪرمچند هنڱوراڻيءَ جي تعليم ۽ تربيت هيٺ ڏنو، جيڪو کيس پٽن وانگر ڀائيندو هو. 1936ع ۾ سوڀو اڃا ڇهين درجي ۾ هو ته ديوان ڪرمچند هنڱوراڻي، اين. جي. وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ ۾ بدلي ٿي ويو، جنهن سوڀي کي ڪراچيءَ ۾ گهرائي، اين. جي. وي هاءِ اسڪول ۾ داخلا ڏني، جتي ڇهون ۽ ستون درجو پڙهيو ۽ 1937ع ۾ (بمبئي يونيورسٽيءَ مان) مئٽرڪ ڪيائين.
اين. جي. وي. اسڪول ۾ ئي سوڀي پنهنجي وسيع مطالعي جي آڌار تي ٻه مضمون هڪ ’ٽئگور‘ بابت ۽ ٻيو ’سوامي رام تيرٿ‘ بابت لکيا هئا. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ هن 1939ع ۾ ڊي. جي. سنڌ ڪاليج مـان انٽرمـيڊئيـٽ جو امتحان ڏنو. ڊي. جي. سـنڌ ڪالـيج ۾ سوڀـي جا استاد، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ٽي. ايم. آڏواڻي، ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي، ڊاڪٽر ڊيوئارٽ، اين. بي. بُٽاڻي، لالسنگهه اجواڻي، پروفيسر منگهارام ملڪاڻي ۽ پروفيسر رام پنجواڻيءَ جهڙا وڏا عالم ۽ اديب هئا. هن اتي آرٽس ۾ فلسفي ۽ منطق جا مضمون پڙهيا.
ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران مٿس ٽئگور، مهاتما گانڌي ۽ جواهر لال نهروءَ جو چڱو اثر ٿي ويو هو ۽ هو اڪثر کاڌيءَ جي قميص، پتلون ۽ مٿي تي کاڌيءَ جي ٽوپي پائيندو هو.
ٽئـگـور جي شخصيـت ۽ شاعريءَ کان سوڀـو ايتـرو ته متاثـر هـو، جو هن انٽر آرٽس ڪرڻ بعد فيصلو ڪري ورتو ته هو ٽئگور جو شاگرد بڻجندو. ويتر سندس اسڪول جي دوست ليکي تلسياڻيءَ به شانتينڪيتن مان گرئجوئيشن ڪرڻ جو خيال ظاهر ڪيو ته هن جي من ۾ شديد خواهش پيدا ٿي ته هو جيترو جلد ٿي سگهي، ٽئگور کي ويجهي کان ڏسي ۽ ساڻس گفتگو ڪري. ٽئگور جون تحريرون سوڀي لاءِ آسماني صحيفي جي حيثيت رکنديون هيون. ان ڪري 1939ع ۾ ڪلڪتي يونيورسٽيِءَ جي ’شانتينڪيتن ڪاليج‘ ۾ داخلا وٺڻ جو پڪو پهه ڪري پنهنجي هاءِ اسڪول جي اُستاد، ديوان ڪرمچند هنڱوراڻيءَ کان موڪلائڻ ويو ته هن کيس آسيس ڏيندي چيو ته، ”تون هڪ عظيم اُستاد وٽ وڃي رهيو آهين، ڀڳوان تنهنجو درجو اسان کان گهڻو مٿي ڪندو.“
انهيءَ زماني ۾ شانتينڪيتن ۾ داخلا ڏاڍيءَ مشڪل سان ملندي هئي ۽ اڪثر شاگردن کي واپس ٿيڻو پوندو هو. ان ڪري سوڀي، شانتينڪيتن ۾ وڃڻ کان اڳ ئي، ٽئگور کي هڪ ٽيليگرام موڪليو ته، ”منهنجو ڪردار سٺو آهي، آءٌ پڙهائيءَ ۾ سٺو آهيان، آءٌ شانتينڪيتن ۾ پڙهڻ چاهيان ٿو. مون کي واپس نه ڪريو ته پوءِ آءٌ شانتينڪيتن ۾ داخلا وٺڻ اچان“ کيس تار جو جواب مليو ته، ”تنهنجي داخلا ٿي وئي آهي. 19 جون 1939ع جي گروپ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڪراچيءَ ۾ اسان جي نمائندي سان مل، هو تنهنجي گروپ سفر جو اڌ ڪرائي تي انتظام ڪرائي ڇڏيندو. تنهنجي داخلا جي ٽئگور منظوري ڏئي ڇڏي آهي.“
سوڀو شانتينڪيتن ۾ داخلا وٺڻ لاءِ سنڌ جي 23 ڇوڪرين سان گڏ ريل ذريعي 19 مئي 1939ع تي ڪراچيءَ کان ڪلڪتي روانو ٿيو. انهن ۾ اڪثر ڇوڪريون حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي عامل گهراڻن سان واسطو رکندڙ هيون. انهن ۾ صرف هڪڙي ڇوڪري لاڙڪاڻي جي سُندري شوداساڻي هئي. سندن هي سفـر ٽـي ڏينهن رهيو ۽ هو ڪاليج کُلڻ کان ٽي ڏينهن اڳ اتي وڃي پهتا، ڇوڪرن جي ڪاليج هاسٽل ۾ سوڀي کي اڪيلو رهڻو پيو، ان ڪري هُو اُداس ٿي پيو ۽ پنهنجي ڀاءُ ڪيولرام کي جيڪو پهريون خط لکيائين، اُن ۾ اداسي ئي اداسي هئي، پر شانتينڪيتن جي سرگرم ۽ پرمسرت زندگيءَ کيس گهڻو وقت اداس ٿيڻ نه ڏنو. ٻئي ڏينهن ساجهر سوڀي ڏٺو ته سڄو شانتينڪيتن موسيقيءَ جي سُرن سان گونجي رهيو هو. ڪٿي ستار پئي وڳي ته ڪٿان بانسريءَ جو آواز پئي آيو ته ڪٿان بنگالي موسيقي ٻڌڻ ۾ پئي آئي. ڄڻ ته سڄو ادارو جاڳي پيو هو ۽ صبح جو پکين سان گڏ ڪائنات جي هر شيءِ ڳائي رهي هئي.
جڏهن سوڀو پهرئين ڏينهن ڪاليج پهتو ته پرنسپال کيس چيو ته، ”تون پهريون شاگرد آهين، جنهن ٽئگور کي ان قسم جو ٽيليگرام موڪليو آهي.“ جڏهن ٽئگور، سوڀي کان تعارف پڇيو ته هن انگريزيءَ ۾ کيس جواب ڏنو:
“I have come from Larkana”، ان تي ٽئگور کيس چيو ته “From Mohen Jo Daro?”، جنهن تي هن هائوڪار ڪئي، ۽ پوءِ ٽئگور کيس هميشه “Man from Mohen jo Daro” (موهن جي دڙي جو ماڻهو) سڏيندو هو، يا وري ’شوبو‘! ڪاليج جو پرنسپال انيل چندا به مٿس ڏاڍو مهربان هوندو هو.
ڪاليج جو ماحول گهڻ قومي ۽ گهڻ ٻوليائي هو. هن جا اڪثر دوست ترقي پسند هوندا هئا. سوڀو ترجمي ذريعي هندستان جي اڪثر زبانن جو ترقي پسند ادب پڙهي چڪو هو، اُن ڪري ڪاليج ۾ همعصر دوستن جو دادلو هوندو هو، انگريزيءَ تي به ٻين کان وڌيڪ عبور هئس. ان ڪري ٽن مهينن اندر کيس ’انگلش اسٽڊي سرڪل‘ جو جوائنٽ سيڪريٽري بنايو ويو. سوڀي اتي اڪانامڪس، پاليٽڪس ۽ ڪمپلسري انگريزيءَ سان گڏ سنڌيءَ جو مضمون به کنيو. اُن ڪري، سوڀي لاءِ ڪلڪتي يونيورسٽيءَ جي استاد ۽ گُلِي ڪرپلاڻيءَ جي ڀاءُ، ڪشني ڪرپلاڻيءَ کي سنڌي پڙهائڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو، جنهن هن جي اڀياس لاءِ ڄيٺمل پرسرام جو ڪتاب ’سنڌ جا صوفي‘، ’بيوس جو ڪلام‘ ۽ ’شاهه جي رسالي‘ جا ڪجهه سُر تجويز ڪيا.
ڪشنو ڪرپلاڻي، سوڀي جو استاد هئڻ سان گڏ ذاتي دوست ۽ سرپرست بنجي ويو. اهڙيءَ طرح ڪاليج جو پرنسپال انيل چندا به هن کي ڏاڍو ڀائيندو هو، ڪرپلاڻي ۽ انيل چندا سوشلسٽ خيالن جا هئا. هنن ٻنهي ۽ سندس انگريزيءَ جي استاد ارنسن جي صحبت ۽ رهبريءَ ۾، سوڀي، روس، جرمني، فرانس ۽ آمريڪا جو ادب، دوستو وسڪيءَ جا ڪتاب، جرمن اديبن واسرمين، ڪافڪا ۽ ٽامس مين جا ڪتاب، انگريز اديبن ٿامس هارڊي، گالسوردي ۽ برنارڊشا جا ڪتاب پڙهيا. سوڀي شانتينڪيتن جي وسيع لائبرريءَ مان پڻ وڏو لاڀ حاصل ڪيو، جيڪا هڪ قسم جو ’دارالعلوم‘ هئي، هن اتي رهي ٽئگور جي شخصيت جو به ويجهي کان مطالعو ڪيو. اتي نرت، راڳ ۽ مصوريءَ جا ڪلاس به ٿيندا هئا. سڄي هند جا راڳي ۽ آرٽسٽ ايندا هئا، سمورن پرڳڻن جي آرٽ ۽ ڪلچر جا نماءَ ٿيندا هئا، جن ۾ سوڀو دلچسپيءَ سان شريڪ ٿيندو هو.
سوڀي، رابندرناٿ ٽئگور جي ذاتي لائبرريءَ مان به ڪافي فائدو ورتو. ’انگلش لٽرري سرڪل‘ جي مئگزن ۾ ڇپجندڙ مضمونن جي چونڊ ۾ هو سهڪاري هوندو هو. ان مئگزن ۾ سوڀي جي هڪ انگريزي ڪهاڻي به ڇپي هئي (جيڪا اڳتي هلي، انور پيرزادي ’ڀاڄوڪڙ‘ عنوان سان ترجمو ڪئي ۽ طارق اشرف پنهنجي رسالي ’سهڻيءَ‘ ۾ شايع ڪئي هئي.) هتي هنديءَ جي وڏي اديب بلراج ساهنيءَ سان به سوڀي جي ويجهڙائپ ٿي. مختلف موقعن توڙي تقريبن دوران سوڀي جي، شانتينڪيتن ۾ مهاتما گانڌي، جواهر لال نهرو، سڀاش چندر بوس، چيانگ ڪائي شيڪ ۽ يوسف مهر عليءَ جهڙين ڪيترين ئي شخصيتن سان ملاقات ٿي.
شانتي نڪيتن ۾ ئي سوڀي جو سميندرناٿ ٺاڪر سان واسطو ٿيو، جيڪو ڪميونسٽ پارٽيءَ سان وابسته هو. ان کيس پڙهڻ لاءِ ڪيترا ڪتاب ڏنا. سوڀو شانتينڪيتن مان تعليم پوري ڪري جڏهن سنڌ واپس وڃي رهيو هو ته هن ۽ ٻين شاگردن کي سندن انگريز استاد گهرائي پڇيو ته ”اوهان شانتينڪيتن مان ڇا حاصل ڪيو؟“ هر ڪنهن پنـهنـجـو پنهنجـو رايـو ڏنـو، جڏهن سوڀـي جـو وارو آيو ته هن جـواب ڏنـو، ”آءٌ هتي ٻار جي حيثيت ۾ آيو هوس، ۽ ’ماڻهو‘ بڻجي واپس وڃان پيو.“ اهڙيءَ طرح اپريل 1941ع ۾ سوڀو گيانچنداڻي، شانتينڪيتن مان سنڌ موٽيو ته هڪ انقلابي بڻجي موٽيو.
شانتينڪيتن ۾ سوڀي کي پنهنجي ڪلاس فيلو سُندري شوداساڻي تمام ويجهي هئي ۽ اُن جي ساڻس شادي ڪرڻ جي خواهش هئي، پر سنڌ جي روايت مطابق ننڍپڻ ۾ سوڀي جي هڪ خاندان ۾ چوڏهن سالا ڇوڪري ’ليلان‘ سان مڱڻو ٿي چڪو هو، ۽ هو اڃا شانتينڪيتن ۾ ئي هو ته سندس وڏي ڀاءُ ڪيولرام جي کيس تار اچي پهتي ته، ”تنهنجي شادي 25 اپريل 1941ع تي طئي ٿي چڪي آهي، مقرر وقت تي ضرور پهچجان.“ سوڀي هڪ هنڌ لکيو آهي ته، ”منهنجي شاديءَ جي خبر ڪيترين ئي گرلس اسٽوڊنٽس کي مايوس ڪيو، منهنجي ڪيرالا جي هڪ ڇوڪري ’ليلا ايپن‘ سان ڪافي ويجهڙائي هئي ۽ هوءَ منهنجي بهترين دوست هئي. منهنجي شاديءَ جي خبر ٻڌي هن چيو، ”سوڀا! مون ٻڌو آهي ته تنهنجو مڱڻو ٿي چڪو آهي ۽ تنهنجي شادي به ٿيڻ واري آهي. ڇا تون اُن سان مليو آهين؟“ مون کيس وراڻيو، ”نه، اتي اسان وٽ اهو رواج نه آهي.“ ليلا ايپن کي ڏاڍو صدمو پهتو ته جنهن ڇوڪريءَ سان سوڀي جي شادي ٿي رهي آهي، اُن کي هن ڪڏهن ڏٺو به نه آهي. هوءَ ترقي يافته خاندان جي ڇوڪري هئي ۽ انگلش سرڪل جي جوائنٽ سيڪريٽري هئي ۽ آءٌ (سوڀو) انگلش سرڪل جو سيڪريٽري هئس. هن مون کان مڱينديءَ جو نالو پڇيو، مون کيس ٻڌايو ته ”اها تنهنجي هم نام ’ليلان‘ آهي.“ جنهن تي هن ٽهڪ ڏنو ۽ چيو ته ”تون هڪ ليلان سان شادي ڪري رهيو آهين، جيڪا ايپن نه آهي.“ سوڀي کيس ٻڌايو ته ”اها مقدر جي ڳالهه آهي، ساڻس منهنجو مڱڻو ان وقت ڪيو ويو هو، جڏهن آءٌ 15 سالن جو هئس. هن وقت آءٌ 21 سالن جو آهيان، ۽ اُن ڇوڪريءَ سان وڃي شادي ڪندس، جنهن کي مون ڪڏهن به نه ڏٺو آهي.“ ان تي ليلا ايپن کيس وراڻيو ته ”منهنجو پهريون خط تو کي ان وقت ملندو، جڏهن تنهنجي شادي ٿي چڪي هوندي. جواب ضرور ڏجانءِ!“
جڏهن سوڀي جي شادي ٿي ته پنجن ڏينهن کانپوءِ کيس ’ليلا ايپن‘ جو خط اچي مليو ته، ”اسان جي دوست سوڀي جي شادي ’ليلان‘ نالي هڪ ڇوڪريءَ سان ٿي وئي، يقيناً اها ايپن نه آهي.“
سوڀي جي گهرو زندگي بلڪل پُر سڪون ۽ پُر اعتماد رهي. سوڀي جي گهر واري ’ليلان‘ کانئس ست سال ننڍي هئي. چار درجا سنڌي پڙهيل هئي. پر هن سوڀي سان زندگيءَ جي هر موڙ تي ساٿ ڏنو. سوڀي جي قيدن ۽ نظربندين کان ڪڏهن به نه گهٻرائي ۽ سوڀي جي ٻارن جي سهڻي تربيت ڪيائين.
شانتينڪيتن جي تعليم پوري ڪري، ڪامريڊ سوڀو جڏهن سنڌ پهتو ته ملڪ ۾ سياسي سرگرميون وڌي چڪيون هيون. مهاتما گانڌيءَ جي ’هريجن‘ رسالي ۾ ڇپجندڙ مضمونن ملڪ ۾ باهه ٻاري ڏني هئي. ’هندستان خالي ڪريو تحريڪ‘ (Quit India Movement) لاءِ تيزيءَ سان ميدان تيار ٿي رهيو هو. سوڀي اهڙي گرم سياسي ماحول دوران 1941ع ۾ ايس. اي. شهاڻي لا ڪاليج ڪراچيءَ ۾ وڪالت لاءِ داخلا اچي ورتي، جتي سندس پراڻي دوست ليکي تلسياڻيءَ به داخلا ورتي هئي. گوبند مالهي به سندن ڪلاسي اچي ٿيو ۽ پڙهائيءَ دوران سندس گوبند مالهيءَ سان تمام گهڻي ويجهڙائي ٿي وئي، ٽئي گڏ گهمندا ۽ مطالعو ڪندا هئا.
1940ع ڌاري حشو ڪيولراماڻي، انگلنڊ مان موٽيو هو ۽ اچڻ سان ڪراچيءَ ۾ ’شاگرد تحريڪ‘ تي ڇانئجي ويو هو. هن پريتم ٽهلراماڻي، موتي موٽواڻي، ريجهو ابيچنداڻي ۽ ٻين شاگردن سان گڏجي سرگرميون شروع ڪيون هيون ۽ ڪاليج جي فين گهٽائڻ واري تحريڪ ۾ حصو ورتو هو. 1940ع ۾ ئي حشو ڪيولراماڻي، پريتم ٽهلراماڻي ۽ سنتوش ڌرماڻي گرفتار ٿي ويا هئا. سوڀي گيانچنداڻيءَ به شاگرد تحريڪ ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو ۽ جلد ئي سرگرم ڪارڪن ۽ اڳواڻ بنجي ويو. هن جي شخصيت، سچائي ۽ بيڊپائيءَ شاگردن کي تمام گهڻو متاثر ڪيو هو. نه رڳو پنهنجي ڪاليج ۾، پر ٻين تعليمي ادارن ۾ پڻ ڪافي مقبول ٿي ويو. ان وقت، ’سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ جو بنياد پئجي چڪو هو.
حشو ڪيولراماڻي جيل کان ٻاهر نڪرڻ کانپوءِ سوڀي جو دوست بنجي ويو ۽ گڏجي حيدرآباد، نوابشاهه، سکر، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي جو دورو ڪيائون. هن ٻه ڏينهن سوڀي جي ڳوٺ ٻنڊيءَ ۾ به گذاريا ۽ دنيا ڀر جي ترقي پسند اديبن، شاعرن، دانشورن ۽ سندن تحريڪن تي خوب گفتگو ڪيائون. ان وقت ’سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ حشو ڪيولراماڻيءَ جي اثر هيٺ هئي ۽ هن هر هنڌ شاگردن سان سوڀي جي واقفيت ڪرائي ۽ پوءِ سوڀي کي هن تنظيم جو سيڪريٽري جنرل ڪرايائين. ’سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ جو سيڪريٽري بنجڻ بعد سوڀي ان کي منظم ڪيو. اسٽڊي سرڪل هلايا ۽ شاگردن کي مارڪسواد، سوشلزم ۽ تاريخ جا ڪتاب پڙهايا.
1942ع ۾ جڏهن سوڀو وڪالت جي ٻئي سال ۾ پڙهي رهيو هو ته 8 آگسٽ 1942ع تي بمبئيءَ ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس ’ڪئٽ انڊيا‘ (Quit India) جو ٺهراءُ پاس ڪيو ۽ ٻئي ڏينهن گانڌي، نهرو، ولڀ ڀائي پٽيل، مولانا آزاد ۽ ٻيا ڪانگريسي اڳواڻ گرفتار ٿي ويا. سنڌ مان به ڪيترا اڳواڻ گرفتار ٿيا. ڪراچيءَ جي ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ هڙتالون شروع ٿي ويون، سوڀي ڪاليج ۾ هڙتال جي اڳواڻي ڪئي، جنهن دوران گوبند مالهي، ڪيرت ٻاٻاڻي، آسن اتمچنداڻي (اي. جي. اتم) ۽ ٻيا شاگرد گرفتار ٿي ويا، سوڀي، پوليس جي نظرن کان غائب ٿي، تحريڪ جي اڳواڻي ڪئي ۽ جڳهيون بدلائيندو رهيو. ليکو تلسياڻي ساڻس گڏ هوندو هو. جنوري 1943ع ۾ ميٺارام هاسٽل جي ٽينس ڪورٽ تي جهنڊي جي سلامي ڪرائڻ کان پوءِ، ليڪچر ڏيڻ دوران سوڀي کي گرفتار ڪيو ويو.
حيدرآباد جيل ۾ سوڀي جي مشهور انقلابي ’پرچي وديارٿيءَ‘ سان ملاقات ٿي. اڳتي هلي پرچو وديارٿي ڪراچي جيل بدلي ٿيڻ بعد اتان جيل مان فرار ٿي ويو هو.
سوڀي جو هي سياسي طور پهريون دَور هو. سنڌ جي ڪجهه علائقن: سکر، خيرپور ۽ سانگهڙ ۾ حر تحريڪ خلاف مارشل لا لڳائي وئي هئي. ان عرصي ۾ بلوچستان هٿيار کڻي ويندڙ ريل کي ڪيرائڻ جي الزام ۾ هيمون ڪالاڻيءَ کي گرفتار ڪري، ڦاسي ڏني وئي هئي. سوڀو سکر جيل پهتو ته هيمونءَ جي شهادت مثالي داستان بنجي چڪي هئي. اتان واپسيءَ تي حيدرآباد جيل ۾ سوڀي کي سيد صبغة الله شاهه پير پاڳاري جي شهادت جي پڻ خبر پئي.
سورهن مهينن جي قيد کانپوءِ، جولاءِ 1944ع ۾ سوڀو آزاد ٿيو: آزاديءَ بعد ٻه ٽي ڏينهن ڳوٺ ٻنڊيءَ ۾ رهڻ کانپوءِ، ڪراچيءَ اچي وري سياست ۾ سرگرم ٿي ويو. ان ئي دور ۾ ’نئين دنيا‘ رسالو، شڪارپور مان منتقل ڪري ڪراچيءَ آندو ويو هو، هتي ’نئين دنيا ڪتاب گهر‘ جو بنياد گوبند مالهي وجهي چڪو هو، جنهن لاءِ هڪ جاءِ به ورتي وئي هئي، جتي ڪل وقتي ڪميونسٽ ڪارڪن اچي رهندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن عينشي وديارٿي به اُتي اچي رهندو هو.
سوڀي جو به ڪميونسٽ پارٽيءَ سان ڪاليج ۾ وڪالت پڙهڻ کان اڳ ئي واسطو سوميندرناٿ ٺاڪر جي صحبت ۾ پيو هو، پر جيئن ته رووليشنري ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا جو ’سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ کان وڌيڪ ’آل انڊيا اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ سان واسطو هو، ان ڪري سوڀي کين لکي موڪليو ته اوهان جو جيئن ته سنڌ جي مقامي شاگردن سان لاڳاپو نه آهي، ان ڪري اوهان سان منهنجو نڀاءُ نه ٿي سگهندو. ان ڪري هي پارٽي ميمبر نه ٿيو، پر جولاءِ 1944ع ۾ جيل مان ٻاهر اچڻ بعد هي سڌو وڃي ڪميونسٽ پارٽي هيڊڪوارٽر/ پارٽي ڪميون ۾ رهيو، جتي سمورا ڪامريڊ گڏجي مطالعو ڪندا هئا ۽ 1945ع ۾ هن ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ باقاعدي شموليت اختيار ڪئي. ان وقت پارٽيءَ جو سيڪريٽري جنرل جمال الدين بخاري هو. سوڀو هن شخص کان ڪافي متاثر رهيو آهي. ان ئي زماني ۾ سوڀي جا جي. ايم. سيد سان به تعلقات پيدا ٿيا. کيس جي. ايم. سيد جو اهو جملو اڄ به ياد آهي، جنهن کيس پهرينءَ ملاقات ۾ چيو هو ته، ”توهان ڪميونسٽ ماڻهن جي دماغ کي متاثر ڪريو ٿا، پر آءٌ عام ماڻهن جي جذبن کي متاثر ڪريان ٿو.“ سوڀي کيس وراڻيو هو ته، ”اسان عوام جي دماغن سان گڏ سندن پيٽن کي به متاثر ڪندا آهيون.“ سوڀو آخري زندگيءَ تائين جي. ايم. سيد جي ڪافي ويجهو رهيو.
ڪامريڊ سوڀي ٽريڊ يونين، شاگردن ۽ ترقي پسند اديبن ۾ ڪم ايترو وڌائي ڇڏيو هو، جو هو وڪالت جو امتحان پاس نه ڪري سگهيو هو، ۽ گهڻو گهڻو پوءِ هن 1970ع ڌاري وڃي ايل. ايل. بي ڪئي.
سوڀو 1945ع ۾ لينن جي جنم ڏينهن تي، پارٽي ميٽنگ ۾ پهريون ڀيرو شريڪ ٿيو. 1946ع جي چونڊن ۾ ڪميونسٽ پارٽي اُڀري آئي ۽ اُن نعرو هنيو ته ”ڪانگريس، ليگ ۽ ڪميونسٽ اتحاد ڪريو“. گانڌيءَ ۽ جناح جي وچ ۾ ڳالهين ڪرائڻ ۾ راج گوپال آچاريا جو وڏو هٿ هو. آل انڊيا ڪميونسٽ پارٽيءَ، حالتن جو رُخ ڏسي، ورهاڱي کي قبول ڪري ورتو هو ۽ سجاد ظهير کي پاڪستان ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ کي منظم ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو. اُن وقت مسلم ليگ ’پاڪستان ڊي‘ ملهايو هو، جنهن ۾ ڪامريڊ سوڀو ’اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ جي ساٿين ۽ ڪميونسٽن سان گڏ اچي شريڪ ٿيو هو، سندس ساٿين جي هٿن ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جو ڳاڙهو جهنڊو هو ته ٻئي پاسي يوسف هارون جي اڳواڻيءَ ۾ مسلم ليگين جي هٿ ۾ ’سائو جهنڊو‘ هو، ٻنهي جو گڏيل نعرو هو، ’آزاد هندستان ۾، آزاد پاڪستان گهرجي‘. ڪميونسٽ پارٽيءَ پاڪستان جي حمايت ’حق خود اختياري‘ (Self Determination) جي اصول هيٺ ڪئي، گڏوگڏ سندن اها مجبوري هئي ته هو پاڻ کي عوام کان ڌار نه پئي ڪري سگهيا.
17 فبروري 1946ع تي رايل انڊين نيويءَ جي بغاوت ٿي، جيڪا 17 فبروري 1946ع کان 23 فبروري 1946ع تائين ست ڏينهن هلي، جنهن ۾ سنڌ جي اديب علي احمد بروهيءَ جو پڻ اهم ڪردار هو. باغين وٽ ڪانگريس، ليگ ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جا جهنڊا هئا. مشهور ڪميونسٽ اڳواڻ ڊانگي، سڄي هندستان ۾ عام هڙتال جو سڏ ڏنو هو. ڪراچيءَ ۾ ڪامريڊ سوڀو، اندر ڪمار گجرال، پروفيسر پارواڻي ۽ ٻيا عيدگاهه واري آفيس ۾ گڏ ٿيا ۽ شام جو عيدگاهه ميدان تي سوين شاگردن ۽ عام ماڻهن جي جلوس سان گڏجي احتجاج ڪيو ويو. ٻئي ڏينهن پروفيسر پارواڻي ۽ ڪامريڊ سوڀو گرفتار ٿي ويا. پٺيان سرڪار فائرنگ ڪرائي، جنهن ۾ 11 ڄڻا مارجي ويا. هن بغاوت جو پهريون شهيد سوڀارام هو. ڪامريڊ سوڀي کي جيل ۾ اهي خبرون پهتيون. ست ڏينهن جيل ۾ رکڻ کانپوءِ ڪامريڊ سوڀي کي آزاد ڪيو ويو ۽ هن ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ڪارڪنن سان گڏجي زخمي نوجوانن ۽ جيل ۾ گرفتار ساٿين جي اچي خبرگيري ڪئي.
ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، ٽريڊ يونين تحريڪ ۾ ابتدا کان وٺي شامل رهيو. هن پهرين ٽريڊ يونين 1944ع ۾ آرگنائيز ڪئي هئي ۽ آهستي آهستي ڪراچيءَ جي سڄي ليبر تحريڪ تي ڇانئجي ويو. سندس ريلوي يونين سان به ويجهو واسطو هو. ان حد تائين جو جڏهن به هڙتال جو سڏ ڏنو ويندو هو ته سڀ ريلون بند ٿي وينديون هيون. ڪامريڊ سوڀو ڪراچي اليڪٽرسٽي سپلاءِ ورڪرس يونين ۾ به ڪم ڪندو هو. مزدورن جي تحريڪ ۾ سوڀي جي شرڪت 1944ع کان 1947ع تائين لڳاتار رهي.
ڪامريڊ سوڀو، ٽريڊ يونين سياست کان وٺي ’سنڌ هاري ڪميٽي‘، ’انجمن ترقي پسند مصنفين‘ ۽ ’سنڌي ادبي سنگت، سنڌ‘ ۾ پڻ سرگرم رهيو. سندس لکڻ موجب هن جو سنڌي ادبي سنگت سان 1944ع کان وٺي واسطو رهيو. 1945ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ڪوششن سان هڪ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي هئي، جنهن ۾ ٽريڊ يونين لـيـڊر ۽ هـاري ليـڊر شريڪ ٿيا هئا. ڪامريـڊ حيـدربخش جتوئي، ’سنڌ هاري ڪميٽيءَ‘ ۾ شرڪت ڪري چڪو هو. ڪامريڊ جمال الدين بخاري، ڪامريڊ عبدالقادر، گوبند مالهي ۽ ٻين گڏجي هڪ آرگنائيزنگ ڪميٽي تشڪيل ڏني ۽ ان کي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي هڪ فرنٽ واري حيثيت ڏني. ياد رهي ته سنڌ هاري ڪميٽي، 1930ع ۾ سائين جي. ايم. سيد، ڄيٺمل پرسرام، جمشيد نسروانجي ميهتا ۽ ٻين گڏجي ٺاهي هئي.
سوڀي، سنڌ هاري ڪميٽيءَ جي ’اڌو اڌ بٽئيءَ واري تحريڪ‘ توڙي ’الاٽي تحريڪ‘ ۾ ڀرپور حصو ورتو، هن تحريڪ ۾ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، قاضي فيض محمد، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، مولوي عزيزالله جروار، مولوي نذير حسين جتوئي، مولانا عبدالقادر انڍڙ شامل هئا ۽ کين سائين جي. ايم. سيد، شهيد حسن ناصر ۽ ٻين جي مڪمل حمايت حاصل رهي هئي.
ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي، ونيونٽ خلاف تحريڪ ۾ پڻ سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌ هاري ڪميٽيءَ سان گڏجي حصو ورتو هو.
1969-1970ع ڌاري جڏهن ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو صدر هو ته چمبڙ، ضلعي حيدرآباد ۾ ’هارين جي ڪورٽ‘ قائم ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جو به وڏو ڪردار هو.
ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ، ملڪي اليڪشنن ۾ ٽي ڀيرا حصو ورتو: (1) 1953ع ۾ ڪامريڊ سوڀو پهريون ڀيرو چونڊن ۾ بيٺو، ان وقت هندن ۽ مسلمانن جا ووٽ ڌار ڌار هئا، هو جنهن تڪ مان اميدوار بيٺو هو، اهو نوابشاهه، خيرپور، لاڙڪاڻي ۽ دادو ضلعن تي مشتمل هو، ڪامريڊ جي مقابلي ۾ پير پاڳاري جو حمايتي سيرو مل هو. پير صاحب، ڪامريڊ سوڀي کي هٿ کڻڻ لاءِ چيو، پر سوڀي انڪار ڪيو، ان وقت سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو جي. ايم. سيد سان اليڪشني اتحاد هو ۽ ان اتحاد جو نالو ’عوامي محاذ‘ هو. جي. ايم. سيد جا اٺ اميدوار ۽ سنڌ هاري ڪميٽيءَ جا 42 اميدوار بيٺا، جن مان جي. ايم. سيد جا 7 اميدوار ڪامياب ٿيا ۽ سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو هڪ به اميدوار ڪامياب نه ٿيو.
ٻيو ڀيرو ڪامريڊ سوڀو، 1988ع ۾ چونڊ وڙهيو، ان وقت به هندن ۽ مسلمانن جا الڳ ووٽ هئا. سندس خيال هو ته هو اسيمبليءَ ۾ پهچي، هندن ۽ مسلمانن جي گڏيل ووٽن وارو ڪيس سٺي نموني وڙهي سگهي ٿو. ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جو لک پتي ڀڳوان داس چاولا سان مقابلو هو. سوڀي کي تمام گهڻا ووٽ مليا. هو 13000 ووٽ کڻي چوٿين نمبر تي آيو هو، ۽ سندس مقابلي ۾ ڀڳوان داس چاولا 8000 ووٽ کڻي ڇهين نمبر تي آيو هو، سوڀي جي ڪاميابيءَ جو پي. ٽي. ويءَ تان اعلان ٿي چڪو هو ۽ نوازشريف توڙي بينظير ڀٽو کيس مبارڪون پڻ ڏنيون هيون ۽ کيس پنهنجي پنهنجي پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ چيو، پر سوڀي انڪار ڪيو هو. ٻئي طرف ڀڳوان داس چاولا سپريم ڪورٽ ۾ رٽ داخل ڪئي ۽ سپريم ڪورٽ جي جج سيد سجاد علي شاهه جي فيصلي تي ’شفاف اليڪشن ڪميشن‘ ٻيهر ووٽ ڳڻايا. سوڀو هارائي ويو ۽ ڀڳوان داس چاولا ڪامياب ٿي ويو!!
ٽيون ڀيرو سوڀو گيانچنداڻي، 1990ع جي چونڊن ۾ بيٺو، پر ان دور تائين ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ ڏار پئجي چڪا هئا. پوءِ به هن ڇهين نمبر تي ووٽ کنيا، پر ڪاميابي ماڻي نه سگهيو.
سوڀي جي زندگيءَ تي ادبي حوالي سان سڀ کان وڌيڪ رابندرناٿ ٽئگور جو ۽ سياسي حوالي سان پنالال داس گپتا جو اثر هو.
ڪامريڊ سوڀو ڇهه ڀيرا جيل ۾ ويو. پهريون ڀيرو جنوري 1942ع ۾ اڍائي سال ڪئٽ انڊيا تحريڪ دوران قيد رهيو. ٻيو ڀيرو 1946ع ۾ نيويءَ جي بغاوت دوران ست ڏينهن جيل ۾ رهيو. ٽيون ڀيرو پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ پاڪستان ڊفينس رولس (DPR) هيٺ کيس گرفتار ڪري ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جي جيلن ۾ رکيو ويو. 1952ع ۾ ڪورٽ ڪيس هلائي ’Sobho Giyanchandi vs Crown‘ تحت فتويٰ ڏني ۽ مارچ 1952ع ۾ سوڀو آزاد ٿيو ۽ سندس قيد کي غير قانوني قرار ڏنو ويو. چوٿون ڀيرو 1954ع ۾ جڏهن ڪميونسٽ پارٽيءَ کي غير قانوني قرار ڏئي بندش وڌي وئي ته 12 جولاءِ 1954ع تي سوڀي کي به گرفتار ڪيو ويو. هن ڀيري ساڻس جيل ۾ جي. ايم. سيد، عبدالستار شيخ، محمد حسين عطا ۽ ظفرالله پوشني گڏ رهيا. مارچ 1955ع ۾ جيل کان ٻاهر نڪتو. پنجون ڀيرو جڏهن جنرل ايوب خان فوجي راڄ قائم ڪيو ۽ ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪئي ته سائين جي. ايم. سيد کي سن ۾ نظربند ڪيو ويو ۽ سوڀي گيانچنداڻيءَ کي 12 آڪٽوبر 1958ع تي ڳوٺ مان گرفتار ڪري حيدرآباد جيل ۾ رکيو ويو. هو ٽي مهينا شاهي قلعي لاهور ۾ به رهيو. شاهي قلعي مان ڪڍي کيس لاهور جي سينٽرل جيل ۾ رکيو ويو. 28 مئي 1959ع تي ساڻس لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ 90 ڪلاڪن جي ڊگهي پڇا ڳاڇا ٿي. ڪورٽ ۾ ’Sobho vs State‘ هيٺ ڪيس هليو، جنهن مان کيس آزادي ملي، جنهن کانپوءِ کيس ڳوٺ وڃڻ ڏنو ويو، جتي کيس پنجن سالن تائين نظربند رکيو ويو. ڇهون ڀيرو 1965ع ۾ جڏهن هند و پاڪ ۾ جنگ لڳي ته ڪامريڊ سوڀي کي ڊفينس آف پاڪستان رولز هيٺ گرفتار ڪيو ويو. هن ڀيري 3- 4 مهينا جيل ۾ رهيو. جيل ۾ ساڻس بلوچ اڳواڻ نوروز خان ۽ سنڌ جو قومي شاعر شيخ اياز گڏ هئا. هو جيترا ڀيرا به جيل ۾ ويو، بيڏوهي ثابت ٿيو ۽ هڪ ڀيرو به مٿس ڪيس نه هليو. سندس قيد واري زندگيءَ جو عرصو 8 سال ٻه مهينا 18 ڏينهن ٿئي ٿو.
سوڀي جي جيل واري عرصي جا ٻه واقعا تاريخي آهن ۽ جيڪي تاريخ جي رڪارڊ ۾ درج ڪرڻ لاءِ هيٺ ڏجن ٿا:

(1) سوڀي جي امڙ، سندس هر جدوجهد ۾ ساٿياڻي رهي ۽ کيس همٿائيندي رهي. جڏهن هو جيل ۾ هوندو هو، تڏهن هوءَ ملاقات لاءِ وڃي کيس حوصلو بخشيندي هئي. هڪ دفعي، پنهنجي ماءُ جي جيل- ملاقات جو واقعو ٻڌائيندي، سوڀي چيو: ”بابو ته روئي ويهندو هو، اُن ڪري جيل تي ملاقات لاءِ نه ايندو هو. امڙ جيل تي آئي ۽ چيائين: ”ڇا مان تو کي ان ڪري ڄڻيو آهي ته تون رڳو جيل ڪاٽيندو رهين؟“ مان کِلي چيومانس: ”امان! چون ٿا ته معافي وٺ ته تو کي ڇڏي ڏيون.“ چيائين: ”ٿڃ نه بخشينديسانءِ، جي معافي ورتي اٿئي!“
(2) ٻيو ڀيرو هڪ اردودان جج کيس چيو ته ”تون هندو آهين، هندستان هليو وڃ.“ سوڀي کيس ٺڙ ٺڪ جواب ڏنو ته، ”آءٌ هن سرزمين جو ڄائو آهيان، تون ٻاهران آيو آهين. مون کان ڀاڙو وٺ ۽ هندستان موٽي وڃ!“

سـوڀـي ڪـيتـرو عرصو روپوش رهي به جدوجهد ڪئي، جنهن ۾ 9 آگسٽ 1942ع کان 5 جنوري 1943ع واري عرصي کان سواءِ هو ذوالفقار علي ڀُٽي جي دور ۾ پڻ ڪجهه عرصي لاءِ روپوش ٿي بلوچستان ۾ بلوچ دوستن وٽ وڃي رهيو. بعد ۾ انهن دوستن ڀُٽي جون غلط فهميون دُور ڪري، سوڀي جي ساڻس ملاقات ڪرائي ۽ مٿانئس سرڪاري عتاب هٽيو. ان ئي زماني ۾ سوڀو ان راءِ جو هو ته ملڪ ۽ عوام جي بهتريءَ لاءِ نيشنل عوامي پارٽي ۽ پيپلز پارٽيءَ جهڙين سيڪيولر ۽ جهموري پارٽين جي وچ ۾ اتحاد ٿيڻ گهرجي، پر حالتون ان حد تائين وڃي پهتيون هيون، جو ٻئي ڌُريون اها ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار نه هيون.
سوڀي گيانچنداڻيءَ جا سنڌ ۾ سائين جي. ايم. سيد، حيدر بخش جتوئي، محمد ابراهيم جويي، شيخ اياز، قاضي فيض محمد، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، تنوير عباسي، جمال نقوي، امام علي نازش، نورالدين سرڪي، ڄام ساقي، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، تاج محمد ابڙي سان؛ بلوچستان ۾ عطاءُ الله خان مينگل، خير بخش خان مري، غوث بخش بزنجي، شاعر گل خان نصير ۽ عطا شاد سان؛ پختونخوا جي خان عبدالغفار خان، خان عبدالولي خان ۽ اجمل خٽڪ سان؛ بنگال جي عبدالحميد ڀاشاني ۽ پنجاب جي ڪيترن پنجابي انقلابين سان تمام ويجها واسطا رهيا.
ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ملڪ جو بهترين وڪيل به رهيو. هن شاگرديءَ واري زماني کان پوءِ 1970ع ۾ لا ڪاليج لاڙڪاڻي مان قانون جي ڊگري ايل. ايل. بي پاس ڪئي. ڪجهه عرصو ساڳئي ڪاليج ۾ استاد ۽ ڪجهه عرصو پرنسپال رهيو. جنهن کانپوءِ سول، سيشن ۽ هاءِ ڪورٽ جي وڪيل جي حيثيت ۾ ڪيس کڻي پنهنجي ۽ پنهنجي گهر جي ڪفالت ڪندو رهيو. هن وقت هو وڪالت تان رٽائر آهي، پر سندس نياڻي ڪلپنا ديوي سنڌ جي نامياري وڪيل آهي. سندس پٽ ڪنهيالال، ڊاڪٽر هو. سندس گردن جي بيماريءَ ۾ بيوقتي وڇوڙي، وڏي ڀاءُ ڪيولرام، ننڍي ڀاءُ خوبچند، گهر واري ليلان جي وڇوڙن، ٻن ڀاڄاين ۽ ٻن ڀينرن سميت وڏي نياڻي ڀاڳيءَ جي جدائيءَ جي وڇوڙن، ڪامريڊ کي جسماني طور ڪمزور ڪري وڌو آهي. هو چوندو آهي ته کيس جيل ۽ ريل ڪڏهن به نه جهڪايو، پر قريبي ناتن جي وڇوڙن، خاص ڪري پياري ۽ جينئس پٽ ڊاڪٽر ڪنئيي جي لاڏاڻـي چيلهه چِٻي ڪري وڌي آهي. هن پٽ جي علاج تي 10 لک روپيا خرچ ڪيا، ان لاءِ کيس پنهنجي ’ساهه کان پياري لائبرري‘ به وڪڻڻي پئي، جيڪا اڄ ”سر شاهنواز ڀٽو لائبرري، لاڙڪاڻي“ جو حصو آهي.
سوڀو، جي. ايم. سيد، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، ڪرشن کٽواڻي، اندر ڪمار گجرال، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، قاضي فيض محمد، پنالال داس گپتا، ڊانگي، جمال الدين بخاري ۽ ٻين ڪيترن ارڏن سياستدانن ۽ انقلابين جو ساٿي، اڄ به پهاڙ وانگر پنهنجن ارادن تي اٽل ۽ مضبوط آهي. جڏهن 1947ع ۾ ورهاڱو ٿيو هو ۽ سنڌ جا هندو حالتن کان مجبور ٿي هندستان لڏي ويا پئي ته هن سنڌ نه ڇڏي هئي ۽ اڄ به هو سنڌ ماءُ جي خدمت ۾ مصروف آهي. سندس قلم ۽ زبان، سنڌ جو ورد ڪندا رهن ٿا. هو چوندو آهي ته: ”منهنجي لاءِ منهنجي سنڌ ۽ امڙ ٻئي هم معنيٰ آهن. اڄ به مان پنهنجي امڙ سنڌ جي ٿڃ پي جوان آهيان.“ (حوالو: موهن جو ماڻهو، ص: 82)
سوڀو گيانچنداڻي، هڪ اديب جي حيثيت ۾ سنڌي ادبي سنگت سان ورهاڱي کان اڳ به سلهاڙيل هو، ۽ اڄ 2013ع تائين ان جو اعزازي ميمبر آهي. سنگت سان ناتي تي کيس هميشه فخر رهيو آهي. ڪامريڊ جو مطالعو حد کان وڌيڪ وسيع آهي. اڄ به بيماريءَ جي بستري تي ڪتاب سندس ساٿي آهن. هو هڪ ئي وقت ڪهاڻيڪار، مضمون نگار ۽ ڪالم نگار رهيو آهي. سنڌي ته سندس مادري زبان آهي، پر انگريزيءَ تي به کيس مڪمل عبور آهي، هندي، اردو ۽ بنگالي زبانون ڄاڻي ٿو ۽ فارسي ۽ عربيءَ جو پڻ سمجهه جي حد تائين اڀياسي آهي.
سوڀو هڪ پُختو ۽ بيباڪ ليکڪ آهي، هن وٽ ادب، زندگيءَ جو ترجمان آهي. سوڀي 1944ع ۾ جيل کان ٻاهر اچڻ کانپوءِ همعصر اديبن سان گڏجي ’ڪهاڻيون‘ لکيون هيون. هن ’فرينچ رووليوشن‘ ۽ ’ڪميونسٽ مينيفيسٽو‘ جا سنڌيءَ ۾ ترجما ڪيا هئا. 1957-1958ع ۾ جي. ايم. سيد جي اخبار ’نئين سنڌ‘ جو ايڊيٽر رهيو. 1990ع کان عوامي آواز وغيره ۾ ڪالم لکڻ شروع ڪيائين. ڪيترا سوانحي خاڪا لکيائين. ماهوار ’سوجهري‘ ۾ ’آتم ڪٿا‘ قسطوار ڇپائيندو رهيو. هڪ ڊرامو ’نيپولين جو موت‘ به لکيائين ۽ ڪجهه شاعري به ڪيائين.

سندس ڇپيل ڪتابن جو وچور هن ريت آهي:

(1) ڪڏهن بهار ايندو (ڪهاڻيون: 1993ع)،
(2) تاريخ جا وساريل ورق (ڪالم: 1992ع)،
(3) تاريخ ڳالهائي ٿي (ڪالم، مضمون: 1994ع)،
(4) وڌي وٿ هئام (ڪالم، خاڪا: 1997ع)،
(5) سوڀي جون تحـريـرون (هن ڪتاب ۾ سندس مٿيان چار ڪتاب شامل آهن: 2010ع)،
(6) روشنيءَ جي پنڌ ۾ (آتم ڪٿا: 2013ع).

سوڀي گيانچنداڻيءَ بابت مختلف ليکڪن ڪتاب لکيا آهن، جن ۾:

(1) ڊاڪٽر شاهه محمد مريءَ جو ڪتاب ’موهن جو دڙو کا جوگي‘
(پهريون ڇاپو: 1996ع ۾، ٻيو وڌايل ۽ سڌاريل ڇاپو: 2010ع ۾)،

(2) سوڀو گيانچنداني: شخصيت اور فن (سيد مظهر جميل: 2006ع)،
(3) مهين جو ماڻهو (انور ڏنگڙائي: 2006ع)- اچي وڃن ٿا.

ان کان سواءِ ٻه ماهي رچنا آديپور، ماهوار سوجهرو، ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين ڪيترن رسالن ۽ اخبارن، خاص ڪري روزاني عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ سوڀي جي جنم ڏينهن جي حوالي سان ڪيترا خاص نمبر شايع ٿي چڪا آهن.

نامور بلوچ اديب ۽ سياسي ڪارڪن، شاهه محمد مري، سوڀي لاءِ لکي ٿو ته، ”سوڀو انگريز سامراج خلاف آزاديءَ جي جنگ جي مجاهدن ۾ شامل رهيو. آزاديءَ کانپوءِ پاڪستان ۾ مارشل لائي آمريتن جي خلاف هن لکين جمهوريت پسند ڪميونسٽن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي جدوجهد ڪئي. هو امن، سچائي ۽ ڀائيچاري جو پيامبر آهي. اوهان کيس نظريات جو ماڻهو چئو يا ڪردار جو ماڻهو چئو، هُو هڪ وڏو انسان آهي! (حوالو: موهن جو دڙو کا جوگي: ص: 30)
شيخ اياز به لکيو آهي ته: ”سوڀو اسان جو لال قلندر آهي، جنهن جي مرڻ کانپوءِ سندس سماڌيءَ تي ميلا لڳندا.“
واڌارو: برصغير جو هي ترقي پسند دانشور سوڀو گيانچنداڻي 08 ڊسمبر 2014ع تي اسان کان هميشه وڇڙي ويو.

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا تان ورتل

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي سوڀو گيانچنداڻي جا ڪُل 4 ڪِتاب موجود آھن


سوڀو گيانچنداڻي جا ڪتاب

تاريخ ڳالھائي ٿي، ليکڪ : سوڀو گيانچنداڻي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
تاريخ ڳالھائي ٿي
ليکڪ : سوڀو گيانچنداڻي
وڏي وَٿ ھُئام، ليکڪ : سوڀو گيانچنداڻي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
وڏي وَٿ ھُئام
ليکڪ : سوڀو گيانچنداڻي
ڪڏھن بھار ايندو، مصنف : سوڀو گيانچنداڻي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
ڪڏھن بھار ايندو
مصنف : سوڀو گيانچنداڻي
تاريخ جا وساريل ورق، مصنف : سوڀو گيانچنداڻي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
تاريخ جا وساريل ورق
مصنف : سوڀو گيانچنداڻي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ