محمد امين مگسي

اديب، عالم ۽ محقق، امين مگسيءَ جو پورو نالو محمد امين ولد مفتي ڪريم بخش مگسي آهي. سندس تعلق ميهڙ جي علمي، ادبي ۽ مذهبي گهراڻي سان آهي. سندس والد ڪريم بخش مگسي پنهنجي دؤر جو جيد عالم ۽ مفتي هو. محمد امين مگسيءَ 30 اپريل 1962ع تي ڳوٺ سوڀي مگسي تعلقي ميهڙ، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم ميهڙ مان ئي حاصل ڪيائين، جڏهن ته هن بي.اي 1984ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي ۽ ايم.اي (جنرل هسٽريءَ) ۾ پڻ سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1990ع ۾ ڪئي. 
امين مگسيءَ جو والد سيد علي اڪبر شاھ جي قائم ڪيل مدرسہ عربيI دارالقرآن‘ ميهڙ ۾ 50 سالن تائين مهتمم رهيو. محمد امين مگسيءَ ۾ پنهنجي والد صاحب جي صحبت ۾ لکڻ پڙهڻ جو شوق پيدا ٿيو. سندس مضمون ۽ تحقيقي مقالا اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا. 
محمد امين مگسيءَ جون هيٺيون تصنيفون شايع ٿي چڪيون آهن: 
(1) جوڳيئڙا جهان ۾ (دادو جي مشاهيرن جا خاڪا: (1998ع). 
(2) مگسي قبيلو، تاريخ ۽ تحقيق جي روشنيءَ ۾: (2012ع). 
تازوئي ’بلوچستان جي تاريخ‘ ۽ ’تصوف‘ جي موضوعن تي سندس تحقيق جاري ھئي. پاڻ پي.آءِ.اي ڪراچي ۾ گروپ 6 ۾ آفيسر پڻ ھيو ۽ گلشن حديد فيز I ۾ رهائش پذير رھيو آھي.
پاڻ 2 جنوري 2021 تي ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ وفات ڪيائين ۽ سندس آخري رسمون دادو لڳ تعلقي ميهڙ جي ڳوٺ سوڀو مگسي ۾ ادا ڪيون ويون.

  • جنم: 1962-04-30
  • ورسي: 2021-01-02
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب