عبدالخالق جوڻيجو

Author Name

سياسي ۽ سماجي اڳواڻ عبدالخالق جـوڻيـجـو، 9  نومبر 1952ع تـي ڳـوٺ قـاضي دڙي، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. سندس والد مـحـمـد مـبـارڪ پرائمري استاد هو. ڳوٺ ۾ ئي پرائمري پڙهڻ بعد ڊي .سي .هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ ڇهين کان اٺين تـائيـن، هاءِ اسڪول ميهڙ ۾ اٺون ۽ نائون درجو، جڏهن ته مئٽرڪ جو امتحان ڊي .سي .هاءِ اسڪول باڊهه مان ڏنائين. گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان انٽرميڊيئيٽ پاس ڪيائين. ڪاليج واري دور ۾ 1969ع ۾ هو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو ۽ 1971ع ۾ بنگال بابت ذوالفقار علي ڀُٽي سان اخـتــلاف رکندي پ .پ کان علحدگي اختيار ڪيائين ۽ ڪجهه مهينن بعد جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ شامل ٿيو. 18 جون 1972ع تي جڏهن حيدر منزل ڪراچيءَ ۾ ’جيئي سنڌ محاذ ‘جڙيو ته عبدالخالق جوڻيجو ان اجلاس ۾ شامل هو ۽ ان وقت کان وٺي جيئي سنڌ محاذ سان لاڳاپيل رهيو. 1975ع ۾ هن سنڌ يونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج مان بِي .اِي سوِل جي ڊگري مڪمل ڪئي ۽ پوءِ ايم .اي (سياسيات) ۽ ايل .ايل .بي به ڪيائين. 18 ڊسمبر 1975ع تي ڪراچي ڊيولپمينٽ اٿارٽيءَ ۾ انجنيئر طور ملازمت اختيار ڪيائين .ان دوران سياست، تاريخ ۽ بين الاقوامي تعلقات جي موضوعن تي مطالعو ۽ ڪجهه سياسي سرگرميون به جاري رکيائين. ذاتي توڙي سياسي زندگيءَ ۾ سائين جي .ايم .سيد جو مٿس گهرو اثر رهيو آهي. اپريل 1995ع ۾ سائين جي .ايم .سيد جي وفات بعد جڏهن جيئي سنڌ تحريڪ ۽ جيئي سنڌ محاذ جو انضمام ٿي ’جيئي سنڌ قومي محاذ ‘ٺهيو ته عبدالخالق جوڻيجي دوستن سميت ’جيئي سنڌ محاذ ‘کي قائم رکيو ۽ اڳتي هلي انجنيرنگ واري نوڪريءَ تان استعفا ڏيئي ’جيئي سنڌ محاذ ‘ ۾ ڪل وقتي ڪارڪن ٿي سياسي طور سرگرم رهيو. بعد ۾ هُو جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمئن منتخب ٿيو ۽ لڳاتار 15 سال ان ذميواريءَ تي رهيو، هن جيئي سنڌ محاذ ۾ جمهوري قدرن کي وڌائڻ، قومي جدوجهد ۾ علم ۽ شعور جي ڦهلاءَ ۽ جي .ايم .سيد جي فڪر کي عام ڪرڻ سان گڏ 1997ع کان وڪالت جي پيشي سان به لاڳاپيل رهيو.
عبدالخالق جوڻيجي مختلف موقعن تي سنڌي، انگريزي توڙي اردو اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون لکيا ۽ مختلف ٽي .وي چئنلن تي ٽاڪ شوز ۾ شرڪت ڪري قومي مسئلن تي پنهنجو موقف بيان پئي ڪيو آهي. هن ملڪ توڙي پرڏيهه ۾ ڪيترن فورمن/ ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪري قومي مسئلن تي پنهنجو موقف بيان ڪيو آهي. 1999ع ۽ 2000ع ۾ لنڊن ۾ منعقد ٿيل ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو. فيبروري 2000ع ۾ ڍاڪا ۾ ٿيل انٽرنيشنل پِيس ڪانفرنس ۽ مادري ٻوليءَ جي عالمي ڏينهن واري تقريب ۾ شريڪ ٿيو.
آڪٽوبر 2000ع ۾ ٻارن جي حقن بابت ٿيل ڪانفرنس جي سلسلي ۾ لنڊن ۾ ساڳئي سال ايڊينبرا ۾ اسڪالٽسٽ نيشنلسٽ پارٽيءَ جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيائين. آڪٽوبر 2000ع ۾ جرمنيءَ جي همبوٽ يونيورسٽيءَ ۾ هن  ’پاڪستان ۾ وفاقيت ‘ جي عنوان سان ليڪچر ڏنو. 2005ع ۾ دهـلــيءَ ۾ ’پـاڪ- انـڊيـا پـيــپلــز فورم ‘جي جوائنٽ ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪئي.
عبدالخــالق جوڻيــجـو، هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان، ايمنسٽي انٽرنيشنل ، پاڪ انڊيا پيپلز فورم جي اسٽيئرنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر ۽ پاڪستان پِيس ڪوئليشن جي باني ميمبرن مان آهي. سندس ڇپيل ڪتاب هي آهن:

1. قومي غلامي :قومي سوال يا بيٺڪي سوال (1984ع )
2.  آزادي ۽ امن (1992ع )
3. جي .ايم .سيد :فڪر، جدوجهد ۽ ڪردار  (2000ع)
4. The State of Pakistan :In Search of Identity (2008) 
5. سـنڌ ڪـي قـومـي تـحـريـڪ اور پـاڪسـتان مـين قـومي ســوال(اردو :2007ع) 
6. ساڳئي ڪتاب جو سنڌي ترجمو ’سنڌ جي قومي تحريڪ ۽ پاڪستان ۾ قومي سوال‘ (2008ع ) .
7.  
جي ايم سيد ۽ سنڌ جو مستقبل (2017ع)

اڄڪلھ هو وڪالت جي پيشي سان وابسته آهي ۽ مستقل رهائش ڪراچي ۾ اٿس.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي عبدالخالق جوڻيجو جا ڪُل 4 ڪِتاب موجود آھن


عبدالخالق جوڻيجو جا ڪتاب

جي ايم سيد ۽ سنڌ جو مستقبل، ليکڪ : عبدالخالق جوڻيجو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
جي ايم سيد ۽ سنڌ جو مستقبل
ليکڪ : عبدالخالق جوڻيجو
جي ايم سيد : فڪر، جدوجھد ۽ ڪردار، ليکڪ : عبدالخالق جوڻيجو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
جي ايم سيد : فڪر، جدوجھد ۽ ڪردار
ليکڪ : عبدالخالق جوڻيجو
قومي غلامي: قومي سوال يا بيٺڪي سوال؟، مُرتب : عبدالخالق جوڻيجو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
قومي غلامي: قومي سوال يا بيٺڪي سوال؟
مُرتب : عبدالخالق جوڻيجو
پوري زندگي اڻپوري جدوجھد، مصنف : عبدالخالق جوڻيجو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
پوري زندگي اڻپوري جدوجھد
مصنف : عبدالخالق جوڻيجو
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ