جهانگير راهوجو

ٽوڙھي ڦاٽڪ واقعي جو اَسِير، ناميارو قانوندان، سياسي اڳواڻ ۽ ليکڪ جھانگير ولد اورنگزيب راھُوجو، پھرين مارچ 1961ع تي وڳڻ شھر، تعلقي وارھ، ضلعي قنبر شھدادڪوٽ (اڳوڻي ضلعي لاڙڪاڻي) ۾ پيدا ٿيو. ھن پرائمري کان مڊل تائين تعليم پنھنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي، مئٽرڪ 1978ع ۾ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول نئين ديري مان، انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان، بي. ايس. سي ۽ ايم. ايس. سي (ڪيمسٽري: 1987ع) سنڌ يونيورسٽي، ڄامشوري مان ڪئي. ايم. ايس. سي ڪرڻ کانپوءِ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نصيرآباد ۾ ڪيمسٽريءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. 1988ع ۾ ليڪچراريءَ تان استعيفا ڏئي ڊفينس سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ليبارٽريز  ۾ ايڪسپيريمينٽل آفيسر مقرر ٿيو، جنھن دوران ھن راولپنڊيءَ کان ڪوھ مريءَ تائين ڪيترن وڏن جبلن جو دورو ڪيو ۽ اتان جي ڪيترن ماڳن مڪانن تي ڪيميائي تحقيق ڪئي. 1993ع جي آخر ۾ ’ڊي. اي. ايس ٽي. او‘ ليبارٽريز ڪراچيءَ ۾ بدلي ٿي آيو. مارچ 1996ع ۾ نوڪريءَ تان استعيفا ڏئي اباڻي ڳوٺ وڳڻ واپس آيو، جتي زرعي زمينن جي سار سنڀال ڪرڻ لڳو ۽ ساڳي ئي وقت ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ايل. ايل. بي جي شاگرد طور داخلا ورتائين، جتان 2003ع ۾ ايل. ايل. بي ڪري، 2005ع ۾ ساڳئي ئي يونيورسٽيءَ مان ايل. ايل. ايم جي سند وٺي وڪالت جي پيشي سان عملي طور لاڳاپجي ويو ۽ اڄ تائين اُن ئي پيشي سان وابستہ آھي.
جھانگير راھوجي سياسي زندگيءَ جي شروعات 1976ع ۾ جميعت جي رڪنيت سان ڪئي، جنھن کان پوءِ ’سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ (SPSF) ۾ شامل ٿيو ۽ 1981ع تائين سرگرم رهيو، جنھن کانپوءِ ھن 1983ع ۾ سنڌ يونيورسٽي، ڄامشوري جي شاگرديءَ واري دؤر ۾ ’جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ (جساف) ۾ شمُوليت اختيار ڪري، قومپرست سياست ۾ قدم رکيو. 1983ع ۾ ھو جساف جي سنڌ يونيورسٽي يونٽ جو ’خزانچي‘ چونڊيو. 17 آڪٽوبر 1984ع تي ’ٽوڙھي ڦاٽڪ‘ وارو دل ڏاريندڙ سانحو پيش آيو، جنھن ۾ ٽوڙھي ڦاٽڪ وٽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي اھلڪارن بيگناھ سنڌي شاگردن تي گوليون وسايون، جنھن ڪارروائيءَ دوران پنج سنڌي شاگرد بيگناھ قتل ٿي ويا ۽ 105 شاگردن کي گرفتار ڪيو ويو. جھانگير راھوجو بہ انهن اسيرن ۾ شامل ھو، کيس زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ قيد ڪيو ويو ھو. آزاديءَ کانپوءِ بہ سياست ۾ سرگرم رهيو. ھو 1985ع ۾ جساف سنڌ يونيورسٽيءَ جو صدر چونڊيو ۽ بعد ۾ چيف آرگنائيزر جي عھدي تي 1987ع تائين رهيو.
جھانگير راھوجو برجستو ليکڪ ۽ شاعر آھي. سندس چار ڪتاب ڇپجِي چڪا آھن: (1) ’سنڌ جي ڪربلا‘ (ٽوڙھي ڦاٽڪ جي واقعي جي تاريخ ۽ جيل جي ڊائري)، (2) ’ٽوڙھي ڦاٽڪ جا شھيد‘، (3) ’آزاديءَ جي اڏام‘ (انگريزي ناول Kites of War جو سنڌي ترجمو)، (4) ’ڪنفيڊريشن‘ (پاڪستان ۾ ڪنفيڊريشن نظام بابت بلوچ سياستدان عطاءُ الله مينگل جي 1986ع ۾ ڏنل تفصيلي انٽرويو جو ترجمو).
جھانگير راھوجو 1996ع ۾ ٻيو ڀيرو جيل ويو. 2007ع ۾ وڪيلن جي عدليہ جي آزاديءَ واري تحريڪ ۾ سرگرم رهيو ۽ ان دوران ڪراچي سينٽرل جيل ۾ قيد رهيو. قانون جي پريڪٽس شروع ڪرڻ بعد ’سنڌ دوست لايرس آرگنائيزيشن‘ جو بنياد وجهي سنڌي وڪيلن کي ھڪ پليٽفارم تي گڏ ڪيائين. اُن کانسواءِ ھو ’ايشين لايرس ايسوسيئيشن‘ ، ’لايرس ڪلب آف پاڪستان‘ سميت وڪيلن جي ڪيترين تنظيمن جو ميمبر رهيو آھي. ھن وقت ڪراچي ھاءِ ڪورٽ جو سينيئر وڪيل آھي

  • جنم: 1961-03-01
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image