سوانح، تعليم و ترتيب
وليرام 16مارچ 1944ع تي مٺيءَ ۾ جنم ورتو. پرائمريءَ جا ٽي درجا مختلف هنڌن تي، باقي ميٽرڪ لوڪل بورڊ اسڪول (1959ع) مٺي ۾ پڙهيو. وڌيڪ تعليم سچل ڪاليج 1964ع ۽ سنڌيونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيائين. 1967ع ۾ اردو ۾ ايم اي 1969ع ۾ ايل ايل بي، 1971ع ۾ ايم اي سوشيالاجي ۽ 1999ع ۾ ماس ڪميونيڪيشن ۾ ماسٽر ڪيائين. هينئر پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي.
ميٽرڪ کانپوءِ ڪاليج نه هئڻ ڪري تعليم ۽ روزگار جي سلسلي ۾ مٺي مان نڪري هن مختلف هنڌن تي نوڪريون ڪيون، جن ۾ کپرو،ميرپورخاص، ڪراچي ۽ حيدرآباد شامل آهن. وليرام ولڀ 1969ع تائين ٻيلي کاتي ۾ نوڪري ڪئي. 1969ع کان هڪ ايڊورٽائيزنگ ڪمپني ۾ اٽڪل ويهه سال نوڪري ڪيائين. ان جي ختم ٿيڻ کانپوءِ سنڌالاجي ۾ پبليڪيشن آفيسر ۽ ايڊيٽر ٿيو، تنهن کانپوءِ 1996ع کان حيدرآباد ميوزم ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر طور ڪم ڪيائين. وليرام ولڀ جو والد پوليس کاتي ۾ هيڊ ڪانسٽيبل هو، جنهن کي نوڪريءَ سانگي مختلف هنڌن تي رهڻو پوندو هو. ائين وليرام پڻ پنهنجي ننڍپڻ جو وقت سانگهڙ، کپرو، ٽنڊو مٺا خان ۽ ٻين هنڌن تي گذاريو. مٺيءَ ۾ پڙهڻ جي دوران مختلف ماڻهن سان ڪچهرين ۾ سندس شخصيت اُڀري. انهي سلسلي ۾ڪيترن ئي سٺن استادن ۽ شهر ۾ فلاحي ڪم ڪندڙن جو مٿس خاصو اثر پيو. انهن ۾ استاد لڇمڻ داس، ضياءُالحق، ڳوٺ جي سماج سڌارڪ کيمچند آسناڻي جا نالا اهم آهن. (جنهن جي لکيل آتم ڪهاڻي ”مون وٽ نڪا پيتي، نڪو ڪلف ڪنجي“ 2004ع ۾ وليرام ترتيب ڏيئي ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي.)
اتي مٺي ۾ ادبي قسم جي ڪابه چرپر نه هوندي هئي، البت اسڪول ۾ خاص ڏڻن تي راندين جا مقابلا ٿيندا هئا ۽ ’شيوا منڊلي‘ پاران ناٽڪ پڻ ٿيندا هئا. ڀڳت کيمچند آسناڻيءَ جي نگراني ۾ هڪ لائبريري قائم ڪئي ويئي هئي. جنهن جو ذڪر ڪندي وليرام ولڀ لکي ٿو. ”مون کي ياد آهي ته انهيءَ شيوا منڊليءَ جا اسين ٻار، شهر جا ماڻهو ۽ ستسنگي اسي کن ميمبر هئاسين جن ۾ عام ميمبر طور ڀڳت سنگهه صاحب به شامل ٿيو هو. مون کي يڪراءَ طور ان جو چيئرمين چونڊيو ويو هو. هر ميمبر لاءِ چار آنا سالياني في مقرر ڪئي وئي هئي. لائبريري لاءِ اندازن 300کن ڪتاب گڏ ڪيا ويا، جن مان ڪافي سارا ڪتاب ڀڳت سنگهه، مهاراج ڏيالچند ۽ مون ڏنا هئا. لائبريري نئون ڪوٽ روڊ هوتچند جي ڏنل اوطاق واري ڪمري ۾ رکي ويئي هئي، جنهن جو مهورت ڀڳت سنگهه کيمچند آسناڻي صاحب هٿان ڪرايو ويو. لائبريري هر روز شام جو کلندي هئي ۽ نوجوان شاگرد ۽ ڪتابن پڙهڻ جا شوقين، اخبارون ۽ ڪتاب پڙهڻ جي لاءِ اچڻ لڳا. انهن ڏينهن ۾ لائبريري ۾ هفتيوار ”هندواسي“ اخبار باقاعدگي سان ايندي هئي. پر پوءِ ڪي شرارتي ڇوڪرا اهي ڪتاب چوري ڪري ويا ۽ لائبريري هميشه جي لاءِ بند ٿي ويئي. اهو 57-1956ع جو زمانو هو“.
ان وقت ڳوٺ جو ماحول سانتيڪو ۽ صلح سانت وارو هو، جتي ڪنهن به ذات پات ۽ مذهبن جو فرق نه هو. هڪ ڀيري چيلهار ۾ راءِ چند هريجن (جنهن تاريخ ريگستان جهڙو شاهڪار ڪتاب لکيو) جي گهر ۾ رهندي، جتي وليرام جو گهڻو وقت گذرندو هو. اتان هڪ ڦاٽل ڪتاب مليس، جيڪو هو هٿيڪو ڪري گهر کڻي آيو ۽ ان کي گهڻو ئي پڙهڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر سمجهه ۾ نه آيس. نيٺ پنهنجي پيءُ کان پڇائين ته هي ڇا آهي. اهو رامائڻ هو، انهي جو ذڪر ڪندي وليرام ولڀ چوي ٿو ”جنهن باب کان مون پڙهڻ شروع ڪيو، ان ۾ ٻه ڪردار هئا، جن مان هڪ رام بابت هو ۽ ٻئي ۾ سيتا جي سونهن جو ذڪر هو، جنهن سبب رام مٿس موهجي پيو هو. شاهه لطيف ”سُر کنڀات ۾ چنڊ جي خوبصورتي جو ذڪر ڪيو آهي ته چنڊ کان محبوب جو چهرو خوبصورت آهي. پندرهين صدي جي زماني ۾ تلسيداس، رامائڻ ۾ ساڳيو ذڪر هندي ۾ ڪيو آهي، جنهن جو مون سنڌي ۾ ترجمو پڙهيو.“
وليرام ولڀ چيلهار ۾ راءِ چند هريجن جي لائبريري مان گهڻو ڪجهه پرايو.
ادبي سفر
شروع ۾ پاڻ ڳوٺ ۾ هوندي، ڪجهه شاعري ڪيائين، ۽ ڪانگريسي اڳواڻ ولڀ ڀائي پٽيل کان متاثر ٿي ”ولڀ“ جو تخلص اختيار ڪيائين. ان دوران ڪوبه اهڙو پليٽ فارم نه هو، جتي اها پڙهي ۽ منجهس سڌارو اچي. 1962ع ڌاري هن گجراتي ٻولي جي ڪهاڻيڪار ”ڌومڪيتو“ جي ڪهاڻي ”بهشت ۽دوزخ“ ترجمو ڪئي. جا ٽماهي مهراڻ ۾ ڇپي ۽ ڪافي حوصلي افزائي ٿيس. انهيءَ کانپوءِ سندس ترجمو ڪيل ڪهاڻيون ۽ مضمون گهڻي ڀاڱي سنڌي جي سڀني چڱن ادبي مخزنن ۽ ڪتابي سلسلن ۾ شايع ٿيڻ لڳا. 1968ع ۾ هن ڪرشن چندر جو مشهور ناوليٽ ”غدار“ اردو مان ترجمو ڪيو، جنهن جا هيستائين چار ڇاپا ڇپجي چڪا آهن. 1977ع ۾ قرة العين حيدر جو ناول ”سيتاهرڻ“ سنڌي ۾ ترجمو ڪيائين، جنهن جا پڻ ٽي ڇاپا ڇپجي چڪا آهن. 1978ع ۾ امرتا پريتم جي پنجابي ناول، ”بند دروازو“ جو سنڌي ترجمو ڇپيو. 1980ع ۾ سندس ترجمو ٿيل پرڏيهي ڪهاڻين جو مجموعو ”ٽين دنيا جون ڪهاڻيون“ ۽ 1983ع ۾ اٽلي جي مشهور ڪهاڻيڪار ”البرٽو موراويا“ جي ڪهاڻين جو ترجمو ۽ ترتيب ”ٿڪل سُريت“ ۽ 2004ع ۾ پرڏيهي ڪهاڻين جو ڳٽڪو”بهشت ۽ دوزخ“ جي نالي سان ڇپيو.
مٿين ڪتابن کانسواءِ وليرام ولڀ جي ٻين ڪتابن ۾ ٻارن جي موضوع تي سهيڙيل ڪتاب ”ٻار سنڌي ڪهاڻي ۾“ (1984ع) چئن انقلابي ليکڪن محمود درويش، يشپال، پئبلونرودا ۽ لورڪا تي لکيل سوانحي مضمونن جو مجموعو ”سدا ساوا پن“ (1984ع) البير ڪاميو جو نالو ”ڌاريو“ (1993ع)، قرة العين حيدر جو ناول ”پوئين پهر جا پانڌيئڙا“ (2003ع)احمد نديم قاسمي جو اقبال تي لکيل ڪتاب ”اقبال“ (1977ع) ڪيول ملڪاڻي جو ڪتاب ”سنڌ ڪهاڻي“ (جيڪو پهرين تاج جويي جي نالي سان ڇپيو) ڀڳوت گيتا جو اڀياس (1992ع)من جي شانتي (2003ع)ڪوتا ڦلواري (2006ع)مٺڙاڀاءَ (ڪهاڻيون 2007ع) شايع ٿيل اٿس. تنهن کانسواءِ وليرام جي انٽرويوئن ۽ ڪهاڻين جو هڪ ڪتاب ”زندگي سيِ کڻا هوا ڻکڙا“ (2001ع) اردو ۾ ڇپيل آهي. مٿين ڇپيل ڪتابن کانسواءِ وليرام ولڀ جا لڳ ڀڳ ايترائي ڪتاب ڇپائي جي اوسيئڙي ۾ آهن.
ترجمن کانسواءِ وليرام ولڀ ڪجهه تخليقي ڪهاڻيون پڻ لکيون آهن، جن ۾ پهرين ڪهاڻي ”پشپ“ هئي، جيڪا سهڻي مخزن ۾ 1973ع ۾ ڇپي. تنهن کانسواءِ سندس ٻي ڪهاڻي ”خوشبو“ پڻ سٺي ڪهاڻي آهي. ان کانسواءِ مضمون ۽ تبصرا پڻ لکيا اٿس، جيڪي سهڻي مخزن، تخليق پبليڪيشن، ٽماهي مهراڻ، ٻين مخزنن ۽ ڪتابي سلسلن ۾ شايع ٿيا آهن، پر وليرام ولڀ کي ترجمن جي ذريعي وڌيڪ پذيرائي ملي، جنهن جو ذڪر ڪندي هڪ انٽرويو ۾ وليرام ولڀ چيو، ”مون محسوس ڪيو ته منهنجو شايد ترجمو سٺو آهي، جو ان جي گهر ڪئي وڃي ٿي. مون هر ترجمي جي چونڊ پاڻ ڪئي.“ وليرام ولڀ ترجمي ۽ تخليق جي ڪم کانسواءِ ڪن مخزن/ڪتابي سلسلن جهڙوڪ: ”سهڻي“ ۽ ”سنڌي ساهت“ (1979ع)۾ ٻانهن ٻيلي جي حيثيت سان ۽ جناب ظفر حسن جي ساٿ سان ”عالمي ادب“ ۽ پوءِ ”آرسي“، سنڌالاجي جو ڇهه ماهي ”سنڌي ادب“ به سهيڙيندو رهيو.
”آرسي“ مخزن جا پنج ضخيم جلد شايع ٿيا، جيڪي سنڌي ادب ۾ اهم حيثيت رکن ٿا ۽ سنڌي ادب ۾ ”آرسي“ جهڙي مخزن جي سدائين گهرج محسوس ڪئي ويئي آهي. وليرام ولڀ جي هڪ ڪهاڻي ”ليڪا نه اورانگهڻ جهڙا“ انگريزي ٻوليءَ ۾ Barriers that Remained جي سري سان ترجمو ٿي، پينگئن بُڪس جي انڊين ايڊيشن A Letter from Pakistan ۾ شايع ٿي.
سنڌسلامت ڪتاب گهر تي ولي رام ولڀ جا ڪُل 9 ڪِتاب موجود آھن