خير النساءِ جعفري

Author Name

سنڌ جي برک ڪهاڻيڪار ۽ نقاد خيرالنساءِ جعفريءَ، 17 آگسٽ 1947ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو، جڏهن تہ سندس والدين تلهار، ضلعي بدين جا هئا. بنيادي تعليم حيدرآباد ۾ حاصل ڪرڻ بعد نفسيات ۾ پوسٽ گرئجوئيشن سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان ڪيائين. 1970ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي نفسيات واري شعبي ۾ ليڪچرر مقرر ٿي. خيرالنساءِ جعفريءَ باقاعدي لکڻ جي شروعات 1974ع ۾ ڪهاڻيون لکڻ سان ڪئي. سندس پهرين ڪهاڻي 1974ع ۾ ماهوار ’سوجهري‘ ۾ شايع ٿي. هن ڪهاڻين ۾ سماجي اڻبرابريءَ ۽ بُراين جو ذڪر جاندار نموني ۽ منفرد اسلوب ۾ ڪيو آهي.
هندستان ياترا ڪرڻ بعد هڪ سفرنامو بہ لکيائين، جيڪو سندس ڪتاب ’منهنجو تخليقي سفر‘ ۾ شامل آهي. خيرالنساءِ مختلف موضوعن تي مضمون به تحرير ڪيا، جن ۾ ٻارن جي نفسيات تي لکيل سندس مضمون وڏي اهميت وارا آهن. جيئن تہ سندس موضوع ’نفسيات‘ هو، ان ڪري سندس ڪهاڻين ۽ ٻين تحريرن ۾ داخلي احساسن ۽ جذبن جو نفسياتي اظهار جاندار انداز ۾ ملي ٿو. خيرالنساءِ جعفري 1974ع کان لاڳيتو ڪهاڻيون لکندي رهي. سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ’تخليق جو موت‘ جنوري 1978ع ۾ شايع ٿيو، جنهن وڏي مقبوليت حاصل ڪئي. سندس ڪهاڻي ’حويليءَ کان هاسٽل تائين‘ ۾ هڪ اهڙي مسئلي ڏانهن ڌيان ڇِڪايو ويو آهي، جيڪو هڪ وڏي عرصي کان اسان جي سماج جي رڳن ۾ سرايت ڪري ويو آهي. هن عورت جي مظلوميت، ڪمتريءَ ۽ مجبوريءَ جو عڪس بيباڪ انداز ۾ پيش ڪيو آهي. خيرالنساءِ جعفريءَ جي سمورين تخليقن جو گڏيل مجموعو ’منهنجو تخليقي سفر‘ 1992ع ۾، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو، جنهن ۾ سندس ڪهاڻين کان سواءِ ٻيون ڪهاڻيون، تقريرون، انٽرويو ۽ ڀارت جو سفرنامو بہ شامل ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ، مشهور ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامه نويس عبدالقادر جوڻيجي لکيو آهي.
خيرالنساءِ جعفريءَ 4 مارچ 1998ع تي وفات ڪئي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي خير النساءِ جعفري جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


خير النساءِ جعفري جا ڪتاب

منھنجو تخليقي سفر، مصنف : خير النساءِ جعفري

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
منھنجو تخليقي سفر
مصنف : خير النساءِ جعفري
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ