رام بخشاڻي

Author Name

نامور سماج سڌارڪ، سرمائيدار ۽ اسٽيج اداڪــار، رام بخشاڻيءَ، حيدرآباد شهر ۾ جنم ورتو. هي ڇهن سالن جو هو ته سندس والد وفات ڪري ويو. هن جي ماءُ ورهاڱي بعد گھر ڀاتين سميت سنڌ ڇڏي ڀارت هلي وئي، جتي پهرين مدراس ۽ پوءِ بڙودا ۾ رهائش اختيار ڪيائين. هن جي ماءُ مشڪل حالتن ۾ سندس پالنا ڪئي ۽ غربت باوجود کيس ڪجهه قدر تعليم ڏياري. ان دوران هن ٽائپنگ سکي ورتي. کيس پهرين نوڪري هڪ انجينئرنگ ڪمپنيءَ ۾ ملي، جتي سندس پگھار 75 روپيا ماهوار هو. ان کانپوءِ کيس دبئيءَ ۾ هڪ سنڌي سرمائيدار جي ڪمپنيءَ ۾ نوڪري ملي، جتي سندن ماهوار پگھار 125 روپيا هو. دبئيءَ ۾ آفيس مان ٽائيم ڪڍي مارڪيٽ ۾ وڃي واپارين سان ملڻ شروع ڪيائين ۽ ڪمپنيءَ کي ڪامياب بنائڻ لاءِ رات ڏينهن محنت ڪرڻ لڳو. لاڳيتو 26 سال ڪمپنيءَ ۾ محنت ۽ سچائيءَ سان ڪم ڪرڻ کانپوءِ آءِ. ٽي. ايل بورڊ کيس ترقي ڏئي ڊائريڪٽر بڻايو. هن پنهنجي آتم ڪٿا ’Taking the High Road‘ جي نالي سان لکي، جنهن جو قمر شهباز سنڌيءَ ۾ ترجمو ’آکيرا آڪاس ۾‘ نالي سان ڪيو، جيڪو دهلي سنڌي اڪيڊميءَ طرفان ڇپرايو ويو. رام بخشاڻي آءِ. ٽي. ايل ڪمپنيءَ ۾ آفيس اسسٽنٽ طور داخل ٿيو هو ۽ ترقي ڪري ڪمپنيءَ جو ايگزيڪيٽو چيئرمئن ۽ آءِ ٽي ايل ڪاسموس گروپ جو صدر ٿيو. ان کان سواءِ هو ٻين به ڪيترين ئي ڪمپنين جو چيئرمئن ۽ ڊائريڪٽر آهي. رام ثقافتي سرگرمين ۾ شوق سان حصو وٺندو آهي. هن دبئيءَ ۾ ڪيترن سنڌي اسٽيج ڊرامن ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي. هن دبئيءَ ۾ هڪ ڪلچرل آرگنائيزيشن ’اسين سنڌي‘ جو بنياد رکيو آهي. سنڌي ثقافتي سرگرمين کي هٿي وٺائڻ ۽ سنڌيت کي محفوظ رکڻ جي لاءِ ان تنظيم طرفان ڪيترائي ثقافتي پروگرام ڪرايا ويا آهن، جن ۾ سنڌ ۽ هند جا سنڌي فنڪار حصو وٺندا رهيا آهن. هن پنهنجي ماءُ جي نالي سان ’ايشوري ٻائي بخشاڻي ٽرسٽ‘ قائم ڪيو آهي، ان ٽرسٽ پاران انهن سنڌي ليکڪ

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي رام بخشاڻي جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


رام بخشاڻي جا ڪتاب

آکيرا آڪاس ۾، ليکڪ : رام بخشاڻي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
آکيرا آڪاس ۾
ليکڪ : رام بخشاڻي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ