ادريس جتوئي

Author Name

ليکڪ، تعليمي ماهر ۽ پبليشر محمد ادريس جتوئي 14 سيپٽمبر 1962ع تي ڳوٺ ٺوڙها، تعلقي موري ۾ جنم ورتو. 

هن سنڌ يونيورسٽيءَ جي ماس ڪميونيڪيشن شعبي مان امتيازي نمبرن سان ايم. اي ڪئي آهي. سندس ماسٽر ٿيسز جو عنوان ” پريس تي تشدد“ هو. هي ينگ ٿنڪرس فورم- سنڌ جو ايگزيڪيوٽو ڪاميٽيءَ جو ميمبر رهيو آهي. ان بعد هُن لطيف يونيورسٽي خيرپور مان ايم. اي (سنڌي ادب) جي ڊگري حاصل ڪئي، جنهن ۾ هُن برک ڪهاڻيڪار جمال ابڙي تي تفصيلي مونوگراف لکيو، جيڪو ڪتابي صورت ۾ پڻ ڇپيو آهي. 

ادريس جتوئيءَ 2005ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ڊپٽي ڊائريڪٽر بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ ايڪسيئيشن ونگ سنڌ طور ڄامشوري ۾ چارج ورتي، جتي اڄ تائين ذميواريون نڀائي رهيو آهي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي ادريس جتوئي جا ڪُل 3 ڪِتاب موجود آھن


ادريس جتوئي جا ڪتاب

جمال ابڙو ۽ جديد سنڌي ڪھاڻي، مصنف : ادريس جتوئي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
جمال ابڙو ۽ جديد سنڌي ڪھاڻي
مصنف : ادريس جتوئي
گوھر شاھ جو گيان، سھيڙيندڙ : ادريس جتوئي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
گوھر شاھ جو گيان
سھيڙيندڙ : ادريس جتوئي
سڄڻ تنھنجي سار، مُرتب : ادريس جتوئي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
سڄڻ تنھنجي سار
مُرتب : ادريس جتوئي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ