ايم ايڇ پنھور

Author Name

محمد حسين ولد حاجي خان پنهور. 25 ڊسمبر 1925ع تي ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ ابراهيم پنهور ۾ ڄائو. 1969ع ۾ اين. اي. ڊي انجنيئرنگ ڪاليج، ڪراچيءَ مان مڪئنيڪل ۽ اليڪٽريڪل ۾ بي. اي ڪيائين. 1953ع ۾ پرڏيهه مان زرعي انجنيئرنگ ۾ ايم. ايس. سيءَ جي ڊگري ورتائين. 1953ع ۾ پاڻ سرڪاري نوڪريءَ ۾ گهڙيو. پهريون سنڌ ۾ زرعي انجنيئر ٿيو، بعد ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جو سپريٽينڊنگ انجنيئر ٿيو. 1969ع ۾ سرڪاري نوڪري ڇڏيائين، جنهن کان پوءِ پنهنجي مدد پاڻ تحت سنڌ جي تاريخ، جاگرافيءَ، قديم آثارن، معدنيات ۽ پاڻياٺ تي تحقيق ڪرڻ ۾ مشغول رهيو. هن زير زمين پاڻيءَ (Underground water) تي 13 ڪتاب لکيا آهن، جيڪي سنڌ ۽ بلوچستان جي علائقن سان تعلق رکن ٿا.
پنهور صاحب، پنهنجي شعبي ۾ ڄاتل سڃاتل عالم ۽ محقق هو. سندس ذاتي لائبرريءَ ۾ سنڌ بابت مواد تي 6000 ڪتاب آهن. لڳ ڀڳ ايتروئي تعداد، انجنيئرنگ، زراعت، جانورن ۽ مڇين بابت ڪتابن جو اٿس. ان کان سواءِ سندس لائبرري ۾ تقريباً 3000 کن نقشا پڻ موجود آهن. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ صلاحڪار انجنيئر طور ڪم ڪري چڪو آهي. ان کان سواءِ سون جي تعداد ۾ سندس عالمانه مقالا لکيل آهن. پاڻ مهراڻ يونيورسٽيءَ جو وزيٽنگ پروفيسر به رهيو. سندس تصنيفن مان ڪجهه مکيه ڪتاب هيٺيان آهن:

(1) ’مسلمان عورت‘ (1945ع)،
(2)’سنڌ ۾ آبپاشيءَ جا پنج هزار سال‘،
(3) Ground Water in Hyderabad and Khairpur Division (1964).
Material on Sindh (1977). (4)
. Sindh Cutch Relation (1980) (5)
. Heroic Struggle of Sindh Against Freedom, 1500-1843 (1979) (6) Causes of Decline of Persian in Pakistan (1975). (7)
(8) Chronological Dictionary of Sindh (1983).
(9) Soowra Dynesty

سنڌ جو هي هونهار پٽ 2008ع ۾ گذاري ويو.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي ايم ايڇ پنھور جا ڪُل 6 ڪِتاب موجود آھن


ايم ايڇ پنھور جا ڪتاب

آپ بيتي جڳ بيتي (ايم ايڇ پنھور جي آتم ڪھاڻي)، ليکڪ : ايم ايڇ پنھور

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
آپ بيتي جڳ بيتي (ايم ايڇ پنھور جي آتم ڪھاڻي)
ليکڪ : ايم ايڇ پنھور
پيرائتي سنڌ ڪٿا، مصنف : ايم ايڇ پنھور

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
پيرائتي سنڌ ڪٿا
مصنف : ايم ايڇ پنھور
سنڌ جي ريجاڻي تاريخ جا 6 ھزار سال، مصنف : ايم ايڇ پنھور

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
سنڌ جي ريجاڻي تاريخ جا 6 ھزار سال
مصنف : ايم ايڇ پنھور
تصوير سنڌ (سومرن جي بادشاھيءَ جا نقش ۽ نشانيون)“، مصنف : ايم ايڇ پنھور

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
تصوير سنڌ (سومرن جي بادشاھيءَ جا نقش ۽ نشانيون)“
مصنف : ايم ايڇ پنھور
سنڌ ۽ ڪڇ جا لاڳاپا، مصنف : ايم ايڇ پنھور

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
سنڌ ۽ ڪڇ جا لاڳاپا
مصنف : ايم ايڇ پنھور
آڳاٽي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي، مصنف : ايم ايڇ پنھور

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
آڳاٽي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي
مصنف : ايم ايڇ پنھور
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ