عمر سومرو

Author Name

عمر سومري جا وڏا سنڌ جي ضلعي نوشهري فيروز جي ڳوٺ ڌامڙي ۾ آباد هئا. پاڻ ويهين صديءَ جي ستر واري ڏهاڪي جي پڇاڙيءَ کانوٺي ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو. اڪنامڪس ۾ ماسٽرس ڪيل اٿس. الائيڊ بينڪ ۾ 22 سال ڪم ڪرڻ کان پوءِ سن 2000 ۾ 42 سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي رضا سان رٽائرمينٽ ورتائين.
1991 ۾، ماروئڙا ڳوٺ ڪراچيءَ ۾ ماروئڙا سماجي ساٿ تنظيم ٺاهي، رجسٽرڊ ڪرائي ڳوٺ واسين لاءِ جياپي جون بنيادي سهوليتون حاصل ڪرڻ لاءِ ڀرپور پاڻ پتوڙيائين.
1998 ۾، کيس سومرا برادريءَ جي تنظيم آل سومرا سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن جي سچل يونٽ جو صدر چونڊيو ويو.

1999 ۾، پاڻ سومرا برادريءَ جي تنظيم سومرا نيشنل ڪائونسل - پاڪستان جو بنياد وڌائين ۽ 2000 ۾ ان کي رجسٽر ڪرايائين، جنهن جو پاڻ هنوقت به صدر آهي.
2003 ۾، ڀلوڙ سنڌ پارکُو سائين ايم. ايڇ. پنهور پاران سنڌ جي سومرن ۽ سندن راڄ بابت سائنسي انداز ۾ ڪيل تحقيق کي پنهنجي ٺاهيل مٿي ڄاڻايل تنظيم جي پليٽ فارم تان “ائن اِلسٽريٽيڊ هسٽاريڪل اٽلس آف سومرا ڪنگڊم آف سنڌ” نالي سان ڇپرايائين.
2005 ۾، عمر سومرو اڪيڊمي جوڙيائين.
مٿي ڄاڻايل ڪتاب جو سنڌي ترجمو ڪري 2006 ۾ “تصوير سنڌ – سومرن جي بادشاهيءَ جا نقش ۽ نشانيون” نالي سان پنهنجي جوڙيل عمر سومرو اڪيڊميءَ پاران ڇپرائي پڌرو ڪيائين. 
2008 کان 2010 دوران پاڪستان ٽيليويزن جي چئنلن تي ڪراچي سينٽر تان پيش ٿيندڙ مختلف سنڌي پروگرامن جي ميزباني ڪيائين ۽ اسڪرپٽ لکيائين.
2010 ۾، ڊاڪٽر مهر عبدالحق سومري جي ڪتاب “دي سومراز” جو سنڌي ترجمو ڪري سافٽ ڪاپي تيار ڪيائين، جيڪو ساڳئي سال “سومرا راڄ گھراڻو” نالي سان ثقافت کاتي سنڌ ڇپرايو. 

ايم. ايڇ. پنهور پاران سنڌ ۾ دريائن، نئيُن، واهن، چشمن، کوهن ۽ پاڻيءَ جي ٻين ذريعن ۽ انهن مان ملندڙ پاڻي کيتيءَ لاءِ ڪم اچڻ جي اوائلي جُڳن کانوٺي هلندڙ وقت تائين جي احوال بابت رٿيل ڪتاب “سڪس ٿائوزنڊ ييئرس آف هسٽري آف اريگيشن ان سنڌ” لاءِ ميڙيل مواد کي محقق جي لاڏاڻي کان پوءِ سهيڙي ٺاهي مڪمل سافٽ ڪاپي تيار ڪيائين، جيڪو 2011 ۾ ثقافت کاتي سنڌ ڇپائي پڌرو ڪيو. آبهوا، وايومنڊل، پاڻيءَ جي آندل لَٽَ، ريجاڻيءَ، کيتيءَ ۽ کيتيءَ پاران اَنُ اُپائي سنڌين جو پيٽ ڀري سڀِئتائن ۽ ثقافتن کي اُسرڻ ۾ هٿي ڏيڻ، ڏاڍ راڄ ۽ ٻي سياسي اٿل پٿل، معاشي سکيائپ ۽ ٻاهران ڦورن کي ڇڪي آڻڻ ۾ سندس ڪردار تي نثر سان گڏ 77 نقشن ۽ 890 تصويرن ذريعي ڀرپور روشني وجھندڙ هي ڪتاب پنهنجو مَٽ پاڻ ۽ سنڌ جي تاريخ سان دلچسپي رکندڙن لاءِ هڪ بيمثال سوکڙي آهي.
2011 ۾، ايم. ايڇ. پنهور جي ٽي ڏهاڪا اڳ ڇپيل ڪتاب “ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ” جو سنڌي ترجمو ڪيائين ۽ “پيرائتي سنڌ ڪٿا” نالي سان پنهنجي جوڙيل عمر سومرو اڪيڊميءَ پاران ڇپائي پڌرو ڪيائين.
اهو وِيچاري ته جيئن محقق جي سنڌ بابت unparalleled تحقيقي تصنيف “سڪس ٿائوزنڊ ييئرس آف هسٽري آف اريگيشن ان سنڌ” مان ڀرپور لاڀ پِرائِڻ ۾ سنڌ واسين لاءِ ٻولي رنڊڪ نه بڻجي، انهي جو سنڌي ترجمو ڪري ۽ پنهنجي جوڙيل عمر سومرو اڪيڊميءَ پاران 2013 ۾ ڇپائي پڌرو ڪيائين. ترجمي جي نرالي ڳالهه اها آهي ته ڪتاب ۾ موجود سنڌ جي تاريخ ٻڌائيندڙ 77 نقشا اکر اکر سنڌيءَ ۾ آهن، جيڪي پڙهندڙ جو ڌيان ڇڪڻ بنا کيس اڳتي وڌي وڃڻ نه ڏيندا. ان ريت هي سنڌ تي سنڌي ٻوليءَ ۾ هيتري وڏي انگ ۾ نقشن وارو پهريون ۽ اڪيلو ڪتاب آهي، جنهن جهڙو متان ايندڙ گھٽ ۾ گھٽ اڌ صديءَ ۾ نہ اچي سگھي. 
ايم. ايڇ. پنهور صاحب پاران 1979 ۾ ڏنل ليڪچر “Sindh-Cutch Relations” جو ڊاڪٽر غلام محمد لاکو پاران ڪيل سنڌي ترجمو “سنڌ ۽ ڪڇ جا لاڳاپا” کي ڪتابي شڪل ڏئي پنهنجي اڪيڊميءَ پاران ڇپرايائين، جيڪو ڇپجي 25 ڊسمبر 20116 تي لائق مصنف جي 91هين سالگرهه جي ميڙاڪي ۾ پڌرو ٿيو.
ايم. ايڇ. پنهور صاحب جي ڪتاب “گرائونڊ واٽر اِن حيدرآباد اينڊ خيرپور ڊويزنس”، جيڪو ون يونٽ وارن ڏينهن ۾ پهريون ڀيرو 1964 ۽ پوءِ سڌاري وڌائي 1969 ۾ ڇپيو، جو سنڌي ترجمو “سنڌ ۾ جَر جو پاڻي” نالي سان ڪري سافٽ ڪاپي تيار ڪري رکي اٿس، اميد ته سُتت ڇپجي پڌرو ٿيندو.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي عمر سومرو جا ڪُل 5 ڪِتاب موجود آھن


عمر سومرو جا ڪتاب

پيرائتي سنڌ ڪٿا، سنڌيڪار : عمر سومرو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
پيرائتي سنڌ ڪٿا
سنڌيڪار : عمر سومرو
سومرا راڄ گهراڻو، سنڌيڪار : عمر سومرو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
سومرا راڄ گهراڻو
سنڌيڪار : عمر سومرو
سنڌ جي ريجاڻي تاريخ جا 6 ھزار سال، سنڌيڪار : عمر سومرو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
سنڌ جي ريجاڻي تاريخ جا 6 ھزار سال
سنڌيڪار : عمر سومرو
تصوير سنڌ (سومرن جي بادشاھيءَ جا نقش ۽ نشانيون)“، سنڌيڪار : عمر سومرو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
تصوير سنڌ (سومرن جي بادشاھيءَ جا نقش ۽ نشانيون)“
سنڌيڪار : عمر سومرو
سنڌ ۽ ڪڇ جا لاڳاپا، مُرتب : عمر سومرو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
سنڌ ۽ ڪڇ جا لاڳاپا
مُرتب : عمر سومرو
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ