ڊاڪٽر مھر عبدالحق سومرو

Author Name

ڊاڪٽر مهر عبدالحق سومري جو مختصر تعارف

 پيءُ جو نالو: مهر نور محمد سومرو
(سندس دعويٰ آهي تہ هو آخري سومري بادشاهہ همير جي پندرهين پيڙهي آهي.)

ڄمڻ جي تاريخ: پهرين جون 1915ع
ڄمڻ جو هنڌ: ليّہ
سنڌو درياءَ جي اوڀارئين ڪنڌيءَ تي آباد پنجاب جو هي شهر هاڻ انهي ئي نالي واري ضلعي جو هيڊ ڪوارٽر آهي.

تعليم: ايم. اي، بِي. ٽِي، پِي. ايڇ. ڊي
ملازمت: تعليم کاتو

پهرين فيبروري 1970ع تي پنجاب پراونشل ايجوڪيشن سروس مان رٽائر ٿيو.  پِي. ايڇ. ڊي ڪرڻ وارن لاءِ گائيڊ پڻ رهيو.

علمي ۽ ادبي خدمتون:
1949ع کان 1994ع تائين 45 سالن دوران سندس لکيل، ترجمو ڪيل ۽ ترتيب ڏنل، نثر ۽ نظم ٻنهي تي مشتمل، 41 ڪتابن ۾؛ 21 اردو، 12 سرائڪي، 5 انگريزي ۽ 3 پنجابي ڪتاب شامل آهن، جن منجھان گھڻا ڇپجي چڪا آهن ۽ ڪجھه اڻ ڇپيل آهن.

مڃتا:
1969:  تحقيقي مقالي ”ملتاني زبان اور اس ڪا اردو سي تعلق“ تي دائود ادبي انعام
1980ع: هجره ڪائونسل، حڪومت پاڪستان پاران هجره ايوارڊ
1986ع: ”قرآن مجيد ڪا فلسفه تعليم“ تي وزارت تعليم، حڪومت پاڪستان پاران پنجاهه هزار روپيا روڪ انعام
1987ع:   اڪيڊمي آف ليٽرز پاران خواجا غلام فريد ايوارڊ 
1994ع:   صدارتي ايوارڊ ’پرائيڊ آف پرفارمنس‘ (ادب) 

وفات: 23 فيبروري 1995ع

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي ڊاڪٽر مھر عبدالحق سومرو جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


ڊاڪٽر مھر عبدالحق سومرو جا ڪتاب

سومرا راڄ گهراڻو، مصنف : ڊاڪٽر مھر عبدالحق سومرو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
سومرا راڄ گهراڻو
مصنف : ڊاڪٽر مھر عبدالحق سومرو
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ