گل ڪونڌر

Author Name

نامِوَر ڪهاڻيڪار، شاعر، اديب ۽ ايڊيٽر، گل ڪونڌر جو پورو نالو گل محمد ولد بشير احمد ڪونڌر آهي. سندس جنم 05  سيپٽمبر 1963ع  تي ڳوٺ مڏ ڪونڌر لڳ خانواهڻ، ضلعي نوشهروفيروز ۾ ٿيو. سندس تعليم ايم اي ايڪنامڪس، ايم ڪام ۽ ايل ايل بي آهي، هن وقت گورنمينٽ ڪاليج  ڪارِي مَورِي حيدرآباد ۾، پروفيسر جي حيثيت سان، فرائض سرانجام ڏئي رهيو آهي. ننڍپڻ کان علم ادب سان دلچسپي رکندڙ  گُل ڪونڌرَ، جُونِ 1994ع  کان ادبي رِسالَي”ماهوار اَدبَ“ جي اشاعت جو سلسلو شروع ڪيو، جيڪو ”ادب اشاعت گهر حيدرآباد“ جي پليٽ فارم تان، مَئي 2006ع تائين جاري رهيو، هِنَ رِسالَي جَي ڊڪليئريشن جو مسئلو پيدا ٿيڻ ڪري، 112 کان 138 عدد تائين وارا پرچا ”ماهوار اديب“ جي نالي سان شايع ٿيا. گُلُ ڪونڌرَ رسالي جو ايڊيٽر هجڻ دوران ڪيترن ئي نوجوان شاعرن، ڪهاڻيڪارن  ۽ نثر نگارن کي ادب/اديب جي ذريعي متعارف ڪرايو. ادب/اديب رسالي 65 نامِوَر اديبن جا خاص نمبر ۽ ڪارنر شايع ڪيا، جيڪي ادب جي ميدان ۾ تحقيق ڪندڙن لاءِ بيحد لاڀائتا آهن. گُلُ ڪُونڌَرَ جون سَوَنِ جي تعداد ۾ ڪالم، ڪهاڻيون، مقالا ۽ مضمون مختلف سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. گل ڪونڌر سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري، ساس شاخ حيدرآباد جو ڪيترا دفعا سيڪريٽري، ڪائونسلر ۽ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر پڻ رهي چڪو آهي. علم ادب سان سلهاڙيل هئڻ سان گڏوگڏ گُلُ ڪونڌرُ، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سان لاڳاپيل رهيو آهي، هُو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان مقامي خبرون پڙهڻ کان علاوه، پروگرام ”رنگ ترنگ“ جو ميزبان رهيو آهي، ۽ هن وقت ريڊيو جي مقبول پروگرام ”صُبحِ مهراڻ“ جو ڪمپيئر آهي. گُلُ ڪُونڌَرَ جا ٽَي ڪهاڻِي ڪِتابَ ”ڏُکَ سُکَنِ جِي سُونهَن“، ”سَندِي لارَ ماکِيءَ“ ۽ ”مائِي مُجاوِرُ“ شايع ٿيَل آهن، جڏهن ته  شاعريءَ جا ٻه ڪتاب ”شَفَقَ جَي پارِ“ ۽ ”تُنهِنجَي آئَي پِرِين“ به ڇپيَلَ آهن. گُلُ ڪونڌَرَ جي ايندڙ ڪتابن ۾ ”سِنڌُ جِيان مُون کي وَڻَندِي آهِين“ (شاعري)، ”سَدَا رَهَي رُوحَ رِهاڻ“ (مضمون، مهاڳ ۽ مقالا)، ”بَندِ ڪَليُن مان ٽِڙندا گُلَ“ (ناوِلُ)، ”مِينهَن وَسندا مَوٽُ تون“ (ناوِلُ)، ”ڏُک سُکَنِ جِي سُونهن“ (ناوِلُ)، ”صُبحِ مَهراڻ“ (ريڊيو اسڪرپٽ)، ”هِڪَ دؤرَ جِي تاريخَ“ (خطن تي مُشتمل ڪتابُ)، ”چُونڊ اِنٽرويوز“ (اديبن جا انٽرويو)، ”چونڊ ڪهاڻيون“ (ماهوار ادب ۾ شايع ٿيَلَ ڪهاڻيون) سَرِ فهرست آهن. گُلُ ڪونڌر جَي شاعريءَ جا هڪ سؤ کان وڌيڪ اِسمَ مختلف فنڪارن جي آواز ۾ رڪارڊ ٿيَلَ آهن، جيڪي ريڊيو  پاڪستان ۽ ايف ايم چينلز تان نشر ٿيندا رهن ٿا. گُلُ ڪونڌَرُ گھر نمبر 368 مُحله ڪلهوڙا ڪالوني حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي گل ڪونڌر جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


گل ڪونڌر جا ڪتاب

مائي مجاور، ليکڪ : گل ڪونڌر

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
مائي مجاور
ليکڪ : گل ڪونڌر
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ