اڪبر لغاري

Author Name

ناليواري اديب، نقاد، تنقيدنگار ۽ ڪهاڻيڪار اڪبر لغاريءَ جو جنم، 30 نومبر 1963ع تي ڀاڻوٺ ڀرسان ڳوٺ ٽالهي خان لغاري، تعلقي هالا ضلعي مٽياريءَ ۾ٿيو.هن ابتدائي تعليم ڳوٺ مان،ميٽرڪ ۽ انٽر هالا مان، ماسٽرس اڪنامڪس ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان 1987ع ۾ ڪئي.ان کان سواءِ سنڌ مسلم لا ڪاليج ڪراچيءَ مان 2003ع ۾ قانون جي ڊگري (LLB)پڻ حاصل ڪيائين.اڪبر لغاري شروع ۾ تعليم کاتي ۾ J.S.T مقرر ٿيو ۽ ان حيثيت ۾ ڳوٺ مبارڪ جروار، حمايت الاسلام هاءِ اسڪول حيدرآباد ۽ هوپ فل هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ پنهنجا فرض نڀائيندو رهيو. 1991ع ۾سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ليڪچرار مقرر ٿيو، جنهن دوران گورنمينٽ پاڪستان ڪاليج سعيدپور ۽ بدين ۾ نوڪري ڪيائين . 1992ع ۾سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جوگڏيل چٽاڀيٽيءَ وارو امتحان پاس ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر مقرر ٿيو ٽريننگ بعد 1993ع ۾ مورِي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرمقرر ٿيو. 1994ع ۾ ريلوي مئجسٽريٽ حيدرآباد، 1995ع ۾ ايس. ڊي. ايم مٺي، 1996ع ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر دادو، 1997ع ۾ ايس. ڊي. ايم ڊگهڙي، 1998ع ۾ سيڪريٽري RTA حيدرآباد، 1999ع ۾ ايس. ڊي. ايم ميرپور خاص، 2000ع ۾ سٽي مئجسٽريٽ ڪراچي (سائوٿ)، 2001ع ۾ ڊيِ. اِي. او فنانس سانگهڙ، 2002ع ۾ ٽِي. ايم. او ڪورنگي ڪراچي، 2003ع ۾ ڊائريڪٽر ٽوئرزم، 2003ع ۾ ئي ڊپٽي سيڪريٽري ثقافت ۽ سياحت کاتو، 2004ع ۾ اِي. ڊِي. او روينيو دادو، 2005ع ۾ اِيِ. ڊِي. او روينيو ڄامشورو، 2007ع ۾ ڪين ڪمشنر حيدرآباد ۽ 2008ع ۾ ڊِي. سي. او عمرڪوٽ،سيڪريٽري روينيو، ڊائريڪٽر آبادي ۽ ترقي کاتو، ايڊيشنل سيڪريٽري سماجي بهبود ۽ صنعت کاتو وغيره عهدن تي فائز رهيو. ترقي ملڻ بعد مڪاني کاتي جو اسپيشل سيڪريٽري ۽ بحاليءَ واري کاتي ۾ سيڪريٽري ٿي رهيو، جنهن بعد لاڙڪاڻي جو ڪمشنر مقرر ٿيو، جڏهن ته پاڻ 2016ع کان ثقافت کاتي جو سيڪريٽري آهي. اڪبر لغاري لکڻ جي شروعات 1992ع ڌاري ڪئي.سندس ڪيترائي مضمون ۽ مقالا مختلف اخبارن ۽ رسالن: روزاني ڪاوش، ٽه ماهي مهراڻ ٽه ماهي سارنگا وغيره ۾ ڇپجندا رهن ٿا. اڪبر لغاري جتي به رهيوآهي، اتي ادبي سرگرمين کي هٿي وٺرائي اٿائين.پنهنجي ڳوٺ ۾ علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي نالي سان لائبرري قائم ڪرڻ کان سواءِ مانجھند شهر ۾ ’استاد حيدر علي لغاري لائبرريءَ‘ ، روحل واءِ عمرڪوٽ ۾ ’حليم باغي لائبرريءَ‘ جو بنياد وڌائين لاڙڪاڻي ۾ ڪمشنر هجڻ دوران سنڌ آرٽ ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي جو صدر رهيو ۽ ادبي شعبي سميت ٻين مختلف شعبن کي فعال ڪرائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيائين. اڪبر لغاري شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ شيخ اياز ڪانفرنسون پڻ ڪرايون آهن. هن ڪيترن ئي اديبن جي ڪتابن جا مهاڳ ۽ تاثر پڻ لکيا آهن.سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”سنڌي ادب جو مختصر جائزو“ (روشني پبليڪيشن: ڪيترائي ڇاپا) ”فلسفي جي مختصر تاريخ“ (2003ع)، ”ادبي تنقيد جي تاريخ“ (ماءِ پبليڪيشن سکر:2016 ) ”ڪوي عمر ڪوٽ جا“ 2010ع ”عمر ڪوٽ ايامن کان“2010 ع قابل ذڪر آهن. کيس خدمتن عيوض ڪيترائي اوارڊ پڻ مليا آهن ، جن ۾ Icon of Pakistan Award:2016 اهم آهي. اڪبر لغاري آمريڪا سميت ڪيترن ئي ملڪن جو سير ڪري چڪو آهي. سندس شادي نامور اديب شهناز شورو سان ٿيل آهي.جنهن مان کيس ٻن ٻارن جو اولاد آهي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي اڪبر لغاري جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن


اڪبر لغاري جا ڪتاب

فلسفي جي مختصر تاريخ، ليکڪ : اڪبر لغاري

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
فلسفي جي مختصر تاريخ
ليکڪ : اڪبر لغاري
سنڌي ادب جو مختصر جائزو، مصنف : اڪبر لغاري

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
سنڌي ادب جو مختصر جائزو
مصنف : اڪبر لغاري
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ