منظور سولنگي
سنڌ جو نالي وارو شاعر، تجزيہ نگار، سوشلسٽ صحافي، دانشور ۽ ليکڪ منظور سولنگي 25 آگسٽ 1964ع تي ساهتي پرڳڻي جي ڀريا تعلقي جي هڪ ننڍي ڳوٺ ”ڪوڙي جا ڀاڻ“ ۾ پيدا ٿيو. جنهن کان پوء سندس وڏا ٺٽ سولنگي لڏي آيا. اوائلي سکيا پڻ ٺٽ سولنگيءَ ۾ پِرايائين. سندس هڪ ڪتاب” سنڌ هڪ درد ڪھاڻي آ“ ڇپجي چڪو آھي. انکان سواءِ سندس سياست، سماجيات ۽ ڪرنٽ افيئر تي ڪيترائي مضمون، ڪالم، ڊاڪيونينٽريز ڇپجي چڪا آھن. هو سنڌي اخبار ”الک“ جو ايڊيٽر بہ رهي چڪو آھي. ڪاوش اخبار ۾ سندس سلسلي ”سچ وڏو ڏوهاري آھي گهڻي مقبوليت ماڻي. سندس ھڪ مشھور گيت ” مَنھَن ڇَپرن لوڙھن ۽ گهر گهر ۾ گوليون“ تمام گهڻو مشھور ٿيو.
منظور سولنگي سنڌ جي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن اديبن، شاعرن ۽ صحافين مان آهي جنھن جي سوچڻ، سمجهڻ، لکڻ توڙي بيان ڪرڻ جو انداز نرالو آهي، ڀٽائي جي سٽ، ”اک الٽي ڌار“ وانگر ڪنهن وڏي اديب، شاعر ۽ صحافيءَ جو نقل ڪرڻ بدران هو پنهنجي ڏات، ڏانءَ ۽ انداز سان لکندو رهيو آهي. منظور سولنگي ادب توڙي صحافت ۾ ڪيترائي نوان لفظ، محاورا ۽ انداز متعارف ڪرايا آهن. سنڌ ٽي وي تي ڪم ڪرڻ دوران هن ”شھيد راڻي“، ”ڀٽو -صدين جي صدا“، ( Bhutto-The Man of Millennium)،” مھا ٻوڏ“، ”ڀٽائي- سنڌ جو فڪري امام“، جھڙا لفظ، محاورا ۽ عنوان متعارف ڪرايا، جيڪي اڳتي هلي ضرب المثل بڻجي ويا.
- جنم: 1964-08-25
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل