مولانا محمد انس راڄپر
مترجم ۽ ليکڪ مولانا محمد انس راڄپر 30 آڪٽوبر 1961ع تي ڳوٺ ڏنگيجا ضلعي نوشھري فيروز ۾ پيدا ٿيو. فاضل درس نظامي (شھادت العالميه) ۽ ايم. فل (اسلاميات) ڪئي اٿائين. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ ريسرچ لئبريريءَ جي ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ طور ڪم ڪري رهيو آھي، سندس ڪيتريون ئي تحريرون شايع ٿيل آھن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) الله عليه وسلم'>حيات محمد صلي الله عليه وسلم (حسنين ھيڪل جي ڪتاب جو ترجمو: 2001ع)، مفتاح الصلواة: فتح محمد سيوهاڻيءَ جي فارسي ڪتاب جو ترجمو: 2006ع)، (3) امام شاھ ولي الله جو فلسفو (مولانا عبيدالله سنڌي، ترجمو: 2003ع)، (4) قرآن سمجهڻ جا اصول (الله دھلوي'>شاھ ولي الله دھلوي، ترجمو: 2002ع)، فرائض السلام (مخدوم محمد ھاشم ٺٽويءَ جي جديد سنڌي صورتخطيءَ ۾ ترتيب: 2010ع) شامل آھن. ھو ھن وقت حيدرآباد ۾ رهي ٿو .
- جنم: 1961-10-30
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل