نقش ناياب منگي

نامياري شاعر، نرالي نثر نويس ۽ مستند مؤرخ ۽ محقق نقش ”ناياب“ منگيءَ، 7 ڊسمبر 1948ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو. سندس اصل (مائٽاڻو) نالو ’حق نواز‘ هو، جڏهن تہ کيس ’امام بخش‘ جي عرفيت سان بہ سڏيو ويندو هو. سندس رسمي تعليم انٽر آرٽس هئي. ’نقش‘ پنهنجي روزيءَ ۽ روزگار جي سلسلي جو آغاز آبپاشي کاتي ۾ ملازمت سان ڪيو. جڏهن 17 سالن جو ٿيو تہ 1965ع ڌاري ادبي کيتر ۾ پير پاتائين، جيڪا وابستگي سندس پوئين ساهَہ تائين سندس سُڃاڻپ رهي.
’نقش‘، بنيادي طور تي شاعر هو ۽ هُو مزاجاً بہ شاعر ئي لڳندو هو، پر نثر ۾ مضمون نويسيءَ، ڪالم نگاريءَ ۽ خاڪا نويسيءَ کان علاوہ، تحقيق ۾ پڻ پنھنجي قلمي خدمتن سان سنڌي ادب جي جهولي ڀريائين. تحقيق جي حوالي سان هُن نہ رڳو پاڻ شڪارپور ضلعي جي عمُومي ۽ شڪارپور شھر جي خصوصي طرح تاريخ تي لکيو، پر شڪارپور جي تاريخ بابت ٻين اديبن جي لکڻين کي پڻ سھيڙي شايع ڪرايو، اهو ئي سبب آهي، جو سندس ڇپيل 5 ڪتابن منجهان 4 ڪتاب رڳو شڪارپور جي تاريخ تي ٻڌل آهن، جن ۾ ”شڪارپور ــ هڪ اڀياس“ سندن طبع زاد تحقيق آهي، جڏهن تہ ”شڪارپور سيمينار“ تحقيقي ڪتاب جي سھيڙ جو سھرو سندس سِرَ تي آهي ۽ ”شڪارپور ــ صدين کان“ ڪتاب ۾ سندن معاونت شامل رهي. ”شڪارپور ـ تاريخ جي آئيني ۾“ سندن چوٿون ڪتاب آهي، جيڪو سندن وفات کانپوءِ ڪجهہ ورهہ اڳ سندس فرزند، حسيب ناياب منگيءَ سھيڙي ”شڪارپور ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سُوسائٽيءَ“ پاران پڌرو ڪرايو آهي. سندن پنجون ڪتاب ”اسانجا اديب، اسانجا شاعر“ جي سَري هيٺ سنڌي اديبن ۽ شاعرن جي تعارفن توڙي سندن تخليقن تي ٻڌل، متعدد ڪتابن تي ٻڌل ڪتابي سلسلو آهي، جنھن ۾ هن پنهجي پڳ مَٽ يارَ، ۽ نامياري اديب ۽ صحافيءَ، غلام رسول ميمڻ سان معاونت ڪندي هن منفرد ادبي ڊائريڪٽريءَ کي پنھنجي دؤرَ جي شھرہ آفاق ادبي سلسلي طور مڃتا ڏياري، جڏهن تہ سندس اڻ ڇپيل ڪتابن ۾  ”جيءَ جيارا ماڻھو“ (خاڪا، مضمون ۽ مقالا) ۽ ”ايندي خزان کانپوءِ بھار“ (شاعري) شامل آهن. سندس شاعريءَ جي ڪتاب کي سُتت پڌري ٿيڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ تہ شاعر جي حيثيت ۾ ’نقش‘ جي اظھار جا نقشَ، ايڏا اثرائتا آهن، جن کي سنڌي ادب جي پڙهندڙن تائين ضرور پھچڻ گهرجي.
نقش ”ناياب“ منگيءَ جي نہ رڳو مختلف علمي، ادبي ۽ تحقيقي تنظيمن توڙي انجمنن سان گھري وابستگي رهي، بلڪہ هن ڪيترين ئي تنظيمن جو پاڻ بنياد رکي، انھن کي سرگرم ڪرڻ ۾ پڻ پنھنجو اهم ترين ڪردار ادا ڪيو، جنھن جو سڀ کان روشن مثال ”شڪارپور ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سُوسائٽي“ آهي، جنهن جو پاڻ باني ميمبر ۽ ان سٿ جو اهم ساٿي رهيو، جن پنھنجو رتُ، ستُ ڏئي، تاريخ جي سھيڙَ جي ڏس ۾ جوڙيل هن اهم تنظيم جو پايو وڌو، جيڪا اڄ سُوڌو شڪارپور جي تاريخ جي سھيڙ جو ڪم احسن طريقي سان انجام ڏئي رهي آهي. رڳو ايترو ئي نہ، بلڪہ هُو ”سنڌي ليکڪ يادگار ڪميٽيءَ“، ”مھراڻ پبليڪيشن، شڪارپور“ ۽ ”ڪتاب محل پبليڪيشن، شڪارپور“ جو باني ميمبر پڻ رهيو.
پاڻ 7  آڪٽوبر 2011ع تي هن جھان مان لڏي، عدم جو راهي ٿيو.
 

  • جنم: 1948-12-07
  • ورسي: 2011-10-07
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب