جبران زيب

نالو: جبران زيب 
ولد: محمد خان شيخ (زيب سنڌي) 
پيدائش جو  ھنڌ:  لاڙڪاڻو 
پيدائش جي تاريخ: 25 آگسٽ 1985 
تعليم: 
تعليم جي شروعات بقا گرامر اسڪول لاڙڪاڻو. 
پنجون ڪلاس: ايگل اسڪول نسيم نگر قاسم آباد، حيدرآباد. 
ميٽرڪ: ماڊل اسڪول اولڊ ڪيمپس. 
انٽرميڊيئٽ: گورنمينٽ بوائز ڪاليج قاسم آباد حيدرآباد. 
گريجوئيشن: سچل سرمست آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج تلڪ  چاڙهي،  حيدرآباد. 
ايم اي سنڌي: سچل سرمست آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج، تلڪ  چاڙهي.  
ماسٽرس ان پبلڪ ايڊمنسٽريشن، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو.

براڊڪاسٽئنگ جي شروعات: 2003ع کان ريڊيو کان پاڪستان حيدرآباد جي ڊيسڪ جا ڪي پروگرام صبح  مھراڻ  کان ٿي ۽  ھن  وقت تائين جاري  آھي.  

ملازمت جي شروعات: ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي پروڊيوسر جي حيثيت سان ٿي، 
ريديو پاڪستان حيدرآباد جا مقبول پروگرام: صبح  مھراڻ،  ٻارڙن جي ٻاري، ادبي سنگت،  سگهڙين  سٿ، سنگيت مالا،  ھم  نوجوان (اردو)، يونيورسٽي ميگزين،  ھيلو  ريڊيو حيدرآباد، لوچين سي  لھن،  پڇن سي پسن، فيچر ۽ ڊاڪيومينٽريز سان گڏ ٻين ڪيترن ئي پروگرام کي پروڊيوسر جي حيثيت سان پيش ڪيو. ان کان  علاوہ  ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي مڪمل ميوزڪ لائبريري کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ ۾  سھڪار  پڻ  رهيو.  حضرت  شاھ  عبداللطيف ڀٽائي رح جن جو اردو رسالو رڪارڊ ۽ ايڊٽ ڪيو جيڪو مختلف ريڊيو اسٽيشن تان نشر ڪيو وڃي ٿو. 
سال 2023ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ کي جوائن ڪيو ۽  ھن  وقت  ٽماھي   مھراڻ  رسالي جي ايڊيٽر جي حيثيت سان ڪم ڪري  رهيو   آھي.

ادبي خدمتون: سعادت حسن منٽو جون  ڪھاڻيون   (سھيڙيندڙ  جبران زيب)  ھن  ڪتاب کي سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري پاران ايوارڊ ڏنو ويو.  ڪھاڻيون،  نثري نظم ۽ مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿي چڪا  آھن.
 

  • جنم: 1985-08-25
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب