ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻ

Author Name

پروفيسر ڊاڪٽر امجد سراج 31 جنوري 1963ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو .سندس تعلق سنڌ جي هڪ علمي ادبي گهراڻي سان آهي. سندس والد سراج الحق ميمڻ سنڌي ٻوليءَ جو برک اديب، ماهر لسانيات، عالم هو. ڊاڪٽر امجد ڪئڊٽ ڪاليج پيٽاري مان انٽر ڪئي. ايم بي بي ايس جي ڊگري ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي (هاڻي يونيورسٽي) مان وٺڻ کانپوءِ آئرلينڊ مان ايف آر سي ايس ڪري ڪجهه وقت اتي ئي ملازمت ڪئي. ان کانپوءِ ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽيءَ ۾ استاد مقرر ٿيو. 2007ع ۾ پروفيسر آف سرجري، 2017ع ۾ شعبي جو چيئرمئن ۽ پوءِ ڊين ٿيو. 2020ع ۾ ميريٽوريس پروفيسر پڻ ٿيو. 2019ع ۾ ڊائو ميڊيڪل ڪاليج جو پرنسپال ۽ جولاءِ 2021ع ۾ جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو. ڊاڪٽر امجد سراج جا پنهنجي ميڊيڪل جي شعبي ۾ مختلف موضوعن تي قومي ۽ بين الاقوامي ريسرچ جرنلن ۾ 40 کان وڌيڪ تحقيقي مقالا ڇپجي چُڪا آهن. سنڌي ادب ۾ ترجمن جي حوالي سان هو سُٺي شھرت رکي ٿو. سنڌيءَ کان انگريزي ۽ انگريزيءَ کان سنڌي ترجمي جا سندس 13 ڪتاب هيٺينءَ ريت ڇپجي چُڪا آهن: (1) ڊاڪٽر فھميده حسين جي ڪتاب ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“ جو انگريزي ترجمو“Image of Women in Shah Latif’s Poetry” جيڪو شاهه لطيف چيئر پاران 2005ع ۾ ڇپيو. (2) Selection from Shah jo risalo شاهه لطيف جي 200 بيتن جو انگريزي ترجمو، سندس ڀاءُ نويد سراج سان گڏ ڪيل، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن پاران 2006ع ۾ ڇپيو. (3) سراج جي جڳ مشهور ڪتاب” سنڌي ٻوليءَ “جو ترجمو Sindhi Languageجي نالي سان ،جيڪو سنڌي لئنگيئج اٿارٽيءَ 2009ع ۾ ڇپيو. (4) ”سنڌي ٻوليءَ جو گرامر“ ڊاڪٽر ارنسٽ ٽرمپ جي انگريزي ڪتاب ”The Grammar of Sindhi Language“ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو، جيڪو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ڇپيو. (5) ”فرينچ انقلاب“ جڳ مشهور ڪتاب جو ترجمو، سنڌ يونيورسٽيءَ پاران ڇپيل. (6) سيد مظهر جميل جي اردو ڪتاب ”محمد ابراهيم جويو ايڪ صدي ڪي آواز“ جو Muhammad Ibraheem Joyo: The Voice of a Century سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ پاران ڇپيل. (7) Role Of Education in socio-Political and Economic Conditions of Larkana District. ڊاڪٽر غلام حسين سانگيءَ جي پي ايڇ ڊي ٿيسز جو انگريزي ترجمو EFT پاران ڇپيل. (

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻ جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن


ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻ جا ڪتاب

معصوم يا دھشتگرد، سنڌيڪار : ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻ

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
معصوم يا دھشتگرد
سنڌيڪار : ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻ
سنڌي ٻوليءَ جو گرامر، سنڌيڪار : ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻ

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
سنڌي ٻوليءَ جو گرامر
سنڌيڪار : ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻ
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ