course image
Allama Syed Suleman Nadvi

علامہ سيد سليمان ندوي

علامہ سيد سليمان ندوي  22 نومبر 1884ع  تي موضع ديسنہ ضلعي عظيم آباد ۾ پيدا ٿيا. هي وڏو مرد م خيز خطو آھي. ھن ننڍڙي ڳوٺ ۾ جيترا گريجوئيٽ پيدا ٿيا، ايترا پاڪ ھند جي ڪنھن ٻئي ڳوٺ ۾ پيدا نہ ٿيا ھوندا. سندن والد ماجد جو نالو ابوالحسن ھو. مولانا سيد سليمان ندوي ابتدائي تعليم ڳوٺ ڦلواري ڀنگہ ۾ حاصل ڪئي. ان کان پوء دارالعلوم ندوةالعلماء لکنئو  ۾ تعليم حاصل ڪئي. انھي زماني ۾ علامہ شبلي نعماني، مولانا ندوي صاحب کي پنھنجي حلقہ تلمذ ۾ شامل ڪري ورتو. سيد صاحب جڏهن فارغ التحصيل ٿيا تہ انھي اداري سان وابستہ ٿي ويا، پر ھو بھتر ملازمت جي سلسلي ۾ حيدرآباد وڃڻ چاھيندا ھئا. علامہ شبلي نعماني ڪوششون بہ ڪيون، پر انهن کي ڪاميابي نہ ملي. ھن سلسلي ۾ سيد صاحب 1908ع ۾ حيدرآباد بہ ويا ھئا پر قدرت کي انهن کان ڪجهہ ٻيو ئي ڪم وٺڻو ھو. سيد سليمان ندوي صاحب عربي زبان تي بہ وڏي قدرت رکندا ھئا. دارالعلوم ندوة جي سالياني اجلاس ۾ سيد صاحب پھريون ڀيرو عربي ۾ برجستہ تقرير ڪئي جنھن کي ٻڌي علامہ شبلي ان قدر خوش ٿيا جو انھن جلسي ۾ پنھنجو عمامو لاھي ندوي صاحب جي مٿي تي رکيو. سيد صاحب ڪجهہ عرصو دارالعلوم ۾ تدريس جون خدمتون انجام ڏنيون جڏهن تہ ڪجهہ عرصي تائين "الھلال" ۾ مولانا ابو الڪلام آزاد سان گڏ ڪم ڪيو. ان کان پوءِ ھو دکن ڪاليج پونا ۾ ٻہ سال تائين فارسي جا اسسٽنٽ پروفيسر رهيا. مارچ 1911ع ۾ سيد صاحب کي ٻيھر حيدرآباد وڃڻ جو موقعو مليو.1941ع ۾ جڏهن علامہ شبلي نعماني جو انتقال ٿيو تہ سيد صاحب دکن ڪاليج پونا ۾ ليڪچرر ھئا. علامہ صاحب انھن کي وصيت ڪئي ھئي تہ سڀ ڪم ڇڏي ڪري سيرت النبي ﷺ جي مڪمل ڪرڻ ۽ اشاعت جو فرض ادا ڪن. تنھنڪري سيد صاحب ملازمت ڇڏي ڏني. سندن نظر ۾ ٻہ اھم منصوبا مڪمل ڪرڻا ھئا. ھڪ سيرت النبي ﷺ جي تصنيف ۽ تاليف ۽ ٻيو دار المنصنفين جي نو خيز ٻوٽن جي آبياري ڪرڻ.  انھن ھر طرف کان منھن موڙيندي پنھنجي پاڻ کي انھن مقصدن لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. بالآخر وڏي خوش اسلوبي سان انھن پنھنجي استاد جي نامڪمل ڪتاب کي پائيہ تڪميل تائين پھچايو، جنھن سبب علمي دنيا ۾ سندن نالو ڏيھان ڏيھہ مشھور ٿي ويو. پاڻ سيرت رسول صہ جا پويان چار جلد مرتب ڪيا اٿن. 
علامہ سيد سليمان ندوي کي تاريخ ۽ ادب سان خاص لڳاؤ ھو. پاڻ سيرت، سوانح، مذھب، زبان ۽ ادب جي مسئلن تي تحقيقي ڪم ڪيو اٿن ۽ ماھنامہ معارف جاري ڪين ۽ ان جي ذريعي دين ۽ ادب جي مضبوط خدمت ڪئي اٿن. 1950ع ۾ ندوي صاحب پاڪستان لڏي آيا ۽ ڪراچي ۾ آباد ٿيا. ندوي صاحب ھڪ بلند پايہ عالم، مورخ، مصنف ۽ مدبر ھئا. سندن تصانيف ۾ سيرت النبي حصو ٽئين کان ڇھون، خطبات مدارس، عرب ۽ ھند جا تعلقات، عربن جي جھاز راني، سيرت عائشہ، حيات شبلي، خيام ۽ نقوش سليماني شامل آھن. علامہ سليمان ندوي کي شعر و سخن جو بہ شوق ھو. انھن جو شعري مجموعو "ارمغان سليمان" جي عنوان سان شايع ٿيو. سندن خدمتن جي اعتراف ۾ حڪومت پاڪستان کيس "نشان سپاس" سان نوازيو. 23 نومبر 1953ع تي مجاھد اسلام، عالم، اديب، شاعر علامہ شبلي نعماني جي رفيق ۽ شاگرد، مؤلف "سيرت النبي"  مولانا سيد سليان ندوي دار فاني کان ڪوچ ڪيو ۽ مالڪ حقيقي سان وڃي مليو. مولانا جي آخري آرامگاھ اسلاميہ ڪاليج ڪراچي جي پٺيان ھڪ احاطي ۾ واقع آھي. سندن تدفين وقت سفير شام چيو تہ اسان سليمان ندوي کي دفن نہ پيا ڪريون، پر انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام کي دفن ڪري رھيا آھيون.

  • جنم: 1884-11-22
  • ورسي: 1953-11-23
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image