حسين بادشاھہ

Author Name

ليکڪ، مترجم ۽ محقق، حسين بادشاھ جو پورو نالو محمد حسين بادشاھ  آهي. هن 29 آڪٽوبر 1967ع تي محمد موسيٰ سومري جي گهر جنم ورتو، جيڪو پڻ اديب ۽ ترجمي نگار هو. حسين بادشاھ پرائمري تعليم ڪراچيءَ جي هڪ اسڪول مان حاصل ڪئي؛ مڊل تائين سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ ۽ مئٽرڪ نور محمد هاءِ اسڪول مان پڙهيو. انٽرميڊئيٽ بہ حيدرآباد مان ڪرڻ بعد هن بي. اي ۽ ايم. اي (پوليٽيڪل سائنس) 1994ع ڌاري سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي. کيس ننڍپڻ کان لکڻ پڙهڻ جو شوق رهيو. هن مختلف سنڌي اخبارن ۾ رپورٽر ۽ ڪمپيوٽر آپريٽر طور بہ ڪم ڪيو، روزاني جنگ جو رپورٽر بہ رهيو، سنڌي اخبارن ۾ ڪالم، مضمون ۽ فيچر به لکيائين. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن:
(1) ’حيدرآباد جي تاريخ ‘ (ترجمو: 2003ع)، (2) ’ڏند ڪٿائون ۽ قصا‘  (2003ع)، (3) ’سنڌ جو سوشلسٽ صوفي: شاھہ عنايت شھيد‘ (سھيڙيل: 2004ع)، (4) ’رامائڻ‘: راج گوپال (ترجمو: 2004ع)، (5) ’زلفي منھنجو دوست‘ (ترجمو: 2005ع)، (5) ’سنڌ ۾ جاگيرن جي تاريخ‘ (ترجمو: 2005ع)، (6) ’ميرا دوست زلفي‘ (2005ع)، (7) ’سنڌي واپاري‘ (ترجمو: 2005ع)، (8) ’سنڌ جا پير‘ (برطانوي دور: ترجمو)، (9) ’پاڪستان پينل ڪوڊ 1860‘ (ترجمو: 2006ع)، (10) ’سماجي معاهدو‘ (2006ع)، (11) ’سنڌ گزيٽيئر‘: اِي. ايڇ. ائٽيڪن (ترجمو: 2006ع)، (12) ’هٽلر جي آتم ڪھاڻي‘ (ترجمو)، (13) ’گوتم ٻُڌ‘ (ترجمو)، (14) ’هير رانجهو‘ (ترجمو: 2007ع)، (15) ’سرچاءُ‘ (شھيد بينظير ڀٽو: ترجمو: 2008ع)، (16) ’منھنجي پياري ڌيءُ پنڪي‘ (ترجمو:2008ع)، (17) ’ڌرتيءَ ڌيءُ‘ (محترمہ بينظير شھيد جي آتم ڪھاڻي: ترجمو:2008ع)، (18) ’سنڌي واپارين جو بخارا کان پناما تائين واپار‘ (ترجمو).


سنڌسلامت ڪتاب گهر تي حسين بادشاھہ جا ڪُل 4 ڪِتاب موجود آھن


حسين بادشاھہ جا ڪتاب

ڌرتيءَ ڌيءُ، سنڌيڪار : حسين بادشاھہ

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ڌرتيءَ ڌيءُ
سنڌيڪار : حسين بادشاھہ
سنڌي واپاري، سنڌيڪار : حسين بادشاھہ

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
سنڌي واپاري
سنڌيڪار : حسين بادشاھہ
ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ 1898ع، سنڌيڪار : حسين بادشاھہ

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ 1898ع
سنڌيڪار : حسين بادشاھہ
انسان جي ڪھاڻي، سنڌيڪار : حسين بادشاھہ

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
انسان جي ڪھاڻي
سنڌيڪار : حسين بادشاھہ
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ