مولانا ابوالڪلام آزاد

Author Name

 مشهور مفڪر، عالم دين ۽ عظيم سياستدان ھو. سندس سڄو نالو محي الدين احمد بن خيرالدين الحسيني ڪنيت ’ابوالڪلام‘ ۽ تخلص ’آزاد‘ هو. کيس اردو، ھندي ، عربي ،فارسي ۽ انگريزي ٻولين تي عبور ھيو. مذھب ۾ ھي ديوبندي خيالن جي ويجھو رھيو.
 آگسٽ 1888ع ۾ مڪي شريف ۾، باب سلام جي ويجهو، قدوه محلي ۾ محي الدين احمد نالي فرزند ڄائو، جيڪو اڳتي هلي عالم اسلام جو جيد عالم ٿيو ۽ ابوالڪلام آزاد جي نالي سان مشهور ٿيو[1]. سندس پيءُ ھندوستاني ۽ ماء عرب ھئي جيڪي ھن جي پيدائش بعد مڪي کان ڪلڪتي لڏي آيا[3]. سندس پيءُ خيرالدين 1831 ۾ ڄائو ۽ 1908 ۾ وفات ڪئي[4]. سندس پيءُ مولانا خيرالدين الحسيني 12 ڪتاب لکيا ۽ سندس کوڙ مريد ھيا[5]. 
اخبار نويسيءَ جو شوق 11 سالن جي عمر کان هئس. 1899ع ۾ ’نيرنگ خيال‘ رسالو ڪڍيائين، جيڪو 8 مهينا هليو. 1900ع ۾ ’المصباح‘ رسالو ڪڍڻ لڳو. 1903ع ۾ ’احسن الاخبار‘ ۾ مضمون لکيائين[1]. ساڳئي سال نومبر 1903ع ۾ ’لسان الصدق‘ نالي ماهوار رسالو ڪڍيائين[1]. 1904ع ۾ انجمن حمايت اسلام جي سالياني اجلاس ۾ تقرير ڪيائين. انهيءَ سال جي آخر ۾ والد سان گڏ حجاز ويو. ٻئي سال موٽڻ بعد، هن جي مولانا شبليءَ سان بمبئيءَ ۾ واقفيت ٿي، جنهن پنهنجي رسالي ’الندوه‘ جي ايڊيٽري هن جي حوالي ڪئي[1]. ان کان پوءِ 1906ع ۾ اخبار ’الوڪيل‘ امرتسر ۾ ڪجهه وقت ايڊيٽر ٿي ڪم ڪيائين. اتان واپس ڪلڪتي اچڻ بعد اربندو گهوش ۽ ٻين انقلابي ڪارڪنن سان واقفيت ٿيس[1]. 15 آگسٽ 1908ع تي والد جي وفات کان پوءِ مولانا آزاد مسلمان ملڪن جي سير تي ويو. عراق، شام، مصر ۽ ترڪي گهمڻ کان پوءِ فرانس ويو، جتان موٽي وطن آيو. 1909ع جي سفر ۾ هن مسلمان ملڪن جي سياسي تحريڪن ۽ آزاديءَ جي هلچل جو مطالعو ڪيو ۽ ڪيترن ئي قومپرست ۽ مذھبي اصلاح پسند ليڊرن سان ملاقات ڪئي[1][1]. جن سان ھن جي مذھبي خيالن ۾ ڪافي تبديلي آئي[3]. واپس اچڻ بعد 13 جولاءِ 1912ع تي هن مشهور اردو رسالو ’الهلال‘ ڪڍيو، جنهن ۾ هن مذهبي، ادبي ۽ سياسي مضمون لکي، پنهنجي قابليت جو سڪو هندستان تي ويهاري ورتو[1][3].ان رسالي ۾ ھن انڊيا جي مسلمانن کي ٻين ھندوستاني ماڻھن سان گڏجي آزاديءَ جي عدم تشدد واري تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ لاء ھمٿايو[3].۽ ھندو مسلم ڀائيچاري لاء لکندو رهيو[8].

1913ع ۾ هن مسلم ليگ ۾ حصو وٺي، سر وزير حسين جي مشوري سان، ان جي مقصدن ۾ تبديلي ڪرائي، يعني مسلم ليگ سان گڏجي آزاديءَ لاءِ ڪوشش ڪرڻ جو ٺهراءُ پاس ڪرايائين[1]. 1914ع ۾ پهرين مهاڀاري لڙائي لڳي، ڪانگريس ۽ مسلم ليگ، لڙائيءَ دوران انگريزن سان وفاداري ڏيکارڻ جي پاليسي ڏيکاري، پر هن ديوبندي عالمن سان گڏ اها پاليسي اختيار ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ ’الهلال‘ ۾ آزادانه مضمون لکندو رهيو[1]. 14 ۽ 21 آڪٽوبر 1914ع جي ’الهلال‘ تي پابندي مڙهي وئي. ۽ مولانا آزاد 18 نومبر 1914ع کان ’الهلال‘ کي پاڻ ئي بند ڪري ڇڏيو[1]. 12 نومبر 1915ع ۾ هفتيوار رسالو ’البلاغ‘ شروع ڪيائين[1]. نئين سرڪار، کيس رانچي (بهار) ۾ 30 مارچ 1916ع تي نظربند ڪري رکيو. نتيجي طور کيس ’البلاغ‘ رسالو به بند ڪرڻو پيو. رانچيءَ ۾ نظربنديءَ دوران ’ترجمان القرآن‘ لکڻ شروع ڪيائين، جنهن ۾ زماني حال جي تقاضائن مطابق قرآن پاڪ جي تشريح ڪيائين[1]. 1919ع ۾ ڪتاب ’تذڪره‘ لکيائين[1]. 1920 ۾ ساڍا ٽي سال جيل ۾ بند رھيو جنھن بعد مھاتما گانڌي سان گڏجي خلافت تحريڪ ۾ شامل ٿي ويو ۽ پوء سموري زندگي ڪانگريس جو اڳواڻ رھيو ۽ ھندو مسلم ڀائيچاري جو ڪم ڪيو[3]. 1 جنوري 1920ع ۾ آزاد ٿيو. ان وقت آزاديءَ جي هلچل ۽ خلافت تحريڪ جو زور هو، جنهنڪري سموري هندستان جو سير ڪيائين[1]. فيبروري 7 8 9 10، 1920ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ پير رشدالله شاهه جهنڊي واري جي صدارت ۾ ٿيل صوبه سنڌ خلافت ڪانفرنس ۾ تقرير ڪيائين[1]. 15 16 17 فيبروري 1920ع تي، بمبئيءَ ۾ رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ جي صدارت ۾ ٿيل خلافت ڪانفرنس جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ بعد 20 فيبروري 1920ع تي ڪلڪتي ۾ خلافت ڪانفرنس جي اجلاس جي صدارت ڪيائين.مولانا آزاد، مهاتما گانڌيءَ سان ملي، حڪيم اجمل خان جي همراهيءَ ۾، ناگپور ۾ آل انڊيا ڪانگريس جي سالياني اجلاس ۾ سرڪار سان عدم تعاون جو ٺهراءُ پاس ڪرايو. ان زماني ۾ هندو مسلم اتحاد جو اوج هو، ان ڪري مسجدن ۽ مندرن ۾ هندو ۽ مسلمان سياستدان ۽ عالم گڏجي تقريرون ڪرڻ لڳا[1]. مولانا سڄي هندستان جو سير ڪري تقريرون ڪيون. مارچ 1921ع ۾ لاهور جي بادشاهي مسجد ۾ سرڪار جي جاري ڪيل منعنامي جي خلاف ورزي ڪندي زوردار تقرير ڪيائين[1]. سرڪار 7 8 9 19 جولاءِ 1921ع تي مولانا محمد عليءَ جي صدارت هيٺ سڏايل خلافت ڪانفرنس ڪراچيءَ ۾ ڪيل تقريرن تي ڇهن ليڊرن کي سيپٽمبر ۾ گرفتار ڪري ڪيس هلايو، جنهن ۾ مٿن الزام هو ته هنن ملٽريءَ کي بغاوت لاءِ آماده ڪيو هو[1]. مولانا آزاد عوامي گڏجاڻين ۾ اهي ٺهراءَ ورجائڻ لڳو. نومبر 1921ع ۾ پرنس آف ويلس هندستان آيو، جنهن جو سمورين سياسي تحريڪن بائيڪاٽ ڪيو. نتيجي طور مولانا کي 10 ڊسمبر 1921ع تي 124 اي قلم هيٺ ڪيس هلائي، هڪ سال سزا ڏني وئي. مولانا ان موقعي تي تاريخي بيان ڏنو، جيڪو ’قول فيصل‘ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيل موجود آهي[1].
ان کان پوءِ ڀارت جي آزاد حڪومت ۾ وزير تعليم ٿي رهيو[1] ھي انڊيا جو پھريون وزير تعليم ھيو[3]. ھي 1947 کان 1958 ۾ وفات تائين ان وزارت تي رھيو[3]. 1952 ۾ اتر پرديش جي رامپور ضلعي مان پارليامينٽ جو ميمبر چونڊجي آيو[9]. انڊيا جي يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن ھن جي ڪوششن سان قائم ٿي.
21 فيبروري 1958ع ۾ وفات ڪيائين. جامع مسجد جي سامهون سرمد شهيد جي ڀر ۾ دهليءَ ۾ مدفون آهي[1].

’ترجمان القرآن‘، ’تذڪره‘، ’غبار خاطر‘، ’آزاديء هند‘، ’انسانيت موت ڪي دروازي پر‘۽ سندس ٻيون تصنيفون شاهڪار حيثيت رکن ٿيون[1]. ھن جو سڀ کان اھم مذھبي ڪم قرآن شريف جو تفسير ترجمان القرآن ھيو جيڪو ھن 1931 ۾ جيل ۾ لکيو ۽ اھو تفسير ٻن جلدن تي مشتمل ھيو جنھن ۾ ھن قرآن جو اردو ۾ ترجمو پڻ ڪيو[3]. مولانا آزاد اعليٰ پايي جو اديب، بيڊپو، قربانيءَ جو مجسمو، بلند پايي جو مفڪر، روح اسلام جو ڄاڻو ۽ ارادي جو پختو انسان هو[1].[10]





سنڌسلامت ڪتاب گهر تي مولانا ابوالڪلام آزاد جا ڪُل 5 ڪِتاب موجود آھن


مولانا ابوالڪلام آزاد جا ڪتاب

فلسفو: اصول، حدون، تاريخ ۽ ارتقا، ليکڪ : مولانا ابوالڪلام آزاد

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
فلسفو: اصول، حدون، تاريخ ۽ ارتقا
ليکڪ : مولانا ابوالڪلام آزاد
صدين جون صَدائون، ليکڪ : مولانا ابوالڪلام آزاد

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
صدين جون صَدائون
ليکڪ : مولانا ابوالڪلام آزاد
اسان جي آزادي، مصنف : مولانا ابوالڪلام آزاد

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
اسان جي آزادي
مصنف : مولانا ابوالڪلام آزاد
انسانيت جو ازلي ورثو، مصنف : مولانا ابوالڪلام آزاد

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
انسانيت جو ازلي ورثو
مصنف : مولانا ابوالڪلام آزاد
انسانيت موت جي دروازي تي، مصنف : مولانا ابوالڪلام آزاد

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
انسانيت موت جي دروازي تي
مصنف : مولانا ابوالڪلام آزاد
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ