اسٽيفن ھاڪنگ
ناميارو سائنسدان اسٽيفن وليئم ھاڪنگ 8 جنوري 1942ع تي انگلينڊ جي شھر آڪسفورڊ ۾ ڄائو، سندس ڄمڻ جو ڏينھن عجيب اتفاق سان بلڪل اھا تاريخ ھئي، جنھن ڏينھن 300 سال اڳ ”گليليو گليلي“ وفات ڪئي ھئي. ھڪڙو ڪائنات جو ڳولائو ويو، ٻيو پيدا ٿيو.
ٻالڪپڻي ۾ ھو ذھين ضرور ھو، پر اسڪول ۾ ڪڏهن خاص شاگرد سمجهيو نہ ويندو ھو، پر سندس اندر ھڪ اهڙي باھ هئي جيڪا علم ۽ ڳولا جي شوق سان ٻرندي رهندي هئي. ھاڪنگ جڏھن 21 سالن جو ٿيو، تڏھن کيس ھڪ خطرناڪ بيماري ٿي ـــ(Motor Neuron Disease – MND) ڊاڪٽرن چيو تہ ھو صرف ٻہ سال زنده رهندو. سندس جسم آهستي آهستي ڪم ڪرڻ بند ڪرڻ لڳو، ھٿ، پير، زبان، سڀ ڪمزور ٿيندا ويا. پر ھاڪنگ نہ رڪيو، ھن چيو: “My body is weak, but my mind is free.” (منھنجو جسم ڪمزور آھي، پر منھنجو دماغ آزاد آھي) ھن ويل چيئر تي ويھي، مشيني آواز ذريعي ڳالھائڻ شروع ڪيو ۽ ڪائنات جا راز کولڻ جاري رکيا. ھن 1966ع ۾ ڪيمبرج يونيورسٽي مان فلڪيات ۾ پي ايڇ ڊِ جي ڊگري حاصل ڪئي.
ھاڪنگ جو وڏو ڪم ”ڪاري تارن“ (Black Holes) بابت ھو. ان کان اڳ تائين سائنسدان سمجهندا ھئا تہ ڪارا تارا سڀ ڪجهہ ڳھي وڃن ٿا، پر ڪڏهن بہ ڪجهہ واپس نٿا ڏين، پر ھاڪنگ چيو تہ نہ، ڪارا تارا “Hawking Radiation” ڇڏين ٿا. يعني اھي توانائيءَ جا ذرڙا ٻاھر ڪڍن ٿا. ھن نظريي سان ڪائنات جي باري ۾ سوچڻ جو طريقو ئي بدلجي ويو. پوءِ ھن “Big Bang Theory” تي بہ ڪم ڪيو، يعني ڪائنات ڪيئن وجود ۾ آئي.
ھن جو مشھور ڪتاب A Brief History of Time 1988۾ شايع ٿيو، جنھن جون ھڪ ڪروڙ کان مٿي ڪاپيون فروخت ٿيون ۽ اھو ڪتاب ڪيترن لاءِ فزڪس کي سمجهڻ جو دروازو بڻيو. ھڪ ڀيري ھن چيو “Intelligence is the ability to adapt to change.” (ذھانت اھا صلاحيت آھي جيڪا تبديليءَ سان پاڻ کي هم آهنگ ڪري).
ھاڪنگ جو جسم ڪمزور ھو، پر سندس خيال آسمان کي ڇُھندا ھئا. ھن چيو: “Look up at the stars and not down at your feet.” (پنھنجن پيرن ڏانھن نہ، پر تارن ڏانھن ڏسو).
2014ع ۾ سندس زندگيءَ تي ھڪ فلم ”دي ٿيوري آف ايوري ٿنگ“ ٺاھي پيش ڪئي وئي. اسٽيفن ھاڪنگ 14 مارچ 2018ع تي لاڏاڻو ڪري ويو
- جنم: 1942-01-08
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل