عرفان مھدي

نامور قومپرست، شاعر، اديب ۽ ڪمپيئر عرفان مھدي ولد غلام مھدي ميمڻ، 31 جولاءِ 1966ع تي ھالا پراڻا، ضلعي مٽياريءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم. اي، ايل. ايل. بي ھئي. اٺين ڪلاس ۾ ‘وک وڌايو پبليڪيشن’ جو بنياد وڌائين. جنھن جي پليٽ فارم تان ڪيرائي ڪتاب ڇپرايائين. عرفان مھدي ‘جيئي سنڌ’ جي شاگرد تنظيم ۾ پڻ رهيو. ھن ڪيترن ئي قومي پروگرامن جي ڪمپيئرنگ ڪئي. اھو ئي سبب ھو جو پنھنجي ذھانت جي ڪري جي. ايم. سيد کي ويجهو رهيو. عرفان مھدي ‘جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن’ (جساف) جو مرڪزي پريس سيڪريٽري پڻ رهيو. عرفان مھدي امرتا پريتم جي ھڪ ناول جو ‘هڪ اداس ڇوڪري’ جي نالي سان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، جيڪو سنڌي ساھت گهر حيدرآباد پاران 1985ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. ھن 4 آگسٽ 1991ع تي درياھ ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪئي. سندس مرتئي تي ڪتاب پڻ ڇپيو.

  • جنم: 1966-07-31
  • ورسي: 1991-08-04
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image