پروفيسر اعجاز قريشي

Author Name

مشھور سنڌي اديب، مورخ، تعليمي ماهر ۽ سماجي اڳواڻ پروفيسر اعجاز قريشي، 2 جنوري  1948ع تي اڳوڻي ضلعي دادوءَ جي ’بختيارپور ‘ڳوٺ ۾، سنڌ جي مشھور وڪيل علي احمد قريشيءَ جي گهر ۾ ڄائو. سنڌ يونيورسٽيءَ مان اقتصاديات ۾ ايم. اي ڪرڻ کان پوءِ، يونيورسٽيءَ پاران اسڪالرشپ ملڻ تي، لنڊن يونيورسٽيءَ مان معاشيات ۾ ايم. اي ڪري وطن موٽيو. سندس تصنيفن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن :
’سنڌ ۾ آبپاشيءَ جا مسئلا ۽ زراعت ‘لنڊن يونيورسٽيءَ مان ڪيل ايم اي جي انگريزيءَ ۾ ٿيسز، جنهن جو بعد ۾ سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيو ):’ سنڌ جي تاريخ ارغون ۽ ترخان دور ‘،’ سنڌ جي تاريخ ڪيئن لکجي ‘۽ ’تاريخ جو سبق ‘(ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جي ڪتابن جا ترجما ):’سنڌ جي اقتصاديات ‘(شريڪ مصنف، سنڌالاجيءَ طرفان ڇپايل )،’سنڌ جو آواز ‘(ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جي ڪتاب جو ترجمو )،’اچو ته نئين سنڌ جي تعمير ڪريون ‘.’هي جي واڪا واءُ ۾ ‘،’چار مارچ ۽ اڄوڪي سنڌ ‘(ترتيب )،’ڏاها هن ڏيهه جا ‘(ڪونج رسالي ممبئيءَ پاران ڇپيل )،’ڪوميلا کان اورنگيءَ تائين ‘،(اختر حميد خان جي ڪتاب جو ترجمو )،سنڌي ٻولي، ماضي، حال ۽ مستقبل( ترتيب )،’قاضي فيض محمد ‘(شخصيت ۽ فڪر :2021ع )،’ون يونٽ ۽ سنڌ ‘(2015ع )،’ون يونٽ اور سندهه ‘(اردو :2018ع )،’ڪراچيءَ جو ڪيس ‘(2017ع )،’سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون ‘(2017ع )،’محمد ابراهيم جويو :جديد سنڌ جي شعور جو اڏڻھار ‘(2016ع )،’تاج صحرائي :ڏاهو محقق، تعليمدان ۽ عالم ‘(2011ع )،’سنڌي ٻولي :ماضي، حال ۽ مستقبل ‘(2008ع )،’جنين ڏاند نه ٻج ‘(مسعود کدر پوش جي هاري رپورٽ جو ترجمو :2005ع )،’سنڌ لاءِ دعا ‘(طويل نثري نظم 2000ع )،’سنڌ اتهاس جي آرسيءَ ۾ ‘(ترجمو :2002ع )،’شعيب سلطان خان ‘(ترجمو :2004ع )،’تاريخ جو فلسفو ‘(ڊاڪٽر مبارڪ علي جي ڪتاب جو ترجمو :1990ع )،’تخيل جو موت ‘(ارونڌتي راءِ جي مضمونن جو ترجمو :2018ع )،’بينظير ڀٽو جا انٽرويو ‘(ترتيب :2014ع )،’ڪامريڊ غلام محمد لغاري :هڪ عظيم هاري ليڊر ‘(2021ع )،’سيد غلام مصطفيٰ شاهه :سنڌ جو عالم، سنڌ جو مفڪر ‘(2019ع )،’يادن جا ورق ‘(ايڊٽ ڪيل :2013ع ).ان کان علاوه سندس هيٺيان ڪتاب انگريزي ۾ پڻ شايع ٿيل آهن: (1 )One Unit and Sindh( 2020) (2 )Interviews of Benazeer Bhutto( 2014) (3 )Canal Irrigation in Sindh and its Economic Significance :1900-1940( 1975) (4 )Economy of Sindh( Co-Author With Dr Amjad Ali) (5 )Economy of Modren Sindh( Co-author with Dr Ishrat Hussain and Nadeem Hussain) انهيءَ کان سواءِ اقتصاديات، سماجيات ۽ سنڌ جي ادبي، ثقافتي، فني ۽ معاشي مسئلن تي 200 کن تحقيقي مضمون مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل اٿس. انهيءَ کان سواءِ سندس ننڍڙا سفرناما پڻ ڇپيل آهن. مترجم جي حيثيت سان سنڌ بابت انگريز عملدارن ۽ ٻين جي مضمونن جا انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ڪيترا ترجما پڻ ڇپيل اٿس. ان کانسواءِ” قاضي فيض محمد :شخصيت ۽ فڪر “جي نالي هڪ ڪتاب ترتيب ڏئي 2021ع ۾ شايع ڪرايو اٿس. پروفيسر اعجاز قريشيءَ، 8 سال حڪومت پاڪستان طرفان قائم ڪيل نئشنل رورل سپورٽ پروگرام( NRSP )جو ڊائريڪٽر رهيو آهي. جڏهن ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ قائم ڪيل” سنڌ ڊيولپمينٽ اسٽڊي سينٽر “جو ڊائريڪٽر، مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾” ڊائريڪٽر پلاننگ “،سنڌ يونيورسٽيءَ جي آءِ بي ايس جو ڊائريڪٽر، سنڌ ايجوڪيشن ٽرسٽ جو سيڪريٽري، اين جي اوز فيڊريشن سنڌ جو چونڊيل چيئرمئن، بيسنت هال ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جو مئنيجنگ ميمبر ۽ ايس آر ايس پي جو سيڪريٽري پڻ رهيو آهي. لنڊن يونيورسٽيءَ ۾ کيس ٻه ڀيرا وزيٽنگ فيلو به چونڊيو ويو، جڏهن ته آمريڪا جو وڏي ۾ وڏو تعليمي اوارڊ ’فل برائيٽ ‘به کيس ملي چُڪو آهي. سيڊا ۾ جنرل مئنيجر به رهيو ۽ سنڌ ۾ پاڻيءَ/آب پاشيءَ جي سڌارن تي ڪم ڪيائين.


سنڌسلامت ڪتاب گهر تي پروفيسر اعجاز قريشي جا ڪُل 8 ڪِتاب موجود آھن


پروفيسر اعجاز قريشي جا ڪتاب

سنڌ جو آواز، سنڌيڪار : پروفيسر اعجاز قريشي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
سنڌ جو آواز
سنڌيڪار : پروفيسر اعجاز قريشي
روشن تارا گيت، سھيڙيندڙ : پروفيسر اعجاز قريشي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
روشن تارا گيت
سھيڙيندڙ : پروفيسر اعجاز قريشي
تاج صحرائي، سھيڙيندڙ : پروفيسر اعجاز قريشي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
تاج صحرائي
سھيڙيندڙ : پروفيسر اعجاز قريشي
اچو تہ نئين سنڌ جي تعمير ڪريون، مصنف : پروفيسر اعجاز قريشي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
اچو تہ نئين سنڌ جي تعمير ڪريون
مصنف : پروفيسر اعجاز قريشي
جنين ڏاند نہ ٻج (سنڌ ھاري رپورٽ)، سنڌيڪار : پروفيسر اعجاز قريشي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
جنين ڏاند نہ ٻج (سنڌ ھاري رپورٽ)
سنڌيڪار : پروفيسر اعجاز قريشي
شوڪت سنڌي: سنڌ جي تاريخ جو اڻ وسرندڙ باب، مصنف : پروفيسر اعجاز قريشي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
شوڪت سنڌي: سنڌ جي تاريخ جو اڻ وسرندڙ باب
مصنف : پروفيسر اعجاز قريشي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ