شاھہ جي رسالي جو مرتب

ٻانھون خان شيخ

 ڀٽ شاھ، ضلعي مٽياري جو ويٺل ٻانھون خان شيخ، هڪ عالم شخص هو. هي روينيو کاتي جو رٽائرڊ آفيسر هو. 19 اپريل 1928ع تي ڀٽ شاھ ۾ ڄائو. شاھ لطيف جي رسالي سان وڏو شغف رهيس. لطيف سائينءَ جي درگاھ جي فقيرن جو صحبتي رهيو. ويھ سال راتين جا اوجاڳا ڪري، هن، فقير محمد ابراهيم جو راڳ ٻڌو ۽ ان جي يادداشت وارو سمورو ڪلام قلمبند ڪرڻ کان پوءِ تمر فقير جي اوطاق ۾ شاھ جي گنج (1207 ھہ/ 1792ع جي لکيل)، ميين احمد ڀٽائيءَ جي لکيل رسالي (1304 ھہ/ 1886ع )،ميين محمد ۽ ميين حسين جي لکيل رسالي (1300 ھہ/ 1882) ۽ ماستر محمد سارنگ لنجواڻيءَ جي لکيل رسالي ۽ سمورن ڇاپي رسالن کي ڀيٽي، هن 1960ع ۾ شاھ جي رسالي جو هڪ مسودو تيار ڪيو. ان وچ ۾ کيس ٻہ پراڻا قلمي نسخا، ٽنڊي مير محمود جي مير صاحبن جي ڪتبخاني مان ۽ سيد مسڪين شاھ کاڻوٺيءَ جي ڪتبخاني مان هٿ آيا ۽ 1949ع، 1974ع ۽ 1977ع ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڇپايل رسالن کي بہ هن آڏو رکيو. اهڙيءَ طرح شاھ جي رسالي جو مڪمل متن 31 سرن، 4469 بيتن ۽ 300 واين تي مشتمل، لفظي ۽ اصطلاحي معنيٰ سميت تيار ڪيائين. هن رسالي جا ٽي ڀاڱا شاھ عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ ڇپائي پڌرا ڪيا آهن، جن ۾ هن بيتن کي صحيح اچارن سان پڙهڻ لاءِ اعرابون ڏنيون ۽ ڏکين لفظن جون معنائون پڻ ڏنيون. ٻانھي خان ڊگهي بيماريءَ سبب 19 آڪٽوبر 2008ع تي وفات ڪئي .
 

  • جنم: 1928-04-19
  • ورسي: 2008-10-19
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل