امر لغاري

امر لغاريءَ جو اصل نالو محمد يعقوب آهي. پاڻ 30 اپريل 1965ع تي ڳوٺ حاجي احمد خان لغاري، تعلقي سانگهڙ ۾ پيدا ٿيو . ايم .اي (انگريزي ادب 1992ع ) ۾ ڪيائين ۽ هن وقت شھيد صبغت الله شاھ ڊگري ڪاليج سانگهڙ ۾ ليڪچرار آهي. امر لغاري مشھور مضمون نگار، ڪھاڻيڪار ۽ شاعر آهي. سندس تصنيفن ۾” جاڳ“ (شاعري ۽ ڪھاڻيون 1993 )، ”لٽ اوراٽي دنيا “، ”جت سنڌوءَ ۾ سمنڊ وهي ٿو “ (مشاهداتي مطالعو 2003 )، ”موکي“ (ناوليٽ 2005 )، ”ناري جي ڪناري“ (2005 )۽ “ناد وارو” ڪھاڻيون (2005ع) شامل آهن .

  • جنم: 1965-04-30
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image