ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو
نامياري مترجم، اديب ۽ زولاجي ڊپارٽمينٽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي چيئرمئن، ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجي 2 سيپٽمبر 1950ع تي لاڙڪاڻي ۾ علي حسن ڌاريجي جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم ديني مدرسي لاڙڪاڻي مان؛ مئٽرڪ گورنمينٽ پائلٽ ھاير اسڪول مان؛ بي. ايس. سي ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان؛ ايم. ايس. سي (زولاجي) 1973ع ۾ سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان پاس ڪيائين. ھن اديب فاضل ۽ ايل. ايل. بي جون ڊگريون بہ حاصل ڪيون آھن، جڏهن تہ پي. ايڇ. ڊي جي سند 2006ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان حاصل ڪيائين. علي مرتضيٰ ڌاريجو 1974ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ نئشنل ڊيولپمينٽ والنٽيئر پروگرام تحت استاد مقرر ٿيو، ان کانپوءِ زولاجي شعبي ۾ ميوزيم ڪيوريٽر ۽ بعد ۾ ساڳئي شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. 1976ع ۾ فورٿ انٽرنيشنل ٽريننگ ڪورس ’سليڪٽيڊ ٽاپڪس آف ماڊرن بائلاجي ان اميونو جينيٽڪس‘ لاءِ کيس يارھن مھينن لاءِ سيگيڊ (Szeged) ھنگري لاءِ يونيسڪو، يو. اين. ڊي. پي، آءِ. سي. آر. او ۽ ھنگئرين اڪئڊمي آف سائنس جي فيلوشپ ملي. 1984ع ۾ جپان سرڪار جي مونبوشو (Monbusho) اسڪالرشپ تي 18 مھينن لاءِ ھما ماتسو يونيورسٽي اسڪول آف ميڊيسن، جپان ۾ تربيت حاصل ڪيائين. 1986ع کان 1987ع تائين جپاني سائنسدانن سان گڏجي سنڌ يونيورسٽيءَ جي زولاجي شعبي ايئر سائيٽالاجيءَ جي مختلف رخن تي پاڪستان جي مختلف شھرن ۾ 18 مھينا ’ڪو پرنسپل انويسٽيگيٽر‘ طور خدمتون سرانجام ڏنائين. ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجي جي رهنمائيءَ ۾ ھڪ شاگرد پي. ايڇ. ڊي ڪري چڪو آھي ۽ ڪيترا شاگرد ايم. فِل ڪري رهيا آھن. ھن سنڌ يونيورسٽيءَ مان 2010ع ۾ رٽائر ڪيو. ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو، سنڌ يونيورسٽيءَ جي بيورو آف ٽرانسليشن اينڊ پبليڪيشن جو ڊائريڪٽر؛ ڪنٽرولر آف اگزيمينيشن؛ ڊائريڪٽر انچارج فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن؛ سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ، ڄامشوري جو سيڪريٽري ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر پڻ رهي چڪو آھي. ھن سائنس جي ادب جي واڌاري لاءِ ’سائنس پبليڪيشن‘ لاڙڪاڻي جو بنياد وڌو، جنھن ذريعي مختلف سائنسي ڪتاب ڇپرايائين. ڊاڪٽر ڌاريجو ماحول ۽ صحت جي مختلف موضوعن تي ورڪشاپ ڪرائيندو رهي ٿو. ھي سنڌ يونيورسٽي مان شايع ٿيندڙ رسالن ماھوار ’سائنس‘ ۽ ٽماھي ’ماحول‘ جو ايڊيٽر ۽ ان کانسواءِ ٻين ڪيترن سائنسي رسالن جو ايڊيٽر بہ رهيو آھي. ھن سائنسي ۽ طبي موضوعن تي سوين مضمون لکيا آھن. ھن 30 کن ريسرچ پيپر ملڪي ۽ بين الاقوامي سطح تي شــايـع ٿيا آھن.
سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾: (1) ’انوکا گرهہ‘ (1982ع)، (2) ’ڪينسر‘ (1982ع)، (3) ’فـرسـٽ ايڊ‘ (1983ع)، (4) ’هيلٿ ٽيڪنيشن ٽريننگ گائيڊ بُوڪ‘ (3 ڀاڱا: 1990ع)، (5) ’جنس جي سائنسي ڄاڻ‘ (1991ع)، (6) ’اسانجون اکيون‘ (1992ع)، (7) ڇاتين جي سائنسي ڄاڻ‘ (1994ع)، (8) ’ڪينسري بيماريون‘ (1995ع)، (9) ’سنڌ ھڪ نظر ۾‘، (10) سرير جي آتم ڪھاڻي‘ (1996ع)، (11) ’قرآن ۽ سائنس‘ (2006ع)، (12) ’تحفظ ماحول ۽ اسلام‘ (2009ع)، (13) ’سنڌو ماحولي خطو‘، (14) ’ناياب جهنگلي وسيلن کي بچائڻ ۾ فخر محـسـوس ڪرڻ‘ (2009ع)، (15) موسمي تبديلي ڇا آھي؟‘ (2010ع)، (16) ’جت ويڄ نہ طبيب‘ (2011ع)۽ (17) ’تپندڙ ڌرتي ۽ مٽجندڙ مندون‘ (2011ع) وغيرھ قابلِ ذڪر آھن.
کيس علمي ادبي خدمتن تي ڪيترا اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ مليل آھن، جن ۾ نيشنل بوڪ فائونڊيشن، اسلام آباد، ڊاڪٽر محبت ٻرڙو اڪيڊمي قنبر، سنڌ گريجوئيشن ايسوسيئيشن، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، رائيٽرس گلڊ آف پاڪستان، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جا مليل اوارڊ قابلِ ذڪر آھن.
- جنم: 1950-09-02
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل