زبير سومرو

Author Name

اديب ۽ شاعر زبير سومرو ولد عبدالمجيد سومرو ،سنڌ جي تاريخي ۽ علمي ادبي شهر شڪارپور ۾ 27 نومبر 1975ع تي پيدا ٿيو. بنيادي تعليم ۽ مئٽرڪ هاٿي در اسڪول شڪارپور مان حاصل ڪيائين. جڏهن تہ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان پبلڪ ايڊمنسٽريشن جي شعبي ۾ ماسٽرس ڪيائين، هن وقت هڪ غير سرڪاري اداري ۾ مئنيجر جي حيثيت ۾ ڪم ڪري رهيو آهي .
زبير سومري جي سنڌي ادب ۾ بنيادي سڃاڻپ هڪ شاعر واري آهي. هن ڪلاسيڪل توڙي جديد صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. خاص طور بيت جي شاعري ڪندڙن ۾ سندس نالو اهم آهي ،بيتن جو ڪتاب ’ساميءَ مَٽ اُپٽيا ‘2006ع ۾ ڇپجي چڪو آهي .
زبير سومرو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور جو سيڪريٽري رهي چڪو آهي، هن شڪارپور ۾ ’شيخ اياز يونيورسٽي ‘جي قيام جي ڏس ۾ هڪ تحريڪ هلائي ،نتيجي طور اڄ شڪارپور ۾ ڪيمپس جو بنياد پئجي چڪو آهي ، هن جو ٻيو شعري مجموعو ’اڃا ڏيئي کي ٻرڻو آ ‘(2012ع )ڇپجي چڪو آهي .

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي زبير سومرو جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


زبير سومرو جا ڪتاب

ساميءَ مَٽَ اُپٽيا، مصنف : زبير سومرو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
ساميءَ مَٽَ اُپٽيا
مصنف : زبير سومرو
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ