سردار ٻرڙو

Author Name

سردار ٻرڙي پھرين فيبروري 1999ع تي ڳوٺ مبارڪ خان  ٻرڙو، تعلقو مورو، ضلعو نوشهروفيروز ۾ احمد علي ٻرڙو جي گھر ۾ اک کولي. ستن سالن جي عمر ۾ غربت سبب مائٽن مامن ڏانھن پڙھڻ لاء موڪليو ، ننڍي وھي ۾ ماءُ ۽ پيءُ جي پيار کان پري رھيو، جنھن ھن جي طبيعت جي حساس بڻايو، جنھن حساسيت ۽ معصوميت جا تاثر اڄ تائين ھن جي ماٺيڻي طبيعت ۽ چھري تي ڇانيل رھن ٿا. استاد جي روپ ۾ سندس ماميءَ ماءُ بڻجي تربيت ڪئي، جڏھن تہ مامو ھڪ سٺي استاد سان گڏ ڪوشش اخبار جو نمائندو پڻ ھو.
سردار ٻرڙي پنج درجا پاڪستان بيت المال اسڪول نوشهروفيروز مان حاصل ڪيائين. ننڍپڻ کان ھر روز گھر ۾ ايندڙ اخبار پڙھڻ ڪري شوق ھوندو ھيو تہ اخبارن ۾ لکان. چوڏھن سالن جي عمر ۾ پنھنجي اباڻي ڳوٽ واپس اچي،  اٺين ڪلاس ۾ گورنمينٽ ھاء اسڪول مبارڪ ٻرڙو ۾ داخلا ورتائين، ميٽرڪ جي سند حاصل ڪري، انٽرميڊئيٽ مھراڻ ڪاليج مورو ۾ داخلا ورتائين جتي شاگرد سياست ۾ سرگرم رھيو، پر حالتن ساٿ نه ڏنو، پڙھائي اڌ ۾ ڇڏي ڪراچي ۾ ڇھ مھينا مزدوري ڪري واپس اچي پڙھائي شروع ڪيائين. انٽرميڊئيٽ جي سند مھراڻ ڪاليج مورومان حاصل ڪيائين جڏھن تہ ڊپلوما آف ايسوسيئيٽ انجنيئرنگ پولي ٽيڪنيڪل ڪاليج دادو مان پرائي، سنڌ يونيورسٽي دادو ڪيمپس ۾ ميرٽ تي بي بي اي ڊپارٽمينٽ ۾  داخلا حاصل ڪيائين. يونيورسٽي پھچي کيس سنڌ ۽ سنڌ واسين جو اونو وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويس، تڏھن کان مطالعو ڪرڻ لکڻ پڙھڻ شروع ڪيائين تن ڏينھن ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ مورو سان سلهاڙجي ويو شروعات ۾ سنڌ ايڪسپريس، سوڀ، جيجل، ساھتي آواز، ڪاوش، ڪوشش، اخبار ۾ سنڌ اندر وڌنڌڙ مسئلن جي ڀرپور عڪاسي ڪرڻ لڳو، اڳتي ھلي ادبي کيتر ۾ ڪھاڻيون پڻ لکڻ لڳو جنھن ۾ مشھور ڪھاڻيون، سنڌ کي پرتو، قضا قلم وھائيو، گاج جو سپاھي، بغاوت، اي ميل، ٻن ڳوٺن جي سونھن، گج گج گوڙ ڪاڇا ٻوڙ، سڪون جي تلاش وڏي مقبوليت ماڻي. سندس ڪھاڻي ”سنڌ کي پرتو“ تي کيس روٽيڪٽ ڪلب ڄامشورو جي ادبي مقابلي ۲۰۲۰ ۾ پھرين پوزيشن حاصل ڪئي. 
بزنس جي شعبي جو شاگرد ھوندي، سنڌي ادب جي جھول ۾ ڪالم، مضمون، انٽرويو، ترجما ڪھاڻيون، نثري نظم، ڏنا اٿس. ھن وقت  ھڪ ڪھاڻين جو مجموعو ڇپائي ھيٺ آھي، ان کان علاوه نثري احساس جو مجموعو (جلاوطن لڙڪ)، ٻن ترجمي جي ڪتابن جو تخليقڪار آھي. 

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي سردار ٻرڙو جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


سردار ٻرڙو جا ڪتاب

جلاوطن لُڙڪ، مصنف : سردار ٻرڙو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
جلاوطن لُڙڪ
مصنف : سردار ٻرڙو
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ