نور احمد ميمڻ

Author Name

سنڌ جو ناميارو ليکڪ، اديب، مترجم ۽ لطيفيات جو ماهر نور احمد ميمڻ، پهرين جنوري 1958ع تي پريالوءِ ضلع خيرپور ميرس ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو خير محمد ميمڻ آهي. بنيادي تعليم پريالوءِ ۽ خيرپور ميرس مان حاصل ڪيائين. جنهن بعد ايم اي سنڌي ۽ ايم اي انٽرنيشنل رليشن ۾ ڪراچي يونيورسٽي مان ڪيائين. 1981ع ۾ سنڌ سماءَ کاتي ۾ انفارميشن آفيسر طور عملي زندگي جي شروعات ڪيائين. 1985ع کان 1987ع تائين سنڌي ادبي بورڊ ۾ پبليڪيشن آفيسر جي حيثيت سان پڻ ڪم ڪيائين. جنهن دؤران سنڌ جي تاريخ، ادب ۽ لطيفيات تي ڪيترائي اهم ڪتاب شايع ڪرايائين. سنڌي سماج جي سياسي، علمي ۽ شعوري ساڃاهه پکيڙڻ لاءِ قومي ورڪر ۽ تربيتي استاد جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو رهيو آهي، ۽ ساڳئي عزم ۽ ارادي سان 1991ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊميءَ جو بنياد وڌائين. جنهن هن وقت تائين 500 کان مٿي ڪتاب شايع ڪيا آهن. جن مان هزارين نوجوان فائدو حاصل ڪري پنهنجن منزلن تي رسيا آهن. سنڌيڪا اڪيڊمي سنڌ جي علمي، فڪري ۽ تربيتي شعور جي لاءِ اڪيڊمڪ ۽ تحقيقي نت نون موضوعن تي اڻ ڳڻيا ڪتاب ڇپيا آهن ۽ سنڌ جي نئين فڪري ڌارا ۾ ان پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. تعليم ۽ ڄاڻ واسطي انگريزي سنڌي ڊڪشنريون، سنڌي لغت، قرآن مجيد جا ترجما ۽ تفسير، فلسفي، فڪر، سيلف هيلپ، تصوف ۽ تعليمي تربيتي مهارتن توڙي ٻارن جي ادب ۽ نصاب جا پڻ شاهڪار ڪتاب شايع ڪري سنڌ جي علمي ۽ شعوري ترقيءَ ۾ پاڻ موکيو آهي. نور احمد ميمڻ جو شاگرديءَ جي زماني کان وٺي هڪ طرف سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ سرگرم ۽ فعال ڪردار رهيو آهي ۽ ٻئي طرف مولانا عبيدالله سنڌي کان متاثر ٿي اسلامي روشن فڪريءَ لاءِ به اشاعت ۽ پرچار جو وڏو ڪم ڪيو اٿائين. پاڻ، سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ پاران جوڙيل سپليمينٽري ريڊنگ مٽيريل جي ريويو ڪميٽي جا ميمبر رهي چڪا آهن. انهيءَ کان علاوه سنڌي ادبي بورڊ جي پبليڪيشن ڪميٽي جا ميمبر ۽ سنڌ يونيورسٽي جي ماس ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ هانرري وزٽنگ ليڪچرر پڻ رهيا آهن. ٽي ماهي سنڌ فورم رسالو، ٽي ماهي الاقتصاد (اردو) رسالو ۽ ماهوار توحيد رسالي ۾ ايڊيٽر رهيا آهن. 2012ع ۾ ٻٽي مڪاني نظام جي خلاف سنڌ جي اديبن، دانشورن ۽ قلمڪارن جي تنظيم سنڌ رائٽرس ۽ ٿنڪرس فورم جي اڳواڻي ڪندي ٻٽي مڪاني نظام ۽ سنڌ جي ٻين مسئلن جي حل لاءِ تحريڪ جي اڳواڻي ڪيائين. سندس 25 کان مٿي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، ان کان علاوه سندس 100 کان مٿي تحقيقي مضمون، مقالا، ليڪچر ۽ ڪالم سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿي چڪا آهن. 

سندس شايع ٿيل ڪتابن جا نالا هيءُ آهن:

(1) انسان جي فطرت، وصفون ۽ بشري ڪمزوريون  (2) شاهه لطيف وٽ عشق جا ڏهه اصول (3) ماڻهوءَ جو اصل امتحان (4) اي سنڌ جا سنڌيو! اوهان ڏانهن (5) قرآن جو پيغام (6) اسماءُ الحسنيٰ جو انساني زندگيءَ تي اثر  (7) خواتین اسلامی انسائیکلوپیڈیا (اردو) (8) ٻارن جو ڀٽائي(9) وتايو فقير ۽ خيرات جي ماني (10) احسان جو بدلو (11) ڪانءَ جا مٽ مائٽ (12) قدرت جا نظارا ۽ ٻيا شامل آهن.

 ان کان علاوه هيٺيان ڪتاب سندس سهيڙيل/ترتيب ڏنل آهن:

(13) ڇپر جا سونهان (14) فڪري تحريرون (15) قديم سنڌ جي تاريخ (16) جيئن جيئن پرين پسن  (17) انساني ڀلاين جو ديني شعور (18) مولانا عبيدالله سنڌي (انقلابي شخصيت ۽ انقلابي ڪارناما) (19) ايئن چيو محمدﷺ(20) قرآني الاهيات (21) شاعريءَ جو سجدو (22) ڪالاباغ ڊيم (23) مشهور پيغمبر ۽ سڌارڪ (24)  مشهور عالم ۽ مفڪر (25) مشهور قومي اڳواڻ  (26)  مشهور فاتح ۽ سورما (27)  مشهور حڪمران (28)  مشهور سنڌي سپوت (29) تو سنڌ کپائي زرداري (30) اسلام میں زمین کی ذاتی ملکیت کا کوئی وجود نہیں  (31) علوم القرآن (اردو) (32) رسول اللہ صہ کی سیرت کے عملی پہلو (اردو)  ۽ ٻيا شامل آهن.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي نور احمد ميمڻ جا ڪُل 16 ڪِتاب موجود آھن


نور احمد ميمڻ جا ڪتاب

شاهه لطيف وٽ عشق جا 10 اصول، ليکڪ : نور احمد ميمڻ

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
شاهه لطيف وٽ عشق جا 10 اصول
ليکڪ : نور احمد ميمڻ
اي سنڌ جا سنڌيو!، ليکڪ : نور احمد ميمڻ

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
اي سنڌ جا سنڌيو!
ليکڪ : نور احمد ميمڻ
فڪري تحريرون، ليکڪ : نور احمد ميمڻ

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
فڪري تحريرون
ليکڪ : نور احمد ميمڻ
قرآن جو پيغام، ليکڪ : نور احمد ميمڻ

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
قرآن جو پيغام
ليکڪ : نور احمد ميمڻ
ماڻهوءَ جو اصل امتحان، ليکڪ : نور احمد ميمڻ

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ماڻهوءَ جو اصل امتحان
ليکڪ : نور احمد ميمڻ
ائين چيو محمد ﷺ، ليکڪ : نور احمد ميمڻ

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ائين چيو محمد ﷺ
ليکڪ : نور احمد ميمڻ
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ