گل حسن ڪلمتي

Author Name

سنڌ جي نامياري ليکڪ، محقق ۽ تاريخدان گل حسن ڪلمتي ۵ جولاءِ ۱۹۵۷ ۾ گڏاپ جي ننڍڙي ڳوٺ حاجي عرضي بلوچ ڳوٺ ۾ جنم ورتو. ان وقت حاجي عرضي بلوچ ڳوٺ گڏاپ ضلعي ٺٽي ۾ هيو، ۱۹۶۳ ۾ ملير جي ۳۷ ديهن کي ايوب خان واري دور ۾ ڪراچي ضلعي ۾ شمار ڪيو ويو. گل حسن ڪلمتي جو والد محمد خان هڪ پورهيت هو جڏهن ته ان دور ۾ گل حسن جي والد ۱۵ روپيا مزدوري مان ڪمايا جن مان هن پراڻي سبزي منڊي ڪراچي ۾ هڪ دڪان خريد ڪيو، جتان هو پنهنجي روزي روٽي ذريعي گل حسن سميت ۹ ڀيڻ ڀائرن جو پيٽ گذر ڪندو رهيو. گل حسن جي شادي پنهنجي ڪٽنب مان ٿي جنهن مان سندس هڪ نياڻي جيڪا ايم اي سوشالوجي جي سند يافتا آهي. گل حسن، پنهنجي شاگردي دور ۾ ادبي دنيا ۾ پير پاتو. هن ايس ايم آرٽ ڪاليج ڪراچي ۾ ۱۹۷۴ ۾ داخلا ورتي ۽ ڪاليج مان نڪرندڙ ادبي ميگزين ۾ هن سنڌي ادب تي لکيو ۽ هو هن ڪاليج ۾ سنڌي ادبي سرڪل جوڙي. ان وقت هن ڪراچي مان هڪ سنڌي اخبار ۾ لکڻ شروع ڪيو. گل حسن ڪلمتي ۱۹۷۹ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي ۾ جرنلزم ۾ داخلا ورتي جتان ۱۹۸۳ ۾ ماسٽر ڪيائين. ان وقت ڪراچي يونيورسٽي جي هن شعبي ۾ فقط ٻه سنڌي شاگرد هئا جن ۾ هڪ پاڻ ۽ ٻيو مرحوم جمال ابڙي جو پٽ اظهر ابڙو جيڪو بدر ابڙي جو ڀاءُ آهي. گل حسن ڪلمتي پنهنجي شاگردي سياسي شروعات نيشنل اسٽوڊنٽ فيڊريشن (اين ايس ايف) ذريعي شروع ڪئي، جڏهن ته ۱۹۸۳ع ۾ هن بلوچ اسٽوڊنٽ آرگنائزيشن (بي ايس او) جوائن ڪئي ۽ جتان ان جا اختلاف بي ايس او سان فقط ان ڪري ٿيا ته هو بلوچستان جي ڳالهه ڪري رهيا هئا ۽ سنڌ جي ڪنهن به قسم جو دفاعي سياست کان پري هئا، جنهن بعد گل حسن، رسول بخش پليجو جي عوامي تحريڪ ۾ بطور همدرد طور ڪم ڪيو، گل حسن ڪلمتي ۱۹۸۴ ۾ جيئي سنڌ محاذ جنهن جو چيئرمين عبدالواحد آريسر هو تنهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملايائون، جنهن بعد هن تنظيم کي به الوداع ڪيو، ۱۹۹۰ ۾ جڏهن سنڌ ترقي پسند پارٽي جنهن جو اڳواڻ ڊاڪٽر قادر مگسي آهي، گل حسن جي ڪنهن حد تائين سياسي وابستگي رهي ۽ ان ڪراچي ٻهراڙي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جا هٿ مضبوط ڪيا جنهن ۾ سندس ٻانهن ٻيلي ماما رحيم بلوچ پڻ هو، گل حسن ڪلمتي ڪجهه سال ايس ٽي پي کي ڏيڻ بعد سياست کي هميشه لاءِ الوداع چيو. گل حسن ڪلمتيءَ ان وقت ڪراچي مان سنڌ جو آواز بڻجي اڀرندڙ روزاني عوامي آواز جي صفحي موڙي جي ماڳ ۽ ادبي صفحي ۾ لکڻ شروع ڪيو، مورڙي جي ماڳ واري صفحي ۾ مرحوم شاهه محمد قاضي ۽ آئون ساڻس گڏ ڪم ڪيو. ڪراچي جي ٻهراڙين جي تاريخ جوڙي ۽ ان جي ڄاڻ تاريخي ماڳ مڪانن قبيلن ۽ علائقي جي جاگرافيائي بابت صفحي ۾ وسيع معلومات پنهنجي پڙهندڙن کي عوامي آواز جي پليٽ فارم تان مهيا ڪئي جيڪا اڳتي هلي سنڌ روينيو کاتي اسانجي گڏ ڪيل معلومات کي پنهنجي رڪارڊ جو حصو ٺاهيو جيڪو روزاني عوامي آواز لاءِ اڄ به هڪ اعزاز آهي.
گل حسن ڪلمتيءَ بي بي سي تان رضا علي عابدي جو نشر ٿيندڙ شير درياهه واري ريڊيو سلسلي کي انور پيرزادي جي ايڊيٽرشپ ۾ بي بي سي کان اجازت وٺي ترجمو ڪري عوامي آواز ۾ ترجمو ڪري هلايو. بي بي سي کان اهڙي اجازت انور پيرزادي صاحب ورتي هئي. عوامي آواز ۾ ۲۷ قسطن تي ٻڌل ان سلسلي کي ”سنڌو جي سفر ڪهاڻي“ جي عنوان سان شايع ڪيو ويو. هن ڪراچي جا ڌرتي ڌڻي جيڪي اصل رهاڪو آهن انهن جي زندگي جي رهڻي ڪرڻي، ماڳ مڪان ۽ ديهون بابت پهرين مرحلي ۾ سن ۲۰۰۷ع ۾ “ڪراچي سنڌ جي ماروي” جيڪو ڪتاب ۶۰۰ صفحن تي ٻڌل هو شايع ٿيو، جنهن کي ٻن سالن بعد واڌ ڪري ۹۰۰ صفحن تي شايع ڪرايو ويو. هن ڪتاب تي سنڌي ادبي سنگت، سنڌ ترقي پسند پارٽي، ڊاڪٽر نجم عباسي ايوارڊ، سوجهرو ايوارڊ ۽ نيشنل بينڪ آف پاڪستان جي ٻولي واري ايوارڊ سان گڏ نيشنل بينڪ پاران ۳ لک روپيا ڪيش ايوارڊ پڻ مليس. هن ڪتاب کي ٽن ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي، سنڌي، انگريزي ۽ اردو، اي ايف ٽي انڊومينٽ ٽرسٽ پاران هن ڪتاب جو انگريزي ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي جيڪو ترت مارڪيٽ ۾ پڙهندڙن جي هٿن ۾ هوندو. هن مجموعي کي نئون نياپو اڪيڊمي پاران اردو زبان ۾ پڻ شايع ڪري رهيو آهي. 
ڪراچي جي شخصيتن تي هڪ ڪتاب جيڪو سنڌي سان گڏوگڏ انگريزي ۾ لکيو ويو جنهنجو نالو ڪراچي جا لافاني ڪردار جي نالي سان شايع ٿيو آهي. هي ڪتاب ۴ جلدن تي ٻڌل آهي جن مان ٻيو جلد شايع ٿي مارڪيٽ ۾ دستياب هوندو، جڏهن ته باقي ٻه جلد اڳئي مرحلي ۾ شايع ڪيا ويندا، گل حسن جو ادبي تحقيقي سلسلو اڃا اڳڀرو آهي، جيڪو ”سنڌ جا سامونڊي ٻيٽ“ جي موضوع سان ڀاڱو پهريون سنڌي ۽ انگريزي ۾ تياري واري آخري مرحلي ۾ آهن.
ملير جي ڪهاڻي جي نالي سان هڪ ڪتاب سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ ترجمو ڪري عوام کي هن تاريخي لکڻين ذريعي ٻڌائڻ ٿو چاهي ته ريتي بجري سبب ملير جي ڪهاڻي سان گڏوگڏ اتان جي عورتن جيڪي ٻنين ۾ ڪم ڪندڙ آهن اهي ڪيتريون متاثر ٿيون آهن هن ٻڌايو ته هن ڪتاب ۾ تحقيقي رپورٽون شامل آهن. سندس هڪ ٻيو ڪتاب ”عشق جون ڳليون“ ٻن جلدن ۾ اچي چڪو آهي، جڏهن ته ٻه سفرناما جيڪي اترين علائقي بابت آهن جن جا موضوع ”برف جو دوزخ“ ۽ ”ڪالاش ڪافرستان جو ديس“ پڻ شايع ٿيا آهن. سندس ٻيو وڏو ڪم سسئي جي واٽ جي نالي سان هڪ مجموعو جيڪو ڀنڀور کان ڪيچ مڪران جي موضوع تي آهي سو جلد شايع ڪيو ويندو جنهن ۾ ساڻس گڏ ڊاڪٽر رخمان گل پالاري ٻانهن ٻيلي ھو.
گل حسن ڪلمتي ادبي ۽ تحقيقي خدمت سان گڏوگڏ پنهنجي ڌرتي سان وفاداري جو کليل عملي مظاهرو ڪيو، بحريا ٽائون پاران ڪراچي جي ماروئڙن، ڌرتي ڌڻين جي زمين تي والار خلاف هڪ تحريڪ هلائي جيڪا ڪراچي انڊيجنسي رائٽس الائنس جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي گل حسن ڪلمتي جا ڪُل 3 ڪِتاب موجود آھن


گل حسن ڪلمتي جا ڪتاب

ڪراچيءَ جا لافاني ڪردار (ڀاڱو پھريون)، مصنف : گل حسن ڪلمتي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
ڪراچيءَ جا لافاني ڪردار (ڀاڱو پھريون)
مصنف : گل حسن ڪلمتي
ڪالاش ڪافرن جو ديس، مصنف : گل حسن ڪلمتي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
ڪالاش ڪافرن جو ديس
مصنف : گل حسن ڪلمتي
عشق جون ڳليون، مصنف : گل حسن ڪلمتي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
عشق جون ڳليون
مصنف : گل حسن ڪلمتي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ