ڊاڪٽر قادر مگسي

Author Name

نامور قومپرست سياستدان ڊاڪٽر قادر مگسي 25 ڊسمبر 1962ع ۾ سنڌ جي تاريخي شهر ٺٽي ۾ جنم ورتو. پاڻ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو مان MBBS ڪيائون. ڊاڪٽر صاحب شاگردي واري زماني کان ئي سياست ۾ حصو وٺندو پيو اچي. سائين جي ايم سيد جا قريبي ساٿي پڻ رهيا آهن. شروع ۾ گڏيل جيئي سنڌ تحريڪ ۾ رهيا، پر پوء اختلافن سبب ھڪ وڏي ڌڙي جيئي سنڌ تحريڪ کان جدا ٿي پنھنجي هڪ الڳ پارٽي ٺاھي، جيئي سنڌ ترقي پسند جي نالي سان، جنھن جا پاڻ ھن وقت چيئرمين آهن. ڊاڪٽر قادر مگسي سياسي سرگرمين جي عيوض ڪيترا ڀيرا جيل پڻ ڪاٽي چڪا آهن. سندس ڪالم، مضمون ۽ تقريرن کي سھيڙي ڪتاب ڇپيا ويا آھن جن مان ”چڙھہ چڪيائي چوٽيين“ (ڪالم ۽ مضمون) 1996ع ۽ ” ٿڪيائي ٿرٿيل“ (تقريرون) 2019ع ڇپيل آھن.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي ڊاڪٽر قادر مگسي جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن


ڊاڪٽر قادر مگسي جا ڪتاب

چڙھ چڪيائي چوٽيين، مصنف : ڊاڪٽر قادر مگسي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
چڙھ چڪيائي چوٽيين
مصنف : ڊاڪٽر قادر مگسي
ٿڪيائي ٿرٿيل، مصنف : ڊاڪٽر قادر مگسي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
ٿڪيائي ٿرٿيل
مصنف : ڊاڪٽر قادر مگسي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ