گلاب ھَڪڙو
شاعر، مزاحيہ ڪالم نگار، لطيف جي پارکو، استاد ۽ سماجي ڪارڪن، گلاب ھڪڙي (اصل نالو استاد حيدر بخش ھڪڙو) جو جنم پھرين جون 1949 تي شڪارپور جي پاڙي ڪڙي نواب خان ۾ ميان محمد بخش هڪڙو جي گهر ۾ ٿيو. گورنمينٽ قاضي محلا پرائمري اسڪول مان چار درجا پاس ڪري گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور مان مئٽرڪ پاس ڪيائين. گريجوئيشن ۽ ماسٽرس سنڌ يونيورسٽيءَ مان پرائيويٽ طور تي ڪيائين. هن کي پيار مان گهر وارا ۽ مائٽ گُل ڪري ڪوٺيندا ھئا پر مشھور ماستر حيدر بخش جي نالي سان آهي. هن جو ادبي نالو گلاب هڪڙو آهي.
تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ هن پنھنجي زندگي علم، ادب ۽ سماجي خدمتن لاءِ وقف ڪري ڇڏي. 1982 ع ۾ سگا شاخ شڪارپور جو ميمبر بڻيو. 1985 ع سگا ڪراچي شاخ جو ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي رهيو. ھو ڪراچيءَ جي اين جي وي اسڪول ۾ پڙھائيندو ھيو ۽ سنڌي ادبي سنگت ۾ سرگرم رھيو. سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن ۾ لڳاتار خدمتن عيوض کيس ڊاڪٽر ياسمين يادگار سگا گولڊ ميڊل ۽ 1922 ع ۾ سگا گولڊن جوبلي ڪانفرنس دوران سگا گولڊ ميڊل ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو.
ادب سان بہ سندس گَھرو تعلق هو. هو ڪتابن کي ماڻھن تائين پھچائڻ لاءِ پنھنجي خرچ تي ڪوششون ڪندو هو. مختلف آفيسن ۾ وڃي ڪتاب وڪڻڻ، ماڻھن کي پڙهڻ لاءِ آمادہ ڪرڻ—اهي سڀ سندس مشن جو حصو هئا. هن ڪالم بہ لکيا، ڪتاب بہ ڇپرايا ۽ ادبي گڏجاڻين ۾ بہ سرگرم رهيو. سندس ڪردار ۾ علم، ادب ۽ سماجي شعور گڏيل طور نظر ايندا هئا. ھن اخبارن ۾ ھفتيوار مزاحيہ ڪالم پڻ لکيا جيڪي پوءِ ڪتابي صورت ۾ پڻ ڇپيا. سندس ڪالمن ۾ چُڀندڙ ڳالھيون، طنز، سچائي ۽ معاشرتي براين تي ٽوڪ شامل آھي. ھو ظلم ۽ ڏاڍ خلاف مزاحيا ڪالم لکي اندر جو بار ھلڪو ڪندو ھيو. سندس روزاني ھلال پاڪستان ۾ ڇپيل مزاحيہ ڪالمن جو ھڪ مجموعو ”گُل ۽ ڪنڊا“ مھراڻ پبليڪيشن پاران 1998ع ۾ ڇپايو ويو، سندس مزاحيہ ڪالمن جو ٻيو مجموعو ”سو سائين منھنجي کي چوان“ مھراڻ پبليڪيشن پاران 2001ع ۾ ڇپايو ويو. ان کانسواءِ ھن ھڪ ڪتاب ”سگا سڪ سمونڊ“ پڻ مرتب ڪيو آھي. قاضي فيض محمد جي حياتيءَ ۽ جدوجھد تي تاثراتي مضمونن تي مشتمل سندس مرتب ڪيل ڪتاب ”سڄڻن لڌي سار“ مھراڻ پبليڪيشن پاران 2005ع ۾ ڇپايو ويو.
ماستر حيدر بخش ”گلاب“ ھڪڙو 9 فيبروري 2026 تي هڪ حادثي سبب اسان کان هميشہ لاءِ وڇڙي ويو.
- جنم: 1949-06-01
- ورسي: 2026-02-09
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل