لطيفيات

شاهه لطيف جي وائي ۽ وائيءَ جي اوسر

ھي ڪتاب نامياري ليکڪ، شاعر ۽ ايڊيٽر ستار پيرزادي جو لکيل آھي ۽ ايڊيٽنگ پروفيسر محمد سليم ميمڻ ڪئي آھي.
هن ڪتاب ۾ ستار پيرزادي، شاهه لطيف جي وائي ۽ سنڌي وائيءَ جي اوسر تي کوجنا ڪئي آهي. ادبي تاريخن ۾ وائيءَ جي اوسر تي تمام گهٽ ڌيان ڏنو ويو آهي. هي ڪتاب مستقبل ۾ وائيءَ جي تحقيق ڪندڙن لاءِ گهڻو ڪجهه بنيادي ماخذ مهيا ڪندو. هن وائيءَ تي تحقيق ڪري ڪجهه نتيجا به آڏو آندا آهن ۽ اهو به ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته وائيءَ جي صنف شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کان اڳ به موجود هئي، گڏوگڏ هن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي وائيءَ جو تحقيقي جائزو به ورتو آهي. وائي ۽ ڪافيءَ جي گهاڙيٽن ۾ فني فرق کي واضح به ڪيو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 899
  • 291
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book شاهه لطيف جي وائي ۽ وائيءَ جي اوسر

سڀ حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

ڪتاب جو نالو: شاهه لطيف جي وائي ۽ وائيءَ جي اوسر

مصنف: عبدالستار پيرزادو
ڪمپوزنگ : عبدالباسط ميمڻ
پيج ميڪنگ ۽ ٽائيٽل : حبيب الله جاکرو
ڇاپو: پهريون، مارچ 2016ع.
ڇپائيندڙ: شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي.
ڇپيندڙ: ڪاڇو پبليڪيشن، ڪراچي.
ڊجيٽل ايڊيشن: 2020ع
سنڌ سلامت ڪتاب گهر
books.sindhsalamat.com

مُلهه: -/300

ISBN 969-8447-09-22

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”شاھ لطيف جي وائي ۽ وائيءَ جي اوسر“ اوهان اڳيان پيش آهي. ھي ڪتاب نامياري ليکڪ، شاعر ۽ ايڊيٽر ستار پيرزادي جو لکيل آھي ۽ ايڊيٽنگ پروفيسر محمد سليم ميمڻ ڪئي آھي.
هن ڪتاب ۾ ستار پيرزادي، شاهه لطيف جي وائي ۽ سنڌي وائيءَ جي اوسر تي کوجنا ڪئي آهي. ادبي تاريخن ۾ وائيءَ جي اوسر تي تمام گهٽ ڌيان ڏنو ويو آهي. هي ڪتاب مستقبل ۾ وائيءَ جي تحقيق ڪندڙن لاءِ گهڻو ڪجهه بنيادي ماخذ مهيا ڪندو. هن وائيءَ تي تحقيق ڪري ڪجهه نتيجا به آڏو آندا آهن ۽ اهو به ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته وائيءَ جي صنف شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کان اڳ به موجود هئي، گڏوگڏ هن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي وائيءَ جو تحقيقي جائزو به ورتو آهي. وائي ۽ ڪافيءَ جي گهاڙيٽن ۾ فني فرق کي واضح به ڪيو آهي.
ھي ڪتاب 2016ع ۾ شاه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون ڊاڪٽر اي ڪي پنجواڻي ۽ سارنگ پيرزادي جا جن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪلي.


[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
 books.sindhsalamat.com

انتساب

هيءَ تحقيقي ڪوشش
شيخ اياز ۽ نياز همايونيءَ جي نالن سان،
جن جي نالن سان سنڌي شاعريءَ
جي جديد تاريخ کي ڪيترا ئي
گوهر پلئه پيا.

ٻه اکر: پروفيسر محمد سليم ميمڻ

عبدالستار پيرزادو ڪيترن ئي ورهين کان ادبي پورهئي ڪرڻ ۾ رڌل آهي. شيخ اياز جي قربت مان کيس گهڻو ڪجهه پرائڻ جو موقعو مليو.
هي سندس ’شاهه لطيف جي وائي ۽ وائيءَ جي اوسر‘ ڪتاب آهي، جيڪو شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر پاران شايع ٿي رهيو آهي. پاڻ چيئر جي ساٿين مان آهي.
هن ڪتاب ۾ پيرزادي صاحب، شاهه لطيف جي وائي ۽ سنڌي وائيءَ جي اوسر تي کوجنا ڪئي آهي. ادبي تاريخن ۾ وائيءَ جي اوسر تي تمام گهٽ ڌيان ڏنو ويو آهي. هي ڪتاب مستقبل ۾ وائيءَ جي تحقيق ڪندڙن لاءِ گهڻو ڪجهه بنيادي ماخذ مهيا ڪندو. هن وائيءَ تي تحقيق ڪري ڪجهه نتيجا به آڏو آندا آهن ۽ اهو به ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته وائيءَ جي صنف شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کان اڳ به موجود هئي، گڏوگڏ هن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي وائيءَ جو تحقيقي جائزو به ورتو آهي. وائي ۽ ڪافيءَ جي گهاڙيٽن ۾ فني فرق کي واضح به ڪيو آهي.
ڪتاب يارنهن بابن ۾ ورهايل آهي، جنهن جي آخر ۾ موجوده ٽهيءَ جي وائي گو شاعرن جو به پيرائتو وچور ڏنو ويو آهي. اهو چوڻ مناسب ٿيندو ته ليکڪ وائيءَ جي شروعات کان وٺي هيل تائين انجا پيرا کنيا آهن.
شروعاتي مسودي ۾ شعر جو ڇيد ۽ ڇندوديا جو باب شامل نه هو. ليکڪ کي صلاح ڏني وئي ته ان کي به شامل ڪيو وڃي ته جيئن ان جي فني صورت اڃا به اڀري بيهي.
اختر درگاهي صاحب مهرباني ڪري تجزياتي انداز ۾ ان جو مقدمو لکي ڏنو، جنهن لاءِ سندس ٿورائتو آهيان.
ڊاڪٽر فهميده حسين جون فني ۽ وقتائتيون صلاحون به شامل رهيون، بلڪه ايڊيٽنگ ۾ سندس ڀاڱي ڀائيوار شامل رهي، جنهن لاءِ سندس ٿورائتو آهيان.
اميد ته هيءُ ڪتاب سنڌي ادب جي طالبن لاءِ هڪ مفيد ڪتاب ثابت ٿيندو.

[b]پروفيسر محمد سليم ميمڻ
[/b]ڊائريڪٽر
شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر،
ڪراچي يونيورسٽي

مهاڳ: ستار پيرزادو

سنڌي شاعريءَ ۾ جيڪي صنفون قديم دؤر کان شروع ٿي جديد دؤر تائين لکجن پيون، انهن مان ’وائي‘ به هڪڙي صنف آهي. مون پنهنجي عمر جي لحاظ کان جيڪي ڪتاب ۽ مضمون پڙهيا آهن، انهن ۾ ڪڏهن به ان ’وائيءَ‘ جي صنف تي ڪو ڪتاب، ڪو مضمون يا ڪو مقالو به نه پڙهيو اٿم. مون ننڍي عمر کان ئي شاهه لطيف جي رسالن جي ورق گرداني ڪئي آهي ۽ نه صرف پنهنجي ڳوٺ ۾ پر ڪيترين ئي شهري محفلن ۾ شاهه لطيف جون وايون ڳائڻ وارن جي واتان ٻڌيون اٿم، جن مان ڪن جو مون تي بيحد اثر پڻ ٿيو ۽ ٿيندو رهندو آهي.
هتي شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي ڪراچيءَ ۾ نوڪريءَ دوران، شاهه لطيف چيئر پاران ڇهه ماهي تحقيقي جرنل ۾ ڇپيل مقالا پڙهندي مون ڏٺو آهي ته شاهه لطيف تي مقالا لکڻ وارن شاهه لطيف جي ٽن هزارن کان مٿي بيتن، دوهن ۽ سورٺن مان ڪن چند سَون بيتن کي پئي ڦيرايو گهيرايو آهي، باقي بيتن کي هٿ به نه لاتو آهي، نه ڄاڻ ڇو؟
وري شاهه جي رسالن ۾ بيت، دوهي، سورٺي کان پوءِ ’وائي‘ جي صنف شاهه لطيف لکي آهي، جيڪي ٽن سَون کان وڌيڪ آهن، پر انهن مان ڪا هڪڙي وائي به شايد ڪنهن محقق حوالي طور ڪتب آندي هجي، جڏهن ته شاهه لطيف وائيءَ جي صنف کي شاعريءَ ۾ گائڪيءَ جي معراج تي رسايو. گهربو ته اُهو هو ته سندس ان صنف تي جوڳي تحقيق ڪئي وڃي ها، پر اهو ته ٺهيو پر مون کي ’وائي‘ جي صنف تي محترم تاجل بيوس جو لکيل مضمون ’سنڌي وائي ۽ ان جي اوسر‘ ٻن قسطن ۾ سنڌ حڪومت جي اطلاعات کاتي پاران نڪرندڙ رسالي ’ماهوار پيغام‘ جي اپريل ۽ مئي - جون 2003ع ۾ ڇپيل نظر آيو، ٻيو ٿيو مڙيو ئي خير.
مان پاڻ به ڪڏهن ڪڏهن شاعريءَ لاءِ رنڊا روڙڻ جي ڪوشش به ڪندو آهيان، تنهن ڪري شاعريءَ تي لکيل ڪتاب خريد به ڪندو آهيان ۽ پڙهندو به آهيان. انهن ڪتابن تي مستند شاعرن، ڏاهن ۽ پارکن جا لکيل مهاڳ به ڏاڍي دلچسپيءَ سان پڙهندو آهيان، پر هاڻ مون هن صنف تي لکڻ لاءِ ايڪهٺ شاعرن جي شاعري پڙهي آهي ۽ انهن جي ڪتابن تي لکيل ڪيترائي مهاڳ، رايا ۽ خيال پڙهيا اٿم، انهن مان مون کي ڪا هڪڙي سِٽ، اڌ سِٽ وائيءَ بابت لکيل ملي آهي، هر ڪنهن جي قلم رڳو غزل جي تعريف لکي آهي. مون کي سمجهه ۾ نه آيو ته ائين ’وائي‘ جي صنف سان انياءُ ٿيو آهي. انهيءَ ’وائيءَ‘ سان لکندڙن جي ٻه اکيائي ۽ ڳڱا ٽيل رويئي مون کان هي ڪجهه لکرايو آهي.
مان سنڌي ادب جو انتهائي ادنيٰ کان به ادنيٰ پڙهندڙ ۽ لکندڙ آهيان، جنهن جي لکڻي ڀل ته کڻي ڦاڙي ڦٽي ڪرڻ جهڙي هجي، پر جيڪڏهن منهنجي ڳالهه ۾ ڪا حقيقت هجي ته پارکن، مهاڳ لکندڙن، مقالا نگارن، مونوگراف ۽ پي ايڇ ڊي لاءِ ٿيسز لکائيندڙن ۽ لکڻ وارن کي هڪ وينتي، ميڙمنٿ ۽ نماڻو عرض آهي ته هن صنف جو ڇيد ڪرايو وڃي، ڇنڊڇاڻ ڪرائي وڃي، صحيح معنيٰ ۾ پرک ڪرائي وڃي، ڇاڪاڻ جو شاهه عنات رضوي ۽ شاهه لطيف کان وٺي، شاعراڻي کيتر ۾ نئين کان نئين شاعره سنڌوءَ تائين هر شاعر هن صنف تي لکي ٿو ۽ ڪن جي شاعري رڳو ’وائي‘ تي ٻڌل ئي آهي.
اسان اميد جا ڏيئا
گُل ته ڪندا ئي ناهيون.

هونءَ مون کي وائيءَ بابت جيڪو مواد ملي سگهيو، اهو مان ازحد مختلف بابن ۾ حوالي طور ڏئي چڪو آهيان، انهن حوالن ۾ ڪن محققن جو رايو آهي ته ’ڪافي‘ ۽ ’وائي‘ اصل ۾ ساڳيءَ صنف جا ٻه نالا آهن، يعني لاڙ جا ماڻهو جنهن صنف کي ’وائي‘ ٿا سڏين، اترادي اُن ئي صنف کي ’ڪافيءَ‘ جي نانءَ سان ٿا پڪارين.
ڪن محققن جو اهو به خيال آهي ته ’ڪافي‘ ٺمري ڳائڪيءَ مان نڪتي آهي، جيڪا اصل ۾ هڪڙي راڳڻي آهي. پوءِ انهن مان به ڪنهن ايئن به چيو ته اها ’ڪافي راڳڻي‘ امير خسروءَ جي ايجاد ڪيل آهي ۽ ڪن محققن خاص ڪري محترم هيري ٺڪر ان ڳالهه کي رد ڪندي چيو ته ’ڪافي‘ سنڌ ۾ سمن جي دؤر ۾ به ملي ٿي. هن سال يعني 2014ع جي ٽماهي ’سنڌي ٻولي‘ تحقيقي جرنل، جيڪو سنڌي لينگئيج اٿارٽي، حيدرآباد مان ڇپجندو رهندو آهي، ان ’ڪافيءَ‘ جي صنف تي سڄو سارو ’ڪافي نمبر‘ ڪري ڪڍيو آهي، جنهن ۾ ڪيترن ئي محققن جا چيدا مقالا ڇپيا آهن، پر انهن ’ڪافيءَ‘ جي گهاڙيٽي،فن يا ٽيڪنيڪ تي ڪجهه نه لکيو آهي ته اها صنف لکجي ڪئين ٿي، ان جون فني لوازمات ڇا آهن؟
اهڙيءَ طرح هڪڙو مضمون نارائڻ شيام جي لکت ماهوار ڪينجهر 1993ع جي اپريل جي مهيني ۾ مون کي مليو، جنهن جو عنوان ’ڪافي ۽ وائي‘ آهي، ان ۾ نارائڻ شيام وائيءَ جي صنف تي ڪافي ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان ۾ هن واضح طور تي اهو ڄاڻايو آهي ته ’ڪافي‘ ۽ ’وائي‘ ڌار ڌار صنفون آهن ۽ ان مضمون ۾ هن ڄاڻايو آهي ته ’وائي‘ دراصل ’دوهو ڇند‘ تي لکي ويندي آهي، پر راڳ جي راڳڻين ۽ ڳائڻ وديا جي لحاظ سان شاهه لطيف اِن صنف ۾ ڪجهه واڌارا ڪيا ۽ هن ڪجهه وايون ’للت ڇند‘ تي به لکيون آهن.
ڳولها ڪندي مون کي هڪڙو مضمون خالص ’وائي‘ جي صنف تي پروفيسر محرم خان جو ’وائي سنڌ جي قديم سُرائتي صنف‘ پڻ مليو آهي. اهو مضمون سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي مخزن ۾ سال 77-1976ع ۾ ڇپيو هو، جنهن ۾ پڻ محرم خان جو چوڻ ته:
”سنڌ جي هن سُرائتي صنف ’وائي‘ تي ڪو ڪتاب ته ڇا، پر اهڙو ڪو مضمون به موجود نه آهي، جنهن مان ڪو مبتدي رڳو ابتدائي بنيادي قسم جي ڪابه رهبري حاصل ڪري سگهي.“

پر اڳتي لکندي محرم خان لکي ٿو ته:
”وائيءَ جو بنياد ڪو ڇند يا عروض جي لفظي وهٽ تي رکيل نه آهي، پر انهيءَ جو انشاد ۽ ترنم دنبوري جي تنوار تي رچيل آهي.“
هاڻ جيڪڏهن ’وائي‘ جي گهڙت ڇندوديا تي به نه آهي ته پوءِ ان صنف جو فني تاڃي پيٽو ڪهڙو هئڻ گهرجي، ان بابت محرم خان ڪا خاص ڄاڻ نه ڏني آهي، سواءِ اهو چوڻ جي ته، ”وائيءَ جو سٽاءُ ۽ ترنم دنبوري جي تنوار تي رچيل آهي.“ ان سان مبتدي شاعرن کي ڪو خاص لاڀ ته ملي نه سگهندو، ڇاڪاڻ جو تنبوري جي تاڻ ۽ تڻ تڻ کي هرڪو پرکي نه ٿو سگهي.
جيتوڻيڪ اڳتي هلي هُو ان راءِ جو آهي ته ’وائي‘، ڪافيءَ کان ڌار صنف آهي، تنهن لاءِ اسان جي راءِ آهي ته نارائڻ شيام جيڪو ’وائي‘ جو ڇندوديا تي ڇيد ڪيو آهي، اهو اسان جي جديدترين ’وائي‘ لکندڙن جي ڪافي حد تائين رهنمائي ڪري سگهي ٿو.
وائي اسان جي موجوده دؤر جي هر نوجوان کان نوجوان شاعرن وٽ مقبول صنف پئي رهي آهي. شاهه لطيف کان پوءِ اسان وٽ اڄ تائين سنڌي شاعريءَ ۾ بيت، دوهي، سورٺي سان گڏوگڏ ’وائي‘ به لکجي رهي آهي. پوءِ ڪنهن ان جي گهاڙيٽي ۾ ڪي تجربا به ڪيا آهن، اهي ڪيترا ڪامياب آهن يا ڪامياب ناهن. سندن لکيل وايون ڳائڻ وديا تي پوريون بيهن ٿيون يا نٿيون بيهن، مان هتي ان ڳالهه کي ڳائڻ وديا جي ڄاڻن لءِ ڇڏيان ٿو ته اهي ان باري ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ شاهه عنات رضوي، شاهه لطيف، سچل سرمست، حمل فقير، مصري شاهه ۽ سندن دؤر کان پوءِ وارن شاعرن جي شاعريءَ مان وائيءَ جي صنف ڳائي ۽ مقبول عام بڻائي ٿي سگهجي. سنڌ ۾ شاعريءَ جي ڪتابن جي ڇپجڻ جو سلسلو تمام گهٽ آهي. ان جا ڪي سبب آهن، هونءَ ته اهي حل جوڳا آهن، پر اسان جي سنڌ ۾ جيڪي گائڪ آهن، انهن جو شاعريءَ جا ڪتاب خريد ڪرڻ جو رواج تمام گهٽ آهي، پسند ۽ ناپسند جو عمل دخل به گهڻو ئي آهي. اسان وٽ سنڌ ۾ ڍولڻ راهيءَ جهڙا فرد تمام گهٽ آهن، جيڪي لکي به ڄاڻن ۽ ڳائي به ڄاڻن. اسان وٽ عبدالغفار تبسم ۽ بيدل مسرور بدوي لکي به ڄاڻن ته ڳائي به ڄاڻن ۽ ڌُنون به جوڙڻ ڄاڻن، تنهن هوندي به انهن کان ڪڏهن به پنهنجي ڇپيل شاعريءَ جي ڌُن، پنهنجي آواز ۾ ٻڌي نه سگهيو آهيان.
بهرحال مان ان راءِ جو آهيان ۽ بابن ۾ ڄاڻايل وائيءَ تي محققن جي راءِ مان اها راءِ جوڙي اٿم ته ’ڪافيءَ‘ کان ’وائيءَ‘ ڄڻ جدا صنف آهي ۽ نه هڪ ئي گهاڙيٽي جا ٻه نانءَ آهن.
باقي سنڌ ۾ ’ڪافي‘ اڄوڪي دؤر ۾ ان ڪري لکي نه ٿي وڃي جو موجوده دؤر جو هر شاعر راڳ ۽ راڳڻين مان واقف ناهي، تنهن ڪري اهو ڪافيءَ جي صنف جي پوئواري ڪري نه سگهيو آهي، تنهن ڪري نوجوان شاعرن کان اها صنف پاڻ ڇڏائيندي پئي وڃي. وري به شڪر اُن ڳالهه جو آهي ته اڄ ڪلهه وائي عام جام لکي پيئي وڃي. 2013ع ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، سنڌي شاعريءَ ۽ شاعرن بابت هڪ ڪتاب جي سهيڙ ڪئي هئي، جنهن ۾ هن ساڍا اٺ سؤ شاعر شامل ڪيا هئا، پر هڪ غيرمستند تخميني مطابق سنڌ ۾ هن وقت ٽن هزارن کان وڌيڪ شاعر موجود آهن ۽ انهن مان اڪثر وائيءَ جي صنف لکن ٿا.
ماهوار ناٽڪ ڪراچيءَ پاران رحمت پيرزادي جي ادارت ۾ نڪرندڙ رسالي ’وائي‘ نمبر ڪڍيو هو، ان ۾ ڪيترائي نوجوان ’وائي‘ لکندڙ شاعر اچي ويا هئا. وائيءَ جي صنف عروض تي به لکي وئي آهي، جنهن جي شروعات شيخ اياز ڪئي ۽ پوءِ ڪيترن ئي شاعرن عروضي وايون به لکيون، جنهن ۾ به ڪيترن ئي پاڻ موکيو آهي. وائيءَ جي صنف تي لکڻ لاءِ مون قلم کنيو آهي. اميد اٿم ته وائي لکندڙ شاعرن لاءِ لاڀائتو ليک ٿي پوندو. ڄڻ مون به شيخ اياز چواڻي ته

مون ڏات انوکي آندي آ
ٿي تند وڙهي تلوارن سان.

وائي ته نهٺي صنف آهي، پر موجوده دؤر جي شاعرن ان صنف ۾ به ڪافي جولانيءَ جا جوهر ڏيکاريا آهن.

[b]ستار پيرزادو
[/b]

[b]پتو:
[/b]C-213، پاڪ اوينيو،
پلاٽ 118، بلاڪ 19،
گلستان جوهر، ڪراچي.
موبائيل: 0306-2563417
ٽيليفون: 021-34663497

مقدمو: اختر درگاهي

”شاهه لطيف جي وائي ۽ وائيءَ جي اوسر“ جي عنوان هيٺ لکيل مسودو/مواد نظر مان گذريو. وائيءَ جهڙي اهم سنڌي شعري صنف تي لکيل اهڙو تفصيلي مواد منهنجي لاءِ نهايت دلچسپيءَ کان خالي نه هو، ڇاڪاڻ ته هِن کان اڳ، سنڌي ادب، خاص ڪري شاعريءَ جي اڪثر تذڪرن ۽ تاريخن ۾ ”وائي ۽ ڪافيءَ“ جو گڏيل طور ۽ مختلف راءِ سان نهايت مختصر بيان ڪيو ويو آهي، سواءِ انهن هڪ اڌ مضمونن جي، جن جو حوالو هن ليک ۾ ڄاڻايو ويو آهي. ان لحاظ کان هِن مسودي ۾ ليکڪ تمام گهڻي محنت ۽ جاکوڙ ڪئي آهي ۽ ان موضوع تي نه صرف سٺو مواد ڪَٺو ڪري ڏنو آهي بلڪ هڪ ذهين ليکڪ هجڻ جي ناتي، وائيءَ جي صنف متعلق ڪي نتيجا به ڪڍيا آهن ۽ اِها بلڪل صحيح راءِ قائم ڪئي آهي ته، ”ڪافيءَ کان وائي جدا صنف آهي ۽ نه ئي هڪ گهاڙيٽي جا ٻه نانءَ آهن.“ ساڳي وقت ليکڪ وائيءَ متعلق انهيءَ راءِ کي به دليلن سان رد ڪيو آهي ته، ”وائيءَ جو گهاڙيٽو بلها شاهه جي شاعريءَ تان ڀٽائي ورتو.“ يا ”وائي، لوڪ گيت يا سهري مان نڪتي آهي.“ جيئن ته ليکڪ جو وڌيڪ زور شاهه لطيف جي وائيءَ تي آهي، ان ڪري هن مسودي جي شروعاتي ٻن بابن کي ڇڏي جيڪي مجموعي طور ’شاعري ڇا آهي‘ ۽ ’ادب ۾ شاعريءَ جي اهميت‘ تي آهن، باقي سڀ باب شاهه لطيف جي حوالي سان آهن، جڏهن ته آخري باب جديد دؤر ۾ وائيءَ جي واڌ ويجهه بابت آهي. جيتري قدر وائيءَ جي تاريخي پسمنظر ۽ اُن جي ارتقا ۽ اوسر جو تعلق آهي، ليکڪ اُن لاءِ ڪو الڳ باب نه رکيو آهي، جيڪو رکڻ کپندو هو، البت ’شاهه لطيف کان اڳ جي وائي‘ ۽ ’وائيءَ جي گهڙت‘ وارن بابن ۾ هن ان سلسلي ۾ ڪي حوالا ضرور ڏنا آهن، جن جو تفصيلي ذڪر اڳتي ڪبو.
’ڪافي‘ ۽ ’وائي‘ سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ هڪ ئي وقت شاعريءَ جون صنفون به آهن ته راڳ جون صنفون به آهن. هن وقت هنن ٻنهي صنفن جو شعري حوالي سان گهاڙيٽو توڙي موضوع ۽ راڳ جي حوالي سان ڳائڪيءَ جو انگ ۽ انداز الڳ الڳ آهي. جيئن ته اسان جي مطالعي هيٺ آيل مسودو وائيءَ جي شعري صنف جي حوالي سان لکيل آهي، ان ڪري اسين اُن جو راڳ وارو پاسو ڇڏي ٿا ڏيون.
تاريخي حوالي طور سنڌ ۾ پهريان ’ڪافي‘ ۽ پوءِ وائيءَ جو نالو ملي ٿو. جڏهن ته هنن صنفن جي لکيت ۾ مليل پهرين نمونن ۾ ناليوار پهريان ’وائي‘ ۽ پوءِ ’ڪافي‘ اچي ٿي. شاههه لطيف ۽ سچل سائينءَ جي دؤر اچڻ تائين لکيت ۾ جيڪي شعري نمونا مليا آهن، تن ۾ وائي ۽ ڪافيءَ جي گهاڙيٽي توڙي موضوع ۾ ڪوبه فرق ناهي ۽ هڪ ئي دؤر ۾ هڪ ئي شعري گهاڙيٽي جا ٻه مختلف نالا ملن ٿا، وائي به ته؛ ڪافي به.
شاهه عنات رضوي (1720ع-1625ع) اهو پهريون شاعر آهي، جنهن پنهنجي رسالي ۾ بيت کان پوءِ جيڪا شاعريءَ جي صنف لکي آهي، اُن کي هن ’وائيءَ‘ جو نالو ڏنو. جڏهن ته ’ڪافي‘ چوڻ جو اهڃاڻ سنڌ ۾ شاهه عنات رضويءَ کان اٽڪل هڪ سؤ سال اڳ ارغونن جي دؤر ۾ ملي ٿو. تذڪرن ۾ آيل آهي ته، ”سورهين صديءَ واري دؤر ۾ سنڌ جي ذاڪرن ۽ ڳائيندڙن مان پاٽ جو بزرگ شيخ لاڏ جيو سنڌي (1598ع-1523ع) برهانپور ۾ سنڌي ڪافي ڳائڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو.(1) ان بعد شاهه عنات رضوي کان ٿورو اڳ مغل دؤر ۾ مير معصوم شاهه جي ڀاءُ مير فاضل بکريءَ لاءِ لکيل آهي ته ”هُن سنڌي ڪافيءَ کي دهلي ۽ آگري طرف مشهور ڪيو.“ هڪ هنڌ ته ايئن به لکيل آهي ته، ”مير فاضل بکري سنڌي ٻوليءَ جو شعر ’ڪافي‘ نهايت ئي سهڻو چوندو هو.“(2) ان مان خبر پوي ٿي ته اُن دؤر ۾ سنڌي ڪافي نه صرف راڳ جي بلڪ سنڌي شاعريءَ جي به مڃيل صنف هئي، پر اسان جا سڀئي تذڪره نويس ان ڳالهه تي اچي بيهي رهيا ته ’ڪافيءَ‘ جي ان دؤر وارو گهاڙيٽو محفوظ رهي نه سگهيو جيڪو ملي نه سگهيو آهي. ٻئي طرف اهو ڏسون ٿا ته مٿي ذڪر ڪيل سنڌي ڪافيءَ جي مقبول دؤر ۾ پنجاب اندر شاهه حسين (1593ع-1531ع) ڪافيءَ جو وڏو ۽ پهريو شاعر نظر اچي ٿو، جنهن لاءِ اهو پڻ چيو وڃي ٿو ته مٿس سنڌي راڳ ڪافيءَ جو اثر هو. بقول ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ته، ”سنڌ جو راڳ ايترو مشهور هو، جو اُن جو اثر سنڌ ۽ پنجاب جي مسلمان صوفين ۽ درويشن تي پيو، جو لاهور جي صاف دل درويش شاهه حسين پنهنجي جذبن جو اظهار ڪافين ذريعي ڪيو.“(3) خاص ڳالهه ته شاهه حسين جي ڪافين جو شعري گهاڙيٽو به اهڙو آهي، جيڪو بعد ۾ ملندڙ سنڌي اوائلي ڪافين ۽ واين جو آهي.
مائي ني مين کينون اکهان، درد وڇوڙي دا حال
دهوان دُکي ميري مرشد والا، جان ڦولان تان لال
کهي حسين فقير نماڻان، اج وي نه آيو لال.(4)

شاهه حسين جي اُها ڪافي دوهي ڇند تي آهي، البت ان جا ماترا عام دوهي جي ماترائن کان گهڻا آهن. وائيءَ جي پهرين باقاعده شاعر شاهه عنات رضويءَ وٽ به اهڙو ئي شعري گهاڙيٽو ملي ٿو، جيئن ڏسو:
تان تون رات سڄيائي سُمهين، ساٿين نندا بار
انهين جي عنايت چئي، پُڇي ونءُ پيزار.(5)

مٿي پيش ڪيل اقتباس مان ثابت ٿئي ٿو ته، سنڌي ڪافيءَ جو به اوائلي شعري گهاڙيٽو اهوئي هوندو، پر جڏهن لکيت ۾ انهن جو نمونو مليو ته اُهو هيو ته هڪڙي ئي گهاڙيٽي کي ڪٿي وائي لکيو ويو ته ڪٿي ’ڪافي‘.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جڏهن سنڌي ڪافين جي ڪتاب جو پهريون جلد ترتيب ڏنو ته ان ۾ هُن شاهه عنات رضويءَ کي سنڌي ڪافيءَ جي پهرين شاعر طور آڻي سندس ويهه عدد ’وايون‘، ڪافيون قرار ڏئي ڪتاب ۾ شامل ڪيون. ساڳئي وقت ڊاڪٽر بلوچ، شاهه لطيف، تمر فقير ۽ ڪن ٻين شاعرن جون ’وايون‘ پڻ ڪافيءَ طور ان جلد ۾ شامل ڪيون آهن. جڏهن ته انهن بعد صاحبڏني فاروقيءَ جون ڪافيون ڏنيون اٿائين، جنهن ساڳئي دؤر ۾ پنهنجي ڪلام کي ’ڪافي‘ چيو ۽ لکيو. هونءَ به ڏسنداسون ته ان دؤر ۾ ملندڙ شاهه عنات ۽ شاهه لطيف جي واين ۽ صاحبڏني فاروقيءَ جي ڪافين جو شعري گهاڙيٽو ۽ موضوع پڻ ساڳيو آهي. پر هتي اهو سوال ٿو اُڀري ته جڏهن ’ڪافي راڳ‘ ۽ پڻ ’ڪافي شعر‘ شاهه عنات رضويءَ کان اڳ سنڌ ۽ پنجاب ۾ مقبول هيو ۽ ان جو گهاڙيٽو به ساڳيو هو ته پوءِ شاهه عنات رضوي اهڙي شعري صنف کي ’وائي‘ نالو ڇو ڏنو؟ انهيءَ جا ٻه خاص سبب ٿي سگهن ٿا. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکيو آهي ته، ”وائي ۽ ڪافي راڳ جا اصطلاح آهن.“ (6) ڪافي راڳ ته سنڌ جو اوائلي راڳ هيو. جڏهن ته ’وائي‘ راڳ جي باري ۾ ڊاڪٽر بلوچ لکيو آهي ته، ”’وائي‘ معنيٰ وڏي آواز سان چوڻ. جنهن مان اسم ’وائي‘ آهي. انهيءَ مناسبت سان وائيءَ جي اصطلاحي معنيٰ پيدا ٿي. اهو ٻول جيڪو مٺي آواز يا آلاپ سان ڳائجي، ان لحاظ کان ’وائي‘ موسيقيءَ جي آڳاٽي صنف ’قول‘ جي هم معنيٰ اصطلاح آهي.“(7) هڪ ته شاهه عنات رضوي، جيڪو پنهنجي وقت ۾ راڳ جو پڻ وڏو ماهر هو، پنهنجي ڪلام کي سُرودن ۽ سُرن ۾ ورهايائين ۽ سنڌي راڳ ۾ ڪافيءَ جي اوائلي انگ کان پوءِ وائيءَ جو نئون آهنگ متعارف ڪرايائين، جنهن کي اڳتي هلي شاهه لطيف عروج تي پهچائي ڇڏيو. ٻيو ته شاهه عنات رضوي جيئن جو پنهنجي وقت جو هڪ سڄاڻ ۽ عظيم شاعر هو، تنهن سنڌي شاعريءَ جو رُخ پڻ موڙيو. شاهه عنات رضويءَ وٽ سنڌي شاعري ڳاهن، گنانن، قاضي قادن جي بيتن ۽ دادو ديال کان ٿيندي اچي هن وٽ پهتي هئي، جنهن جو بنيادي تاڃي پيٽو تصوف جو روحاني فڪر، جنگين جا واقعا ۽ عوامي قصا ۽ داستانن جو بيان هو. شاهه عنات رضويءَ پنهنجي ’وايُن‘ ۾ نواڻ آندي، هو نوان عوامي داستان جهڙوڪ راءِ ڏياچ، مڱڻو، نوري ڄام تماچي کڻي آيو، جنهن کان سواءِ ٻيا عوامي موضوع آتڻ، ڪاپائتي، سامي، جوڳي ۽ سخي مردن کي به ڳايو. شاهه عنات رضوي پهريون دفعو سنڌي شاعريءَ ۾ مجازي حسن ۽ عشق کي به متعارف ڪرايو. اهڙيءَ طرح شاهه عنات رضوي سنڌ جي اوائلي ’ڪافيءَ‘ کي نئون موڙ ڏئي ان ۾ جدت آڻي ۽ ان ۾ موضوعن جي نواڻ ۽ وسعت آڻي، سنڌي شاعريءَ ۾ ’وائيءَ‘ جي صنف کي الڳ ٿلڳ بڻائي هڪ Break Through ڪيو. شاهه عنات رضويءَ جي انهيءَ ئي روايت تان اثر وٺي شاهه لطيف وائيءَ جي صنف کي هنئين سان هنڍايو ۽ ان ۾ فن ۽ فڪر جا نوان جوهر ڏيکاري، وائيءَ جي صنف کي ڪمال جي سطح تائين وٺي آيو، جنهن جو اثر اڄ جي جديد شاعريءَ تائين موجود آهي.
هوڏانهن اُتر سنڌ اندر درگاهه درازا ۾ تصوف جي اثر هيٺ ’ڪافي‘ راڳ ۽ ’ڪافي ڪلام‘ جو سلسلو هلندو آيو، جنهن ۾ اڳتي هلي سچل سائينءَ ڪافيءَ جي شعري صنف کي وسعت ڏئي نه صرف اوائلي گهاڙيٽي تي ڪافيون چيون، بلڪ انهن جي ٿلهه ۽ مصراعن ۾ نوان تجربا ڪيا، پر ڪافيءَ جي صوفيانه موضوع ۾ پنهنجو رنديءَ ۽ مستيءَ وارو جوش ۽ جذبو شامل ڪيو. اهڙو ئي جوش ۽ مستي ڪافي راڳ ۾ به آندي جو شاهه لطيف جي ’وائيءَ‘ کان پوءِ خاص ڪري سنڌ جي صوفيانه تحريڪ ۾ سنڌ جي درگاهن تي ’ڪافيءَ‘ اچي جاءِ والاري. پر ان جي موضوع جو خاص نڪتو صرف ۽ صرف صوفيانه خيال، حسن ۽ عشق جو بيان (پوءِ اُهو مجازي هجي يا حقيقي) ئي رهيو. سچل سائينءَ کان پوءِ جن صوفي بزرگن ۽ شاعرن ڪافيون چيون، انهن جي سچل سائينءَ جي ئي فن ۽ فڪر ۽ ڪافين جو اثر پيو ۽ سندن ڪافيون ’وائيءَ‘ کان ان ڪري به مختلف آهن جو ’وائيءَ‘ جيان ان جو موضوع به وسيع ناهي ته وائيءَ جيان ڪو هڪڙو گهاڙيٽو به ناهي. صوفي بزرگن وٽ غزلياتيون ڪافيون به ملن ٿيون، وائيءَ جي گهاڙيٽي ۾ به ڪافيون ملن ٿيون ته انهن صنفن کان مختلف به ڪافيون ملن ٿيون.
ڪافيءَ ۽ وائيءَ جي مٿي ذڪر ڪيل بيان جو مقصد اُهو هيو ته جيئن اسين وائي ۽ ڪافيءَ جي بنيادي فرق ۽ ان جي تاريخي پسمنظر کي سمجهي سگهون. هن مسودي ۾ ليکڪ اٺين باب اندر ’وائي ۽ ڪافي‘ جو جيڪو فرق ڄاڻايو آهي، اهو صرف شعري گهاڙيٽي جو آهي، جيئن لکيو اٿائين ته، ”وائيءَ جي هر هڪ مصرع هڪ تُڪي ۽ ان جي پهرين مصرع يا ان جو اڌ هر ڪنهن مصرع جي پٺيان ايندو.“ يعني وراڻي يا ايئن به لکيو اٿائين ته ”وائي، سورٺي يا دوهي جي پدن تي آڌاريل آهي.“ اهو به ڄاڻايو اٿائين ته ”وائيءَ جي ٿلهه ۾ ته ڪافي تجربا ٿيا آهن، پر ان جي مصرعائن ۾ وسعت ناهي آئي.“ وغيره، پر اسان ڏسئون ٿا ته ’وائيءَ‘ جي مٿي بيان ڪيل گهاڙيٽي ۾ اڄ به ’ڪافيون‘ چيون ۽ لکيون وڃن ٿيون، تنهن ڪري ڪافي جيڪڏهن وائيءَ کان گهڻو مختلف آهي، ته اُها موضوع جي حوالي سان آهي. ڪافيءَ جو خاص موضوع حسن، عشق، مجاز، فراق، وصال ۽ ٻيا صوفيانه خيال آهي، جڏهن ته وائيءَ ۾ انهن موضوعن سان گڏوگڏ ٻيا گوناگون موضوع بيان ڪرڻ جي وسعت موجود آهي. گهاڙيٽي جي حوالي سان به ’ڪافيءَ‘ جا گهاڙيٽا سچل سائينءَ وارا ئي هلن پيا، ڇوته جيڪڏهن ڪافيءَ جي گهاڙيٽي ۾ تجربا ڪبا ته پوءِ اها ’ڪافي‘ نه رهندي يا گيت ٿي ويندي يا نظم، جڏهن ته وائيءَ ۾ نون تجربن ڪرڻ جي وسعت موجود آهي ۽ پڻ نوان خيال به آڻي ٿا سگهجن. اهوئي سبب آهي جو جديد ادب ۾ اڄ به ’ڪافيءَ‘ جي جاءِ تي وائي وڌيڪ لکي وڃي ٿي. ٻي ڳالهه ته ڪافي لکڻ کان وڌيڪ جهونگارڻ جي شيءِ آهي، جنهن لاءِ راڳ جي ڄاڻ ضرور هئڻ گهرجي.
هن مسودي جي باب چوٿين ۾ ليکڪ وائيءَ جي صنف جا پيرا شاهه عنات رضويءَ جي دؤر کان به اڳ کنيا آهن ۽ اهو لکيو آهي ته، ”شاهه عنات رضويءَ کان اڳ ۾ ميران ٻائيءَ جي گيتن يا پَدن ۾ وائيءَ جو گهاڙيٽو ملي ٿو.“ ان سلسلي ۾ ليکڪ ميران ٻائيءَ جي شبدن جا ڪي پَد به مثال طور ڏنا آهن. ان بيان کان پوءِ به سنڌي شاعريءَ ۾ وائيءَ جو پهريون شاعر شاهه عنات رضوي ئي بيهي ٿو.
اڳتي هلي مسودي جي باب پنجين ۾ ليکڪ، نارائڻ شيام جي هڪ مضمون جي حوالي سان هڪ اهم ڳالهه به لکي آهي ته، راجستان جي ’دادو ديال‘ (1602ع-1544ع) وٽ سنڌي وائيءَ جهڙي شروعاتي صنف ملي ٿي، جيڪو شاهه عنات کان اڳ ٿي گذريو آهي. ليکڪ مسودي ۾ دادو ديال جي انهن شعرن کي به پيش ڪيو آهي، جيڪي وائيءَ جي گهاڙيٽي جهڙا آهن، جڏهن ته دادو ديال جي اهڙي شعري گهاڙيٽي کي واڻي يا ٻاڻي سڏيو ويو آهي. بهرحال ليکڪ سنڌي وائيءَ جي حوالي سان شاهه عنات کان اڳ جي دادو ديال جو سٺو حوالو پيش ڪيو آهي، پر دادو ديال کان به اڳ وائيءَ جا نشان ڪونه ڄاڻايا آهن ۽ اهو لکيو اٿائين ته، ”دادو ديال کان اڳ اهڙو ڪو مثال اڃا هٿ نه آيو آهي.“ دادو ديال جي وائيءَ جهڙي شعري نموني تي لکيل واڻيءَ مان خبر پوي ٿي ته کانئس اڳ سنڌ ۾ اهڙي شعري صنف موجود هئي، جنهن اڳتي هلي ڪافي يا وائيءَ جو روپ ورتو.
اسان ان سلسلي ۾ جڏهن سنڌي ادب جي تذڪرن خاص ڪري شاعريءَ جي تاريخ جي ورق گرداني ڪريون ٿا ته خبر پوي ٿي ته هن وقت جيڪا سنڌي ڪافي يا وائي لکي وڃي ٿي، ان جا شروعاتي اهڃاڻ دادو ديال کان به اڳ سومرن جي دؤر ۾ ملن ٿا، جنهن دؤر ۾ سنڌي شعر ڳاهه، دوهي، سورٺي ۽ بيت کان ارتقا ڪري اسماعيلي بزرگن جي نظم گنان تي پهچي ٿو. جن تذڪره نويسن اهو لکيو آهي ته سنڌ ۾ وائي ۽ ڪافيءَ جا اوائلي نمونا ملي نه سگهيا آهن، انهن جو الائي جي ڇو سنڌي شعر ’گنان‘ ڏانهن ڌيان نه ويو آهي. ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ’گنان‘ کي وائيءَ جي شروعاتي شعري سِٽا ڄاڻايو آهي ۽ لکي ٿو ته، ”گنان ۾ وراڻي ٿئي ٿي جيڪا هر بند ۾ وري وري دهرائجي ٿي. وائيءَ جي ساخت به لڳ ڀڳ هن نظم جهڙي آهي، ان مان لڳي ٿو ته سنڌيءَ ۾ وائيءَ جي سٽا جهڙي صنف موجود هئي.“(8) ڊاڪٽر غلام علي الانا موجب، ”’گنان‘ هڪ اهڙي صنف آهي، جنهن کي سنگيت وديا يا راڳداريءَ موجب ڪافيءَ جي صنف چئي سگهجي ٿو، جنهن ۾ هر بند کان پوءِ ٿلهه جي وراڻي ڌيان ڇڪائي ٿي.“(9) هينئر گنان نظم جو هڪ بند پيش ڪجي ٿو، جنهن جا اصل ۾ پنج بند آهن.
شاهه جو مڃيئڙو تن کي، جي صُبوحڙي جاڳن.
اُٿي الله نه گُهرين بندا تون، سُتين سڄي رات.
نه ڪا جهوري جيءَ بندا، نه ڪو سمر ساٿ.
شاهه جو مڃيئڙو تن کي، جي صُبوحڙي جاڳن.(10)

سومرن جي دؤر ۾ پير صدرالدين جو چيل هي ’گنان‘ سنڌ ۾ دوهي، ڳاهه ۽ بيت کان پوءِ سرجندڙ پهرين شعري صنف آهي، جنهن اڳتي هلي ڪافيءَ يا وائيءَ جو روپ اختيار ڪيو. هن ’گنان‘ ۾ ’ٿلهه‘، ’مصرعا‘ ۽ پڻ ٿلهه جي مصرعن سان ’وراڻي‘ ظاهر ڪري ٿي ته سنڌي شاعريءَ ۾ وائي يا ڪافيءَ جهڙي صنف جا اهڃاڻ پير صدرالدين جي ’گنانن‘ ۾ نمودار ٿيا، اُن جو باقاعده گهاڙيٽو دادو ديال جي شاعريءَ ۾ تخليق ٿيو، جڏهن ته اهڙي صنف تي ’وائيءَ‘ جو نالو رکي شاهه عنات رضوي ان کي نون موضوعن ۽ فڪر سان سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ خوبصورت اضافو ڪيو.
وائيءَ جا شروعاتي بنياد ۽ اهڃاڻ سنڌ جي سرحدن کان ٻاهر نه ڳولڻ گهرجن، جو اها نِج شاعريءَ جي صنف آهي، جيڪا ميران ٻائيءَ کان به ٻه سؤ سال پهريان سنڌ ۾ تخليق ٿي، جنهن جون پاڙون سنڌي شعر جي دوهن، سورٺن ۽ بيتن ۾ موجود آهن. ڪافي هجي يا وائي، اُها سنڌي بيت مان ئي اُسري آهي، خاص ڪري ’وائيءَ‘ جو شروع کان وٺي اڄ تائين شعري گهاڙيٽو ’بيت‘ جي چوڌاري ڦِري ٿو، اهو به ڇندوديا جي شعري ويس ۾. هن مسودي ۾ ليکڪ اهو صحيح ڄاڻايو آهي ته، ”وائي حقيقت ۾ دوهي يا سورٺي جي پڌن تي آڌاريل آهي.“ بيت يا ڏوهيڙي مان ڪافي يا وائي ڪيئن اُسري، ان جو سبب به سنڌ ۾ راڳ جو اوائلي ذوق ۽ شوق آهي. ان سلسلي ۾ ادبي تذڪرن ۾ ڄاڻايل آهي ته، ”جڏهن بيت ۽ ڏوهيڙي ماڻهن جي دلين تي اثر ڪيو ته هُو دل وندرائڻ لاءِ اُهي بيت سُر سان چوڻ لڳا ۽ انهن کي ڳائڻ لڳا، تنهن ڪري سُر بيهارڻ لاءِ پوءِ مصرع جو پويون اڌ قافيه وارو يا ڪڏهن پهريون به اڳي ڪري چوڻ لڳا.“(11) اهڙيءَ طرح بيت جي سٽن کي اڳتي پوئتي ڪرڻ سان ۽ ان کي ٿلهه، وراڻي ۽ مصرعن جي ورهاست سان هڪ نئين صنف وجود ۾ آئي. هتي سولي طرح بيت ۽ وائيءَ جي ڦيري جو اهڙو مثال ڏجي ٿو، جنهن مان خبر پوندي ته بيت ۽ وائي ڪيئن هڪٻئي سان سلهاڙيل آهن.
پهريان شاهه لطيف جو هي بيت پڙهو:
مون ساريندي سپرين، اچين جي هيڪار،
پيرين ڌريان پنبڻيون، هنڌ وڇايان وار،
صاحب سڀ ڄمار، ڳولي ٿي گذاريان.

هاڻي شاهه لطيف جي انهيءَ بيت جي آخري سِٽ کي کڻي ڪري بيت جي مٿان پهرين سِٽ رکبي ته اها وائي بڻجي ويندي.
ٿلهه: صاحب سڀ ڄمار، گولي ٿي گذاريان.
مون ساريندي سپرين، اچين جي هيڪار.
پيرين ڌريان پنبڻيون، هنڌ وڇايان وار.

اوهان ڏٺو ته اهو بيت ٿوري ڦيرڦار سان دوهو وائي بڻجي ويو.
هن مسودي جي ليکڪ وائيءَ جي اها صحيح پڪڙ ڪئي آهي ته، ”وائي ڇندوديا جي اصول مطابق دوهي ڇند ۽ سورٺي ڇند تي آڌاريل آهي.“ مسودي جي باب ٽئين ۾ ليکڪ شاهه لطيف جي شاعريءَ جي صنفن طور دوهي، سورٺي، دوهي سورٺي ميل ۽ ٻين بيتن جو پيرائتي نموني ذڪر ڪيو آهي ۽ انهن کي سٺو سمجهايو آهي. اهڙيءَ طرح شاهه لطيف جي وائي پڻ دوهي ڇند ۽ سورٺي ڇند تي چيل آهي ۽ ان جو اڪثر وزن دوهي ڇند ۾ پهرين پَد ۾ 11 ماترائون ۽ ٻئي پَد ۾ 13 ماترائون آهي، پر جيئن ته ڇند جا به ڪيترائي قسم آهن ۽ دوهن جو به ماترائن ۾ ڪٿي ڪٿي الڳ حساب ٿئي ٿو. شاهه لطيف به واين ۾ خاص ڪري ان جي ٿلهه ۾ ڪيترائي نوان تجربا ڪيا. اهي سموريون خوبيون هن مسودي جي باب ’شاهه لطيف جي واين جا گهاڙيٽا ۽ موضوع‘ ۾ ليکڪ تفصيل سان بيان ڪيون آهن، البت ڇندوديا جي علم موجب اهو نه ٻڌايو آهي ته ’ماترا‘ ڇاکي چئجي ۽ اهي ماترائون ڪنهن بيت يا وائيءَ مان ڪيئن ڳڻجن جو انهن جي مقرر وزن جي خبر پوي. ”ماترائن جي ڳڻپ جو مدار نِڙيءَ جي آواز کي ڇوٽي يا ڊگهي ڪرڻ تي آهي. آواز جي انهيءَ ڇوٽائيءَ ۽ گهڻائيءَ ۽ وڪڙڻ کي، اهڙي اکري صورت ۾ آڻڻ ناممڪن آهي جهڙي صورت ’علم عروض‘ جي ٺهرايل آوازن کي ڏنل آهي.“(12)
”حرفَ ٻوليءَ جي پيڙهه آهن. حرف ما پَد يا جُزا ٿا جُڙن. مثال آهي ”شاهه“، اُهو ٻن جُزن مان جُڙيو آهي ’شا‘ ۽ ’هه‘. ’شا‘ جُزي ۾ ٻه حرف آهن ش ۽ الف، ’هه‘ ۾ هڪ جُزو آهي. اهڙي طرح زير زبر وارا ٿين ننڍا جُزا ته وري حرف علت يعني الف، و، ي، آ وارا ٿين ڊگها جُزا. ننڍن جُزن کي اُچارڻ ۾ ويرم گهٽ ٿي لڳي ۽ ڊگهن جُزن کي اُچارڻ ۾ ويرم (Timing) ڪجهه وڌيڪ ٿي لڳي. انهيءَ ويرم کي چَون ’ماترا‘. ننڍي جُز جي ڳڻبي هڪ ماترا ۽ ڊگهي جُزي جون ڳڻبيون ٻه ماترائون. ’شاهه‘ لفظ ۾ هڪ ڊگهو جُزو آهي ’شا‘ ان جون ٻه ماترائون ۽ ننڍو جُزو آهي ’هه‘، جنهن جي هڪ ماترا. ان حسان سان ’شاهه‘ لفظ جون ماترائون ٿيون ٽي.“(13) ان حساب سان شاهه لطيف جي بيتن ۽ واين جي وزن کي سمجهي ۽ ڳڻي سگهجي ٿو.
هن مسودي ۾ ليکڪ وائيءَ جي گهاڙيٽي تي صحيح راءِ قائم ڪري ۽ اُن جي وصف بيان ڪري، شاهه لطيف کان پوءِ لکجندڙ وائيءَ جي اهم شاعرن ۾ روحل فقير، مراد فقير، سچل سائين، صوفي صديق، شاهه شريف، فتح فقير، غلام رسول فقير، غلام محمد، پير غوث محمد، بيدل سائين، مصري شاهه، حمل فقير جي ڪلام کي شامل ڪيو آهي.
شايد ليکڪ سندن ڪلام اُن ڪري شامل ڪيو آهي جو اُهو وائيءَ جي گهاڙيٽي تي دوهي ڇند ۽ سورٺي ڇند تي چيل آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب به ڪافيون جلد 1 ۾ ڪافين ۾ ٻين شاعرن سان گڏ شاهه عنات رضوي ۽ شاهه لطيف جون ’وايون‘ به شامل ڪيون هيون، پر ان جو سبب هڪ ته اُهو هو جو شاهه عنات ۽ صاحبڏني فاروقيءَ تائين اڃا ’وائي ۽ ڪافي‘ الڳ الڳ صنف طور ڪو خاص گهاڙيٽو يا موضوع اختيار نه ڪيو هو، ٻيو ته وايون؛ ڪافيءَ جي ئي انداز ۾ ڳايون ٿي ويون، جڏهن ته مٿي ذڪر ڪيل شاعرن خاص ڪري سچل سائين، روحل فقير، مراد فقير، حمل فقير، بيدل سائين ۽ مصري شاهه سڀني پنهنجي ڪلام کي ’ڪافي‘ سڏيو ۽ لکيو آهي ۽ انهن جي ڪلام جا جيڪي به ڇاپي ۽ قلمي نسخا آهن، انهن ۾ انهيءَ صنف کي ’ڪافين‘ طور ئي درج ڪيو ويو آهي، ٻي خاص ڳالهه ته سچل سائينءَ کان پوءِ صوفيانه فڪر کي وڌيڪ ڦهلائڻ لاءِ وائيءَ جي جاءِ اچي ’ڪافي‘ راڳ ۽ ڪافيءَ جي شعري صنف ورتي هئي ۽ سچل سائينءَ کان وٺي سمورن صوفي شاعرن جي ڪافين جو لهجو ۽ موضوع نِج صوفياڻو ۽ حسن ۽ عشق جو آهي ۽ انهن ۾ موضوعن جي اها وسعت ناهي، جيڪا شاهه لطيف ۽ کانئس پوءِ جي جديد شاعريءَ ۾ وائيءَ جي صنف اندر ملندي. انهيءَ ڪري منهنجو ذاتي خيال اُهو آهي ته انهن شاعرن جي ’ڪافين‘ کي، ڀلي پوءِ اُهي وائيءَ جي گهاڙيٽي تي چيل هجن، مڪمل وائيءَ جي دائري ۾ آڻي نه ٿو سگهجي.
اهي ته آهن سنڌي صوفيانه ’ڪافيون‘، جن کي وائيءَ جي گهاڙيٽي ۾ هئڻ ڪري کڻي قبول به ڪيو وڃي، پر هن مسودي ۾ ليکڪ بُلها شاهه جي ڪافين کي به وائيءَ جي زمري ۾ آندو آهي، جنهن کي مڃڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. بُلها شاهه، شاهه لطيف جو همعصر آهي، جنهن وٽ ڪافيءَ جي صنف شاهه حسين وٽان ٿيندي ۽ ڪمال صورت اختيار ڪري اچي پهتي هئي. مڃون ٿا ته شاهه حسين ۽ بُلها شاهه جي ڪافين تي به سنڌ جي صوفيانه فڪر ۽ ’ڪافي راڳ‘ جو اثر ٿيو، پر جن ڏينهن ۾ اسان وٽ اڃا ڪافي يا وائيءَ جا ڪي ٺوس نمونا نه مليا ها، پنجاب اندر ’ڪافي‘ صنف پنهنجا پير پختا ڪري چڪي هئي، جنهن جو مثال شاهه حسين جون ڪافيون آهن. بُلها شاهه وٽ به اڃا وڌيڪ ’ڪافيءَ‘ کي عروج مليو ۽ اها صوفيانه فڪر کي پيش ڪرڻ جو اهم ۽ مضبوط ذريعو بڻجي چڪي هئي. بُلها شاهه پاڻ به پنهنجي ڪلام کي ’ڪافيون‘ چيو آهي ۽ ان جي سمورن شارحن به ان ڪلام کي ڪافيون سڏيو آهي ته پوءِ ان کي ’وايون‘ شمار نه ٿو ڪري سگهجي.
ڳالهه صرف گهاڙيٽي جي هڪجهڙائيءَ جي ناهي، پنجاب ۾ شاهه حسين ۽ بُلها شاهه وٽ سنڌ ۾ سچل سائينءَ کان پوءِ ’ڪافي‘ پنهنجي گهاڙيٽن جي وسعت ۽ صوفيانه موضوع ۾ وائيءَ کان الڳ ٿلڳ بيٺي آهي ۽ اُها ڳالهه هن مسودي جي ليکڪ به بار بار لکي آهي ته ’وائي‘ ۽ ’ڪافي‘ الڳ صنفون آهن، جي ايئن ناهي ته پوءِ پنجاب جي سمورن شاعرن جي ڪافين کي (بمع شاهه حسين جي) واين ۾ شمار ڪرڻو پوندو، جيڪي وائيءَ جي گهاڙيٽي تي چيل آهن.
اهڙو ئي هڪ مغالطو ليکڪ کي شاهه لطيف ڏانهن منسوب هڪ ڪافيءَ متعلق ٿيو آهي، جيڪا جي. ايم. سيد پنهنجي ڪتاب ’شاهه لطيف جون وايون ۽ ڪافيون‘ ۾ شاهه لطيف جي ڪافيءَ طور شامل ڪئي آهي. ڪافيءَ جا ٻول هن طرح آهن:
لائي ته نماڻيءَ سان نيهُن، دوست ايئن نه دل مٽجي.
مون کان پاليو نه ٿئي، شوق اوهان جي جو شيهُن،
ماسُ هڏن تان ٿو ڪپجي، الا.

ليکڪ انهيءَ ڪافيءَ کي شاهه لطيف جي سمورين واين کان منفرد گهاڙيٽي واري ’وائي‘ قرار ڏيئي لکي ٿو ته، ”ان کي ڪنهن به شاهه جي رسالي ۾ شامل ناهي ڪيو ويو، سواءِ جي. ايم. سيد جي.“ ۽ ايئن به لکي ٿو ته ان گهاڙيٽي ۾ شاهه لطيف جي ٻي وائي يا ڪافي به نه ٿي ملي. وري ٽئين هنڌ ساڳي ڪافيءَ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته، ”جيتوڻيڪ ان وائيءَ تي اختلاف آهي ته اها وائي شاهه لطيف جي ناهي.“ اصل ۾ هيءَ ڪافي سنڌ جي هڪ خاتون شاعره مائي غلام فاطمہ ’لعل‘ جي چيل آهي. مائي غلام فاطمہ لعل (1925ع-1860ع) پنوعاقل جي ڳوٺ ”ڪٽن“ جي رهندڙ هئي. پيءُ جو نالو ’لعل فقير‘ هُيس، تنهن ڪري پنهنجن ڪافين ۾ ’لعل‘ تخلص طور استعمال ڪندي هئي. سندس ڪلام سنڌ اندر تمام گهڻو مشهور ٿيا پر مائي صاحبا جي شخصيت ڪافي عرصو گمنام رهي. جيئن ته شاهه لطيف کي به عام طور تي ’لعل لطيف‘ يا ’لعلئون لعل لطيف‘ چيو ويندو آهي، تنهن ڪري مائي صاحبا جي ڪلامن کي، جن ۾ نالي طور ’لعل‘ استعمال ٿيل هو، شاهه لطيف ڏانهن منسوب ڪيو ويو. جي. ايم. سيد پنهنجي مذڪوره ڪتاب ۾ مائي صاحبا جو هڪ ٻيو به مشهور ڪلام شاهه لطيف ڏانهن منسوب ڪري ڇڏيو آهي.
ڪير ڪشالا ڪري، تنهن جي محبت وڌو آ مامري.

مائي غلام فاطمہ لعل جو اسان جي وڏڙن سان گهڻو اچڻ وڃڻ جو رستو هو، جنهن ڪري اسان جي امڙ بيگم فقيرياڻي سندس ڪيترائي ڪلام ڳايا، جن ۾ اهو ڪلام به شامل آهي جيڪو شاهه لطيف ڏانهن منسوب ٿي ويو آهي. اهي ڪافيون اسان جي امڙ کي خود مائي غلام فاطمہ لعل وٽان مليون هيون.
هن مسودي ۾ ڄاڻايل مائي غلام فاطمہ جي ڪافي، سچل سائينءَ جي اثر ۾ اُسريل انهيءَ ڪافيءَ جو نمونو آهي، جيڪا ٿلهه ۾ ٻپدي ۽ مصراعن ۾ ٽپدي ته آهي پر اُن ۾ ٻٽو قافيو استعمال ڪيو ويو آهي. ٿلهه جي پهرين پَد ۾ به قافيو آهي ته ٿلهه جي ٻئي پَد ۾ قافيو رکيو ويو آهي. مصراعن ۾ ان جي پهرين ٻئي پَد جو قافيو ٿلهه جي پهرين پَد سان ۽ مصراعن جي ٽئين پَد جو قافيو ٿلهه جي ٻئي پَد سان هم قافيا آهي. مائي صاحبا جي ان ڪافيءَ جو نالي وارو مصرعو هن طرح آهي:
اڱڻ آسرونديءَ جي، ڪري ڀلايون اچي پيهُه
لعل ايئن نه دل لُٽجي.(14)

ليکڪ باب نائين جي صفحي ڏهين تي ساڳي گهاڙيٽي تي چيل فتح فقير جي ڪافيءَ کي ان جي وائي ۽ نئين تجربي طور ڄاڻايو آهي، جڏهن ته هُو ان کي شاهه لطيف جي به انوکي وائي ڄاڻائي ٿو. ڪافيءَ جو اهڙو گهاڙيٽو ڪيترن ئي ڪلامن ۾ اسان کي سچل سائين، نانڪ يوسف، دريا خان وٽ به ملي ٿو، جيڪي فتح فقير کان اڳ جا شاعر آهن.
هتي اها ڳالهه به واضح ڪندا هلون ته شاهه لطيف وائيءَ جي صنف کي جيڪو عروج ڏنو، جيڪي ان ۾ تجربا ڪيا ۽ وائيءَ جي ٻوليءَ ۽ لهجي ۾ ’سنڌي بيت‘ جي جيڪا خوشبو وڌيڪ نکاري ۽ فڪر جي حوالي سان جيڪي گوناگون مامرا، زندگيءَ جون مختلف وارتائون سو به مختلف عوامي داستانن ۽ سُرن ۾ آڻي، سنڌي شاعريءَ کي جيڪو ڪمال عطا ڪيو، ان جو اهو نتيجو نڪتو جو کانئس پوءِ سچل سائين ۽ روحل فقير جهڙا شاعر پيدا ٿيا، پر سچل سائينءَ جي ’ڪافيءَ‘ کان پوءِ سنڌ ۾ اهڙا گهٽ شاعر هئا جن شاهه عنات رضوي ۽ شاهه لطيف کان پوءِ وائيءَ جي صنف تي سنجيدگيءَ سان طبع آزمائي ڪئي. نظر ايئن ٿو اچي ته وائيءَ کان پوءِ ڪافيءَ جي اچڻ سان خاص طور تي ان ۾ سنڌ جي صوفيانه فڪر ۾ سچل سائينءَ جي مستي ۽ رنديءَ جي لهجي اچڻ سان ان جو ايترو ته زوردار اثر ٿيو، جو عام طور تي شاهه لطيف جي وائيءَ وارو بنيادي حسن ۽ تخيل جي وسعت ڄڻ هڪڙي پاسي ٿي وئي. اهوئي سبب آهي جو سچل سائينءَ کان پوءِ اڪثر صوفي شاعرن وٽ ’ڪافي‘ صرف ۽ صرف تصوف جي عشق مجازي ۽ عشق حقيقيءَ جي چؤگرد ڦِري ٿي، سواءِ تمر فقير، خليفي نبي بخش، شاهه شريف ڀاڏائي، فتح فقير، صديق فقير ۽ لاڙ جي ٻين گمنام شاعرن جي، جن پنهنجي ڪلام کي پاڻ وائيءَ جو نالو ڏنو ۽ سندن ڪلام ۾ ان جو گهاڙيٽو، ٻولي، لهجو ۽ موضوعن جي وسعت وائيءَ جي صنف واري آهي.
اڳتي هلي شايد ويهين صديءَ ۾ آيل سنڌي شاعريءَ جو اهو جديد موڙ ئي آهي، جيڪو سنڌي شاعريءَ ۾ ڪافيءَ جي جاءِ تي وائيءَ کي ٻيهر وٺي آيو. هن مسودي جي باب ڏهين ۽ يارهين ۾ ليکڪ جديد سنڌي شاعريءَ ۾ وائيءَ جي اهم شاعرن ۾ 33هن شاعرن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ان جي شروعات شيخ اياز کان ڪئي اٿائين. انهن بابن ۾ سمورن شاعرن جي وايُن جي جائزي پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن تي پنهنجي تنقيدي نگاهه به وڌي آهي، البت اهڙي ترتيب ۾ ليکڪ تحقيقي اصول موجب سينيئر ۽ جونيئر شاعر جو لحاظ نه رکيو آهي، جڏهن ته وائيءَ جي ڪن اهم شاعرن کي به وساري ويو آهي، جهڙوڪ هري دلگير، ولي دائود پوٽو، آغا سليم، انور پيرزادو ۽ درگاهي ميراڻي وغيره. انهيءَ باب ۾ ليکڪ کان ڪٿي ڪٿي ڳالهين جو متضاد ورجاءُ به ٿي ويو آهي، جن ڏانهن ٻيهر ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. مثال طور ان باب جي صفحي 7 تي هُو لکي ٿو ته، ”نياز همايوني پنهنجي هڪ وائيءَ ۾ قافئي سان گڏ رديف رکي نئون تجربو ڪيو آهي“، جڏهن ته صفحي 9 تي نياز همايونيءَ کان به سينيئر شاعر نارائڻ شيام لاءِ پڻ اهائي ڳالهه لکي اٿائين ته هُن به وائيءَ ۾ رديف رکي نئون تجربو ڪيو آهي. وري جڏهن ان باب جي مسودي ۾ آيل وائيءَ جي پهرين شاعر شيخ اياز کي پڙهون ٿا ته ان جي هن وائيءَ ۾ به قافئي سان گڏ رديف شامل آهي.
جهيڙي ۾ جُهونجهار يار، ساٿي سج اُڀار يار
مون من اوهان موهيو
ڄڻ ڪا ڪَني سج جي، آه ڪُهاڙيءَ ڌار يار
مون من اوهان موهيو.

هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته رديف وارو تجربو انهن ٽنهي شاعرن مان سڀ کان پهريان ڪنهن ڪيو. آخر آخر ۾ ليکڪ پنهنجون لکيل چار ’وايون‘ به ڏنيون آهن ۽ انهن لاءِ اها دعويٰ ڪئي اٿائين ته انهن وايُن ۾ هُن اهڙا تجربا ڪيا آهن، جيڪي شاهه لطيف کان پوءِ مسودي جي آخري شاعر تائين ڪنهن به نه ڪيا آهن. جيتري قدر ليکڪ جي وايُن جو فني ۽ فڪري تعلق آهي ته اُهي ڏاڍيون سهڻيون ۽ جاندار آهن، جن کي جديد سنڌي شاعريءَ جي سُٺين ’وايُن‘ ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو، البت ليکڪ جي اها دعويٰ درست ناهي ته ڪي اهڙا تجربا اڳ نه ٿيا آهن. سندس وايُن جي خاصيت اها آهي ته اُنهن ۾ ٿلهه ۽ مصرعن ۾ ٻٽي قافئي جو استعمال آهي ۽ پڻ ڪنهن وائيءَ ۾ قافئي سان گڏ ’رديف‘ جو استعمال، جڏهن ته اِهي ٻئي خوبيون ۽ خاصيتون هن کان اڳ ٻڌايل صوفي شاعرن ۽ جديد شاعريءَ ۾ شيخ اياز، نياز همايوني ۽ نارائڻ شيام ۾ به آهن، جن جو ذڪر خود ليکڪ پاڻ به ڪيو آهي.
بهرحال وائيءَ جي صنف ۽ شاهه لطيف جي وائيءَ جي حوالي سان هي مسودو/ٿيسز انتهائي اهم آهي، جنهن ۾ پهريون ڀيرو ’وائي‘ جي صنف تي ايتري محنت ڪري ليکڪ جَسُ لهڻي، البت جيڪڏهن اسان جي هن تفصيلي راءِ جي روشنيءَ ۾ ان تي وڌيڪ نظرثاني ٿي ۽ سمورن اُٿاريل سوالن ۽ بحث کي هن ۾ شامل ڪيو وڃي ته ’وائيءَ‘ جي حوالي سان هي اهم دستاويز ثابت ٿيندو. بهرحال پوءِ به اسان سندس ڪوشش ۽ محنت کي ساراهڻ کان سواءِ رهي نه ٿا سگهون.

[b] اختر درگاهي
[/b]30 جولاءِ 2015ع
روهڙي، سنڌ

[b]حوالا[/b]

1. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ’سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ‘، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، 2003ع.
2. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ’سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ‘، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، 2003ع.
3. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ‘، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، 2003ع.
4. ڀٽي، عبدالمجيد، ’شاهه حسين (ڪلام و ترجمه) اداراہ لوڪ ورثه، اسلام آباد، 1987ع.
5. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ’ميين شاهه جو ڪلام‘، سنڌي ادبي بورڊ، 2010ع.
6. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ’ڪافيون (جلد پهريون)‘، سنڌي ادبي بورڊ، 1985ع.
7. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ’ڪافيون (جلد پهريون)‘، سنڌي ادبي بورڊ، 1985ع.
8. سنڌي، عبدالمجيد، ميمڻ، ’سنڌي ادب جو تاريخي جائزو‘، روشني پبليڪيشن، 2002ع.
9. الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، ’سومرن جي دؤر ۾ سنڌي ادب‘، نئين زندگي، مارچ 1972ع.
10. سنڌي، عبدالمجيد، ميمڻ، ’سنڌي ادب جو تاريخي جائزو‘، روشني پبليڪيشن، 2002ع.
11. خليل، محمد ابراهيم، ’رهنماءِ شاعري‘، 1948ع.
12. جهمٽ مل خوبچند، ’شاهه جي شعر جي بناوٽ تي هڪ نظر‘، نئين زندگي، سيپٽمبر، 1991ع.
13. جهمٽ مل خوبچند، ’شاهه جي شعر جي بناوٽ تي هڪ نظر‘، نئين زندگي، سيپٽمبر، 1991ع.
14. مائي غلام فاطمہ جو ڪلام (قلمي) مملوڪه راقم الحروف.

باب پهريون: شعر جو ڇيد ۽ ڇندوديا

دنيا ڀر جي لکت ٻن قسمن جي ٿيندي آهي. اهي ٻه قسم آهن نظم ۽ نثر. وري لکت جي انهن ٻنهي قسمن ۾ به ڌار ڌار صنفون وجود رکن ٿيون. مثال طور نثر جون صنفون مضمون نويسي، افسانا نويسي، ڪهاڻي يا آکاڻي، ناول نويسي، ڊراما يا ناٽڪ نويسي، (ناٽڪ اول اسٽيج پوءِ ريڊيو ۽ پوءِ ٽيليويزن ناٽڪ) خاڪا نويسي، مزاح و طنز نويسي ۽ سوانح نويسي اچي وڃن ٿيون. اهڙي طرح نظم جون به ڪيتريون ئي صنفون سورٺو، بيت، وائي، گيت، قصيدو، مدح، ڪافي، ڇهه تارو، پنج ڪڙو، نظم (پابند)، آزاد نظم ۽ هاڻ ته نثري نظم پڻ جهجهي تعداد ۾ لکجي ۽ ڇپجي رهيو آهي.
دؤرِ قديم کان وٺي اڄ تائين سنڌي ادب ۾ جيڪي صنفون رائج آهن، اهي جيئن جو تيئن لکبيون اچن ۽ پسند ڪيون وڃن ٿيون، انهن ۾ خاص ڪري دوهو، سورٺو، بيت، وائي ۽ گيت، ڪافي لکجي به رهيون آهن ۽ ڇپجي به رهيون آهن. هونءَ نظم واري لکت جي انهن صنفن جو موسيقيءَ سان به چولي دامن وارو لاڳاپو رهيو آهي ۽ اهو اڄ سوڌو هلندو ٿو اچي.
نظماڻي لکت جي مٿي ڄاڻايل صنفن جي فني جوڙجڪ پڻ هجڻ جو لازمي امر آهي. هر هڪ صنف جي لکڻ جا ڪي اصول، ماڻ، ماپا ضرور ٿيندا آهن، جيڪي ان صنف جي سڃاڻ بڻبا آهن. هتي اسان جو موضوع جيئن ته ’شاهه لطيف جي وائي ۽ وائيءَ جي اوسر‘ آهي، تنهن ڪري اسان هتي ’وائيءَ‘ جي گهاڙيٽي کي واضح ڪرڻ لاءِ هن ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪائينداسين ته جيئن ته ’وائي‘ اصل ۾ ’بيت‘ مان نڪتل آهي ۽ وري ’بيت‘، ’دوهو‘ ۽ ’سورٺو‘ جي ميلاپ سان جڙيو آهي. اهي ٻئي صنفون يعني ’دوهو‘ ۽ ’سورٺو‘ قديم زماني کان هلندو ٿو اچي. شاعريءَ جي ڄاڻن ’دوهو‘ ۽ ’سورٺو‘ جي لکڻيءَ جي فن کي ’ڇندوديا‘ ڪوٺيو آهي.
اسان هتي عام پڙهندڙن ۽ شاعريءَ سان لڳاءُ رکندڙن جي ڄاڻ خاطر ’دوهو‘، ’سورٺو‘ ۽ ’بيت‘ جا مثال ڏيڻ پسند ڪنداسون.
دوهي جو مثال:
ڪاني لاگي پريم ڪي، ڪس سون ڪهي نه جاءِ،
گونگي نون سپنا ڀيو، پچت پچت تن ماءِ.
(ڪبير داس)
ماترائون: 13+11=24
13+11=24
سورٺي جو مثال:
سوڍي ستي لوءِ، مون سين جا ڳالهه ڪئي،
ساجي پڌر پوءِ، ته سرتيون ڪامَ سمهي.
(بلوچ، سُر مومل راڻو 5/12)
ماترائون: 11+13=24
11+13=24
دوهو سورٺو ميل:
راڻو رات وئو، ڪري ڳالهه ڳجهي،
تنهن سان مَن منجهي، مون پيو مامري.
(بلوچ، سُر مومل راڻو 5/10)
ماترائون: 11+10=21
11+10=21
’بيت‘ جي بيهڪ ’دوهو-سورٺو‘ يا ’سورٺو-دوهو‘ ميل سان جوڙيو، پر ان ۾ ٻن کان وڌي پنجن ڇهن يا وڌ تڪن تائين به بيت ۾ آنديون ويون. ٻنهي گهاڙيٽن جا مثال هيٺ ڏجن ٿا.
دوهو-سورٺو ميل بيت جو مثال:
دل ڌوتائين دک سين، ڌاڳا هڏِ نه ڌوءِ،
لاهوتي لطيف چئي، روحان اندر روءِ،
ڪونه ڏٺو سون ڪوءِ، سنياسي ۽ سورري. (3)
(بلوچ، سُر پورب 2/17)
هي سڄو بيت چيل آهي 13-11 ماترائن تي.
سورٺو-دوهو ميل جو مثال:
جوڳيءَ تي جڙاءُ، نسورو ئي نينهن جو،
پتنگ جيان پيدا ٿيو، سامي سچ وڙاءُ،
آيو ڪاڪ تڙاءُ، ڪنوارين ڪڪوريو. (4)
(بلوچ، سُر راڻو 1/11)
’ڇندوديا‘ ۾ حرفن يا آوازن جي ڳڻپ کي چئبو آهي. هڪ حرف يا آواز کي ’ماترا‘ چيو ويندو آهي.”ڇند جا اصول هڪ حرفي ۽ ٻه حرفي ٿيندا آهن، ان جي اڪائيءَ کي ’ڇندوديا‘ ۾ ’ماترا‘ چيو ويندو آهي.“(5) ان جا مثال هن ريت ڏنا ويندا آهن، ’ا‘ هڪ ماترا چئبي ۽ ’آ‘ ٻه ماترائون ڳڻبيون آهن. ماترائون ٻن قسمن جون ٿينديون آهن، هڪڙي ’لگهه‘ ٻي ’گر‘ يا ’ديرگهه‘ سڏبيون آهن، انهن لاءِ جيڪي نشانيون طئي ٿيل آهن، لگهه: ’^‘ ۽ گر ’_‘.
سنڌي ٻوليءَ ۾ جيئن ته ’دوهو‘ يا ’سورٺو‘ سنسڪرت يا هنديءَ مان آيو آهي، تنهن ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾ به شروعاتي ادب ۾ ’دوهو‘ ۽ ’دوهڙو‘ يا ’سورٺو‘ ٽي شاعراڻيون صنفون بڻيون.
’دوهي‘ ۽ ’سورٺي‘ ۾ ٻه سٽون يا تڪون ٿينديون آهن، هر هڪ سٽ ۾ ٻه ’پد‘ ۽ ڪُل چار پد ٿيندا آهن. ’پد‘ دراصل سٽ يا تڪ جي وچ ۾ اڌ ۾ ايندو آهي، ان کي ’وشرام‘ سڏبو آهي.
سنڌ جي اوائلي شاعري اڪثر ڪري ’دوهي‘ ۽ سورٺي‘ جي صورت ۾ ملي ٿي. ٻنهي صنفن جي فني بيهڪ هڪ ٻئي جي ابتڙ آهي. دوهي جي چئن پدن ۾ تيرهن واڌو يارنهن ماترائون ٿينديون آهن، اهڙي طرح دوهي جي پهرئين ۽ ٽئين پد ۾ تيرنهن تيرنهن ماترائون ۽ ٻئي ۽ چوٿين پد ۾ يارنهن يارنهن ماترائون ٿينديون آهن. اهڙي ئي ابتي بيهڪ واري شعر کي سورٺو سڏبو آهي. دوهي جي بيهڪ هن ريت هوندي آهي.(6)
دوهو:
13 + 11 = ڪُل 24 ماترائون
13 + 11 = ڪُل 24 ماترائون
تيرهن واڌو يارنهن يعني چوويهه ماترائون هر هڪ تَڪ ۾ ٿين، ائين پورن چئن پدن ۾ 48 ماترائون ٿينديون.
سورٺو:
11 + 13 = ڪُل 24 ماترائون
11 + 13 = ڪُل 24 ماترائون
هن جي گهاڙيٽي ۾ پهريون ۽ ٽيون پد، يارنهن يارنهن ماترائن جو ۽ ٻيو ۽ چوٿون پد تيرنهن تيرنهن ماترائن جا ٿيندا آهن. هن ۾ پڻ ڪُل ماترائون 48 هونديون آهن.
ان جو مطلب اهو وڃي بيهندو ته ’دوهي‘ يا ’سورٺي‘ جي ٻنهي تڪن ۾ ماترائن جو جوڙ 48 بيهڻ گهرجي، پر سنڌ ۾ جڏهن نظم جو اهو گهاڙيٽو وارد ٿيو ته انهن جي ماترائن ۾ ڪجهه گهاٽ ۽ ڪجهه واڌ پڻ ٿيل ڏسڻ ۾ اچي ٿي. اسان شاهه لطيف جي شاعريءَ مان ٻه ’سورٺا‘ مثال طور پيش ڪرڻ چاهينداسون.(7)
نهاَئينءَ کان نينهن، سک منهنجا سپرين، (11+12) ماترائون
سڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري. (11+12) ماترائون

هن سورٺي جي پهرئين پد ۾ ته يارنهن ماترائون آهن، پر ٻئي پد ۾ ٻارنهن ماترائون ٿيون بيهن. اهڙي طرح ٻي تڪ يا ٽئين پد ۾ وري ڏهه ماترائون ۽ چوٿين پد ۾ ٻارنهن ماترائون ڪتب آندل آهن. اهڙي طرح هن سورٺي ۾ ڪُل پنجيتاليهه ماترائون بيهاريون ويون آهن. فني ڳڻپ موجب اٺيتاليهه ماترائون هئڻ گهربيون هيون.
ويچارا واڍوڙ، سدا شاڪر سوز سين،
تاڻين مٿي توڙ، اوڙي ڪن نه آسرو.

اهڙيءَ طرح هن سورٺي ۾ به ڪُل چوئيتاليهه ماترائون بيهاريون اٿس.
هاڻ اسان سنڌي ٻوليءَ جي جديد شاعر نارائڻ شيام جي دوهي جو مثال پيش ٿا ڪريون.(8)
ڀيڄ ڀني دل دک ڀني، ماڪ ڀنا رابيل، = (13+11)
شيام اکيون ڳوڙهن ڀنيون، سرس سڪڻ جي ويل. = (13+11)

نارائڻ شيام جو هي دوهو، پڙهڻ ۽ ڏسڻ ۾ بيساخته به آهي پر اهو فني لحاظ کان به مڪمل دوهو آهي ۽ ان ۾ ٽوٽل 48 ماترائون ڪتب آيل آهن.
جهڙيءَ طرح عربي ٻوليءَ ۾ شاعراڻين صنفن لکڻ لاءِ ’علم عروض‘ جا قائدا قانون ٿيندا آهن ۽ انهن قائدن قانونن ۾ مٽاسٽا يا گهاٽي واڌاري سان مختلف قسم جا ماپا يا گهاڙيٽا جوڙي سگهبا آهن، انهن کي ارڪان ڪوٺبو آهي. اهڙي قسم جي عروضن ۾ ڪُل اٺ ارڪان آهن، تهڙيءَ طرح ”’ڇندوديا‘ ۾ وري رڪن کي ’گن‘ چيو ويندو آهي. هر ’گن‘ ٽن ٽن ورنت (اصولن) جو مجموعو هوندو آهي، پر انهن جي ترتيب هڪ جهڙي نه هوندي آهي. ’ورنڪ گن‘ اٺن قسمن جا ٿيندا آهن.“(9) اهي اصول ڏهن قسمن جا آهن.
سنڌ ۾ جڏهن ’دوهو‘ وارد ٿيو ته اسان جي ڪلاسيڪي شاعرن ان جي ماترائن ۾ واڌارو يا گهاٽو ڪري لکيا جو سنڌي ٻوليءَ ۽ سنسڪرت يا هندي ٻولي لپيءَ جا اصول پاڻ ۾ سؤ سيڪڙو هڪجهڙائي نٿا رکن. شاهه لطيف جو هي دوهو ڏسو.(10)
ڪڏهن پئجي ڪن ٿي، ڪڏهن ٿيجي وات،
ڪڏهن ٿيجي ٻڪرو، ڪڏهن ٿيجي ڪات.

هن دوهي جي پهرئين ۽ ٽئين پد ۾ ٻارنهن ٻارنهن ماترائون ۽ ٻئي چوٿين پد ۾ يارنهن يارنهن ماترائون ڪتب آندل آهن، يعني دوهي جي هر هڪ تڪ ۾ ٽيويهه ٽيويهه ماترائون آيل آهن، تنهن ڪري دوهي ۾ ڪُل ڇائيتاليهه ماترائون بيهن ٿيون.
حرفن ۾ ماترائون ڳڻپ ويل ڪجهه اهڙا حرف آهن جيڪي ڪيرايا ويندا آهن، جيئن، ”حرف ’ر‘ لفظ جي وچ ۾ يا آخر ۾ اچي ته اهو ڪرايو ويندو آهي. حرف ’ل‘ متحرڪ حرف کان پوءِ اچي ته اهو اڪثر ڇندن ۾ ڳڻيو نه ويندو آهي. حرف ’و‘ جڏهن ڪنهن ٻئي متحرڪ حرف سان ملي اچي ته ان کي شمار نه ڪيو ويندو. حرف ’ي‘ ڪنهن اڳئين نصف حرف سان گڏجي استعمال ٿئي ته ان کي ڪيرايو ويندو آهي. ڪڏهن ’ڪش‘ کي اُچار جي لحاظ کان ’لگهو‘ ماترا ڳڻيو ويندو. (سنڌيءَ ۾ اهڙي صورت ڪانهي).“(11)
’دوهي‘ يا ’سورٺي‘ جي پدن کان پوءِ جيڪو اڌ دم ٿو اچي، ان کي ’وشرام‘ چيو ويندو آهي، پر جنهن شعر جي چرنن ۾ ’وشرام‘ آيل نه هوندو آهي ته، ”ان کي ’ڪويتي‘، ’ڀنگ‘ ۽ ’دوش‘ چيو ويندو آهي. ان کي شعر جو عيب چيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ جو انهيءَ ڪري شعر جو رسُ رچاءُ ختم ٿي ويندو آهي.“(12) ڇند جا 36 قسم اصل آهن ۽ وري انهن ۾ ماترڪ گهٽ وڌائيءَ ۽ چرنن جي گهٽ وڌائيءَ سان انيڪ قسم جوڙي سگهجن ٿا.
’دوهي‘ ۽ ’سورٺي‘ جي سڃاڻ پڻ پدن ۾ قافئي جي بيهڪ مان پئجي سگهجي ٿي، ڇاڪاڻ ته دوهي جي ٻئي ۽ چوٿين پد ۾ قافيو ٿيندو آهي، پر سورٺي ۾ وري ڪافيو پهرئين ۽ ٽئين پد ۾ ايندو آهي، جن جا مثال شاهه لطيف جي شاعريءَ مان هيٺ ڏجن ٿا.
سامي مڙهي سندياءِ، سامهين مون سِيل ٿي،
اي تان ڪوهه اڏياءِ، جان نانگا وڃيين نڱئو.(13)
(بلوچ، سُر پورب 2/10، ص: 306)
نارائڻ شيام سنڌي ٻوليءَ جو رڄُ شاعر آهي، سندس شاعريءَ مان مثال ڏجي ٿو.
مثال دوهو:
ڀيڄ ڀني، دل دک ڀني، ماڪ ڀني سُرهاڻ،
پاند ڀڄايان ڪانڌ جو، جيڪر لڙڪن ساڻ.(14)
(نارائڻ شيام)
هن دوهي ۾ ستيتاليهه ماترائون آنديون اٿس، صرف هڪ ماترا جي کوٽ اٿس.
اهڙيءَ طرح شروعاتي دؤر ۾ وائي به مٿين ٻنهي صنفن جي سهاري لکي ويندي هئي، جنهن ۾ شاهه لطيف ’گائن وديا‘ جي لحاظ کان ماترڪ ڦيرگهير ڪري مختلف گهاڙيٽا ٺاهيا، جيڪي سنڌي شاعريءَ ۾ اڄ تائين مشهور آهن. هاڻ ته عام جام وائيون لکيون ٿيون وڃن، پر هاڻ انهن ۾ موضوع جي تبديليءَ سان گڏوگڏ فني فقدان پڻ ڏسڻ ۾ ايندو، باقي بيهڪ جي لحاظ کان اهي وايون ضرور ڪوٺبيون.

[b]حوالا[/b]

1. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، شاهه جو رسالو (مستند)، ڇاپو پهريون، سُر راڻو، داستان 5، بيت 12، ص: 261، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي، 2009ع.
2. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، شاهه جو رسالو (مستند)، ڇاپو پهريون، سُر راڻو، داستان 5، بيت 10، ص: 261، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي، 2009ع.
3. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، شاهه جو رسالو (مستند)، ڇاپو پهريون، سُر پورب، داستان 2، بيت 17، ص: 307، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي، 2009ع.
4. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، شاهه جو رسالو (مستند)، ڇاپو پهريون، سُر راڻو، داستان 1، بيت 11، ص: 254، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي، 2009ع.
5. سنڌي، ميمڻ، عبدالمجيد، ڊاڪٽر، بيت (سٽاءُ ۽ اوسر)، ڇاپو پهريون، ص: 31، مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور، 2002ع.
6. سنڌي، ميمڻ، عبدالمجيد، ڊاڪٽر، بيت (سٽاءُ ۽ اوسر)، ڇاپو پهريون، ص: 45، مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور، 2002ع.
7. شاهه جو رسالو، ساڳيو.
8. سنڌي، ميمڻ، عبدالمجيد، ڊاڪٽر، بيت (سٽاءُ ۽ اوسر)، نارائڻ شيام (ڀيڄ ڀني)، ص: 500، مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور، 2002ع.
9. سنڌي، ميمڻ، عبدالمجيد، ڊاڪٽر، بيت (سٽاءُ ۽ اوسر)، نارائڻ شيام (ڀيڄ ڀني)، ص: 33، مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور، 2002ع.
10. شاهه جو رسالو، ساڳيو.
11. سنڌي، ميمڻ، عبدالمجيد، ڊاڪٽر، بيت (سٽاءُ ۽ اوسر)، ڇاپو پهريون، ص: 35، مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور، 2002ع.
12. سنڌي، ميمڻ، عبدالمجيد، ڊاڪٽر، بيت (سٽاءُ ۽ اوسر)، ڇاپو پهريون، ص: 36، مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور، 2002ع.
13. لغاري، نبي بخش، ڊاڪٽر، شاهه جو رسالو (مستند)، ڇاپو پهريون، سُر پورب، داستان 2، بيت 10، ص: 306، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي، 2009ع.
14. سنڌي، ميمڻ، عبدالمجيد، ڊاڪٽر، بيت (سٽاءُ ۽ اوسر)، نارائڻ شيام (ڀيڄ ڀني)، ص: 500، مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور، 2002ع.

باب ٻيو: ادب ۾ شاعريءَ جي اهميت

هن ڪائنات ۾ انسان جي اوسي پاسي جو ڪجهه جُڙي ۽ ڊهي ٿو، جو ڪجهه انسان سان وهي واپري ٿو، جو ڪجهه انسان ڏسي وائسي ٿو، اڃا به کڻي ايئن چئجي ته انسان سان پاڻ به جو ڪجهه لاڳو ٿئي ٿو، اهو هر حساس انسان جي دل ۽ ذهن تي اثرانداز ٿئي ٿو، جيئن غم، خوشي، سونهن، منظر، مختلف طور طريقن سان زندگي گهارڻ جو ڍنگ ۽ رنگ، پيار، پنهنجائپ، ڏک، ظلم ستم، پوءِ اهي پنهنجي ذات سان لاڳاپيل هجن چاهي ڪائنات جي ڪنهن به ڪنڊڪڙڇ ۾ هم ذات تي وهندڙ هجن. حساس دل رکندڙ انسان پنهنجي سمجهه ۽ ڄاڻ مطابق انهن احساسن ۽ اُڌمن کي پنهنجي هم ذات سان ونڊڻ چاهيندو آهي. انهن جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ جا به تحرير لکي ٿو ۽ ان کي لفظن جو اهڙو جامو پهرائي ٿو، جنهن کي هر پڙهندڙ پنهنجي دل جو آواز سمجهي ٿو. سندس مشاهدي ۾ آيل ڪي وارداتون، ڪي ڏٺل منظر بيان ڪري ته اهڙي لکت ادب جي دائري ۾ اچي ٿي.
”ادب اهو علم آهي (علم ادب) جنهن ۾ لغت، تاريخ، فلسفي وغيره عموماً ۽ نثر توڙي نظم ۽ انهن جا قائدا ۽ قانون (خصوصاً بيان، معاني، بليغ، عروض، قوافي) سڀ اچي وڃن.“(1)
مٿي ڄاڻايل حوالي جي لحاظ کان ادب اهو علم آهي، جيڪو پاڻ ۾ نه صرف لطيف جذبات پر تاريخي واقعات، علم عروض يا ڇندوديا کي سليس، سلوڻو ۽ سهل ڪري پيش ڪري ٿو، جنهن مان زندگي ڪيئن آهي؟ ڪيئن گهارجي؟ زندگيءَ کي ڪيئن هئڻ گهرجي؟ زندگي ڪيئن هلي رهي آهي؟ ان ۾ نياءُ آهي يا انياءُ آهي، سونهن آهي يا بدنمائي. اهڙي ڪنهن وارتا کي کولي بيان ڪرڻ کي ادب جي علم جي دائري ۾ آڻي سگهجي ٿو.
ادب کي انگريزي ٻوليءَ ۾ Literature چيو ويندو آهي. ان لفظ کي هيئن واضح ڪيو ويو آهي:
“A body or written works. The name is often applied to those imaginative works of Poetry and Prose distinguished by the intentions of their author and the excellence of their execution. Literature may be classifying according to variety of systems, including language, national, origin, historical period, genre and subject matter.”(2)
علم ادب پنهنجو پاڻ ۾ هن ڪائنات ۾ هر جُزي کي سمائي ٿو سگهي، جنهن ۾ تاريخي واقعات، ٻولي، ثقافت، قومي اصليت ۽ انهن سان لاڳاپيل ڳالهين کي سهڻي پيرائي ۾ پيش ڪرڻ جي ڏانءَ کي ۽ ان ڏانءَ کي ٻين تائين پهچائڻ، جيئن جو تيئن پهچائڻ، ان جي پسمنظر ۽ پيش منظر تائين پڙهندڙن جي رسائي ۽ هن تائين پهچ ادب جو علم آهي. دنيا ۾ اهڙي ڪابه قوم ڪانهي، جنهن کي پنهنجي ٻولي ۽ پنهنجي ٻوليءَ جو ادب، پوءِ اهو لکت ۾ هجي يا سيني در سيني ياد ٽوٽڪا ۽ نظير به ادب جي دائري ۾ اچي وڃن ٿا. ”نسليت جي اعتبار سان ڪنهن به گروهه جي نظرين، جذبن ۽ احساسن ذريعي زندهه رهي ٿي، پر نفسياتي توڙي ظاهري لحاظ سان اها انهن ڳالهين ۽ ڪهاڻين، نقلن ۽ نظيرن رستي محفوظ رهي ٿي، جيڪي ان گروهه ۾ رائج آهن. اهي آکاڻيون ۽ ٽوٽڪا ساڳئي وقت علم ادب جو حصو آهن. انهيءَ لحاظ سان جيڪڏهن علم کي جيارڻو آهي، پوءِ ضروري آهي ته قومي ياداشت جو اهو سرمايو محفوظ ڪيو وڃي.“(3)
مٿئين حوالي ۾ چيو ويو آهي ته قومون پنهنجي نسل جا ٽوٽڪا ۽ نظير نسل در نسل ياد رکنديون آهن، جيئن اهي محفوظ رهي سگهن، پر انهن وسيلي سندن نسلي تاريخ ۽ ادبي تاريخ جو دارومدار رهي سگهي.
ادب جون ٻه وڏيون شاخون آهن، هڪڙو نثر ٻيو نظم. دنيا جي هر خطي، نسل ۽ قوم وٽ پنهنجو ادب انهن ٻنهي شاخن ۾ ورهايل آهي، جڏهن ته، ”سنڌي جي حالت نظم کان بلڪل مختلف آهي، کيس اڃا حال ۾ ترقي حاصل ٿي آهي ۽ منجهس انگريزي نثر جهڙي صفائي ۽ بي تڪلفي پيدا ڪانه ٿي آهي، ڇاڪاڻ ته سٺن لکندڙن سادي ۽ بي تڪلف نثر لکڻ کان احترار (پاسو) ڪيو ۽ پنهنجي سڄي طاقت اهڙي مذهبي شاعريءَ ۾ ضايع ڪيائون، جا زبان جي خوبي ۽ لطافت کان خالي آهي.“(4)
انهيءَ حوالي جي لحاظ کان نثر جي تاريخي تمام ويجهي ماضيءَ کان شروع ٿئي ٿي، جنهن جو وڏو خالق مرزا قليچ بيگ (1929ع-1853ع) آهي، جنهن جا جهوني ۾ جهونا نثر جا نمونا اسان جي موجوده عربي لپيءَ ۾ ملن ٿا، پر نظم جي تاريخ ڪافي پراڻي آهي، جا شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ (944ع-1032ع) کان ملي ٿي.
شاعريءَ جي دانون ڪافي وسيع آهي، جنهن ۾ اسان کي ڪيتريون ئي صنفون ملن ٿيون، جيئن نثر ۾ جيڪي لکڻيون شامل آهن، انهن ۾ قصا، ڪهاڻيون، ناول، مضمون ۽ ادب لطيف جا نمونا موجود آهن، سوانحي ادب پڻ نثر جي مقبول شاخ آهي. خط ۽ تقرير جو فن به نثر ۾ شامل آهي. تهڙيءَ طرح وري نظم يا شعرن جون به ڪيتريون ئي صنفون رائج آهن، انهن ۾ دوهو، سورٺو، بيت، وائي، ڪافي، غزل، نظم، مناجات، مدح، نوحو، مرثيو، مولود يا نعت، قصيدو، مثنوي، مسدس، مخمسي، ترائيل، هائيڪو، سينگار، بيت، نڙبيت، ڏٺ، ڏهس، ٽيهه اکري، آزاد نظم ۽ نثري نظم چيا وڃن ٿا.
سنڌي شاعريءَ ۾ به آڳاٽو شعر ئي مليو آهي، ان حد تائين جو مخدوم ابوالحسن (1165هه)، مخدوم ضياءُ الدين (1171هه) جي مذهبي لکت به شاعريءَ ۾ آهي ۽ ان کان پوءِ شيخ عبدالرحيم گرهوڙي (1739ع-1778ع) ڪيترائي طويل نظم الف اشباء سان لکيا. سنڌي شاعري سمن ۽ سومرن جي دؤر کان ٿيندي ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دؤرن ۾ عروج تي پهتي. هن دؤرن يعني سمن ۽ ڪلهوڙن جي دؤر ۾ سنڌ ۾ هڪ اهڙو شاعر پيدا ٿيو، جنهن پنهنجي شاعريءَ يعني سنڌي شاعريءَ کي اهڙو عروج بخشيو، جنهن جي خيال جي پرواز کي دنيا ڀر جي شاعرن کي پار ڪرڻ جي جرئت ئي نه ڪئي. اهو هو اسان جو شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي تارڪ ڀٽائي جو 1690ع کان 1752ع ۾ ٿي گذريو، جنهن پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌ ڌرتيءَ جي سمورين حسناڪين کي پنهنجي شاعريءَ ۾ جاءِ ڏني.
”منجهس سنڌ جي زمين ۽ آسمان جو قدرتي حسن چمڪي ٿو ۽ پڻ سرزمين جا ڇلڪندڙ درياءَ موجون ماريندا نظر اچن ٿا. اهو ڪٿي روماني، ناصحانه ۽ روحاني به آهي. شاهه جي شاعري اخلاقي آهي، پر سندس ترنم ۽ تشبيهات منجهان ذهني سُرور حاصل ٿئي ٿو. شاهه لطيف ڏوهيڙي جي صنف ڪمال درجي تي پهتل آهي. شاهه لطيف هڪ ٻي صنف ايجاد ڪئي، جا آهي ’وائي‘ يا ’ڪافي‘“(5) شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ ان وقت مروج شاعراڻين صنفن يعني دوهو، سورٺو، بيت ۽ وائي لکي، هو پنهنجي شاعريءَ کي پاڻ ئي ڪا ڪوشش نه ٿو ڪري پر ”هن پنهنجي شعر کي ’نياپو‘ ڪري سڏيو ۽ سندس شعر جي هر هڪ مصرع بنا ڪنهن خاص تنقيد جي ڳائجي رهي آهي.“(6)
دنيا ڀر جي ادب جي شروعات نظم سان ٿئي ٿي، اهڙيءَ طرح سنڌي ٻوليءَ ۾ به ادب جي شروعات نظم يا شعر سان ئي ملي ٿي. نثر ته اسان وٽ گهڻو پوءِ يعني انگريزن جي دؤر ۾ متعارف ٿيو. ”هيءَ ڳالهه به پڌري آهي ته ڪنهن به ملڪ جو ادب Literature يا علم ادب شعر سان ئي شروع ٿيل آهي ۽ اهو شعر سادو ۽ قصي جي نموني ۾ هوندو هو، جنهن کي انگريزيءَ ۾ بلئڊ (Ballad) ڪري سڏيندا آهن. انهيءَ جو سبب هي آهي جو شعر ۾ ڏنل مضمون وڻندڙ، ياد ڪرڻ ۾ سولو لڳندو آهي.“(7) اڳتي هلي ساڳيو ليکڪ لکي ٿو ته، ”شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جي وقت ۾ ڪئين شاعر ٿيا هوندا پر انهن جو ڪلام ڪتابي صورت ۾ نه آيو. سنڌ جا حاڪم سومرا ۽ سما ته صفا سنڌي بڻجي ويا هئا، انهن حاڪمن ۽ اميرن جي ڪچهرين ۾ ڀٽ ۽ ڀان فقير سادي سنڌي شعر ۾ جهونيون تاريخي ڳالهيون ۽ نقل نظير ڳائيندا هئا.“(8)
حاصل مقصد ته ادب ۾ شاعريءَ جي اهميت ان ڪري وڌيڪ چئي وڃي ٿي جو نثر جي ڀيٽ ۾ نظم يا شعر انساني ذهن تي ترت اثرانداز ٿي سندس يادگيرين ۾ گهر ڪري ويهي ٿو رهي. شعر جيترو سادو سلوڻو، سهل ٻوليءَ ۾، خوبصورت تشبيهات ۽ محاورن سان سينگاريل هوندو، اوترو گهڻن کان گهڻن ماڻهن جي يادگيريءَ ۾ سمائجي سگهندو، اهو ئي سبب آهي جو ڪيترائي ڳائڻا تمام ٿورو پڙهيل ۽ ڪي ته اصل پڙهيل نه به هئڻ جي باوجود شعر جيڪو سندس ذهن ۽ دل تي گهرو اثر ڪندو آهي، اهو کين جيئن جو تيئن ياد ٿي ويندو آهي ۽ اهو ڪڏهن به وساري نه سگهندا آهن. اهڙا مثال اسان اڳيان ڪيترائي موجود آهن. ادب ۾ شاعريءَ جي اهميت آهي ئي ان ڪري جو شاعري هر خاص ۽ عام ماڻهوءَ تي هڪ جيترو ۽ هڪجهڙو اثرانداز ٿي، سندس شعور مان اُڪري لاشعور ۽ تحت شعور ۾ گهر ڪري ويهي رهندي آهي ۽ ڪڏهن گفتگو يا هيکلائيءَ ۾ انساني ذهن ۽ دل کي سُرور بخشيندي آهي.


[b]حوالا[/b]

1. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، سنڌي لغات، جلد پهريون، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 1995ع، ص: 154.
2. The New Encyclopedia Britannica, Vol. 7, Ed. 15, 1988, p. 398.
3. قاضي، علامه آءِ. آءِ.، ’علم ادب جي ترقيءَ جا طريقا‘، تقرير، سنڌي لازمي 11 ۽ 12 ڪلاس لاءِ، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، ڄامشورو، 2010ع، ص؛ 70.
4. دائود پوٽو، عمر بن محمد، ڊاڪٽر، ’سنڌ جون اڳوڻيون روايتون ۽ علم ادب‘، سنڌي لازمي 11 ۽ 12 ڪلاس لاءِ، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، ڄامشورو، 2010ع، ص: 34.
5. دائود پوٽو، عمر بن محمد، ڊاڪٽر، ’سنڌ جون اڳوڻيون روايتون ۽ علم ادب‘، سنڌي لازمي 11 ۽ 12 ڪلاس لاءِ، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، ڄامشورو، 2010ع، ص: 31.
6. قاضي، علامه آءِ. آءِ.، ’دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاعر شاهه لطيف‘، سنڌي لازمي 11 ۽ 12 ڪلاس لاءِ، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، ڄامشورو، 2010ع، ص؛ 79.
7. ميمڻ، محمد صديق، خانبهادر، ’سنڌي ادبي تاريخ‘، ڇاپو چوٿون، مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور، 2005ع، ص: 31.
8. ميمڻ، محمد صديق، خانبهادر، ’سنڌي ادبي تاريخ‘، ڇاپو چوٿون، مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور، 2005ع، ص: 31.

باب ٽيون: شاهه لطيف جي شاعريءَ جون صنفون

سنڌي ٻوليءَ کي هڪ اهڙو شاعر نصيب ٿيو، جنهن سنڌي شاعريءَ کي معراج تي رسائي ڇڏيو. اهو آهي اسان جو مهاڪوي شاهه عبداللطيف ڀٽائي. سندس شاعريءَ جو پورو بياض ’شاهه جو رسالو‘ جي نالي اڄ به موجود آهي. سندس رسالي ۾ هزارين بيت ۽ سوين وائيون ته ضرور آهن، پر ڪيترن ئي يادگيري جي پختن ماڻهن جو چوڻ آهي، ته شاهه لطيف جي شاعري اڃا به گهڻي آهي، جيڪا ڇاپي يا دستخطي رسالن ۾ اچڻ کان رهجي وئي آهي. اهڙن ماڻهن ۾ رزاق آباد جا سيد، خاص ڪري سيد عبدالغفور شاهه ۽ بدين جا ڪيترائي جَت قوم جا فرد آهن، جن جو چوڻ آهي ته اهي نسل در نسل شاهه لطيف جي شاعري ياد ڪندا ايندا آهن. اهي واقعي اهڙا بيت ٻڌائيندا آهن، جيڪي اسان ڪنهن به ڇاپي يا دستخطي رسالي ۾ ڏسي نه سگهيا آهيون، يعني اهي بيت رسالي ۾ موجود ئي ناهن. اهڙا بيت محققن کي هٿ ڪرڻ گهرجن ۽ انهن جي پرک ڪرڻ گهرجي ته انهن ۾ ڪيتري سچائي آهي، باقي رهي ڳالهه ته هنن وٽ اهڙا بيت آيا ڪٿان؟ جنهن جي جواب ۾ هنن جو چوڻ آهي ته کين پنهنجي وڏڙن پاران اهو چيو ويو هو ته اهي بيت کين پاڻ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ ٻڌايا هئا.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي محققن جي چوڻ مطابق ته هن سڄي سنڌ گهمي هئي ۽ مختلف وٿاڻن تي مختلف وقتن تي ويندو رهيو آهي ۽ اُتي جي ماڻهن سان ڏينهن ۽ راتيون گذاريون هئائين ته انهن سان ڪچهرين دوران شاعري پڻ ٻڌائي هوندائين، جا ٽڙيل پکڙيل يعني مختلف ماڻهن جي سينن ۽ ذهن جي يادگيرين ۾ رهجي وئي، جيڪي گنج گڏ ڪندڙن کي حاصل ٿي نه سگهيا هئا. بهرحال اهي بيت حاصل ڪري ۽ انهن کي پرک جي ڪسوٽيءَ تي آڻي طئه ڪرڻ گهرجي، پوءِ جيڪڏهن انهن ۾ حقيقت نظر اچي ته اهي بيت به رسالي جي نئين سڌاريل ڇاپي ۾ شامل ڪجن.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي به پنهنجي ٻولي ۽ ڌرتيءَ جي ماضيءَ جي هڪ مضبوط ڪڙي آهي، ڇاڪاڻ جو شاهه لطيف کان اڳ وارن دؤرن ۾ به سنڌي شاعريءَ جا اهڃاڻ اسان کي ملي چڪا آهن، جنهن جو وڏو مثال شاهه لطيف جو تڙڏاڏو شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو (944هه-1032هه) جو مستند رسالو اسان وٽ موجود آهي، جنهن جو ڪلام سندس هڪڙي مريد محمد رضا ٽٺويءَ پنهنجي ڪتاب ’بيان العارفين و تنبيح الغافلين‘ ۾ قلمبند ڪري محفوظ ڪري ڇڏيو هو. انهيءَ کان پوءِ به اسان جي سنڌي زبان ۾ شاعرن جي هڪڙي کيپ آهي، جيڪا شاهه لطيف کان اڳ يا سندس دؤر ۾ هلندي پئي آئي آهي.
جيئن ته مٿي چيو ويو آهي ته هر دؤر جو ڏاهو يا شاعر پنهنجي ماضيءَ جي هڪڙي ڪڙي ٿيندو آهي، تيئن شاهه لطيف به پنهنجي ماضيءَ جي شاعراڻي زنجير جي هڪ مضبوط ڪڙي آهي، پر هن پنهنجي شاعريءَ ۾ ماضيءَ جي زنجير جي صورت ئي بدلائي ڇڏي.
”سيد عبدالڪريم بلڙيءَ واري (944هه-1032هه) جي شاعريءَ جو دامن ايترو ته وسيع نه هو، رڳو ايڪانوي بيت، ٻه مثلث ۽ هڪ نظم آهن، منجهن جن جذبات، خوبصورتيءَ ۽ صوفيانا رنگ جون سڀ شيون موجود آهن. انهن مان بيت يا ڏوهيڙا جن جي وڌيڪ ترقي ۽ تڪميل هڪ سؤ سالن کان پوءِ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ هٿان ٿي، سي پنهنجي ڪامل صورت ۾ ملن ٿا.“(1)
شاهه لطيف کان اڳ وارن شاعرن وٽ اڪثر دوهو ۽ سورٺو جي صنف وڌيڪ ملي ٿي، پر شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ جيڪي صنفون استعمال ڪيون آهن، انهن ۾ دوهو، سورٺو، دوهو-سورٺو ميل (پر هن صنف کي الڳ عنوان نه ڏنو ويو ۽ ان کي به بيت ئي سڏيو ويو) بيت ۽ ’وائي‘ لکي آهي. سندس واين جو ’شاهه جو رسالو‘ ۾ تعداد ٽي سؤ کان مٿي آهي، پر محترم جي. ايم. سيد پاران ’شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جون وايون ۽ ڪافيون‘ جي عنوان سان سهيڙيل ڪتاب ۾ 463 وايون ۽ ڪافيون ڏنل آهن. هتي اول اسان شاهه لطيف جي رسالي ۾ ڪتب آندل صنفن جا مثال ڏيڻ پسند ڪنداسون جيئن خبر پوي ته شاهه لطيف ڪهڙيون ڪهڙيون صنفون پنهنجي رسالي ۾ ڪتب آنديون آهن.

[b]دوهو ۽ سورٺو:
[/b]دوهو شعر جو اهڙو قسم آهي، جنهن ۾ ٻه مصراعون/سٽون يا چار پَد يا چرن ٿيندا آهن. دوهو دراصل هندي ڇندوديا تي آڌاريل ٿيندا آهن، جن جا به ڪيترائي قسم آهن، پر عام طور تي دوهو ماترڪ لحاظ کان پهريون ۽ ٽيون پَد تيرهن ماترائن جا ۽ ٻيو ۽ چوٿون پَد يارنهن يارنهن ماترائن جو ٿيندو آهي. هتي ڇندوديا جي ٿوري ۾ وصف بيان ڪجي ٿي ته اها هيئن آهي.
”ڇندوديا، شعر جوڙڻ جو علم آهي، جيڪو قديم زماني کان برِصغير پاڪ و هند جي مختلف ٻولين ۾ شاعريءَ ۾ موجود هو. ڇندوديا جي لفظي معنيٰ آهي شعري ويس؛ هڪ شاعريءَ جو ويس، هڪ شاعريءَ جو فن، هڪ شاعريءَ جو سٽاءُ.“(2)
دوهي جا 23 قسم ٿيندا آهن، پر اسان جي شاهه لطيف دوهي جي اها ڳڻپ ضروري نه ڄاتي ۽ هن ان ۾ تبديليءَ اها آندي ته سنڌي دوهي کي آواز ۽ سُرن جي لحاظ کان گهٽ وڌ ڪري ڇڏيو. سندس دوهن جو مثال:
ڏمر پاسو ڏک سين، کاندِ کٿوري هوءِ،
والله مع الصابرين، آگهه ايهين هوءِ.
(عثمان علي انصاري، سُر يمن ڪلياڻ، داستان 8، بيت 13، ص: 112)
وڍي ٿي وايون ڪري، ڪٺل ڪوڪاري،
هن پَن پنهنجا ساريا، هوءِ هنجون هڏن لئي هاري.
(سرود سسئي، بيت 1، گنج، ص: 1)
هي بيت ٻن مصراعن يا سٽن ۽ چئن پَدن يا چرڻن جو آهي. هن جي پهرئين ۽ ٽئين پَد ۾ قافيو آهي، باقي هن ۾ دوهي کي ئي ڦيرائي رکبو ته سورٺو ٿي پوندو.
”سورٺي جي پهرئين ۽ ٽئين پَد ۾ يارنهن ۽ ٻئي ۽ چوٿين پَد ۾ تيرهن ماترائون ٿين ٿيون.“(3)
شاهه لطيف سورٺو به چيو آهي، جنهن جا مثال هيٺ ڏجن ٿا.
ڪوجو وڍي وَڍُ، جيئن وڻ وڍيائين وڍسين،
ڏک ڏکيءَ کي ڏَڍُ، جن ڏٺي سي ڏکيا ٿيا.
(گنج، سُرود سسئي، بيت 3، ص: 1)

***
ڀنڀور جن سکن، مون کي سا ٿا گهاريو،
هاڻي ساڻ ڏکن، تان ڪين ڏونگر ڏاريان.
(گنج، سرود سسئي، بيت، 9، ص: 3)

***
ڏکن ڏک وسار، سيج ڦٽي ڪر سسئي،
پَٽيين پيرُ نهارِ، ته آرياڻي اتان لهين.
(گنج، سرود سسئي، بيت 18، ص: 5)

[b]دوهو-سورٺو ميل:
[/b]هيءَ صنف عجيب آهي، هن جو ڪو خاص عنوان ناهي، پر هن صنف ۾ ٻه سٽون يا مصراعون جو شعر هجي ٿو ۽ هن ۾ به اهي ئي دوهي ۽ سورٺي جيان چار پَد يا چرڻ ٿين ٿا، جن مان پهرئين قسم ۾ شعر جي پهرئين مصرع جي پهرئين ۽ مصرع جي ٻئي پَد ۾ قافيو ٿئي ٿو، يا پهريون ۽ چوٿون پَد هم قافيه هوندا آهن. ٻئي قسم ۾ وري پهرئين قسم جي بلڪل ابتڙ پد هم قافيه ٿيندا آهن، يعني شعر جو ٻيو ۽ ٽيون پَد هم قافيه هوندا آهن. انهن ٻنهي قسمن جا مثال هيٺ ڏجن ٿا.
ڪيئن مائيندا من ۾، خودي ۽ خدا،
ٻن ترارين جا، ڪا آهي هڪ مياڻ ۾.
(بلوچ، سُر ڪلياڻ، بيت 2، داستان 3، ص: 53)

***
توکي رَسي تو ڌڻي، جملوئي جمال،
ڪونهي ٻيو خيال، جي شارڪ شڪ وڃائيين.
(بلوچ، سُر ڪلياڻ، بيت 6، داستان 3، ص: 53)
مٿين ٻنهي شعرن جي پهرئين سٽ دوهي جي آهي ۽ ٻي سٽ سورٺي جي آهي، يعني ٻنهي شعرن ۾ ٻيو ۽ ٽيون پد هم قافيه آهن، تنهن ڪري اهڙي شعر کي ’دوهو-سورٺو ميل‘ سڏبو. رسالي ۾ اهڙا ڪيترائي بيت/شعر موجود آهن. اسين شاهه جي اهڙن شعرن کي بيت ٿا ڪوٺيون، جيڪي ٻن يا ٻن کان وڌيڪ سٽن يا مصرعن وارن ۽ اڃا به گهڻ پداوان آهن، انهن جا مثال هن ريت آهن.
ٽه سٽو يا ڇهه پدائون بيت:
بي شرڪ ڀائين پاڻ کي، عين شرڪ ايءُ،
وڃائي وجود کي، پاڻ پاسي ٿيءُ،
هڏهن ڪونهي هيءُ، ’هو‘ پڻ ڪونهي هن ري.

ڪوڙو تون ڪفر سين، ڪافر مَ ڪوٺاءِ،
هندو هڏ نه آهين، جڻيو تو نه جڳاءِ،
تلڪ تني کي لاءِ، سچائي جي شرڪ سين.
(بلوچ، سُر ڪلياڻ، بيت 10، 13، داستان 3، ص: 54)

هي مٿي ڃاڻايل ٻئي ٽه سٽا بيت آهن، پر انهن جو گهاڙيٽو هن ريت رکيو اٿس ته، پهرئين ۽ ٻي سٽ ته اصل دوهو ٿو لڳي، پر ٽئين سٽ وري سورٺي جي پئي ڀاسي، يعني اهي ڇهه پدن وارا بيت آهن، جن جي ٻئي، چوٿين ۽ پنجين پد کي هم قافيه رکيو اٿس. وري هي گهاڙيٽو ڏسو:
نابودي نيئي، عبد کي اعليٰ ڪيو،
مورت ۾ مخفي ٿئا، صورت پڻ سيئي،
ڪبي ات ڪيهي، ڳالهه پريان جي ڳجهه جي.

***
عاشق ائين نه هُونِ، جيئن تون سجي آڱڙين،
وڃئو در دوستن جي، رت ڏيهاڻي رُونِ،
ٻيءَ ڀر ڪنهن نه ڀوُنِ، ماڪُر محبوبن سين.
(بلوچ، سُر ڪلياڻ، بيت 22 ۽ 7، داستان 3 ۽ 4، ص: 55)
هن گهاڙيٽي ۾ وري پهرئين، چوٿين ۽ پنجين پد کي هم قافيه بڻايو اٿس، ڄڻ ته پهرين ۽ ٽين سٽ بلڪل سورٺو آهي ۽ ٻي سٽ دوهي جيان پئي ڀاسي. وري چئن سٽن ۽ اٺن پدن وارن بيتن جو مثال ڏجي ٿو، ڏسو انهن جا گهاڙيٽا ڪيئن آهن.
اڱڻ آيا نه سهان، ويٺي گهر گُهرانِ،
من مقابل سپرين، پسؤ ٿي پچانِ،
وار نه سهان وچ ۾، اڃان درميان،
ڳرا منجهه ڳُڻانِ، پرين وجهان پيٽ ۾.

***

کڻي نيڻ خمار مان، ڪيائون ناز نظرُ،
سورج شاخون جهڪيون، ڪوماڻو قمرُ،
تارا ڪتيون تائب ٿيا، ديکيندي دلبرُ،
جهڪو ٿيو جوهر، جانب جي جمال سين.
(بلوچ، سُر کنڀاٽ، بيت 10 ۽ 23، داستان 1، ص: 81 ۽ 82)
مٿي ڄاڻايل ٻئي بيت چؤسٽا يا اٺ پداوان آهن، پر انهن جو گهاڙيٽو هيئن گهڙيو اٿس ته پهريون ٽئي سٽون دوهي نما آهن ۽ چوٿين سٽ سورٺي جي جوڙي اٿس. ٻي صورت ۾ ٻئي، ٽئين، ڇهين ۽ ستين پدن کي هم قافيه ڪري رکيو اٿس. اهڙي گهاڙيٽي جا پڻ ڪيترائي بيت رسالي ۾ آيل آهن. وري به چئن سٽن ۽ اٺن پدن وارو هي گهاڙيٽو ڏسو.
چانگي چئي چڪياس، مٿان اڪَ نه الهي،
چوڌاري چندن وڻ، پچي پوڄ پياس،
جنهن وَلِ گهڻا وهاٽيا، ان سين آر لڳياس،
راڙي رت ڪياس، هن ڪڌاتوري ڪرهي.

***
ميي ماڳائي، وڌو وات ولين کي،
خبر کيت ڌڻين ٿي، وِڌوڻا واهي،
ڪرهي ڪاڪت ڇڏئي، وريس نه وائي،
چانگي چريائي، ويئي ويچاري وسري.
(بلوچ، سُر کنڀاٽ، بيت 8 ۽ 11، داستان 5، ص: 88)

هي مٿي ڄاڻايل بيت آهن ته چؤسٽا يا اٺ پداوان پر انهن جي گهاڙيٽي ۾ ڀٽائي سائينءَ تبديلي آندي. اها هيءَ آهي ته بيت جي پهرئين ۽ ستين پد کي هم قافيه ۽ وري چوٿين ۽ پنجين پد کي پهرئين پد سان هم قافيه بڻايو اٿس. ان گهاڙيٽي جا به ڪيترائي بيت رسالي ۾ شامل آهن.
اهڙيءَ طرح شاهه لطيف بيتن جي گهاڙيٽي ۾ سٽن ۽ پدن ۾ اضافو ڪندو ويو، جنهن جا ڪجهه مثال هن ريت آهن.

[b]پنجن سٽن وارو يا ڏهه پدائون بيت:
[/b]جاڳائي جتن، جي گورا گس هلائيا،
پهتي رَءَ پهاڙ ۾، شال ان مَ اگهاٽجن،
سونهان جي سردار جا، سي توڏ مَ ترٽجن،
لطف ساڻ لطيف چئي، لنگهئو بر بوتن،
تن ڪهڙو غم گنگن، هوت هماتي تن جو.
(بلوچ، سُر ديسي، بيت 9، داستان 2، ص: 210)

[b]ڇهن سٽن ۽ ٻارنهن پدن وارا بيت:
[/b]ڏاگهنئون ڏيرن، جي آندا ٻڙڌ ڀنڀور ۾،
هڻي چيلهه چرا ڪئا، وهه پٽي وهڙن،
کري کڙڪو ان جو، هوند ستي سئو سڀن،
جن جو پير نه لڳي پٽيين، تن آيم ساڻ اٺن،
گنگن ۽ جنگن، منڌ اَسونهين ميڙئين.
(بلوچ، سُر ديسي، بيت 10، داستان 1، ص: 208)

[b]ستن سٽن وارو چوڏهن پدائون بيت:
[/b]سڀا سياهي، آهي آري ڄام ري،
ڪڏهن پسي ڪانه ڪا، رءَ لالڻ لالائي،
دُود دل تان دور ڪري، ساجن صفائي،
من لا شيخ لہ فشيخہ الشيطان، ان رءَ اونداهي،(*)
هوءِ جا هلي هيڪلي، سا گيرب گمائي،
مَن بهشي في الطريق بلا، شيخ ڪَمن يهشي،(*)
في البحر بلا سفينة، اهڙي اوائي،
تنهن رءِ لقائي، ڪوڙين ٿين ڪيتريون.
(بلوچ، سُر ديسي، بيت 7، داستان 2، ص: 210)

هيترين سٽن وارا بيت تمام گهٽ آهن، پر آهن ضرور.
شاهه لطيف سُر سارنگ ۾ ٻه اهڙا بيت چيا آهن، جن تي نظم جو گمان ٿو گذري، پر بيت جي گهاڙيٽي ۾ لکيا ويا آهن. اهي بيت هن ريت آهن.
حڪم ٿيو بادل کي، سارنگ ساٺ ڪجن،
وڄون وسڻ آئيون، ٽهه ٽهه مينهن ٽمن،
جن مهانگي لئه ميڙيو، سي ٿا هٿ هڻن،
پنجن مان پنڌرنهن ٿيا، ايئن ٿا ورق ورن،
ڏڪاريا ڏيهه مان، موذي سڀ مرن،
مينهون پاڻ مراديون، ٿڌا ٿر چرن،
وهُڪي جن ورهيه ٿيا، موٽئو سي مڙن،
وري وڏي وس جون، ڪيون ڳالهيون ڳنوارن،
سيد چئي سڀن، آهي توهه تنهن جو آسرو.
(سُر سارنگ، بيت 15، داستان 3، ص: 409)
هي بيت نون سٽن يا ارڙهن پدن جو آهي. هن جي پهرين سٽ جي ٻئي پد ۾ آيل قافئي سان باقي هر سٽ جي ٻئي پد ۽ آخري يعني نائين سٽ جي پهرئين پد کي هم قافيه رکي، بيت جي صورت گري يا گهاڙيٽو جوڙيو اٿس، جيتوڻيڪ هن بيت جي پهرين سٽ دوهي نما ۽ آخري سٽ سورٺي نما رکي، هن کي بيت جي زمري ۾ آندو اٿس.
وري ساڳئي سُر سارنگ جو هي بيت پڙهي ۽ پرجهي ڏسو:
موٽي مانڊاڻن جي، واري ڪئائين وار،
وڄون وسڻ آئيون، چؤڏسيين چوڌار،
ڪي اُٺيون استنبول تي، ڪي لهن سمرقندن سار،
ڪي رمي وييون روم تي، ڪي ڪابل ڪي قنڌار،
ڪي دلي، ڪي دکن، ڪي گُڙن مٿي گرنار،
ڪي جنبيون جيسلمير ڏي، ڪي بيڪانير بڪار،
ڪي پريون پنجاب ڏي، ڪي هلن مٿي هالار،(*)
ڪني ڀڄ ڀڄائيو، ڪني ڍٽ تي ڍار،
ڪن اچي عمرڪوٽ تان، وسايا ولهار،
سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.

هن بيت ۾ ٻارنهن سٽون ۽ چوويهه پد آهن. هن بيت ۾ به گهاڙيٽو ساڳيو مٿي آيل بيت وارو ئي رکيو اٿس، پر اهڙا بيت رسالي ۾ بس اهي ٻه ئي آهن، انهن کان وڌيڪ ٻيا ڪي به ان پيرائيءَ جا بيت شاهه لطيف پاڻ به نه چيا آهن.
شاهه لطيف جي شاعريءَ جي رسالي مان سندس دوهن، سورٺن، دوها-سورٺا ميل ۽ بيت جا مثال ڏنا ويا. هاڻ باقي هڪڙي صنف بچي ٿي، اها آهي ’وائي‘. هن ليک ۾ ’وائي‘ جو صرف نمونو ڏيڻ تي اڪتفا ڪبي، ڇاڪاڻ جو اسان کي ’وائي‘ متعلق جدارو ليک لکڻو آهي.
شاهه لطيف کان اڳ ۾ اها صنف يعني وائي صرف شاهه عنات رضويءَ لکي آهي، جنهن جو شاهه لطيف ننڍو همعصر هو. شاهه لطيف جي شاهه عنات رضويءَ سان وڏي ڄمار ۾ (90 ورهين ۾) ملاقات جو ذڪر پڻ ملي ٿو. شاهه لطيف ان کان اڳ به شاهه عنات رضويءَ سان ملاقاتون ڪيون هجن ۽ سندس ئي واتان وايون ٻڌيون هجن، ڇاڪاڻ ته شاهه عنات رضوي نصرپور جو ويٺل هو ۽ شاهه لطيف ڀٽ شاهه وسائڻ کان پوءِ ته سندس شهر کي ويجهو هو. شاهه لطيف وٽ وائيءَ جا ڪافي گهاڙيٽا آهن، جن جو ذڪر اڳتي هلي ڪيو ويندو. هتي نموني طور اسان فقط ٻه وايون پڙهندڙن جي يادگيريءَ لاءِ لکنداسون.
آئي مند ملار،
آءُ کنهنبا ڪنديس ڪپڙا.
1. وسڻ جا ويس ڪئا، اڄ منهن جي يار.
2. لٿي ڪس قلوب تان، تاڙي ڪي تنوار.
3. اتران ٿي آئيو، ڪڪر ڪارونڀار.
4. روضي پاڪ رسول جي، اٺو آب اپار.
5. ٿر بر وڄون وٺيون، سرها ٿيا سنگهار.
(بلوچ، سُر سارنگ، وائي 1، داستان 4، ص: 412)

***

2. نيئي پريان کي ڏيج، تان ڪو نيہ نياپو
1. ڪڏهن مون سين ڪين ڪئو، سيڻن سياڪو.
2. ڪڏهن مڪائون ڪونه ڪو، ڏکئان ڏوراپو.
3. اٿم گهڻو ان جو، اندر اولاڪو.
4. وڃي ڏجان مئيءَ جو، پانڌيان پاراپو.
(بلوچ، سُر رپ، وائي 1، داستان 3، ص: 302)

3. ٿلهه: سيڻن جي سنڀار، جڏڙو جيءُ جيارئو
پرين جي پچار، جڏڙو جيءُ جيارئو
جيءُ جياريو، سو ڪين منهنجو هارئو.

بند: 1. اڃيو تن عميق مان، مون کي پرين پوڄ پيارئو
2. مرض مريضن تان، اَئين اشاري ساڻ اٿيارئو
3. ڪرم ڪريمن جي، مون کي اهکيءَ مان اڪارئو
4. سئون منهن ڪري سپرين، ائين نرمل نور نهارئو
5. سائل جئن سڏ ڪري، ائين طالعن جئن توارئو.
(سُر جمن ڪلياڻ)
هن وائيءَ جي ٿلهه ۾ شاهه لطيف ڇهه پد رکيا آهن، ٿلهه هي پهرئين ۽ ٽئين پد ۾ قافيو آندو اٿس، ٻيو ۽ چوٿون پد ڄڻ رديف ڪري رکيو اٿس ۽ وري ٿلهه ۾ ئي ٻه ٻيا پد جوڙيا اٿس، جن ٻنهي پدن جو قافيو ٻئي ۽ چوٿين پد سان هم قافيه بيهاريو اٿس، باقي بند اهي ئي ٻه پدا رکيا ويا آهن ۽ انهن جو قافيو به ٻئي پد ۾ آندل آهي. هئڙي وائي سڄي رسالي ۾ اها هڪڙي ئي آهي.
مٿي ڄاڻايل شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ آيل اهي صنفون جيڪي شاهه لطيف چيون آهن. اسان هتي بيتن يا واين جو ڳاڻاٽو ڄاڻائڻ نٿا گهرون جو شاهه جي مختلف مرتبن پنهنجي پنهنجي ڪتابن ۾ شاهه لطيف جي بيتن ۽ وائين جو تعداد گهٽ وڌ ڄاڻايو آهي، تنهن کان سواءِ ڪيترائي اهڙا ماڻهو موجوده وقت ۾ به موجود آهن، جن جو چوڻ آهي ته کين شاهه لطيف جا اهڙا بيت ۽ وايون به ياد آهن، جيڪي ڪنهن به رسالي ۾ موجود ناهن. اهي پڻ هٿ ڪرڻ لازم آهن. وايون ته محترم جي. ايم. سيد سهيڙي گڏ ڪيون آهن، جن جو مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي، باقي اهڙا بيت سهيڙڻ جي ضرورت آهي، ورنه اهڙي قسم جي شاهه لطيف جي حافظن کي جيڪڏهن ازل جو سڏ ٿيو ته اسين هٿ مليندا رهجي وينداسون.


[b]حوالا[/b]

1. دائود پوٽو، عمر بن محمد، ڊاڪٽر، سنڌي لازمي، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، ڄامشورو، 2010ع، ص: 30.
2. سنڌي، عبدالمجيد، ميمڻ، ’بيت سٽاءُ ۽ اوسر‘، مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور، 2002ع، ص: 31.
3. سنڌي، عبدالمجيد، ميمڻ، ’بيت سٽاءُ ۽ اوسر‘، مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور، 2002ع، ص: 50.


* هيءَ سٽ بلوچ صاحب جي رسالي ۽ ٻانهي خان شيخ جي رسالي کان سواءِ ممتاز مرزا واري مرتب ڪيل گنج ۾ به آهي، باقي ٻئي ڪنهن به ڇاپي رسالي ۾ نه آهي.
* جنهن جو روحاني رهبر (شيخ) ڪونهي، تنهن جو رهبر شيطان آهي.
* جيئن ڪا راهه وٺي رواني ٿئي ٿي، سا ايئن آهي جيئن ڪو ٻيڙيءَ سوا سمنڊ ۾ گهڙي. (بلوچ، ص: 210)

باب چوٿون: شاهه لطيف جي وائيءَ جي صنف کان اڳ ۾ وائي

شاهه لطيف جي رسالي ۾ جيڪا شاعري موجود آهي، انهن ۾ جيڪي صنفون شاهه لطيف استعمال ڪيون آهن، انهن جو ذڪر گذريل ليک ۾ ٿي ويو آهي. هي ليک شاهه لطيف جي شاعراڻي صنف ’وائيءَ‘ بابت آهي. شاهه لطيف جي ڇاپي توڙي قلمي رسالن ۾ بيتن وانگر واين جو تعداد به گهٽ وڌ شامل آهي، انهيءَ جي باوجود به شاهه جو رسالو ۾ ٽي سؤ کان ڪجهه وڌ وايون شامل آهن.
اسان جي آڏو شاهه لطيف جي رسالي مان صرف وائين جي چونڊ ڪري ڇپرايل ٻن محققن جا ڪتاب آهن. پهريون ڪتاب محترم جي. ايم. سيد جو ’شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جون وايون ۽ ڪافيون‘ آهي. هي ڪتاب پهريون ڀيرو 1968ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ڇپيو. هن ڪتاب ۾ 414 وايون ۽ ڪافيون شمار ڪيون اٿس، جن ۾ وايون 231 ۽ ڪافيون 183 شامل آهن. محترم جي. ايم. سيد نه ڄاڻ ڪهڙي سبب کان شاهه لطيف جي هر مرتب ڪيل رسالي ۾ ’وائيءَ‘ کي ’ڪافي‘ ڪري، ڌار عنوان ڏيئي ڌار ڳاڻيٽو ڪيو آهي، جنهن جو سبب هيئن ڄاڻائي ٿو، ”هن مجموعي ۾ جيڪي ڪافيون پيش ڪيل آهن، اهي سنڌ ۾ شاهه عبداللطيف عليہ رحمة جي نالي ۾ جهرجهنگ ڳايون وڃن ٿيون. انهن مان سواءِ ٿورين ڪافين جي، ٻين جو معيار ادبي توڙي معنوي اعتبار کان ڪافي اوچو آهي.“(1)
ٻيو ڪتاب ’شاهه جون و ايون مڪمل‘ پروفيسر ڪلياڻ بولچند آڏواڻيءَ جو آهي، جيڪو 1988ع ۾ شري آسنداس پارواڻيءَ سرسوتي ايم. بجاڻيءَ بمبئيءَ مان ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي، ان ۾ ڪل واين جو تعداد 198 آهي. ان جو سبب آهي ته ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي مرتب ڪيل شاهه جو رسالو جا ڪل ٽي جلد ڇپجي پڌرا ٿيا ۽ ان جو چوٿون جلد، جنهن جي ڇپجڻ ڪري سندس رسالو مڪمل ٿئي ها، اهو منطرعام تي اچي نه سگهيو، تنهن ڪري ڇپجڻ کان به رهجي ويو، جنهن ڪري سندس ٽن ڀاڱن واري مرتب ڪيل شاهه جو رسالو ۾ واين جو تعداد پڻ ايترو گهٽ آهي.
شاهه لطيف جي واين بابت هن ڪتاب جو مصنف هيئن ٿو لکي،
”شاهه جون وايون درد، سور، سوز ۽ سلاست جي لحاظ کان بي مثل آهن ۽ سنڌ جا ڪي ڳائيندڙ اهي نهايت پُرگداز آواز ۾ ڳائيندا آهن. انهن کي مطالع ڪرڻ مان ئي هڪ حيرت انگيز لطيف ۽ فيض حاصل ٿو ٿئي، جيئن رسالي جي واين مان روشن آهي.“(2)
هاڻ اچون ٿا ته ’وائيءَ‘ جو مطلب ڇا آهي.
وائي: ڳالهائڻ جي شڪتي، ٻولي، واڻي، سخن، ڪلام، گفتگو، بات چيت، واءُ، شعر جو هڪ قسم جنهن جي هر هڪ سٽ (مصرع) علحدي، پر سڀ سٽون هم قافيه هونديون آهن.(3)
وائي: واءُ، بادي، سَنڌن جو سور، وائي سور، سخن، علت، ڪلام، ڪافي، راڳ، وائي صنف، جنهن جو شاهه لطيف موجد آهي.(4)
”وائي درد جي دانهن آهي، وائي آهي عاشق کي صحت جو سڏ. وائيءَ جي معنيٰ وارتا، يعني عشق جي اگهائيءَ جي وارتا. پارسيءَ ۾ ’واي‘ جو مطلب آهي ’هاءِ‘. وائي عاشق جي اندر جي واويلا آهي، وائيءَ جو مطلب آهي آلاپ. شاهه جي واين ۾ پريم جي پياسيءَ جون آهون ۽ صدائون ٿا ٻڌون. وائيءَ ۾ هر هڪ مصرع هڪ تڪي آهي ۽ پهرين مصرع (ٿل) يا ان جو اڌ ٻي هر ڪنهن مصرع جي پٺيان ٿو اچي.“(5)
شاهه عنات رضوي، جيڪو شاهه لطيف جو وڏو همعصر هو، هن جي ڪلام ۾ به وائيءَ جي صنف ملي ٿي. اڃا به اڳتي راجستان جي مشهور ڪوشڻ ڀڳتياڻي، ميران ٻائيءَ جي گيتن يا پدن ۾ پڻ وائيءَ جي گهاڙيٽي سان ميل کائيندڙ صنف يا ڀڄن ملي ٿو. جيئن ته سنڌ جون سرحدون ٿر واري طرف کان راجستان سان ملن جلن ٿيون ۽ شاهه لطيف جوڳين، سامين ۽ ساڌن جي سنگت ۾ جيڪي سفر ڪيا ۽ انهن جا تيرٿ ڏٺا، اتي ضرور هن ميران ٻائيءَ جي شاعري ڀڳتن جي واتان ڳائيندي ٻڌي هوندي. ان کان پوءِ هن شاهه عنات رضوي، جيڪو نه صرف سندس همعصر هو، پر نصرپور جو رهواسي هئڻ ڪري، ساڻس ڪچهريون به ڪيون هوندائين، تنهن ڪري هن پنهنجي شاعريءَ ۾ وائيءَ جو گهاڙيٽو رکيو آهي. باقي ’وائي‘ ۽ ’ڪافي‘ ڳائڻ جي لحاظ کان ڳايون وينديون آهن، تنهن هوندي به وائيءَ کي ڪافي چوڻ بنهه غلط آهي، ڇو جو فني لحاظ کان ٻئي مختلف صنفون آهن. وائي حقيقت ۾ دوهي يا سورٺي جي پدن تي آڌاريل هجي ٿي. وائيءَ جي بندن ۾ ٻن يا ٽن کان وڌيڪ پد نه ٿيندا آهن.
مٿي ٽن شاعرن جي وائي لکڻ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. هاڻ انهن جا مثال ڏيئي ڳالهه جي پڌرائي ڪبي. هاڻ ميران ٻائيءَ جي پدن يا ڀڄنن مان وائيءَ جو مثال ڏجي ٿو.
ٿلهه: دو دن ڪي مجمان، بگاڙون ڪس سي،
بند: 1. اب تم سو وت سيج پلنگ پر، ڪل تم آؤگي مسان
بگاڙون ڪس سي،
2. مات پتا ست ناري ڇوڙ ڪي، آڪر هووت حيران.
بگاڙون ڪس سي،
3. راج ڀي چل گئي پرڌان ڀي چل گئي، ڪهنڀ ڪرن بلوان.
بگاڙون ڪس سي.
4. ڪيٽ پتنگ اور برهما ڀي چل گئي، ڪوئي نه رهيگو اوسان
بگاڙون ڪسي سي،
5. بائي ميرا ڪهي گرڌر ناگن، رک کي تو رام ڪا ڌيان
دو دن ڪي مجمان، بگاڙون ڪس سي.

ميران ٻائيءَ جي هڪ ٻي وائي ڏسي ۽ پڙهي وٺو.
ٿلهه: تم آجيو راما! آوت اسيان آما

بند: 1. تم مليا مين ڀوسک پاؤن، سرين منورٿ ڪاما،
تم آجيو راما!
2. تم بچ هم بچ انتر ناهين، جيسي سورج گهاما،
تم آجيو راما!،
3. ميرا من ڪي اور نه مانِ، چاهي سندر سياما،
تم آجيو راما! آوت اسيان آما.(6)

مان سمجهان ٿو ته سنڌي پڙهندڙ، جن جي سنڌي شاعراڻين صنفن تي نظر هوندي، اهي مون سان ضرور متفق ٿيندا ته اهو ئي سنڌي وائيءَ جو گهاڙيٽو شاهه عنات رضوي، شاهه لطيف ۽ ان کان پوءِ اڄ سوڌو سنڌي شاعريءَ ۾ رواج پذير آهي. مٿيون ٻئي وايون، دوهو ڇند مطابق آهن.
هاڻ اسان شاهه عنات رضويءَ جي وائي، جيڪا سورٺي ڇند تي آڌاريل آهي، تنهن جو مثال اوهان آڏو پيش ڪنداسون.(7)
ٿلهه: منهنجي سيد سار لهندو، مون کي آهي اميد الله ۾.

بند: 1. امت ڪارڻ احمد اچي، پرمل پاڪ پسندو.
2. سجدي ۾ پئي سپرين، زاري زور ڪندو.
3. جڏهن صور ڏهڪاءُ ڏيندو، اکيون سج ڪڍندو.
4. مهت ڏيندو مومنين، اُت محمد مير ملندو.
5. نفسي نفسي سڀ ڪو ڪري، داتا ڏي ڊڪندو.
6. اچي ات عنات چوي، بديون بخشائيندو.
منهنجي سيد سار لهندو، مون کي آهي اميد الله ۾.

شاهه لطيف پنهنجي رسالي ۾ 32 کان 36 سُرن تي شاعري ڪئي آهي، وري سندس رسالي جي هر سُر ۾ مختلف داستان آهن ۽ اڪثر شاهه لطيف هر سُر جي هر داستان ۾ بيتن کان پوءِ وايون رکيون آهن، تنهن ڪري اهي وايون به اڪثر انهن ئي سُرن جي لحاظ کان چيل آهن. مثال طور شاهه لطيف جي مرتب ڪيل رسالن ۾ پهريون سُر ’ڪلياڻ‘ آهي. ”ڪلياڻ“ لفظ جي معنيٰ آهي سُک يا خير. ’ڪلياڻ‘ هڪ راڳڻيءَ جو نالو آهي، جا سج لهڻ کان پوءِ ڳائبي آهي.“(8)
شاهه جي رسالي ۾ هي سُر سڀ کان پهرين ان ڪري رکيو ويو آهي جو، ”جنهن ۾ الله تعاليٰ جي صفت، پيغمبر پاڪ جي نعت، اصحابن سڳورن جي تعريف بعد سلوڪ جو سبق پڙهايو ويو آهي.“(9)
هن سُر ۾ ڪُل ٽي داستان آهن ۽ انهن ۾ واين جو تعداد پڻ ٽي آهي ۽ ٽنهي واين جو ٿلهه سورٺي ڇند تي رکيل آهي. مثال طور هيءَ وائي ڏسو.
ٿلهه: ٿيندو تن طبيب، دارون منهنجي درد جو.

بند: 1. ٻڪي ڏيندم ٻاجهه جي، اچي شال عجيب،
دارون منهنجي درد جو.
2. پرينِ اچي پاڻ ڪيو، سندو غور غريب،
دارون منهنجي درد جو.
3. ڏکندو سڀوئي ڏور ڪندو، منجهؤن تن طبيب،
دارون منهنجي درد جو.
4. اديون عبداللطيف چئي، هاتِڪ آهه حبيب،
دارون منهنجي درد جو.
(شاهه جو رسالو، شاهواڻي، سُر ڪلياڻ)

دوهي ڇند تي جوڙيل ٿلهه واري وائيءَ جو هي مثال ڏسو:
ٿلهه: سپريان جي سونهن جي،ڳالهه ڪين وڃي.

بند: 1. وڃي در دوستن جي، سوريءَ سِر هڄي.
2. عاشق انگن چڙهيا، ٻيو سڀ ڪو ڀڄي.
3. ڀڇج پوءِ پريتڻون، پهرين سِرُ سَڄي.
4. عاقل ئي اوڇون ٿيا، ڀوري ڪين ڀڄي.

هيءَ وائي سُر يمن ڪلياڻ جي داستان ستين ۾ آيل آهي، ”لفظ ’يمن‘ جي معنيٰ آهي مَن کي روڪڻ، يمن ڪلياڻ هڪ راڳڻيءَ جو قسم آهي، جو رات جي وقت ڳائبو آهي. هن سُر ۾ حقيقي عشق ۽ تصوف جا ڪئين راز ۽ رمزون عمدي نموني بيان ڪيون ويون آهن.“(10)
هن سُر ۾ ڪُل 8 داستان آهن ۽ 9 وايون آيل آهن.
دوهي ڇند تي آڌاريل ٿلهه واري هيءَ وائي به پڙهي ڏسو:
ٿلهه: سڌين سيڻ نه هُونِ، نينهن نياپي نه ٿئي.

بند: 1. ڪاري رات رت ڦڙا، جان جان نيڻ نه رُونِ،
نينهن نياپي نه ٿئي.
2. موٽڻ جنين ميهڻو، پڙ تي سيئي پُونِ،
نينهن نياپي نه ٿئي.
3. جن مسافر سپرين، سي مر رويو رُونِ،
سڌين سيڻ نه هُونِ، نينهن نياپي نه ٿئي.

شاهه لطيف جون اڪثر وايون دوهو ڇند تي ٿلهه جي لحاظ سان لکيل/چيل آهن، پر هر وائيءَ جا بند اهي ئي وڃي دوهي وارا بيهن ٿا، سواءِ ان جي ته وراڻي، ٿلهه جو ٻيو پد رکيو اٿس، يعني وائيءَ جي ٿلهه جي ٻئي پد سان هر مصرع جو ٻيو پد هم قافيه آهي، پوءِ ڪڏهن اها وائي سورٺوڇند جي ٿلهه تي آڌاريل آهي ته هر بند جو ٻيو پد ٿلهه جي پهرئين پد سان هم قافيه آهي.
اهو آهي اصل ۾ وائيءَ جي صنف جو گهاڙيٽو، باقي شاهه لطيف وائيءَ جي گهاڙيٽي ۾ ڪهڙي ڪهڙي تبديلي آڻي، گهاڙيٽي کي وڌيڪ رچاءَ ۽ چَس وارو بڻايو، ان جو ذڪر ايندڙ باب ۾ ڪيو ويندو. هونءَ ته شاهه لطيف جي رسالي ۾ ٽن سَون جي لڳ ڀڳ وايون آهن، انهن مان ته ڪيترائي مثال ڏئي سگهجن ٿا.

[b]حوالا[/b]

1. سيد، جي. ايم.، ’شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جون وايون ۽ ڪافيون‘، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 1991ع، ص: 28.
2. آڏواڻي، ڪلياڻ بولچند، پروفيسر، ’شاهه جون وايون مڪمل‘، سرسوتي ايم. بجاڻي، 1988ع، ص: 16.
3. سترام داس، سوڀا سنگهه، پروفيسر، ’سائل ڪوش‘، راشٽريا سنڌي ٻولي وڪاس پرميش، بڙودا، ڀارت، ص: 536.
4. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، سنڌي لغات، جلد 5، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 1988ع، ص: 2906.
5. آڏواڻي، ڪلياڻ بولچند، پروفيسر، ’شاهه جون وايون مڪمل‘، سرسوتي ايم. بجاڻي، 1988ع، ص: 13 ۽ 14.
6. جعفري، سردار، ’پريم دواني ميرا بائي‘، آج پبليڪيشن ڪراچي.
7. شاهواڻي، غلام محمد، شاهه جو رسالو، ڇاپو ٻيو، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، 2005ع، ص: 63.
8. شاهواڻي، غلام محمد، شاهه جو رسالو، ڇاپو ٻيو، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، 2005ع، ص: 63.
9. شاهواڻي، غلام محمد، شاهه جو رسالو، سُر يمن ڪلياڻ، ڇاپو ٻيو، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، 2005ع، ص: 64.
10. شاهواڻي، غلام محمد، ’شاهه جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، ص: 83.

باب پنجون: شاهه لطيف کان اڳ وائيءَ جي گهڙت

شاهه لطيف جڏهن شاعري پئي ڪئي، تڏهن به اسان جي سنڌ ۾ شاعري اڳ ئي موجود هئي. سنڌ ۾ شاهه لطيف جي دؤر ۽ ان کان اڳ وارن دؤرن ۾ اول جيئن ته سنڌ ۾ جيڪو مڪتبي نصاب پاڙهيو ويندو هو، اهو گهڻو ڪري عربي ۽ فارسيءَ جو مستند ادب هو، تنهن هوندي به جڏهن شاهه لطيف پڙهڻ جي قابل ٿيو آهي ته عام چوڻي آهي ته ساڻس ٽي ڪتاب ساڻ هوندا هئا. اهي ٽي ڪتاب هئا قرآن شريف (عربي)، مثنوي مولانا روم (فارسي) ۽ شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو سنڌي ڪلام، پر انهن ٽنهي ٻولين ۾ جيڪا شاعري هئي، ان مان شاهه لطيف سنڌي ٻوليءَ جي چونڊ ڪئي، يعني پنهنجي تڙڏاڏي جي جاري ڪيل روايت کي اهميت ڏيندي، پاڻ به پنهنجي اظهار جي ٻولي سنڌي رکيائين، جڏهن ته انهن ئي ڏينهن ۾ اهو پهاڪو جڙيو هو ته ’فارسي گهوڙي چاڙهسي‘، پر شاهه لطيف ان جي کليل لفظن ۾ مخالفت ڪندي هي بيت لکيو:(1)
جي تو فارسي سکيو، گولو توءِ غلام،
جو ٻڌو ٻن ڳالهين، سو ڪيئن ڄائي ڄام،
اُڃو تان آب گهري، بکيو تان طعام،
اي عامن سندو عام، خاص منجهان نه ٿئي.
(شاهواڻي، سُر آسا، بيت 23، داستان 4، ص: 725)

هن بيت ۾ ٻه اهم سٽون آهن، اهي آهن پهرين ۽ چوٿين، جنهن ۾ شاهه لطيف پنهنجي مادري زبان جي اهم هجڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، باقي ٽئين ۽ چوٿين سٽ جو ته تشبيهه ۾ شمار ٿئي ٿو.
شاهه لطيف کان اڳ جيڪي به شاعر سنڌي ٻوليءَ جا ٿي چڪا آهن، انهن وٽ سورٺو، دوهو ۽ وڌ ۾ وڌ بيت جي صنف ملي ٿي. سواءِ ڪن ٿورن جي جن انهن ٽنهن صنفن کان قدم اڳتي وڌايو هجي. ابوالحسن سنڌي، مخدوم ضياءُالدين ۽ پوءِ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ ته رڳو مذهبي، اڃا به کڻي ايئن چئجي ته قرآن شريف ۽ شريعت جون ڪي ڳالهيون سنڌي نظم ۾ ان ڪري آنديون جو هنن کي ڄاڻ هئي ته هر سنڌي ماڻهو فارسي ۽ عربي نه ٿو پڙهي سگهي. عربي ۽ فارسي شاعري جيڪا عرب ۽ ايرانين جي سنڌ مٿان تسلت جي ڪري آئي ۽ اهي ٻوليون مڪتبي نصابن ۾ شامل هئڻ ڪري سنڌ ۾ انهن ڌارين ٻولين ۾ نه صرف شاعري ڪئي ويندي هئي پر انهن ٻولين جي صنفن کي سنڌ ۾ به رواج پذير ڪيو ويو.
شاهه لطيف پاڻ به جيئن ته راڳ ۽ ساز مان چڱيءَ پر واقف هو، تنهن پنهنجي شاعريءَ ۾ ’وائي‘ شامل ڪئي.
شيخ اياز لکيو آهي ته ”وائي، جنهن جو گهاڙيٽو بلها شاهه جي پنجابي شاعريءَ تان ڀٽائيءَ ورتو هو ۽ ڀٽائيءَ تان مون وٺي ان ۾ جان پيدا ڪئي.“(2) پر شيخ اياز، بلها شاهه جي اهڙي ڪنهن گهاڙيٽي جو حوالو نه ڏنو آهي.
ٻئي طرف ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ چوي ٿو ته، ”ميون شاهه عنات رضوي پهريون شاعر آهي، جنهن جي ڪلام ۾ سنڌي ’وائي‘ هيئت توڙي مضمون جي لحاظ کان نظر اچي ٿي. ميين شاهه عنات جي ڪلام ۾ سنڌي شعر جا مکيه قالب بيت، مولود ۽ وائي پهريون ڀيرو پنهنجي گوناگون خوبين سان چمڪندا نظر اچن ٿا.“(3)
ان مان مراد اها ٿي بيهي ته شاهه عنات رضوي 1025-1030هه کان 1120 کان 1125 هه شاهه لطيف جو وڏي عمر وارو همعصر هو. امڪان اهو آهي ته بلها شاهه کان متاثر ٿيڻ بدران شاهه لطيف، شاهه عنات کان متاثر ٿيو هجي، پر شيخ اياز جيئن ته ذڪر ڪيو آهي ته شاهه لطيف وائيءَ جو گهاڙيٽو، بلها شاهه جي ڪلام مان ورتو آهي. اسان هتي بلها شاهه جي ڪلام مان ’وائيءَ‘ جي صنف جي تصديق ڪندي، ان جي شاعريءَ مان ڪجهه مثال ڏيڻ پسند ڪنداسون.
بلهي شاهه جي والد جو نالو شاهه محمد هو ۽ سندس پاڙو گيلاني سيدن مان هو. شاهه محمد انهن ڏينهن ۾ ”اُچ گيلانيان ۾ پيدا ٿيو، جو علائقي سنڌ ۾ هو. سندس ڄمڻ ويل سندس والد نالو عبدالله شاهه رکيو هوس.“(4) بلهي شاهه جي ڄمڻ جو سال سندس هڪ ٻئي سوانح حيات لکندڙ مسٽر آسبورن 1680ع ۽ سندس وفات جو سال 1785ع ڄاڻايو آهي، جنهن مطابق بلها شاهه جي عمر 105 ورهيه بيهي ٿي ۽ سندس ڄم جو هنڌ پنڊ ڀانڊوڪ ڄاڻايو اٿس.“(5)
ان حساب سان جيڪڏهن بلها شاهه 1680ع ۾ پيدا ٿيو آهي ته ان لحاظ کان شاهه لطيف 1689ع ۽ شاهه عنات 1030-1035هجري سن ۽ عيسوي سال 1620ع کان 1625ع ۾ پيدا ٿيو ته شاهه لطيف انهن ٻن شاعرن جو ننڍو همعصر آهي، پر شاهه لطيف، بلها شاهه کان فقط نَو يا ڏهه ورهيه ننڍو آهي. جڏهن ته شاهه لطيف، شاهه عنات رضويءَ کان سٺ يا چوهٺ ورهيه ننڍو آهي.
مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته جڏهن هڪ ڀيري شاهه لطيف،شاهه عنات رضويءَ سان ملاقات لاءِ ويو آهي ته هُو ان وقت نوي ورهين جي عمر کي رسي چڪو آهي ۽ بيماريءَ جي حالت ۾ لٺ جي سهاري شاهه لطيف سان ملڻ لاءِ آيو آهي.
بلها شاهه ۽ شاهه عنات رضويءَ کان اڳ اسان کي راجستان جو هڪ ٻيو ڪوي دادو ديال (وڪرمي 1601 کان 1660 سنبت) يعني عيسوي سن 1544ع کان 1602ع وٽ پڻ وائيءَ جي شروعاتي صنف ملي ٿي، جنهن جي شاعريءَ کي ’واڻي‘ چيو ويو آهي. هن جي ڪجهه شاعري سنڌيءَ ۾ به آهي. ”دوهاڇند واري وائيءَ جو مثال سوامي دادو ديال جي واڻيءَ ۾ ملي ٿو. ان کان آڳاٽو ڪو مثال اڃا هٿ نه آيو آهي. وائي ان وقت ضرور موجود هوندي، جنهن کي ڏسي دادو ديال پاڻ به چـئي هوندي. هُو ميين شاهه عنات کان هڪ صدي اڳ ٿي گذريو آهي.“(6) ان جي ٽيڪا لاءِ هڪڙو ٻيو حوالو هن ريت آهي، ”سنڌ جي وڏي عالم، عارف، صوفي قاضي قادن جي ڪلام جو راجستان جي درويش دادو ديال تي وڏو اثر پيو ۽ دادو ديال نه فقط قاضي قادن جي بيتن کان متاثر ٿي، پاڻ سنڌي وايون چيون.“(7)
هاڻ دادو ديال جي وائيءَ جا ڪجهه مثال ڏيڻ پسند ڪنداسون، جنهن مان مٿين حوالن جي تصديق ٿيندي. اسان ان راءِ جا آهيون ته شاهه عنات رضوي ۽ شاهه لطيف راجستان جي ڪوين جو ڪلام ضرور ٻڌو هوندو. شاهه لطيف ته سامين ۽ جوڳين سان سنگت ساٿ ۾ جيڪا سندن تيرٿ ياترا ڪئي هئي، ان ۾ هُو ضرور راجستان ۾ کانئن اڳ وارن ڪوين جو ڪلام ٻڌو هوندو. دادو ديال جي وائيءَ جو نمونو:
ٿلهه: ڪو ميڙيندو سڄڻان، سَنهاري سرت کي،
الا! لڳا ڏينهن گهڻا

بند: 1. پريان سندي ڳالهڙي، الا! پانڌيئڙا پڇان.
2. ڪڏهن ايندو مون گهرين، الا! ڏيندو ٻانهن اسان.
3. آهي سڪ ديدار جي، الا! پرين پور پسان.
4. ايءَ دادوءَ جي جيئندي، الا! سڄڻان ساڻ وهان.(8)
(راڳ رامڪلي)
هيءَ وائي سورٺو ڇند تي آڌاريل آهي. هن وائيءَ جي ٿلهه ۾ ٽي پد آهن، هن وائيءَ جو قافيو ٿلهه جي پهرئين پد ۽ ٽئين پد ۾ آندو ويو آهي، باقي هر بند جي ٻئي پد ۾ قافيو رکيل آهي.
”وائي اسان جو پهريون گيت جو فارم آهي. دوها ۽ وائي جي وچ ۾ ٻيو ڪو فارم ڪونه ٿو اچي. (وائي) دوها سان جُڙي نڪرڻ ڪري ٻنهي جو ڇندميل پڻ آهي. وائي لرڪ (Lyric) يا گيت؛ پالگريو (T. F. Palgrave) جي لرڪ لاءِ ڏنل تعريف Poem shall turn on some single thought, feeling a situation.) (شعر جنهن جو مدار ڪنهن هڪ ئي خيال، احساس يا حالت تي هجي.) وائيءَ سان تز ٺهڪي ٿو اچي.“(9)
دادو ديال جي هڪ ٻي وائي پڙهي ڏسو:
ٿلهه: حال اسان جو لال ري! توکي سڀ معلوم ري!

بند: 1. منجهين کا مان منجهين ٻران، الا! منجهين لڳي باهه ري!
2. منجهين مون ري مچ ٿيو الا!، ڪنهن در ڪريان دانهن ري!
3. ورهه ڪسائي مون گهرين الا! منجهين ٻري باهه ري!
4. سيخون ڪري ڪباب جيئن الا! ائن دادوءَ جي هنيانءَ ري.(10)
(راڳ ڪيڏارو)
هيءَ وائيءَ جي گهاڙيٽي ۾ چيل آهي، هن وائيءَ ۾ ڪوبه قافيو نه رکيو ويو آهي. قافيو نه ٿلهه ۾ رکيو اٿس ۽ نه ئي وري ڪنهن بند يا مصرع ۾ آهي، ايئن ٿو لڳي ته هيءَ بي قافيه وائي آهي، جڏهن ته ’ري‘ ٿلهه جي ٻنهي پدن ۾ رکي اٿس ته اهائي ’ري‘ هر مصرع ۾ به رکي اٿس، جڏهن ته اهو لفظ واڌارو ٿو لڳي، جيئن شاهه لطيف به ڪنهن وائيءَ ۾ ’الا‘، ’وو‘، ’جيڏيون‘ واڌارو لفظ آڻي، وائيءَ ۾ ’درد‘، ’سڏ‘ يا ’صلاح‘ جا تاثر پيدا ڪيا آهن ۽ انهن لفظن نه هئڻ ڪري ’وائي‘ جي صحت ۽ موضوع يا مضمون تي ڪوبه اثر نه هوندو آهي. هن وائيءَ مان به اوهان اهو لفظ هر جاءِ تان ڪڍي به ڇڏيو ته وائيءَ جي ٿلهه توڙي بندن ۾ سمايل ڳالهه ايئن ئي واضح آهي. ايئن هر بند جي پهرئين پد ۾ لفظ ’الا!‘ صرف ’اوساري‘ جي طور ڪتب آندو اٿس.
ٻي صورت ۾ اسان جي راءِ آهي ته هن وائيءَ جي لکڻ جي وقت کي نظر ۾ رکندي جيڪڏهن بندن ۾ قافئي کي هن ريت ڄاڻجي ته پوءِ قافيه پورا ٿين ٿا. اهي لفظ هن ريت هوندا، ’باهه‘، ’دانهه‘، ’باهه‘، ’هانءِ‘ ڇاڪاڻ ته نارائڻ شيام ته اها وائي موجوده صورتخطيءَ ۾ ڪري لکي آهي. سندس هڪ ٻي وائي ڏسو، جيڪا هن سرائڪي ٻوليءَ ۾ چئي آهي.
ٿلهه: عرش الاهي رب دا، اِٿان ئي رحمٰن، وي!

بند: 1. مڪا وچ مسافري، لا! مدينا ملتان، وي!
2. نبي نال پيغمبري لا! پِيرون هُندا ٿان، وي!
3. جن تنهن هڪ مان، لا! اِٿان ئي پست مقام، وي!
4. اٿان آب زمزمان لا! اِٿان ئي سبحان وي!
5. تخت رباني ڪنگري لا! اِٿان ئي سلطان، وي!
6. سڀ اِٿان اندر آوَ وي، اِٿان ئي ايمان، وي!
7. دادو آپ وڃاءِ وي لا! اِٿان ئي آسان، وي!(11)

دادو ديال جي هيءَ وائي، صوفين ۽ ساڌن جي متي تي پوري پئي لهي، جن جو خيال آهي ته جو ڪجهه آهي، هتي ئي آهي ۽ اڃا به تنهن جي اندر ۾ آهي. شاهه لطيف به اهڙي پچار، اهڙو ڏس، سسئيءَ کي ڏيندي چوي ٿو:
وڃين ڇو وڻڪار، هت نه ڳولين هوت کي،
لڪو ڪين لطيف چئي، ٻاروچو ٻئي پار،
تي سَتي، ٻڌ سَندرو، پرت پنهونءَ سين پار،
نائي نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو.(12)

مٿين ٽنهي حوالن ۾ اهو ثابت ٿيو ته ’وائي‘ جو موجد نه شاهه عنات رضوي آهي ۽ نه ئي شاهه لطيف ڀٽائي آهي. سنڌي ۽ سرائڪي ٻولين ۾ ’وائي‘ جي شروعات دادو ديال ڪئي، جيڪو راجستان جو رهاڪو (وڪرمي 1601 کان 1690 سنبت مطابق 1544 کان 1603ع) يعني شاهه عنات رضويءَ کان لڳ ڀڳ هڪ صدي اڳ جو شاعر ٿي گذريو آهي. هن جي اڪثر شاعري ته ’دوها‘ ڇند ۾ چيل آهي، پر قياس آهي ته هن تي قاضي قادن جي خيال ۽ شاعريءَ جو ڪجهه اثر هو، پر قاضي قادن جي شاعريءَ ۾ ’وائي‘ ته نه ملي آهي. دادو ديال جو اصل وطن راجستان آهي، جتان جون ٻوليون به راجي، مارواڙي، ڍاٽڪي، گجراتي ۽ سنڌي به هيون. راجستان سان جيئن ته سرائڪي پٽيءَ جو لڳ لاڳاپو هو، تنهن ڪري سندس پوئين وائي سرائڪي ٻوليءَ ۾ چيل آهي.
هاڻ اسان هتي بلها شاهه ۽ شاهه عنات رضويءَ جي ڪلام مان ’وائيءَ‘ جي گهاڙيٽي جا ڪجهه مثال ڏينداسون.
بلها شاهه جي ڪلام ۾ به اڪثر ڪافي چيل آهي. پنجاب وارا ڀل کڻي سرائڪي ٻولي ڳالهائيندڙ هجن، پر انهن وٽ به اها صنف ’وائي‘ جيئن ته راوج پذير ڪانه آهي، تنهن ڪري اتان جي شاعرن يا شاعريءَ تي ڳوڙهي نظر رکندڙ پارکن جي لاءِ اها صنف چوڻ يا لکڻ ڪافي مشڪل ٿو لڳي، پر بلها شاهه جيئن ته سنڌ جي هڪ ڳوٺڙي اچ گيلانيان ۾ پنهنجا ٻال جتيءَ جا ڪجهه ورهيه گذاريا آهن، تنهن ڪري هن لاءِ ’وائي‘ لفظ بنهه اوپرو نه ٿو ٿي سگهي.(13) هيءَ وائي ڪليات ۾ چوٿين نمبر تي آهي.
سندس ’وائيءَ‘ جا ڪجهه مثال:
ٿلهه: اب هم گم هوئي، پريم نگر ڪي شير (شهر)

بند: 1. اپڻي آپ نون سو بدهه رهيا هون، نه سر، هاٿ نه پير.
2. خودي کوئي، اپڻا ڀي چتيا، تب هوئي گل خير.
3. لٿي پگڙي، پهلي گهر ٿين، ڪون ڪري نر وير.
4. بلها شوه هي دوهين جهانين، ڪوئي نه وسندا غير.

هڪ ٻي وائي، بلها شاهه جي، جا ڪليات ۾ ستين نمبر تي آيل آهي، اها به پڙهي ڏسو.(14)
ٿلهه: اٺ گئي گواهڊون يار، ربا! هڻ ڪيا ڪريئي؟

بند: 1. اٺ گئي هڻ رهندي ناهين، هويا ساٿ تيار،
ربا! هڻ ڪيا ڪريئي.
2. واهب ڪليجي بل بل اٺ دي، ڀڙڪي برهون نار،
ربا! هڻ ڪيا ڪريئي.
3. بلها شوه پياري باجهون، رهي اُدار نه پار،
ربا! هڻ ڪيا ڪريئي.

بلها شاهه جي ڪليات مان سندس ٽين ’وائي‘ ڏسو. اهو پڻ وائيءَ جو گهاڙيٽو آهي، موضوع جي حوالي سان ٽنهي ۾ پاڻ پڻو وڃائڻ تي وڌيڪ زور ڏنل آهي. بلها شاهه، شاهه عنات رضوي توڙي شاهه لطيف پنهنجي ذات کي گُم ڪرڻ، الاهي امر کان سواءِ پاڻ کي پالهو نه سمجهڻ ۽ الاهي امر مطابق زندگي بسر ڪرڻ کي ترجيح ڏني آهي. بلها شاهه جي هيءَ وائي ڏسو ڪيئن آهي. هن وائيءَ جو ٿلهه هڪ پدو آهي، جڏهن ته اڳين ٻن واين جو ٿلهه ٻه پدائون هو.(15)
ٿلهه: الٽي هور زماني آئي.

بند: 1. ڪان لگڙ نون مارن لڳي، چڙيان جري کائي،
الٽي هور زماني آئي.
2. عراقيان نون پئي چابڪ پوندي، گدون خود پوائي،
الٽي هور زماني آئي.
3. بلها حڪم حضورون آيا، تس نون ڪونه هٽائي،
الٽي هور زماني آئي.

هتي هڪڙي ڳالهه جي ضرورت پئي محسوس ٿئي ٿي ته وائيءَ جو گهاڙيٽو اصل ۾ ته دوهي ڇند ۽ سورٺي ڇند تي آڌاريل آهي. هاڻ مان شاهه عنات رضويءَ جي اهڙي وائيءَ جو مثال ٿو پيش ڪرڻ گهران، جيڪا سورٺي ڇند تي آڌاريل آهي. شاهه عنات رضوي عمر جي لحاظ کان شاهه کان به وڏي عمر جو آهي.(16)
ٿلهه: منهنجي سيد سار لهندو، مون کي آهي اميد الله ۾.

بند: 1. سجدي ۾ پئي سپرين، زاري زور ڪندو.
2. امت ڪارڻ احمد اچي، پرمل پاڪ پسندو.
3. جڏهن صور ڏهڪاءُ ڏيندو، اکيون سج ڪڍندو.
4. مهت ڏيندو مومنين، اُت محمد مير ملندو.
5. نفسي نفسي سڀ ڪو ڪري، داتا ڏي ڊڪندو.
6. اچي ات عنات چوي، بديون بخشائيندو.
منهنجي سيد سار لهندو، مون کي آهي اميد الله ۾.

شاهه عنات رضويءَ ئي ’وائي‘ جي گهاڙيٽي ۾ ڪجهه هن طرح به نواڻ آندي، جيتوڻيڪ وري به اهو ئي سورٺي ڇند تي آڌاري اٿس.(17)
ٿلهه: چونديس حال پنوهار، ٿر وڃان، پائر وڃان، آءٌ اڃان.

بند: 1. ڇال مَ ٿيان ڪڏهين، ويڙهچنئان ڌار،
چونديس حال پنوهار.
2. منان مور نه وسرين، ساڻيهه جا سنگهار،
چونديس حال پنوهار.
3. وڃي آءٌ وطن ۾، واسيان پنهنجا وار،
چونديس حال پنوهار.
4. الاهي عنات سين، سيل لنهندم سار،
چونديس حال پنوهار.

هن وائيءَ جو ٿلهه سورٺي ڇند تي چيل آهي. سورٺي ڇند جي ڳالهه اِها آهي ته، هن وائيءَ جي ٿلهه جي پهرئين پد ۾ قافيو رکيو اٿس ۽ هر بند جي ٻئي پد يا چرڻ ۾ قافيو به آندو اٿس ۽ وراڻيءَ طور به ٿلهه جو پهريون پد استعمال ڪيو اٿس، پر هن وائيءَ جا جيڪا نواڻ يا تجربو آهي، اهو ٿلهه جي ٻئي پد ۾ هڪ ئي وقت ٽي ڀيرا قافيو رکيو اٿس، ”ٿر وڃان، پائر وڃان، آءٌ اڃان.“ ان ڳالهه مارئيءَ جي قيد مان ڇوٽڪاري ملڻ کان پوءِ، پنهنجي وطن ’ٿر‘ ۽ علائقي ’پائر‘ ۾ پهچي سرتين سان گڏجي هار سينگار ڪري ته انهن جي هوندي ۽ انهن جي وچ ۾ ئي سونهين ٿي، هوءَ تيسين وار به نه ٿي ڌوئي نه ٿي ڳنڌي، مارن کي منان نه ٿي وساري، هنن پاران سندس سنڀال لهڻ جي سڌ رکي ٿي ۽ پوءِ جڏهن اُتي پهچندي ته ڏک ڏور سک اور ٿيندا ۽ سندس سونهن ۾ نکار ايندو، سنگهارن ۾ به سرهائي ٿيندي.
شاهه عنات رضويءَ جي هيءَ وائي، جا دوهي ڇند تي آڌاريل آهي، انهيءَ کي پڙهي ڏسو. هن وائيءَ ۾ سواءِ دوهو ڇند جي ٻي ڪا نواڻ ناهي.(18)
ٿلهه: دولهه دل درياءَ، شاهه سخي پير لکي.

بند: 1. جن، دءِ، ماڻهو، پريون، پيرين پُونِ پکي
دولهه دل درياءَ.
2. جي آيا سي اگهيا، ٿيڙا سڀ آکي
دولهه دل درياءَ.
3. اسان هن در جي، اصل آهي چکي
دولهه دل درياءَ.

شاهه عنات رضوي هن وائيءَ ۾ ’پير لکي‘ يعني ’لکي شاهه صدر‘ کي سنڀاريو آهي. سندس شان ۽ مرتبي جي تعريف ڪئي ٿو ڏسجي، جڏهن ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هيءَ وائي نسخي ’ن‘، يعني نبي بخش شاهه ۽ نسخي ’ق‘ ميان غلام قادر شاهه وٽان هٿ آيل، ٻنهي نسخن ۾ اها وائي، شاهه لطيف ڏانهن منسوب ٿيل ٿو ڄاڻائي، جڏهن ته ڪيترن ئي محققن جو چوڻ آهي ته ’گنج‘ ۾ آيل ڪلام ۾ جيڪو ڌاريو ڪلام شامل ٿي ويو آهي، ’سُر ڌناسري‘ به انهن مان هڪڙو آهي.
شاهه عنات رضوي ’وائيءَ‘ جو جيئن ته پهريون سنڌي شاعر آهي، تنهن ڪري هن وٽ اڪثر ٻن قسمن يعني دوهوڇند ۽ سورٺوڇند تي آڌاريل وايون آهن، پر تنهن هوندي به هن جا ڪي نه ڪي وائيءَ جي گهاڙيٽي ۾ تجربا ڪيا ٿا ڏسجن. سندس هيءَ وائي پڙهي ڏسجي ته هن ۾ ڪهڙي قسم جو تجربو ڪيو اٿس.(19)
ٿلهه: اوڏا آهين آري، تون ٿي مَ ڪَهاري،
اٿي هل هاڻ، ملندين هوت کي.

بند: 1. جاڳيءَ تان نه جتن لٿي، اٿئين تان نه اساري،
تون ٿي مَ ڪهاري.
2. هئڙا ٻاروچن جا، چوڌاري تو چاري،
تون ٿي مَ ڪهاري.
3. آڏا اَڪ لَڪ لَڪِيون، ڪهه ڏونگرين ڪاري،
تون ٿي مَ ڪهاري.
4. ويهه مَ واٽڙين ٿي، وسائي واري،
تون ٿي مَ ڪهاري.

هن وائيءَ جي به ٿلهه ۾ تبديلي آندي اٿس. هن وائيءَ جو ٿلهه عام وائيءَ جي ٿلهه کان نرالو آهي، يعني عام وائيءَ ۾ ٻه يا ٽي پد ٿيندا آهن، پر هن وائيءَ جي ٿلهه ۾ چار پد، يعني پويون ٻه مصراعون آهن، پر باقي وائيءَ جي بندن جي هر ٻئي پد ۾ ٿلهه جي ٻئي پد ۾ ڪتب آيل قافيو رکيو اٿس. ٿلهه جي ٽئين ۽ چوٿين پد ۾ ٿلهه جي پهرئين ۽ ٻئي پد جي ڪنهن به قافيي سان نه صرف ميل آهي، پر اهي ٻئي پد وراڻيءَ طور به استعمال ٿيل ناهن. وري ٿلهه جو پهريون ۽ ٻيو پد هم قافيو رکيو اٿس، وراڻيءَ طور ٿلهه جي ٻئي پد کي ئي استعمال ڪيو اٿس.
سندس هڪڙي ٻي وائي به آهي، جيڪا مٿي ذڪر ڪيل وائيءَ واري گهاڙيٽي ۾ لکي اٿس، پر هن وائيءَ جي ٿلهه ۾ قافيو ۽ رديف ٻئي ڪتب آندا اٿس. باقي بندن ۾ رڳو قافيو روا رکيو اٿس ۽ ٿلهه ۾ جيڪو رديف جوڙيو اٿس، بندن ساڻ وراڻيءَ طور ڪتب ٿو آڻي. اها وائي هتي ڏجي ٿي اوهان جي هنڊائڻ واسطي.(20)
ٿلهه: تون تان منهنجا پير!، متان ڍنگر ڍيلي ڇڏئين،
ونهيان ونهيل پير!، متان ڍنگر ڍيلي ڇڏئين.

بند: 1. تون پير آهين پنجاب جو، اسين سنڌ فقير،
متان ڍنگر ڍيلي ڇڏئين.
2. رهيو آهين روح ۾، شاهه رڪن سڌير،
متان ڍنگر ڍيلي ڇڏئين.
3. مدد ڪري مريد جي، دليئون دستگير،
متان ڍنگر ڍيلي ڇڏئين.
4. عنات جي اولاد جو، پردو رکج پير،
متان ڍنگر ڍيلي ڇڏيئن.

اسان سنڌ ۾ وائيءَ جي ابتدائي شاعر شاهه عنات رضويءَ جي وائيءَ جا مثال ڏنا ۽ انهن مثالن سان گڏوگڏ اسان شاهه عنات رضويءَ پاران ڪيل تجربن جا پڻ مثال ڏنا آهن.
”وزن جي لحاظ کان وائي ۽ بيت ۾ ڪو فرق ڪونهي. وائي هڪڙي قسم جو گيت آهي، جيئن ته بيت موسيقيءَ جي مقابلي ۾ شاعريءَ جي تمام ويجهو آهي، ساڳي طرح وائي شاعريءَ جي مقابلي ۾ موسيقيءَ جي ويجهو آهي، ڇو جو وائي راڳ جي مڪمل صنف آهي. ڀڄنن ۽ ساکين وانگر وائي به راڳن ۾ لکي ويندي آهي، فرق رڳو ايترو آهي ته هندي صنفون ڪلاسيڪي راڳن ۾ ۽ وائي سنڌي راڳن ۾ ٺاهي ويندي آهي.“(21)
”لفظ وائي، واڻيءَ مان نڪتو آهي. (پراڪرت: واڻي، سنسڪرت: واڻي) جي معنيٰ آهي ٻول ۽ سخن. وائيءَ کي ڏسجي ٿو ته ان جو گهاڙيٽو به ٻاڻين وارو ئي آهي، صرف فرق هي آهي ته وائيءَ جو ٿلهه به ٻه اڌ (پد) ٿئي ٿو، يعني پهرئين اڌ ۾ قافيو ۽ ٻيو اڌ بنا قافئي جي هوندو آهي. ڀانئجي ٿو ته ’واڻيءَ‘ جو ’ڻ‘’ء‘ ۾ بدلجي وائي ٿي ويو.“(22)
وائي ۽ واڻي يا ٻاڻي اصل ۾ ساڳيا لفظ آهن، جي پنهنجي پنهنجي لهجي مطابق لکت ۾ ايئن ٿا اچن. ”منهنجي راءِ آهي ته وائيءَ جو تعلق واءِ واءِ يعني ’هاءِ هاءِ‘ سان آهي. ’واءِ واءِ ڪرڻ‘ محاورو آهي، يعني دانهون ڪرڻ، روئڻ ۽ پٽڻ. ڪافي ۽ وائي موضوع ۽ مواد جي حيثيت سان چيز آهي، پر فني ۽ فارم ۾ فرق آهي. وائيءَ جو ٿلهه ٻه اڌ ٿئي ٿو، پهرئين اڌ ۾ قافيو ۽ ٻيو اڌ بنا قافيي جي ٿئي ٿو.“(23) پر تاجل بيوس پنهنجي مضمون ۾ لکيو ته: ”پنجاب ۾ وائيءَ کي به ڪافي چيو ويندو آهي، جتي ٻنهي صنفن کي ڳائڻ جو ڍنگ ساڳيو آهي، پر وائي ۽ ڪافيءَ کي ساڳي صنف چوڻ قطعي غلط آهي.“(24)
اسان جو پنهنجو رايو به ان سان سهمت آهي ته ’وائي‘ ۽ ’ڪافي‘ جا گهاڙيٽا بنهه ڌار ڌار آهن، جن جو ذڪر اڳتي هلي ’وائي ۽ ڪافيءَ جو تقابلي جائزو‘ ۾ ڪيو ويندو.
هاڻ شاهه لطيف کان ٿورو اڳ مان ميران ٻائيءَ جي ٻاڻين، پدن يا گيتن مان پڻ وائيءَ جو گهاڙيٽو لڌو آهي، ان جا ڪجهه مثال ڏيڻ ضروري ٿو سمجهان. مان مٿي اهو ذڪر به ڪري آيو آهيان ته جيئن اسان جي شاهه عنات رضوي ۽ شاهه لطيف جي سورٺن، دوهن ۽ بيتن کي ملائي صرف ’بيت‘ چيو ۽ لکيو ويو آهي، تئين ئي ميران ٻائيءَ جي شاعريءَ سان به ٿيو آهي. ميران ٻائي 1498ع ۾ ڪڙڪي، ميڙتا پرڳڻي، راجستان ۾ ڄائي هئي. سندس ڀڳتياڻي ٿي، يڪتارو کڻي، ڀڄن (ڪرشڻ جي درد ۽ ميلاپ) واسطي جو ڪجهه چوندي ۽ ڳائيندي پئي وئي، پر سندس انهن شاعراڻين صنفن کي صرف ڀڳتي ڀاءَ ڪري ڀڄن جو نالو ڏنو ويو ۽ سندس مختلف صنفن جو احاطو ڪري، انهن جدا جدا صنفن ۾ نه رکيو ويو آهي. اسان جي راءِ موجب ميران ٻائيءَ، وائي، گيت ۽ نظم جي صنفن تي شاعريءَ جو سمورو تاڃي پيٽو اڻيو آهي. هند جي محققن کي به اها ڳالهه ذهن ۾ نه آئي آهي ته اهي ميران ٻائيءَ جي اصناف سخن جي ڇنڊڇاڻ ڪن ها ۽ سندس ڀڄنن مان مختلف صنفن کي ڌار ڌار سنواري سڌاري رکيو ۽ ڇپرايو وڃي ها.
هاڻ مان هتي ميران ٻائيءَ جي ڀڄنن مان هڪ ٻه مثال ڏيئي ثابت ٿو ڪرڻ گهران، سنڌي پڙهندڙن خاص ڪري سنڌي صنفن تي گهري نظر رکندڙ ضرور مون سان متفق ٿيندا يا منهنجي فني ۽ گهاڙيٽي جي لحاظ کان رهنمائي ڪندا. ميران ٻائيءَ جي وائيءَ جو مثال.(25)
ٿلهه: دو دن ڪي مجمان، بگاڙون ڪس سي.
بند: 1. اب تم سو وت سيج پلنگ پر، ڪل تم آؤگي مسان،
بگاڙون ڪس سي.
2. مات پتا ست ناري ڇوڙ ڪي، آڪر هووت حيران.
بگاڙون ڪس سي.
3. راج ڀي چل گئي پرڌان ڀي چل گئي، ڪمڀ ڪرن بلوان.
بگاڙون ڪس سي.
4. ڪيٽ پتنگ اور برهما ڀي چل گئي، ڪوئي نه رهيگو اوسان.
بگاڙون ڪسي سي.
5. بائي ميرا ڪهي گرڌر ناگن، رک لي تو رام ڪا ڌيان.
دو دن ڪي مجمان، بگاڙون ڪس سي.

ميران ٻائيءَ جي هن ڪتاب ۾اهڙا ڪيترائي ڀڄن موجود آهن، جيڪي اسان جي خيال مطابق اسان جي وائيءَ جو اصل گهاڙيٽو آهن. ميران ٻائيءَ به هن صنف ۾ ٽه - پديون وايون به آهن، پر اسان هتي هڪ ٻي وائي پڙهندڙن لاءِ ڏيڻ پسند ڪنداسون، اها وائي به ٻه - پدي آهي.(27)
ٿلهه: تم آجيو راما! آوت اسيان آما

بند: 1. تم مليا مين ڀوسک پاؤن، سرين منورٿ ڪاما.
تم آجيو راما!
2. تم بچ هم بچ انتر ناهين، جيسي سورج گهاما.
تم آجيو راما!،
3. ميرا من ڪي اور نه مانِ، چاهي سندر سياما.
تم آجيو راما!آوت اسيان آما.(28)

جيڪڏهن اسان جو موضوع صرف ميران ٻائيءَ جا ڀڄن هجن ها ته مان سندس ڪتاب مان ڪيتريون ئي وايون چونڊي، پڙهندڙن کي پيش ڪري سگهان ها.
هاڻ ته اسان پنهنجي اصل مقصد شاهه لطيف جي چيل وائيءَ ڏانهن اچڻ جي ڪوشش ٿا ڪريون، ڇاڪاڻ جو سنڌي ادب جي تاريخن ۾ اها ڳالهه مڃي وئي آهي ته ’وائي‘ جو موجد شاهه عنات رضوي آهي، جنهن جون ڪُل 40 کن وايون آهن، رسالي جي هر داستان ۾ بيتن جي پوري ٿيڻ کان پوءِ رکيون آهن، جڏهن ته شاهه لطيف جون وايون لڳ ڀڳ ٽن سَون تائين ۽ اڃا به محترم جي. ايم. سيد جي سهيڙ ’شاهه جون وايون ۽ ڪافيون‘ ڪتاب ۾ 414 آيل آهن. شاهه لطيف به پنهنجي رسالي ۾ جيترا به سُر چيا آهن (گنج ۾ 36 سُر ۽ باقي مرتبن جي رسالن ۾ 30 سُر آيل آهن). شاهه لطيف به وائي ’دوهوڇند‘ ۽ ’سورٺوڇند‘ تي لکيون آهن، پر انهن ۾ نواڻ ۽ تجربا به پاڻ ئي ڪيا اٿس، هر وائيءَ جي ٿلهه ۾ ئي اها نواڻ يا تجربو ڪري ڏيکاريو اٿس. (اصل ۾ دوهوڇند آهي تيرنهن يارنهن ماترائون ۽ سورٺوڇند آهي ابتو دوهو.) شاهه لطيف وائيءَ جو ٿلهه ۽ بند اهڙي ڳڻپ کان مبرا رکيا، سندس سورٺوڇند تي ٿلهه واري هيءَ وائي جا ٿلهه ۾ به ٻه پدائين ۽ بندن ۾ به ٻه پدائين آهي. ان جو مثال ڏسو.(29)
ٿلهه: منڌ پيئندي مون، سڄڻ سهي سڃاتو.

بند: 1. پي پيالو عشق جو، سڀڪي سمجهو سون.
2. پريان سندي پار جي، اندر آڳ اٿون.
3. جئڻ ناهي جڳ ۾، ڏينهن مڙيئي ڏون.
4. الا! عبداللطيف چئي، آهين تون ئي تون.

هيءَ وائي ’سورٺوڇند‘ جو بهترين مثال آهي. ٿلهه ۾ 12+11 ماترائون آهن ۽ بندن ۾ ماترائن جو ڳاڻيٽو پڻ لڳ ڀڳ ساڳيو رکيو اٿس. ٿلهه جي پهرئين پد ۽ بندن جي ٻئي پد ۾ قافيو رکيو اٿس. هاڻ اسان هڪ اهڙي وائي پڙهندڙن آڏو رکنداسون، جيڪا ’دوهوڇند‘ تي آڌاريل آهي.(30)
ٿلهه: سپريان جي سونهن جي، ڳالهه ڪين وڃي.

بند: 1. وڃي در دوستن جي، سوريءَ سرهڄي.
2. عاشق انگن چڙهيا، ٻيو سڀڪو ڀڄي.
3. ڀڄج پوءِ پريتڻو، پهرين سِر سڃي.
4. عاقل ئي اوچون ٿيا، ڀورو ڪين ڀڃي.

هن وائيءَ جي ٿلهه جي ماترڪ ڳڻپ 11+10 ماترائون ٿين ٿيون ۽ باقي بند به انهيءَ ڳڻپ سان ملندڙ جلندڙ اٿس.
هي ڪجهه مثال هئا شاهه لطيف کان اڳ وارن شاعرن وٽ وائيءَ جا گهاڙيٽا، جن کان شاهه لطيف به متاثر ٿي پنهنجي شاعريءَ ۾ وائيءَ جي صنف کي روا رکيو، نه ته سندس دؤر ۾ ته فارسي ٻوليءَ جون صنفون عام جام لکيون وينديون هيون، جن کان شاهه لطيف بنهه نابري واري ۽ شاعريءَ ۾ اهي صنفون لکيون يا چيون، جن جو سڌو سنئون واسطو سنڌ جي ڌرتيءَ ۽ سنڌي ماحول اڃا به سنڌي ماڻهوءَ جي ڪن رس موسيقيءَ سان ٺهڪي پيو بيهي. شاهه لطيف ته انهن ڳالهين کان به گهڻو اڳتي نڪري ويو.

[b]حوالا
[/b]
1. شاهواڻي، غلام محمد، مرتب: شاهه جو رسالو، سُر آسا، بيت 23، داستان 4، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، ص: 725.
2. اياز، شيخ، ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، 1993ع، ص: 139.
3. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ’ميين شاهه عنات جو ڪلام‘، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1963ع.
4. فقير، فقير محمد، ڪليات بلها شاهه، الفيصل ناشر ۽ تاجر ڪتب، لاهور، ص: 19
5. ساڳيو، ص: 17.
6. شيام، نارائڻ، ’وائي ۽ ڪافي‘، ماهوار ڪينجهر، جنوري 1993ع، ص: 53.
7. گهانگهرو، عابده، سنڌي شاعريءَ تي ڀڳتي تحريڪ جو اثر، ڪارونجهر جرنل، جون 2014ع.
8. شيام، نارائڻ، ’وائي ۽ ڪافي‘، ماهوار ڪينجهر، جنوري 1993ع، ص: 53.
9. ساڳيو، ص: 52.
10. ساڳيو، ص: 52.
11. ساڳيو، ص: 54.
12. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، شاهه جو رسالو (مستند)، سُر آبري، بيت 12، داستان 3، ص: 178.
13. فقير، فقير محمد، ڊاڪٽر، ڪليات بلها شاهه، الفيصل ناشر و تاجر ڪتب، لاهور، ص: 45.
14. ساڳيو، ص: 53.
15. ساڳيو، ص: 63.
16. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ميين شاهه عنات جو ڪلام، سُر ڪلياڻ، وائي 1، فصل 1، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 1963ع، ص: 3.
17. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ميين شاهه عنات جو ڪلام، سُر مارئي، وائي 1، فصل 1، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 1963ع، ص: 55.
18. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ميين شاهه عنات جو ڪلام، سُر ڌناسري، وائي 1، فصل 4، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 1963ع، ص: 106.
19. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ميين شاهه عنات جو ڪلام، سُرود ديسي، وائي 2، فصل 4، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 1963ع، ص: 181.
20. ڪتاب ساڳيو، اضافي شاعري، سُرود پرڀات، وائي 2، ص: 226.
21. عشقي، الياس، ’وائي نج سنڌي راڳ ۾ ٺاهي وڃي ٿي‘، مهراڻ، نمبر 3-4، سال 1969ع، ص: 187.
22. طالب الموليٰ، مخدوم، وائي، ٽماهي مهراڻ نمبر 3-4، 1969ع ص: 47.
23. گرامي، غلام محمد، وائي، ٽماهي مهراڻ نمبر 3-4، 1969ع ص: 48.
24. بيوس، تاجل، ماهورا پيغام، جلد 5، شمارو 4، سال 2003ع.
25. جعفري، سردار، پريم ديواني ميرا بائي، آج پبليڪيشن، ڪراچي، 2006ع، ص: 130.
26. ساڳيو، ص: 214.
27. آڏواڻي، ڪلياڻ، پروفيسر، ’شاهه جون وايون مڪمل‘، سُر ڪلياڻ، 1988ع، ص: 19.
28. آڏواڻي، ڪلياڻ، پروفيسر، ’شاهه جون وايون مڪمل‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان 7، 1988ع، ص: 28.

باب ڇهون: شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ وائيءَ جا گهاڙيٽا ۽ موضوع

اسين اڳ به ٻڌائي ۽ لکي آيا آهيون ته سنڌي ٻوليءَ ۾ شاعراڻي فصل جا ڪيئي سهڻا گل، پنهنجي پنهنجي سڳنڌ سان، ٻاجهه ڀريل ٻوٽن تي صدين کان لهرائي، پنهنجي سونهن ڀري سڳنڌ پکيڙيندا رهن ٿا. اهڙن سڳنڌ واس گلن مان شاهه لطيف هڪ اهڙو گل آهي، جنهن جي نه سڳنڌ ۾ ڪو گهاٽو پيو آهي ۽ نه ڪڏهن ڪنهن ٿڌي هوا جي جهوٽي هن کي ڪومايو آهي ۽ نه ڪنهن خزان جي وَر چڙهي سگهيو آهي. جيتوڻيڪ شاهه لطيف کي هي جهان ڇڏئي 272 ورهيه گذري ويا آهن، تڏهن به هن جو رسالو کولي پڙهڻ ويهبو ته اوهان کي ايئن محسوس ٿيندو ته هي ته مون کي اڳ ۾ سمجهه ۾ نه آيو هو، اهو مون کي هاڻ ٿو سمجهه ۾ اچي، يعني جيئن جيئن پڙهندڙ جي ذهني سطح وڌندي ويندي، تيئن تيئن شاهه لطيف جي شاعريءَ جي سڳنڌ ۾ نکار ايندو ويندو. اها اوهان جي سنگهڻ ۽ محسوس ڪرڻ جي حس تي حاوي ٿيندي ويندي. سندس هن بيت جي ڪيفيت طاري ٿيندي ويندي.(1)
کامان، پچان، پڄران، لڇان ۽ لوچان،
تَن ۾ تؤنس پرينءَ جي، پيان نه ڍاپان،
جي سمنڊ منهن ڪيان، توءِ سر ڪيائي نه ٿئي.

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ جيڪي صنفون آيل آهن، اسان کي هن ليک ۾ صرف سندس ’وائيءَ‘ جي صنف ۽ ان ۾ ڪيل ڪن تجربن بابت ئي ڪجهه لکڻو آهي. ”سنڌي وائي لوڪ گيتن ’سهرو‘ مان نڪتي آهي ۽ ارتقائي منزلون طئي ڪندي پنهنجي الڳ صورت اختيار ڪري وئي آهي. وائيءَ جو تعلق جيئن ته موسيقيءَ سان آهي، ان ڪري اها ڪنهن نه ڪنهن راڳ ۾ لکي ويندي آهي. وائي، غزل جيان مسلسل به هوندي آهي ۽ ان جو هر بند الڳ معنيٰ تي به ٻڌل هوندو آهي، هر بند کان پوءِ ٿلهه جو ٻيو (پد) ٽڪرو، جو بي قافيه هوندو آهي، اهو دهرايو ويندو آهي.“(2) مان هن حوالي سان اتفاق نه ٿو ڪريان، ڇاڪاڻ جو ’سهرو يا لاڏو‘ جيڪو عام شادين مرادين ۾ ڳايو ويندو آهي، اهو ڪنهن به شاعراڻي اصول تي ٻڌل نه هوندو آهي، پر وائي ته، بيت مان نڪتل چئجي ته ان ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿو چئي سگهجي. ”بيت ۽ وائيءَ ۾ اهو فرق آهي جو وائيءَ ۾ ٿلهه جو اضافو ڪيل هوندو آهي ۽ ٿلهه جو هڪڙو پد هر هڪ مصرع کان بعد وراڻيءَ طور ورجائبو آهي.“(3)
دراصل وائي آهي ئي هندي ڇند مطابق جوڙيل، يعني هڪڙي وائي ’سورٺوڇند‘ تي ۽ ٻئي قسم جي وائي ’دوهي ڇند‘ تي آڌاريل هوندي آهي. هنن ٻنهي قسمن ۾ پڻ سورٺي ۽ دوهي جيان ٿلهه جي جڙت ٿيل هوندي آهي، جنهن لاءِ اهو ٻڌائڻ ضروري ته نه آهي ته سورٺي جي پهرئين ۽ ٽئين پد ۾ قافيو ٿيندو آهي، اهڙي قسم جي وائيءَ ۾ پڻ قافيو، ٿلهه جي پهرئين پد ۾ رکيو ويندو آهي، جنهن جي ماترڪ ڳڻپ يارنهن ٿيندي آهي، پر هر بند جي ٻئي پد ۾ قافيو رکيو ويندو آهي. دوهي ڇند واري وائيءَ جي قسم ۾ وري قافيو ٿلهه جي ٻئي پد ۾ رکيو ويندو آهي، جنهن جي ماترڪ ڳڻپ تيرنهن ٿيندي آهي، ڇاڪاڻ جو دوهي جي ٻئي ۽ چوٿين پد ۾ قافيو رکيو ويندو آهي. باقي هن قسم جي وائيءَ ۾ به بندن جي هر ٻئي پد ۾ قافيو رکيو ويندو آهي.
شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ اڪثريت سورٺي ڇند وائيءَ جي آهي، پر هن پنهنجي شاعريءَ ۾ دوها ڇند وائي پڻ چئي آهي. شاهه لطيف پنهنجي رسالي ۾ جيترا به سُر لکيا آهن ۽ انهن ۾ جيترا به داستان شامل ڪيا اٿس، ان هر داستان جي آخر ۾ ڪنهن ۾ هڪ ته ڪنهن ۾ ٻه يا ٻن کان به وڌيڪ وايون لکيون اٿس. جيئن ته هتي اسان جو موضوع ئي شاهه لطيف جي وائي آهي، تنهن ڪري اسان هن ليک ۾ شاهه لطيف جي واين جا مثال ڏينداسون ته انهن جو گهاڙيٽو ۽ انهن ۾ موضوع ڪهڙو آهي.
شاهه لطيف جي سڄي شاعري راڳ ۽ راڳڻين جي حساب سان چيل آهي. سندس رسالن ۾ 30 کان 36 سُر يا سُرود شامل آهن، جيڪي هندستاني راڳن جي ٺاٺن ۽ انهن مان ڦٽي نڪتل راڳڻين تي ٻڌل آهن، تنهن کان سواءِ سندس شاعريءَ ۾ عشقيه داستان، تصوف جون ڪي رمزون ۽ ڪن منزلن جا ڏس ۽ گس، انساني غم، ڏک، درد، همدردي، وڻ ٽڻ، جيت جڻيا، تاريخ، جاگرافي، ثقافت، معاشي خوشحالي ۽ بدحاليءَ جون وارتائون، مطلب ته انسان جي اک، دل ۽ دماغ سان لاڳاپيل هر موضوع کي پنهنجي شاعريءَ ۾ پيش ڪيو آهي. سندس شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جون خوبيون، ٻوليءَ ۾ لفظن جو اضافو، لفظن جي جوڙجڪ سان گڏوگڏ سلاست، بلاغت، فصاحت ۽ جدت جا سڀئي نمونا موجود آهن. ايئن سندس واين ۾ به اهي خوبيون شامل آهن. ”شاهه لطيف ڏوهيڙي جي ترتيب ۾ ڪجهه ڦيرگهير ڪري ’وائي‘ يا ’ڪافيءَ‘ جو بنياد وڌو، جا باقاعده هڪ خاص راڳ يا راڳڻيءَ ۾ ڳائجڻ جي قابل ٿي وئي.“(4)
هاڻ اسان شاهه لطيف جي هن صنف وائيءَ جا اُهي مثال ڏينداسون، جن جو ذڪر ڪري آيا آهيون.
ٿلهه: منڌ پيئندي مون، ساجن صحيح سڃاتو.

بند: 1. پريان سندي پار جي، اندر آڳ اٿون.
2. جيئڻ ناهي جڳ ۾، ڏينهن مڙيئي ڏون.
3. الا! عبداللطيف چئي، آهين تون هين تون.(5)

هيءَ وائي ٿلهه جي لحاظ کان ’سورٺوڇند‘ يا ’سورٺو وائي‘ چئي ٿي سگهجي. هن وائيءَ ۾ ڪنهن به قسم جي نواڻ ناهي، هن وائيءَ جي ٿلهه ۾ يارنهن پهرئين پد ۾ ۽ تيرنهن ٻئي پد ۾ ماترائون رکيون اٿس. سڌو سنئون ٿلهه جي پهرئين پد ۾ قافيو رکيو اٿس ۽ ٻئي ٿلهه جو پد بي قافيو رکيو اٿس، جيڪو هر بند جي ٻئي پد کان پوءِ وراڻيءَ طور استعمال ٿئي ٿو. هن وائيءَ جي هر بند جي هر ٻئي پد ۾ قافيو رکيو اٿس. موضوع جي لحاظ سان هيءَ وائي صوفين جي ان ڳالهه تي جوڙيل آهي ته مئخاني مان مڌ پيئڻ کان پوءِ مون ’سڄڻ‘ يا ’پرينءَ‘ کي صحيح نموني سڃاڻي سگهيس. ان ساڳئي گهاڙيٽي يعني ’سورٺو ڇند‘ تي آڌاريل هيءَ وائي به ڏسو:
ٿلهه: ٿيندو تن طبيب، دارون منهنجي درد جو.

بند: 1. ٻُڪي ڏيندم ٻاجهه جي، اچي شال عجيب.
2. پرينِ اچي پاڻ ڪيو، سندو غور غريب.
3. ڏکندو سڀئي ڏور ڪيو، منجهئون تن طبيب.
4. اديون عبداللطيف چئي، هاتڪ آهه حبيب.(6)

هيءَ وائي به مٿي ڄاڻايل گهاڙيٽي تي چيل آهي. هن وائيءَ ۾ به ٿلهه جي پهرئين پد ۾ قافيو رکيل آهي ۽ هر بند جي ٻئي پد کي هم - قافيه رکيو اٿس ۽ ٿلهه جو ٻيو پد بي قافيه وراڻي طور ڪتب ٿو آڻي. هن وائيءَ جي ٿلهه ۾ يارنهن پد پهرئين پد ۾ ۽ تيرنهن ٻئي پد ۾ ماترائون رکيون اٿس.
هن جو موضوع سندس اهڙي ڏکندي جي درد جي دوا آهي ئي سندس ’حبيب‘ يا دوست يا رهبر جي وس ۾، سندس هي مرض اهڙو آهي، جيڪو ڪنهن عام طبيب جي سڃاڻپ کان مٿاهون آهي، جنهن لاءِ هڪ بيت ۾ به اشارو ڏئي آيو آهي ته:
انڌا اونڌا ويڄ. کل کڄاڙيو کائيين،
اسان ڏکي ڏيل ۾، تون پيئارين پيڄ،
سوري جنين سيڄ، مرڻ تن مشاهدو.(7)

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ وائيءَ جا مختلف گهاڙيٽا موجود آهن، اهي گهاڙيٽا به هن پاڻ ئي ٺاهيا هوندا، ڇاڪاڻ جو سندس سامهون سنڌي شاعريءَ ۾ وائي صرف شاهه عنات رضويءَ جي هئي، جنهن لاءِ چيو ٿو وڃي ته شاهه عنات رضوي وائيءَ جو پهريون شاعر آهي، جڏهن ته اسان شاهه لطيف کان اڳ وائيءَ جا ڪجهه مثال پهرين بابن ۾ ڏيئي آيا آهيون.
شاهه لطيف جي هيءَ وائي ڏسو:
ٿلهه: جيءُ جياريو، جيءُ جياريو، ڪين منهنجڙو هاريو.
پرينءَ جي پچار، سيڻن جيءَ سنڀار، جڏڙو جيءُ جياريو.

بند: 1. اڃيو تن عميق مان، پري ن پُوڄ پياريو.
2. مرض مريضن تان، اشاري ساڻ اٿاريو.
3. ڪرم ڪريمن جي مون کي، اُهکي مان اُڪاريو.
4. سنئون منهن ڪري، سپرين! ائن نرمل نور نهاريو.
5. سائلن جئن سڏ ڪري، ائن طالحن کي تاريو.(8)

حقيقت ۾ هيءَ وائي ’دوهي ڇند‘ يا ’دوها وائي‘ چيل آهي. هن وائيءَ جي ٿلهه ۾ هونءَ ته قافيو سٽ جي ٻئي پد ۾ رکيل آهي ۽ ٿلهه ۾ چار پد رکيا اٿس، پر هيءَ وائي شاهه لطيف جي تجرباتي وائي پڻ آهي، جو هن وائيءَ جي پهرئين ۽ ٻئي يعني ٽئين ۽ چوٿين پدن ۾ قافيو رکيو ويو آهي، وري ٿلهه جي پهرئين پد ۾ ٻٽو قافيو ڪتب آندو اٿس، باقي هر بند جي ٻئي پد ۾ قافيو استعمال ڪيو اٿس، تنهن ڪري هيءَ وائي هڪ بيت جيان ٿي لڳي. هيءَ وائي به اهڙي موضوع تي چيل آهي، جنهن ۾ ’پرين‘ ئي اچي، مرض به دفع ڪري سگهي ٿو، جڏڙي جيءَ کي سگهه به بخشي سگهي ٿو، صرف هن کي سنئين منهن نرمل نهار ڪرڻ جي دير آهي.
شاهه لطيف، هڪ وائيءَ جو عجيب گهاڙيٽو جوڙيو آهي. اهڙي وائي نه صرف پاڻ ئي ٻيهر لکي اٿس نه ئي ٻئي ڪنهن اهڙي وائي لکڻ جي سگهه ساري آهي. اوهان پڙهندا ته ان تي وائيءَ جو گمان نه ٿيندو، اها وائي هن ريت آهي:
ٿلهه: وِرسيا ويڄ ويچارا، دل ۾ درد پريُنِ جو.

بند: 1. اٿو ويڄا، مَ وِهو، وڃو ڊڀ کڻي،
2. ٻڪي ڏيندا ٻاجهه جي، آيا سور ڌڻي،
3. آيا جيءَ جيارا، دل ۾ درد پريُنِ جو.(9)

هن وائيءَ جو گهاڙيٽو عجيب آهي. ٿلهه جا ٻئي پد الڳ الڳ رکيل اٿس، پر پهرئين ۽ ٻئي پد جا قافيا ٿلهه جي ٻنهي پدن سان هم قافيا ناهن. وري ٽئين بند جي پهرئين پد جو قافيو ٿلهه جي پهرئين پد سان هم وزن آهي ۽ ان بند جو ٻيو پد وري ٿلهه جو ٻيو پد ساڳيو ئي رکيو اٿس. ٻئي طريقي سان ڏسو ته ٿلهه ۽ ٽيون بند ڄڻ ته ’سورٺو‘ آهي ۽ پهريون ۽ ٻيو بند وري ’دوهي‘ جي ڏِک ڏئي ٿو. وري اهي ٻئي بند پڙهڻ سان سؤ سيڪڙو ’دوهي‘ جي موضوع تي پورو ٿو لهي. هن وائيءَ ۾ بند به فقط ٽي رکيا اٿس، باقي موضوع اهوئي اٿس، ته جنهن جي مرض جو علاج ظاهري ويڄ وٽ آهي ئي ڪونه، تنهن ڪري پنهنجا ڊڀ کڻي روانا ٿي وڃو.
شاهه لطيف جي وائيءَ جو هي گهاڙيٽو ڏسو، هن ۾ به شاهه لطيف نواڻ آندي آهي. وائي هن ريت آهي:
ٿلهه: مون ۾ تون موجود! آئون اڳاهين آهيان.
آئون اَسُوهين آهيان.

بند: 1. اکيون اکڙين کي، سڪيو ڪن سجُود.
2. تيلانہ رسيون بود کي، جيلانہ ٿيون نابود.
3. ماڙهن جي موٽڻ جو، صاحب هٿ سُجُود.
4. ان دَرِ سيئي اگهيا، جن وڃايو وجود.(10)

هن وائيءَ ۾ هي تجربو ڪيل اٿس ته هن کان اڳ جن به واين جا مثال ڏنا ويا آهن، اهي ٿلهه ۽ بندن ۾ ٻه پديون وايون آهن، سواءِ هڪڙيءَ جي، پر هيءَ وائي، جنهن جي ٿلهه ۾ ئي ٽي پد رکيا اٿس. ٻيو ۽ ٽيون پد جيتوڻيڪ هم وزن ۽ هم قافيه به آهي، پر تنهن هوندي به بندن کي ٿلهه جي پهرئين پد جي هم قافيه رکيو اٿس. تنهن کان سواءِ قافئي سان گڏ ’آهيان‘ رديف به آندو اٿس. موضوع جي لحاظ کان پاڻ کي پرينءَ جي پهچڻ يا پائڻ لاءِ، انهيءَ واٽ جي ’اَسونهين‘ جنهن کي ڄاڻ ئي ڪانهي يا جنهن جي راهه جو رهبر ئي ڪونهي، تنهن ڪري پنهنجي منزل، پنهنجي مقصد کي رسڻ ياپائڻ کيس اوکو پيو ڀانئجي. ٻئي طرف پنهنجي منزل پائڻ وارن جي ڄاڻ اٿس ته ’تيلانہ رسيون بود کي، جيلانہ ٿيون نابود.‘ پاڻ وڃائڻ کان پوءِ پرينءَ کي پائڻ جي کيس پڪ آهي. سندس وائيءَ جو هي تجربو ڏسو ڪيئن آهي:
ٿلهه: ساٿين ننڌا بار، وو! تن ڀانڌين ننڌا بار،
مون کي آرس اکڙين ۾!

بند: 1. پاتا پاڙي واريين، پڳهه منجهه پاتار.
2. پتڻ ٿو پور ڪري، آئي تنهنجڙي وار.
3. سڄيون راتيون سمهين، کيو منجهه خمار.
4. ڪِ تو ڪنين نه سُئي، هلڻ جي هاڪار.(11)

هيءَ وائي 22 بندن جي آهي، تنهن ڪري سڄي لکڻ نه ٿو گهران، باقي هن وائيءَ ۾ جا نواڻ آندي اٿس، اها اِها آهي ته ٿلهه نه صرف ٽه پدائون آهي، پر ٿلهه جو پهريون ۽ ٻيو پد هم قافيه رکيو اٿس ۽ ٿلهه جو ٽيون پد ٿلهه جي ٻنهي پدن سان هم قافيه ناهي، سواءِ ان جي وراڻي طور ڪتب آندو اٿس. هيءَ وائي ٻنهي ڇندن يعني ’دوهو ڇند‘ ۽ ’سورٺي ڇند‘ تي به پوري لهي ٿي، باقي سڀ بند ٿلهه جي پهرئين ۽ ٻئي پد سان هم قافيه آهن. موضوع جي لحاظ سان هيءَ وائي سامونڊين، واپارين جي ونين پاران اوسارو آهي، جنهن ۾ وڻجاري جي وَني پنهنجي وَر ۽ سندس ساٿين جي سفر تي سنبهڻ جو ذڪري ڪندي چوي ٿي ته هُو هلڻ جي تياري به ڪري چڪا ۽ پڳهه ڇوڙي، ٻيڙن کي ٻار ۾ لاهي به چڪا، پر منهنجي سُستي، اکين ۾ ننڊ جا خمار لهن ئي نه ٿا، جو مان وڃي کين وداع ڪري سگهان يا کين وڃڻ کان پلي سگهان، کيس سرتيون ان هاڪار جي سڻس نه پوڻ تي طعنا ٿيون ڏين ته ڇا تو هلڻ جي هاڪار نه ٻڌي هئي؟ تون سڄي رات ننڊ جي خمار ۾ خمازي پئي هئينءَ، پوءِ تنهنجو ڀتار ڪيئن نه ساٿين جي هاڪار اونائي سفر تي روانو ٿئي ها.
شاهه لطيف جي وائيءَ جو هي گهاڙيٽو ڏسو:
ٿلهه: پرين جي پنڌا، مون کي جي جهلينديون،
سي نه پڄنديون.

بند: 1. ڀلي ڪري آئيو، ٺاٺارو ڏيها.
2. ڀڳي ڪُٽِ سڄي ٿي، لٿي جاڪِ گهرا.
3. سرتيون سُور پرائيا، هاڻي هن هنڌا.
4. تان ڪين واس وهائيان، ٻاروچي مُلا.
5. تان ڪين ڏونگر ڏوريان، جان ڪُڙهه اندر ساه.
6. متيون موٽڻ سنديون، تون هڏ آڇ مَ ماءُ.(12)

هيءَ وائي به سورٺو ڇند وائي آهي، پر هن وائيءَ جي ٿلهه ۾ اُها نواڻ آهي ته هن وائيءَ جي ٿلهه ۾ ٽي پد آهن، ٻيو ۽ ٽيون پد هم قافيه آهي، پر بندن جي هر ٻئي پد کي ٿلهه جي پهرئين پد جي هم قافيه رکيو اٿس. هيءَ وائي ڪلياڻ آڏواڻيءَ سُر سامونڊيءَ جي داستان پهرئين ۾ رکي آهي. حقيقت ۾ هن وائيءَ جو موضوع ئي سسئيءَ جي پنهل کي ڳولا سان تعلق ٿو رکي نه ڪي سامونڊيءَ جي موضوع سان، هيءَ وائي، سسئي جڏهن پنهل کي ڳولهڻ لاءِ ڀنڀور کي وندر جي وڻن ۽ جبلن جي لاهن ۽ چاڙهن تي چڙهڻ لاءِ سنڀري ته سرتين جي سمجهائڻ تي به نه ٿي مُڙي، جنهن لاءِ هن جو اهو ئي جواب کين بس ڪرائڻ لاءِ ڪافي هو ته، ’تيسين ڏونگر ڏورينديس جيسين جان ۾ ساهه اٿم، تنهن ڪري موٽڻ جون متيون ئي نه ڏيو.
شاهه لطيف جي وائيءَ جو هي گهاڙيٽو ڏسو:
ٿلهه: تڙ نهاريان تي، منهنجا بند رويا جي،
مان سڙهه سڃاڻان سڄڻين.
بند: 1. اڀي اوسَهِه پائيان، ڪارڻ وڻجاري.
2. گهڻو اڪنڍي آهيان، پرينءَ پنهنجي کي.
3. آسائتي آهيان، الا! ڪانڌ اچي.

هيءَ وائي ’دوهو وائي‘ آهي، جيڪا ’دوها ڇند‘ تي آڌاريل آهي، پر هن وائيءَ جي ٿلهه جي ٻنهي پدن ۾ قافيو رکيو اٿس، ٽيون پد الڳ رکيو اٿس. موضوع جي لحاظ کان هيءَ وائي آهي ئي سُر سامونڊيءَ جي، تنهن ڪري وڻجارن جي وهن پاران سندن وَرن جي عميق ۾ ڪاهي ڏيساور ڏورڻ لاءِ وڃي چڪا آهن، اهي پنهنجي ڪانڌن جي ٻيڙين اچڻ جو انتظار ڪري رهيون آهن، جن جو چوڻ آهي ته اسين پنهنجي ڪانڌن جي ٻيڙن جا سڙهه به سڃاڻون ٿيون، پر اهڙين ونين لاءِ شاهه لطيف هيئن به چوي ٿو:
جا جر جاٽون نه مڻي، ڏيئا نه موهي،
سڌون ڪوهه ڪري، سا پنهنجي ڪانڌ جون.(14)

جل پوڄا جو هڪڙو مثال آهي. ان زماني ۾ جل پوڄا ڪئي ويندي هئي، درياهه شاهه ۾ اکا وڌا ويندا هئا، باسون باسيون وينديون هيون، وَرن جي وَرڻ ۽ خير سان وَرڻ يا سندن خير خبر ٻڌڻ لاءِ وڻجارن جون وهون دعائون گهرنديون هيون. هن دؤر ۾ به سنڌ ۾ هندو توڙي مسلم عورتون پنهنجي وَرن ۽ اولاد، جيڪي ڪنهن ڪم سانگي ڏيساور ڏورڻ ويا آهن، انهن جي خير ۽ خوبيءَ سان واپس ورڻ لاءِ دعائون گهرنديون ۽ باسون باسينديون رهنديون آهن. سندس هيءَ وائي ڏسو، هن وائيءَ جو گهاڙيٽو ڪيئن گهڙيو اٿس.
ٿلهه: آيل ڪريان ڪيئن، جيجل ڪريان ڪيئن؟
منهنجو نينهن، پليو نه رهي.

بند: 1. سامونڊيءَ جي سنڱ کي، رئان راتون ڏينهن.
2. مادر پائي منڊيون، وڃان ساجن سيئن.
3. ويو وڻجارو اوهري، مون کي چاڙهي چيئن.
4. گوندر مٿان جندڙي، وريا ولين جيئن.
5. اڏوهيءَ جئن ڏکڙا، چڙهئا چوٽيءَ سيئن.(15)

هتي هڪڙي وضاحت جي ضرورت پيش آئي آهي. اها ساڳي وائي ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ واري ڪتاب ۾ به آهي، پر هن جي وائيءَ ۾ بندن ۾ ڪجهه اڳ پوءِ به ٿيل آهن ۽ لفظ ’اَپليو‘ آيل آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب اهو لفظ ’پليو‘ لکيو آهي. لفظ ’اَپليو‘ معنيٰ نه پلڻ جوڳو ۽ ’پليو‘ معنيٰ جهلڻ سان به نه مُڙي. هيءَ ساڳي وائي ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ وٽ سورٺو وائي ۽ ڊاڪٽر بلوچ وٽ دوهو وائيءَ جي ذمري ۾ اچي ٿي. جيئن ته اسان مثال طور ڊاڪٽر بلوچ جي مرتب ٿيل رسالي مان کنئي آهي، تنهن ڪري هيءَ وائي، دوهو وائي ڪري ليکينداسون، پر هن وائيءَ جو ٿلهه ته ٽه پدو رکيو اٿس، پر هن وائيءَ جي ٿلهه جي ٽئين پد جي وچ ۾ پڻ قافيو رکي وائيءَ جي حسن ۽ بيهڪ ۾ واڌارو ڪيو اٿس. باقي موضوع جي لحاظ سان هن وائيءَ ۾ به مٿين وائيءَ وارو سوز ۽ گداز آهي. سندس وائيءَ جو هي گهاڙيٽو ڏسو، ڪيئن آهي.
ٿلهه: مون کي ڪامَ جهلي، سڀڪا پاڻ پلي،
آءٌ وڌڙي نينهن اڇلي.

بند: 1. ويندي آءٌ پار پريان ڏي، مون کي ڪامَ جهلي،
2. پسيو دونهيون دوست جيون، جيءُ منهنجو جلي.
3. ڏم ڏيهاڻي ڪيترو، پَرَ ۾ ٿو پلي.
4. محبتي ميهار جو، سُور مون کي سلي.(16)

هيءَ وائي ’دوهو ڇند‘ تي جوڙيل آهي، هن وائيءَ جي ٿلهه ۾ ٽي پد رکيا اٿس. ٿلهه جي پهرئين سٽ جي ٻنهي پدن ۾ قافيو به رکيو اٿس ۽ وري ٽئين پد يعني وراڻيءَ ۾ پڻ قافيو رکيو اٿس، جيئن ’جهلي‘، ’پلي‘ ۽ اڇلي‘، باقي هر بند جي ٻئي پد کي هم قافيه رکيو اٿس. شاهه لطيف جي وائيءَ ۾ هر بند جا پد ٿلهه جي هم قافيه ته آهن پر هم وزن به آهن. هن وائيءَ جو موضوع سهڻيءَ جي سڪ آهي، جيڪا کيس ميهار سان ملڻ کان سواءِ ماٺي ئي نه ٿي ٿئي، ڇاڪاڻ جو هن جي حالت هيءَ آهي، جنهن ڏانهن شاهه لطيف اشارو ٿو ڪري ته:
اديون سڀ اندام، چڙن منهنجا چوريا،
لارن جا لنؤن لائيي، سا ڪئن آڇيان عام،
لڳيس جنهن جي لام، سو دلاسا دوست ڏئي.(17)

شاهه لطيف ته سهڻيءَ جي سڪ، سوز ۽ ساز کي هنن لفظن ۾ سندس اهميت اجاگر ڪئي آهي، جنهن مان لڳي ٿو ته هتي لطيف مجاز جي منزل طئي ڪري حقيقت ۾ پير پائي چڪو آهي. سندس هيءُ بيت ان جي شاهدي ڏئي رهيو آهي:
سياري سيہ رات ۾، جا گهڙي وسندي مينہ،
هلو ته پڇون سهڻي، جا ڪر ڄاڻي نينہ،
جنهن کي رات و ڏينہ، ميهار ئي من ۾.(18)

شاهه لطيف جي مٿين وائيءَ جو گهاڙيٽو ڏسو، هن گهاڙيٽي ۾ به نواڻ يا تجربو ڪيل آهي. شاهه لطيف وائيءَ جي ٿلهه ۾ ئي اڪثر تجربا ڪيا آهن، پر بند ۽ مصراعون اهي ئي ٻه پديون، دوهي ڇند جيان ۽ قافيو هر بند جي ٻئي پد ۾ رکيو اٿس. تمام گهٽ اهڙا تجربا آهن، جن جي بندن ۾ ٽيون پد رکيو هجيس. وائي هن ريت آهي:
ٿلهه: هُو جي هليا هوت سوارا، مون نه وهيڻا، پنهل سڱيڻا.

بند: 1. سسئي پڇي ساٿ جا، اوطاقون اوتارا.
2. ٽليون ٽؤنر هلويون، مين سِرِ موچارا.
3. آن ڪي ويندي گڏيا، آرياڻيءَ ان پارا.
4. مون کي نيندا پاڻ سين، ڪامل ڪُر ڪرارا.(19)

هيءَ وائي ’سورٺي ڇند‘ تي چيل يا ’سورٺو وائي‘ سڏبي، پر هن وائيءَ جي ٿلهه جي ٻئي پد ۾ وري ٻٽو قافيو ’وهڻيا‘ ۽ ’سڱڻيا‘ استعمال ڪيا اٿس. هيءَ وائي سسئيءَ جي داستان ۾ آيل آهي. سسئي پنهل جي ڀائرن يا ساٿين جي لاءِ چوي ٿي ته هو، پنهونءَ جا مائٽ آهن، ڄڻ منهنجا سيڻ ئي ناهن، مان سندن سڱ ۾ ئي ناهيان جو نه مون سان صلاح ڪيائون نه ئي مون کي ساڻ وٺي ويا. جيتوڻيڪ هن پنهل سان رسم رواج موجب وواهه رچايو هو، تنهن هوندي پنهل جا ڀائر، سندس ڏير ۽ انهن جا ساٿي، سسئيءَ کي پنهنجو ڪرڻ کان انڪار ڪندي ۽ پاڻ ۾ ٻاروچي ٻوليءَ ۾ ڳالهائي، صلاح مشورا ڪري، ننڊ لاءِ نشو کارائي پنهل کي پاڻ سان کڻي روانا ٿي ويا، جنهن لاءِ شاهه لطيف سسئيءَ واتان هيئن ٿو چوائي:
نڪي ٿيانِ سڱ ۾، نڪين سڱيڻي،
آهيان ڪميڻي، ذات ٻاروچي نه جڙان.(20)

اهڙيءَ طرح شاهه لطيف پنهنجي ڪلام ۾ وائيءَ جي گهاڙيٽي جي ٿلهه ۾ ڪيترائي تجربا ڪيا آهن. شاهه لطيف کان اڳ وائيءَ اڃا شروعاتي پير کنيا، جنهن کي شاهه لطيف باقاعدي صنف طور پنهنجي شاعريءَ ۾ پيش ڪيو ۽ اها وائي راڳن ۽ راڳڻين ۾ پاڻ به ڳايائين ۽ اڄ تائين سنڌي راڳ ۽ سنڌي شاعريءَ جي مقبول عام صنف طور سنڌي موسيقيءَ توڙي سنڌي شاعريءَ ۾ موجود رهندي پئي آئي آهي ۽ موجود رهندي. وائيءَ جو مستقبل روشن آهي.

[b]حوالا[/b]

1. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، شاهه جو رسالو، سُر سهڻي، بيت 1، داستان 6، ثقافت ۽ سياحت کاتو، ڪراچي، 2009ع، ص: 390.
2. ڪناسرو، منظور، ’شاهه عبداللطيف ڀٽائي، حيات و افڪار‘، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، 2009ع، ص: 95.
3. سوڍر، شاهنواز، ڊاڪٽر، ’سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف‘، شاهه عبداللطيف ڀٽائي ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه، حيدرآباد، 1991ع، ص: 444.
4. عقيلي، الهه بخش، حاجي، ’شاهه لطيف ۽ سنڌي موسيقي‘، شاهه لطيف جي موسيقي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، 1992ع، ص: 147.
5. سيد. جي. ايم.، ’شاهه جون وايون ۽ ڪافيون‘، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1991ع، ص: 2.
6. آڏواڻي، ڪلياڻ، ’شاهه جون وايون مڪمل‘، سُر ڪلياڻ، داستان 3، ص: 20.
7. انصاري، عثمان علي، شاهه جو رسالو، سُر ڪلياڻ، بيت 2، داستان 2، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه، 1997ع، ص: 69.
8. آڏواڻي، ڪلياڻ، ’شاهه جون وايون مڪمل‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان 3، ص: 23.
9. ساڳيو، سُر يمن ڪلياڻ، وائي 1، داستان 1، ص: 21.
10. ساڳيو، سُر سريراڳ، وائي 1، داستان 1، ص: 38.
11. ساڳيو، سُر سريراڳ، وائي 1، داستان 3، ص: 41.
12. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ’شاهه جو رسالو ۽ رسالي جو ڪلام‘، سُر آبري، وائي 2، داستان 7، ثقافت کاتو، سنڌ، 2009ع، ص: 187.
13. آڏواڻي، ڪلياڻ، ’شاهه جون وايون مڪمل‘، سُر سامونڊي، داستان 1، ص: 48.
14. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ’شاهه جو رسالو جامع‘، سُر سامونڊي، بيت 8، داستان 3، ص: 107.
15. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ’شاهه جو رسالو جامع‘، سُر سامونڊي، بيت 8، داستان 3، ص: 109.
16. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ’شاهه جو رسالو جامع‘، سُر سهڻي، وائي 1، داستان 5، ص: 389.
17. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ’شاهه جو رسالو جامع‘، سُر سهڻي، بيت 1، داستان 3، ص: 388.
18. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ’شاهه جو رسالو جامع‘، سُر سامونڊي، بيت 22، داستان 4، ص: 388.
19. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ’شاهه جو رسالو جامع‘، سُر آبري، وائي 2، داستان 2، ص: 177.
20. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ’شاهه جو رسالو جامع‘، سُر حسيني، بيت 13، داستان 11، ص: 249.

باب ستون: شاهه لطيف جي رسالي ۾ وائيءَ جو اوج

سنڌي ادب ۾ شاهه لطيف جي ذڪر اچڻ سان ئي، سندس رسالي ڏانهن ڌيان ڇڪجي ٿو وڃي. ’رسالو‘ لفظ نڪتو آهي، رسالة يا رسائل، جيڪو عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي. لغت سنڌيءَ ’رسالت‘ هن نياپو موڪليو، پيغامبري، سفارت، نبوت، آيل آهي، پر ’رسالو‘ يعني ننڍو ڪتاب، خط، ڪنهن مضمون تي مشتمل ڪتابڙو، مضمونن جو مجموعو، مخزن، بيتن جو ڪتاب.(1) ته شاهه لطيف جي رسالي ۾ پڻ شاعراڻيون صنفون آهن، جن ۾ گهڻائي ته ’بيت‘ جي آهي، پر ان ۾ جيڪي ٻيون صنفون آهن، انهن مان ’وائي‘ به هڪڙي صنف آهي. ڪجهه محققن جي خيال مطابق شاهه لطيف ئي وائيءَ جو موجد آهي، پر اسين هن کان اڳ وارن بابن ۾ ’وائيءَ‘ بابت اهو ثابت ڪري آيا آهيون ته وائيءَ جو موجد نه شاهه لطيف آهي، نه ميون شاهه عنات رضوي آهي، پر اها صنف شاهه لطيف ۽ شاهه عنات رضويءَ کان هڪ صدي اڳ ۾ راجستان جي شاعر دادو ديال (داؤد) ۽ ميران ٻائيءَ جي ڀڄنن ۾ پڻ ملي ٿي، باقي سنڌي ٻوليءَ جي لحاظ کان به ’وائيءَ‘ جو موجد دادو ديال ئي آهي، جنهن جو تعلق ڀل کڻي راجستان سان آهي، پر جنهن دؤر ۾ دادو ديال هو، تنهن دؤر ۾ سنڌ جون سرحدون راجستان سان لڳولڳ هيون ۽ سنڌي ماڻهن جو راجستان اچ وڃ ته هوندو ئي هوندو هو.
’وائي‘ دادو ديال، بلهي شاهه ۽ ميران ٻائيءَ کان ٿيندي جڏهن سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿي ته ان صنف جو سنڌ ۾ پهريون شاعر ميون شاهه عنات رضوي، نصرپوري هو، پر ’وائيءَ‘ جي صنف کي شاعريءَ جي صنف ۾ اوج تي رسائڻ وارو شاهه لطيف ڀٽائي آهي.
شاهه لطيف جي رسالي جي ڪجهه مرتبن جي رسالن ۾ لڳ ڀڳ ٽي سؤ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي مستند رسالي ۾ ٻه سؤ نَو وايون درج ڪيل ملن ٿيون ۽ اهي سُر يا شاعري، جنهن کي بلوچ صاحب رسالي جو ڪلام ٿو سڏي، ان ۾ ٽيهه وايون آيل آهن. شاهه عنات رضويءَ جي رسالي ۾ ڪُل پنجيتاليهه وايون آهن. ٻنهي شاعرن جي وائي لکڻ يا چوڻ جو اهو طريقو آهي جو هنن هر سُر جي هر داستان جي آخر ۾ وايون رکيون آهن.
هتي اسان جو موضوع آهي شاهه لطيف جو وائيءَ کي اوج ڏيارڻ. ڳاڻاٽي جي لحاظ سان سنڌي اساسي شاعرن سڀ کان وڌيڪ موضوعن تي وايون شاهه لطيف ئي لکيون آهن. شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ جا جيڪي موضوع جوڙيا، تن ۾ تصوف، انساني بي وسي، سنڌ جي ثقافت، سنڌي ٻوليءَ، سنڌ ۾ رائج عشقيه داستان، جيڪي هن اُن وقت جي ڀٽن، ڀانن ۽ مڱڻهارن جي واتان ورجائبا ٻڌا، انهن کي هڪ نئين رنگ ۽ ڍنگ ۾ پيش ڪيائين. شاهه لطيف سنڌ جي عوام جي اهنجن، ايذائن کي، ڏکن ۽ سکن کي پنهنجي شاعريءَ جي ذريعي هڪ علائقي کان ٻئي علائقي جي عوام کي روشناس ڪرايو. شاهه لطيف ان دؤر جي پٺتي پيل، ڌڪاريل، گهٽ درجي جي شهرين جي دانهن بڻجي، وقت جي حاڪم طبقن کي پنهنجي شاعريءَ جي ذريعي سندن اهنجن ۽ ايذائن جي ازالي لاءِ وس آهر ڪوشش ڪئي. ڏسو شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ ساٽين ۽ مڇي ماري زندگيءَ جو گذران ڪندڙ ان دؤر جي ڏتڙيل انسان جي زندگيءَ گذارڻ جي ڍنگ ۽ ساڻن سنڌ جي عام ماڻهوءَ جي رويي کي ڪيئن ٿو چٽي.
کاريون، ڄاريون، ڇڄ ڇپريون، جن جي محبت مڇيءَ ساڻ،
رهن وهن سر ٻانڌيين، سڀئي بدبوءِ هاڻ،
لڌڙن جئن لطيف چئي، پاڻيءَ وجهن پاڻ،
تن ملاحن جو ماڻ، سمي سِر ڪئو پانهنجي.(2)

يا وري ساڳئي عوام جي رهڻي ڪهڻي، ويس ورن ۽ سندن وصف هيئن به بيان ٿو ڪري:
ڪاريون ڪوجهيون ڪُوڙيون، منهن نه موچاريو،
وٺي ويٺيون واٽ تي، ککيءَ جون کاريون،
انين جون آريون، سمي ريءَ ڪير سهي.

تنهن هوندي به ڄام تماچي، نوريءَ تي مورڇا هڻندي ٿو ڏيکاري، جنهن جي حرم ۾ اڳ ڪيتريون ئي ڏاڏي پوٽيون، سهڻيون، سيبتيون، هار سينگار ڪري، تماچيءَ جي مَن کي موهڻ جا جتن ٿيون ڪن، تنهن هوندي به تماچي، هن نوريءَ جي نوڙت، سندس نهٺائي، پاڻ کي گهٽ ڀائيندڙ، نه گيرب نه گاءُ جي هوڏ ڪندڙ کي پنهنجي ويجهو ٿو رکي، جڏهن ته نوري کيس بار بار اها ڳالهه هيئن ٿي ياد ڏياريندي رهي، ڏسو هن ’وائيءَ‘ ۾ نوريءَ پنهنجي گهٽ هئڻ جو اقرار هن ريت ٿي ڪري:
ٿلهه: تو در آيس سام، سما ڄام! سام تنهنجي.

بند: 1. نه سمي نه سومري، آهيان گندري غلام.
2. آهي منهنجي منهن ۾، مڇيءَ بوءِ مدام.
3. سمي بنان سرتيون، ڪينجهر ڀانيان قيام.
4. الله، عبداللطيف چئي، مون تان لاهه ملام.(3)

هن وائيءَ ۾ نوري پنهنجي اصليت جو اقرار ڪندي نظر ٿي اچي. پاڻ ئي ان ڳالهه ڏانهن اشارو پئي ڏئي ته منهنجي بدن مان مڇيءَ جي ڇَٽَ پئي اچي. مان نه سمي آهيان نه سومري آهيان، مان ته گندري غلام آهيان، تنهن جي محل ماڙين جو مَرڪ ئي نه آهيان ۽ الله تعاليٰ کي وينتي ٿي ڪري ته اها گندريءَ، مڇيءَ مارڻ، پاڻيءَ ۾ تڙڳندڙ، لڌڙن جيان پاڻيءَ ۾ پاڻ اڇلائيندڙ، ککيءَ جون کاريون کڻي، واٽن تي ويهندڙ واري ملامت لاهه، ان ڪري ته ڄام تماچي مهڻي هاب نه ٿئي.
شاهه لطيف جي وائيءَ جا موضوع دراصل سندس سُرن ۾ ڪتب آندل موضوعن جي مناسبت سان آهن، جڏهن ته ”شاهه جون وايون درد، سوز ۽ سلاست جي لحاظ کان بي مثل آهن.“(4)
شاهه جي وائي ڪيتري سليس آهي، ان جو مثال ته ان مان ثابت آهي ته شاهه لطيف جي شاعري هر عام ۽ خاص، گهڻ پڙهيو، ٿورو پڙهيل يا بنهه نه پڙهيل، جڏهن شاهه لطيف جي شاعري، بيت يا ’وائي‘ ٻڌي يا پڙهي ٿو، ڪيترائي شاهه لطيف کي ڳائڻ وارا ٺپ پڙهيل ئي ناهن، پر هن جي ڪن رس جي معرفت شاهه لطيف کي جيئن جو تئين سمجهن ٿا، حض حاصل ڪن ٿا، پوءِ ڀل کڻي کين ان ’وائيءَ‘ جو راڳ جنهن ۾ اها ڳائي وڃي ٿي، اِهو ٻڌندڙ کي سمجهه ۾ نه ايندو هجي. سندس ’وائي‘ رڳو لس پڙهي وڃڻ سان، پڙهندڙن کي نه صرف ڪاٿئين ڪا رنڊڪ ٿي محسوس ٿئي ۽ ان ۾ ڪتب آيل هر لفظ کي پوريءَ ريت سمجهي سگهي ٿو. اهڙي وائيءَ جو هي مثال ڏسو:
ٿلهه: وسارج مَ ويڻ، جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا.

بند: 1. لوٺيون سهن لوڪ جا، وهاڻيءَ ٿيون ويڻ.
2. اصل اَسارين جا، ستي ويڙا سيڻ.
3. جيڏيون! جي مان وسهو، ننڊ نه هيريو نيڻ.
4. راتڙيون جاڳن جي، سي آئون ڪندڙي سيڻ.
5. آڌيءَ رات اٿي ڪري، جهل تون ننڊان نيڻ.(5)

هن وائيءَ ۾ ڪتب آيل هر لفظ کي جاچي ڏسو، سنڌي ٻولي ڄاڻندڙن لاءِ هڪڙو به لفظ ڏکيو ناهي سواءِ ’اَسارين‘ جيڪو عام طور استعمال نه ٿيندو آهي، پر اهو لفظ جنهن لفظ مان شاهه لطيف جوڙيو آهي، اهو آهي ’سارڻ‘ فعل مصدر ’سارَ‘ ۽ ’اسارين‘ جيڪي ساري نه ٿا سگهن يا ان جو متبادل لفظ آهي ’ويسارو‘ جيڪو ڪا ڳالهه ياد نه ٿو رکي سگهي. هن وائيءَ جو موضوع ته آهي پنهنجي پرينءَ جي ياد ۾ رهڻ. اُٿئي ويٺي سندس نانءَ کي ذهن ۾ رکڻ ۽ شاهه لطيف ته ان حد تائين ڏَس ۽ گس ٿو ٻڌائي ۽ چوي ٿو ته ’جيڏيون جي مان وسهو، ننڊ نه هيريو نيڻ‘ يعني پنهنجي پرينءَ جي ياد ۾ ايئن مَحو ٿي وڃو جو پنهنجي ننڊ به وساري ويهو. انهيءَ ڪري شاهه لطيف مارئيءَ کي صلاح ڏيندي چيو:
مَ ڪين روءُ، مَ رڙ ڪين، مَ ڪين ڪر دانهون،
ستي لوڪ لطيف چئي، ٻيئي کڻ ٻانهون،
لڌئي جت لائون، سو ماڳ پسندينءَ مارئي.(6)

شاهه لطيف، مارئيءَ کي اها صلاح ٿي ڏني ته ستي لوڪ ٻئي ٻانهون کڻج، ٻاڏاءِ ته تنهنجون اگهامن ۽ جنهن ڏيهه جي توکي تانگهه آهي، جنهن ماڳ پسڻ جي توکي خواهش آهي، اهو تڏهن ئي توکي پسڻ جي آس پوري ٿيندي.
هن ’وائيءَ‘ ۾ شاهه لطيف صوفين، سنتن ۽ سامين سان سفر تيرٿ ۽ تڪيا ڀيٽڻ کان پوءِ هن راءِ تي اچي بيٺو:
ٿلهه: مون ۾ تون موجود، آئون اڳاهين آهيان!
آئون اَسونهين آهيان!

بند: 1. اکيون اکڙين کي، سڪيو ڪن سجودُ.
2. تيلان رسيون بودَ کي، جيلان ٿيون نابود.
3. ماڻهن جي موٽڻ جو، صاحب هٿ سجود.
4. ان دَرِ سيئي اگهيا، جن وڃايو وجود.(7)

هن ’وائيءَ‘ مان صاف ظاهر آهي ته شاهه لطيف کي جنهن جي ڳولا آهي، تلاش آهي، اهو ته ’مون‘ ۾ ئي موجود آهي. الله تعاليٰ قرآن شريف ۾ فرمائي ٿو ته، ”مان نه ٿو ماپان زمينن ۽ آسمانن ۾، پر ماپان ٿو هڪ مومن جي دل ۾.“ هن ’وائيءَ‘ ۾ ان فرمان جي تصديق ٿئي ٿي. ’مون ۾ تون موجود.‘ شاهه لطيف کي به جڏهن اهڙي پَڪ ٿي وڃي ٿي ته هُو سسئيءَ کي به اهڙي صلاح ٿو ڏئي ته:
هوت تنهن جي هنج ۾، پڇين ڪوهه پرياڻ،
وَ نحن اقرب اليہ من حبل الوريد، تنهنجو توهي ساڻ،
پنهنجو آهين پاڻ، آڏو عجيبن کي.(8)

هن بيت ۾ سسئيءَ کي پري وڃي، تڪليف سهي ڳولهڻ بدران، قرآن شريف جي آيت جو حوالو ڏيندي، ”۽ اسين ان کي ساهه جي رڳ کان به ويجها آهيون.“ هوشيار ۽ خبردار پيو ڪري ته هُو توکي ساهه جي رڳ کان به ويجهو آهي ۽ تون جهر، جنهگ، جبل پئي لتاڙين ۽ پنهونءَ جو يا انهن اٺن جو پيرو پئي ڳولهين جتي ته نک جو نشان به نه آهي. انسان ڪيڏا ڪشالا ٿو ڪري، پنهنجي مقصد، منزل، پرينءَ کي پسڻ جي، پر هو ته ان جو منجهه آهي. صوفين جو چوڻ آهي ته ’خالق منجهه خلق‘، تنهن ڪري ئي هو، سفر در خلق ڪري پوءِ سفر در خالق ڪندا آهن ۽ وري موٽي به کين سفر در خلق ئي ڪرڻو آهي، ڇاڪاڻ جو آدم کي پيدا ئي پاڻ سڃاڻڻ لاءِ ڪيو هئائين. هن مٿين ساري صوفين کي سمجهاڻي ڏيڻ کان پوءِ ان ڳالهه تي اچي بيٺو ٿو ڏسجي ته، ”ڪهڙي منجهه حساب ؟ هئڻ منهنجو هوت ري.“
هيءَ وائي 13 بندن جي آهي، تنهن ڪري هتي ڏيڻ مناسب نه پيو ڀانيان، باقي اوهين سُر سهڻي، داستان 1، مرتب ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي شاهه جي رسالي ۾ ڏسي سگهو ٿا.
هن وائيءَ ۾ ڏسو شاهه لطيف سسئيءَ کي ساٿ سان سلهاڙيل هجڻ طرف ڪيئن ٿو اشارو ڪري، اڪيلو ماڻهو ڪنهن پَر به نه ٿو سونهين، ڪوبه ڪم تڪميل تي رسائي نه ٿو سگهي.
ٿلهه: توڻي نين نه نين؛ الو ميان! آءٌ انين جي آهيان.

بند: 1. زورو هن ضعيف سين، ڪامل ڪوهه ڪرين؟
2. جت پنهنجي جوءِ ۾، جانب مانَ جٽين!
3. پِڪ پد منئان اڳري، سرڪي مان سڃين!
4. ٻانهي ٻاروچي پانهنجي، سڳر مانَ سڏين.
5. پيرين آئون نه پڄڻي، ڪرهل هوءِ نه جهلين.
6. اديون عبداللطيف چئي، نينهن نباهيو نين.(9)

هن ’وائيءَ‘ ۾ شاهه لطيف، سسئيءَ جي واتان اها ڳالهه ٿو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري ته، منهنجي ساٿ جا سالار ڀل ته مون کي پنهنجو نه سمجهن، پر مان ته آهيان ئي انهن جي، هُو مون کي ڪيئن ۽ ڇوٿا ڇڏيو وڃن، ڇا مان ضعيف آهيان، تنهن ڪري اهڙي ڪار ڪئي اٿن، هنن کي مون تي ڪا ڪهل ئي نه ٿي اچي، پيرين مان پهچي نه ٿي سگهان نه ئي وري ڪو ڪرها ٿا بيهارين، مون تي ڪو ترس ئي ڪونه ٿا کائين.
مومل راڻي ۾ مرد جي شڪي مزاج جي شاهه لطيف ڪهڙي نه خوبصورت عڪاسي ڪئي آهي. مرد جو پنهنجي وَنيءَ جي مزاج ۽ طبعيت، سڪ ۽ سوز مان ڀليءَ ڀت واقف ناهي ته پوءِ هن کي وَنيءَ جي هر ورن، هر قدم ۽ ڪم ۾ ڪونه ڪو شڪ اڀرندو ۽ جيڪڏهن هو سَلي نه سگهندو ته مَن ئي مَن ۾ هن جي لاءِ هڪ ڌڪار، نفرت کي جاءِ جوڙڻ لاءِ ڏئي ڇڏيندو ۽ جڏهن اها جاءِ جُڙي راس ٿي ويندي ته ان جو برملا اظهار هن کان ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ٿي ويندو، پوءِ اهو اظهار شعوري يا لاشعوري ڇو نه هجي. اهڙي ئي ڪيفيت جو اظهار هن ’وائيءَ‘ ۾ شاهه لطيف، مومل جي واتان هيئن ٿو ڪرائي:
ٿلهه: ڪيئن ڪريان ڪاڏي وڃان؟
مون کي سوڍو سنجهه نه ڏئي.

بند: 1. راڻو رات رُسي ويو، ڪَرَ ٿي ڪُلَّ مٿي.
2. اچئو آتڻ واريون، تعنا ڏينم تي.
3. پٿر وار وڇائيان، ريجهي راڻي کي.
4. کارايان کيروليون، چاريان چانگي کي.
5. اديون عبداللطيف چئي، ايندم هوت هتي.(10)

مرد جو رُسامو ۽ عورت پاران ميڙيون منٿون، طعنن سهڻ، رستي ۾ وار وڇائڻ، سندس آجيان ڪرڻ، پاڻ کي قصور وار قرار ڏيڻ، ان ڏنڊ ۾ چانگي کي چندن ۽ کيس کيروليون کارائڻ جي آڇ ڪرڻ سان به جيڪڏهن نه ريجهي ته ويچاري عورت وٽ باقي ڇا ٿو بچي. سواءِ شيخ اياز چواڻي ته:
جي نه ريجهي رٺو، پاند ڳچيءَ پاءِ،
نينگري تو ڪيا گهڻيئي ناٽ.

راڻي جي رُسامي ۽ پنهنجي غلطيءَ جي احساس شدت مومل جي اندر ۾ فراق ڦٽ ڪري وڌا آهن. کيس منٿ ڪندي، توبهه تائب ٿيندي، هيئن ٿي نيزاري ڪري:
ڪيم توبهه تن کان، جڳت جن گواهه،
روز نهاريان نڪڻي، راڻا تنهن جو راهه،
پرچي لڳ الله، موٽ ميان تون مينڌرا.(11)

سنڌ جو هڪڙو حصو ٿر به آهي. چوندا آهن ته، ’وسي ته ٿر، نه ته برُ جو برُ‘. هن علائقي ۾ موجوده جديد دؤر ۾ به پاڻيءَ جي اڻاٺ آهي. هتي ماڻهو ۽ مال، جهنگ جا جانور، پکي پکڻ، اَبر جي آسري، وسڪاري لاءِ تاڙا به تنواريندا آهن، هتي بارش پوندي ته طرحين طرحين جا گل ٻوٽا پاڻ مرادو ڦٽي پوندا آهن. ڌرتي سائو ويس، رنگن جي ڦلڙين سان پهري، ڪنهن وَنيءَ جيان سورنهن سينگار ڪري بيهندي آهي ته مور ٽهوڪا ڪندا آهن ۽ ڊيل بود ۾ ڀرجي بيخود ٿي ويندي آهي. انهيءَ پڊ، انهيءَ ٿر جي گاهن جو ذڪر شاهه لطيف هن وائيءَ ۾ ڏسو ڪيئن ٿو ڪري. جيتوڻيڪ مارئي پنهنجي آس، عمر کي سليندي ٻڌائي ٿي.
ٿلهه: ويڙهيچن ڏي ويندي عمر! آئون ماروئڙن ڏي ويندي،
ڏيهه ڏاڏاڻين پکڙين.

بند: 1. سڱر ساهيڙين سين، ساڙيهه منجهه سٽندي.
2. اٺا مينهن ملير ۾، ڌاڳا، ڌٻر، ڌؤندي.
3. عمر انهيءَ ڏيهه جا، ڪوڏر قوت ڪريندي.
4. گولون گولاڙن جون، جهپي ساڻ جهٽيندي.
5. ڪوڪڙ ڪنڊيرن ۾، ڦوڪيون ڦڪ ڀريندي.
6. عيدن برادن تي، کِهه مانڌاڻو کيندي.
7. پُسي کائي پيٽ ۾، ڏؤنرا ڏن آن ڏيندي.(12)

هن وائيءَ ۾ شاهه لطيف ٿر ۾ پيدا ٿيندڙ ٻوٽن جو ذڪر ڪيو آهي. ڪوڏر (جهنگلي ان) گولون (گول داڻا) ڪوڪڙ (سڪل پيرون) مانڌاڻو، پُسي، ڏؤنرا، اهي ٻوٽا برسات پوڻ سان ڌرتيءَ مان پاڻ مرادو ڦٽي پوندا آهن، انهن تي ماڻهو، مال، جهنگلي جيوت، سڀ پلبا آهن. سنڌ جا ٻه علائقا اهڙا آهن، هڪڙو ٿر ٻيو ڪاڇو، انهن ٻنهي علائقن ۾ نهري پاڻي ناهي ۽ اڄ تائين اتي جي عوام جي اها آس پوري نه ٿي سگهي آهي ته انهن لاءِ ڪنهن به طرح پاڻي پهچائڻ جو ڪو جتن ڪجي.
ايئن شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌ جي چپي چپي، ڪنڊڪڙڇ جي عڪاسي ڪئي آهي، جا هن صرف پنهنجي بيتاڻي شاعريءَ ۾ ڪئي آهي، تئين هن اهڙا منظر، ماڳ، ڪردار پنهنجي وائيءَ ۾ به امر بڻايا آهن. سندس وائي اهڙي اوج تي آهي، جنهن کي اڃا ڪو اورانگهي نه سگهيو آهي. جيتوڻيڪ شاهه لطيف کان پوءِ اڄ ڏينهن تائين وائي جديد شاعرن جي مقبول صنف پئي رهندي آئي آهي.
هن باب کي اڃا اينگهائي سگهجي پيو، پر ڳالهه ور ور ڪري ساڳي ئي بيهي ها، تنهن ڪري اتي اڪتفا ڪئي سون.

[b]حوالا[/b]

1. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، جامع سنڌي لغات، جلد 3، ص: 1447.
2. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ’شاهه جو رسالو مستند‘، سُر ڪاموڏ، بيت 10 ۽ 12، داستان 2، ثقافت کاتو، 2009ع، ص: 280.
3. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ’شاهه جو رسالو مستند‘، سُر ڪاموڏ، بيت 10 ۽ 12، داستان 4، ثقافت کاتو، 2009ع، ص: 285.
4. آڏواڻي، ڪلياڻ، ’شاهه جون وايون مڪمل‘، بمبئي، 1988ع، ص: 14.
5. ساڳيو، سُر يمن ڪلياڻ، وائي 2، داستان 5، ص: 26.
6. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ’شاهه جو رسالو‘، سُر مارئي، بيت 19، داستان 7، ص: 366.
7. آڏواڻي، ڪلياڻ، ’شاهه جون وايون مڪمل‘، بمبئي، 1988ع، ص: 38.
8. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ’شاهه جو رسالو‘، سُر آبري، بيت 6، داستان 3، ص: 177.
9. آڏواڻي، ڪلياڻ، ’شاهه جون وايون مڪمل‘ سُر ڪوهياري، وائي 1، داستان 5، بمبئي، 1988ع، ص: 116.
10. آڏواڻي، ڪلياڻ، ’شاهه جون وايون مڪمل‘، سُر مومل راڻو، وائي 1، داستان 7، بمبئي، 1988ع، ص: 147.
11. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ’شاهه جو رسالو‘، سُر راڻو، بيت 10، داستان 4، ص: 259.
12. آڏواڻي، ڪلياڻ، ’شاهه جون وايون مڪمل‘ سُر مارئي، وائي 1، داستان 9، بمبئي، 1988ع، ص: 158.

باب اٺون: وائي ۽ ڪافيءَ جي گهاڙيٽي ۾ فرق

سنڌي ٻوليءَ جي شاعراڻين صنفن ۾ ڪيئي گل، گلڪاريون، ڀانت ڀانت جون سڳنڌون، رنگ برنگي روايتون موجود آهن، انهن ۾ ’وائي‘ ۽ ’ڪافي‘ ٻه اهڙيون جاڙيون ڀينر صنفون آهن، جن جي ڳائڻ ويل تمام گهٽ سمجهڻ وارا سمجهي سگهندا ته هيءَ ’وائي‘ پئي ڳائي وڃي يا هيءَ ’ڪافي‘ آهي، ڇاڪاڻ جو ڪجهه واين ۽ ڪافين ۾ اهڙي مماثلت آهي، جو ڪيترن ته محققن جو اهو به چوڻ آهي ته ’وائي‘ ۽ ’ڪافي‘ اصل ۾ هڪڙي ئي صنف آهي، پر ايئن ناهي. ”جيتوڻيڪ ’ڪافي‘ ۽ ’وائي‘جو مضمون توڙي مقصد ساڳيو آهي، ته به سندن بناوت ۾ فرق آهي. وائيءَ ۾ هر هڪ مصرع هڪ تڪي آهي، ’ڪافي‘ ۾ هر هڪ مصرع ۾ هڪ، ڏيڍ کان وٺي چئن تائين ٻه تڪون ٿي سگهن ٿيون.“(1)
’وائي‘ ۽ ’ڪافي‘ ۾ اصل فرق ٿلهه ۾ نه پر مصراعن يا بندن ۾ ئي واضح نمايان ٿئي ٿو. ڏسو ’وائي‘ لفظ ئي نڪتو آهي آواز مان ’واءِ واءِ‘ يا ’وؤ وؤ‘ مان، جنهن جو مطلب آهي واويلا ڪرڻ، دانهن ڪرڻ، دانهن ڏيڻ، پر ڪافي آهي سڪندڙ دل جي ڪيفيت ۽ ان سڪايل دل جي وارتا بيان ڪرڻ.
”ڪن ماهرن ’ڪافي‘ لفظ جو بنياد عربي لفظ ’ڪفہ‘ ٿا ڄاڻائين. ’ڪفہ‘ جي معنيٰ آهي گهنگهرن واري لڪڙي، جا فقير وڄائي خيرات گهرندا آهن. ڪفہ جو ملطب ’ميڙ‘ يا ’ٽولي‘ آهي، انهيءَ لفظ کي اهميت آهي، ڇوته ڪافيءَ جو لطف به تڏهن ئي آهي، جڏهن ڳائيندڙ توڙي سڻندڙ، ٻئي هڪ هنڌ، ٽولين ۾ موجود هجن.“(2)
انهن مٿين حوالن کي نظر ۾ رکي اسان کي اول ’ڪافي‘ جو مثال ڏيڻو پوندو، ڇاڪاڻ جو اسان مٿي حوالو ڏئي آيا آهيون ته ’ڪافي‘ جي مصرع ۾ ٻن کان وڌي چئن تڪن تائين هجن ٿيون، جڏهن ته ’وائي‘ هيڪوڻي ۽ ڏيڍ وڻي ٿيندي آهي. ان جي ٿلهه ۾ ٻه يا ٽي پد ٿيندا آهن، ’پد‘ هڪ تڪ جو اصل ۾ اڌ آهي.
ٿلهه: هر دل جو دلدار، يار منهنجو
سهڻن جو سردار، يار منهنجو

بند: 1. ڪٿ ملان ڪٿ امر نهي - ڪٿ منصور تي دار، يار منهنجو.
2. پاڻ ڇپائي راز حقيقي - پاڻ ڪري اظهار، يار منهنجو.
3. ڪٿ سِرهي ڪٿ ناز نزاڪت - ڪٿ ڪجل ڪٿ ڌار، يار منهنجو.
4. ڪٿ بلبل ڪٿ گل جي صورت - ڪٿ برگ ڪٿ خار، يار منهنجو.
5. ڪٿ ڍولڪ ڪٿ تان ترانو - ڪٿ صوفي سرشار، يار منهنجو.
6. ڪٿ عابد ڪٿ نفل دوگانه - ڪٿ ڪيفي ميخوار، يار منهنجو.
7. ڪٿ عاشق ڪٿ درد ڪشالو - ڪٿ دلبر غمخوار، يار منهنجو.
8. يار فريد نه آهي وچ پردي - خود پرود آهي يار، يار منهنجو.

هيءَ ’ڪافي‘ جنهن جو ٿلهه ٻه مصراعون (تڪون) ۽ هر بند ۾ به ٻه مصراعون (تڪون) بيهاريل آهن. هن ’ڪافيءَ‘ جو گهاڙيٽو عروض تي آڌاريل آهي. هن ’ڪافيءَ‘ جي ٿلهه کي ٽي ڀيرا ’مفعولن‘ تي بيهاريو ويو آهي، جڏهن ته باقي بندن ۾ ساڳيو اصول بيهاريل ناهي. بند گهٽ وڌ وزن جا آهن، باقي هن ’ڪافيءَ‘ ۾ هر بند ۾ رديف ۽ ڪافيو رکيو اٿس. قافيو ’دلدار‘ ۽ ’سردار‘ ۽ رديف ’يار منهنجو‘. ايئن هر بند ۾ به ’قافيو‘ ۽ ’رديف‘ آيل آهن. ’ڪافيءَ‘ جو موضوع عشقيه صوفياڻو آهي. هيءَ ’ڪافي‘ خواجه غلام فريد جي آهي، جيڪو 1261هه کان 1319هه (1901ع) ٿي گذريو آهي. خواجه غلام فريد ڪؤريجو هو ۽ سنڌ ۾ ڄائو، سندس مادري زبان سرائڪي هئي پر سنڌي به کيس ڀليءَ ڀت ايندي هئي.
”سنڌ سان بيحد محبت هئس، سرائڪي سندس مادري زبان هئي پر سنڌي به ڄاڻندو هو. سنڌي ۽ سرائڪي ڪلام چيائين.“(4)
هاڻي ساڳئي شاعر جي هيءَ ’ڪافي‘ ڏسو. هن ’ڪافيءَ‘ جو گهاڙيٽو ڪيئن جوڙيو اٿس. ٿلهه ٻه تڪو آهي، پر بند ٽه تڪاوان جوڙيا اٿس. اول ’ڪافي‘ پڙهي ڏسو.
ٿلهه: لڄ لوئي ڪين لڄائينديس،
تنهنجا بخمل باهه ۾ ٻارينديس.

بند: 1. تنهنجا روز ذلل ۽ مڪر دغا،
تنهنجي ظلم جون ڳالهيون عمر ادا،
وڃي ويڙهيچن سان گهارينديس.
2. ٿر پنوهارن جو ديس وطن،
ٿر آهي اسان جو ملڪ امن،
خوش سانگين ساڻ گذارينديس.
3. هاڻ قيد ۾ ڪهڙو ڪم ڪيان،
شالا مارن واري واهڻ وڃان،
جاتي وار اڳار ٻوهارينديس.
4. هجي هر دم ڏيهه اباڻي مينهن،
آهي سڪ ساڻيهه جي راتين ڏينهن،
ويٺي دانهن ڪندس هنجون هارينديس.
5. بٺ ماڙيون ۽ محلات جا گهر،
آهي مَرڪ ’فريد‘ جو مارو ٿر،
ڌڻ سانگيئڙن جا چارينديس.(5)

هيءَ ’ڪافي‘ ٿلهه جي لحاظ کان ٻه - تُڪي آهي ۽ ٻنهي تڪن ۾ قافيو رکيو اٿس. هن ’ڪافيءَ‘ ۾ رديف نه آندو اٿس، پر هر بند ٽه - تڪائون ته آهي، پر ان جون پهرئين ۽ ٻي تڪ (مصرع) پاڻ ۾ هم قافيه آهن، جڏهن ته هر بند جي ٽين تڪ ٿلهه جي ٻن تڪن سان هم قافيه رکي اٿس. موضوع جي لحاظ کان ’ڪافي‘ مارئيءَ پاران عمر سان مقالمي طور چيل آهي ته من روح ۾ رحم جي چڻنگ اڀريس ۽ مارئيءَ جا بند خلاص ڪري. هن ’ڪافيءَ‘ ۾ وطن جي حُب جو برملا اظهار به نمايان آهي.
’ڪافيءَ‘ جي گهاڙيٽن جي مثالن کان پوءِ پروڙ پئي ٿي ته ’ڪافيءَ‘ ۾ سلاست ۽ ان سان پيدا ڪيل مضمون جي سونهن، ڪافيءَ کي مقبول عام صنف بڻايو ۽ ان کان سواءِ ڳائڻ وديا جو پڻ هٿ آهي.
”ڪن عالمن جو رايو آهي ته ڪافي هڪ راڳڻي آهي، جا ’ديپڪ‘ راڳ جي شاخ ۽ ’اندر ديوتا‘ کي ريجهائڻ لاءِ، سارنگ سان گڏ، ڄيٺ ۽ آکاڙ ۾ ڳائبي آهي(مئي کان جولاءِ تائين). ڪافيءَ جي لفظي معنيٰ خاطر ڪي رايا هيئن آهن. ”عربيءَ ۾، خيرات ’استڪفوا‘ چئبو آهي. ’ڪافہ‘ جو مطلب ميڙ يا ٽولي آهي. پارسيءَ ۾ ڪاف جي معنيٰ آهي وندر، ورونهن. ’ڪاف‘ جي معنيٰ وڍ به آهي، انهيءَ حساب سان ڪافي آهي واڍوڙن (وڍيلن) جي قلب جي، دل وڍيندڙ ڪوڪار.“(6)
هاڻ ’ڪافيءَ‘ جي باري ۾ مٿين حوالن جي روشنيءَ ۾ اهو ڪجهه چوڻ ۾ حق بجا ٿينداسون ته ’ڪافي‘ حقيقت ۾ لکڻ، پڙهڻ ۽ ڇپجڻ جي گهٽ ۽ ڳائڻ جي صنف وڌيڪ آهي. هونءَ اِها ڳالهه به ناهي ته ڪو ’ڪافيءَ‘ کان سواءِ شاعراڻي ٻي ڪابه صنف ڳائڻ جي قابل ناهي. هن جديد دؤر ۾ جديد شاعراڻي صنف آزاد نظم به ڳائجي وڄائجي پيو ۽ جيڪڏهن ان آزاد نظم جي خيال ۾ پختگي ۽ سٽن ۾ ردم هجي ته اهڙو آزاد نظم بلڪل موسيقيءَ جي سُرن تي ڳائي ٿو سگهجي. ان جا ڪيترائي مثال اسان وٽ موجود آهن. بيدل مسرور ڪيترائي آزاد نظم ڳايا آهن. هڪڙو آزاد نظم عطيه داؤد جو ’امان مون کي ڪاري ڪري ماريندا‘، بي. بي. سي. لنڊن ريڊيو وارن ڳارايو ۽ پنهنجي نشريات ۾ پيش (آن ايئر) ڪري چڪا آهن.
’ڪافيءَ‘ جي سنڌي صنف جي حق ۾ ڪجهه هي دليل به آهن، جيڪي غورطلب آهن، پر اهي صرف ’ڪافيءَ‘ جي حق ۾ آيل آهن، نه ڪي ان حق ۾ ته ’وائي‘ ۽ ’ڪافي‘ ساڳي ڳالهه آهن.
”ڪافي خالصتاَ سنڌ جي آڳاٽي ۽ اصلوڪي صنف آهي ۽ جنم وٺڻ کان عروج واري دؤر تائين سنڌ جي ماڻهن ان کي نه صرف ساهه سان سانڍيو، پر پنهنجي پاڙيسري ٻولين کان به ان کي روشناس ڪرايو. هن صنف ۾ اڳوڻن شاعرن حسن ۽ عشق سان گڏوگڏ فڪري موضوعن کي به آندو آهي ۽ ٻوليءَ جي حسناڪيءَ کي به قائم رکيو آهي، پر موجوده دؤر ۾ ان صنف کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. ان جو سبب غالباَ عام شاعرن جي راڳ کان اڻ واقفيت آهي، ڇو جو ’ڪافيءَ‘ جو بنياد آهي ئي راڳ تي.“(7)
’ڪافي‘ ۽ ’وائيءَ‘ جا موضوع گهڻي ڀاڱي هڪجهڙا ٿيندا آهن، پر گهاڙيٽي جي لحاظ کان ٻنهي ۾ فرق ضرور موجود آهي. هاڻ هڪ ٻه مثال وائيءَ جا هڪ ليک جي لحاظ کان ڏيڻ چاهيندس. جيتوڻيڪ وائيءَ جا گذريل بابن ۾، جيڪي هئا ئي وائيءَ جي صنف تي لکيل، انهن ۾ ڪيترائي مثال اچي چڪا آهن. هتي اسان شاهه شريف ڀاڏائيءَ جي ’وائيءَ‘ جو هي مثال ٿا پيش ڪريون:
ٿلهه: زاريون ڪري ذيل، رويو روز راهه ۾.

بند: 1. متان مٽين مورهين، آري ڄام اصيل.
2. اجها سندي عاجزين، ورج ويڙهه وسيل.
3. مات ڪيائين مرض کي، ڇڏيائين زليل.
4. ڪيائين نوم نفاق جي، الا! قدر قليل.
5. سائين ميڙ، شريف چئي، خوبيءَ ساڻ خليل.(8)

هيءَ ’وائي‘ ميان فتح محمد فقير جي ڪلام مان پيش ڪجي ٿي:
ٿلهه: سڄڻ سي گهر آئيا، آڻي موليٰ محب ملايا.

بند: 1. مون گهر آيا سپرين، ڏور جنين ڏينهن لايا.
2. بيبيءَ ڪارڻ ڪانڌ جي، ڪوڙين ڪانگ اڏايا.
3. مال، خزانا، ماڙيون، گوهر گنج لٽايا.
4. آهون عرض فتح جا، آگي سڀ اگهايا.(9)

پهرئين وائي ’سورٺي ڇند‘ ۽ ان جو ٿلهه ٻارنهن ٻارنهن ماترائن تي جوڙيل آهي ۽ ٻي وائي ’دوهي ڇند‘ تي آڌاريل آهي. هنن ٻنهي واين جي ٿلهن ۾ ٻه ٻه پد آهن، قافيه بند جي هر ٻئي پد ۾ آيل آهن، اهو آهي ’وائي‘ ۽ ’ڪافيءَ‘ ۾ فرق. اسان اڃا به هتي اهڙين ڪافين کي پيش ڪنداسون، جن جي ٿلهه ۾ ٻه تڪون آهن پر بندن ۾ ٻن کان وڌيڪ سٽون يا تڪون آيل آهن، جڏهن ته وائيءَ جي هر بند ۾ ٻن کان ٽن پدن تائين هوندا آهن. ’وائي‘ جي ٿلهه ۾ به ٻن يا ٽن پدن کان وڌيڪ پد اڪثر نه هوندا آهن. ڪنهن ڪنهن شاعر جو جيڪڏهن ڪو ’وائيءَ‘ جو تجربو ٿيل هوندو ته ان ۾ هڪ پد جو وڌاءُ ٿيل هوندو، اهو ايندڙ بابن ۾ ظاهر ٿيندو. هتي ’ڪافيءَ‘ بابت ڪن محققن جا خيال پيش ڪرڻ جي اجازت گهرنداسون.
ڪافي آهي ته دراصل اساسي سنڌي شاعري ۽ ڪلاسيڪي موسيقيءَ جو هڪ انگ. ڪافي اصل ۾ سنڌي سنگيت جو اهم انگ آهي ۽ اها شاعري ۽ موسيقيءَ جو جيئن ته انوکو سنگم آهي، تنهن ڪري ان کي سنڌي سنگيت جي دنيا ۾ هڪ امتيازي درجو حاصل آهي. ’ڪافي‘ سنگيت جي اعتبار کان غنائي (Lyrical) راڳ آهي، موضوع جي لحاظ کان حسن ۽ شباب جي تات ۽ برهه ۽ بيراگ جي بات آهي، ته رس جي نقطئه نظر کان وري شرنگارس (سينگار رس) جي رچنا آهي. درد، ڪافيءَ جو روح ۽ سادگي ۽ سلاست، ان جي سندرتا آهن.“(10)
الحاج الله بخش سرشار عقيليءَ جي راءِ، ”ڪافي عربيءَ جي ’قاف‘ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ڳولا يا تلاش.“ مولانا فضل احمد غزنويءَ جو رايو آهي ته: ”هي لفظ عربيءَ جي ’ڪفي‘ مان نڪتل آهي، جنهن جو مصدر ’ڪفايہ‘ ۽ اسم فاعل ’ڪافي‘ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي خالي جاءِ ڀرڻ.“ هڪ ٻئي عالم عطا حسين موسويءَ جو چوڻ آهي ته: ”’ڪافي‘ عربي لفظ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’دڦ‘ جي ڪاٺي، جنهن ۾ گهنگهرو ٻڌل هجن.“
”شاعريءَ جي نقطئه نگاهه کان ڪافي نطم وارن بحرن ۽ وزنن ۾ ئي لکي وڃي ٿي. ان جي سٽاءَ وائيءَ وانگر ٿئي ٿي، فرق فقط اهو آهي جو وائيءَ ۾ هر مصرع هڪ (سٽي) ٿئي ٿي.“(11)
سچل سرمست جو اصل نالو حافظ عبدالوهاب ۽ تخلص ’سچل‘، ’سچو‘ ۽ ڪڏهن ڪڏهن ’سچي ڏنو‘ به ڪندو هو. سندس جنم 1739ع ۾ ٿيو ۽ سندس وصال 1827ع ۾ ٿيو. پاڻ اول ته قرآن جو حافظ، عربي، فارسي ٻولين جو ماهر ۽ تحصيل يافته هو. سندس ٻولي سنڌي ته هئي، پر هُو سرائڪي ۽ ان وقت اڃا سنڌ هند ۾ هلندڙ هندي (ريختو) تي به پوري دسترس حاصل هئس. سندس ڪلام ۾ بيت، دوهو، ڍولڻو، ڪافي، وائي، غزل نما ڪافي، سنڌي، سرائڪي ۽ ريختو ۾ سچل سرمست نين صنفن سان گڏوگڏ وائي به لکي آهي. مان هتي سندس ٽنهي ٻولين ۾ چيل واين جا مثال ڏيڻ پسند ڪندس. اول سندس سنڌي وائي ڏسو:
ٿلهه: جهڙو هي عجائب آءِ، ناهه عجب ٻيو ڪو اهڙو.

بند: 1. هيڏي هوڏي نه ڏسين، منهن پاڻ ئي ۾ پاءِ،
ناهه عجب ٻيو ڪو اهڙو.
2. پوءِ تصور هن ۾، ٻي بازي ڪا مَ بناءِ،
ناهه عجب ٻيو ڪو اهڙو.
3. اکيون اپٽي جي ڏسين، تان هادي آهي هر جاءِ،
ناهه عجب ٻيو ڪو اهڙو.
4. سچوءَ سارو سچ چيو، رمز دل ئي سان لاءِ،
ناهه عجب ٻيو ڪو اهڙو.(12)

هيءَ وائي ’سورٺوڇند‘ ٿلهه تي چيل آهي، باقي بندن جي هر ٻئي پد ۾ قافيو رکيو ويو آهي. هيءَ وائي ڄڻ شاهه لطيف جي هن بيت جو خلاصو ٿي ڀاسي ته:
وڃين ڇو وڻڪار، هت نه ڳولين هوت کي،
لڪو ڪين لطيف چئي، ٻاروچو ٻئي پار،
لٿي سستي، ٻڌ سندرو، پرت پنهونءَ سين پار،
نائي نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو.(13)

تنهن ڪري هن وائيءَ جي ٻي ڪهڙي وضاحت ڪري سگهجي ٿي. سندس سرائڪي وائيءَ جو هي رنگ ڍنگ آهي.
ٿلهه: دم دم لهين سنڀال، اِهين حال دي هاريا.

بند: 1. هي دم آوي هي دم جاوي، کڙئي خاص خيال،
اِهين حال دي هاريا.
2. جو پل پاڻئون پري جو ٿيوين، سو پل جيوڻ جنجال،
اِهين حال دي هاريا.
3. آپ نه آڻين سوئي ڄاڻي، فڪر ڪري في الحال،
اِهين حال دي هاريا.
4. وحدت دي وچ غوطا مارين، آءُ پوئي احوال،
اِهين حال دي هاريا.
5. سچو ڪون سبق پڙهايا، هادي ني مڙ ڀال،
اِهين حال دي هاريا.

هيءَ وائي به مٿين سنڌيءَ وائيءَ واري ئي گهاڙيٽي تي جوڙيل آهي. ’آدم‘ هي انسان ’آدم‘ جي اولاد ۽ ’آدم‘ ئي آهي، جيڪڏهن دم ايندو ته هي هوندو، جيڪڏهن دم نه ايندو ته هي عدم ۾ هليو ويندو. ’آدم‘ آهي ئي دم تي ٻڌل، تنهن ڪري صوفي چوندا آهن، ’جو دم غافل، سو دم ڪافر‘ هر دم جي اچڻ ۽ وڃڻ ۾ ان هستيءَ جي ياد نه وسار، جنهن توکي هي جهان ڏيکاريو آهي.
هاڻ اسان ڪافيءَ جي وڏي شاعر سچل سرمست جي ڪافين مان ڪجهه نمونا پيش ڪرڻ گهرنداسون، ڇاڪاڻ جو سچل سرمست جيئن ته وڏي عمر ماڻي، ان ڪري هن گهڻي کان گهڻيون ڪافيون چيون. سندس سنڌي ۽ سرائڪي ڪافين جو تعداد 1338 آهي، جن مان 714 سنڌي ڪافيون آهن.(14)
ٿلهه: جي هون پڇوڙي جيڏيون! آهي برهه بيقراري،
بخشش الاهي آهي، ناهي ڪسب اختياري.

بند: 1. آهي ني عاشقن کان، سوريءَ مٿي سواري،
هڪ درد دل ۾ تن جي، ٻي خلق جي خواري.
2. ڪيائون حجاب ظاهر، هوءِ هوءِ حسن هزاري،
مشتاقن کي مارن، خوني نيڻ خماري.
3. مزگان وارا مقرر، ڪئيبر مارن ڪاري،
عاشق آهه ايلازي، پائي ڳچيءَ ۾ ڳاري.
4. محبوب جون اصل کؤن، ڪجليون آهن قهاري،
آهي اصل انهن کي، سڌ سچل ساري.(15)

هيءَ ’ڪافي‘ سچل سرمست جي ڪلام مان ڪوري ڪڍي آهي، هيءَ ’ڪافي‘ ٿلهه کان وٺي چئن ئي بندن تائين ٻه - تڪي، چئه پدائين آهي. هن ’ڪافيءَ‘ جي ٿلهه ۾ ٻئي تڪون، سٽون هم قافيه آهن، پر انهن ۾ رديف آيل ناهي، پر هن ’ڪافيءَ‘ ۾ سچل سرمست بندن جي ٻنهي تڪن ۾ به قافيو رکيو آهي، اها ئي ڪافيءَ جي خوبي آهي ۽ انهيءَ ڪري هڪڙي عاشقاڻي موضوع تي چيل هئڻ ڪري نظم جو گمان پڻ ذهن ۾ اُڀري ٿو. هيءَ ’ڪافي‘ راڳداريءَ جي لحاظ سان سُر آسا ۾ ڳائي ٿي سگهجي. سچل سرمست جي رسالي ۾ هر ’ڪافيءَ‘ مٿان گائن وديا لاءِ، ان ڪافيءَ جو سُر به ڳائڻ واري جي آسانيءَ لاءِ لکيو اٿس.
سچل سرمست کي ڪافيءَ جو شهنشاهه چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو، جو سندس هن ڪلام جي پهرئين ڀاڱي ۾ ئي 1251 ڪافيون، ٽن ٻولين، سنڌي، سرائڪي ۽ ريختو (هنديءَ) ۾ چيل آيل آهن، انهن ۾ 24 راڳن يا سُرن ۾ چيل ڪافيون اچي وڃن ٿيون. هونءَ اسان جي سنڌي ٻولي ۽ ڀر واريون پنجابي ۽ سرائڪي ٻوليون، ڪافيءَ جي کيت لاءِ ڀلؤن ڀل فصل ڏيڻ واريون رهيون آهن. ڪافيءَ جا ڪيترائي سنڌي ۽ سرائڪي ٻولين جا شاعر سنڌ ۾ موجود آهن، جن جا نالا ڳڻبا ته گهڻائي ملندا، باقي انتهائي مشهوري ماڻيندڙن ۾ سچل سرمست، يوسف نانڪ، مصري شاهه، بلهي شاهه، شاهه حسين، خوش خير محمد، محمد فقير کٽياڻ، رکيل شاهه، چيزل شاهه ۽ ٻيا ڪيترائي آهن. موجوده دؤر ۾ وري مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ ۽ سندس سلسلي جا ڪيترائي شاعر سنڌ جي راڳين ۾ مشهور و معروف آهن، سندن ڪافين جا ڪتاب پڻ ڇپيل آهن.
سچل سرمست جي ڪلام مان هڪڙي سرائڪي ٻوليءَ ۾ چيل چئن تڪن واري ’ڪافي‘ ڏسو، ڪيئن آهي:
ٿلهه: جاني جتان ڦيرا پايا وي!
وهه واهه ڪيها رنگ لايا وي!

بند: 1. جاني ڪيوين آوندا جاوندا، ول ول ڪي رمزان لاوندا
ٻڌ شمشير ڪمر من ڀاوندا، هت خنجر سر ڪٽايا وي.
2. ويک برهه دا ڪيها بانا، هر هڪ نون ڀرايس جانا،
ڏي حلاج خودي دا خانا، جنهن سولي پڪڙ چڙهايا وي!
3. جاني ناز حسن دي جڙدي، رک ٽور عجب دي ٽُردي،
هٽڪا هويا مول نه مُڙدي، تنهندا ڪون ڦيرائي رايا وي!
4. جاني مار زغا بادشاهي، رک ڦردا بي پرواهي،
اِهين اسرار دي ڏي گواهي، شاهه سرمد قتل ڪرايا وي!
5. سچو جوئي سڻندي هوسي، سوته آڪي پلئه پيوسي،
نؤ بهار خوشي وچ ٿيوسي، ايوين ڪرم سايان فرمايا وي!(16)

هن ڪافيءَ جو ٿلهه ته عروض تي ٻڌل ٿو لڳي. ٿلهه جون ٻئي سٽون يا مصراعون هم وزن ۽ هم قافيه به آهن، پر هن ڪافيءَ جي بندن ۾ وزن ڪجهه اڳ پوءِ ٿيل ٿو ڀانئجي ۽ وري بندن جي ٽن تڪن جو قافيو به الڳ الڳ رکيو اٿس ۽ چوٿين تڪ، ٿلهه سان هم قافيه به رکي اٿس. هن ڪافيءَ جو مضمون به عشقيه آهي، پر عشق به اهڙو جهڙو حسن بن منصور حلاج ۽ سرمد شهيد ڪيو هو، ٻنهي کي عشق جي ڪماليت، سِرُ وڍرايو هو.
سچل سرمست جنهن ٽين ٻوليءَ ۾ ڪافي لکي آهي، هڪ مثال ان جو به ڏيڻ ضروري ٿو ڄاڻان، اها ٻولي ’ريختو‘ سڏبي هئي، جا اڄوڪي زماني ۾ پاڪستان ۽ سنڌ ۾ ’اردو‘ ۽ هندستان ۾ اڄ ڪلهه هندي ٿي ڪوٺجي. هيءَ ڪافي به سُر آسا ۾ ڳائي ٿي سگهجي.
ٿلهه: موتوا مين بشارت، برهه ڪي اشارت،
مرن مين صفاتي، پاؤگي حياتي.

بند: 1. فنا هو بقا مين، حسن هو لقا مين،
قسمه حق حقا مين، رچي ذات ذاتي.
2. شمع پر پتنگان، ديتا هي اڇنگان،
نه ترسي تننگان، مين جلتا جگاتي.
3. يه هي معراج سارا، منصور يارا،
سولي پر نظارا، ديکها اثباتي،
4. سچو سمجهه پايا، سجن مين سمايا،
الک دل لگايا، دوئي دور جاتي.(17)

هيءَ ريختي ۾ چيل سچل سرمست جي ڪافي، سڄي ساري تصوف جي رمزن ۾ رتل آهي. هن ڪافيءَ جي به اهائي ساڳي گهڙت آهي، جهڙي هن کان اڳ سرائڪي ٻوليءَ واري ڪافيءَ جي گهڙت هئي. هن ڪافيءَ جي ٿلهه جي هر مصرع ۾ ٻه ٻه قافيه پر ڌار ڌار رکيا اٿس، جيئن پهرئين مصرع ۾ ’بشارت‘ ۽ ’اشارت‘ قافيه ڪتب آندا اٿس ته وري ٿلهه جي ٻي سٽ ۾ وري ’صفاتي‘ ۽ ’حياتي‘ قافيه استعمال ڪيا اٿس، جڏهن ته بند جي به هر مصرع ۾ يا مصرع جي هر ٽن پدن ۾ قافيه جدارا ۽ چوٿين پد ۾ قافيو ٿلهه جي ٻي مصرع جي قافيي سان هم وزن رکيو اٿس، جنهن سان ڪافي پڙهڻ ۽ ٻڌڻ يا ڪن رس جو چس ئي نرالو ٿيو پوي. هن ڪافيءَ جي هر بند جو موضوع جدا جدا آهي، پهرئين مصرع ۾ انسان جي نفس جي ’فنا‘ ۾ ’بقا‘ جي ڳالهه ٿو ڪري، ٻي مصرع ۾ ’شمع‘ تي ’پتنگ‘ جي پچڻ ۽ جان وڃائڻ ۾ امرتا جي راز کي نروار ٿو ڪري، ٽئين مصرع ۾ ’سوليءَ‘ تي سوار ٿيڻ کي انساني ’معراج‘ سان تعبير ٿو ڪري ۽ چوٿين مصرع ۾ ’الک‘ جي دل ۾ سمائڻ کان پوءِ اهي راز سلجهائڻ ۽ سمجهائڻ جو ڏس ڏئي ٿو.
سچل سرمست پنهنجي ’ڪافيءَ‘ جي صنف کي خوب اوج ڏنو، نه صرف سچل سرمست پر سندس سلسلي جي ڪيترن ئي ٻين شاعرن به تقليد ڪئي. نانڪ يوسف پڻ سچل سرمست جو ٻالڪو ۽ سندس ئي سلسلي جو ڪافي گو شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن جي ڪافين جو تعداد 439 آهي ۽ هن به 20 کان وڌيڪ ڪافيءَ جا گهاڙيٽا متعارف ڪرايا.
اهڙن گهاڙيٽن جو ذڪر ڪندي اختر درگاهيءَ جو خيال آهي ته،
”سچل جي ڪافين ۾ 23 کان وڌيڪ ڪافيءَ جا گهاڙيٽا ملن ٿا، جن ۾ ڪافيءَ جا قسم، يڪي، ڏيڍي، ٻيڻي، ٽيڻي، چؤڻي، پنجوڻي ۽ ڇهوڻي ڪافي شامل آهن، ان کان سواءِ ڪافين جا جيڪي ٿلهه آهن، تن جا قسم وري الڳ الڳ آهن.“(18)
جيڪڏهن هتي اسان صرف سچل سرمست جي ڪافيءَ جي جوڙيل 23 گهاڙيٽن يا سندس ئي ٻالڪن يوسف نانڪ ۽ روحل فقير جي ويهن ويهن گهاڙيٽن جا مثال ويهي ڏيون ته پوءِ ته صرف انهن جي ڪافيءَ تي جدا جدا ڪتاب لکڻا پوندا. حقيقت ۾ اسان کي هن ليک ۾ اهو ثابت ڪرڻو هو ته ’وائي‘ ۽ ’ڪافي‘ ڳائڻ جي لحاظ سان ڀل ته هڪجهڙيون صنفون هجن، پر لکڻ جي لحاظ سان اهي الڳ الڳ صنفون آهن، جنهن جا مثال مٿي ڏئي آيا آهيون. هونءَ اسان جو مقصد ته ’وائيءَ‘ تي لکڻ جو آهي، جيڪا صنف ميران ٻائي، دادو ديال، شاهه عنات رضويءَ وٽان ٿيندي شاهه لطيف تائين پنهنجي اوج تي پهتي ۽ اها اڄ ڏينهن تائين پئي لکجي. پر افسوس جو جديد دؤر ۾ ڪافي چوڻ جو رواج نه چوڻ جي برابر آهي.
’ڪافي‘ ۽ ’وائي‘ جي گهاڙيٽي کي هن باب ۾ ثابت ڪيوسون ته ’وائيءَ‘ جو گهاڙيٽو ۽ ’ڪافي‘ جي گهاڙيٽي ۾ ڪهڙو فرق آهي. ’وائي‘ صرف ٿلهه ۾ هيڪوڻي، ٻيڻي، ٽيڻي، وڌ ۾ وڌ چؤڻي، سو به صرف پدن جي لحاظ کان لکي ويندي هئي ۽ لکي وڃي ٿي، جڏهن ته ’ڪافي‘ وري بندن يا مصراعن جي لحاظ کان هيڪوڻي کان ڇهوڻي، يعني ڇهن سٽن يا ٻارنهن پدن تائين لکي ويئي آهي، ٻنهي صنفن ۾ خاص فرق اهو ئي آهي.


[b]حوالا[/b]

1. آڏواڻي، ڪلياڻ، ’شاهه جون وايون‘، بمبئي، 1988ع، ص: 14.
2. ساڳيو، ص: 10.
3. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ’قافيون‘ جلد - 2، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 1978ع، ص: 646.
4. ساڳيو، ص: 645.
5. ساڳيو، ص: 646.
6. آڏواڻي، ڪلياڻ، ’شاهه جون وايون‘، بمبئي، 1988ع، ص: 7، 10، 11 ۽ 12.
7. فهميده حسين، ڊاڪٽر، سنڌي ٻولي، تحقيقي جرنل، جلد - 7، شمارو - 1، 2014ع، ص: 5.
8. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ’شاهه شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو‘، سُر سسئي، وائي - 39، اداره سنڌ شناسي، سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد، 1972ع، ص: 41.
9. ساڳيو، ضميمو - 2، وائي - 17، ص: 207.
10. ٺڪر، هيرو، سنڌي ٻولي، تحقيقي جرنل، جلد - 7، شمارو - 1، 2014ع، ص: 7 ۽ 8
11. ساڳيو، ص: 11.
12. بيگ، مرزا علي قلي، ’رسالو ميان سچل فقير جو‘، ثقافت ۽ سياحت کاتو، حڪومت سنڌ، 2008ع، ص: 104.
13. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ’شاهه جو رسالو‘، سُر آبري، بيت 12، ثقافت ۽ سياحت کاتو، حڪومت سنڌ، 2009ع، ص: 187.
14. درگاهي، اختر، ’اتر سنڌ ۾ ڪافيءَ جو رنگ‘، سنڌي ٻولي، تحقيقي جرنل، جلد - 7، شمارو - 1، 2014ع، ص: 61.
15. بيگ، مرزا علي قلي، رسالو ميان سچل فقير جو، ڀاڱو - 1، سُر آسا، ڪافي - 34، ثقافت کاتو، سنڌ، 2008ع، ص: 118 ۽ 119.
16. بيگ، مرزا علي قلي، رسالو ميان سچل فقير جو، ڀاڱو - 1، سُر آسا، ڪافي - 37، ثقافت کاتو، سنڌ، 2008ع، ص: 119.
17. بيگ، مرزا علي قلي، رسالو ميان سچل فقير جو، ڀاڱو - 1، سُر آسا (ريختو)، ثقافت کاتو، سنڌ، 2008ع، ص: 123.
18. درگاهي، اختر، ’اتر سنڌ ۾ ڪافيءَ جو رنگ‘، سنڌي ٻولي، تحقيقي جرنل، 2014ع، ص: 61.

باب نائون: شاهه لطيف کان پوءِ وائيءَ جي صنف

شاهه عبداللطيف ڀٽائي (1690ع کان 1752ع) جڏهن شاعري ڪرڻ شروع ڪئي ته کانئس اڳ دوهو، سورٺو، دوهو - سورٺو ميل، بيت ۽ وائيءَ جون صنفون سنڌي ٻوليءَ ۾ نه صرف رائج هيون، پر انهن صنفن جا ڪي مستند شاعر به موجود هئا. سندس وڏو همعصر ۽ مستند شاعر ميون شاهه عنات رضوي، مٿين ڄاڻايل صنفن جو پختو شاعر، عمر جي لحاظ کان وڏو، پر نصرپور ۾ موجود هو، جنهن سان شاهه لطيف جي ملاقات يعني چڱيءَ ريت ڪچهري به ٿيل هئي. ان کان سواءِ شاهه لطيف جوڳين، سامين ۽ ساڌو سنتن سان به ڪجهه وقت گڏجي گذاريو، سندن تيرٿ، تڪيا، ماڳ، مڪان، مڙهيون ۽ مندر به ڏٺا. شاهه لطيف ساڻن هنگلاج به ويو ته ساڻن گڏ گنگا ۽ گرنار به ڏٺائين، اتي جي طور طريقن جي ڄاڻ سان گڏ هنن جي مداحيه شاعري ڀڄنن جي صورت ۾ به ٻڌائين ۽ پڪ ئي پڪ ان وقت ۾ رائج ۽ ڳائجندڙ ۽ لکجندڙ شاعري ڪنين ٻڌي، پڙهي، سمجهي ۽ سڃاتي، پوءِ هن انهن جي شاعريءَ کي هيئن سان هنڊائي پاڻ به جا شاعري ڪئي، انهيءَ ۾ سندس لاشعور ۽ تحت الشعور ۾ سمائجي ويل شاعراڻيون صنفون اڀري، نڪري نروار ٿيون، جن کي هن عروج تي پهچائي ڇڏيو.
دنيا جو اهو مڃيل اصول آهي ته هر لکندڙ پنهنجي اڳ واري ٽهيءَ جو تسلسل ٿيندو آهي. هُو حال جو تاڃي پيٽو ماضي ۽ مستقبل کي ذهن ۾ رکي اڻندو آهي، اها اڻت سنڌي شاعريءَ جو محرڪ بڻي ۽ شاهه لطيف کان پوءِ، شاهه لطيف پاران چيل يا لکيل صنفن تي لکڻ جو رواج پيو. هونءَ شاهه لطيف کان به دوهو، سورٺو، بيت ۽ وائي لکبي رهي، جي اڄ تائين لکجي رهيون آهن.
’وائيءَ‘ جو موجد صرف شاهه لطيف نه آهي، پر کانئس اڳ ميران ٻائيءَ جي ڀڄنن ۾ ’وائي‘ ملي ٿي، دادو ديال، بلهي شاهه، خواجه فريد ۽ ميون شاهه عنات وٽ ’وائي‘ موجود آهي ۽ وري شاهه لطيف کان پوءِ به ’وائي‘ لکبي ۽ ڳائبي رهي آهي.
الهه بخش نظاماڻيءَ جو خيال آهي ته،
”وائيءَ جو نمونو قديم راڳ ٺمريءَ تان ورتل آهي. وائي، ڪافي ۽ جهولڻو ٻهراڙين ۾ عام جام يڪتاري، کڙتال (چپڙيون) ۽ دلن تي ڳائيندا آهن. هنن شعرن ۾ نه صرف عشق، محبت ۽ حقيقي سِڪ سمايل آهي، مگر اهي تصوف، اخلاق، محبت ۽ حقيقي عشق جي رنگ ۾ پڻ رتل آهن.“
شاهه لطيف کان پوءِ به جيڪا وائي لکي وئي، تنهن جا به موضوع اهڙا ساڳيا ئي آهن. شاهه لطيف کان پوءِ جي شاعرن جي شاعريءَ ۾ به اسان کي وائي ملي ٿي. روحل فقير 35-1730ع ۾ ڄائو ۽ سندس سنڌي ۽ سرائڪي شاعري موجود آهي. سندس هيءَ وائي ڏسو:
ٿلهه: پوءِ پروڙيم پنڌ، وو! جيجان جوڳيئڙن جو.

بند: 1. نڪي ڊاهي هليا، نڪي جوڙيائون هنڌ، وو!
2. نڪي وڄائن مرليون، نڪي چوريائون چنگ، وو!
3. نڪي ڌوتائون ڌوتيون، نڪي ڌوتائون لنگ، وو!
4. نانگا نڪتا ننگ مؤن، تن نانگن ڪهڙو ننگ، وو!
5. لڳو لاهوتين جو، ’روحل‘ توکي رنگ، وو!(1)

هيءَ ’وائي‘ ’سورٺوڇند‘ تي آڌاريل آهي. هن جي ٿلهه جي پهرئين پد ۾ قافيو ’پنڌ‘ آيل آهي، پر باقي بندن مان فقط پهرئين بند جي ٻئي پد ۾ ’هنڌ‘ قافيو آڻي، پوءِ وري باقي چئن بندن ۾ ’چنگ‘، ’ننگ‘، ’لنگ‘ ۽ ’رنگ‘ قافيو آندو اٿس، پر اهي قافيه آوازن جي آڌار تي بيهاريا اٿس. موضوع جي لحاظ کان هن وائيءَ ۾ روحل فقير جوڳين جي عادتن جي خبر ٻڌائڻ ۽ توڪل تي تڳڻ جو ڏس ڏئي ٿو. سندس ئي هڪ ٻي وائي ڏسو، هن ۾ ڪيئن قافيي جي تڪرار سان ڪن رس ڀريو اٿس.
ٿلهه: سانول تنهنجي سڪ سڪ، ڏاڍي شهر ڀنڀور ۾.

بند: 1. ڳجهيون ڳالهيون ڀنڀور جون، لوڪؤن ڪر لِڪ لِڪ.
2. راتيان ڏينهان روح ۾، چولي ڪيو چڪ چڪ.
3. سر ڏئي سُرڪي سي پين، وٽيءَ ۾ پڪ پڪ.
4. ’روحل‘ روح الله سان، وڃي ٿيو هڪ هڪ.(2)

هيءَ وائي به ’سورٺي ڇند‘ تي آڌاريل آهي. هن وائيءَ ۾ به ٿلهه جي پهرئين پد ۾ قافيو ’سِڪَ سِڪَ‘ رکيو اٿس ۽ باقي بندن ۾ ’لڪ لڪ‘، ’چڪ چڪ‘، ’پڪ پڪ‘ ۽ ’هڪ هڪ‘ آندو اٿس. اهڙو ٻٽو قافيي جو تڪرار پڙهڻ ۾ ئي ڪيترو ردم ۽ سريلو پيو لڳي. موضوع جي لحاظ کان سُر سسئيءَ پاران پنهل جي وئي پڄاڻان، سندس ڳالهيون ٻڌي ڳچ ڳارڻ واري ڪيفيت کي اظهاريو اٿس.
روحل فقير جو هڪ صحبتيءَ به کيس ڏسي فقيري رنڱ ۾ رنڱجي ويو، اهو هو مراد فقير. مراد فقير جي مادري زبان ته سرائڪي هئي، ”سندس جنم 45-1740ع ڌاري ٿيو. سنڌي، هندي، سرائڪي ۽ فارسي ٻوليون پڙهيائين. سندس وصال 1794ع ۾ ٿيو.“(3) هن به ڪجهه سنڌي ۽ سرائڪي وايون چيون آهن، جن جو نمونو هن ريت آهي.
ٿلهه: وارو ڙي وارو يار! هوت اچي پس حال مون.

بند: 1. آءٌ پياري ڪين پڄان، موٽج سيڻ ستار،
وارو ڙي وارو يار!
2. آئي ويل وصال جي، وِٿِ نه سهان وار،
وارو ڙي وارو يار!
3. صبح سندي آسري، هُو تان ورسيون لک هزار،
وارو ڙي وارو يار!
4. مون کي اڄ ’مراد‘ چئي، ڏي دوست پنهون ديدار،
وارو ڙي وارو يار!(4)

هيءَ وائي به ’سورٺي ڇند‘ تي چيل آهي، جنهن جو قافيو ٿلهه جي پهرئين پد ۾ رکيل آهي، جڏهن ته باقي چئن بندن ۾ قافيو هر ٻئي پد ۾ آيل آهي. موضوع جي حوالي سان ته سسئيءَ پاران پنهل جي ڳولا ۾ نڪرڻ ۽ جبل جهاڳڻ، پير پٿون ڪرڻ واري حالت پنهونءَ کي ڏيکارڻ لاءِ سگهه ملڻ جي وينتي ڪيل آهي. سندس سرائڪي ٻوليءَ ۾ وائيءَ جو نمونو ڏيڻ پسند ڪنداسون، اوهان ڏسو ته سندس سرائڪي وائي ڪيئن آهي.
ٿلهه: سؤدا عجب سامان هي، مئين گهر آيا ڍول.

بند: 1. سِر سرواهه سڀ سُودي دي وچ، تم من ڏٺم تول،
مئين گهر آيا ڍول.
2. سُرت نرت سڀ گنواڪي آکان، وسن هميشہ ڪول،
مئين گهر آيا ڍول.
3. گهر گهروندا سڀ ڪجهه ڏتڙم، ساهه سڄڻ تؤن گهول،
مئين گهر آيا ڍول.
4. منت مراد ڪيتوسي سؤدا، جنهن دا تول نه مول،
مئين گهر آيا ڍول.(5)

هيءَ وائي ٿلهه جي لحاظ سان ’دوهو ڇند‘ تي آڌاريل آهي، باقي هر بند ۾ ته عام وائيءَ جيان قافيو سدائين ٻئي پد ۾ ايندو آهي، پوءِ ڀل ته اها وائي ’سورٺو ڇند‘ مطابق ٿلهه واري هجي. هيءَ وائي به عشقيه موضوع تي چيل آهي. عشق اچڻ سان ماڻهوءَ جي سُرت ئي ڇڏائي ٿو ڇڏي ۽ کيس هڪڙو ئي تصور ذهن جي چئن ئي ڪنڊن ۾ ڦيرا پائيندو رهندو آهي، تنهن ڪري ”ڏسان جاڏي ڪاڏي پنهنجو يار مان، اچي نظر نه ٻاجهؤن يار جي.“
صوفي محمد صديق صادق (جنم 1756ع، وصال 1848ع) اهو دؤر ٽالپر حڪمرانن جو آخري دؤر هو. صوفي محمد صديق تي پڻ شاهه لطيف جو اثر جئين جو تيئن نمايان آهي. هن به پنهنجي شاعري ايئن لکي آهي، جيڪي سُر شاهه لطيف جي رسالي ۾ شامل آهن. هن به پنهنجي ڪلام ۾ ’بيت‘ ۽ ’وائي‘ به لکي آهي. هونءَ صوفي محمد صديق پنهنجي ڪلام ۾ ’وائيءَ‘ کي ’صدا‘ ڪري لکيو آهي، پر گهاڙيٽو ساڳيوئي اٿس. سندس وائيءَ جو نمونو هن ريت آهي.
ٿلهه: ويا وڃائي وير، لکين لاکا ڪيترا.

بند: 1. ڪيڏانهن ويا ڪوٽن ڌڻي، جي هئا بادشاهه ۽ پير.
2. پٿر تون نه پٽئين، ڦرن تان نه فقير.
3. ويا ويچارا نڪري، ڏيئي دڙو ڌير.
4. سي ملاح ئي مري ويا، نه اُو سائر سير.
5. ڪُل شيءِ هالڪ الا وجہ، باقي آهه بصير.
6. سهسين ساعتون سنڀرين ٿو، صادق منجهه سرير.(6)

هيءَ وائي ٻه - پدي ٿلهه ۽ ’سورٺو ڇند‘ تي جوڙيل آهي. هن وائيءَ ۾ ڪو خاص تجربو يا نواڻ ناهي. سندس وائيءَ ۾ نواڻ هن وائيءَ ۾ ڏسي سگهجي ٿي، جنهن مان پروڙ پوي ٿي ته صادق فقير به وائيءَ جي گهاڙيٽي ۾ ڪي تجربا ڪيا آهن.
ٿلهه: چارڻ چنگ نه چوريين، پيڙو آهين پاس،
تند تنهنجي مڱڻا، رونجهي آئي راس.

بند: 1. سونهاري ني صبح جو، اٿي ڪر تات.
2. ونءُ اوڏهين مڱڻا، ڏياريندوءِ ڏات.
3. ڪان لهندين مڱڻا، ٻي ههڙي ذات.
4. صادق ساريو سپڙ ڄام کي، رئين نه سڄي رات.(7)

هن وائيءَ جو تجربو بنهه نئون آهي، اهڙو وائيءَ جو گهاڙيٽو مٿي ڪنهن به شاعر جو نه مليو آهي. هن وائيءَ جو ٿلهه بنهه دوهو آهي ۽ چئن پدن تي ٻڌل آهي. قافيو ٻئي ۽ چوٿين پد ۾ ’راس‘ ۽ ’پاس‘ رکيو اٿس، جڏهن ته بندن ۾ قافيو آهي ته ٿلهه جي قافيي سان هم آواز پر هم قافيو نه آهي. بندن جو قافيو ماترائن جي لحاظ کان ٿلهه جي قافيي سان هم وزن ضرور آهي. ان کان سواءِ روحل فقير جي اڳ ڄاڻايل وائي پڻ آهي.
شاهه شريف ڀاڏائي 1207هه ۾ ڄائو ۽ سندس وفات 1246هه ۾ ٿي آهي. شاهه شريف ڀاڏائي (قمبر علي شاهه) شاهه لطيف کان پوري اڌ صدي پوءِ پيدا ٿيو. هن به شاهه لطيف جي رسالي ۾ سُرن تي ٻڌل شاعري ڪئي. هن جي رسالي ۾ شاهه شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو ۾ بيتن سان گڏ وايون به چيون اٿس. سُر سسئيءَ ۾ 14 وايون لکيون اٿس، انهن مان ٻه - پدي ٿلهه ۽ سورٺو ڇند تي چيل وائي هيئن آهي:
ٿلهه: آتڻ ۾ اڄ وو آيو، ڪيچين سندو قافلو.

بند: 1. اچي آريچن سان، ڳري لڳي مون ڳالهايو.
2. صورت ڏسي ساٿيين، سج چنڊ شرمايو.
3. پانڌي ڄام پنهونءَ جا، پيتامبر ساڻ پهرايو.
4. کٽي موٽيا خير سان، شام جنين هو سڌايو.
5. مٿان سيڻين شريف چئي، مالڪ مينهن وسايو.(8)

شاهه شريف وائيءَ ۾ تجربو ڪندي ڪجهه ٽه - پديون، ٿلهه ڀران وايون لکيون آهن، باقي بندن ۾ اهي ئي روايتي ٻه پد رکيا اٿس. هن وائيءَ جي ٿلهه جي پهرئين ۽ ٻئي پد ۾ ’دوهي ڇند‘ کي آندو اٿس، ٿلهه جي ٽئين پد ۾ به ٿلهه جي پهرئين ۽ ٻئي پد وارو قافيو رکيو اٿس ۽ ان ۾ رديف به ڪتب آندو اٿس، جڏهن ته بندن ۾ صرف قافيو، هر بند جي ٻئي پد ۾ رکيو اٿس، باقي ٿلهه جو ٽيون پد صرف وراڻيءَ طور استعمال ڪيو اٿس.
ٿلهه: ڪيچي ڪرم ڪريندا، وو ايندا، ڪيچي قرب ڪريندا،
مون کي تان نه ڇڏيندا، ڇپرين.

بند: 1. پنهون پورهيت پانهنجي، سڳر هيءَ سڏيندا.
2. ڪوٺي ڪنيزڪ کي، نالي سين نيندا.
3. ساڻي ٿي سيج ۾، ڏڍ ڏکيءَ کي ڏيندا.
4. ساٿيئڙا شريف چئي، وٺي هت ويندا.(9)

شاهه شريف ڀاڏائيءَ جي تسلسل جا ڪجهه ٻيا به شاعر آهن، جن جو ڪلام ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي هٿ چڙهيو ۽ هن انهن کي قلم مان ڪڍي، سندن ٿوري ڪلام ۽ سندن سوانح نه ملڻ ڪري، شاهه شريف جي رسالي ۾ ئي درج ڪري ڇڏيو آهي، انهن مان ميان فتح فقير، صاحب ميان جي نالي به شامل آهن. سندن شاعريءَ ۾ بيت، مولود ۽ وائي ملي ٿي. سندس هيءَ وائي ڏسو:
ٿلهه: اديون آرياڻيءَ سان، عشق جو پيچ پنهل سان مون پاتو

بند: 1. ڳالهه سڀائي وس کان ويئي، پاڻ وڃايم هٿان مون پيئي،
نينهن نڀائج ناتو.
2. جوش جڏي ڪئي جان جواني، جتن نه ڏٺو منهنجو جاني،
اڱڻ عجيبن اوراتو.
3. ڪٺل ڪنهن سان ڪين ڪڇي ٿي، پار پنهل جا روز پڇي ٿي،
ڏونگر آهي ڪل ڪاتو.
4. فتح فراق جتن جو جن کي، تير لڳو آهي تن منجهه تن کي،
ساجن جو به سجهاتو.(10)

فتح فقير هن وائيءَ جو ٿلهه ٻه پدائون رکيو آهي ۽ ان جي ٻئي پد ۾ قافيو ’پاتو‘ رکيو اٿس، باقي چئن ئي مصراعن ۾ ٽي پد رکيا اٿس. هر بند جي پهرئين ۽ ٻئي پد کي هم قافيو رکي، ان ۾ جيڪو ٽئين پد جو اضافو ڪيو اٿس، ان جو قافيو ٿلهه جي ٻئي پد سان ملايو اٿس. هن وائيءَ تي ’ڪافيءَ‘ جو گمان ٿئي ٿو. سندس ٻي، ٻه پدي وائي ڏسو، جا ٿلهه کان وٺي چئن ئي بندن ۾ ٻه پدي وائي آهي ۽ ’سورٺو ڇند‘ تي آڌاريل آهي.
ٿلهه: وڃو سڀئي وري، مئيءَ جو محب نه موٽيو.

بند: 1. جتن ڌاران جيڏيون، ٿيم ڀنڀور پري.
2. ڪانه هلندي ڪيچ ڏي، ساهيڙين سري.
3. ڏونگر سي ڏورينديون، پٺيان جن ٻري.
4. فتح چوي فراق ۾، چاڪن ڪيس چري.(11)

فتح فقير وائيءَ ۾ اڃا به ٽيون تجربو ڪيو آهي، اهو هيٺ ڏجي ٿو. اهو تجربو اهڙو آهي، جيئن شاهه لطيف جي هڪڙي ٿلهه ۾ ٻه پدائين ۽ بندن ۾ ٽه پدائين وائي چيل آهي، جنهن کي ڪنهن به رسالي ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي، سواءِ محترم جي. ايم. سيد، پنهنجي پاران ’شاهه جون وايون ۽ ڪافيون‘ ۾ شمار ڪئي آهي، اها آهي:
ٿلهه: لائي ته نماڻيءَ سان نينهه، دوست ائين دل نه مٽجي.

بند: 1. مون کان پاليو نه پڄي، شؤق تنهن جي جو شينهن،
ماس هڏن تؤن ڪپجي.
2. چوپڙ بازي برهه جي، کيڏ نه راتيان ڏينهن،
کل تڏهن جڏهن کٽجي.
3. اچ تون اوري اسان جي، پرت پيالو پيءُ،
گهور پرين ڏهون نه گهٽجي.
4. لائق لال لطيف چئي، گهوريو وڇوڙي وارو ڏينهن،
موٽي مارن سان ملجي.(12)

هاڻ هن وائيءَ جي هيٺان اسين فتح فقير جي ان تتبع تي چيل وائي پڙهندڙن جي اڳيان رکنداسون، پوءِ انهن ٻنهي واين تي ڪا راءِ ڏينداسون.
ٿلهه: ٻاروچي جي ڪاڻ، ٿينديس جبل جوڳياڻي.

بند: 1. آءٌ اُڪنڍي آهيان، الله ساجن آڻ،
نالي جنهن جي ڪيس نماڻي.
2. نهارينديس نڪري، ٻاروچي لاڏاڻ،
پنهون تنهنجي نالي وڪاڻي.
3. اديون آريءَ ڄام جي، ڪَيَمِ عشق اَڄاڻ،
ڄاڻ وڃايم ڄاڻي سڃاڻي.
4. فتح چوي فراق ۾، روئان ساري رهاڻ،
اديون آءٌ نه ڏٺو آرياڻي.(13)

مٿين وائي شاهه لطيف جي ۽ ان هي هيٺيان وائي فتح فقير جي آهي. اوهان کي پڙهڻ کان پوءِ ضرور ڄاڻ پوندي ته فقير پنهنجي وائي، شاهه لطيف جي سؤ سيڪڙو تتبع ڪيو آهي. ٻنهي واين جو ٿلهه ٻه پدائون، ٻنهي پدن ۾ قافيو الڳ الڳ رکيو ويو آهي. شاهه لطيف جي وائيءَ جي ٿلهه جي پهرئين پد ۾ قافيو ’نينهن‘ ۽ ٻئي پد ۾ ’مٽجي‘ آيل آهي، جڏهن ته فتح فقير جي وائيءَ جي ٿلهه جي پهرئين پد ۾ قافيو ’ڪاڻ‘ ۽ ٻئي پد ۾ قافيو ’جوڳياڻي‘ رکيل آهي، باقي بندن جا پهريان پد بي - قافيه، ٻيو پد ٿلهه جي پهرئين پد سان هم وزن ۽ هم قافيه ۽ بند جو ٽيون پد ٿلهه جي ٻئي پد سان هم قافيه رکيو ويو آهي. انهيءَ وائيءَ جي پڙهڻ ۾ عجيب رقت محسوس ٿئي ٿي. ٻنهي واين ۾ ردم ڀرپور ۽ موضوع پڻ ساڳيو، سسئيءَ جو ڏاکڙو آهي.
هن ساڳئي ڪتاب ’شاهه شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو‘ ۾ ٽيون شاعر غلام حيدر فقير ’تيرهو‘ آهي، جنهن ’رسالو حيدري‘ جي عنوان سان گڏايل، ضميمون - 3 ڪري شامل ڪيل آهي. هن فقير جي سوانح بابت به ڊاڪٽر بلوچ کي ڪو خاص مواد هٿ اچي نه سگهيو آهي، پر غلام رسول فقير تيرهيي به شاهه شريف ڀاڏائيءَ جيان بيت، وايون ۽ ڪافيون سُرن جي لحاظ سان چيون آهن. سندس وائيءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
ٿلهه: هوت وٺي هت هاڻي او هاڻي! ڪيچان آيو قافلو.

بند: 1. وري وسائي وريا، آتڻ کي اُڄاڻي، او هاڻي!
2. آيا آسون پنيون، ٿاڪ ڏٺم منجهه ٿاڻي، او هاڻي!
3. مادر اِن مَيَنِ جي، ماري وڌس ماڻي، او هاڻي!
4. تيرها سيم نه ساٿ جي، هاڪ سندي هالاڻي، او هاڻي!(14)

غلام رسول فقير جون وايون به بلڪل شاهه لطيف جي ان رسالي مطابق آهن. هن به سُر جيئن جو تيئن رکيا آهن، جيڪو شاهه جو رسالو سُر سسئيءَ سان شروع ٿئي ٿو ۽ هر سُر جي داستان پويان وايون رکيون اٿس. سندس واين جا موضوع به سُر جي موضوع سان ٺهڪندڙ آهن. هن فقير به ڪافي وايون لکيون آهن، پر اسان جي ڳائڻن، راڳين جي نظر کان نه ڄاڻ ڇو اوجهل رهيو آهي.
غلام محمد خانزئي جو رسالو به شاهه لطيف جي ڇٽيهه سُرن جيان چيل آهي. غلام محمد خانزئيءَ جي جنم جي تاريخ ته نه ملي آهي، پر سندس وصال جي صحيح تاريخ جي ڄاڻ به پئجي نه سگهي آهي. سندس وصال به هيئن ڄاڻايل آهي ته 1320هه کان 1330هه مطابق 1904ع کان 1914ع ڌاري ٿيو هوندو. غلام محمد خانزئي بيت ته سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيا آهن، پر وايون اڪثر سرائڪي ٻوليءَ ۾ لکيون اٿس. غلام محمد خانزئي انگريزي دؤرِ حڪومت ۾ ڄائو ۽ وصال ڪيو هئائين. سندس وائيءَ جو مثال هن ريت آهي:
ٿلهه: عشق تيڏي مجنون ڪيتا، مينون ماهي وي!

بند: 1. ظاهر باطن، ماهي ميڏا، هي ته وسيلا واهي،
واهي ڪيتا مينون ماهي وي!
2. مين گداگر در تيڏي دا، شان تيڏا هي شاهي،
شاهي ڪيتا مينون ماهي وي!
3. سر عشاقين بيشڪ مارين، سخت صحي سر واهي،
سر واهي ڪيتا مينون ماهي وي!
4. تون شهنشاهه شاهي والا، مين تان غلام سپاهي،
سپاهي ڪيتا مينون ماهي وي!(15)

هن وائيءَ جو عجيب گهاڙيٽو گهڙيو ويو آهي. ڏسڻ ۾ ته وائي ’دوهي ڇند‘ تي اچي ٿي. هن وائيءَ جو ٿلهه ٻه پدائون آهي، پر هن وائيءَ جا بند ٽه پداوان ڪيئن جوڙيا اٿس، يعني بند جي ٻئي پد ۾ قافيو، اهو ساڳيو قافيو کڻي، بند ۾ ٽيون پد جوڙي، ٿلهه جي ٻئي پد سان ملايو اٿس. اهڙو تجربو مٿي ڄاڻايل ڪنهن به شاعر وٽ ناهي. سندس روايتي ٿلهه ۽ بندن ۾ ٻه پدي وائيءَ جو مثال ڏسو:
ٿلهه: لُون لُون نال لڳا، سانون نينهن تسادا.

بند: 1. باهه برهه دي مچ مچايا، اندر ڌوڌ ڌڳا.
2. طرف تساڏي مئن مٺي دا، سير سڪ سڳا.
3. رات و ڏينهان تن وچ تيڏا، وڄداور وڳا.
4. غلام محمد مئن ماندي ڪون، تهدل تيري لڳا.(16)

شاهه لطيف جي رسالي جو ٻيو ڇاپو، جيڪو بمبئي نسخو چيو ٿو وڃي، ڇپجي پڌرو ٿيو ته اهو راجستان جي ڪڇ واري علائقي ۾ به پهتو، ڪڇ ۽ ڀڄ جي علائقي جا ماڻهو شاهه لطيف کان ته اڳ ئي واقف هئا جو هُو سامين ۽ جوڳين سان گڏ اچي اهي علائقا گهميا ۽ اُتي رهي ماڻهن سان خيال اوريا ۽ سُور سوريا. اُتان جي ڪن شاعرن جي شاعري ڏٺي، ڳائڻن پاران ٻڌي ۽ پاڻ به ٻڌائي.
ان علائقي جو هڪ درويش صفت شاعر پير غوث محمد شاهه جي نظر مان جڏهن شاهه لطيف جو رسالو گذريو ته هن به شاهه لطيف جي رسالي جي سُرن، بيتن ۽ واين جي تتبع تي شاعري ڪئي. سندس زندگيءَ جو ٽاڻو انگريزن جو دؤر آهي. پير غوث محمد شاهه اصل پير گهراڻي جو فرد آهي، پوءِ ڪن سببن جي ڪري اُتان لڏي پلاڻي اچي ڪڇ ۾ رهيو. سندس ڄم جي سن جي پروڙ پئجي نه سگهي آهي، ”باقي سندس وصال سيوٽ ۾ سنبت 1940 مطابق 1890ع تي ٿيو. سندس شاعريءَ ۾ لهجو ڪڇي گاڏڙ سنڌي آهي. محقق ۽ ٻوليءَ جا ماهر ان تي متفق آهن ته ڪڇي، سنڌي ٻوليءَ جو هڪ لهجو آهي.“ (17)
پير غوث محمد جي رسالي ۾ به هر سُر جي خاتمي تي وائي آيل آهي، ان جو نمونو هن ريت آهي:
ٿلهه: ڪڏهن ملندم سيئي، يا الله! ڪڏهن ملندم سي.

بند: 1. من منهنجي ويٺا، دل منهنجي گهريا جي.
2. خبر مون کي ان جي الله!، آڻي مان ڪوڏي.
3. پيرين پئي آئون نيڻ ڏيان، وو تنهين قاصد جي.
4. من منهنجي ڪڇي پڇي ڪين ڪي، الله پرين پڇي.
5. سائين سببان وو، جيئري مانَ ملي.
6. اکين کان اوڏا آهين الله، ڏسڻ منجهه پري.
7. ماري محمد غوث چئي، منهنجي ويڙا ول کسي.(18)

سندس هيءَ وائي به ٻه پدي ۽ ’دوهي ڇند‘ تي آڌاريل آهي. سندس هڪڙي ٽه - پدي وائي ’دوهي ڇند‘ تي آڌاريل، پر صرف ٿلهه ۾ ٽي پد اٿس، باقي سڀني بندن ۾ اهي ئي دوهي ڇند جا ٻه پد رکيا اٿس ۽ ٽيون پد وراڻيءَ طور استعمال ڪيو اٿس.
ٿلهه: اي ميان هوت، سڻ منهنجو حال، تنهن جي ڳال،
وو! وساريان نه وسري.

بند: 1. اٿي ويٺي دل اندر مون کي، آهي تنهنجو خيال.
2. ڌاران تنهن جي مون نه گهرجي، ملڪ مڙيو ئي مال.
3. سڪڻ ساريس اَهان جي، پيڙو جيئڙو منجهه جنجال.
4. محمد غوث چئي ملڻ لاءِ، ڪانگ اڏايم ڪال.

هن وائيءَ جي ٿلهه ۾ ٽه - پدو تجربو ڪيو اٿس، باقي سمورا بند اهي ئي ٻه - پدا لکيا اٿس. باقي پير غوث محمد شاهه وٽ ’سورٺي ڇند‘ تي به وايون چيل ڏسجن پيون. اهي به گهڻو تڻو روايتي آهن، انهن ۾ وڌيڪ ڪابه خاص نواڻ پيدا ڪري نه سگهيو آهي.
فقير قادر بخش بيدل جو شمار به سنڌي اساسي شاعرن ۾ ٿئي ٿو. پاڻ 1231هه ۾ پيدا ٿيو ۽ 16 ذوالقعد 1289هه ۾ هي فاني جهان ڇڏي ويو.
”فقير قادر بخش بيدل عربي ۽ فارسيءَ جي اعليٰ تعليم حاصل ڪئي، پوءِ روحانيت جي طلب لاءِ سنڌ جي مختلف شهرن جو سئر سفر ڪيائين. شاهه لطيف ۽ سچل سرمست کان پوءِ بيدل جي ڪلام کي هند ۽ سنڌ ۾ وڏي مقبوليت حاصل ٿي.“ (19)
بيدل فقير سنڌي، سرائڪي بيت، وايون ۽ ڪافيون پڻ چيون، جڏهن ته فارسي ۽ عربيءَ ۾ سندس غزل ۽ مثنويون ملن ٿيون. سنڌي ڪافيءَ سان گڏوگڏ، شاهه لطيف ۽ ان کان پوءِ جي سنڌي شاعرن جيان فقير بيدل به ’وائي‘ خوب لکي آهي ۽ ان ۾ به ڪي تجربا ڪيا اٿس. سندس هيءَ عام ٻه - پدي وائي ڏسو ڪيئن آهي.
ٿلهه: اڏر پکيئڙا ونءُ واهيري، نڪري منجهه ناسوت.

بند: 1. جنهن وساريو قالب خاڪي، آهي ماهِرُ ۾ ملڪوت.
2. پاڻ سڃاڻ ته آهين عارف، جاءِ تنهن جي جبروت.
3. گهڻا ڏينهن وٿاڻ هو تنهن جو، لامڪان لاهوت.
4. آدم حوا کئون هئين تون اڳهين، بيشڪ ۾ باهوت.
5. بيدل ڪر پرواز جو سعيو، هل موٽي هاهوت.(20)

هيءَ وائي ’دوهوڇند‘ تي آڌاريل آهي. هن وائيءَ ۾ ٿلهه کان سواءِ پنج بند آيل آهن، هر بند جي ٻئي پد ۾ قافيو آيل آهي. هن سڄي وائيءَ ۾ صوفين ۽ سامين جي مقامن جو ذڪر ڪيل آهي. اها به وائيءَ جي صنف ۾ نواڻ ٿي سگهي ٿي.
بيدل فقير جي هيءَ وائي ’سورٺو ڇند‘ تي چيل ڏسو.
ٿلهه: پُريا پورب پار، سامي سنگ ڇني ويا.

بند: 1. گرکؤن سمجهيو گودڙئين، الستي اسرار.
2. راتيان ڏينهان هڪڙو، آديسين اوٽار.
3. لوڪؤن لاهوتي هليا، گنوهيا گرنار.
4. بيدل بيراڳڻ هوئي، ڪاجا تن تنوار.(21)

هيءَ وائي جوڳين ۽ سامين جي اهڙن اسرارن ڏانهن اشارو ڪيو اٿس. هيءَ وائي سامي واد يا ويدانت تي آڌاريل آهي. هن کان اڳ آيل وائي پڻ ويدانت ۾ شمار ٿي سگهي ٿي. بيدل فقير وائيءَ ۾ تجربو پڻ ڪيو آهي. هيءَ وائي ڏسو.
ٿلهه: آيو نينهؤن نور نيارو، اڄ انسان اوتار ۾.

بند: 1. عبديت جي اولي ٻولي، لاميم محب موچارو،
رک گوش انهيءَ گفتار ۾.
2. ايڏانهن اوڏانهن حق حقيقت، پسي پنهنجو پاڻ نظارو،
ٿي عاشق پيو اوٽار ۾.
3. دين ڪفر جو دلبر سائين، ڪري پرتؤن پاڻ پسارو،
آيو تسبيح ۽ زنار ۾.
4. محب منصوري جامو پهري، هنيو هستيءَ وارو نعرو،
ڏاڍي خيال ڪنهين خمار ۾.
5. بيدل نالي جڳ ۾ جالي، سو رانول رمزن وارو،
ڪرڻ سئر آيو سنسار ۾.(22)

هيءَ وائي مٿي ذڪر ڪيل شاهه لطيف ۽ فتح فقير جي واين جهڙي هوبهو وائي آهي. هن وائيءَ ۾ بيدل فقير ٿلهه جي پهرئين پد ۾ قافيو ’نيارو‘ ۽ ٻئي پد ۾ قافيو رديف سميت ’اوتار ۾‘ رکيو آهي، اتي ’۾‘ رديف طور ڪم آيل آهي، باقي بندن جي هر ٻئي پد ۾ قافيو، ٿلهه جي پهرئين پد جي هر قافئي سان هم قافيو رکيو اٿس. جيئن ’نيارو‘ جو هم قافيو ’موچارو‘، ’نظارو‘، ’پسارو‘، ’نعرو‘ ۽ ’وارو‘ ۽ رديف ’۾‘، ’گفتار ۾‘، ’اوتار ۾‘، ’زنار ۾‘، ’خمار ۾‘ ۽ ’سنسار ۾‘. اهوئي سبب آهي جو اسان جي محققن اهڙين واين کي به ’ڪافيءَ‘ جي صنف ۾ شمار ڪري ڇڏيو آهي.
مصري شاهه 1828ع ۾ نصرپور جي سرزمين تي پيدا ٿيو، سندس وڏا پاڻيءَ جي ٻوڏ ڪري 1769ع - 1772ع ۾ لڏي اچي نصرپور ۾ جايون جوڙي ويٺا. مصري شاهه پورا سورنهن ورهيه مختلف ملڪن جا سئر سفر ڪيا. هو پنهنجي گهروارن کي ٻڌائڻ کان سواءِ جوڳين ۽ سامين سان گڏجي هليو ويو هو، جڏهن چاليهه ورهين جي عمر ۾ نصرپور واپس آيو ته سندس سڳو ڀاءُ به کيس سڃاڻي نه سگهيو. مصري شاهه کي راڳ ۽ راڳڻين جي ڀليءَ ڀت واقفيت هئي. هو پنهنجي جوڙيل ڪلام، سندس وقت ۾ درگاهه تي راڳ ڳائيندڙ فقيرن يا ڳائڻن کان اول ڳارائي، راڳ ۽ ڪافيءَ جي تلفظ جي پَڪ ڪري پوءِ ڳائڻ جي اجازت ڏيندو هو.
”سندس سڄو ڪلام هندي، سنڌي، سرائڪي، اردو ۽ فارسيءَ ۾ آهي، جيڪو ڪافيون، بيت ۽ واين تي ٻڌل آهي. سندس ڪجهه عربي شاعري ملي نه سگهي آهي.“(23)
مصري شاهه جنهن زماني ۾ شاعري ڪندو هو، سنڌ ۾ اهو زمانو علم عروض جو ڪوٺيو وڃي ٿو، تنهن ڪري هن ڪيتريون ئي ڪافيون ۽ غزل علم عروض تي پڻ لکيون، پر هُو هندي ڇندوديا کان اڻڄاڻ نه هو، تنهن ڪري هن بيت ۽ وايون به چيون آهن.
مصري شاهه نصرپور ۾ ئي 78 ورهين جي ڄمار ۾ 1902ع ۾ آڌيءَ رات هي خاڪي جهان ڇڏي ويو. هن واين ۾ به تجربا ڪيا آهن. سندس ٻٽي يا ٻه - پدي وائي هن ريت آهي.
ٿلهه: اسان اميدون وڏيون وڏيون، اڃا آهن تو ۾.

بند: 1. هاڻ مڙئي حيلا حجتون، ڇيهه ڇني مون ڇڏيون ڇڏيون.
2. پاڻ سڃاڻي ساجن سڪنديون، سُهجن سان تون سڏيون سڏيون.
3. دعوائون دوبينائيءَ جون، لؤن تنهن جي سان لڌيون لڌيون.
4. لا تقنطو من رحمة الله، جاني جياريئي جڏيون جڏيون.
5. محب مصريءَ سان ماڻا ڇڏيو، رمز واريون رڏيون رڏيون.(24)

هيءَ سندس وائي، ٻه - پدي، ’سورٺو ڇند‘ تي آڌاريل، قافيو ٿلهه جي پهرئين پد ۾ ٻٽو رکيو اٿس، باقي بندن جي هر ٻئي پد ۾ قافيو رکيو اٿس. سندس هيٺ آيل وائي پوري جا پوري ٿلهه کان وٺي هر بند تائين ٽه - پدي ۽ ان ۾ عجيب نواڻ آندي اٿس. اها ڏسو ڪيئن آهي.
ٿلهه: ڌراڙن ري دم، آءٌ ٿي قيد گذاريان،
آءٌ ٿي گهنگهر گهاريان.

بند: 1. حاڪم هئين، هڻين هٿن سان، ناهي اوهان نَيم،
ڏي موڪل ته وڇون وڃي چاريان.
2. اصلؤن ايئن لکيو منهنجي انگ ۾، ڪُن فيڪون جو قلم،
هت پئي پر وس پاريان.
3. اُنُّ مٽائي اوڍيان اطلس، اي پڻ ڪوجهو ڪم،
ڪيئن ويڙهيچن کي وساريان.
4. من ۾ ماروئڙن جو ’مصري‘، کجڻ خيال ختم،
هتي هئه هئه هنجون هاريان.(25)

هن وائيءَ ۾ عام وائيءَ کان مختلف تجربو هي ڪيو اٿس، جو ٿلهه کان وٺي چئن بندن تائين وائي ٽه - پدي رکي اٿس، وري ان سان گڏوگڏ ٿلهه جي پهرئين پد ۾ رکيل قافيو ڌار آهي ته وري ٿلهه جي ٻئي پد ۽ ٽئين پد جا قافيه هم وزن رکيا اٿس. بندن ۾ به وري ٻئي پد جو قافيو هم وزن ۽ ٽئين پد جو قافيو ٿلهه جي پهرئين پد ۾ آندل قافيي سان هم وزن ۽ ٽئين پد جو قافيو ٿلهه جي ٻئي ۽ ٽئين پد سان هم وزن بيهاريو اٿس. ساڳئي گهاڙيٽي ۾ سندس ٻي وائي رسالي جي 63 صفحي تي به موجود آهي، سندس رسالي ۾ اڃا به ڪيتريون ئي وايون موجود آهن.
حمل فقير لغاري، سنڌي ۽ سرائڪي ٻولين جو اهڙو شاعر آهي، جنهن کي سنڌي ۽ سرائڪي ٻولين جي سمورين خوبصورتين ۽ نزاڪتن جي پوري پروڙ هئي. سندس شاعري پڙهڻ کان پوءِ اهو طئه ڪرڻ ڪافي مشڪل ٿي پوندو ته سندس ڪهڙي ٻوليءَ جي شاعري وڌيڪ اثرانگيز، وڌيڪ شاعراڻن خيالن ۽ خوبين جي اپٽار ڪري سگهيو آهي.
حمل فقير جي شاعريءَ تي سنڌ ۾ سگهڙن واري رنگ جو به اثر هو ۽ هُو ڪڏهن به في البديهه شاعري ڪري سگهندو هو ۽ فرمائشي شاعريءَ ۾ به پنهنجا شاعراڻا جوهر جهڪا نه ڪندو هو. جيئن پاڻ ئي ان ڳالهه جي تصديق هن بيت ۾ ڪئي اٿس ته،
”حمل کي ارشاد ڪيائون ته هو نقشبندي طريقي بابت سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ مستند صحيفو تيار ڪر، جنهن ۾ مختلف لطيفن ۽ انهن جي مقامن کي بيان ڪر.“(26)
حمل فقير ان جو ذڪر هن ريت ڪيو:
هڪڙي ڏينهن فرمايائون فضل سان مون کي مهر منجها،
ته جوڙ حمل! تون هڪڙو صحيفو صحيحا،
صحيح صحيفو جوڙ تون، ساري سنڌي وا،
سولي سنڌي سوکڙي، سمجهڻ سڀني لا،
تنهن ۾ طريقي نقشبنديءَ جو ڪر تون بيانا،
۽ ڪر تون بيان لطيفن جو ۽ تن جا مقاما.(27)

حمل فقير جي ولادت 1224 هجريءَ مطابق 1809ع ۾ ۽ سندس وفات 1296هجري، مهينو صفر جي ٻه تاريخ لکي وئي آهي. کيس شاعريءَ سان ننڍي هوندي کان ئي دلچسپي هوندي هئي جو سندس والد پڻ شاعري ڪندو هو. ”حمل ننڍي هوندي کان ئي ذهين ۽ سليم طبع ڇوڪرو هوندو هو، تعليم وڌيڪ سندس ذهن ۽ ذڪاوت کي کوليو. سندس والد رحيم خان هڪ نڪته سنج ۽ خوش طبع شخص هو ۽ گاهي بگاهي پنهنجي انوکن خيالن کي سنڌي شعر ۾ نهايت دلچسپ نموني ادا ڪندو هو.“(28)
حمل فقير پنهنجو گهڻوتڻو ڪلام بيت، مدح، مناجات، ٽيهه اکري ۾ لکيو آهي، سندس ڪلام ۾ وايون تمام ٿوريون ٿيون ڏسڻ ۾ اچن، جن کي به بلوچ صاحب ’ڪافي‘ ڪري لکيو آهي، پر اهي دراصل وائيءَ جي گهاڙيٽي ۾ چيل آهن. هن وائيءَ ۾ ڪي خاص تجربا نه ڪيا آهن، جيئن خاص ڪري سرائڪي بيت ۾ ڪيا اٿس. سرائڪي سندس مادري ٻولي هئي. سندس شاعريءَ تي سگهڙن جو رنگ به چڙهيل نظر اچي ٿو. ”حمل جي بيتن مان معلوم ٿئي ٿو ته شاعرانه سگهڙپائيءَ جي ميدان ۾ سندس اها اوائلي ڪوشش هئي.“(29)
هاڻ ڳالهه ڊگهي ٿي ويئي آهي. اسان پڙهندڙن کي سندس هيءَ وائي پڙهڻ لاءِ پيش ڪريون ٿا.
ٿلهه: پٺيءَ پير پوان، مان نه لهان، وو! ڏسي ڏوريءَ ڏونگر.

بند: 1. سڌ نه منهنجي سور جي، اديون ناهه اوهان.
2. پاسي پلڪ پنهونءَ کؤن، سرتيون آءٌ نه سهان.
3. اديون آريچن جا، نت نت سور سنوان.
4. حمل چئي هوتن ريءَ، رتي آءٌ نه رهان.(30)

”سنڌ جي هن نامياري شاعر ۽ صوفيءَ پنهنجي مشاهدي ،مطالعي ۽ سير سفر جي ذريعي سنڌ جي سماجي حالتن جو گهرو ادراڪ حاصل ڪيو ۽ ان سوجهيءَ کي تخليق جو رنگ ڏنو. اهڙيءَ طرح هڪ حساس، وطن دوست ۽ اعليٰ قدرن جي مالڪ انسان جي صورت ۾ پنهنجي سموري ڄاڻ کي انساني روح جي فرحت ۽ وطن جي ڀلائيءَ واسطي استعمال ڪندي، پنهنجي فن، فڪر بلڪ وجود جي ڪارائتي هجڻ جو جواز فراهم ڪيو.“(31)
حمل فقير سير سفر ۾ جيڪي ايترا سال سامين سان گڏجي گذاريا، انهيءَ دوران کيس راڳ جي خاص ڄاڻ حاصل ٿي چڪي هئي. انهيءَ جو اظهار سندس شاعريءَ مان به جهلڪندي ۽ ڊاڪٽر بلوچ چواڻي ته هُو پنهنجي چيل ڪافي سندس وڏڙن جي درگاهه تي گائڪ فقيرن کان راڳ ۽ تلفظ جي لحاظ کان اول پڪي ڪرائي، پوءِ کين ڳائڻ جي اجازت ڏيندو هو. منهنجي خيال ۾ شاهه لطيف پڻ ايئن ئي ڪندو هو يا ساڻن گڏجي ويهي چوندو ۽ ڳائيندو ويندو هو.
هي ڪجهه شاعر، جن جي شاعريءَ مان اسان وائيءَ جا ڪجهه مثال ڏنا آهن، انهن کان سواءِ به ڪيترائي اساسي شاعر آهن، جن ’وائيءَ‘ جي صنف تي لکيو آهي. اسان کي ته ’وائيءَ‘ جي صنف جا ڪجهه مثال ئي پيش ڪري اهو ثابت ڪرڻو هو ته شاهه لطيف جيڪا صنف سنڌي شاعريءَ ۾ دادو ديال، ميران ٻائي ۽ شاهه عنات رضويءَ کان پوءِ مروج ڪئي، اها صنف شاهه لطيف وٽ اچي بيهي نه وئي، پر ان کان پوءِ به لکبي رهي ۽ ’وائي‘ بلڪل جديد ترين دؤر تائين شاعر لکندا ٿا اچن، جن جا باب اڳتي ايندا.

[b]حوالا[/b]

1. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ’قافيون‘ جلد - 1، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 1985ع، ص: 42.
2. ساڳيو، نمبر 67 ص: 42.
3. ساڳيو، نمبر 74 ص: 46.
4. ساڳيو، ص: 46.
5. ساڳيو، وائي 76، ص: 47.
6. صادق محمد صديق صوفي، راڳنامو، سُر ڏهر، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، ص: 12.
7. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ’شاهه شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو‘،سنڌالاجي، 1972ع، ص: 15 ۽ 16.
8. ساڳيو، وائي - 5، ص: 15.
9. ساڳيو، ضميمو - 2، ص: 212 ۽ 213.
10. ساڳيو، ضميمو - 2، ص: 212 ۽ 213.
11. سيد، جي.ايم.، ’شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جون وايون ۽ ڪافيون‘، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 1991ع، ص: 183.
12. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ’شاهه شريف ڀاڏائيءَ جو ڪلام‘، اداره سنڌ شناسي، سنڌالاجي، 1972ع، ص: 215.
13. ڪتاب ساڳيو، ضميمو - 3، ص: 235.
14. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، غلام محمد خانزئيءَ جو ڪلام، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه، حيدرآباد، 1985ع.
15. ساڳيو، سُر ڪلياڻ، داستان - 3.
16. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، پير غوث محمد جو ڪلام، ثقافت ۽ سياحت کاتو، حڪومت سنڌ.
17. ساڳيو ڪتاب، ص: 56.
18. شوق، نواز علي، ڊاڪٽر، ’ديوان بيدل‘، ڇاپو ٽيون، ’بيدل جي شاعريءَ جو جائزو‘ سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 2000ع، ص: 23.
19. ڪتاب ساڳيو، سرود سسئي - 7، ص: 114.
20. ڪتاب ساڳيو، روپ پورب - 16، ص: 117.
21. ڪتاب ساڳيو، روپ سسئي - 36، ص: 125.
22. بهراڻي، عرس فقير، ڊاڪٽر، مصري شاهه ميموريل ڪاميٽي، نصرپور، ڇاپو ٽيون، ص: 15.
23. ساڳيو ڪتاب.
24. ساڳيو ڪتاب، ص: 41.
25. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، حمل فقير جو ڪلام‘، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، ص: 13
26. ساڳيو، ص: 13.
27. ساڳيو، ص: 92.
28. ساڳيو، ص: 20.
29. ساڳيو، ص: 146.
30. ساڳيو، ص: 146.
31. ساڳيو.

باب ڏهون: جديد دؤر ۾ وائيءَ جي واڌ ويجهه

سنڌي ادب ۾ جديد دؤر اسان حقيقت ۾ ننڍي کنڊ ۾ سياسي توڙي ادبي طرح انگريز راڄ کان ڳڻيون ٿا، يعني سنڌ سڄي ننڍي کنڊ کان پوءِ انگريزن جي راڄ هيٺ آئي. اهو سن 1843ع جو هو، جڏهن انگريزن سنڌ کي فتح ڪرڻ جو گناهه ڪيو. انهن اسان جي ان وقت ۾ رائج تعليم، اصولن ۽ سيکارڻ جي طريقن کي، نصاب مان نيڪالي ڏني ۽ سنڌ جي آخري فرمان روائن کي قيد ڪري ڪلڪتي موڪلي ڇڏيو.
”اسان جي ادب جو جديد شاعر مير عبدالحسين ’سانگي‘ ولد مير عباس عليءَ کي 1851ع ۾ ڪلڪتي ۾ قيد يا ملڪ بدريءَ واري دؤر ۾ تولد ٿيو. ان حد تائين جو سندس والد مير عباس عليءَ جي وفات به ڪلڪتي ۾ ئي ٿي. مير عبدالحسين ’سانگي‘ جڏهن پنهنجي چاچي مير حسن عليءَ سان جلاوطني ختم ٿيڻ کان پوءِ 1863ع ۾ سنڌ ۾ وارد ٿيو ته هُو انگريزي، فارسي، اردو ۽ سنڌي ٻولين تي خاص مهارت رکندو هو، جڏهن ته سندس والده جي ٻولي انگريزي هئي، تڏهن به هن کي سنڌي ٻوليءَ تي ايتري مهارت هئي، جو هن فارسيءَ سان گڏوگڏ چيدي سنڌيءَ ۾ شاعري ڪئي، پر سندس شاعري اڪثر نظم ۽ غزل آهي. جيتوڻيڪ انهن صنفن يا فارسي ٻوليءَ جي شاعراڻين صنفن تي عام جام لکيو ويندو هو، پر ’سانگيءَ‘ جي زماني ۾ سنڌي غزل پنهنجي ابتدائي مرحلن ۾ هو. سانگيءَ ان ۾ پنهنجي خدا داد قابليت ۽ چابڪ دستيءَ سان اهڙو رنگ ڀريو جو سنڌي نهايت دلڪش نموني هڪ انوکي مزاج سان اسان جي سامهون پيش ٿيو.“(1)
سانگي پهريون شاعر هو، جنهن سنڌي غزل گو شاعريءَ ۾ سنڌي محاورا ۽ تشبيهون استعمال ۾ آنديون. هن نه صرف ايترو پر پنهنجي شاعريءَ ۾ سموري سنڌي ماحول کي ايراني ماحول تي اهميت ڏني، جيتوڻيڪ سندس ئي دؤر ۾ ٻيا به ڪيترائي شاعر شاعريءَ جي ميدان ۾ موجود هئا، پر انهن جي شاعريءَ ۾ گهڻوتڻو ماحول، محاورن، تشبيهن سميت ايران زده هئي، انهن مڙني انهن صنفن تي طبع آزمائي پئي ڪئي، جيڪي صنفون ايراني شاعريءَ سان گڏ اسان جي ٻوليءَ جي جهوليءَ ۾ وڌيون ويون هيون، پر پوءِ ڪي مڙس مٿير، ٻوليءَ جي سارسنڀال لهندڙ اڀريا، اسريا ۽ سنڌي نج ٻولي ۽ سنڌ جي ماحول ۽ هر شيءَ کي پنهنجي شاعريءَ ۾ جاءِ ڏني. تنهن هوندي به سڀ کان وڌيڪ ڪشنچند ’بيوس‘ (1885ع کان 1947ع) جا جيڪي شعري مجموعا ڇپجي پڌرا ٿيا، اهي ڏسو ته انهن جا نالا ۽ عنوان هيئن رکيا اٿس: ’شيرين شعر‘، ’موچي جا گيت‘، ’شيرين ڪلام‘، ’ڦولداني‘ ۽ ’سامونڊي سپون‘ ڇپيا، جن ۾ سندس سمورا نظم ۽ غزل سنڌي ماحول جي عڪاسي ڪن ٿا، پر هنن وٽ اڪثر سنڌي ڪلاسيڪي صنفون نه هيون.
انهيءَ دؤر جي پڄاڻيءَ کان ٿورو ئي اڳ، سنڌي شاعريءَ جي اُڀ تي شيخ مبارڪ علي اياز، عرف عام ۾ شيخ اياز ولد شيخ غلام حسين 1920ع ۾ شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. کيس ننڍي عمر کان ئي شاعريءَ ڏانهن جهڪاءُ هو ۽ سندس مرتئي يعني 1997ع تائين پنجاهه جي لڳ ڀڳ شاعريءَ جا ڪتاب ڇپجي، پاڻ موکي چڪا آهن. شيخ اياز ئي اهو شاعر هو، جنهن جي چواڻي ته مون بيت ۽ وائيءَ کي اساسي شاعريءَ جي چڙهي ويل دز کي ڇنڊي ڦوڪي ٻيهر نکاري نروار ڪيو. شيخ اياز دوهو، سورٺو، بيت، گيت، لوڪ گيت ۽ وائي به لکي، ان سان گڏوگڏ غزل، ترائيل، نظم، آزاد نظم، نثري - نظم ۽ هائيڪو پڻ لکيا آهن.
شيخ اياز وائيءَ جي صنف تي پورو ڪتاب لکي سنڌي ماڻهن کي پيش ڪيو. سندس هر ڪتاب ۾ وائيءَ جي صنف ملندي. ان کان پوءِ سندس ٽهيءَ جي شاعرن به انهن صنفن تي لکڻ شروع ڪيو ۽ اڄ تائين هر نوجوان شاعر ’وائي‘ لکي رهيو آهي.
شيخ ’اياز‘ چواڻي ته هن شاهه لطيف کان متاثر ٿي ’وائي‘ لکي آهي. سندس ڪيترن ئي شاعراڻن ڪتابن ۾ ’وائي‘ موجود آهي. سندس ڪتاب ’ڪپر ٿو ڪُن ڪري‘ ۾ شاهه لطيف جي چيل سُرن تي نوان ’بيت‘ ۽ ’وايون‘ لکيون اٿس. انهن واين ۾ هن به ڪي تجربا ڪيا آهن. سڀ کان وڏو ۽ اهم تجربو اهو ڪيو ته هن ’وائي‘ ڇندوديا جي بدران علم عروض تي به لکي ۽ ان ۾ غمِ جانان سان گڏ غمِ دوران کي به شامل ڪري ڇڏيو. سندس ’وائي‘ هونءَ ته شاهه لطيف جي ’وائيءَ‘ کان اڳتي نڪري نه سگهي آهي. سندس وائيءَ جي هيئت ۽ موضوع جداگانه ۽ جديد آهن. سندس اهڙيون وايون جيڪي فارسي بحر ۾ چيل آهن، پر انهن ۾ قديم وائيءَ جو تسلسل آهي جو درحقيقت وائيءَ جي صنفِ سخن جي جان آهي. سندس هيءَ وائي ڏسو:
ٿلهه: اڀري الهي ڪوٽ تي، ويو سج ٻڏي،
ماڳ نه موٽي مارئي!

بند: 1. ايئن به ناهي منڌ جي، لوئيءَ لڄ لڏي،
ماڳ نه موٽي مارئي!
2. آهيري جي اوٽ ٿيا، پکي پار اڏي،
ماڳ نه موٽي مارئي!
3. ڪنهن جو کنئين کوهه تان، ڌرتي ڇونه ڌڏي؟
ماڳ نه موٽي مارئي!
4. سَرهي ٿئي ساٿ سان، اچي شال اڏي،
ماڳ نه موٽي مارئي!(2)

هن وائيءَ جو ٿلهه ٽه - پدو آهي ۽ وائي ’دوهوڇند‘ تي چيل آهي. ان جو ٽيون پد الڳ، وراڻيءَ طور ۽ مٿين ٻنهي پدن ۾ آيل سوال جو جواب به آهي، باقي چئن ئي بندن جا قافيه ٿلهه جي ٻئي پد سان ميل کائن ٿا يا هم وزن آهن.
شيخ اياز جي پنهنجي هن ئي ڪتاب جي سُر ڪيڏارو ۾ هڪڙي وائي آهي، جيڪا مٿي بيان ڪيل وائيءَ کان مختلف آهي.
ٿلهه: جهيڙي ۾ جهونجهار، يار! ساٿي سج اڀار، يار!
مون من اوهان موهيو.

بند: 1. ڄڻ ڪا ڪني سج جي، آهه ڪهاڙيءَ ڌار، يار!
مون من اوهان موهيو.
2. ڍوڍو لسيءَ ڍڪ سان، کيڙيءَ ۾ کيڪار، يار!
مون من اوهان موهيو.
3. ڏيهي منهنجي ڏيهه جا، ماڻهو ميگهه ملهار، يار!
مون من اوهان موهيو.
4. مولهيا مولهيا ماڳ ۾، لکين ساٿ سچار، يار!
مون من اوهان موهيو.
5. نيٺ ته وجهندءِ ڏاڍ جي، ڏونگر ۾ ڏهڪار، يار!
مون من اوهان موهيو.
6. نيٺ ته وسندا مينهڙا، ٿيندا سنڌ سڪار، يار!
مون من اوهان موهيو.(3)

هيءَ وائي ’دوهو ڇند‘ تي چيل آهي، جڏهن ته قافيو ’جهونجهار‘ ۽ ’اڀار‘ ٿلهه جي ٻنهي پدن ۾ آندو اٿس، پر وري ٿلهه جي ٻئي پد ۾ لفظ ’يار‘ رديف طور ۽ انهن کي تخاطب طور ڪم آندو اٿس، ڄڻ ته انهن جي نشاندهي ڪندي ڏيکاريو اٿس.
شيخ اياز وري وائيءَ جو هن ريت به تجربو ڪيو آهي. هن وائيءَ ۾ چار پد آهن، ٿلهه جي ٻن پدن مان قافيو ’نهار‘ ۽ وري ٽئين پد ۾ قافيو ’وسار‘ ۽ چوٿين پد ۾ ’لڪن ۾‘ رکيو اٿس، پر هن وائيءَ جو هر بند به ٻه - پدائون ۽ قافيو فقط هڪڙو، بند جي ٻئي پد ۾ رکيو اٿس. ڏسو وائيءَ جو گهاڙيٽو ڪيئن آهي:
ٿلهه: ساٿي پنهنجا سڃ جا، پٺتي ڪيم نهار!
اڳتي وڌ، وسار،
منهنجو لوڙهه لڪن ۾.

بند: 1. ورُ جو ماڳ ۾ مري، هيئن نه هنجون هار!
2. تون ئي منهنجو آجپو، اڀري ڏونگر ڏار!(4)

شيخ اياز جي اصل ٻه - پدي وائي به آهي، اها هن ريت لکي اٿس:
ٿلهه: ڏانءُ نه منهنجي ڏات، مُلهه چڪايو مون ميان!

بند: 1. مون جو قيد قبوليا، اٿي آڌيءَ رات.
2. اڄ به سوگهو سنگهرين، وهاڻي پرڀات.
3. سِر کي توريم ساهميءَ، وائي ورتم وات.
4. اوجل، نڪتي آڳ مان، لهس نه آئي لات.(5)

هيءَ وائي سورٺي ڇند تي چيل آهي، جنهن جو قافيو ٿلهه جي پهرئين پد ۾ ’ڏات‘ آهي، جڏهن ته بندن ۾ ’رات‘، ’پرڀات‘، ’وات‘ ۽ ’لات‘ رکيا اٿس. وراڻي طور ٿلهه جو ٻيو پد رکيو اٿس.
شيخ اياز وائيءَ ۾ هي به تجربو ڪيو آهي جو هن وائيءَ جي ٿلهه ۾ ٽي پد آهن، پر پهرئين ۽ ٻئي پد ۾ قافيو هم وزن رکيو اٿس، ٿلهه جو ٽيون پد وري وراڻيءَ طور استعمال ڪيو اٿس.
ٿلهه: راڻا جي رڻ جهاڳ، ڀيڙا آهين ڀاڳ،
تن جي توهه تڳي هينئون.

بند: 1. وک وڌائي واءَ جيئن، جن جي هٿين واڳ.
2. ڏونگر مٿان ڏيئڙا، جن جي اکين آڳ.
3. سرجن سانوڻ مينهن جيئن، جن جي چپن راڳ.
4. لڪ ڇپ ڪئي لوءِ ۾، مون سان منهنجي ماڳ.
5. او شل! آرهڙ سج ۾، چمڪي پرين ڀاڳ.
تن جي توهه تڳي هينئون.(6)

شيخ اياز جي هيءَ وائي ’دوهو ڇند‘ تي آڌاريل آهي. هن جي ٿلهه ۾ يارنهن يارنهن ماترائون آهن، پر ٿلهه جي ٽئين پد ۾ تيرنهن ماترائون ڪتب آنديون اٿس. هن وائيءَ جي بندن جي پهرئين پد ۾ تيرنهن ۽ ٻئي پد ۾ يارنهن ماترائون رکيل آهن. هن وائيءَ جو لب لباب اهڙن رهبرن ڏانهن اشارو آهي، جيڪي قوم کي سماج ۾ اڳتي وٺي وڃڻ ٿا چاهين. آخري بند ۾ شيخ اياز جو پرين سنڌ وطن آهي. ان کان وڌيڪ وضاحت کي اسان ضروري نه ٿا سمجهون.
حقيقت ۾ شاعري اها ئي مقبول ۽ زبان زد ٿيندي آهي، جنهن ۾ صنعت گري گهٽ ۽ اندر جي اُڇل، سمنڊ جي ڇوليءَ جيان پاڻ مرادو اڀري اچي ۽ پڙهندڙن جي ذهنن تي ڇانئجي وڃي. شعر لاءِ چيو وڃي ٿو ته، ”جيستائين قلب جي خون منجهان اکر ڳاڙها ٿي نه نڪرن ۽ خودبخود بغير ڪوشش جي زبان تائين نه پهچن، ان کي شعر چئي ڪونه سگهبو.“(7)
هاڻ جيڪڏهن شاعريءَ لاءِ مٿين ڪسوٽي ڪري وٺجي ته پوءِ اسان جي اڄوڪي دؤر جي ڪيتري شاعري قلب جي رت ۾ رتل آهي ۽ ڪيتري شاعري صنعت گريءَ ۾ شامل ڪبي.
شيخ اياز واري دؤر جو هڪ ٻيو شاعر، جنهن جي تعليم ته فارسي يا مڪتبي هئي، پر کيس سنڌي ٻوليءَ ۽ ان جي سموري سونهن جي پوري پرک به هئي. هن کي اصل ۾ ته نظم ۽ گيت جو شاعر چوڻ بيجا نه ٿيندو، پر هن سنڌيءَ جي هن صنف ’وائيءَ‘ تي به لکيو آهي، اهو آهي نياز همايوني.
نياز همايوني، شيخ اياز جي ٽهيءَ جو هڪ رڄ شاعر هو، جيڪو 12 اپريل 1930ع تي ڳوٺ همايون، شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. هُو فارسي عالم ۽ حڪيم به هو، سندس تعليم مڪتبي ۽ فارسي هئي. هُو شاعر سان گڏوگڏ عالم، تاريخدان، محقق، مترجم ۽ اديب ٿي گذريو آهي. اسان جي لاءِ ته هُو شاعر جي حيثيت ۾ سنڌي شاعراڻي کيتر جو کڙو تڙو تناور وڻ هو، جنهن جي گلن جي سرهاڻ سنڌي ادب کي پنهنجي واس جي وڪڙ ۾ وڪوڙيو بيٺي آهي.
نياز همايوني، ”شاعر جي حيثيت ۾ سنڌي شاعريءَ کي نرالو انداز عطا ڪيو. سندس شاعريءَ ۾ قومي رنگ ۽ انسان دوستيءَ جو پرچار هن جي سڃاڻپ رهي.“(8)
نياز همايوني اڪثر شاعري سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪئي سواءِ ڪجهه يعني شاهه لطيف ۽ خواجه محمدالزمان جي شاعريءَ جو فارسي ترجمو به نياز همايونيءَ جي کاتي ۾ آهي. شاعريءَ ۾ نظم، بيت، دوها، گيت، غزل، وايون ۽ ڪجهه ڪافيون به لکيائين. انهن صنفن کان سواءِ نياز همايونيءَ ڪجهه لوڪ گيت به سرجيا آهن.
”نياز همايوني نظم جو ماهر آهي، اتي هن جا لوڪ گيت، وايون، ڪافيون ۽ دوها پڻ سندس جماليات جي پيشڪش درياهه جي رواني ۽ ماکيءَ واري ميٺاج سبب منفرد آهن.“(9)
اسان کي اهو لکندي افسوس ٿو ٿئي ته نياز همايونيءَ جي هن ڪتاب ’دل ۽ ڌرتيءَ جا گيت‘ ۾ ڪُل ٽي وايون ۽ ٻه ڪافيون آهن. سندس هيءَ وائي جيڪا ٿلهه کان سواءِ پنجن بندن تي ٻڌل آهي، ڏسو ڪيئن آهي.
ٿلهه: عشق ۾ ناهي ڳالهه کٽڻ جي، عشق ٿو اوکي راند ڪري.

بند: 1. جيئن بهاني جاڙ مرڻ جي، حيلا ٿو هيڪاند ڪري.
2. ريت نه جن وٽ پريت ڪرڻ جي، تن کي پو پلاند ڪري.
3. هن سان ڀيڻي ناهه پڄڻ جي، ڪيئي ويا ويڙهاند ڪري.
4. حُسن کي حاجت هن جي هجڻ جي، واهه پيو وڻواند ڪري.
5. يار ’نياز‘ ٿي ويل وڃڻ جي، ويهه نه تون ويساند ڪري.(10)

هونءَ هيءَ وائي ’دوهي ڇند‘ تي آڌاريل آهي، پر ان ۾ جيڪا نياز همايونيءَ پنهنجي لکيل صنف ۾ نواڻ آندي يا هڪ تجربو ڪري ڏيکاريو آهي، سو آهي قافيي سان گڏ رديف جو آڻڻ. هونءَ اڪثر وائيءَ ۾ فقط قافيو ايندو آهي، پر هن يار ٿلهه جي ٻئي پد ۾ نه صرف قافيو آندو پر ان سان گڏ رديف به رکيو ۽ وائيءَ جو سڄو موضوع ئي هڪڙو رکيائين. ٿلهه جي ٻئي پد ۾ قافيو ۽ رديف هيئن آهي، ’راند ڪري‘ ۽ مڙني بندن جي ٻئي پد م قافيي سان گڏ رديف به رکيو اٿس. سندس ٻي وائي به ٻه - پدي ۽ ’سورٺو ڇند‘ تي آڌاريل آهي، ان کي ڇڏي مان سندس هن ٽه - پدي ٿلهه واري وائي اوهان کي پڙهڻ لاءِ پيش ڪرڻ گهرندس. ٿلهه کان سواءِ هن وائيءَ ۾ ڇهه بند آهن.
ٿلهه: انسان پنهنجي دنيا، ڪيئن ته پاڻ ٺاهي،
انسان سِرُ الاهي.

بند: 1. هر مشڪل ۾ هي پورو، هن جا به آهه چاهي.
2. سچ تي قبولي آهي، هن جا جانباز ڦاهي.
3. باطل جو ٿي رهيو آ، شيطان وانگ واهي.
4. ڪاٿي ٿئي پنارو، ڪاٿي ٿئي پناهي.
5. بڻجي ڪڏهن ٿو رهبر، کوٽي ڪڏهن ٿو کاهي.
6. هلچل به هن جي فطرت، هرگز پٽي نه ساهي.(11)

نياز همايونيءَ جي هيءَ وائي به ’دوهي ڇند‘ تي آڌاريل آهي. قافيو ٿلهه جي ٻئي پد ۾ آندو اٿس ۽ هر بند جي ٻئي پد ۾ قافيو رکيو اٿس. موضوع ۾ انسان جون ڪي خصلتون بيان ڪيون اٿس، جڏهن ته هُو اصل ۾ سر الاهي آهي. اهي خصلتون انسان تي سماج ۾ رهندي، خلق کي وساري، پنهنجي مفاد کي آڏو رکندي پيدا ٿين ٿيون.
ننڍي کنڊ جي ٻن هاڃن مان هڪ وڏو هاڃو سنڌي ادب ۽ ثقافت کي ڪاپاري ڌڪ هنيو. اسان جا ڪيترائي سنڌي اديب، شاعر، دانشور ۽ محقق سنڌ مان لڏي سرحد پار هليا ويا. انهن مان شيخ اياز هو هڪڙو همعصر شاعر نارائڻ شيام به آهي. نارائڻ شيام نه صرف شيخ اياز جو همعصر پر هم اثر ۽ هم خيال به هو، جنهن جي لاءِ شيخ اياز پنهنجي آتم ڪٿائي ڪتابن ۽ مهاڳن ۾ گهڻو ئي ڪجهه لکيو آهي. ’هو ڪوتا جو ڪاڪ ڌڻي‘ ئي هن جي اهميت لاءِ ڪافي آهي، ’نکريو آهي نينهن‘ نارائڻ شيام جي گڏيل ڪتابن جو مجموعو ۾ مرتب لکي ٿو:
”شيام سنڌي شاعريءَ جو محبوب هو. هن شاعريءَ سان ڪيئي انگل آرا ڪيا ۽ شاعريءَ وري عاشق زهر پياڪ جيان سندس سڀئي حجتون سٺيون، سڀئي سندس انگل آرا کنيا.“(12)
نارائڻ شيام وٽ ٻوليءَ جو ميٺاج، رس گلي ۾ رس جيان ڀريل آهي. سندس شاعري سلاست، فصاحت ۽ جدت جو ميلاپ آهي. سندس جنم 22 جولاءِ 1922ع سنڌ ۾ ٿيو ۽ سندس مرتيو 10 جنوري 1989ع ۾ هند ۾ ٿيو. ان عرصي دوران هن سنڌي ٻوليءَ کي ٻارنهن شاعريءَ جا مجموعا ڏنا. جيتوڻيڪ هند ۾ هُو فارسي ٻوليءَ جو استاد ٿي ڪم ڪندو رهيو، پر پنهنجي شاعريءَ کي نج سنڌي لفظ، محاورا، تشبيهون ۽ ماحول ڏنو. نارائڻ شيام شاعريءَ جي ڪيترين ئي صنفن تي ڀرپور لکيو. هُو سنڌي ٻوليءَ ۾ جپاني صنف ’هائيڪو‘ کي متعارف ڪرائڻ وارو پهريون شاعر طور سڃاتو وڃي ٿو. انهن شاعراڻين صنفن مان هن وائي به خوب لکي آهي.
سندس هن ڪتاب ۾ نارائڻ شيام جي ٻه - پدي وائي جام آهي، پر هنن واين ۾ نارائڻ شيام ڪجهه ٽه - پدائين ٿلهه واريون وايون به لکيون آهن، جن جا مثال هي آهن:
ٿلهه: تنهنجو ناتو راڻا، مومل لئه سمجهاڻي.

بند: 1. کير ڀريا جي هٿڙا، اڄ هنجن هاڻا.
2. ڀؤنر ڀنڀوليا جن تي، سي نه ڪنول ڪوماڻا.
3. سانگ ڏسي سومل جو، ڳهريا نيڻ نماڻا.
4. ماڻن جي ماڳن تي، وِرهه وسايا ڀاڻا.
5. ڪالهه پڇايو جن ٿي، اڄ تن لئه پڇاڻا.(13)

هيءَ وائي ’سورٺي ڇند‘ تي چيل ۽ هر بند ۾ قافيو ٻئي پد ۾ آيل آهي. هن وائيءَ ۾ هونءَ ته ڪابه نواڻ ناهي. مومل جي ماڻي ۽ راڻي جي رساڻي جي موضوع تي، سادي سلوڻي لس ليٽ سنڌي ٻوليءَ ۾ آهي. نارائڻ شيام وائيءَ ۾ ٿلهه جي لحاظ کان جيڪي ٽه - پدايون وايون لکيون آهن، اهي هن ريت آهن.
ٿلهه: جهرمر جهرمر روشني، ڪنهن جي ياد اچي رهي،
هلڪي هوا لڳي رهي.

بند: 1. پن پن لرزي پپر جو، اس کي ڇانوَ ڇهي رهي.
2. وڃي سڳنڌ ڦهلبي، گل جي شاخ جهمي رهي.
3. اڏن پکيئڙا پر پٽي، اس به کين چُمي رهي.
4. وارن جو چلڪو الا! ڪا مڻ جيئن وڃي رهي.
5. پاڇولو پاڻيءَ مٿان، گويا نهر لڇي رهي.(14)

هن وائيءَ جي ٿلهه ۾ ٽي - پد آهن، ’دوهو ڇند‘ تي چيل وائي آهي. نارائڻ شيام جي هن وائيءَ ۾ هڪ ڳالهه جو اضافو يا مخصوص تجربو مٿي ذڪر ڪيل نياز همايونيءَ جي وائيءَ وانگر، نارائڻ شيام به ڪيو آهي، جيڪو مٿي ڄاڻايل واين ۾ نه آهي. هئڙو تجربو شاهه عنات رضوي، شاهه لطيف توڙي شيخ اياز به نه ڪيو آهي، اهو آهي قافيي سان گڏ رديف جو استعمال. رديف ’رهي‘ طور ۽ ’اچي‘، ’لڳي‘، ’ڇهي‘، ’جهڪي‘، ’وڃي‘ ۽ ’لڇي‘ قافيو هر مصرع جي ٻئي پد ۾ آڻي، ٿلهه جو ٽيون پد وراڻي طور استعمال ڪيو اٿس ۽ ٽئين پد ۾ به قافيو ۽ رديف ’لڳي رهي‘ آندا اٿس، جنهن وائيءَ ۾ نواڻ سان گڏ ڪن - رس ۾ واڌارو ۽ زبان چس ۾ اضافو ڪيو آهي.
وري سندس هڪ ٻيو تجربو هن ريت ڪيل نظر ايندو، جو وائي ته ٻه - پدي آهي، ’دوهو ڇند‘ تي آڌاريل آهي، پر هن جي ٿلهه جي ٻنهي پدن ۾ قافيو ڪتب آندل آهي. اسان مثال طور اها وائي هتي پيش ٿا ڪريون.
ٿلهه: پيار ڪڻي ڪنهن نه ڏني، وو،
در در آيو روح پني!

بند: 1. نظرون اٽڪيون تارن ۾، وو،
تڙڦي ڀونءِ ميار ڏني!
2. امرت ويلا، وهه جي وٽ، وو،
اڪ جون ڦلڙيون ڀيڄ ڀني!
3. وڻ ٿي ڇانگههءُ، تو ٿي سمجهيو، وو،
ليڪن ڪنهن جي ڇانءَ ڇني!
4. سڏڪن تي جا شيام ڀلي، وو،
کلندي سا دل ڪيئن ڊني!(15)

هيءَ وائي ٻنهي ڇندن يعني ’سورٺو ڇند‘ ۽ ’دوهي ڇند‘ تي چيل چئبي، پر هن وائيءَ ۾ ’وو!‘ لفظ افسوس جو اظهار ٿو ڪري، باقي وائيءَ جي ٿلهه جي ٻنهي پدن ۾ قافيو ڪتب آندو اٿس. اهو ساڳيو هم وزن قافيو هر بند جي ٻئي پد ۾ رکيو اٿس.
شيخ اياز جي بيت ۽ وائي لکڻ کان پوءِ، ان دؤر جي همعصر شاعرن به انهن صنفن تي قلم کنيو ۽ خوب پاڻ ملهايو. انهن ۾ تنوير عباسيءَ سٺو نانءُ ڪڍيو. هن مشرقي ۽ مغربي صنفن تي قلم کان ڪم ورتو. انهن سان گڏوگڏ بيت ۽ وائيءَ کي پڻ ياد رکيائين. سندس ٽه - پدائين ٿلهه واري هيءَ وائي ڏسو.
ٿلهه: جي ڪوئي ڀي گڏ نه هلندو،
مان هيکل ئي ويندس.
مون کي اڳتي وڃڻو آهي.

بند: 1. ماضي آهيان، حال ۽ مستقبل سان،
سنمک مان ٿيندس.
2. ڳاڙها گل پَسي مان پنهنجي،
واٽ کي ڪين مٽيندس.
3. ڀنڀرڪي کان سنجها تائين،
پنڌ پيو تاڻيندس.
4. توڏي اچڻو آهي مون کي،
مان توڏي ئي ايندس.(16)

تنوير عباسيءَ ڪيترين ئي شاعراڻين صنفن سان سهڻو نباهه ڪيو آهي. هن ٽه - پدائين وائيءَ جو ٿلهه ’دوهي ڇند‘ تي آڌاريل آهي، جيڪو اسان کي ٿلهه جي پهرين ٻن پدن ۾ نظر اچي ٿو. هيءَ وائي عروض تي لکڻ جو تجربو ٿيل آهي. هن وائيءَ جي ٿلهه جو ٽيون پد، پهرين ٻن پدن کان جدارو ۽ ان سان عزم جي جهلڪ نمايان نظر اچي ٿي. قافيو هر بند جي ٻئي پد ۾ ’ويندس‘ سان هم قافيه ڪري بيهاريا اٿس.
تنوير عباسيءَ جي هڪ ٻه - پدائين وائي به پڙهي ڏسو:
ٿلهه: سڄڻ سندي سرهاڻ، مون کي واس وڪوڙي ويو.

بند: 1. پورو هيس اڳي مان ڏاڍو، سڪ ڪيوم سڄاڻ.
2. رات جي راڻي رات جو سُرهي، سڄڻ سدا سرهاڻ.
3. در تي ٽانگر بيهاريو آ، تنهن جي آدر ڪاڻ.
4. هي سڳنڌ او يارا، اچڻ سندا اهڃاڻ.
5. هي مڌ مهراڻ ۽ تون مان، هي چنڊ ۽ چانڊاڻ.(17)

هيءَ وائي ٿلهه کان وٺي پنجن ئي بندن تائين ٻه پدائين آهي. وائي ’سورٺو ڇند‘ تي جڙيل، جنهن ۾ قافيو ’سرهاڻ‘، ٿلهه جي پهرئين پد ۾ رکيو ويو آهي ۽ هر بند جي ٻئي پد ۾ قافيو رکيل اٿس.
مٿي ڄاڻايل وائي عشقيه ۽ هر بند ۾ منظرنگاري ڪيل آهي. هونءَ ته وائي ٿلهه کان وٺي ٻن پدن واري آهي، پر هن وائيءَ ۾ قافيو ۽ رديف به رکيو اٿس. وائي اصل ۾ ’سورٺي ڇند‘ تي جوڙيل، قافيو ۽ رديف ٿلهه جي پهرئين پد ۽ بندن جي ٻئي پد ۾ رکيو اٿس.
ٿلهه: بتي نه ٻار اڱڻ جي،
چوڏهينءَ چنڊ چمڪي ٿو.

بند: 1. اڃان ته رات جا ٻارنهن آهن،
توکي لڳي آ يار وڃڻ جي.
2. رات جي راڻيءَ جا او ٻارا،
آئي ڄڻ ڪا سار سڄڻ جي.
3. مان لهرن ۾ چنڊ ڏسان ٿو،
توکي آهي يار ڀڄڻ جي.
4. ڌار ٿيون ٿا، پر هيءَ ناهي،
ويل اسان جي ڌار ٿيڻ جي.(18)

هن وائيءَ جي خوبي ۽ خاصيت ته مٿي بيان ٿي چڪي. هن وائيءَ ۾ تنوير عباسيءَ هن طرح ٻن لفظن وارو قافيو ڪتب آندو آهي. ٿلهه جي پهرئين پد ۾ ’ٻار اڱڻ‘ قافيو ۽ ’جي‘ ڏسو ’يار وڃڻ‘ جي، ’سار سڄڻ جي‘، ’يار ڀڄڻ جي‘ ۽ ’ڌار ٿيڻ جي‘. ٿلهه جو ٻيو پد به وراڻيءَ طور ميل ٿو کائي ۽ بندن جي سونهن کي سرس ٿو ڪري، لس پڙهڻ ۾ هڪ ردم ۽ زبان چس وڌايو اٿس. هونءَ هر بند منظرنگاري يا لفظن ۾ فوٽو گرافي آهي. وائي عروض تي لکيل آهي.
استاد بخاري ان ئي ٽهيءَ جو هڪ ٻيو وڏو نانءُ شاعريءَ ۾ موجود آهي. سندس شاعريءَ جا ڪافي ڪتاب آيل آهن ۽ سندس هي جهان ڇڏي وڃڻ کان پوءِ به ور ور ڪري ڇپبا رهيا آهن. سندس شاعري پڙهڻ جو ڏانءُ به سندس نانءَ جيان هو. هن به ٻين شاعراڻين صنفن سان گڏ وائيءَ جي صنف تي به لکيو آهي. سندس ڪتاب ’ولولو ۽ ووڪ‘ ۾ وائيءَ جي صنف آيل آهي، انهن مان هيٺ ڏنل وائي اهڙو تجربو آهي، جنهن جو ٿلهه چئن پدن تي بيهاري باقي مصراعون ٻن پدن جون چيون اٿس. مون کي سندس هن وائيءَ جو ٿلهه گيت نما چوڻ بهتر ٿو لڳي.
ٿلهه: جاءِ اها جلندي، باهه جتي ٻرندي،
ڪهڙو ڪنهن کي آ پتو، دل جو دل کي آ پتو.

بند: 1. سور مُڪم قاصد ڪري، صبر ملي ورندي.
2. ناهي ننڊ نصيب ۾، خواب ڪٿان لهندي.
3. اُٿلي پٿلي هر گهڙي، رات سڄي لنگهندي.
4. ويٺو سوچيان وقت تي، لهر وڃي لهندي.
5. دل جي ٿيندي مالڪي، ٻاجهه پرينءَ پوندي.
6. دل جي رئندي چؤنڪ تي، خلق کلڻ لڳندي.
7. آس اُڃي استاد جي، رڃ اڃان رهندي.(19)

هن وائيءَ جي ٿلهه ۾ چار پد آهن. پهريان ٻه پد هم قافيه ۽ ٽيون ۽ چوٿون وري پاڻ ۾ هم قافيه آهن، جڏهن ته بند، ٿلهه جي پهرين ٻن پدن سان هم - قافيه آهن ۽ ٽيون ۽ چوٿون پد ڪنهن به ڳڻپ يا شمار ۾ نه ٿا اچن ۽ اوپرا ٿا لڳن. انهن ٻنهي پدن نه هجڻ سان به وائيءَ تي ڪو فرق نه پوي ها، وائي پوري بڻجي پوي ها، پر انهن پوين پدن جو وائيءَ جي پهرين ٻن پدن جو فقط ايترو اظهار آهي ته دل سڙڻ جو دل کي ئي پتو آهي. پر اهي ٻئي پد، بندن سان وراڻيءَ طور به نه ٿا ٺهڪن ۽ هر بند، ڌار ڌار موضوع جي نشاندهي ٿو ڪري.
استاد بخاريءَ جي هيءَ ٽه - پدي وائي، ’دوهو ڇند‘ تي آڌاريل ۽ ٿلهه جي پهرئـين ۽ ٻئي پد ۾ قافيو آيل آهي ۽ ٽيون پد وراڻيءَ طور تي ڪتب آيو آهي. اها وائي هن ريت آهي.
ٿلهه: ٻاهر ٻاجهه نه ٻول، ايڏي ٽال مٽول،
تنهنجا ماڻا ڇا سمجهان.

بند: 1. چاڙهي ويٺو چهري تي، خولن مٿان خول.
2. ڏاڍي ڪا دلداري ڏي تون، هيسائين ٿا هول.
3. ڪرڻي ٿئي جي قدرت ئي ڪر، مون تي ڪر نه ٺٺول.
4. ڀڙڪي هوش بڪي ته سمجهو، جوڀن جي جا بول.
5. جاتي عشق اگهاڙو ٿي پئي، تاتي ڍڪجان ڍول.
6. ڄاڻڻ لاءِ ڄماندر تائين، ڄاڻ نه ڇوڙي ڄول.
7. عشق چوي استاد اُلا ٿيان، سوچ جهلي ساڙول.(20)

استاد بخاريءَ کي شايد ڪجهه متروڪ ٿيل لفظ پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪتب آڻڻ جي ڳالهه ذهن ۾ هئي. هيءَ وائي صنف جي لحاظ کان ضرور ’دوهي ڇند‘ تي آڌاريل آهي. ٿلهه جي پهرئين ۽ ٻئي پد ۾ ’ٻول‘ ۽ ’مٽول‘ هم قافيو رکيو اٿس ۽ بند جي هر ٻئي پد ۾ قافيو رکيو اٿس.
هر شاعر جي وائيءَ ۾، وائيءَ جي ٻئي پد ۾ قافيو هوندو آهي، پر وائيءَ جي سونهن، رس چس ۾ اضافو سندس وراڻيءَ جو بندن سان ٺهڪاءُ پيدا ڪندو آهي.
مخدوم محمدالزمان طالب الموليٰ به شيخ اياز جي ئي ٽهيءَ سان تعلق رکندڙ شاعر آهي، پر سندس شمار اهڙن شاعرن جي ٽهيءَ سان به لاڳاپو رکي ٿو، جن پنهنجي شاعريءَ ۾ فارسي الفاظ جو استعمال ڪافي حد تائين ڪيو آهي. پاڻ مخدوم نوح هالن واري جي اولاد مان آهي ۽ ان جي درگاهه جو سجاده نشين پڻ رهيو. هُو نه صرف سجاده نشين ۽ شاعر هو پر ان سان گڏ، ”روحاني، سياسي، سماجي محاذن کان علاوه شعر و سخن ۽ ادب جي دنيا ۾ جيڪو مرتبو حاصل ڪيائون، ويجهي ماضيءَ ۾ ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي.“(21)
مخدوم طالب الموليٰ ڪيترن ئي ادبي ادارن جو بنياد وڌو، جن جو ڳاڻيٽو چڱو خاصو ٿيندو. پاڻ 1919ع جي 5 آڪٽوبر تي هالا شهر ۾ تولد ٿيا. شاعريءَ بابت سندن خيال هن ريت آهي:
”شعر، انسان جي جذبات ۽ احساسات سان واسطو رکي ٿو. شعر فڪر جي عميق گهراين جو حامل، واردات قلبيءَ جو مظهر، عشق ۽ الفت، پريم ۽ پياس، سوز ۽ گداز، سڪ، هڪ ۽ ڇڪ جو حسين ظاهري لباس، دل جي آهن ۽ دانهن جو مؤثر ذريعو، قدرت جي دلفريب ۽ دلڪش مناظر جو عڪس، ڪائنات جي همه گير ۽ عالمگير وسعتن کي پاڻ ۾ جذب ڪرڻ وارو، حسن جي رشڪِ آفتاب، نور ۽ ضيا، ناز ۽ ادا، جور ۽ جفا، دلبري ۽ دلدهي، دلفريبي ۽ دلربائي، ڪج روي ۽ ڪج ادائيءَ جي تصوير آهي.“(22)
هونءَ مخدوم طالب الموليٰ پنهنجي دؤر ۾ ڪافيءَ جو رڄ شاعر ڪوٺيو ۽ ڄاتو وڃي ٿو. هن ڪافيءَ کان سواءِ غزل، نظم، رباعي، قطعو، بيت ۽ وائي به چيا آهن، يعني هن پابند شاعريءَ جي اڪثر صنفن تي پنهنجي قلم کان ڪم ورتو آهي. اسان سندس تمام گهٽ تعداد ۾ لکيل ’وائي‘ جي صنف پڙهندڙن جو توجهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسون. سندس هيءَ وائي ڏسو.
ٿلهه: گهڙي ساهڙ جي سهاري، وڃي پهتي پرت کي پاري.

بند: 1. ڪين درياءَ کان دم دهلي، ڏيل سائر جو ڏاري،
گهڙي ساهڙ جي سهاري.
2. ڪڙڪا ڪنن سڏ ساهڙ ڀانئين، پاڻ وڌئين وَهه واري،
گهڙي ساهڙ جي سهاري.
3. سو احساس ڪيئين ساهڙ تي، خطر خوف وساري،
گهڙي ساهڙ جي سهاري.
4. ساهڙ سهڻيءَ کان ٿي سڃاپي، ساري دنيا داري،
گهڙي ساهڙ جي سهاري.
5. طالب عشق امام جنهن جو، سا ڪيڏهن ڪين نهاري،
گهڙي ساهڙ جي سهاري.(23)

هيءَ ٻه پدي وائي آهي. ’دوهو ڇند‘ تي آڌاريل، ٿلهه جي ٻنهي پدن ۾ قافيو رکيو اٿس. موضوع سهڻي - ميهار سان لاڳاپيل اٿس. هر بند جي ٻئي پد ۾ قافيو رکيو اٿس. هن وائيءَ ۾ ٻه متضاد ڳالهيون ٿي ويون اٿس. وائيءَ جي ٽئين بند کي پڙهي ڏسو ته، سهڻيءَ، ساهڙ تي احسان ڪيو آهي، جو ساڻس ملڻ لاءِ بناخوف خطري جي درياءَ، جيڪو دوپارا دڙڪا ٿو ڏئيس، ان جي به پرواهه نه ٿي ڪري، پر وري پنجين بند ۾ عشق امام جي ڳالهه ٿو ڪري، ’عشق البت عاشقن کي آزمائي هر طرح‘. طالب، مطلوب تي ڪيئن احسان ڪندو، طالب تي ته سڀئين پرئين مطلوب جو احسان آهي، سندس طلب به مطلوب جي مهرباني آهي.
طالب الموليٰ ٽه - پدي وائي به لکي آهي، جنهن جي صرف ٿلهه ۾ ٽي پد لکيا اٿس، باقي وائيءَ جي ڏهن ئي بندن ۾ اهي ئي ٻه - پد رکيا اٿس. ٿلهه جي پهرئين ۽ ٻئي پد کي هم قافيه ۽ ٽيون پد وراڻيءَ طور استعمال ۾ آندو اٿس. هن وائيءَ جو ٿلهه ۽ ڪجهه بند مثال طور پيش ڪجن ٿا، ان مان پڙهندڙ ضرور سمجهي ويندا.
ٿلهه: هينئڙي هُل حشر، ڪانهي خبر،
ڪڏهن ورندا وڻجارا.

بند: 1. هر هر پنهنجي حبيب کي، اوريان منجهه اندر،
ڪڏهن ورندا وڻجارا.
2. دلڙيءَ ۾ دردن جا، ويٺا آهن ولر،
ڪڏهن ورندا وڻجارا.
3. متان هن مجبور تان، لاٿئون مهر نظر،
ڪڏهن ورندا وڻجارا.(24)

هن وائيءَ جي پهرئين ۽ ٻئي پد ۾ هم وزن قافيه رکيا اٿس، وائيءَ جو موضوع ته وڻجارن جي ونين جي سار آهي. وائيءَ جي هر بند جي ٻئي پد ۾ قافيو رکيو اٿس ۽ وراڻيءَ جو جوڳو جڙاءُ بيهاريو اٿس. طالب الموليٰ 11 جنوري 1993ع تي شاعراڻي ميدان مان منهن مٽي ويو.
عبدالحڪيم ارشد، ڌنڌي جي لحاظ کان ماستر آهي ۽ تعليمي لحاظ کان انگريز بهادر جي حڪومت ۾ تعليمي سرشتي بدران انهن کان اڳ واري سنڌي مڪتبي تعليمي سرشتي جو شاگرد آهي. هن ابتدائي تعليم پيرجهنڊي واري مڪتب مان حاصل ڪئي، جتي عربي ۽ فارسيءَ ۾ ۽ مذهبي تعليم ڏني ويندي هئي. انهيءَ تعليمي زندگيءَ دوران هن فارسي شاعريءَ جو خوب مطالعو ڪيو. جيئن ته هُو طبيعت جو سادو، ماڻيٺو، ملڻهار ۽ حساس دل جو مالڪ هو، تنهن ڪري سندس طبيعت جو لاڙو شاعريءَ ڏانهن ٿيڻ لازمي امر هو ۽ وري اهڙي طبعيت واري ماڻهوءَ جڏهن مولانا رومي، حافظ، فردوسي ۽ سعديءَ کي نصاب طور پڙهيو ته هن جي اندر مان جا آهه نڪتي، اها به منظوم هئي ۽ شاعري بڻجي، قلم ۽ ذهن جي ڳانڍاپي ۽ سندس چوڌاري جيڪي سماجي حالتون هيون، انهن هن لاءِ ڪنڀر جي آويءَ وارو ڪم ڪيو، تنهن ڪري هُو پنهنجي شاعريءَ بابت لکي ٿو،
”هيءَ شاعري هڪ اهڙي بي حس، انڌي، ٻوڙي، گونگي، پٿر سماج ۾ هڪ اهڙي زخمي، ڇيهون ڇيهون ٿيل وجود تي هر طرح جي ناڪامين، محرومين، درد، الم ۽ پيڙائن جي پٿرن جي وسڪارن جي آتم ڪٿا آهي، جنهن جون آرزوئون انگاسن تي لڙڪيل ۽ جنهن جا سپنا چُور ٿي ويا هجن. هيءَ فقط هڪ فرد جي ڪهاڻي ناهي.“(25)
سندس شاعريءَ جا ٽي ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن. عبدالحڪيم ارشد سنڌي شاعريءَ ۾ رواج پذير ڪيترين ئي صنفن تي ڀرپور لکيو آهي. انهن صنفن مان وائي به هڪ صنف آهي، جنهن لاءِ مقصود گل هيئن ٿو چوي:
”ارشد جون وايون ۽ ڪافيون تصوف ۽ صوفيت جي فڪر جو چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر چٽو اظهار ۽ اپٽار آهي.“(26)
سندس ئي ڪتاب ۾ آيل واين مان هڪ وائي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجي ٿي.
ٿلهه: هرڪو چڪناچور، ڪنهن کي ڪنهن کي سور سڻايون؟

بند: 1. سور اسان جا ڪير سليندو، پاڻ پچايون پور.
2. هر ڪنهن دل ۾ درد سمايل، روح سڀئي رنجور.
3. مرڪي مرڪي ماريؤن مون کي، گهايو ڪنهن جي گهور.
4. پيار ڏئي پوءِ ڌار ڪرڻ آ، سهڻن ماڻهن جو دستور.
5. عشق جي منزل اوکي ارشد، نينهن اٿئي ناسور.(27)

هيءَ ٻه - پدي وائي ’سورٺو ڇند‘ تي آڌاريل آهي. قافيو، ٿلهه جي پهرئين پد ۾ آندو اٿس ۽ بندن جي هر ٻئي پد ۾ سمايل آهي ۽ وراڻي ٿلهه جو ٻيو پد بڻي آهي. موضوع سماجي ڏاڍاين تي رکيو اٿس، ان سان گڏوگڏ عشق جي ملاوت وائيءَ ۾ چس پيدا ڪيو آهي.
سندس هڪ ٻي وائي ڏسو، جنهن جي ٿلهه جي ٻنهي پدن ۾ قافيو آندو اٿائين، پر ڀرتي ڪندڙ لفظ به ڄڻ اندريون قافيو ٿي ٿو اڀري.
ٿلهه: چؤ تون ڇاٿو چاهين؟ سائين! چؤ تون ڇاٿو چاهين؟


هن وائيءَ ۾ ست بند آهن. حقيقت ۾ هيءَ وائي ٿلهه ۾ هڪ پدي آهي ۽ ’سائين‘ تخاطب کان پوءِ ساڳيو پد ورائي رکي پورو ڪيو اٿس. قافيو هر بند جي ٻئي پد ۾ رکيو اٿس، سندس هيءَ وائي ’سورٺو ڇند‘ تي بيهاريل آهي. هن وائيءَ ۾ ڪا خاص نواڻ يا ڪو تجربو نه ڪيو آهي.
سرمد سنڌيءَ پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ’ڪافي‘ ۽ ’وائيءَ‘ جي گهاڙيٽي بابت هيئن ٿو ٻڌائي ته،
”ڪافيءَ جو گهڻي ڀاڱي ورنڪ ڇند آهي ۽ ان جو سٽاءُ گيت وارو آهي، پر ڪٿي جي ورنڪ ڇند آهي به ۽ وائيءَ واري سٽاءَ ۾ ’ڪافي‘ آهي ته به اها موضوعاتي طور وائيءَ کان مختلف آهي.“(28)
’وائي‘ ۽ ’ڪافيءَ‘ بابت هڪ راءِ بدر ڌامراهو هن نموني ڏئي ٿو، پر هُو ان ۾ شڪ واري ڳالهه شامل ڪري، پاڻ ان تي مستند راءِ جوڙي نه سگهيو آهي. اها هيئن آهي:
”ٿي سگهي ٿو ته ’وائي‘ ۽ ’ڪافي‘ هڪ ئي قسم جي شعر جا ٻه نالا هجن، لاڙ ۾ ان کي وائي ڪوٺيو ويندو هجي ۽ ’اتر‘ ۾ ان کي ’ڪافي‘ سڏيو ويندو هجي.“(29)
قمر شهباز سنڌي ٻوليءَ جي ادب جو اهڙو نمايان شاعر آهي، جنهن ادب جي اڪثر صنفن تي لکيو آهي. هن نثر ۽ نظم ٻئي لکيا آهن. سندس نالو ادب جي هر صنف ۾ ڳڻائڻ کان ڪوبه رهي نه ٿو سگهي. هن ناول جي صنف تي نه ڄاڻ ڇونه قلم کنيو آهي، ورنه هن جي ڏيئا ڏيئا ڏات اهڙي هئي جو هُو ان ميدان ۾ به پاڻ موکي ها، باقي هن ادب ۾ ڪهاڻي، ناٽڪ، مضمون، مقالا، شخصي خاڪا، تقرير ڪرڻ بيهندو هو ته ٻڌندڙن کي ڪڏهن به ڪڪِ نه ڪندو هو. سندس تقرير مان هر ٻڌندڙ لطف انداز نه ٿيندو هو.
قمر شهباز ننڍي عمر کان ئي ادب ۾ پير پاتو، پاڻ سورنهن ورهين جي عمر ۾ ئي ٻه رسالا ترتيب ڏنا ۽ شاعريءَ ۾ پير پاتو. هن روزانو اخبارن ۾ ڪالم به لکيا، جن ۾ مزاح، مزاحمت، حقيقت ۽ وقت جي آهر سنڌ جي صورتحال آڏو رهي، هن انهن ۾ به پاڻ موکيو، پر منهنجي راءِ آهي ته هُو دراصل شاعر هو. هن جي شاعري ٻڌندڙن ۽ پڙهندڙن کي پنهنجي دل جي ڳالهه محسوس ٿيندي هئي. هن غزل، نظم، وائي، بيت دوها ۽ گيت به لکيا ۽ شاعريءَ جي هر صنف تي کيس پوري دسترس حاصل هئي. اسان هتي سندس وائيءَ بابت پڙهندڙن جو ڌيان ڇڪائينداسون،
”اچو ته پاڻ قمر شهباز جي هيءَ وائي پڙهون، جيڪا ’مڌ جهڙي منڌ‘ جهڙي سدا ملوڪ ۽ نشو ڏيندڙ آهي.“(30)
اسان سندس اهائي ’وائي‘ سداملوڪ ۽ نشو ڏيندڙ پهرئين پڙهندڙن کي پڙهائڻ ٿا گهرون.
ٿلهه: مڌ جهڙي منڌ، اسان جو، جيئڙو جهوري وئي ڙي يار!

بند: 1. ڇيلن جهڙا ڇال جنهين جا، واسينگن جهڙا وار.
2. موتئي جهڙي موڪ جنهين جي، مکڙو ميگهه ملار.
3. اکڙين ۾ ڇولين جو ڇلڪو، سانوڻ جهڙا پار.
4. نيڻن ۾ سيڻن جا سپنا، خوابن منجهه خمار.
5. دور گهڻو ٿي گهاري ليڪن، دل کان ڪهڙو دور.(31)

قمر شهباز جي هيءَ وائي ’دوهي ڇند‘ تي لکيل، ٿلهه کان وٺي پنجن ئي بندن ۾ ٻه - پدي آهي. هن وائيءَ جي هر بند جي ٻئي پد ۾ قافيو رکيل آهي. هر بند جي ٻئي پد پويان ٿلهه جو ٻيو پد وراڻيءَ طور رکيل آهي. سندس هيءَ وائي هر بند ۾ هڪ هڪ يا ٻه ٻه تشبيهون ڏيئي، اهڙي ته سينگاري اٿس جو رڳو لس پڙهڻ سان ئي ڪن - رس ۽ زبان چس، ٻوليءَ جي بيهڪ پنهنجي جادوگريءَ ۾ پڙهندڙ کي وڪوڙيو ڇڏي. سندس تشبيهون ڏسو ’مڌ جهڙي منڌ‘، ’ڇولين جهڙا ڇال‘، ’واسينگ وار‘، ’موتئي جهڙي مرڪ‘، ’مکڙو ميگهه ملار‘، ’اکين ۾ ڇولين جو ڇلڪو‘، ’سانوڻ جهڙا پار‘، ’نيڻن ۾ سيڻن جا سپنا‘ اوهان کي پڙهڻ سان خماري ٿي وجهي.
قمر شهباز هن وائيءَ ۾ تشبيهن ۽ تجنيس حرفيءَ جي انتها ڪري ڇڏي آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي سموري خوبصورتي ان ۾ سمائي ڇڏي اٿس.
قمر شهباز جيتوڻيڪ انگريزي ادب جو شاگرد هو، سندس انگريزي ادب خوب پڙهيل هو، جنهن جو اثر سندس شاعري ۽ نثري ادب تي پوڻ لازمي امر هو، پر هُو ڄم هنڌ جي ڌرتي ۽ ٻوليءَ سان بيپناهه محبت ڪندو هو، تنهن ڪري هن شاعريءَ ۾ خاص ڪري ’وائيءَ‘ ۾، پنهنجي ٽهيءَ وارن شاعرن کان وڌيڪ تجربا ڪيا آهن. هن ٻن پدن واري وائي ته لکي ئي لکي آهي، پر هن ڪن واين جي ٿلهه ۾ ٽي - پد به رکيا آهن، جڏهن ته بندن ۾ اهي ٽي - پد نه لکيا يا رکيا آهن. سندس هيءَ وائي ڏسو:
ٿلهه: اڄ جل ٿل جل ٿل ڌرتي آ، اڄ پايل پڳ سان پرتي آ،
گهنگهور گهٽائون گهاٽ مٿان!

بند: 1. جي تنهنجي جُوءِ ۾ ديپ جليو، پوءِ لئون لئون لڇندي لاٽ مٿان.
2. ڪنهن آڪاسن مان اوتيو آ،وس وڄڙي وس تون واٽ مٿان.
3. اڄ درد مليا دل وارن کان، ڄڻ ڇوهو ڇليو ڇاٽ مٿان.
4. جي ڪوڙيون پوٿيون پاڙهن ٿا، سي موڙها مرندا ماٽ مٿان.(32)

هن وائيءَ جي ٿلهه ۾ ٽي پد آهن، پهرئين ۽ ٻئي پد جو قافيو هم وزن ۽ ان رديف جو جوڙ ٿيل آهي، پر ان وائيءَ جي ٽئين پد ۾ قافيو جدارو رکيو اٿس ۽ بندن جي هر ٻئي پد ۾ قافيو وري ٿلهه جي ٽئين پد سان هم - قافيو ۽ هم وزن ڪري رکيو اٿس. ٿلهه جو اهو ٽيون پد، هر بند پويان وراڻيءَ طور به رکيو اٿس. مون سون جي مند ۾، جڏهن مينهن وسندو آهي ته سانوڻ جي تيک ۾ ڪجهه گهٽتائي ايندي آهي ۽ هر انسان جي من جا امنگ اڌما ڏيڻ لڳندا آهن، اهڙي مند ۾ ’پايل ۽ پڳ‘ جي تشبيهه سان عاشق ۽ معشوق جي ميلاپ جي جيڪا منظرڪشي يا فوٽوگرافي ڪيل آهي، اها بنهه انوکي ۽ اڇوتي آهي.
قمر شهباز هڪڙي وائيءَ ۾ چار پد به رکيا آهن، ان ڪري هن وائيءَ تي گيت جو گمان ٿو ٿئي، پر پاڻ ان کي وائيءَ جي صنف ۾ شماريو اٿس. ٿلهه ته جيڪڏهن بندن کان ڌار ڪري لکجي ته اهو سڌو سنئون ’دوهو‘ آهي، ڏسو ڪيئن آهي:
ٿلهه: ماري ماري هليا، هوءَ ڪونج ڀلا ڇو؟
رو رو منهنجا روح، سڏڪي سڏڪي رو!

بند: 1. جنهن کي موت ماري نه سگهيو، مان سوئي پاڇو.
2. هاءِ نه ڄاتم جنهن کي پاتم، وڇڙي ويندو سو.
3. سانوڻ منهنجي آنسن کي، تو ڇو نه سڃاتو.
4. مينهن وُٺا او نينهن مٺا! مان توکي ڳوليان ٿو.
5. مومل تنهنجي ماڻي کي، راڻي ئي نه ڄاتو.
6. گهايل هرڻي تو جيئن منهنجو، من ڀي آ پياسو.(33)

هن وائيءَ جي ٻئي ۽ چوٿين پد ۾ قافيو، ’ڇو‘، ۽ ’رو‘ رکيا اٿس، هر بند ۾ انهن جي ٻئي پد ۾ قافيو ’پاڇو‘، ’سو‘، ’سڃاتو‘، ’ٿو‘، ’ڄاتو‘ ۽ ’پياسو‘ رکيا اٿس. انهن کي حقيقت ۾ لفظ کي ڀڄڻو ٿو پوي پر شاعريءَ ۾ ان جي اجازت ڏني وئي آهي، ايئن ڪيترن ئي شاعرن لفظن جي پوئين اڌ يا صرف ڪڏهن لفظ جي آخري اکر کي به قافئي طور ڪتب آندو آهي. هن وائيءَ جو موضوع هر بند ۾ الڳ الڳ رکيو اٿس. قمر شهباز وائيءَ ۾ اهو بنهه نئون گهاڙيٽو جوڙيو آهي، اهڙو گهاڙيٽو سندس ٽهيءَ جي ڪنهن به شاعر نه چيو آهي. وائيءَ جي گهاڙيٽي ۾ وري قمر شهباز جو هي تجربو ڏسو ڪيئن آهي.
ٿلهه: توتان جندڙي گهوري ڙي، سنڌڙي تنهنجي سينڌ نه اُجڙي.

بند: 1. اسين اهي ئي مارو تنهنجا، اسان ئي صديون جاڳي تو لئه،
تارن جي وٽ سوري ڙي.
2. اسين اهي ئي چارڻ تنهنجا، اسان ئي سِر جي سئن هنئين،
اسان ئي ويڻا چوري ڙي.
3. اسين اهي ئي راڻا تنهنجا، اسان ئي مومل ماڻي لا!
اسان ئي ڪاڪ ڪڪوري ڙي.
4. اسين اهي ئي سانگي تنهنجا، اسان ئي سنڌو تنهنجي ڌارا،
اسان ريءَ سنڌ اڌوري ڙي.
5. اسين ئي ڄام تماچي تنهنجا، اسان ئي مارئيءَ جا متوالا،
اسان جي سورٺ نوري ڙي.
6. اسان اهي ئي هوشو تنهنجا، اسان ئي تنهنجي مٽيءَ ماءُ،
پنهنجي رت ۾ توري ڙي.(34)

وائيءَ جو ههڙو گهاڙيٽو قمر شهباز کان اڳ ۽ نه ئي پوءِ ڪنهن شاعر گهڙيو هوندو. هن وائيءَ جي ٿلهه ۾ ته ٻه - پد رکيل آهن، جنهن جي پهرئين پد ۾ آيل قافيو ڪنهن به بند جي پهرين ٻنهي پدن ۾ ناهي، بندن جا ٻئي پد بي قافيه آهن، وري ٿلهه جي ٻئي پد ۾ آيل قافيو، هر بند جي ٽئين پد ۾ آيو آهي، جنهن سان رديف جو پڻ ميلاپ ٿيل آهي.
ايئن مٿي بيان ڪيل وائيءَ ۾ قمر شهباز پاڻ به ان گهاڙيٽي ۾ وري ٻي وائي نه لکي آهي، ان ڪري اهو گهاڙيٽو عام نه ٿي سگهيو.
تاجل بيوس به هن ئي ٽهيءَ سان تعلق رکندڙ شاعر آهي. سندس ڪيترائي شاعريءَ جا ڪتاب ڇپيل آهن ۽ انهن ۾ ڪيتريون ئي شاعراڻيون صنفون آهن، جن مان وائي به هڪ صنف آهي.
تاجل بيوس جيئن ته ڳچ عرصو ڳوٺاڻي زندگي گهاري آهي، تنهن ڪري کيس ڳوٺاڻي ٻوليءَ تي ڪافي رسائي آهي، تنهن کان سواءِ هُو راڳ جي ڄاڻ به رکندو هو. سندس ڪتاب ’ڏوريان ڏوريان مَ لهان‘ جي پٺئين پاسي شيخ اياز هيئن ٿو لکي ته:
”مون کان پوءِ تاجل بيت ۽ ’وائيءَ‘ ۾ پنهنجي ٽهيءَ جو وڏي ۾ وڏو شاعر آهي.“(35)
تاجل بيوس جي ٻه - پدي وائي ’سورٺي ڇند‘ تي چيل آهي، پر هن قافيي سان گڏ رديف به آندو آهي. مثال طور ڏسو:
ٿلهه: پنڌ پراهين پار جو، گهوڙا ٻڌ نه گهاٽ تي.

بند: 1. رنگ لهوءَ جي راند ۾، ريٽو ڪر ڪٽار جو.
2. سورهيه سڪين سوڀ کي، ڪانئر هڻڪو هار جو.
3. ڪنڊيءَ لنوين ڪانگڙو، ڪو ماڻهو آ واهار جو.(36)

هن ذڪر ڪيل وائيءَ جو ٿلهه ته ’سورٺو ڇند‘ تي جوڙيل آهي، پر ٽئي بند دوهي ڇند تي آڌاريل آهن ۽ وراڻي به بند سان سهائيندڙ نه ٿي لڳي، ڌاري ٻئي ڀاسي.
تاجل بيوس جي هڪ ٻي وائي، جنهن جو ٿلهه ته ’دوهو ڇند‘ تي جوڙيل آهي، پر ٿلهه ۾ ٽي پد آيل آهن، اهو ٽيون پد وراڻيءَ طور استعمال ڪيل آهي. ان جو مثال سندس سُر سامونڊيءَ ۾ هن ريت آهي.
ٿلهه: لکين سج لهي ويا، کيڙيندي کارو،
آيل! انگ نه ڍڪيو.

بند: 1. جوٽي جنڊ فراق جا، آندم اڌارو،
آيل! انگ نه ڍڪيو.
2. آءٌ به هڪ آسائتي، سانوڻ ميارو،
آيل! انگ نه ڍڪيو.
3. سڙهه ڏٺا مون سامهان، ڏريندي ڏارو،
آيل! انگ نه ڍڪيا.(37)

هن وائيءَ ۾ وڻجارن جي وهُن جي ڳالهه کي آڻي، سندن حالت جي عڪاسي ڪئي وئي آهي. هيءَ وائي ٿلهه ۾ ٽه - پدائين، باقي بندن ۾ اهي ئي ٻه پد رکيا اٿس. هن وائيءَ جو ٿلهه يارنهن ۽ ڏهه ماترائن تي رکيل آهي، پر اهو وزن بندن ۾ بيهاري نه سگهيو آهي. هن وائيءَ ۾ گهاڙيٽي بدران خيال ڏانهن ڌيان ڌريو ويو آهي.
سنڌي شاعراڻي اُڀ تي هڪ اهڙو نالو به آهي، جيڪو آهي لفظن جو ماتم ڪندڙ، درد جي صحرائن ۾ ڀٽڪندڙ ۽ خوشبوءِ جي زهر جو خوشيءَ خوشيءَ سان پيالو پيئندڙ مست الست تاج بلوچ آهي. هونءَ تاج بلوچ اصل ۾ غزل ۽ نظم جو شاعر، پر هن جي هيترن سارن گڏي ڇپيل ڪتابن جي جلد ’چچريون چچريون خواب‘ ۾ صرف اٺ وايون آيل آهن. شايد اها صنف ۽ ٻيون اساسي صنفون هن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي نه سگهيون آهن. هن جيڪا وائي لکي آهي، انهن مان هڪڙي وائيءَ ۾ عجيب قسم جو گهاڙيٽو رکيو اٿس، اوهان کي ان جو ساءُ ضرور وٺرائبو، پر تاج بلوچ جي شاعريءَ تي شيخ اياز هيئن راءِ ٿو ڏئي:
”تاج جي شاعري عوامي ته نه آهي پر عام لاءِ آهي.“(38)
”تاج وٽ شاعري، خيال جي ڇنڊڦوڪ ۽ لفظن جي ڦيرگهير جو نالو نه آهي. شاعراڻي اظهار جي نازڪ ۽ مشڪل ذريعي کي هن پڙهندڙن جي تربيت لاءِ ڪتب آندو آهي.“(39)
”تاج پاڻ کي ڪنهن به هڪڙي صنف ۾ اظهارِ خيال تائين محدود نه رکيو آهي. سندس تخليقي تجربي ۾ هر ڪالب جون نيون نيون امڪاني ڏسائون روشن نظر اچن ٿيون، جيڪي هن جي ڀرپور صلاحيتن جو ثبوت آهن.“(40)
تاج بلوچ جي شاعريءَ تي جيڪا به ٽيڪا مٿي ڏني اٿم، اها سڀني ليکڪن، شاعرن پاران سندسن غزل يا نظم تي آهي. هن جون باقي صنفون ٽيڪاٽپڻيءَ کان وانجهيل آهن. اصل ۾ تاج بلوچ صرف چند وايون لکيون آهن، انهن جي جهلڪ هتي ٿو ڏيکاريان. هن جي ڪنهن تي دل سرڪي ۽ هن جي وائيءَ جي ڏات ۽ ڏانءَ کي سراڻ تي چاڙهي، ادبي ڪسوٽيءَ کي گهڪو ڏئي، سچي سون جي پرک ڪري، عوام ۾ نروار ڪري.
ٿلهه: موتئي جي مهڪار ڪٿي، هيل بسنتي رت ۾.

بند: 1. پاند پاند ۾ رت ڦڙا، خوشبوءِ جي کلڪار ڪٿي؟
2. هاءِ نه موٽيو ڍوليو، هار ڦِٽا سينگار ڪٿي؟
3. سينڌ سينڌ ٿي اڻڀي ويئي، چوٽاچندن هار ڪٿي؟
4. گهٽي گهٽيءَ ۾ رت جي هولي، کلڻين جي کيڪار ڪٿي؟

هيءَ وائي ٿلهه کان وٺي بندن تائين ٻه - پدي، سورٺو ڇند تي آڌاريل آهي. قافيو، ٿلهه جي پهرئين پد ۾ آيل ۽ هر بند جي ٻئي پد ۾ رکيو اٿس. سندس وائي ٿلهه کان وٺي آخري بند تائين سوال ئي سوال آهن. موضوع جي شروعات مومل جي مجاز سان ٿي آهي ۽ آخري بند سنڌ جي موجوده صورتحال خاص طور تي ڪراچي شهر جي عڪاسي ڪري ٿو. ڪراچي هاڻ اڳ جهڙي نه رهي آهي، جا تاج بلوچ پنهنجي جوانيءَ جي جولانيءَ ۾ ڏٺي، جنهن لاءِ شيخ اياز کي هيئن چوڻو پئجي ويو هو ته:
اياز اڄ ڪراچي ڏٺي ڏينهن ٿيا،
ڏسي ڪير ايڏا مُئيءَ تي مکا.

تاج بلوچ جي هن وائيءَ کي ڏسو، ڪهڙي نموني تجربو ڪري گهاڙيٽو ڪيئن بيهاريو اٿس.
ٿلهه: ڪير گلن جا پوئي هار، هٿ سڀن جا زخمي زخمي.

بند: 1. خوشبو ٿي نيلام وئي، بند چمن جو ڪاروبار،
گل شاخن تي يار.
2. ڪا ڪا سِٽ ڪويءَ جو سينو، چيري ڦاڙي ٿئي نروار،
ڄڻ تيز تکي تلوار.
3. ڄاڻ ته جرڪيا ڦٽ اندر جا، نيٺ ته مٽبو هي انڌڪار،
ڪو نه ڏياٽيون ٻاري يار.
پوءِ ڏياٽيون ٻاريو يار
ڪير گلن جا پوئي هار، هٿ سڀن جا زخمي زخمي.(41)

هن وائيءَ جو ٿلهه ته ٻه - پدو آهي، ’سورٺي ڇند‘ تي جڙيل آهي، پر هن وائيءَ جي بند ۾ ٽي پد آندا اٿس ۽ ٽيون پد به ٿلهه جي پهرئين ۽ بندن جي ٻئي پد سان هم قافيه رکيو اٿس. آخر ۾ وري صرف هڪڙو پد جوڙي، ساڳيو ٿلهه ورائي رکيو اٿس.
تاج بلوچ گهڻيون وايون نه لکيون آهن. مٿين وائي به سنڌ جي صورتحال کي آڏو رکي سرجي وئي آهي، ڇاڪاڻ جو هر ڪنهن جو جيءُ جُهريل، خيال گهوماٽيل، سوچن تي به پهرا پئجي ويا آهن. سندس خيال جي اڏام لاءِ نظم جو وسيع ميدان ئي ڪارگر ثابت ٿيو آهي.
مٿي ذڪر ڪري آيل سڀ جا سڀ سنڌ جا شاعر ڳڻايا ويا آهن، سواءِ نارائڻ شيام جي. هند ۾ رهندڙ سنڌي شاعر (جيڪي اڪثر سنڌ مان لڏي پلاڻي هند ويا) انهن مان به ڪيترن ئي وائي لکي آهي، پر افسوس جو مون کي سڀني شاعرن جا ڪتاب ته هٿ چڙهي نه سگهيا آهن، پر جن جن جا هٿ آيا آهن، انهن بابت محقق هيرو ٺڪر هيئن ٿو لکي:
”ڪافي، نظم وارن بحرن وزنن تي لکي وڃي ٿي، ان جو سٽاءُ سنڌي وائيءَ وانگر ٿئي ٿو، فرق فقط اهو آهي، جو ’وائي‘ ۾ هر مصرع هڪ ٿئي ٿي ۽ ان جي پهرين مصرع جنهن کي ’اسٿائي‘ يا ’ٿل‘ سڏجي ٿو، سا سڄي يا اڌ يا ان جو ڪجهه حصو هر پوءِ ايندڙ مصرع جي پٺيان ورجائجي ٿو.“(42)
هند ۾ شاعرن جي ڪاروان جو هڪ پانڌيئڙو ارجن حاسد به آهي. سندس جنم 1930ع ڪراچيءَ ۾ ٿيو، پر ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جي وڍڪٽ ڪري وڃي هند جي بمبئي شهر نڪتو. ”حاسد، وائيءَ جي وراڻيءَ کي تاتيندي، ان کي نظر نه ايندڙ (ايبسٽريڪٽ) تهه به چاڙهي ٿو ڇڏي. هي سڀ وساريل ڪلاسيڪل فارم حاسد جي چت لڳڻ سان پنهنجي قدامت ڀلجي، نڪور نواڻ وقت سان هم قدم آهن.“(43)
ارجن حاسد وٽ وائيءَ جي گهاڙيٽي ۾ ڪنهن به قسم جي نواڻ يا گهاڙيٽي ۾ تجربو ته ٿيل ناهي، سندس وائيءَ جو نمونو هي آهي:
ٿلهه: سڀ ئي مون کي وڻيون، هُو هيون ٿي ڄڻيون.

بند: 1. رنگ لالاڻ تي، مون برابر ڳڻيون.
2. ڪنهن نه سرهاڻ مان، سونهن بڻجي ڇڻيون.
3. جيڪي نِوڙي هليون، راڄ راڻيون بڻيون.
4. پاڻ گهوري ڇڏن، اهڙيون ٿوريون گهڻيون.
5. وڄ وراڪا ڏنا، پر وسيون ڪي ڪڻيون.
(نه ايئن نه، ص: 114)

ارجن حاسد جي هن ڪتاب ۾ ڳپل وايون آهن، پر اهي سڀ جون سڀ هڪڙي ئي گهاڙيٽي ۾ لکيل آهن. مٿي ڏنل وائي ’دوهو ڇند‘ تي آڌاريل، پر ٿلهه جي ٻنهي پدن ۾ قافيو رکيو اٿس، باقي هر بند ۾ ٻه پد آهن ۽ بند جي هر ٻئي پد ۾ قافيو رکيل آهي ۽ ٿلهه جو ٻيو پد هر بند پويان وراڻي ڪري ڪتب آندو اٿس.
هند ۾ رهندڙ هڪ ٻيو سنڌي شاعر کيمن. يو. مولائي، سندس جنم ڳوٺ درس، موري ۾ ٿيو ۽ ورهاڱي جي ويرن کيس اباڻا ڏاڏاڻا پڊ ڇڏائي وڃي مڌيه پرديش هند ۾ خيما کوڙايا. ريٽائر ٿيڻ کان پوءِ هن ڪجهه نثر لکيو ۽ ڪجهه شاعريءَ سان گڏوگڏ آڪاش واڻي ريڊيو سان لاڳاپجي ويو. کيس ٽن ڪوتائن جي ڪتابن تي انعام به ملي چڪا آهن.
” کيمن جي شاعراڻي صنفن مان وائيءَ جون ڪي جهڪلون مون هت آنديون آهن. هن ’ڌرتيءَ کان آڪاش تائين‘ شاعريءَ جي مجموعي ۾ غزل، ٽيڙو، وايون، نظم، گيت، پنجڪڙا، دوها ۽ نيون ڪوتائون آهن.“(44)
کيمن جي هن ڪتاب ۾ وايون به آهن، جيڪي اڪثر ٻه - پديون آهن ۽ اهي ’دوهي ڇند‘ تي رچيون اٿس، پر هن جون ڪي وايون ٽه - پدي ٿلهه واريون به چيل ۽ ڇپيل آهن. مثال طور هيءَ وائي ڏسو.
ٿلهه: رکي ڌاري ٻولي، گهرن ۾ رهو ٿا،
اهو ڇا ڪيو ٿا.

بند: 1. وڏن جي وراثت کي، گهرن مان ڪڍو ٿا،
2. ٻچن کي به ٻوليءَ کان، پرتي رکو ٿا.
3. نه تواريخ پنهنجي، ڪڏهن ڪٿ پڙهو ٿا.
(ڌرتيءَ کان آڪاس تائين، ص: 85)

هن وائيءَ جي ٿلهه ۾ ٽي پد آهن. ٻئي ۽ ٽئين پد ۾ قافيو ۽ رديف رکيا اٿس. هيءَ وائي ٿلهه جي لحاظ کان يارنهن ۽ ڏهه ڏهه ماترائن جو ٿلهه آهي. هونءَ هن وائيءَ ۾ اٺ بند رچيا اٿس، هر بند پويان ٿلهه جو ٽيون پد وراڻيءَ طور ڪتب آندو اٿس. هن وائيءَ ۾ هند ۾ رهندڙ سنڌين جي سڀ کان وڏي مسئلي، مادري ٻولي ۽ ڌرتيءَ کان وانجهجي وڃڻ ۽ پنهنجي اولاد کي ان کان واقف نه ڪرڻ آهي.
کيمن جي هڪ ٻي ٽه - پدي ٿلهائين وائي ڏسو، ان جو به مٿي ڄاڻايل وائيءَ وارو گهاڙيٽو رکيو اٿس.
ٿلهه: ڪونه ڪٿي ڪو سوجهرو، ڪوبه نه ديپ ٻري،
اڃا ته پنڌ پري.

بند: 1. اوندهه منجهه وڪوڙيل ڌرتي، ڏسندي ڏيل ڏري.
2. ساڻو بت رستي ڌن ۾، ازخود پير ڌري.
3. سنگ نه ساٿي جنهن سان کن پل، سگهجي ڳالهه ڪري.
(ڌرتيءَ کان آڪاس تائين، ص: 86)

هيءَ وائي به ’دوهو ڇند‘ تي رچيل آهي ۽ ٿلهه ۾ ٽي پد رکيا اٿس. ٿلهه جو ٻيو ۽ ٽيون پد هم قافيه بڻايا اٿس. هند ۾ سنڌين جي حالت زار تي روئڻو رُنو اٿس، هرڪو پنهنجي ۾ پورو آهي، ڪنهن سان سُور سلجن، ڪو جيڏو سرتو ملڻ لاءِ وقت ئي ڏئي نه ٿو سگهي.
هند ۾ رهندڙ هڪ ٻيو شاعر، محقق، تعليمدان ڊاڪٽر موتي پرڪاش، جنهن پنهنجي حياتيءَ جو ڳچ عرصو انڊين اسڪول، دبئي ۾ پرنسپال جي طور گذاري ريٽائر ٿيو ۽ تازو ديهانت ڪري ويو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ نثر توڙي نظم لکيو اٿس، منهنجي هٿ ۾ سندس شاعريءَ جو ٽيون ڳٽڪو آهي، جنهن ۾ مهاڳ به پاڻ ئي لکيو اٿس. هن شعري ڪتاب ۾ هائيڪا، دوها، غزل، نظم، وايون ۽ بيت شامل آهن. هن پنهنجي ڪنهن به صنف جي لاءِ اکر به نه لکيو آهي. هن جي هن ڪتاب ۾ ٻه - پديون وايون آهن، پر موتي پرڪاش ڪي وايون ٽه - پدائين ٿلهه واريون به لکيون آهن.
ٿلهه: او شل! ڏينهن اچي، ميڙو خوب مچي،
موکي تنهن جي مٽ تي.

بند: 1. پاروٿو ئي پيار تون، جيسين مڌ مچي.
2. جوٺو هار نه، ڏي مون کي، جيڪو جت بچي.
3. آڻ، وڃن اوسان جيئن، سارو ڏيهه ڏچي.
(تنهنجي ڳليءَ جون ڳالهيون، ص: 59)

هيءَ وائي ’دوهو ڇند‘ تي آڌاريل ۽ ٿلهه ۾ ٽئين پد جو واڌارو ۽ ان جو قافيو جدارو رکيو اٿس. اهو ٽيون پد بندن ۾ وراڻي طور آندو اٿس. سندس هڪڙي ٻه پدائين وائيءَ جو چس رس وٺي ڏسو.
ٿلهه: سڄڻ جون سارون، آيون اوڙڪ مينهن جيئن.

بند: 1. هيڏو ويرو وچ ۾، پوءِ به سنڀارون.
2. ڇڙي پيئيون سُنَ ۾، تن سنديون تارون.
3. ڳلن تان ڳڙي پيئيون، لڙڪن جون لارون.
(تنهنجي ڳليءَ جون ڳالهڙيون، ص: 61)

موتي پرڪاش جي هيءَ وائي ’سورٺو ڇند‘ تي آڌاريل آهي. وائيءَ ۾ ٽي بند آهن. هن وائيءَ ۾ سنڌ ۽ خاص طور سنڌين جي جنم ڀوميءَ جي يادگيري اچڻ ۽ جيءُ جهري پوڻ جي واريا بيان ڪئي اٿس. انسان ڪٿي به ۽ ڪهڙي، بهتر کان بهتر حال ۾ هجي، کيس ڪنهن نه ڪنهن ويل پنهنجو ماضي ضرور تڙڦائي ٿو ۽ وري ذهن ۾ اها به ڳالهه هجي، موهن ڪلپنا چواڻي ته مان دنيا جي هر ملڪ ۽ ڪنڊائتي علائقي ۾ وڃي ٿو سگهان، پر سنڌ وڃي نه ٿو سگهان، اهڙي صورتحال حساس انسان کي ڌوڏي وجهندي آهي ۽ هُو اوڏڪي پت جيان جهري ڍير ٿي پوندو آهي. اهائي ڪيفيت هن وائيءَ مان نمايان نظر اچي ٿي، باقي هن کان پهرين وائيءَ ۾ ته شراب جي چاهت جو ذڪر ٿيل آهي، جيڪا ڪا خاص ڳالهه ناهي، ڪي ماڻهو پيئندا جيئڻ لاءِ آهن ۽ ڪي جيئندا ئي پيئڻ لاءِ آهن.
هن ٽهيءَ کان وٺي جديد دؤر تائين امداد حسيني بهترين شاعر ڪوٺيو وڃي ٿو. هُو جديد ۽ قديم شاعريءَ جو اهڙو سنگم آهي، جنهن کي اڄ جو نئون نڪور شاعر به سندس واٽ وٺڻ تي فخر محسوس ڪري ٿو. امداد حسيني نظم جو شهنشاهه شاعر آهي، تنهن هوندي به هن سنڌي شاعريءَ ۾ مروج ڪيترين ئي صنفن تي ڀرپور نموني لکيو آهي.
امداد حسينيءَ جي لاءِ ڊاڪٽر الياس عشقي لکي ٿو ته:
”انهيءَ چوڻ ۾ ڪا هٻڪ ڪانهي ته امداد سنڌي شاعرن جو پهريون ۽ آخري جديد شاعر آهي.“(45)
ساڳئي ڪتاب ۾ قمر شهباز، جيڪو پاڻ به شاعر آهي، اهو امداد حسينيءَ جي لاءِ هيئن ٿو لکي ته:
”هن وٽ تمام سولن لفظن ۾ گهاٽي ۽ گهري ڳالهه ڪرڻ جي جادوگري به آهي، بس هُو ايئن ئي سڀ ڪجهه چيو ڏئي جيئن ڪو سادو سودو ماڻهو پنهنجي دل جي ڳالهه ڪندو آهي.“(46)
امداد حسينيءَ جو واسطو ٽکڙ جي سيدن سان آهي ۽ ٽکڙ جا سيد عروضي شاعريءَ جا ماهر شاعر يا استاد شعراء هئا، سندس ڏاڏو به انهن استاد شاعرن مان هڪ هو، پر امداد حسيني سنڌي اساسي شاعراڻين صنفن تي لکيو آهي ۽ انهن مان وائي به هڪ آهي. سندس وائي ڏسو، هيءَ وائي ٻه - پدي ٿلهه ۽ بندن تي ’سورٺو ڇند‘ تي چيل آهي، سندس وائي ڪيئن نمايان نروار ٿي بيٺي آهي.
ٿلهه: پانڌي چئج وڃي، آءٌ اوهان جي آهيان.

بند: 1. عمر ڪئي جا آڇ هئي، مون سا هڏ نه مڃي.
2. ڪوٽ ڪڙا زنجيريون، ايندس سڀ ڀڃي.
3. مارن ڪاڻ مون سِسي، سوريءَ ڏانهن سڃي.(47)

هن وائيءَ جو موضوع عمر - مارئيءَ جو آهي، جيڪا اها آس ٿي رکي ته هڪ ڏينهن ڪوٽ ڪڙا، زيريون زنجير ڇني، مان توهان ڏانهن ورنديس، مون کي وساري نه ويهجو، ڇاڪاڻ ته مان ازل کان اوهان جي آهيان. هي قيد ٻن ڏهاڙن جو آهي ۽ مون لوئي لڄ نه لڄائي آهي.
امداد حسينيءَ پنهنجي هن وائيءَ ۾ ڪجهه نواڻ آندي آهي، وائي ته ٿلهه ۽ بندن سميت ٻه - پدي آهي، پر ٿلهه جي هر پد ۾ ڌار ڌار قافيو رکيو اٿس ۽ ساڳيءَ طرح هر بند ۾ ٻه ٻه قافيه رکيا اٿس. سندس گهاڙيٽي جي اها گهڙت ڏسو ڪيئن آهي.
ٿلهه: واءُ لڳو واريءَ تان پيرا، پَرَ ڪري اڏريا.

بند: 1. ڏور پئي ويا ڏيهي ڏيرا، گهنگهر ڏينهن گذريا.
2. آءٌ نه ڄاڻان ڪهڙي ويرا، ڪهڙي پار اسريا.
3. دنبوق ڇٽي اڏريا ڳيرا، حد لاحد اڪريا.
4. اڀ هو پک پک ڇيرا ڇيرا، تارن ڦٽ اجريا.
5. لڏي رهيا لاهن آکيرا، سج الٿا اڀريا.(48)

هن وائيءَ جي ٿلهه ۽ بندن جا قافيه هن ريت رکيا اٿس. ٿلهه جي پهرئين پد ۾ قافيو ’پيرا‘ ۽ ٻئي پد ۾ قافيو ’اڏريا‘ بيهاريو اٿس، وري بندن جي هر پهرئين پد ۾ قافيه هن ريت ٿو آڻي، ’ڏيرا‘، ’ويرا‘، ’ڳيرا‘، ’ڇيرا‘ ۽ ’آکيرا‘، وري هر بند جي ٻئي پد ۾ وري قافيو ٿلهه جي ٻئي پد ۾ آندل قافيي سان هم وزن رکيو اٿس. ’گذريا‘، ’اسريا‘، ’اڪريا‘، ’اجريا‘ ۽ ’اڀريا‘ بيهاريا اٿس. امداد حسيني جديد کان جديد جو اهڙو شاعر آهي، جنهن پنهنجي ساک رکڻ کان ڪڏهن به هيٺ نه لٿو آهي.
امداد حسينيءَ جي لاءِ اسان مٿي لکي آيا آهيون ته هُو جديد ۽ قديم جو حسين سنگم جو شاعر آهي. اسان هي باب امداد حسينيءَ تائين يعني شيخ اياز کان وٺي امداد حسينيءَ تائين لکيو آهي، جيڪو اڃا حال حيات آهي ۽ نوجوان شاعري ڪندڙن کي اتساهيندڙ به رهيو آهي ۽ هن باب ۾ به اهو ڏيکارڻو هو ته ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان وٺي جڏهن سنڌي ٻوليءَ جو هي رسم الخط مستند طور تي سنڌي ماڻهن پنهنجو ڪيو، انهن سنڌي اساسي شاعريءَ سان رشتو ڳنڍيندي، اساسي سنڌي شاعريءَ کي جديد دؤر تائين جياريندا رهيا ۽ هنن انهن صنفن يعني دوهو، سورٺو، بيت ۽ وائيءَ کي به پنهنجي شاعراڻن خيالن جي اڏام ۾ شامل ڪندا رهيا آهن ۽ سنڌ جو سنڌي شاعري لکندڙ نوجوان ترين شاعر به هاڻ نه صرف وائيءَ جي صنف کي خيالن جو پاڻي ڏيندو، زندهه رکندو اچي ٿو ۽ ان جا گل ۽ ڦولار ۾ بيت، دوها ۽ سورٺا اڀ تي چنڊ ستارن جيان روشن رهندا اچن.


[b]حوالا[/b]

1. ملاح، مختيار احمد، ’سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو‘، ڪاٺياواڙ اسٽور، ڪراچي، 2014ع، ص: 257.
2. اياز، شيخ، ’ڪپر ٿو ڪن ڪري‘، شيخ اياز شاعري، واليوم - 2، سُر مارئي، ثقافت ۽ سياحت کاتو، حڪومت سنڌ، ص: 177.
3. ساڳيو، سُر ڪيڏارو، ص: 197.
4. ساڳيو، ’ڪپر ٿو ڪُن ڪري‘، ص: 296.
5. ساڳيو، ص: 298.
6. اياز، شيخ، ’واٽون ڦلن ڇانئيون‘، شيخ اياز، واليوم - 2، ص: 730.
7. قاضي، علامه آءِ. آءِ.، ’علم ادب‘، ٽماهي مهراڻ 3-4، 1965ع.
8. همايوني، نياز، ’دل ۽ ڌرتيءَ جا گيت‘، ص: 32.
9. ساڳيو، ص: 32.
10. ساڳيو، ص: .103
11. ساڳيو.
12. شيام، نارائڻ، ’نکريو آهي نينهن‘، مرتب: مصطفيٰ ناگراج، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 1999ع، ص: 22.
13. ساڳيو، ص: 22.
14. ساڳيو، ص: 33.
15. ساڳيو، ص: 30.
16. عباسي، تنوير، ’ساجن سونهن سرت‘، ص: 13.
17. ساڳيو، ص: 17.
18. ساڳيو، ص: 22.
19. بخاري، استاد، ’ولولو ووڪ‘.
20. ساڳيو، ص: 127.
21. طالب الموليٰ محمدالزمان، مخدوم، مقدمو.
22. ساڳيو، ص: 1 ۽ 2.
23. ساڳيو، ص: 379.
24. ساڳيو.
25. ارشد، عبدالحڪيم، ’ٽٽل عڪس سونهن جا‘، ساهتي ادبي اڪيڊمي، نوابشاهه، ص: 11.
26. ساڳيو، ص: 21.
27. ساڳيو.
28. سنڌي، سرمد، انٽرويو، ماهوار سوجهرو، 183 جون 2014ع.
29. ڌامراهو، بدر، ’سنڌي ادب جو مقدمو‘، ڇاپو ٻيو، رهبر پبليڪيشن، لاڙڪاڻو، 2013ع، ص: 369.
30. حسيني، امداد، ’بهارن کي چئجو‘، ورسٽي پبليڪيشن، ڪراچي يونيورسٽي، ص: 28.
31. شهباز، قمر، ’بهارن کي چئجو‘، ورسٽي پبليڪيشن، ڪراچي يونيورسٽي، ص: 191.
32. ساڳيو، ص: 194.
33. ساڳيو، ص: 199.
34. ساڳيو.
35. اياز، شيخ، ’ڏوريان ڏوريان مَ لهان‘، بئڪ ٽائيٽل.
36. بيوس، تاجل، ’ڏوريان ڏوريان مَ لهان‘، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، ص: 89.
37. عشقي الياس.
38. بلوچ، تاج، ’چچريون چچريون خواب‘، سوجهرو پبليڪيشن ڪراچي.
39. اياز، شيخ، ’تاج سياسي سوچ جو شاعر‘، چچريون چچريون خواب‘، سوجهرو، 2011ع، ص: 439.
40. جوش، عبدالحليم، لفظن جو ماتم - هڪ نظر‘، ڪتاب ساڳيو، ص: 434.
41. عرساڻي، شمس الدين، ڊاڪٽر، ’غم جانان کان غم جهان تائين‘، ساڳيو، ص: 271.
42. بلوچ، تاج، ’چچريون چچريون خواب‘، ص: 121.
43. ٺڪر، هيرو، ’لوڪ ادب جي هڪ سهڻي صنف ڪافي‘، سنڌي ٻولي جرنل، 2014ع، ص: 221.
44. موهي، واسديو، ’نه ايئن نه‘، گجرات ساهتيه اڪيڊمي، گانڌي ننگر، 2009ع.
45. حاسد، ارجن، ’تارا به ٽاڻڊاڻا به‘، ’ڌرتيءَ کان آڪاس تائين‘، لڪشمي پبليڪيشن، بئرا ڳڙهه، ڀوپال، 2010ع، ص: 8.
46. ساڳيو ڪتاب.
47. ساڳيو ڪتاب.

باب يارهون: موجوده ٽهيءَ جا وائي لکندڙ شاعر

جيئن اڳ ۾ چيو ويو آهي ته شاعريءَ لاءِ اهو به هڪ اصول قائم ٿيل آهي ته اها ڳائي سگهجي. سنڌي ٻوليءَ ۾ هن موجوده دؤر ۾ اڪثر شاعراڻيون صنفون ڳائجي رهيون آهن، پر تنهن هوندي به ’ڪافي‘ ۽ ’وائي‘ کي وڏي اهميت حاصل رهندي پئي آئي آهي. جيئن اڳ ۾ چيو ويو ته انهن ڳائي ويندڙ صنفن مان وائي به هڪ صنف آهي، جيڪا ڳائڻ جي لحاظ کان ڪافيءَ جيان سُرن ۽ راڳن، راڳڻين تي ڳائي وئي آهي. ڪن ليکڪن ته ’وائي‘ ۽ ’ڪافيءَ‘ کي اهو چئي ساڳي صنف قرار ڏنو آهي ته لاڙ وارا ’وائي‘ ۽ اترادي ان ئي صنف کي ’ڪافي‘ ٿا ڪوٺين، جنهن جو مثال هُو شاهه عنات رضوي ۽ شاهه لطيف کي لاڙي شاعرن ۾ شمارين ٿا ۽ وري سچل سرمست، خواجه غلام فريد وغيرهه کي اُترادي ٿا مڃين، پر نه ڄاڻ هنن انهن ٻنهي صنفن جي گهاڙيٽن تي ڌيان نه ڌريو آهي.
”’وائي‘ جي اسٿائي پوري جي پوري يا اڌ انتري (بند) پٺيان دهرائبي آهي، جهڙيءَ طرح لوڪ گيتن ۾ ٿيندو آهي. هي دهراءُ، وائيءَ جي خيال، احساس ۽ ڪيفيت کي هڪ مخصوص روپ ڏئي ٿو.“(1)
اهو آهي وائيءَ جو گهاڙيٽو. اڃا ان جي ڇند وديا موجب جيڪڏهن پرک ڪجي ته وائي اصل ۾ ’سورٺو ڇند‘ تي آڌاريل هوندي آهي يا ’دوها ڇند‘ تي گهڙوات ڪئي ويندي آهي، پر جيئن ته ’دوها ڇند‘ هر راڳ ۾ ڳائڻ مشڪل آهي، تنهن ڪري ”خود شاهه لطيف جي واين ۾ ’دوها ڇند‘ کان سواءِ ٻين ڇندن جو اضافو ڪيل آهي.“ مثال طور 16+12 ماترائون.
هي آهي للت ڇند تي جوڙيل وائي:
ٿلهه: دوس پيهي در آيو، ٿيو ملڻ جو سعيو.

بند: 1. ڏينهن پڄاڻون آڻي اسان کي، مولي محب ملايو.
2. ويو وڇوڙو، ٿيو ميلاپو، واحد واءُ ورايو.
3. هو جنهين جو ڏس ڏوراڏو، اوڏو اڄ سو آيو.
4. عبدالليف چئي، اچي عجيبن، پاڻ فضل فرمايو.
(سُر يمن ڪلياڻ، فصل - 4)

مثال 16+11 ماترائون:
ٿلهه: يار سڄڻ جي فراق، ڙي جيڏيون آئون ماري.

بند: 1. در دوستن جي ڪئين جي هوندا، مون جيها مشتاق.
2. جاتي ڪاٿي محبوبن جي، آهه حسن جي هاڪ.
3. سرمو سهي ڪر اکين جو، خاص پريان جي خاڪ.
4. عبداللطيف چئي پرين اسان جو، هميشہ حسناڪ.
(سُر يمن ڪلياڻ، فصل-8)

مثال 12+12 ماترائون:
ٿلهه: ويٺي ڪين وساري، محبت وڌڙي ماري.
ديواني! يار! وو! مستاني! دلبر! جاني! وو!

بند: 1. جنهن کي سڪ ساهڙ جي، سا گهايل گهر نه گهاري.
2. ڏم ڏهيلو ڏکيو، سِرَ ۾ سؤنٽا ماري.
3. ٻيلي پاس ٻرن جي، تن کِرِڪن وڌيس کاري.
4. هوءِ هونگارو، ڀون پڪارون، تڙ تڙ دوس تنواري.
5. هُو جا پڪ پرين جي، آهيان تنهن آساري.
(سُر سهڻي، فصل-6)

”ايئن شاهه لطيف خواهه ٻين شاعرن پنهنجن بيتن ۾ ڪافي بدل سدل ڪئي آهي، پر ان جي لهجي يا لئه کي سلامت رکيو آهي.“(2)
هي مٿيان مثال ان جي لاءِ ڏيڻ ضروري ڄاتا اٿم جو مان پاڻ به نارائڻ شيام سان، سندس لکڻيءَ سان سهمت آهيان ته ’وائي‘ ۽ ’ڪافي‘ جدا جدا صنفون آهن، سندن گهاڙيٽا، انهن جو فن بنهه هڪ ٻئي کان ڌار بيٺو آهي. ڪنهن به وائيءَ جي بند ۾ ٻن يا ٽن پدن کان وڌيڪ نه ٿيندا آهن، جڏهن ته ’ڪافيءَ‘ جي هر بند ۾ گهٽ ۾ گهٽ چار پد يا ٻه تڪون ٿينديون آهن، جنهن جا مثال ’ڪافي‘ واري باب ۾ اچي چڪا آهن.
اڄ ڪلهه جو نوجوان کان نوجوان يا شاعريءَ جي ميدان ۾ نئون پير پائيندڙ ’وائي‘ ته لکي ٿو، پر ’ڪافي‘ ته ڪيترن مستند شاعرن به نه لکي آهي. دل ٿي چاهي ته شاعري ۽ شاعر بابت، سنڌي ٻوليءَ جي هن دؤر جي نمايان شاعرن مان، شاعريءَ تي ڀرپور وَس رکندڙ شاعر امداد حسينيءَ جا ڪي ٻول ڏيڻ پسند ڪندس:
شاعري فن آهي يا مقصد؟ ڇڙو ٽيڪنيڪ يا ٻولي؟ يا رڳو جذبا ۽ احساس آهن؟ ڇا مقصد ۽ فن الڳ شيون آهن؟ تند، ڪٽاري، ڪنڌ وانگر هڪ ناهن!
شاعريءلاءِ بنيادي معيار ته اهو آهي ته اها شاعري آهي يا شاعري ناهي! ۽ جڏهن اسان پوري سچائيءَ سان ان کي شاعري چئون ٿا ته ان سچائيءَ جو ثبوت خود اها شاعري آهي، شاعري جا آزاديءَ جو گيت ئي ته آهي.
هونءَ شاعري هڪ ڏکيو فن به آهي، جيڪو ڏات کان سواءِ ٺلهو ڍانڍو آهي، بوتو، آهي ساهه کان سواءِ! ڏات جيڪا وديعت ٿئي ٿي ۽ ڪن ڀاڳن واري کي ملي ٿي.
شاعري هڪ اهڙو تخليقي عمل آهي، جيڪو پوري ڌيان ۽ گيان سان ئي سرانجام ڏئي سگهجي ٿو. ان جي لاءِ ڏات ۽ ڏانءَ جو سنگم لازمي آهي.
شاعري خيال ۽ جذبا به آهن ته ٽيڪنڪ (فن) به ۽ اهي ٻوليءَ وسيلي ئي ظهورپذير ٿين ٿا يا ٻولي انهن وسيلي!
سادگي، بيساختگي، شاعريءَ جو مکيه ڳڻ - سڳڻ آهي، جيڪو جڙتو ۽ هٿرادو طور نه ٿو اچي سگهي.
شاعريءَ کي اوريجنل (اصل - نج) هئڻ گهرجي ۽ تجربي جو جوکم کڻڻ جو ساهس رکندو هجي، پنهنجا گهاڙيٽا تخليق ڪري سگهي.(3)
هڪ شاعر مختلف وقتن، حالتن، ماحول، موڊ، ڪيفيتن ۾ شعر تخليق ڪري سگهي ٿو. هُو ذهن ۾ سرجيل تخليق کي پني تي لکي نه لکي، ان کي منظر عام تي آڻي نه آڻي، ڇپائي نه ڇپائي، اهو سڀ هن جي مرضيءَ تي منحصر آهي، پر هن جي شاعريءَ تي لکڻ واري لاءِ ٻي ڪا واهه ناهي، سواءِ ان تي لکڻ جي!
هڪ شاعر جو اوجاڳو جوءِ کي جاڳائڻ لاءِ آهي. شاعر جيئڙي کي جس ٿو ڏئي، پر مان هر اُن شاعر کي جس ٿو ڏيان جيڪو پنهنجي ذميواريءَ کي سمجهي نباهي ٿو. شاعر راتيون جاڳي ڪرڻا ڪرڻا شاعري ٿو تخليقي، جيڪا ڏيهه/ڏيهين تي ڏينهن بڻجي اجاگر ٿئي ٿي ۽ اهو سڀ عشق کان سواءِ ممڪن ناهي.
اسان پنهنجي شاعرن مان ٻولي، موضوع، تخيل، صنف، گهاڙيٽي جي ذميواريءَ جي توقع رکون ٿا.(4)
سو چئبو ته شاعري اها آهي، جيڪا ڳائي سگهجي. شاعريءَ ۾ لفظن جي چونڊ، ٻوليءَ جي نزاڪت، ٻوليءَ جو جڙاءُ، خيال جي اڏام، خيال جي سموهه ۽ ٻين تائين جيئن جو تيئن رسائي انتهائي ضروري آهي. اسان جي سنڌي ٻوليءَ ۾ اڄ ڪلهه مستند شاعرن مان غلام حسين رنگريز به هڪ آهي.
غلام حسين رنگريز جي وڻندڙ شاعراڻي صنف ته غزل آهي، ”شاعريءَ ۾ غزل منهنجي پسنديده صنف آهي، پر انهن سان گڏ مون پنهنجو اظهار ٻين صنفن ۾ به ڪيو آهي، جيڪي هن ڪتاب ۾ شامل آهن.“(5)
سندس هن ڪتاب ’اکين اڃ اپار‘ ۾ جيڪي صنفون شامل ڪيون اٿس، انهن ۾ غزل، نظم، وائي، گيت ۽ ڪافي اچي وڃن ٿيون. غلام حسين رنگريز جيڪا وائي لکي آهي، اسان هتي پيش ٿا ڪريون، ڏسو ڪيئن آهي.
ٿلهه: واءُ ڇڻيل پن، ڪوئي اڏائي اچي،
ته ياد مون کي ڪجان.

بند: 1. هير تنهنجي چڳن ۾، اچي ۽ نچي،
ته ياد مون کي ڪجان.
2. چنڊ ڇاتيءَ تي تنهنجي، ڪنول جيئن ٽڙي،
ته ياد مون کي ڪجان.
(اکين اڃ اپار، ص: 185)

غلام حسين رنگريز جي مٿي ڄاڻايل وائيءَ جو ٿلهه ٻن پدن تي ٻڌل، ’سورٺو ڇند‘ تي آڌاريل، قافيو پهرئين پد جي آخر ۾ اچي ٿو، ٻيو ڌار آهي، جيڪو وراڻيءَ طور ڪتب آندوا ٿس. هن وائيءَ ۾ فقط ٻه بند آهن، اهي به هڪ پدا آهن، باقي وراڻي، ٿلهه جو ٻيو پد آڻي رکيو اٿس. سندس وائيءَ جي ٻئي بند ۾ قافيو ’ٽڙي‘ استعمال ڪيو اٿس، جيڪو منهنجي خيال ۾ ٿلهه جي پهرئين پد ۽ بند جي آخر ۾ آندو اٿس يعني ’اچي‘ ۽ ’نچي‘ سان ’ٽڙي‘ وزن جي لحاظ سان ته درست، پر ان کي ڪبيهه قافيو سڏبو آهي.
سندس هڪ ٻي ٻه - پدي وائي آهي، پر ان ۾ قافيي سان گڏ رديف به رکيو اٿس، ڏسو ڪيئن آهي.
ٿلهه: هِن جا، هُن جا، گهاءَ ڏسي،
منهنجو چين ڦٽي.

بند: 1. چوڏس واري واري، تپندڙ تاءُ ڏسي،
منهنجو چين ڦٽي.
2. ٻرندڙ تپ ۾ ٻالڪ، لڇندڙ ماءُ ڏسي،
منهنجو چين ڦٽي.
3. ڌرتيءَ گولي جيڏو، آڳ اُلاءُ ڏسي،
منهنجو چين ڦٽي.
4. سچ جا رنگ جهڪا، ڪوڙ چٽاءُ ڏسي،
منهنجو چين ڦٽي.

هيءَ وائي ٿلهه ۽ بندن سميت ٻه - پدي آهي، پر رنگريز هن وائيءَ ۾ قافئي سان گڏ رديف به رکيو آهي، جيئن ’گهاءُ ڏسي‘، ’تاءُ ڏسي‘، ’ماءُ ڏسي‘ ۽ ’الاءُ ڏسي‘. اهڙي وائي جديد دؤر جي ڪافي گهٽ شاعرن لکي آهي. وائي سموري خارجي منظرن جي نشاندهي ٿي ڪري ۽ حساس شاعر جي ذهن تي انهن منظرن جو جيڪو اثر پوي ٿو، اهو کيس تڙڦائي ٿو وجهي.
غلام حسين رنگريز وري ٽه - پدي ٿلهه واري وائي به لکي جا ’دوهو ڇند‘ تي آڌاريل آهي. ان جو مثال هن ريت آهي.
ٿلهه: مُرڪ تنهنجي جيئڙو جهوري، گهور پئي تنهنجي گهائي،
تنهنجو نينهن نواب نچائي.

بند: 1. اڄ ڪو ڪومل ڪومل تنهنجو، درد پيو دل کي کائي.
2. سور به تنهنجا پور به تنهنجا، تنهنجي ٿي ياد ستائي.
3. مڙس مٿيرو وڌءِ ماري، وارن جا ونگ لڳائي.

رنگريز جي هيءَ وائي ٿلهه جي حوالي سان ٽه - پدي آهي، پر بند ٻه رکيا اٿس. هيءَ وائي ’دوهو ڇند‘ تي جڙيل آهي، قافيو ٿلهه جي ٻئي ۽ ٽئين پد ۾ رکيو اٿس، اهو ٽيون پد ئي وراڻيءَ طور ڪتب آندو ويو آهي. هن ۾ ڪي قدر نواڻ آهي. اهڙي وائي شاهه لطيف وٽ نه آهي. شاهه لطيف هڪ وائيءَ جي ٻنهي پدن ۾ ته قافيو رکيو آهي، پر ان ۾ ٽيون پد نه آهي، جيئن:
”جيءُ جياريو جيءُ جياريو، ڪين منهنجڙو هاريو.“

هيءَ وائي ’دوهي ڇند‘ تي رچيل، ٿلهه جي ٻنهي پدن ۾ قافيو رکيل اٿس، پر هن وائيءَ ۾ ٽيون پد ناهي.
غلام حسين رنگريز پنهنجي وائيءَ ۾ ٽي پد رکيا آهن ۽ ٿلهه جو ٻيو ۽ ٽيون پد هم قافيه آهي.
اسان وٽ ابراهيم منشي به آهي، جنهن اڪثر نظم، گيت ۽ وايون چيون آهن. هن وٽ وائيءَ ۾ گهڻا تجربا ٿيل ناهن. سندس وايون اڪثر ’سورٺو ڇند‘ تي جڙيل آهن.
”منشيءَ جي نئين ۽ تازه شاعريءَ ۾ نظم، بيت ۽ وايون آهن، جن ۾ سڪون آهي، سرور آهي ۽ سوز آهي. منشي، سچ جو شاعر آهي، جذبات ۽ احساسات ۾ حقيقتِ روح جو ترجمان آهي. سندس زبان، سندس سوز ۽ آلاپ، سندس فڪر ۽ فهم، سندس پيغام، همٿ، جرئت ۽ قرباني آهي.“(6)
سندس وائيءَ جو نمونو پڙهي ڏسو، سندس اڪثر وايون ’سورٺو ڇند‘ تي جڙيل آهن. انهيءَ جو هي مثال ڏسو:
ٿلهه: سهڪيو سنگ لڻي، ڪولهڻ ڪانڀو ڪنڌ ۾.

بند: 1. روپ روپلي وارو ساڳيو، جوڌا جام ڄڻي.
2. پَريان وڏيرو مَن جو ميرو، ڀؤنڪندو ٿو ڀڻي.
3. موهن دڙي جي مورتي ساڳي، ڇر ۾ ڇير هڻي.
(ڌرتي دين ڌرم، ص: 167)

سندس هن وائيءَ جي ٿلهه ۾ ٻه پد آهن، قافيو سورٺي جيان پهرئين پد ۾ رکيل اٿس. بندن ۾ قافيو هر ٻئي پد ۾ رکيو اٿس. ٿلهه جو ٻيو پد هر بند پويان وراڻي طور ڪتب آندو اٿس.
ابراهيم منشيءَ کوڙساريون وايون لکيون آهن، پر مڙني جو گهاڙيٽو هڪڙي ئي طرز جو آهي. هن پنهنجي ڪتاب ’ڌؤنري ڏينهن ڌاڙا‘ ۾ هڪڙي وائي ٽه - پدي لکي آهي، سو به صرف ٿلهه ۾ ٽي پد رکيا اٿس، باقي بندن ۾ اهي ئي ٻه پد رکيا اٿس. ٿلهه جو ٽيون پد وراڻيءَ طور بندن جي پويان آندو اٿس. اوهين به پڙهي ڏسو.
ٿلهه: ڀلي ڀوري ڄار مان، ڇڳيون پٽ ڇانٽي،
باقي ٻه ٽي ڏينهڙا.

بند: 1. پُڙ پاسي پيريءَ جي، ڪيرايو ڪانٽي.
2. هو ٿي گهوڙو مس اچي، انهيءَ ئي آنٽي.
3. گهوري گهوريان جندڙي، سڄڻ جي سانٽي.
4. منشي پياريو پريت جو، مڌ منجهان ماٽي.
(ڌونري ڏينهن ڌاڙا)

هن وائيءَ جو ٿلهه ٽه - پدو آهي، ’دوهو ڇند‘ تي ٻڌل آهي، باقي ٿلهه جو ٽيون پد فقط بندن پويان وراڻي طور ڪتب آندو اٿس. ٿلهه ۾ قافيو، مصرع جي ٻئي پد ۾ رکيو اٿس ۽ هر بند جي ٻئي پد ۾ قافيو آندو اٿس.
هن ئي ٽهيءَ جو راشد مورائي پڻ بهترين شاعر آهي. سندس تعلق موري سان آهي. موري جي زمين ڪڻڪ جي پوک، ڪپهه ۽ ڪمند جي پوک جيان ادب ۽ شاعريءَ لاءِ به اوتري ئي زرخيز رهندي پئي آئي آهي. موري جي سرزمين اسان کي راشد مورائيءَ جهڙو جوان جذبن جو پرچارڪ شاعر عطا ڪيو آهي. راشد مورائيءَ شاعريءَ جي ٻين صنفن سان گڏوگڏ وائي به لکي آهي. سندس ڪتاب ’دل جو شهر‘ جنهن جو ٻيو ڇاپو ڇپجي پڌرو ٿيو آهي، اهائي سندس شاعريءَ جي مڃتا آهي. اسان جي سنڌي ٻوليءَ جي گهٽ اديبن جا ڪتاب ٻيهر ڇپيا آهن. راشد مورائي، ”نه رڳو اعليٰ پائي جو شاعر آهي، پر هڪ اهڙو عظيم انسان آهي، جنهن سنڌ جي سوين نوجوانن کي زندگيءَ سان منهن مقابل ٿيڻ جو دڳ پئي ڏسيو آهي.“(7)
”مون راشد جي شخصيت، فن ۽ ان جي فڪر جو تمام ويجهو مطالعو ڪيو آهي، هن شاعر جي پختگي ۽ ان جي فن جي ارتقا ۾ جيڪي لاها چاڙها، گهٽيون گهيڙ، مرحلا ۽ مقام آيا، آءٌ انهن سڀني جو واقف آهيان.“(8)
تنهن ڪري عبدالحڪيم ارشد سندس مڙني صنفن تي ڳالهائڻ باوجود راشد مورائيءَ جي وائيءَ جو ڪوبه حوالو نه ڏنو آهي ۽ نه ئي سندس ان صنف تي ڪي اکر ئي لکيا اٿس.
مان اوهان کي راشد مورائيءَ جي هيءَ وائي پڙهائڻ چاهيندس. راشد مورائيءَ به عام ٻه - پدي وائي ته لکي ئي لکي آهي، پر هن ٽه - پدي ٿلهه واريون وايون به لکيون آهن. سندس اهڙي هڪ وائي پڙهي ڏسو:
ٿلهه: ڪومل ڪومل مکڙو تنهنجو، ڪوماڻو آ ڪيئن؟
اسان وٽ جذبو جيئن جو تيئنءَ.

بند: 1. آڌيءَ جيڪو عشق هو سو، ساڳيو ويل وچيئنءَ.
2. نيٺ رسايو منزل تي آ، سڀ کي راهه سنئينءَ.
3. ڀاڪر ۾ نه ڪيو تو پهريان، ڪيڏو ڪالهه ڀليئنءَ.
4. محبت تنهنجي مهر مڃان ٿو، محبت ساڻ رهينءَ.
5. راشد جهومون ڳايون ويٺا، ڀريو پيگ پرينءَ.(9)

هن وائيءَ جو ٿلهه ٽه - پدائون آهي. وائي ’دوهو ڇند‘ تي رچيل آهي. ٿلهه جي ٻئي ۽ ٽئين پد جا قافيه هم وزن رکيا اٿس، باقي سڀني بندن ۾ قافيو ٻئي پد ۾ رکيل آهي ۽ ٿلهه جو ٽيون پد، هر بند جي پويان وراڻيءَ طور رکيو اٿس.
سندس وائيءَ جو هي گهاڙيٽو جيڪو مان اوهان کي پڙهائڻ ٿو گهران، اهو شاهه لطيف جي واين ۾ صرف هڪڙي وائيءَ جو رکيو ويو آهي ۽ شاهه لطيف پاڻ به اهڙي گهاڙيٽي تي وڌيڪ وايون نه لکيون يا چوڻ نه ٿي گهريائين. جيتوڻيڪ ان وائيءَ تي اختلاف آهي ته اها وائي شاهه لطيف جي ناهي ۽ ان کي فاطمہ لعل جي ٿا سمجهن ڇو ته شاهه لطيف جي ڪنهن به مرتب ڪيل رسالي ۾ اها آيل ناهي، تنهن ڪري جي. ايم. سيد ان وائيءَ کي ڪافي ڪري لکيو آهي.
راشد مورائيءَ جي وائي جيئن ته ان گهاڙيٽي تي لکيل آهي، تنهن ڪري مان هتي ورجاءُ ٿو ڪريان. اها ٽه - پدي وائي آهي:
ٿلهه: لائي ته نماڻيءَ سان نينهن، دوست ايئن نه دل مٽجي.

بند: 1. مون کان پاليو نه پڄي، شوق اوهان جي جو شينهن،
ماس هڏن تؤن ٿو ڪپجي.

هن وائيءَ جو ٿلهه ’للت ڇند‘ تي رکيل آهي، پر بندن ۾ وري ’للت ڇند‘ ۾ واڌارا ڪيا ويا آهن، شايد اهو راڳ جي تقاضا جي ڪري ڪيو ويو هجي. هاڻ ان ئي گهاڙيٽي سان ميل کائيندڙ راشد مورائيءَ جي هيءَ وائي ڏسو:
ٿلهه: ڦڙي ڦڙيءَ آ تلاءُ، اچو ته گڏجي واهه وهايون.

بند: 1. پاڻيءَ تي ئي پوک پچي ٿي، ساوڪ ۾ آ ساءُ،
سايُن پوکن ۾ سرهايون.
2. ڌرتي سونا سنگ ڏيڻ لئه، ماندي آهي ماءُ،
هاري يارو هر ته هلايون.
3. ٻني ونيءَ تي سِر ڏينداسون، ڀيڙو ٿئي هر ڀاءُ،
دنگ تي پنهنجو رنگ رچايون.
4. آهه ٻڌيءَ ۾ طاقت ڏاڍي، ڪم ۾ پڻ اُڪلاءُ،
ساٿي گڏجي ساٿ نبهايون.
5. روڳي ماڻهن جي لئه راشد، ٿي نه ڪڏهن پوراءُ،
محنت ڪريون ڇو پڇتايون.
(دل جو شهر، ص: 151)

راشد مورائيءَ کان اڳ جن به شاعرن جي وائيءَ جا مثال ڏيئي آيا آهيون، انهن مڙني مان ان گهاڙيٽي تي ٻئي ڪنهن به شاعر اهڙي وائي نه لکي آهي. هن وائيءَ کي ٻنهي فني گهاڙيٽن يعني ’دوهي ڇند‘ ۽ ’سورٺي ڇند‘ ۾ شماري ٿو سگهجي. هن وائيءَ جي ٿلهه جي ٻنهي پدن ۾ ڌار ڌار قافيا آهن، جيئن ٿلهه جي پهرئين پد ۾ ’تلاءُ‘ ۽ ٻئي پد ۾ ’وهايون‘ ڪم آندو اٿس، اهي ٻئي قافيه وائيءَ جي هر بند جي ٻئي ۽ ٽئين پد ۾ رکيا اٿس. مثال ٿلهه جي پهرئين پد جو قافيو ’تلاءُ‘ آهي، ان سان هم قافيه هر بند جي ٻئي پد ۾ ’ساءُ‘، ’ماءُ‘، پاءُ‘، ’اُڪلاءُ‘ ۽ ’پوراءُ‘ آڻي ٺهڪايا اٿس. ساڳي وائيءَ جي ٻئي پد ۾ قافيو ’وهايون‘ آهي، ان سان بندن جي ٽئين پد جا قافيه هڪ جهڙا رکيا اٿس، جيئن ’سرهايون‘، ’هلايون‘، ’رچايون‘، ’نبهايون‘ ۽ ’پڇتايون‘ آندا اٿس.
هن ئي ٽهيءَ ۾ مير محمد پيرزادي وٽ ٿا هلون. سندس ڪتاب ’ليار نيڻن ۾ ڦٽا‘ ۾ وائي ڪيئن لکي اٿس. مير محمد پيرزادي کي نه صرف ڳوٺاڻو پسمنظر آهي، پر هن جي نوڪري ئي زراعت کاتي ۾ رهي آهي، ان کان سواءِ کيس راڳ ۽ راڳڻين جي ڪافي ڄاڻ آهي. سندس هيءَ وائي ٿلهه کان بندن تائين ٻه - پدائين آهي، اها ڏسو ڪيئن آهي:
ٿلهه: ڀري ڀري اڄ پيار، وري ٻئي وار، ملڻ مشڪل آ.

بند: 1. گوليءَ کان اڳ کلندي کلندي، هڪڙي وار نهار.
2. ساٿ نباهي سوريءَ سان، ۽ پيار سان واعدو پار.
3. اونداهي انڌڪار کي ٽاري، ديپ دلين جا ٻار.
4. ويندي ويندي ويرن مان ڀي، اڻ تارن کي تار.
(ليار نيڻن ۾ ڦٽا)

مير محمد پيرزادي جي هيءَ وائي نَون بندن تي ٻڌل آهي. وائي ’سورٺو ڇند‘ تي چيل آهي، وائيءَ جي وراڻيءَ جو خوبصورت ٺهڪاءُ آهي. اڃا به هن وائيءَ ۾ هڪڙي اضافي خوبصورتي آهي، اهو آهي اندروني قافيي جو آڻڻ، جيڪو ٿلهه جي ٻئي پد ’وري ٻئي وار‘ آندو اٿس. اهڙو مون کي ڪنهن مٿي ذڪر ڪيل واين ۾ نه مليو آهي.
مير محمد پيرزادي جي هن ڪتاب جو مهاڳ ’وڻ وڻ ويڻا شاعري‘ ۾ تنوير عباسي لکي ٿو ته:
”هن وٽ نه رڳو پنهنجي چوڌاري وسندڙ ڪائنات کي ڏسڻ ۽ محسوس ڪرڻ جي سگهه آهي، پر ان کي بهترين نموني ۾ ٻيهر تخليق ڪري بيان ڪرڻ جو فن به آهي.“(10)
جيئن ته مير محمد پيرزادي وٽ عڪسن، مسئلن جي سڃاڻ خوبصورتيءَ کي اظهار جو ڏانءُ ۽ لفظن جي ڪا کوٽ ناهي، تنهن ڪري هن جون وايون به غزل ۽ گيت جيان تمام ڊگهيون يا گهڻ مصراعون آهن. سندس هڪڙي ٽه - پدي وائي ڏسو، جنهن ۾ لفاظي، ادائگي، عڪس ۽ منظرنگاري ڪيئن آهي.
ٿلهه: خواب ۾ آيو ڪڏهن، اڌ رات جو هو اچتو،
ڪونه پيو هو ڪو پتو.

بند: 1. مون به تولئه ساز کي، ڇيڙي ڇڏيو اڌ رات جو.
2. سانت جا آواز ويڙهن، ڪوته منهنجو ڏس ڏيو.
3. مالڪؤنسي ڪيفيت ۾، مان هئس پر ڪو ٻيو.
4. رُت بسنتي باغ ۾ پر، گل نه هو مَن جو کڙيو.
5. ڪير هو مون ۾ اچي جنهن، راڳ نٽ - ڀيرو چيو.
6. بي خوديءَ ۾ مون به پيتو، چنڊ تنهنجو پيگ هو.
7. قال ۾ سوَ سور آهن، حال ۾ ڪجهه ڀي نه هو.
(ليار نيڻن ۾ ڦٽا، ص: 54)

مير محمد جي هيءَ وائي پڙهي ڏسو، ڪن - رس ۽ چپ چسڪو، اوهان کي اهڙو ساءُ ڏيندو، جو ڪجهه هن وائيءَ جي هر بند ۾ سمايو آهي. هن وائيءَ جو ٿلهه ته ٽه - پدائون ۽ بند سڀ ٻه - پداوان آهن. وائي ’دوهو ڇند‘ تي چيل آهي. هن وائيءَ ۾ به وراڻيءَ واري پد جو بندن سان جڙاءُ، مُنڊيءَ تي ٻُڙي (ٽڪ) جيان آهي.
ان ئي ٽهيءَ سان تعلق رکندڙ انور پيرزادي جو جديد شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو. هن ٽهيءَ ملڪي صورتحال ۾ ڏاڍيون اٿلون پٿلون ڏٺيون. معاشي بدحالي، سياسي ۽ سماجي ڀڃ، پر قتل، غارتگري، ملڪ مٿان جنگيون مڙهيل، جمهوريت لاءِ هلايل ايم. آر. ڊي. هلچل، سياسي دٻڙ ڌؤنس ۽ مارشل لائون، انهن جو اثر هن ٽهيءَ جيئن جو تيئن ورتو ۽ ڪيترائي اکين ڏٺا رت وڇاڻن جا عڪس اکين ۽ ذهنن، يادگيرين ۾ سمائي، جو ڪجهه حساس پڻو ۽ شاهد طور سرجيو، ان جو اولڙو انور پيرزادي جي شاعريءَ مان ڳاٽ اوچو ڪيو، پنهنجي ياد ڏياري، جيءَ کي جهوري رهيو آهي.
هونءَ ته انور پيرزادو نظم جو شاعر آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن سندس ذهن ۽ قلم ذائقي مٽ به ڪئي ۽ پوءِ ڪجهه غزل، گيت، دوها، سورٺا ۽ وايون به لکيائين.
”هن جي شاعريءَ ۾ اهڙي دانشمند شاعر جو سچو ۽ کرو اظهار شامل آهي. هيءَ شاعري رڳو سياسي ڪمٽمينٽ نه آهي، پر هن جي شاعريءَ جي گهاڙيٽي نئين محاوري (Metaphor) ۽ جديد اظهار جا تجربا پڻ موجود آهن، جيڪي تقليدي نه تخليقي آهن ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ قابلِ قدر اضافو آهن.“(11)
انور پيرزادي جي شاعريءَ جو هڪڙو ئي ڪتاب ڇپجي منظرِعام تي آيو. ان ۾ سندس ٻين شاعراڻين صنفن مان اسان کي سندس وائيءَ بابت ئي لکڻو آهي. هن ڪتاب ۾ فقط ٽي وايون شامل آهن، اتفاق سان ٽنهي واين جو گهاڙيٽو ساڳيو آهي. سندس وايون ٽه - پدائين ٿلهه ۽ ٻه - پدائين بندن سان سينگاريل آهن، پر ٿلهه جي ٻئي ۽ ٽئين پد کي هم قافيه رکيا اٿس. هيٺ ڄاڻايل وائي ’دوهي ڇند‘ تي چيل ڳڻي سگهبي، باقي سڀئي بند ٻن پدن تي جڙيل اٿس، ڏسو ڪيئن آهي:
ٿلهه: ڳيت ڏئي ڇڏ، سور ڳهي ڇڏ، جندڙي لڙڪ وهائي،
جيئڻ سولو ناهي.

بند: 1. اوندهه جا اوڙاهه جي ايندا، سهبا سينو ساهي.
2. دنيا دارونءَ جو ئي دونهون، ڇاٿي ويو آ ڇاهي؟
3. ڏات ڏڪي ٿي ڏاڍ ڏنگي ٿو، ڏنڀ اچي ٿو ڏاهي.
4. جان اصل کان اچڻي وڃڻي، پوئتي هٽڻو ناهي.
5. سوريءَ جو سينگار ٿئي پيو، ڪوئي چڙهندو ڦاهي.
6. دوکي جي هن دنيا اندر، مرڻ ته سولو آهي.

هيءَ وائي پڙهڻ سان محسوس ٿيندو ته ٿلهه ۾ ڄڻ چار پد آهن، پر حقيقت ۾ ٽي پد ئي ڪوٺبا، ڇاڪاڻ جو هن وائيءَ جي ٿلهه جي پهرئين پد ۾ ’ڏئي ڇڏ‘، ’ڳهي ڇڏ‘ ڄڻ قافيو ۽ رديف ٻئي بيساخته شامل ٿي ويا آهن. وري ٿلهه جي ٻئي ۽ ٽئين پد کي هم قافيه رکيو اٿس. هن وائيءَ جي هر بند ۾ قافيو، ٿلهه جي ٻئي ۽ ٽئين پد واري قافيي سان ملايو اٿس، جيئن ته سندس ٽئي وايون هڪڙي ئي گهاڙيٽي تي چيل آهن، تنهن ڪري اهو مثال ئي ڪافي آهي.
خاڪي جويو به هن ٽهيءَ مان هڪڙو شاعر آهي. هُو شاعر طور هڪ طويل نظم جي ڇپجي پڌرو ٿيڻ سان ٿيو، جيڪو سنڌ جي حالت زار بابت هو، جنهن جو مهاڳ محمد ابراهيم جويو لکيو هو ۽ کيس متعارف ڪرايو هو. هُو سَن جي ڀرپاسي مان پکا پٽي، اچي سڪرنڊ وسايو هئائين. هارپ ۽ ڌنار کان وٺي بيراگيريءَ تائين زندگيءَ جا تجربا ماڻيائين ۽ نيٺ هن جي اندر مان شاعري نينهن جا اٻڙڪا ڪري نڪتي، جنهن ۾ ڌرتيءَ تي پيل تازي مينهن جي سڳنڌ سمايل هئي. هن پوءِ ماهوار رسالو به حيدرآباد مان ڪڍيو ۽ سڪرنڊ ۾ هڪ ڪيبن ’سنڌ ڪتاب گهر‘ نالي جوڙيائين. نيٺ شاعري سندس مڙني ڪرتين تي حاوي پئجي وئي.
سندس علائقي جي ۽ هڪ ٽهي وڏڙو شاعر عبدالحڪيم ارشد هن لاءِ هيئن لکيو:
”خاڪي، علم عروض، بحر، وزن جو شاعر ناهي، پر بنيادي طور تي گيت، بيت ۽ وائيءَ جو شاعر آهي.“(12)
خاڪي جويو کي عبدالحڪيم ارشد ته وائيءَ جو شاعر ڪوٺيو آهي، پر پاڻ سندس وائيءَ تي لکڻ کان نه ڄاڻ ڇو لنوايو اٿس.
”بيت ۽ وائيءَ کي شيخ اياز کان پوءِ جنهن شاعر وڌ ۾ وڌ جيءَ ۾ جاءِ ڏني ۽ ان تي طبع آزمائي ڪئي آهي، سو خاڪي آهي. هن جي ٻي سموري شاعريءَ تي بيت ۽ وائيءَ جو پاڇو، واقعي مامتا جو سٻاجهڙو هٿ ڀاسي ٿو، نه رڳو ايترو پر خاڪيءَ واين ۽ بيتن ۾ جيڪا فني بلندي، خيالن جي نواڻ ۽ لفظي سونهن جي جڙاوت ڪئي آهي، ان کيس سنڌيءَ جي جديد شاعرن ۾ بهترين درجو نصيب ڪيو آهي.“(13)
خاڪيءَ روايتي اساسي شاعري به لکي آهي ته وري هن وائيءَ ۾ نواڻ يا تجربا به ڪيا آهن. اول اسان سندس روايتي وائي پڙهڻ لاءِ ڏينداسون.
ٿلهه: رڍون روز رڙن، چارون جبل چوٽ تي.

بند: 1. پهريو وڃيو پيٽ لئه، اوکيءَ منجهه اڙن.
2. اڃيون بکيون آئيون، ترڪن منجهه تڙن.
3. ڪيسين ڊوڙ پائيان، ’خاڪي‘ منجهه کڙن.
(ايءُ خاڪيءَ جو خيال، ص: 49)

هيءَ خاڪي جويو جي وائي، شاهه عنات رضوي ۽ پوءِ شاهه لطيف کان سنڌي شاعريءَ ۾ هلندي اچي ٿي. هيءَ وائي ’سورٺو ڇند‘ تي آڌاريل آهي. هن وائي جي ٿلهه جي پهرئين پد ۾ قافيو رکيو ويو آهي ۽ هر هڪ بند جي ٻئي پد ۾ رکيل آهي. هر بند جي آخر ۾ ٿلهه جو ٻيو پد وراڻيءَ طور ڪتب آندو اٿس. مضمون جي لحاظ کان ڌنارڪي ڌنڌي جي ڏکيائين کي وائيءَ جي صنف ۾ اظهاريو ويو آهي.
خاڪي جويو پاران وائيءَ ۾ ڪيل هي تجربو ڏسو ڪيئن آهي:
ٿلهه: ڏوري ڏير ڏسان، پنهل پسان، لڪ لتاڙي لوءِ جا.

بند: 1. اکيون اهنجون اوپريون، چاڙهيون سڀ چڙهان، پنهل پسان.
2. پهڻ سمورا پٻ جا، ريٽي رت ڀريان، پنهل پسان.
3. پڌرو پنهنجو پنڌ ۾، ارڏو عشق ڪيان، پنهل پسان.
4. ’خاڪي‘ خيال اڏائيان، اڀري عرش مٿان، پنهل پسان.
(ايءُ خاڪيءَ جو خيال، ص: 55)

اصولي طور تي هيءَ وائي ’سورٺي ڇند‘ تي آڌاريل آهي، پر هن وائيءَ جي پهرئين پد ۾ ٻٽو قافيو رکيو ويو آهي. اهڙو تجربو شاهه لطيف وٽ به آهي. خاڪي جويي ٿلهه جي پهرئين پد ۾ ’ڏسان‘ ۽ ’پسان‘ قافيه آندا آهن، باقي بندن ۾ ايئن نه ڪيو اٿس، جو هر بند جي ٻئي پد پويان، وراڻيءَ کان اڳ ’پنهل پسان‘ رکيو اٿس، پوءِ ٿلهه جو ٻيو پد وراڻيءَ طور رکيو اٿس. هن وائيءَ جو موضوع سسئيءَ جي داستان تي آڌاريو اٿس.
ناٿن شاهه جي ڌرتيءَ شاعراڻو ڦوٽهڙو خوب ڪيو. هن ڌرتيءَ جا ڪيترائي شاعر سنڌي شاعريءَ ۾ نمايان حيثيت جا مالڪ آهن، انهن مان آثم ناٿن شاهي به هڪڙو آهي.
”اها حقيقت آهي ته آثم ناٿن شاهي بنيادي طور نظم جو شاعر آهي ۽ سندس ٻوليءَ جو تاڃي پيٽو ڳوٺاڻي ٻولي، فطرت جي نظارن، ڪچي ۽ ڪاڇي جي ماحول ۽ ديهاتي حسن جي آڏاڻي تي اڻيل آهي. اهوئي سبب آهي جو هُو غزل ۾ به نظم واري رواني ۽ مترنم ٻولي کڻي اچي ٿو، جنهن ۾ گيتائون، سنگيت، بوڻينڊي ۽ چنگ جو ٻُراءُ آهي.“(14)
”جيڪڏهن ڪو شاعر پنهنجي زبان کان پوري واقفيت نه ٿو رکي ۽ انهن کي صحيح طرح استعمال جو ڌيان نٿو رکي ته ان جي شاعري ڪڏهن به بلنديءَ کي ڇُهي نه سگهندي. منهنجي خيال ۾، جيسيتائين شاعريءَ ۾ بيساختگي ۽ عوامي ليول جي ٻولي ناهي، تيسيتائين اها شاعري مقبوليت جو درجو ماڻي نه ٿي سگهي.“(15)
آثم ناٿن شاهي عروض تي بهتر پهچ ۽ ڄاڻ رکي ٿو، هن غزل ۽ نظم کان سواءِ وائي به لکي آهي، جا هن ئي ڪتاب ۾ پنهنجي پوري جوڀن سان پاڻ پسائي رهي آهي. آثم نه صرف وائي لکي آهي پر ان جي گهاڙيٽي ۾ ڪي تجربا به ٻين عام شاعرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪيا اٿس. هن ٻه - پدي، ٽه - پدي ۽ ڪا چئه - پدي وائي به لکي آهي. ڏسو ۽ انصاف ڪيو ته وائيءَ جي صنف تي لکندڙ شاعرن کان اها ڳالهه ڪئين چوڻ گٿي آهي ته آثم ناٿن شاهي وائيءَ جو به سٺو شاعر آهي. هن ئي سندس شاعراڻي ڪتاب ۾ ستيتاليهه وايون آيل آهن. آثم جي هيءَ وائي ڏسو، هن وائيءَ جي گهاڙيٽي کي ڪيئن گيت جي مدِمقابل آڻي بيهاريو آهي.
ٿلهه: ڀرسان واريءَ پاڙ ۾، اڏرن ٿيون آڙيون،
رات سمي جي سانت ۾.

بند: 1. ڪنهنگون نڪري ڪَهِر مان،
ڳاڙهين چنهنبن سان چڳن، ڪچ - ڳڀيون لاڙيون.
2. تيز هوا جي تال تي،
پن پپر جا پاڻ ۾، وڄائن تاڙيون.
3. شيطانن جي شهر کي،
اڀ تان اڇلي پيا ڏين، تارا اماڙيون.
4. ۽ مون هن جي ياد ۾،
تڙڦي تڙڦي سڀ سندس، تصويرون ڦاڙيون.

هن وائيءَ جي گهاڙيٽي جي ٿلهه ۾ ته ٽي پد آهن، جي ٽه - پدي ٿلهائين وائيءَ ۾ آندا ويندا آهن، پر هن وائيءَ جي هر بند ۾ ڏسڻ ۾ ته ٻه پد ۽ ٽين وراڻي آهي، پر هن گهاڙيٽي جي نواڻ يا تجربو هن ريت ڪيو آهي، جيئن ڏيڍ سِٽو شيخ اياز لکيو آهي، پر هن وائيءَ ۾ وراڻيءَ جو جوڳو جوڙ، ان کي وائيءَ جي صنف ۾ شماري ٿو ڇڏي. ڏسندا ته هر بند جو پهريون پد اهوئي عام وائيءَ جيان رکيو اٿس، پر ٻيو پد، ڄڻ نظم يا گيت جي مصرع پئي ڀاسي. اهڙو تجربو، اڳ آيل ڪنهن به شاعر وٽ ناهي. وائيءَ جو اهو بنهه اڇوتو تجربو آهي ۽ ان وائيءَ بابت ڪجهه به نه لکيو ويو آهي.
وري آثم پاران وائيءَ ۾ ڪيل هي تجربو به ڏسو، هونءَ هيءَ وائي ٽه - پدي آهي، جا ٿلهه کان وٺي مڙني بندن تائين نه صرف ٽه - پدي وائي آهي، پر هن وائيءَ ۾ به نواڻ آهي. ڏسو ڪيئن آهي:
ٿلهه: ڇا ڪو ونگجي پيو؟ يا ڪو ڏنگجي پيو،
هن جي وارن کان پڇجي!

بند: 1. ڪَک - پن ساڙيئين ڇا؟ خلق لتاڙيئين ڇا؟
ميلي وارن کان پڇجي!
2. پيار ڪيوٿس ڪو؟ يار ڪيوٿس ڪو؟
پاڙي وارن کان پڇجي!
3. خوشبو اڏري آ، هوءَ ته نه گذري آ؟
رستي وارن کان پڇجي!
4. مون وٽ ايندي ڇا؟ رنگ رچيندي ڇا؟
ڍاري وارن کان پڇجي!

هن وائيءَ جو گهاڙيٽو ڏاڍو عجيب آهي. ٿلهه جي پهرئين ۽ ٻئي پد ۾ قافيو ۽ رديف به رکيو اٿس، پر ٻنهي پدن ۾ سوال اٿاريل آهي ۽ وراڻي، انهن سوالن جو جواب آهي. ساڳيءَ ريت وائيءَ جا چار ئي بند به ٿلهه جي مطابق قافيي ۽ رديف سان رکيا اٿس ۽ هر پد ۾ هڪڙو سوال ۽ ٽيون پد انهن سوالن جو جواب آهي. اهڙي وائي، آثم کان اڳ وارن شاعرن مان ڪنهن به نه لکي آهي.
آثم ناٿن شاهيءَ جي هيءَ ٽه - پدي ٿلهه واري وائي پڙهي مون کي شاهه لطيف جي سُر سسئيءَ مان هيءَ وائي ياد اچي وئي ڄڻ ٻنهي جو وزن ساڳيو آهي. اول آثم جي چيل وائيءَ جو فقط ٿلهه ٿو مثال طور پيش ڪيان.
ٿلهه: رات هئي يا ڏينهن، مان ۽ منهنجو نينهن،
اَپليو نا رهي.


هونءَ آثم ناٿن شاهيءَ روايتي ٻه - پديون، يا صرف ٽه - پديون وايون به لکيون آهن، جن جو هتي حوالو ڏيڻ نه ٿو سونهين.
سحر امداد سنڌي شاعرائن ۾ نمايان حيثيت رکي ٿي ۽ سحر، امداد سان گڏجڻ کان به اڳ شاعري ڪندي اچي. سندس خاصيت ته نظم آهي، پر ڪڏهن ذائقي مٽ، صنف مٽ لاءِ وايون به لکيون اٿس. سندس ڪتاب ’چوڏهينءَ چنڊ آڪاس‘ شاعريءَ جو مجموعو آهي.
”شاعري غيرمعمولي سٽن سرجڻ جو فن آهي ۽ سحر ۾ اهڙين سٽن سرجڻ جي سگهه آهي. خيال جي منظوميت ۽ گهري فڪر کي سادي نموني بيان ڪرڻ تي هن کي قدرت آهي ۽ سحر وٽ اوليت ڏات ۽ ڏانءَ کي آهي.“(16)
سندس وائيءَ جي صنف بابت امداد حسيني لکي ٿو:
”هن جي وائي پنهنجو مٽ پاڻ آهي، ان ۾ ٿل / وراڻي ڪُل جي جُز وانگر آهي. شاعريءَ جي سونهن ان جي سادگيءَ ۾ آهي، پر وائيءَ لاءِ خاص طور اها راءِ وڌيڪ اهم آهي ۽ سحر جي وائيءَ ۾ سادگيءَ جي اها سونهن موجود آهي.“(17)
هاڻ ڄاڻي واڻي سحر امداد حسينيءَ جي ڳالهه کي ٽيڪ اچي ۽ اوهان کي وائيءَ جي ههڙن گهاڙيٽن لکڻ جي پرک به پوي. سحر امداد جي وائيءَ لاءِ به عنوان جوڙيا آهن.
چؤنري تي چنڊ
ٿلهه: چؤنري تي جو چنڊ ڏٺوم، سرتيون ساجن سنڀريوم،
تارا تارا لڙڪ رنوم.

بند: 1. ڏينهن ڏونگر، راتيون روهه، جانڊهه جهڙي جندڙي،
توريءَ جاڙ جيوم.
2. من - بن ۾ دکندو دک، سُکي آهيان سرتيون،
ڪيڏو ڪوڙ ڪيوم.
3. سهسين سارنگ سجن ڪري، مرڪي ايندا مان ڳري،
هنئڙي ڏڍ ڏنوم.
4. ڏرت ڏهاڳ ڏونگرين، جيون جت آ جيڏيون،
ڏانوڻ نه ڏايوم.
5. هيڏي شهر ڀنڀور ۾، موتي مون وڻجيا،
ڪايو ڪمايوم.
6. مٺل مارو، ڪٺل ڪيهون، اکئين ٻڌم اکا،
ڪنين ميڻ وڌوم.
7. دڳ سمورا نرڳ ڏي، سرڳ سما سپرين،
ڀو ساگر اڪريوم.
(چوڏهينءَ چنڊ آڪاس، ص: 111)

مٿي لکجي آيل وائي ٿلهه کان وٺي ستن ئي بندن ۾ ٽه - پدي وائي آهي، پر هن وائيءَ ۾ بنهه انوکو تجربو ڪيل آهي. هن وائيءَ جي ٽنهي پدن کي هم قافيه رکيو اٿس، پر بندن جي ٽئين پد ۾ قافيو رکيو اٿس ۽ بندن جا پهريان ٻئي پد بي قافيه آهن، باقي ٿلهه جو ٽيون پد وراڻيءَ طور ڪتب آندو اٿس. ههڙي وائي به ٻئي ڪنهن شاعر نه لکي آهي.
سحر امداد جي جنهن ٻي وائيءَ جو امداد حسينيءَ مثال ڏنو آهي، اها وائي پڙهي هنئين سان هنڊائي ڏسو. هن وائيءَ جو به سحر امداد عنوان جوڙيو آهي.
انڊلٺ رنگا ڏينهن
ٿلهه: هيل ته برسيا ڏاڍا مينهن، رنگ رسيلا مينهن!

بند: 1. ٽڙي پيا انگ، ڦٽي پيا نينهن،
نوان نڪورا نينهن!
2. نينهن ته آهي، سچاڻو سينهن،
هو سانول سينهن!
3. پوپٽ ڀرتي، اڏريا ڏينهن،
انڊلٺ رنگا ڏينهن!
(چوڏهينءَ چنڊ آڪاس، ص: 155)

هيءَ وائي به انوکي آهي. ٿلهه ٻه - پدو، ٻنهي پدن ۾ قافيو رکيل، پر بندن جا پد، ٿلهه جي پدن جي ڀيٽ ۾ گهٽ وزن وارا رکيا اٿس، جو هڪ ئي پد جو گمان ٿو ٿئي ۽ عجب اهو آهي ته بندن جي ٻئي ۽ ٽئين پد کي هم قافيه رکيو اٿس ۽ بند جي ٻئي پد ۾ آيل قافيو، بندن جي ٽئين پد ۾ ساڳيو، پر نئين مطلب نڪرڻ سان، مان سمجهان ٿو ته اهڙيون وايون اسان پاران مٿي ڄاڻايل مڙني شاعرن مان ڪنهن به نه چيون آهن. ان کان سواءِ وائيءَ مٿان عنوان ڏيڻ جو تجربو به سحر امداد وٽ ئي آهي، ٻئي ڪنهن به شاعر وائيءَ کي عنوان نه ڏنو آهي. اسين سندس هڪ ٽين وائيءَ جا مثال پڙهندڙن کي ڏيکارڻ چاهينداسون. هن وائيءَ جو به عنوان رکيو ويو آهي.
رنگ رتي پرڀات
ٿلهه: وَيَلَ وَيلَ جي واڳ ورائي، آڻيون اهڙي رات،
الو ميان! آڻيون اهڙي رات.

بند: 1. جنهن جي اهڙي سانجهه هجي، ۽ رنگ - رتي پرڀات،
الو ميان! آڻيون اهڙي رات.
2. من جي مکڙي هيڪل وياڪل، تن کي تنهنجي تات،
الو ميان! آڻيون اهڙي رات.

هن وائيءَ جو ٿلهه ۽ ٻه بند پڙهي، پڙهندڙن کي هڪڙو اندازو ٿي ويو هوندو ته اهو گهاڙيٽو ڪيئن گهڙيو ويو آهي. هن وائيءَ جو موضوع رومانوي آهي. هن وائيءَ جي وڌيڪ وائک ڪرڻ نه جڳائي، شاعريءَ جي گهراين ۾ گهڙي، ان جي انگ انگ جي ونگ ونگ کي کولي، ان جي تهه تائين پهچندڙ ضرور پهچي، پروڙي ويندا.
تاج جويو موجوده ٽهيءَ جي نمائنده شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو، پر نه ڄاڻ سندس شاعريءَ جو آڳاٽو ڪتاب ’سوچون سرها گل‘، اياز گل سان گڏ ڇپيل ڪتاب کان سواءِ ٻيو ڪتاب سامهون اچي نه سگهيو آهي. ممڪن آهي ته هن پاڻ پنهنجي شاعريءَ تي ادبي تحقيقي ليکن کي ترجيح نه ڏني هجي. هونءَ هُو 1967ع کان شاعريءَ جي ميدان ۾ پير پائي چڪو هو، پاڻ شاعريءَ جي اڪثر صنفن تي لکندو رهيو آهي. بيت، وائي، غزل، نظم، گيت ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ داخل ٿيل صنفون آزاد نظم، هائيڪا، رينگا ۽ ٽنڪا به لکيا اٿس. هي ڪتاب 1978ع ۾ ڇپيو هونِ، هن ڪتاب ۾ به سندس چيل ڪجهه وايون آهن، جن مان ٻه وايون ٻه - پدائين ٿلهه ۽ بندن سميت ۽ باقي وايون ٽه - پدائين ٿلهه سان لکيون اٿس.
”مون پنهنجي وائيرليس تي ڪافي من پسند آواز جهٽيا آهن. تاج جويو انهن من پسندن آوازن مان هو، جنهن جو پيڇو مون شروع ڪيو. تاج اڪثر هنڌن تي پنهنجي وڄ وراڪا سوچ اهڙو ڏيکاءُ ڏنو آهي، جيڪو تمام ڇرڪائيندڙ آهي. تاج داخلي نوعيت جي شاعري اڻهوند جي برابر ڪئي آهي.“(18)
سندس ٻه - پدي وائي پڙهي ڏسو:
ٿلهه: آيا آيا يار، سڏ سڃاڻي دار جو

بند: 1. کيري آڀونءَ جي وهي، مکڙا ڦول ڦلار.
2. ظاهر گل گلاب جا، جهيڙي ۾ جهونجهار.
3. مرڪون مقتل سامهون، ڪانئر لاءِ ڪٽار.
4. رت ريٽو اڏيءَ تي، پرهه ڦٽيءَ جا پار.

هيءَ وائي ’سورٺي ڇند‘ تي آڌاريل آهي. هن جي ٿلهه جي پهرئين پد ۾ قافيو رکيل آهي ۽ هر بند جي ٻئي پد ۾ هم - وزن قافيو رکيو ويو آهي. هيءَ سڄي جي سڄي وائي خارجي ۽ سنڌ جي سورهين جي سنڌ لاءِ سِر ڏئي سوڀ ماڻڻ خاطر آيلن جا پارپتا ڄاڻايا ويا آهن.
تاج جويو جي ٽه - پدائين ٿلهه واري وائي ڏسو:
ٿلهه: ڳوڙهن ڀنڙا ڳل، آئي اڄ اٿل،
نيڻن جي درياهه ۾

بند: 1. ڪنهن جيءَ سار سرير جا، ڪوماڻا ڪنول.
2. سونهن ننگر جي سئر لئه، کاڌي ساهه اڇل.
3. هي چانڊوڪيون چيٽ جون، چڪيا چاڪ ڇٽل.

تاج جويي جي هيءَ وائي ’دوهي ڇند‘ تي آڌاريل آهي، تنهن هوندي به سندس هن وائيءَ جي ٿلهه جي ٻنهي پدن ۾ هم وزن قافيه آندا اٿس ۽ وائيءَ جو ٽيون پد وراڻيءَ طور استعمال ٿيو آهي. وراڻيءَ وارو پد بي قافيه آهي. هيءَ وائي شاعر جي داخلي ڪيفيت جو اظهار آهي.
ڍولڻ راهي به هند جي اجمير شهر ۾ 1949ع ۾ پيدا ٿيل سنڌي خاندان جو ٻالڪ آهي. هُو سنڌيءَ ۾ ايم. اي. ۽ بي. ايڊ. بڻجي ليڪچرار بڻيو آهي، ان جو جسُ جيترو ڍولڻ راهيءَ کي آهي، ان کان به وڌيڪ جس لائق ته سندس ماتا - پتا ٿا لهڻن، جو هند جي اجمير ۾ رهندي به پنهنجي اولاد کي سنڌي ٻوليءَ جي سکيا ڏياري اٿائون. ڍولڻ راهيءَ به شاعريءَ جي ميدان ۾ لفظن جا گهوڙا ڊوڙايا آهن. هن ٽي منزلون ماڻيون، يعني سندس شاعريءَ جا ٽي ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿيا آهن.
”شاعري ڇا آهي؟ صرف قافيي ۽ رديف سان نباهڻ شاعري ناهي. ڪويتا تڏهن ڪويتا آهي، جڏهن دل کي ڇُهي، چهنڊڙي پائي، ڪجهه سوچڻ لاءِ ڏئي ۽ مَن کي سنتوش (سڪون) بخشي. شاعري خلش به آهي ته سڪون پڻ. ڍولڻ راهي پاڻ به سٺو گائڪ، ڪلاڪار آهي، هن ٻارن لاءِ سٺا گيت لکيا آهن، گيتن کي سنگيت ڏنو آهي ۽ ريڊيو اسٽيشن تي ڳائي گيتن کي چڱي خاصي مشهوري ڏني آهي.“(19)
ڍولڻ راهي جيئن ته شاعر سان گڏ گائڪ ۽ سنگيتڪار به آهي، تنهن ڪري هن جي شاعريءَ ۾ ڳائڻ جو عنصر بيحد ڀرپور آهي. هن گيت، غزل، وايون، نظم، آزاد نظم، دوها، سورٺا، قطعا ۽ هائيڪا به لکيا آهن.
ڍولڻ راهي ٽه - پدي وائي به چئي آهي، پر هن هند جي وڏن شاعرن يا هڪ ٽهيءَ اڳ وارن کان هڪ قدم اڳتي وڌائي نواڻ يا گهاڙيٽي ۾ تجربو پڻ ڪيو آهي. ڏسو اهو ڪيئن آهي.
ٿلهه: ڏاڍ ڪري ويا ڏير، هاءِ ڏئي ويا ڏنڀ ڏکيءَ کي!

بند: 1. هوت پنهونءَ کي ڏوهه ڏئي جا، هيءَ ڪميڻي ڪير؟
ڪهل پوي ڪا ڪيچ ڌڻيءَ کي!
2. مون کان منهنجو محب وڇوڙيو، هاءِ! سمهڻ جي هير،
ننڊ نهوڙيو درد ونديءَ کي!
3. جيءُ جهڄي پيو جهر جهنگل ۾، ڦٽجي پيا ٿم پير،
ڪير پڄائي ماڳ مُٺيءَ کي!
(مور پنکيءَ پل، ص: 40)

هيءَ وائي گهاڙيٽي جي نواڻ آهي، اهڙي وائي شاهه لطيف به هڪڙي چئي سگهيو هو ۽ نه ڄاڻ ان تي وڌيڪ ڌيان ڇونه ڌريو هئائين يا واقعي ئي اها وائي شاهه لطيف جي نه آهي، جنهن جي لاءِ جي. ايم. سيد پاڻ به لکيو آهي ته اها وائي نه گنج ۾ شامل آهي ۽ نه ئي ڪنهن ڇاپي رسالي ۾، تنهن هوندي به سنڌ جا ڪيترائي ڳائڻا فنڪار اها شاهه لطيف جي نالي سان ڳائي رهيا آهن. ان وائيءَ جي مقطع ۾ ’اديون عبداللطيف چئي‘ جو نالو پڻ هن وائيءَ جي مطلع ۾ آيل آهي. ٿلهه جي ٻن پدن ۾ مختلف قافيو رکيو ويو آهي، پر هن وائيءَ جي ٽنهي بندن جي هر ٻئي پد ۾ آيل قافيو، ٿلهه جي پهرئين پد ۾ آيل قافيي سان هم وزن ۽ بند جي ٽئين پد جو قافيو رديف جي ٻئي پد ۾ آيل قافيي سان هم وزن قافيو رديف سميت بيهاريو اٿس. ٽنهي بندن جي هر ٽئين پد ۾ قافئي سان گڏ رديف پڻ رکيو اٿس.
ڍولڻ راهيءَ جي هن ئي شاعريءَ جي ڪتاب ۾ هيٺئين گهاڙيٽي ۾ تجربي کي ڏسو. هن ته ان جي صنف وائي لکي آهي، پر منهنجي راءِ اها آهي ته اُها ڪافي آهي. اوهان به پڙهي ڏسو، پرجهيو ۽ پرکيو، پوءِ راءِ جوڙيو.
ٿلهه: پکيئڙو پرينءَ پار اڏري ويو،
نماڻان کڻي نيڻ نڪري ويو.

بند: 1. اگم ديس کان آيو هو هن ديس ۾،
گهڻوئي گهميو ديس پرديس ۾،
گهمڻ ۾ سندس وقت گذري ويو.
2. ڪڏهن ٿي رهيو آشيانو اڏي،
ڪڏهن گهر پراڻو ڇڏي ويو لڏي،
اصل گهر وسوڙيل کان وسري ويو.
3. پيس پئد چوڳي چڳڻ جي ڪري،
ٿيو قيد پڃري ۾ آهون ڀري،
نما شام ٿي سج به اتري ويو.
4. اُڏڻ لاءِ کنڀڙاٽيون کوهي گهڻيون،
ڇٽڻ لاءِ پڳلي گهڙيون ٿي ڳڻيون،
پراڻو ٿيو پڃرو ته اڏري ويو.
(مور پنکيءَ پل، ص: 42)

مان پنهنجي راءِ مٿي لکي آيو آهيان، هاڻ پڙهندڙن ۽ شاعراڻين صنفن تي نظر رکندڙ دوستن تي ڇڏيل آهي ته اهي منهنجي راءِ سان يا ڍولڻ راهيءَ جي راءِ سان سهمت ٿا ٿين.
ادل سومرو سنڌي ٻوليءَ جي وچين ٽهيءَ جو نمائندو شاعر آهي. اصل ۾ استاد جي حيثيت سان ڄاتو سڃاتو ٿو وڃي. هن نثر سان گڏ نظم به لکيو آهي ۽ ان جا به ڪتاب ڇپيل اٿس. ادل سومرو جي شاعريءَ ۾ سڃاڻ ته نظم آهي، هن جو ڪتاب ’وساري نه ڇڏجو‘ سڄو شاعريءَ جو ڪتاب آهي، جنهن ۾ دوها، بيت، غزل، گيت، ترائيل، نثري نظم ۽ آخر ۾ وايون آيل آهن، جن جو تعداد ٽيتاليهه آهي.
”ادل سومري جي شاعري وک وک تي وکريل زندگيءَ جا سمورا عڪس ميڙيندي، لفظن ۾ مڙهيندي، شفاف آئينو بڻجي سماج آڏو بيهي ٿي رهي. سندس شاعريءَ کي ڪنهن هڪ موضوع جي سِري سان ڏسي نه ٿو سگهجي. سندس شاعريءَ ۾ سجايل سوين رنگن مان مون کي ڪو رنگ اهڙو نه ٿو سُجهي، جنهن کي مان سندس شاعريءَ جي عنوان طور چونڊي سگهان، سندس جيون سفر ۾ ڇانورا بڻجن ٿا، پوءِ اهي ماڳ، مڪان، لوڪ لاءِ مڙئي شهر هجن، پر شاعر لاءِ اهي زندهه تمثيلون بڻجي پون ٿا. ادل سومري جي شاعريءَ ۾ اهڙين تمثيلن جو جابجا ذڪر موجود آهي.“(20)
ادل سومري هن ڪتاب ۾ مختلف صنفن تي مختلف اديبن جا رايا ڏنا آهن. بيت ۽ دوهي تي شيخ اياز جي راءِ ته، ”ادل سومرو نئين ٽهيءَ جو اهو شاعر آهي، جنهن فارسي ۽ اردو وزن کي لت هڻي ڇڏي. جديد شاعر پاڻ تي ڪوبه زنجير رکڻ نه ٿا چاهين، انهن جون اکيون کليل ۽ پير آزاد آهن. ادل سومرو انهن مان برک شاعر آهي.“(21)
ادل سومري وائيءَ جا صرف ٻه گهاڙيٽا لکيا آهن، جن ۾ ٻه - پدي وائي، جيڪا ٿلهه کان وٺي بندن تائين ٻه - پدي رکي اٿس، انهن مان ڪي ’سورٺو ڇند‘ تي آڌاريل آهن ۽ ڪجهه ’دوهي ڇند‘ تي لکيون اٿس. سندس ٻه - پدي وائيءَ جو مثال هي آهي:
ٿلهه: شهر سڄو شيشا، پير اگهاڙا پيار جا.

بند: 1. نفرتن جي لُڪ ۾، ڏامر جا رستا.
2. ريتون هن سماج جون، پٿر ۽ ڪنڊا.
3. لهوءَ ۾ هر جاءِ تي، رهيا رنگ رتا.
(وساري نه ڇڏجو، ص: 180)

هيءَ وائي انتهائي سادي سودي ۽ ’دوهي ڇند‘ تي آڌاريل ۽ ٿلهه جي ٻنهي پدن کي هم - قافيه رکيو اٿس، اهو ڏاڍو بيساخته جڙي ويو اٿس. هي شهر جا خارجي عڪس آهن.
ادل سومري جي ٿلهه ۾ ٽه - پدي ۽ باقي بندن ۾ ٻه - پدي وائي، جيڪا اصل ۾ ’دوهي ڇند‘ تي جوڙيل آهي ۽ ٽيون پد وراڻيءَ طور استعمال ٿيل اٿس، ڏسو ڪيئن آهي:
ٿلهه: اجنبي ٿيندا وڃون ٿا، روز ٿا توڙي ملون،
هيءَ به ڪهڙي دوستي آ.

بند: 1. جا اندر ۾ پئي ٿي سڏڪي، سا نه ٿا اوري سگهون.
2. اوپريون ڀاسن نگاهون، اوچتو جي ٿا ڏسون.
3. ڏينهن ٿيا جو پيار جي، لفط لئه پيا ٿا سڪون.
4. دوستن جي گهر ڏي ويندي، جي لڳن ڳوريون وکون.
(وساري نه ڇڏجو، ص: 185)

هيءَ وائي صرف ٿلهه جي حد تائين ٽه - پدي آهي، باقي سڀ بند ٻه - پدا چيل اٿس. ادل سومري جي وائيءَ لاءِ هڪ لفظ به نه لکيو ويو آهي. سندس هيءَ وائي خارجي، زماني ۾ رهندڙ، جيئندڙ انسانن جي روين جي عڪاسي ڪري ٿي.
عبدالغفار تبسم راڳ جو ڄاڻو ۽ موسيقيءَ جي ڄاڻ رکندڙ شاعر آهي. هن يار شاعريءَ جي اڪثر مروج صنفن تي شاعري ڪئي آهي، جن ۾ آزاد ۽ نثراڻا نظم، غزل، بيت، وائي، هائيڪا ۽ چؤسٽا (قطعا) به لکيا اٿس.
”شاعري پاڻ به ٻين فطري عملن وانگر، هڪ جاري رهندڙ عمل آهي، جنهن لاءِ هر شاعر پنهنجي کيتر ۾ نت نوان ٻج پوکي رنگ برنگي گل ٽيڙي ٿو. شاعري غزل کان وٺي نثري نظم تائين هلي آئي آهي.“(22)
رنگارنگي گل آهن شاعراڻيون، صنفون جن جي شاعر تخليق ڪري ٿو. ان ۾ ڪي تجربا، ڪي گهاڙيٽا گهڙي، موسيقيءَ جي تند ۽ تار سان ملائي، جڏهن ڳائجي ٿي ته ان جي ڪن - رس ۽ سڳنڌ ساري ڪائنات ۾ پکڙجي ٿي ته انسان جا لطيف کان لطيف جذبا ڪَر کڻي بيهن ٿا.
”تبسم ۾ وائيءَ جو فن جلدئي توڙ تائين پهچڻ وارو آهي. هُو قافيي مان ترنم جي تخليق بخوبي ڪري سگهي ٿو. مون کي اميد آهي ته اڳتي هلي هن جي شاعري پنهنجي فن ۽ فڪري صلاحيتن سان اڃا به نمايان ترقي ڪندي رهندي. آخر شاعري به ٻئي هر لطيف فن وانگر ساري زندگيءَ جو رياض آهي ۽ ان لاءِ لڳاتار پٽ - کوهه ڪرڻي ٿي پوي.“(23)
”هن جي شاعري فطرت توڙي داخلي سونهن جي ترجمان شاعري آهي. هن جا لفظ سادا، تُز ۽ احساساتي ڪشمڪش کي بيان ڪندڙ آهن.“(24)
هتي سندس اهي ئي وايون پڙهندڙن لاءِ پيش ٿيون ڪجن، جيڪي شيخ اياز حوالي طور استعمال ڪيون آهن.
ٿلهه: جي نه اچين تون، مون کي سي منهنجيون،
ساروڻيون موٽائجانءِ.

بند: 1. سمنڊ ۽ ڇوليون، چنڊ سنڀارون.
2. لمحا گهرن ٿا، ننڊ جون گوريون.
3. چنڊ سرءُ جو، هينئڙو ڦاڙون.
4. ياد جي موسم، چيٽ جون ٻاريون.
5. سوچ جو آڳر، تنهنجون اڏارون.
6. عڪس اکين ۾، چنڊ چيهاڙيون.
(سوچون صحرا سراب، ص: 48)

هيءَ تبسم جي ٽه - پدي وائي آهي، پر ٿلهه جي حد تائين ۽ باقي بندن ۾ اهي ئي ٻه - پد رکيا اٿس. سندس هيءَ وائي ’دوهو ڇند‘ تي آڌاريل آهي، قافيو بند جي هر ٻئي پد ۾ رکيو اٿس، باقي ٿلهه جو ٽيون پد وراڻيءَ طور استعمال ڪيو اٿس. هن وائيءَ جي پهرئين، ٽئين ۽ پنجين پد جو جيڪو قافيو رکيو اٿس، ان کي شاعراڻي لحاظ سان ڪبيهه قافيي ۾ شمار ڪبو. سندس ٻي وائي جيڪا شيخ اياز حوالي طور کنئي اٿس، اوهان به ان جي گلن جو واس وٺي ساهه سڌير ڪريو. وائي هن ريت آهي:
ٿلهه: ڇو آس ٿئي لاٿي، هوءَ باک ڦٽي آهي.

بند: 1. اڪ ڦلڙيون اکين ۾، ڇو ڇاجي لاءِ ساٿي.
2. ٻڌ ڪنور پيو ڳائي، آسا ۽ پرڀاتي.
3. ڇڏ ويل جو ويسورو، او جيءَ! ڇڏ جيڪا ٿي.
(سوچون صحرا سراب، ص: 37)

غفار تبسم جي هيءَ وائي ٿلهه کان وٺي ٽنهي بندن تائين ٻه - پدي آهي، جيڪا ’سورٺو ڇند‘ تي جوڙيل آهي ۽ ان جي هر بند جي ٻئي پد ۾ قافيو رکيو اٿس.
غفار تبسم جي هيءَ وائي ڏسو جيڪا ٿلهه ۾ ٻه - پدي پر بندن ۾ ٽي پد رکيا اٿس. هن ٽه - پدي ٿلهه واريون وايون به لکيون آهن، پر انهن جي بندن ۾ ٽي پد نه رکي سگهيو آهي، يا اها ضرورت محسوس نه ڪئي اٿس. اهڙيون وايون شاهه لطيف جي رسالي ۾ جام ملنديون. سندس هيءَ وائي ڏسو، جنهن جي بندن ۾ ٽي پد رکيا اٿس.
ٿلهه: او نيري اُڀ جا اداس پنڇي! ڇو اڄ تون ايڏو اداس آهين.

بند: 1. اڃان گگن ۾ ٿو گيت ڳولهين، آويءَ ۾ ڇو اوڳا ڦولهه ڦولهين،
چريو ته ناهين.
2. ڪو چانڊوڪين کي چئي رهيو آ، سوجهرن کي گهٽي رهيو آ،
مايوس آهين.
3. فضا سموري ٺڪاءَ آهن، بارود بم جا هڳاءَ آهن،
ڇا گهر اڏائين.
4. هوائون گونگيون ۽ ٻوڙا بادل، او پنڇي تنهنجا هزار قاتل،
ڪنهن تي دانهين.
5. ڏسين پيو هر لام دام لڙڪي، ۽ هِلِ جي چنبن ۾ ڳيرو ڦڙڪي،
جهيڙڻ ٿو چاهين.
(سوچون صحرا سراب، ص: 41)

غفار تبسم جي هن وائيءَ جو انوکو تجربو آهي. هن وائيءَ جو ٿلهه ٻه - پدو ۽ هر بند ٽه - پدو رکيو اٿس، پر سندس هيءَ وائي شاهه لطيف جي اهڙي قسم واري وائيءَ کان مختلف آهي. هن يار وائيءَ جي ٿلهه جي ٻئي پد ۾ جو قافيو آندو آهي، اهو هر بند جي ٽئين پد سان هم قافيه آهي، جڏهن ته وائيءَ جو پهريون ۽ ٻيو بند وري ٿلهه کان مختلف قافين سان جوڙيا اٿس. وائيءَ جي ٻئي ۽ ٽئين پد ۾ وري قافيي سان گڏ رديف به آندو اٿس، جڏهن ته پهرئين، چوٿين ۽ پنجين بند جي پهرئين ۽ ٻئي پد کي صرف هم - قافيه رکيو اٿس. هونءَ وائيءَ ۾ رديف آڻڻ ضروري نه به هوندو آهي، ايئن ڪافي يا غزل ۾ ته ڪرڻ ضروري هوندو آهي، نه ڄاڻ ڇو هُو يار مڙني بندن تي هڪجهڙائي بخشي نه سگهيو آهي.
مشتاق باگاڻي، شڪار جو شوقين آهي، نه ڄاڻ ڪيئن هن جو سنڌي ٻوليءَ جي شاعراڻي صنف وائيءَ سان پيچ پئجي ويو. سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ ۾ به ڪڏهن ڪڏهن اچي سهڙندو هو ته کيس پڙهڻ ۽ ٻڌائڻ لاءِ وائي ئي هوندي هئي. شايد کيس وائيءَ جي صنف ۾ بهتر خيالن جو اظهار ڪرڻ ايندو آهي.
”مشتاق باگاڻي ننڍو نيٽو ۽ الهڙ شاعر آهي، سندس وايون جيڪڏهن فني ريت پختيون ناهن، ان هوندي به هي شاعر ڌرتيءَ جي شاعريءَ جو هڪ ڪرڻو آهي.سندس الهڙ سچائيءَ کي سنڌي ادب جي تاريخ وساري نه سگهندي. شاعر بغاوت نه به لکي پر ڏکن ڀريل انسان جي جيڪڏهن مورت چئي ٿو ته به اها نئين سماج لاءِ لاٽ ۽ واٽ آهي، ڇوته شاعر تاريخ جو اڻ لکو اظهار ڪندو آهي.“(25)
شاعر جنهن به ٻوليءَ ۾ پنهنجو اظهار، شاعريءَ جي ڪهڙي به صنف يا ادب جي ڪهڙي به صنف ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري، اهو ان ٻوليءَ جي ادبي تاريخ جو حصو بڻجي پوندو آهي. مشتاق باگاڻيءَ شاعريءَ جي ٻين صنفن تي به قلم ۽ ذهن کي هلايو آهي، پر ايترو نه جيترو هن وائيءَ جي صنف تي ڌيان ڏنو آهي. سندس هي ڪتاب ’هُو جي ٻول ٻُريا‘ سڄي جو سڄو وائيءَ جي صنف تي آهي، هن ڪتاب ۾ شاعريءَ جي ٻي ڪا به صنف شامل ئي ناهي.
مشتاق باگاڻي به وائيءَ جي صنف ۾ ڪي تجربا ڪيا آهن، جن ۾ هڪڙو گهاڙيٽو ٻه - پدي ٿلهه ۽ بندن وارو آهي ۽ ٻئي گهاڙيٽي ۾ ٽي پد رکيا اٿس باقي سڀ بند اهي ئي ٻه - پدا رکيا اٿس. اوهان به پڙهي ڏسو ڪيئن آهي.
ٿلهه: ڪُنن ڏي ڪاهينِ، مڇيءَ لاءِ مورڙيا.

بند: 1. ويهنِ مور نه ماٺ ۾، سوريون سهسائين.
2. راوت رنگي رڇڙا، ٺوڳيءَ کي ٺاهين.
3. هڻي ڪات ڪپار ۾، گهاتوئڙا گهائين.
(هو جي ٻول ٻُريا، ص: 43)

سندس هيءَ وائي ’سورٺو ڇند‘ تي آڌاريل آهي، مطلب ته هن وائيءَ جي ٿلهه ۾ قافيو پهرئين پد ۾ رکيو ويو آهي، باقي بندن ۾ هر ٻئي پد ۾ قافيو آيل آهي. هيءَ وائي سڄي خارجي منظر پيش ڪري ٿي، جڏهن ته مون کي هن وائيءَ جو ٻيو بند، باقي وائيءَ ۾ آيل موضوعن سان ميل کائيندڙ نه ٿو لڳي. سندس هيٺ ڏنل ٽه - پدي وائي پڙهي ڏسو.
ٿلهه: ٻڏيءَ کي تاريو، سڄڻ سنڀاريو،
ناوَ وڃي ٿي هٿ مان.

بند: 1. ويڻو جهليو وائڙا، ڪَهي ڪوڪاريو.
2. مانجهي وانجهي واڙيا، سڙهه کي سنواريو.
3. دامڻ ڇڪيو دادلا، همٿان هوڪاريو.
(هو جي ٻول ٻريا، ص: 45)

هن صرف وائيءَ جي صنف کي پنهنجو ڪيو آهي. ان گهاڙيٽي جي بدران ڪنهن حد تائين موضوع جي نواڻ ئي آندي آهي. هيءَ وائي سڄي خارجيت ۽ ملاحن جي ٻيڙيءَ بابت ڪي لفظ استعمال ڪري سگهيو آهي، باقي ٿلهه جي پهرئين ۽ ٻئي پد ۾ قافيو رکيو اٿس، جڏهن ته وراڻيءَ وارو پد بي قافيه آهي.
نصير مرزا، مرزا قليچ بيگ جي خاندان جو چشم چراغ، شاعر، اديب، ادب ۾ مضمون نگار، ڪمپيئر، ريڊيو پاڪستان سان ڊگهو عرصو واڳيل رهيو آهي. اسڪرپٽ لکڻ، اسڪرپٽ جاچڻ، ان کي پاڪستان جي ريڊيائي لهرن تي اُماڻڻ، نصير مرزا ۾ خوداعتمادي پيدا ڪري ڇڏي. خانداني اديبن جي ڏات ۽ ڏانءَ جو به هن تي گهرو اثر پيل آهي، کيس ڳالهائڻ ۾ پاڻ ڀرائي ۽ غضب جو يادگيرو حاصل آهي. ادب، اديبن ۽ ادب پارن جي ڄاڻ سان گڏوگڏ ياد داشت جي ميلاپ کيس نشانبر ڪري ڇڏيو آهي. اڄ ڪلهه ريڊيو اسٽيشن ڊائريڪٽر طور ذميواريون نباهي رهيو آهي.
رڳو اهو ئي نه پر هن شاعراڻي ادب ۾ به پاڻ موکي ڏيکاريو آهي. سندس شاعريءَ جا ٻه ڪتاب ڇپيل آهن، جن ۾ ’خوشبوءِ جي سنگ سنگ‘ ۽ ’ٿي نه سگهيس شاعر‘ شامل آهن. هن شاعريءَ ۾ گهڻو تڻو نظم لکيو آهي، پر هن غزل، گيت ۽ ڪجهه وايون به لکيون آهن.
”شاعري لفظن جي نه پر خيالن جي منظوميت جو نالو آهي بلڪ منظوم خيال چوڻ وڌيڪ سولو ٿيندو، ڇاڪاڻ جو ان ۾ وزن / ڇند، ردم، معنيٰ، اثرانگيزي، سڀ اچي ٿو وڃي ۽ سڀ کان وڌيڪ ان منظوم خيال کي پني تي آڻڻ جو جواز به آهي. نصيراڻا نظم نصير جي اختراع آهي، هونءَ ته هن جو هر نظم نصيراڻو آهي.“(26)
هاڻ امداد حسينيءَ تي سندس نظم تي مهر هڻي ڇڏي آهي ته نصير مرزا جي نظم / شاعري نصيراڻي آهي، يعني اهڙي ٻيو ڪو ڪري نه ٿو سگهي. بهرحال نصير مرزا ’وائي‘ تمام گهٽ لکي آهي، الائي ڇو؟ جڏهن ته کيس راڳ ۽ راڳڻين جي ڪجهه ته ڄاڻ آهي، تنهن هوندي به وائي ۽ ڪافي هن جي ڍاڪ تي چڙهي نه سگهي، پوءِ به سندس هن ئي ڪتاب ۾ ڪُل ٽي وايون آيل آهن. سندس ٻه - پدي وائي پڙهي ڏسو:
ٿلهه: ڌرتيءَ جو ڀڳوان، الو ميان! آهي خود انسان.

بند: 1. وستيءَ وارؤ جاڳو جاڳو، آڌيءَ جو اپمان، الو ميان!
2. ڪارو اُڀ ۽ ريٽي ڌرتي، سوريءَ تي ٻلوان، الو ميان!
3. جو ڀي ڌرتيءَ نانءُ ڳنهي ٿو، تنهن لئه آ زندان، الو ميان!
(ٿي نه سگهيس شاعر، ص: 158)

هيءَ وائي ٿلهه کان وٺي ٽنهي بندن تائين ٻه - پدي، ’سورٺو ڇند‘ تي آڌاريل آهي، جو ٿلهه جي ٻنهي پدن ۾ قافيو رکيو اٿس. اهڙي طرح هر بند جي ٻئي پد ۾ قافيو آهي. سڄي وائي خارجيت ۽ سياسي رنگ ۾ رتل آهي، پر کانئس شايد اها ڳالهه وسري وئي ته ’سوري‘ يا ’ڦاسي‘ چاڙهيل انسان يا سندس لفظن ۾ ’ٻلوان‘ جي جسم مان رت ڪيئن وهي ڌرتيءَ کي ريٽو ڪندي، جو اهو انسان ته ساهه جي رڳ بند ٿيڻ ۽ مغزي ڏور ڇڄي پوڻ ڪري پساهه پورا ڪندو آهي.
نصير مرزا هڪ ٽه - پدي ٿلهه واري وائي به لکي آهي، پر اهي ئي ٽي پد بندن ۾ آڻي نه سگهيو آهي، کيس بيساخته خيال جيئن آيو آهي، تيئن وائيءَ جي صنف ۾ سمايو اٿس، ڇوته هر خيال پاڻ سان گهاڙيٽو کنيو ايندو آهي. سندس هيٺ ڄاڻايل وائي ڏسو:
ٿلهه: ڪنڍيل ڪڪوريل اکڙين ۾، ڪجل جي ريکا پائي
گجرو ٿي ڳڀرو گهائي.

بند: 1. ڇوهه مان ڇالون ماري ڇوري، هانوَ هڙن جا هرکائي.
2. جوڀڻ جي جر ڦل سان جُوءِ، جهرمر سان جرڪائي.
3. وار گنڌي ويڙهو ئي ۾، گل گلاب جو اٽڪائي.
4. سر کنڊ مَکي لڱن کي، هر جا خوشبو ڦهلائي.
(ٿي نه سگهيس شاعر، ص: 156)

هيءَ وائي ٿلهه ۾ ٽه - پدي، ’دوهو ڇند‘ تي بيهاريل آهي. هن وائيءَ جي ٽئين پد جو قافيو به ٻئي پد سان هم قافيو رکيو اٿس، باقي هر بند اهوئي ٻه - پدو رکيو اٿس. ٿلهه جو ٽيون پد وراڻيءَ طور ڪتب آندو اٿس.
اياز گل، سنڌي شاعريءَ جي ميدان جو اهڙو سرڪش گهوڙو آهي، جنهن ڪيئي معرڪا ماڻيا آهن. سندس ڪتاب ’ميلي جي تنهائي‘ سال 2013ع جا ٻه ادبي انعام ماڻي چڪو آهي، هڪ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد ۽ ٻيو پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس، اسلام آباد پاران. هُو پنهنجي ٽهيءَ جو نمائندو شاعر آهي ۽ کيس غزل چوڻ تي پوري گرفت آهي، پر هن غزل کان سواءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ رائج ٻين شاعراڻين صنفن تي به لکيو آهي. سندس هن ئي ڪتاب ۾ غزل، وايون، نظم، ڪافي (صوفياڻو ڪلام)، بيت، گيت، چؤسٽا ۽ ترائيل آيل آهن.
”اياز گل انهن شاعرن ۾ سڀن کان اڳرو آهي، جن پنهنجي دؤر جي شاعري ڪئي آهي. اياز گل، نارائڻ شيام وانگر غزل سان لنءُ لڳائي آهي، ايئن چئجي ته اياز گل، نارائڻ شيام جو اُسريل ۽ اڳتي وڌيل روپ آهي ته غلط نه ٿيندو.“(27)
”اياز گل جي شاعري پنهنجي ڌرتيءَ جي پيدائش آهي، اها فارسي بحر وزن جي مشاقيءَ تي نه ٿي لڳي، ان کي هڪ انوکي خوشبو آهي جا نم جي ٻور ۾ ٿيندي آهي ۽ ان کي هڪ الڳ رنگ آهي جيڪو پيرن ۾ ٿيندو آهي. جيڪڏهن هن مشقِ قلم جاري رکي ته ڪنهن وقت هن جي شاعري فن جون اهي بلنديون ڇهندي جا ڳالهه تمام ٿورن شاعرن کي نصيب ٿيندي آهي.“(28)
مون جيڪا ڳالهه اڳ لکي هئي، ان جي تصديق پڻ ٿي چڪي، پر اسان جو موضوع تي ’وائي‘ آهي. هن ڪتاب ۾ اياز گل جون ڪُل ايڪويهه وايون شامل آهن. انهن جو گهاڙيٽو اهوئي روايتي شروعاتي اساسي وائيءَ وارو آهي، يعني سندس سڀ وايون ٿلهه کان وٺي بندن تائين ٻه پدايون آهن يا ڪن واين جي ٿلهه ۾ ٽي پد باقي بندن ۾ اهي ئي ٻه پد رکيا يا لکيا اٿس. سندس هيءَ ٻه پدائين وائي ڏسو:
ٿلهه: راڻا اچي رس، وهي وهامي راتڙي.

بند: 1. روئي روز نهاريا، هر هر تنهنجو گس.
2. ڪر سڀ معاف مدايون، کاءُ کڻي ڪو ڪس.
3. ڪؤڙي لڳي ڪاڪ ٿي، ناهي ڪوئي چس.
(ميلي جي تنهائي، ص: 176)
هيءَ وائي ٿلهه کان وٺي ٽنهي پدن تائين ٻه پدائين آهي ۽ ’سورٺو ڇند‘ تي آڌاريل آهي. ٿلهه جي پهرئين پد ۾ قافيو ۽ بندن جي هر ٻئي پد ۾ قافيو آيل اٿس. مومل راڻي جي داستان سان لاڳاپو رکيل اٿس، باقي عام روايتي وائي آهي. سندس ٽه - پدي وائي ٿلهه جي لحاظ سان ڏسو ڪيئن آهي.
ٿلهه: ڪهڙي ماٺ منجهان، ڪهڙي واٽ وڃان؟
۽ مان سوچيندو رهيس.

بند: 1. ڪهڙي در کان ڌار ٿيان، ڪاٿي پير رکان؟
2. تو ڏٺو تنهن درد کي، ڪهڙو نانءُ ڏيان؟
3. ڇا چاهي ٿي زندگي، آخر ماڻهوءَ کان؟
4. ڇا مان سوچڻ بند ڪيان، هاڻي لڙڪ اگهان؟
(ص: 156)

هن وائيءَ ۾ اياز گل ٿلهه ته ٽه - پدائون رکيو آهي، جنهن ۾ به قافيو پهرئين ۽ ٻئي پد ۾ رکيو اٿس ۽ ٽيون پد بي قافيه وراڻيءَ طور رکيو اٿس. سڀني بندن جي ٻئي پد ۾ قافيا سواليه جوڙيا اٿس. هن ڪتاب ۾ سندس سڀ وايون انهن ئي گهاڙيٽن کان اڳتي نڪري نه سگهيون آهن.
مير عبدالرسول مير نواب شاهه ڪاليج ۾ ليڪچرار آهي. استاد ٿيڻ ۽ ذهني طور ٿرٿانءِ ٿيڻ کان پوءِ شاعري ڪرڻ شروع ڪيائين. هن پختو ارادو ڪيو هئائين ته،
”جيسيتائين پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي لائق نه ٿو ٿيان، تيسيتائين شاعري نه ڪندم يا ايئن چئجي ته مون ڄاڻي واڻي شاعريءَ سان بي وفائي ڪرڻ شروع ڪئي. شاعري جڏهن سورنهن سينگار ڪري جهڙڦڙ جي مند ۾ مينهن جي وجود سان چنبڙي مون ۾ سمائجڻ جي ڪندي هئي ته بجاءِ کيس کلي کيڪارڻ جي مان کيس نراس ڪري ڇڏيندو هوس.“(29)
پوءِ جڏهن هن شاعريءَ جي اجهاڳ سمنڊ ۾ گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هن جو قلم ڪيترين ئي شاعراڻين صنفن تي هلڻ لڳو ته هن بيت، وايون، غزل، قافيون، گيت، نظم، ٽه - سٽا لکي، ڪتاب صورت ۾ سنڌي پڙهندڙن کي پيش ڪيا.
”مير عبدالرسول مير وائي به لکي آهي. هن جي وائيءَ ۾ جيڪا دين آهي، سنڌي شاعريءَ کي، انهيءَ تي گهڻو ڪجهه لکي ٿو سگهجي. مثال وائيءَ ۾ هن جيڪي تجربا ڪيا آهن. هن عروض تي به وايون لکيون آهن.“(30)
”سندس واين ۾ به سنڌ جي موجوده سماجي شعور جي ڀرپور جهلڪ ملي ٿي. سنڌي قوم کي اسان جي شاعر ۾ وڏيون اميدون آهن ۽ پڪ سان سندس ڏات ڏاهپ جي ڏياٽي هن اونداهي سماج کي روشني ڏيندي.“(31)
مير عبدالرسول جي هيءَ ٻه - پدي وائي ڏسو:
ٿلهه: مارون سڀ مُهان، ڪوبه نه ميرو مَن جو.

بند: 1. ايندو ايندو او ميان! اتم ڪو انسان.
2. ايندو ايندو اوچتو، تڪڙو ڪو طوفان.
3. ڪيرائيندو ڪوٽ کي، آزاديءَ-اعلان.
4. اوچو آهي اڀ کان، مٽيءَ سندو مان.
5. آهي اسان جو عمر، آزادي-عنوان.
(سونهن ورونهن، ص: 85)

هيءَ وائي ’سورٺ ڇند‘ تي آڌاريل آهي. هن وائيءَ جي پهرئين پد ۾ قافيو رکيو ويو آهي ۽ هر بند جي ٻئي پد ۾ قافيو آندل آهي. مير عبدالرسول هن وائيءَ ۾ خارجي خيالن کي سمايو آهي. سندس هڪ ٽه - پدي وائي هن ريت آهي. هن وائيءَ ۾ هڪ نئون تجربو ڪيو ويو آهي، جو اوهان جي پڙهڻ ۽ پرجهڻ لاءِ پيش ٿو ڪجي.
ٿلهه: ڏوري ڏوري ڏيهه، پنهنجي پکيڙي پيهه.

بند: 1. بيوس آهين، باندي آهين، موڳي آهين، ماندي آهين،
پرجهي ڇڏ پرڏيهه، لاڳاپا لڙ لاهيون.
2. ڏيهه پرائو ڏنجهه ڏهاڙي، جنهن جي ڪائي اڳ نه پڇاڙي،
واڳ ورائي ويهه، ڪوهه ڪجن ڪوتاهيون.
3. ساهه پساهه کان پيارو آهي، سڀنيءَ جو ئي سهارو آهي،
سارو ئي ساڻيهه، وندر ۽ ويساهيون.
4. پرت پکن جي پاري ڏسجي، گهرجائن سان گهاري ڏسجي،
ڇڪ جنين وٽ ڇيهه، ’مير‘ انهن سين آهيون.
(سونهن ورونهن، ص: 88)

هن وائيءَ جو ٿلهه ٻه - پدو ۽ ٻنهي پدن ۾ قافيو رکيل، پر هن وائيءَ جي هر بند ۾ چار چار پد آهن، جن ۾ پهريون ۽ ٻيو پد پاڻ ۾ هم قافيه ۽ ٽيون پد ٿلهه جي ٻنهي پدن سان هم قافيه آهي، پر چوٿون پد بنهه الڳ ۽ ان جو قافيو وري هر بند جي چوٿين پد سان هم قافيه آهي. منهنجي خيال کان ته اها وائيءَ جي صنف ۾ شمارڻ نه گهرجي، اها ڪافي آهي، ڇاڪاڻ ته ڪافيءَ ۾ هر مصرع ۾ ٻه يا ٻن کان وڌيڪ تڪون يا چار ۽ چئن کان وڌيڪ پد ٿيندا آهن، پر شاعر هن کي وائي ٿو چوي. هن وائيءَ جو گهاڙيٽو شعوري طور ايئن رکيو ويو آهي. مٿي ڄاڻايل مڙني شاعرن وٽ اهڙي گھاڙيٽي واري وائي آهي ئي ڪانه.
نصير سومرو سنڌي ٻوليءَ جو شاعر ۽ مضمون نگار آهي. بنيادي طور هُو سائنس جو شاگرد، صحيح معنيٰ ۾ ڌاتو ڳارڻ Metallurgy جو انجينيئر آهي ۽ پاڪستان اسٽيل مل ۾ ڪم ڪري چڪو آهي. هن جو خانداني پسمنظر، ادب، خاص ڪري مذهبي ادب ۽ عربيءَ جا ڄاڻو هئا، تنهن هوندي به ”نصير واقعي شاعر آهي. هن جي شاعري ٺلهي لفظن يا هنر Craft نه پر آئيڊياز جي فني شاعري Art آهي. هُو رڳو هڪ صنف سان مخصوص نه پر اٽڪل سمورين شاعراڻين صنفن وائي، غزل، چؤسٽا ۽ هائيڪو وغيره لکيا اٿس ۽ پاڻ ملهايو اٿس، جنهن مان هن جي مهارت ۽ تنوع جو ثبوت ملي ٿو. ان کان سواءِ هُو عربي عروض ۽ سنڌي ڇندوديا جو ماهر آهي. ارڪان ۽ ماترائن ۾ هن پنهنجي انجينيئري صلاحيت جو مظاهرو ڪيو آهي.“(32)
نصير سومرو جن صنفن تي پنهنجي قلم مان ڪارج حاصل ڪيو آهي، انهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي جهوني ۽ مقبول عام، ڳائي وڄائي ويندڙ صنف ’وائي‘ به آهي. اسان جي سامهون نصير سومرو جون جوڙيل سورنهن وايون آهن. هن ٿوري شاعريءَ ۾ سماجي ڪارج جون ڪجهه خوبيون يا قدر ضرور آهن. اهڙن قدرن واري شاعريءَ کي اجتماعي قدرن واري شاعري چيو وڃي ٿو.“(33)
نصير سومري جي ازحد ڪوشش سنڌيءَ جا چيدا لفظ استعمال ڪرڻ آهي. سندس واين تي تاجل بيوس جي راءِ ڪجهه ته وزن رکي ٿي. سندس وايون ٻه - پديون آهن، جن جو مثال هن ريت آهي:
ٿلهه: اوجهل ڇو انسان کان، پاڇولا پولار ۾.

بند: 1. دل ۾ دک دليل جا، اڳتي ڇا امڪان کان.
2. آڌي ڀت ڀوائتي، ڌرتيءَ جي دهمان کان.
3. شوق بڻائي ڇيڪ ڇڏيو، ٻانهپ جي ٻلدان کان.

هيءَ وائي ’سورٺي ڇند‘ تي چيل آهي، پر ان سان قافيي سان گڏ رديف به رکيل آهي. ٿلهه جو ٻيو پد بلڪل جدارو ۽ وراڻيءَ طور بندن سان ميل نه ٿو کائي. هن وائيءَ ۾ ڪجهه فلاسافي آهي، وائي چس رس کان عاري آهي.
نصير سومري جي انهن سورنهن واين مان هڪڙي وائي اهڙي آهي، جا وائيءَ جي گهاڙيٽي ۾ عجيب قسم جو تجربو ڪيل آهي. اهڙو گهاڙيٽو هِن اُن هڪڙي ئي وائيءَ تائين محدود رکيو آهي ۽ ان کي اڳتي نه وڌايو اٿس. ان جا ڪي سبب ضرور هوندا. اسان اوهان جي پڙهڻ ۽ چس رس جي لاءِ پيش ٿا ڪريون. هن وائيءَ تي ڪافيءَ جو گمان پختو ٿو ٿئي.
ٿلهه: چنڊ ڪر ڪا خبر، ڇا ڏٺئه ڇا ٻڌءِ،
رات جي رڃ اندر.

بند: 1. چئه پيا کي وڃي، ننڊ تولئه ڦٽي.
هڪ گهٽي ٻي گهٽي، دربدر دربدر.
2. هي به چئجانس ڙي، ننڊ کڙڪيءَ منجهان،
پائي جهاتيون ڏسان، من اچين ڪٿ نظر.
3. ماٺ ئي ماٺ ۾، منزلون طئه ڪيون،
ڪئين ڳالهيون ٿيون، مشڪ جان مشتهر.
4. وٽ بتيءَ جي جهڪي، پئي اجهامي ٻري،
دل ٻڏي ۽ تري، آهه پويون پهر.
5. ريت چمڪي نصير، آسمان تان لهي،
ڄڻڪ آيا ڪهي، ڪهڪشان زيپر.
(جل تي ڪنول جيئن)

نصير سومري جي هن وائيءَ جي، منهنجي خيال ۾ ڪافيءَ سان ويجهڙائپ ٿئي ٿي. وائيءَ جو ٿلهه ٽه - پدائون، جنهن ۾ پهريون ۽ ٽيون پد هم قافيه رکيو اٿس، پر هن وائيءَ جو هر بند چئه - پدو آهي، جنهن ۾ وري بند جو هر ٻيو ۽ ٽيون پد هم قافيه آهي ۽ بند جو چوٿون پد ٿلهه جي پهرئين ۽ ٽئين پد سان هم قافيه بيهاريو اٿس. هن يار پاڻ به اها هڪڙي ئي وائي لکي سگهيو آهي. هونءَ شيخ اياز جو چوڻ آهي ته شاعر گهاڙيٽا ٺاهيندا آهن، گهاڙيٽا شاعر نه ٺاهيندا آهن.
اياز جاني سنڌي ٻوليءَ جي موجوده ٽهيءَ جو رڄ شاعر آهي. ڪن سببن جي ڪري سندس شاعريءَ جو ڪتاب ڇپجي نه سگهيو آهي، پر سندس شاعري ڪافي ننڍي وهيءَ کان وٺي، ٻارن لاءِ ڇپيل رسالن ۾ به ڇپبي رهي آهي. هن جي اهميت اِها آهي ته علم عروض تي چڱي هٿ پهچ رکي ٿو، جيڪا سندس ٽهيءَ جي گهٽ شاعرن کي ڄاڻ آهي، تنهن ڪري سندس غزل عروض تي چيل آهن، جن جو ڇيد ته تڏهن ئي ٿي سگهندو، جڏهن سندس ڪتاب پڙهندڙن جي هٿن ۾ ۽ مطالعي ۾ اچي.
اياز جاني غزل کان سواءِ وايون به عروض جي آڌار تي لکيون آهن، پر هن وائي اهائي روايتي يعني ٻه - پدي ئي لکي آهي، ان ۾ گهاڙيٽي جي ڪابه نواڻ سواءِ عروض جي ڪانه آڻي سگهيو آهي.
شيخ اياز نوجوان شاعرن جي شاعريءَ جي سهيڙ ۾ نون شاعريءَ تي لکندي، اياز جانيءَ بابت هيئن ٿو لکي، ”آخر ۾ اياز جانيءَ جي غزلن ۽ واين تي اچان ٿو. اياز جانيءَ مون وانگر سنڌيءَ جا مشدد لفظ بحر وزن ۾ مشدد ئي ڪري ڪم آڻي ٿو، جي مون اڳ ورلي ڪم آندا ويندا هئا. اياز جانيءَ جي واين ۾ ڪجهه سٺا تصور (Images) آهن.“(34)
اياز جانيءَ جي وائيءَ جو گهاڙيٽو ڏسو، سندس هڪ ٻه - پدي وائي هيئن آهي:
ٿلهه: صحرا صحرا نيڻ، آءٌ مسافر آهيان.

بند: 1. منهنجي مايا اڃّ آ، سپنا سپنا نيڻ.
2. رات به مون سان چنڊ هو، تارا تارا نيڻ.
3. آءٌ ڏسان ٿو خواب ۾، دريا دريا نيڻ.

هيءَ ٻه پدي ٿلهه سان گڏ ٽن بندن واري وائي جوڙي اٿس. هيءَ وائي ’سورٺو ڇند‘ تي آڌاريل آهي ۽ هن وائيءَ جي ٿلهه جي پهرئين پد ۾ قافيو رکيو اٿس. اياز جانيءَ جي واين ۾ ٿوريون وايون صرف ٿلهه ۾ ٽه - پديون آهن ۽ باقي بند اهي ئي ٻه - پدا ۽ ٿلهه ۾ آندل ٽيون پد وراڻيءَ طور ڪتب آندو اٿس. ڏسو ڪيئن آهي هيءَ ٽه - پدي ٿلهه واري وائي. شيخ اياز لکندي حوالي طور آندي آهي، جا پڙهندڙن کي پيش ڪجي ٿي.
ٿلهه: ڪير چوي ٿو سج اڀري ٿو، ٽانڊاڻو ٿئي ڪو،
ٽڙندي جاڳرتا.

بند: 1. هٿ ڪڙين کي چمندي اڀ ۾، پکين کي ڏسجو.
2. گڏجي ٽهڪ پکيڙيو، جڙندو، خوشبو جو رستو.
3. آهي جي اونداهيءَ ۾،جيئڻ جو جذبو.

هن وائيءَ ۾ اياز جانيءَ صرف ٿلهه ٽه - پدائون رکيو آهي، باقي بند ٻه - پداوان رکيا اٿس. اها وائي روايت ۽ بناوت جو سهڻو ڳانڍاپو، اندر ۾ سمائي ٿي. ايئن ٿلهه جو پهريون ۽ ٻيو پد هم قافيه به آهن ۽ ٿلهه جو ٽيون پد وراڻيءَ طور ڪتب آندو اٿس. اياز جانيءَ جي وائيءَ کي پڙهي ايئن ٿو لڳي ته شعوري طور تي ايئن لکيون ويون آهن، انهن ۾ بيساختگي ناهي.
سعيد ميمڻ هن دؤر جي شاعرن ۾ اهم جاءِ والاري ٿو. هن پنهنجي ٽهيءَ ۾ڪافي حد تائين نين راهن تي رمڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سعيد ميمڻ جا ڪجهه شاعريءَ جا ڪتاب ڇپيل آهن. سندس غزل، وائي، گيت، چؤسٽا پنج ڪڙا، نظم ۽ آزاد نظم پڻ ڪتابن ۾ آيل آهن. سندس وايون گهڻو تڻو ٻه - پدي ٿلهه ۽ بندن کان سواءِ، ٽه - پدي ٿلهه ۽ ٻه - پدي بندن تي لکيل آهن.
شيخ اياز سندس وائيءَ بابت لکيو آهي ته:
”مون کي هن جي ٽيڪنيڪ ۾ ڪافي پختگي نظر اچي ٿي. دراصل شاعري سڄي زندگيءَ جو رياض آهي.“(35)
سعيد ميمڻ جي وائيءَ جي باري ۾ منير چانڊيو هو هيئن چوڻ آهي، ”هُو موجوده دؤر جي اهم شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو. سندس وايون به پنهنجي تخليقي سونهن ۾ وڏيون حسناڪ آهن، جن ۾ اعليٰ انسان دوست آدرشي مقصديت سمايل آهي. سعيد ميمڻ جي وائي ڪنهن به اداس ۽ مايوس ماڻهوءَ کي زندگيءَ ڏانهن موٽائي، فطرت ۽ سماج سان تعلق ڳنڍڻ لاءِ اتساهي ٿي.“(36)
سعيد ميمڻ جي وائيءَ بابت ٻن راين مان ايئن ٿو لڳي ته سعيد ميمڻ جي وائي، رس چس سان گڏ جذبن ۾ اڀار آڻي ٿي. ڏسون ته ڪيئن آهي.
ٿلهه: ڪو ڏسڻ وارو هجي، زندگي رنگين آ.

بند: 1. اڀ جي نيراڻ ۾، ٿو اچي بادل گهمي.
2. گل جا ڳاڙها ڳٽا، ٿو ڦڪو پوپٽ چمي.
3. سائي ٽاري نم جي، ڪانگ ٿو جنهن تي لنوي.
4. سعيد ڏس کولي اکيون، هر نظارو ٿو ڏسي.

هيءَ وائي ’سورٺو ڇند‘ تي آڌاريل، ٿلهه کان بندن تائين ٻه - پدائين آهي. قافيو ٿلهه جي پهرئين پد ۾ آندو اٿس، باقي بندن جي هر ٻئي پد کي هم قافيه بڻايو اٿس. سعيد ميمڻ جي واين مان سندس هڪ ٽه - پدائين ٿلهه واري وائي جو ڪن - رس حاصل ڪريو.
ٿلهه: ڍوليا کائجي ڪس، راڻا ايئن نه رس،
موٽي آ تون مينڌرا.

بند: 1. مون تي سانوڻ مينهن جا، آڌيءَ ويلي وس.
2. توريءَ جوڀن جو جلي، پاڻ اچي تون پس.
3. گل ٽڙيا هن ڪاڪ ۾، رُت نه ڏئي ٿي رس.
4. چوڏهينءَ چانگي تي چڙهي، ساڳيو وٺي گس.
(اسان جو عشق اڻپورو، ص: 60)

هونءَ ته هيءَ وائي ٿلهه جي لحاظ کان ٽه - پدي ۽ باقي هر بند ۾ ٻه پد رکيا اٿس. وائي ’دوهو ڇند‘ تي ٻڌل آهي، پر ’سورٺي ڇند‘ ۾ شماري ٿي سگهجي، ڇو جو ٿلهه جي پهرئين ۽ ٻئي پد کي هم قافيه ئي رکيو اٿس ۽ ٿلهه جو ٽيون پد وراڻيءَ طور ڪتب آندو اٿس ۽ ان وراڻيءَ جو نباهه به جوڳو ۽ وڻندڙ ڪيو اٿس.
وسيم سومرو موجوده ٽهيءَ جي نمائنده شاعرن مان هڪ آهي. هن شاعريءَ جي ميدان ۾ غزل، گيت، نظم، وائي، بيت ۽ اڪيچار صنفن جا گل ٻوٽا پوکي شاعراڻي ميدان کي سونهن ۽ سڳنڌ بخشي آهي. هيل تائين هن جي شاعريءَ جا ٽي چار ڪتاب ڇپجي پاڻ موکائي چڪا آهن.
”وسيم سومري کي غزل تي به مهارت آهي، پر ٻين شاعرن وانگر تمام ٿورا وزن ٿو ڪم آڻي. هيٺين ’وائي جا فاعلن فاعلن فاعلن فاعلن‘ جي وزن تي آهي، ڪيڏي نه سريلي آهي، ڪيتري نه اداس ۽ اٻاڻڪي آهي، ڪيڏو نه اٿاهه پيڙاهه آهي ان ۾.“(37)
وسيم سومري جيڪا وائي لکي آهي، اها ٿلهه ۾ ٻه - پدائين آهي ۽ ڪجهه ٽه - پدي ٿلهه واري وائي به آهي، پر هن بندن کي ٽن پدن تائين وائي نه لکي آهي يا مون کي هٿ نه آئي آهي. سندس هڪ وائي جا ٿلهه کان ٻه - پدي آهي، جيڪا شيخ اياز حوالي طور ڪتب آندي آهي، اها پڙهندڙن لاءِ پيش ڪرڻ ٿو گهران.
ٿلهه: ڪيڏا نه پوپٽ پئي ڦريا، سورج مکيءَ جي کيت ۾.

بند: 1. جيئن سج اڀريو ننڊ مان، تيئن نيڻ مهٽي گل ٽڙيا.
2. سانوڻ تي پيلاڻ جا، رنگ تارن جيان کڙيا.
3. سورج مکي سڀ شام جو، ڄڻ ڪنهن نشي ۾ ٿي ٽڙيا.
4. ويري ويري سرهاڻ جا، اي ديس آهن آڪڙيا.
(ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان، ص: 143 ۽ 144)

هونءَ ڏسڻ ۾ هيءَ وائي ’سورٺي ڇند‘ تي ئي لهي ٿي، جنهن جي پهرئين پد ۾ قافيو رکيو اٿس ۽ ٻيو پد وراڻيءَ طور ڪتب آندو اٿس. هر بند جي ٻئي پد کي ٿلهه جي پهرئين پد سان هم قافيه رکيو اٿس.
وسيم سومري جي هڪڙي وائي جيڪا ٿلهه جي لحاظ کان ٽه - پدي آهي، باقي بندن جي لحاظ کان، انهن ۾ اهي ئي ٻه - پد رکيا اٿس. ان وائيءَ جي پڙهڻ مان اوهان به مزو ماڻي ڏسو.
ٿلهه: هُو اڪن ۾ ڦٽيون، واڱڻائي ڦليون،
مون کي رت راس نه آئي آهي اڃان.

بند: 1. ماڪ مکڙيون چميون، ۽ کٿوريون کليون.
2. سرمي سپني بنا، هي اکيون کوليون.
3. چين ڪٿ ڪونه هو، سڀ مون راهون رليون.
(ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان، ص: 143)

وسيم سومري جي هيءَ وائي به عروض تي آڌاريل آهي، پر بندن جو بحر وزن ساڳيو نه رکي سگهيو آهي. هونءَ هيءَ وائي ’دوهو ڇند‘ تي لکيل آهي. هن وائيءَ جي ٻئي پد ۾ قافيو آندو اٿس، پر ٿلهه جو ٽيون پد انتهائي ڊگهو ڪري ويو آهي. ٿلهه جي پهرئين ۽ ٻئي پد جي وزن کان چڙهيل آهي، اهوئي پد وراڻيءَ طور رکيل آهي.
اسان جنهن دؤر مان گذرون پيا، يعني بنهه نئين ٽهي، انهن ۾ بخشل باغي به شمار ٿئي ٿو. سندس شاعريءَ جو ڪتاب ’آرسيءَ جا خواب‘ اسان جي هٿن ۾ آهي. سندس هن ڪتاب ۾ غزل، وائي، بيت. هائيڪو ۽ نظم شامل آهن. بخشل باغي هونءَ ته ٻين شاعراڻين صنفن تي چڱي هٿ پهچ رکي ٿو.
”سندس شاعري تخليقي جوهر سان مالامال ۽ نِت نين ترڪيبن سان ڀرپور زندهه رهڻ واري شاعري آهي. بنا شڪ جي هي نوجوان شاعر ئي اهڙي زندگي ۽ پيار سان ڀرپور شاعري ڪري سگهي ٿو.“(38)
بخشل باغيءَ جي هن ئي ڪتاب ۾ کوڙ ساريون وايون آهن، پر سڀني جو هڪڙو ئي گهاڙيٽو آهي. هن وائيءَ ۾ ڪنهن به قسم جي نواڻ آڻڻ ضروري نه ڄاتي آهي، تنهن ڪري سندس هڪڙي وائي حوالي طور هتي پيش ڪجي ٿي.
ٿلهه: ڪيئي سج لٿا، مند نه موٽي روح جي.

بند: 1. دل ويراڳي ٿي وئي، ڀٽڪي بن سدا.
2. پنن ڇڻي ڀونءِ کي، ڏسي درد ڪٿا.
3. پنڌ نه کٽو پئي ڦٽا، رستن مان رستا.
4. اڏائي ٻئي پار ٿي، هوا روز پتا.
5. سانوڻ صوفي سانورو، گيڙو گيت گهٽا.

بخشل باغيءَ جي حوالي طور ڏنل هيءَ وائي ’سورٺو ڇند‘ تي آڌاريل آهي، ٿلهه ٻه - پدائون اٿس، باقي بندن جي هر ٻئي پد ۾ قافيو آندو اٿس. ٿلهه جو ٻيو پد وراڻيءَ طور ايندو رهيو آهي. هن وائيءَ ۾ داخليت به خارجيت سان گڏ آندي اٿس.
هن شاعراڻي صنف ۾ ستار پيرزادي، يعني مون به ڪي رنڍا روڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. منهنجي شاعراڻين صنفن ۾ بيت، دوها، سورٺا، وائي، گيت، غزل، هائيڪا، چؤسٽا، ترائيل، نظم، آزاد نظم ۽ ٿورا پنج ڪڙا به شامل آهن. هونءَ ته مون کي پنهنجو حوالو نه ڏيڻ گهربو هو، پر جيئن ته مون وائيءَ جي گهاڙيٽي ۾ ڪجهه اهڙا گهاڙيٽا به لکيا آهن، جيڪي شاهه لطيف کان پوءِ، سچل سرمست کان وٺي، ويندي شيخ اياز ۽ هن باب ۾ مون اڳ آخري شاعر بخشل باغيءَ به نه ڪيا ۽ نه لکيا آهن. شاهه لطيف جي واين ۾ هڪڙي وائي ٿلهه ۾ ٻه - پدي ۽ بندن ۾ ٽه - پدي آهي، جا شاهه لطيف به هڪڙي لکي آهي. گهاڙيٽي تي هيءَ وائي ڏسو ڪيئن ٿي ڀاسي.
ٿلهه: روح کي ريجهاءِ، ڪر ڪا ڳالهه ڳهير،
بند: 1. آهه اڪنڍو جيئڙو، ساجن کي سرچاءِ،
ڪر ڪو ساهه سڌير.
2. تو بن ناهه قراريو، پرين اچي پرچاءِ،
ملج مون سان مير.
3. ڳالهيون ڳل ڳراٽيون، ويجهو ويهي پاءِ،
هيڄ هلي مان هير.
4. ساهه جي توڏي تاڻ، آءُ اچي ڳل لاءِ،
پکڙي پائج پير.

هونءَ هيءَ وائي ٿلهه ۾ ٻه - پدي ۽ ان جا چار ئي بند ٻه - پدا بيهاريل آهن. هيءَ وائي ’دوهو - سورٺو ڇند‘ جي ميل سان جڙيل آهي. ٿلهه جي پهرئين پد ۾ قافيو ’ريجهاءِ‘ ۽ ٻئي پد ۾ ’ڳهير‘ رکيل آهي. هر بند جي ٻئي پد کي ٿلهه جي پهرئين پد سان هم - قافيه ۽ ٿلهه جي ٻئي پد سان هر بند جي ٽئين پد سان هم قافيه رکيو ويو آهي. شاهه لطيف جي ان گهاڙيٽي جو مثال مٿي ڏنو ويو آهي.
ستار پيرزادي جي هيءَ وائي جيڪا ٿلهه ۽ بندن ۾ ٽه - پدي آهي، اهو به گهاڙيٽي ۾ تجربو آهي. اوهين به ڏسو، پڙهو ۽ پرجهيو، تنقيد جي گنجائش ته جتي ڪٿي ۽ تنقيد کان مبرا ته ڪير به نه آهي.
ٿلهه: ڪيڏو پنڌ پري، ننڊون ڪانه ڪري،
ڏوري ڏسي عجيب کي.
بند: 1. ڏونگر ڏڪائي هينئون، سڪ ڪين سري،
چوان ڇا نصيب کي.
2. ساهه اڪير پنهل جي، ٿو جبل تيئن ٻري،
چونديس هلي حبيب کي،
3. ڏونگر کي ڏوراپو، پٿون پير ڪري،
ڏينديس حال حبيب کي.

هيءَ وائي ٿلهه کان وٺي ٽنهي بندن ۾ ٽه - پدي آهي. ٿلهه جو پهريون ۽ ٻيو پد هم قافيه آهي ۽ ٿلهه جو ٽيون پد قافيي سان رديف به رکيو ويو آهي. بندن جي به هر ٽئين پد ۾ قافيو ۽ رديف ٻئي جوڙيا ويا آهن.
وري هڪڙي هن وائيءَ جو گهاڙيٽو به ڏسو، جنهن جي ٿلهه ۾ ٻه پد آهن ۽ هر بندن ۾ ٽي پد آهن.
ٿلهه: توتي اک پئي، چمڪو ٿيو، کنوڻ کجي.
بند: 1. پير گهڪو بي خبر، پويان ڌوڙ رئي،
ڏسندي ٿي لڄي.
2. واڇ گودو ٿي وئي، ڳهليءَ ڳالهه ڪئي،
پيا هڙئي هانءَ هڄي.
3. هل سارو حُسن جو، ڳوٺ ڳليءَ مان وئي،
پيارل پيس پڄي.
4. لوڏ لمڪا ڪو ڏسي، هلندي هاءِ هئي،
سرتيءَ سونهن سڄي.
5. ڪيڏي تهمت مڙهيئي، ڳالهه مون خيري چئي،
پاڻ ئي وئين ڊڄي.
6. گهور وجهي گهائي گهٽي، سنڌ جي مون ڳالهه ڪئي،
ڀولو پيو ڀڄي.

هن وائيءَ جو گهاڙيٽو به ’دوهو - سورٺو ميل‘ آهي، ٿلهه کان سواءِ سڀ بند ٽه - پدا آهن. هر بند جو ٻيو پد، ٿلهه جي پهرئين پد سان هم قافيه ۽ هر بند جو ٽيون پد ٿلهه جي ٻئي پد سان هم قافيه آهي. وائي مسلسل آهي.
هاڻ هڪڙي آخري وائيءَ جو مثال ڏيڻ پسند ڪنداسين، اهو ڏسو ته ڪيئن آهي.
ٿلهه: تون ترت تياري ڪر، ڀينڊيون ئي تر،
آهه بکايل واٽهڙو.
بند: 1. آهه پگهر ۾ شَلُّ سڄو، لسيءَ وٽڙو ڀر،
آهه اڃايل واٽهڙو.
2. ڏاڍو ڏهڪايل لڳي، اکيون هن جون تر،
ڏيل ڏنجهايل واٽهڙو.
3. ڏِک ڏئي ٿو اهڙي، گهر کان آ بي گهر،
اکيون اجهاڻل واٽهڙو.
4. جسم نٻل هڏن مُٺڙي، اکيون ڏرا ۽ تر،
سڪ سڪايل واٽهڙو.
5. بت ڀڀوتي، وارن چيڙهه، موٽيو ووڙي بر،
جهنگ جهاڳيل واٽهڙو.
6. خيال ٽڪاءُ نه هن کي، ٻولي پيو ٻر ٻر،
گهورن گهايل واٽهڙو.

هيءَ وائي سڄي ته ٽه - پدي آهي. انسان جي حال زار کي اظهاري رهي آهي. هن وائيءَ جي ٿلهه ۽ بندن ۾ آيل ٽئين پد ۾ قافيو ۽ رديف رکيل آهي. هر بند جو ٻيو پد، ٿلهه جي پهرئين ۽ ٻئي پد سان هم قافيه آهي.
هن دؤر ۾ اهڙي گهاڙيٽي ۾ لکيل وائيون نوجوان شاعرن ۾ ورلي ملنديون. اهڙي قسم جون وايون هنڌ - سنڌ جي گهٽ ۾ گهٽ شاعرن لکيون آهن. هتي ڏيڻ جو مقصد اهڙن گهاڙيٽن کي نوجوان شاعرن ۾ متعارف ڪرڻ جو آهي.

نتيجو

سنڌ ۽ هند ۾ وائي لکندڙ شاعرن جا مثال ڏئي اهو ثابت ڪيو ويو آهي ته، اها سنڌي ٻوليءَ جي نج صنف جنهن جي شروعات تاريخي لحاظ سان راجستان جي ڪوين وٽ به ملي ٿي، جن ۾ فقط ميران ٻائي ۽ دادو ديال جا مثال مون کي ملي سگهيا ۽ پوري وثوق سان چئي نه ٿو سگهان ته راجستان ۾ ڳالهائجندڙن مان گجراتي، مارواڙي ۽ انهن کان سواءِ به ٻين ٻولين جي شاعرن، وائيءَ جي صنف تي لکيو آهي يا نه؟ ڇاڪاڻ ته هڪ ته مان اهي ٻوليون ڄاڻان نه ٿو، ٻيو ته اتان جي اديبن ۽ شاعرن جون لکڻيون اسان تائين پهچن نه ٿيون، ٽيون جيڪڏهن اتان جا ڪتاب اسان وٽ اچن به کڻي ته به لپيءَ جو مسئلو اسان جي آڏو ديوار بڻجي بيهي ٿو وڃي. اهو ڪم حقيقت ۾ هند ۾ رهندڙ اديب، جيڪي ديوناگري ۽ گرمکي لپي ۽ هيءَ سنڌ ۾ لکجندڙ عربي رسم الخط واري سنڌي به لکي پڙهي سگهن ٿا ۽ جيئن جو تيئن سمجهي به سگهن ٿا، باقي سنڌ ۾ ته شاهه عنات رضويءَ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين سنڌي شاعريءَ جي اها خوبصورت صنف نوجوان شاعر به لکندا اچن ٿا.
هن باب ۾ نئين نسل جي چند نمائيندن شاعرن کي ئي ڳڻايو ويو آهي ۽ انهن جي شاعريءَ مان وائيءَ جا فقط ٻه يا ٽي مثال ئي حوالي طور ڏنا ويا آهن، ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته اهي هن باب ۾ ڄاڻايل شاعر، وائيءَ جي صنف لکندڙ شاعرن جو هڪ سيڪڙو به ناهن.
2013ع ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي سهيڙ ۽ سنڌي ادبي سنگت، سنڌ پاران ڇپرايل ڪتاب ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘ ۾ ئي 845 شاعر ۽ سندن شاعري گڏ ڪيل هئي، پر اهو ڪتاب سنڌ ۾ موجود ڪو حصو ئي ڳڻائي سگهيو هو، جنهن ۾ شاعرن جون وايون به آيل آهن.
چوڻ جو مقصد آهي، ڪيترن شاعرن جا ڪتاب ڇپيل آهن ۽ انهن کان گهٽ ۾ گهٽ ڏهوڻا شاعر اهڙا آهن، جن جا ڪتاب ڇپجي نه سگهيا آهن.
اپريل 2014ع ۾ ماهوار ناٽڪ، ڪراچي، رحمت پيرزادي جي ادارت ۾ ’وائيءَ جي صنف بابت خاص ڪارنر‘ ڏني هئي، جنهن ۾ شيخ اياز کان شروعات ڪيل آهي ۽ شاهد حميد تائين 57 شاعرن جون وايون ڇپيون ويون آهن، پر انهن مڙني واين ۾ ڪنهن جو ڪوبه تجربو ٿيل ڪونهي، سواءِ ڪن چند شاعرن جي جن صرف ٽه - پدائون ٿلهه ۽ باقي بند ۾ ٻه - پدا ئيون وائيون لکيون آهن.
حاصل مطلب هي وڃي بيهي ٿو، ته شاهه لطيف جيڪي وائيءَ جا گهاڙيٽا گهڙيا ۽ سندس رسالي ۾ موجود آهن، اڄ ڏينهن تائين ان مان اسان جا نوجوان شاعر به ٻاهر نڪري نه سگهيا آهن، سواءِ چند شاعرن جي جن ڪو اٺو ڏائو وائيءَ جي صنف ۾ تجربو ڪيو آهي.
اسان ڪوشش ڪئي آهي ته شاهه عنات رضويءَ کان وٺي موجوده دؤر تائين، هر شاعر وائيءَ جي صنف تي لکي ضرور ٿو، پر اها ئي روايتي شروعاتي چيل وائي، يعني ٻه - پدائين ئي لکي ٿو. هن طويل مضمون ۾ اڪثر اهڙن شاعرن کي جاءِ ڏني وئي آهي، جن وائيءَ جي صنف تي ڪونه ڪو تجربو يا نواڻ آندي آهي ۽ ها نواڻ صرف موضوعاتي ناهي ۽ ان کي مون ڳڻايو به ناهي. مون انهن کي ڳڻايو آهي، جن گهاڙيٽي ۾ ڪا نواڻ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان ڳالهه تي به لکڻ نه ٿا گهرون ته ان جي نواڻ يا تجربو ڪيترو ڪامياب آهي، هن جي مواد تي به لکڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي، ايئن صرف هن ليک ۾ آيل شاعرن لاءِ ئي ڪيترن سَون صفحن جو ڪتاب ٿي پوي ها. هتي رڳو اها ڪوشش ڪئي آهي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ، جنهن وائيءَ جا گهٽ ۾ گهٽ 24 گهاڙيٽا جوڙيا، اسان ان کان ڪيتري وک اڳتي وڌائي، اتي بيهي وياسون يا اڃا به ڪا وک پوئتي رهجي ويا آهيون.
هڪڙو موضوع محققن ۽ پارکن لاءِ هموار ڪرڻ جي سگهه ساري ۽ اها اتي اچي جواب ڏئي بيٺي، وقت وڏو پارکو آهي، مَن ڪنهن محقق جي مَنَ ۾ اها ڳالهه اڀري اچي ۽ صرف شاهه لطيف يا اڃا به شيخ اياز جي وائيءَ جي صنف تي ڪا تحقيق ڪري، پوءِ ان جي صنف بابت، گهاڙيٽي بابت، گهاڙيٽي ۾ ڪم آيل ٻوليءَ بابت، گهاڙيٽي ۾ ڪم آيل موضوع بابت، ان ۾ ڪتب آندل جماليات بابت، ان ۾ ڪتب آندل تشبيهن، تلميحن، استعارن بابت، وائيءَ جي ڳائڪيءَ بابت ۽ ڪافيءَ جي ڀيٽ بابت لکي، پوءِ ته موضوع اوترائي آهن، جيترا هن ڪائنات ۾ موجود آهن.
هن صنف کي نه ڄاڻ ڪهڙن سببن جي ڪري محققن هٿ ئي نه لاتو آهي. هن صنف تي ڪوبه ڪتاب آيل ناهي.
’شاهه لطيف جون وايون ۽ ڪافيون‘، جي عنوان سان محترم جي. ايم. سيد ڪتاب ڇپرايو هو ۽ هڪڙو ڪتاب ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ ’شاهه جون وايون‘ هند مان ڇپرايو هو، پر انهن ٻنهي وائيءَ جي صنف تي ڪجهه به نه لکيو آهي. جن ڪتابن جا مون حوالا ڏنا آهن، انهن ڳالهه پڌري پٽ ڪرڻ بدران وچڙائي ڇڏي آهي، پر اسان جي ڪنهن به محقق ڀٽائيءَ جي ان صنف جي ڇنڊڇاڻ ڪري نه سمجهايو آهي ته شاهه لطيف ان صنف جو نالو ڪافيءَ بدران وائي ڇو رکيو؟ ڪافيءَ جي گهاڙيٽي ۽ سٽاءَ جو وائيءَ جي گهاڙيٽي ۽ سٽاءَ سان ڪو ڳانڍاپو آهي يا اهي ٻئي مختلف صنفون آهن. اڄ ڪلهه اها ڳالهه به فضا ۾ گونجي رهي آهي ته ’ڪافيءَ‘ جي صنف ختم پئي ٿيندي وڃي، ان تي لکڻ، ان کي بچائڻ انتهائي ضروري آهي، پوءِ جيڪڏهن وائي ۽ ڪافيءَ ۾ ڪو فرق نه آهي ته پوءِ اها ڳالهه ئي نه ٿيڻ گهرجي جو وائي ته جام پئي لکجي.

[b]حوالا[/b]

1. شيام، نارائڻ، ’ڪافي ۽ وائي‘، ڪينجهر پبليڪيشن، حيدرآباد، جنوري 1993ع، ص: 52.
2. ساڳيو، ص: 53.
3. حسيني، امداد، ’سونهن ورونهن‘، مهاڳ، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2007ع، ص: 33.
4. ساڳيو، ص: 9 کان 19.
5. رنگريز، غلام حسين، ’اکين اڃ اپار‘، ڳوٺ سڌار سنگت، احمد خان زنؤر، 2005ع، ص: 11.
6. منشي، ابراهيم، ’ڌرتي دين ڌرم‘، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 1991ع، ص: 11 ۽ 12.
7. مورائي، راشد، ’دل جو شهر‘، ص: 1.
8. ارشد، عبدالحڪيم، ’دل جو شهر‘، ص: 3.
9. ساڳيو، ص: 148.
10. عباسي، تنوير، ’ليار نيڻن ۾ ڦٽا‘، مير محمد پيرزادو، مارئي پبليڪيشن، سڪرنڊ، ص: 8.
11. پيرزادو، شاهه محمد، ’اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجانءِ‘، باک ٽرسٽ، ٻلهڙيجي.
12. جويو، خاڪي، ’اي خاڪيءَ جو خيال‘، مارئي اڪيڊمي، سڪرنڊ، 1982ع، ص: 162.
13. تاج جويو، ساڳيو، ص: 168.
14. جويو، تاج، ’ڪهڪشان جو هڪ ستارو‘، لهرون لهرون لاٽ، مارئي پبليڪيشن، سڪرنڊ، ص: 13.
15. ناٿن شاهي، آثم، ’آءٌ قلم جي قط آهيان‘، ڪتاب ساڳيو، ص: 11.
16. حسيني، امداد، ’شاعري، زندگي ۽ شاعر‘، ’چوڏهينءَ چنڊ آڪاس‘، وعده ڪتاب گهر، ڪراچي، ص: 238 ۽ 239.
17. ساڳيو، ص: 243.
18. حيدري، شمشير، ’سوچون سرها گل‘، سنڌ اشاعت گهر، سڪرنڊ، ص: 51 ۽ 52.
19. حاسد، ارجن، ’ٻه لفظ‘، مور پنکيءَ پل، پرتيڪ پرڪشان، اجمير، ص: 4.
20. سنڌو، امر، ’وساري نه ڇڏجو‘، مهاڳ، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، ص: 12 ۽ 13.
21. اياز، شيخ، ڪتاب ساڳيو، بيت ۽ دوهو، ص: 19.
22. تبسم، عبدالغفار، ’پلئه پايو سچ‘، سوچون صحرا سراب، ص: 48.
23. اياز، شيخ، مهاڳ، ڪتاب ساڳيو، ص: 12.
24. شيخ، انعام، ساڳيو ڪتاب، بئڪ ٽائيٽل، 1994ع.
25. ارشاد، پارس، ’هو جي ٻول ٻريا‘، شهيد عبدالرزاق اڪيڊمي، مورو، ص: 12 کان 19.
26. حسيني، امداد، ’ٿي نه سگهيس شاعر‘، ڪوتا پبليڪيشن، حيدرآباد، 2007ع، ص: 13.
27. عباسي، تنوير، ’ميلي جي تنهائي‘، ٽائيٽل فليپر، 2012ع.
28. اياز، شيخ، ساڳيو، ڪتاب، بيڪ ٽائيٽل.
29. مير، عبدالرسول مير، ’سونهن ورونهن‘، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2007ع، ص: 33.
30. حسيني، امداد، ڪتاب ساڳيو، ص: 24.
31. جويو، خاڪي، ڪتاب ساڳيو، ص: 66.
32. عاشق حسين، ڊاڪٽر، ’ڪڻ ۾ گهڻ‘، جل تي ڪنول جيئن، 2008ع.
33. بيوس، تاجل، ’ٺيٺ سنڌي لفظن ۽ محاورن سان سينگاريل وايون‘.
34. اياز، شيخ، ’ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان‘، ثقافت کاتو، ڪراچي، 2010ع، ص: 149 کان 151.
35. ساڳيو، ص: 141.
36. چانڊيو، منير، ’اسان جو عشق اڻپورو‘، سليٽ اشاعتي شعبو، ٽنڊو قيصر، ص: 17 ۽ 18.
37. اياز، شيخ، ’ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان‘، ثقافت کاتو، ڪراچي، 2010ع، ص: 143.

بئڪ ٽائيٽل پيج

[img]https://i.imgur.com/eyzUfrd.jpg[/img]