ڪھاڻيون

ويريون

فھميدہ بلوچ لکي ٿي:
حميد سنڌيءَ جي ڪھاڻين کي ڪيترائي ڀيرا پڙهيو اٿم، اسان وٽ سنڌيءَ ۾ اهڙيون ڪھاڻيون ٿوريون لکيون ويون آهن. هن جي قلم جي قوت آهي ۽ قلم اڃان سوڌو مستقبل جي آئيني ۾ سوراخ ڪري ڪاغذ ٿي هلي رهيو اٿس. سنڌ جي معاشري ۽ فرسودہ روايتن ۽ مسئلن تي ايڏي اونھائيءَ سان لکي ٿو. هر ڪو لکي ٿو پيار، پيار، پيار ۽ اسان وٽ پيار جو ايڏو ڪو مسئلو نہ آهي. اسان وٽ اهڙي کوکلي نفس پرستيءَ جي پيار جي ضرورت ناهي. ان پيار جي ضرورت آهي، جنهن ۾ انگ اگهاڙن ۽ پيٽ بکين جو احساس هجي، انھن لاءِ روڄ هجي، ماتم هجي. اسان وٽ اهو پيار هجي، جنھن ۾ ڏتڙيل ڌرتيءَ جي گونگن ٻوڙن لاءِ زبان هجي، ڪن هجن ۽ جدوجھد هجي، جنھن ۾ قرباني ئي قرباني هجي. حميد جي لکڻين ۾ اهي سڀ سنيھا آهن .
  • 4.5/5.0
  • 710
  • 270
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ويريون

حق واسطا محفوظ

ڪتاب جو نالو: ويريون ۽ ٻيون ڪھاڻيون
موضوع : ڪھاڻيون
ليکڪ : حميد سنڌي
ڇاپو پھريون : 1981ع
ٽيون ڇاپيو: 1995ع
ڇپائيندڙ : اڪبر علي سيال منتظم زندگي پبليڪيشن، حيدرآباد
ڇپيندڙ : زينت پرنٽرز، کوکر پاڙو، حيدرآباد
قيمت : 12 روپيا
ڊجيٽل ايڊيشن: 2020ع
سنڌ سلامت ڪتاب گهر
books.sindhsalamat.com


ھيءُ ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ محمد سليمان وساڻ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ڪراچيءَ پاران پڌرو ڪيو

ارپنا

سنڌ جي عظيم شخصيت،
سنڌي ادب ۽ منهنجي جيجل
بيگم زينت چنا
جي نالي

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ويريون“ اوهان اڳيان پيش آهي. ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار حميد سنڌيءَ جي ڪھاڻين جو مجموعو آھي جنھن ۾ 1978ع تائين ڇپيل ڪھاڻيون شامل آھن. فھميدہ بلوچ لکي ٿي:
”حميد سنڌيءَ جي ڪھاڻين کي ڪيترائي ڀيرا پڙهيو اٿم، اسان وٽ سنڌيءَ ۾ اهڙيون ڪھاڻيون ٿوريون لکيون ويون آهن. هن جي قلم جي قوت آهي ۽ قلم اڃان سوڌو مستقبل جي آئيني ۾ سوراخ ڪري ڪاغذ ٿي هلي رهيو اٿس. سنڌ جي معاشري ۽ فرسودہ روايتن ۽ مسئلن تي ايڏي اونھائيءَ سان لکي ٿو. هر ڪو لکي ٿو پيار، پيار، پيار ۽ اسان وٽ پيار جو ايڏو ڪو مسئلو نہ آهي. اسان وٽ اهڙي کوکلي نفس پرستيءَ جي پيار جي ضرورت ناهي. ان پيار جي ضرورت آهي، جنهن ۾ انگ اگهاڙن ۽ پيٽ بکين جو احساس هجي، انھن لاءِ روڄ هجي، ماتم هجي. اسان وٽ اهو پيار هجي، جنھن ۾ ڏتڙيل ڌرتيءَ جي گونگن ٻوڙن لاءِ زبان هجي، ڪن هجن ۽ جدوجھد هجي، جنھن ۾ قرباني ئي قرباني هجي. حميد جي لکڻين ۾ اهي سڀ سنيھا آهن . آءُ سمجهان ٿي تہ هن جي ڪھاڻين جي مايوسي مايوسي نہ آهي، پر مسئلن سان منهن ڏيڻ، ذميوارين سان پيار، مايوسين، کي هٽائڻ، زندھ رهڻ ۽ ٻين کي جيارڻ لاءِ سوچن جا سلسلا اڻ کٽ ڊهندڙ ٺھندڙ فيصلا سڀني ڪھاڻين جي ڪردارن کي شخصيت کي مضبوط بنائڻ لاءِ سرگردان آهن. ويريون جون سڀ ڪھاڻيون سنڌي ادب ۾ ڪھاڻي جي اوسر ۾ وڏي حيثيت والارين ٿيون.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1981ع ۾ جڏھن تہ ٽيون ڇاپو 1995ع ۾ زندگي پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو.

اوھان جو پنھنجو


[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ناشر طرفان ٻه اکر (پهريون ڇاپو)

زندگي پبليڪيشن 1958ع ۾ حميد سنڌيءَ جو ڪتاب ”سيمي“ ڇاپي سنڌي ادب ۾ پهرين وک کنئي هئي. تنهن کانپوءِ ناصر مورائيءَ جو ناول ”راتيون جاڳن جي“ پڌرو ڪيو ويو. ستت ئي پوءِ سنڌ جي برک افسانه نگارن جا ٻه ڪتاب، جمال ابڙي جي ڪهاڻين جو مجموعو، ”پشو پاشا“ ۽ غلام ربانيءَ جي ڪهاڻين جو مجموعو، ”آب حيات“ ڇاپي سنڌي ادب ۾ مشهور ڪهاڻيڪارن جي مجموعن جي نه هجڻ جي احساس کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
١٩٦٠ع ڌاري ”زندگي پبليڪيشن“ سڀني اديب ساٿين جي سهڪار سان ماهوار ” روح رهاڻ“ رسالو ڪڍيو، جنهنجو ايڊيٽر هن ڪتاب جو ليکڪ حميد سنڌي هو ۽ جيڪو رسالو ١٩٦٩ع تائين سنڌي ادب ۾ پيدا ٿيل نون لاڙن جي نمائندگي ڪندو رهيو. ”روح رهاڻ“ انهيءَ وقت به سنڌي ادب ۾ نون لاڙن جي نمايان علامت هو ۽ اڄ به انهيءَ جا پيدا ڪيل اديب اهوئي ادب پيش ڪن پيا، جيڪو وقت جي ضرورت پئي رهيو آهي ۽ ڪنهن به دور ۾ مرڻو نه آهي.
انهيءَ وچ ۾ ”زندگي پبليڪيشن“ جو ڪتابن ڇاپڻ جو پروگرام جاري رهيو، جنهن ۾ حيمد سنڌيءَ جي ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو ”اداس واديون“ شيخ اياز جي شاعري جا ڪتاب ”جل جل مشعل جل“، ”رُت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي“ ۽ سندس ”مضمون ۽ خط“ اچي وڃن ٿا.

زندگي پبليڪيشن جو ٻيڙو زندگيءَ جي سمونڊ تي روان آهي ۽ رهندو. هاڻ اجهو حميد سنڌي جي ڪهاڻين جو نئون مجموعو ”ويريون“ حاضر آهي. هن ۾ 1978ع تائين ڇپيل ڪهاڻيون ڏنل آهن. هيءُ ڪتاب اڳ اچڻ کپي ها پر ڪن اڻٽر سببن جي ڪري دير سان پڌرو ٿي رهيو آهي.
هن کان پوءِ پڙهندڙن جو سهڪار شامل رهيوته جلد ”روح رهاڻ“ ۾ ڇپيل ڪهاڻين، شعرن ۽ مضمونن جا چونڊ ڳٽڪا ڇاپي پڌرا ڪيا ويندا.
وڌيڪ اميد اٿئون ته سنڌ جو ماڻهو سنڌي ادب سان اهوئي چاهه رکي ساٿ نڀائيندو ايندو، جيڪو سندس وَڙُ آهي.

[b]منتظم[/b]

اڻاوا پنڌ، اڻاوا لاڙا : حميد سنڌي

”سيمي“ ۽ ”اداس واديون“ کان پوءِ ”ويريون“ منهنجي حياتي جا ويهه سال. حياتي به اها جنهن ۾ انهن ڪهاڻين جي ڪردارن سان گڏ گهاريو اٿم. سندن ڏکن مون کي ماريو آهي، سندن خوشين مون کي جياريو آهي. سندن حياتي منهنجي حياتي کان ڪنهن به طرح مختلف نه آهي، ڇاڪاڻ ته منهنجي هر ڪهاڻي سنڌ جي ڪهاڻي آهي ۽ ان جو هر ڪردار سنڌ جي معاشري سان واسطو رکندڙ آهي ۽ مان به انهن وانگر هن معاشري جو اهڙو فرد آهيان، جيڪو ڪڏهن ڀريءَ ۾ ته ڪڏهن ڀاڪر ۾. جتي به منهنجي ڪن ڪردارن بغاوت ڪئي آهي، ڪوڙ ۽ ڪپت جون ڪڙيون ٽوڙيون آهن يا بنهه مايوس ٿي لنگر لاهي ويهي رهيا آهن، اتي مان به پٺتي نه رهيو آهيان ۽ وک وک سان ملايو کنيون اچان. ڇاڪاڻ ته سنڌوءَ جي پاڻيءَ ۽ مٽيءَ ۾ هڪ عجيب پر وڏي مڻيا آهي. اسان جو ماڻهو ٽپي ته درياهه به ٽپي وڃي، نه ته اڏ تي بيهيو رهي. تنهن هوندي به ”ٺوٺ ڌرتي“ جو مينهاڻي مست اهو چيو ڏئي ته مستن ۾ وڏي مڻيا آهي ۽ مست ٿيڻ لاءِ ڌرتي سان اڻ ميو پيار هئڻ تمام ضروري آهي.
هونئن ته مون کي سڀ ڪهاڻيون ۽ ان جا ڪردار پيارا آهن، پر اهڙيون ڪهاڻيون وڌيڪ پياريون اٿم جن کي جنم ڏيندي ڪي علامتون ۽ اهڃاڻ منهنجي آڏو هئا ۽ ان جي ڪري ذهني عذاب به ڀوڳيو اٿم. انهن ۾ خاص طور ”ويريون“، ” ڌوپار“، روشن اوندهه“، ” جنت“، ” دربان“، ”هڪ هرڻي جي ڳالهه“ ۽ ”ٺوٺ ڌرتي“ اچي وڃن ٿيون. شايد انهيءَ ذهني تڪليف ڪري اڃان تائين ٻه نيون علامتي ڪهاڻيون ” ميل جو پٿر“ ۽ ” جنهن دل پيتا عشق دا جام“ مڪمل ڪري نه سگهيو آهيان. شايد اهي ڏک ۽ ذهني عذاب ايترو ته پيارا اٿم جو جدا ڪرڻ تي دل نه ٿي چوي ۽ سمجهان به اهوئي ٿو ته هاڻ منهنجي ڪهاڻين جا رخ لاڙا ۽ پنڌ اهڙا ئي اڻاوا هوندا.
مان انهن پيارن جو ٿورائتو آهيان، جن منهنجي ڪهاڻين جو پنڌ سڃاڻي ٻولاچاري لائق سمجهيو آهي. رايا سڀ ته هٿ نه اچي سگهيا اٿم پر جيڪو پراڻن توڙي نون ڪاڳرن ۾ داخل مليو اٿم اهو هن ڪتاب ۾ شامل آهي.
مان هتي پنهجي هڪ ساٿيءَ جو، جيڪو سڏ ۾ ساڻي رهيو اٿم، ٿورو ضرور مڃيندس، ڇاڪاڻ ته هن کان سواءِ هيءُ ڪتاب جيڪو ٻه ورهيه پريس فارمن جي صورت ۾ سڙندو رهيو ۽ نڪري نه سگهي ها. ها، مان پياري نانڪ جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان.
شال جيئن منهنجا ساٿيئڙا ۽ سانگيئڙا جن مون کي وَرُ وَرُ پي جياريو آهي. اڳتي به هئڙن اڻاون پنڌن ۽ لاڙن ۾ اڻائو واءُ ڏسي به منهن نه موڙيندا.

[b]حميد سنڌي[/b]

پهرين ڇاپي جو مهاڳ: حميد سنڌي

”سيمي“ کان ” ويريون“ تائين، ويريون کان ”جاڳ به جنهن جي جيءَ سان“ تائين هڪ وڏو سفر هو، جيڪو مون نه پر منهنجي ڪهاڻين ۽ انهن جي ڪردارن طئي ڪيو آهي. مون لاءِ سڀ ڪهاڻيون ۽ انهن جا ڪردار ڏاڍا پيارا ۽ جياپي جو سبب بڻيا آهن. جيئن اسانجي قدرن ۽ ماپن مطابق انسان جوهن ڌرتي تي جياپي جو تصور آدرش رهيو آهي. ان لاءِ انسان هميشه مونجهاري ۾ ڀنڀلبو رهيو آهي. ڀنڀلجي وري سنڀلجي حياتي گهارڻ وارو عمل انسانذات لاءِ نوان تجربا کڻي پئي آيو آهي. خلقت خدا جي پئي گهاري، مري جيئي، جيئي مري پر گهاري پئي. ڇاڪاڻ ته هن ڌرتي جو وهنوار ائين آهي. سماجي – اقتصادي قدر کيس يقينن ناقابل يقين ۽ Unpredictable حالتن ڏانهن ڌڪيندا رهندا آهن. انهن حالتن پٽاندر هر ماڻهو پنهنجا ويچار خلقي ٿو ۽ پنهنجي ڪردار کي سماج ۾ چٽي بيهارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. مري جهري به پنهنجي ڇاپ ۽ شخصيت کي نروار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ڪٿي ته سندس شخصيت سماجي وهنوار پٽاندر آهي ته ڪٿي سندس شخصيت ته ڇا پر هستي به Distort ٿي وڃي ٿي. انهيءَ عمل دوران قدرت به پنهنجا انداز ۽ ماڻ ڏيکاريندي رهي ٿي. ڪي ماڻهو خلقت خدا جي ۾ نڪري نروار ٿين ٿا ته ڪي ڪنڊڙي وٺي مجذوبن جيان گهارين ٿا. ڪنهن جي واڳ ڌڻيءَ وس ته ڪو منهن موچارو ڪيو اندر جي پيڙا ۾ پيڙ جي ختم ٿي وڃي ٿو. هر ماڻهوءَ وٽ پنهنجي حياتي جي هڪ وڻندڙ، اڻوندڙ يا ڏکوئيندڙ ڪهاڻي آهي. هو ڪنهن سان هڪ سور سلي ٿو ته ٻئي سور لاءِ ٻڌڻ واري وٽ يا وقت ناهي يا ته وري هر ڪنهن کي جو سمورن جي مٺ مٺ ڀريل آهي ته هو منهن چٻو ڪري ڦيري ٻئي پاسي ڪري ٿو.
پر قدرت کي جو نوان انداز ۽ ماڻا ڏيکارڻا آهن ته انهن ماڻهن مان ڪي ماڻهو آهن جيڪي انهن دردوندن جون ڳالهيون ٻڌن ٿا يا چپ چاپ انهن کي ڏسندا ۽ کين محسوس ڪندا رهن ٿا. جڏهن ٻين جا سور سندس دک درد جو حصو بڻجن ٿا ته هو دانهن ڪري اٿي ٿو ايئن ڪردار تخليق ٿين ٿا. سڀ گڏجي ان spokesman جي معرفت سماج ۾ پنهنجو ڪردار ۽ جاءِ ٺاهي وڃن ٿا. اهو spokesman يا ترجمان منهنجي نظر ۾ اهو ڳالهير آهي، جيڪو صدين کان بي زبان پکين، جانورن ۽ انسانن کي زبان بخشيندو رهيو آهي. منهنجي لاءِ اهو ڳالهير اڄ جو ڪهاڻيڪار آهي، جيڪو هر ماڻهوءَ جي حالتن پٽاندر ڏکن، سکن جي ڪهاڻين جو کارو مٿي تي کنيو وتي ٿو هو ڪا ڏيندو ته آهي ڪو جو هنن ڏکن ۽ سکن کي خريدي جيڪي سندس سورن ۽ سکن کان الڳ نه آهن. هر ڪهاڻيڪار جون ڪهاڻيون ائين وڪامن ٿيون. ڪنهن کي سورن جي سٽ ڏين ٿيون ته ڪنهن کي ڏکن جو درمان بڻجي سک بخشين ٿيون. باقي رهيو ڪهاڻيڪار ته اهو ٺلهو کارو کڻي گهر پهچي ٿو ته وٽس انهن ماڻهن جي ممتا جي مرڪ ۽ کين مليل آٿت سندس ذهن ۾ ڏيئي جي لاٽ ٻارڻ جو سبب بڻجن ٿا.
پهريائين ته مان پنهنجي پڙهندڙن جو ٿورائتو آهيان جيڪي منهنجي ڪهاڻين جا خريدار ۽ ڏيئي ۾ تيل وجهي جوت جلائڻ جو سبب پي بڻيا آهن. مان ان کان وڌيڪ انهن ماڻهن جو ٿورائتو آهيان، جيڪي ڄاڻ هوندي به اڻڄاڻائي ۾ مون وٽ ڪردارن جو روپ وٺي ايندا رهيا آهن ۽ مون کين ڪڏهن به مايوس نه ڪيو آهي.
”ويريون“ جي حوالي سان منهنجا ۽ پنهنجا ڪردار ڏسو. ويريون جو محمد ابراهيم، ڌوپار جو باشو، روشن اوندهه جو علي خان، جهيڻي جي جهيڻي، ست پٽيتي جي ڀاڳان، جنت جي جنت، دربان جو چاچو علي محمد، هڪ هرڻي جي ڳالهه، ٺوٺ ڌرتي ۽ ٻيا انيڪ ڪردار ساهه کڻندا وڙهندا جهڙندا نظر ايندا.
شال اهي سماج جا سرواڻ جيئن. ائين من منهنجي ڌرتي جي ماڻهن جي ڏکن سورن جو درمان بڻجي سگهي يا سندس زخمن جي چيٺ ٿي سگهي.

حميد سنڌي، هڪ خاڪو : خواجا سليم احمد (ٽئين ڇاپي جو مهاڳ)

اهو وقت ١٩٦٠ع جي شروعاتي سالن وارو هو، جڏهن مون هڪ شخص جي باري ۾ ٻڌو، جنهن تازو پنهنجو ادبي رنگ ڏيکارڻ شروع ڪيو هو. ڪراچي جي ادبي حلقن ۾ هن کي شيخ حفيظ کان سواءِ ڪير ڪو نه سڃاڻيندو هو:
”هو سٺو ڇوڪرو آهي پر چاڪليٽي هيرو آهي“ حفيظ آهستي چيو، ۽ جڏهن مون کانئس هن شخص جي ادبي حيثيت متعلق پڇيو ته حفيظ ڪلها لوڏي خاموش ٿي ويو.
آخر منهنجي هن سان ملاقات ٿي وئي. جمال رند وٽ سنڌي ادبي سنگت جي ڪچهري هئي ۽ هن اتي ترجمو ٿيل هڪ شيءِ پڙهي، جيڪا موسم جي سونهن متعلق هئي. نهايت بي موقعي ۽ بي مقصد شيءِ. باوجود سندس صاف چٽي لهجي ۽ ڊرامائي انداز جي سندس اهو قلمي زور مون تي نه هليو. هن جو ڇوڪراڻو چهرو، ڊگهو ۽ ڀريل جسم ۽ پاڻ ۾ گم رهڻ وارو انداز ڏسي مون کي حفيظ جا وڌيڪ تاثرات ياد آيا. ڪمزور شخص پاڻ تي رحم کائيندڙ، پنهنجي وڏپڻي جي ويگ جو يقيني مريض.
ٻئي ڏينهن هو مون کي پنهنجي گهر وٺي ويو ۽ ويندي ئي منهنجي هٿ ۾ پنهنجي ناوليٽ ”حويلي“ جو مسودو ڏنائين. مسودو پڙهي کيس صلاح ڏنم ته انهيءَ کي طاق تي رکي ڇڏ. موٽ ۾ هن مونکي سٺي پڪل لذيذ ڪڪڙ کارائي.
ها سائين، هيءَ ذڪر – خير حميد سنڌيءَ جو ئي پيو هلي. هيءَ هڪ اهڙي دوستيءَ جي شروعات هئي جا وقت گذرڻ سان وڌندي رهي آهي. خاص طرح جڏهن اسان کي گڏ رهڻ ۽ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. ١٩٦4ع ۾ اسان ٻئي نرسري ڪراچيءَ ۾ ڊاڪٽر عمر جاگيراڻيءَ سان هڪ فليٽ ۾ ڪجهه مهينا گڏ رهياسين، پر سيپٽمبر- آڪٽوبر ١٩٦٥ع ۽ جنوري- مئي ١٩٦٧ع ۾ ترقي پسند اديبن جي مرڪز، اوڻيهه روپ محل حيدرآباد ۾ منهنجو ساڻس گڏ رهڻ بي حد خوشگوار ۽ انيڪ تجربن وارو هو.
١٩– روپ محل رڳو ٻن ننڍڙن ڪمرن جي زندگيءَ کان وانجهيل جمود واري جاءِ نه هئي. انهيءَ ۾ هڪ اهڙي صفت هئي، جنهن کي بيان ڪرڻ سولو نه آهي، پر ايئن چئي سگهجي ٿو اها بي جان شين ۾ روح ڦوڪيندڙ هئي.
حميد، شمس ۽ مان انهيءَ کي رهڻ ڪرڻ جي جاءِ طور ڪتب آڻيندا هئاسين. ناصر ۽ امداد لاءِ وقتي ڇپر ڇانوَ ۽ اشفاق ۽ حفيظ لاءِ ملڻ ڪرڻ جو هنڌ هو. اسان سڀ غياث سميت ۽ ٻيا ساٿي پڻ هن جاءِ کي وندر ورونهه جي مرڪز طور يا سماجي ادبي ڪلب طور به ڪتب آڻيندا هئاسين. ان سان گڏ هيءُ هنڌ ”روح رهاڻ“ جي ايڊيٽري واري ڪم ڪار جو دفتر به هو.
اهو 19- روپ محل ئي هو، جتي اصل پر گهڻ رخي حميد جو پتو پيم. هتي ئي مون سندس غمگين ۽ خوش، محبت ۽ نفرت، پرسڪون ۽ سخت ڪاوڙيل، بي ڪار ۽ڪرت سان، هيڻو ۽ ڏاڍو، ٺاهيندڙ۽ ڊاهيندڙ جا انيڪ روپ ڏٺا. هتي ئي سندس باري ۾ مون پنهنجن شروعاتي خيالن ۾ ڪجهه ڦير گهير ڏٺا. هتي ئي سندس باري ۾ مون پنهنجن شروعاتي خيالن ۾ ڪجهه ڦير گهير آندي ۽ هن جي شخصي لاڙن لاءِ نئين سر ڄاڻ حاصل ڪيم.
خاص طرح اهوئي ڄاتم ته هن جي ڪمزوري هڪ شريف انسان جي ڪمزوري آهي، جيڪو گڏهه چوڻ کان ڪيٻائيندو آهي ته متان گڏهه ڏکوئجي نه وڃي. هن جو ويچاري هجڻ وارو جذبو، جيڪو هاڻ ڪافي ٿڌو ٿي چڪو آهي. حقيقت ۾ ڊرامائيت جي ڪري هو. هيءَ پرجوش ڊرامائيت هن جي طبيعت جو لازمي حصو بڻجي وئي هئي. هو ننڍين ۽ سادين شين کي انهن قدر ۽ قيمت مطابق قبول نه ڪندو هو. هن جي لاءِ هر شيءِ جو وڏو ۽ ڏکيو هجڻ تمام ضروري هو. ننڍيون ۽ خسيس ڪاميابيون کيس مٿڀري هجڻ جي وهم ۾ مبتلا ڪري ڇڏينديون هيون، جڏهن ته ننڍڙين کان ننڍڙيون ناڪاميون ۽ جذباتي پريشانيون کيس پاڻ تي رحم کائڻ تي مجبور ڪنديون هيون ۽ اتي اچي صفا حيران پريشان ٿي بيهي ويندو هو. جيڪڏهن اسانجي هن چاڪليٽي هيرو ۾ ڊرامائيت نه هجي ها ته هو يقينن عرب شيخن جهڙو ” حرم“ ضرور ٺاهي وٺي ها. جڏهن به سهڻين مان ڪنهن کي به سندس ويجهو وڃڻ جو موقعو ملندو هو ۽ سهڻيون سمجهنديون هيون ته هاڻ سندس جوشيلو ناٽڪپڻو سندن سهڻ کان چڙهي ويو آهي ته هو وڃي گهٽ جوشيلي ناٽڪ پڻي وارا ماڻهو هٿ ڪنديون هيون. هن جو هيءُ جذباتي ڊرامائي رخ صرف سهڻن لاءِ ئي نه هو. سندس لکڻين جي نصيب ۾ به ان جو چڱو ڀاڱو آيو آهي ۽ سندس گهڻو ڀاڱو حقيقت ۾ سندس رونق، اوجر ۽ احساس تڏهن بکندو آهي جڏهن هو فضائن ۾ اڏامڻ بجاءِ پنهجا قدم زمين تي مضبوطيءَ سان ڄمائي لکندو آهي.
اتي ئي مون منجهس تنظيمي ۽ وقت نڀائي چڙهڻ واريون صلاحيتون ۽ قوتون ڏٺيون. هن جو ڏکين ۽ اڻوڻندڙ حالتن ۾ ماهوار ”روح رهاڻ“ ڪڍڻ، ان جا سالوار جشن ڪرائڻ انهيءَ ڳالهه جو وڏو ثبوت آهي ته اهڙو حيوان آهي، جيڪو يوٽوپيائن ۾ رهي ٿو ۽ انهن جي ڪنهن حصي کي عملي صورت ڏيڻ جي قوت رکي ٿو.
”روح رهاڻ“ جي وجود سنڌ ۾ خودشناسيءَ جي احساس کي بيدار ٿيندي ڏٺو ۽ اهرو پاسو ورائيندي ڏٺو، جنهن اڳتي هلي هڪ طوفاني ۽ سيلابي رخ اختيارڪيو. ”روح رهاڻ“ ۽ ان جي جشنن خاص طرح مارچ ١٩٦٧ع کان پوءِ هڪ سيلاب جي صورت اختيار ڪئي. ١٩٦٧ع جي شروعات ۾ ”روح رهاڻ“ تي زوري بندش سان حميد جي زندگيءَ جو ۽ ان سان گڏ سنڌي ادب جي تاريخ جو هڪ چٽو ۽ نمايان باب پورو ٿيو.
حميد جو هيءُ اڻپورو ۽ اتاولو خاڪو لکندي مون ايتروئي بار محسوس ڪيو آهي، جيترو بار هڪ ٻئي پاري دوست شيخ حفيظ جي باري ۾ ٽيليويزن جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي محسوس ڪيو هيم. هن مرحوم ڪهاڻيڪار دوست جي شخصيت جي نمايان رخن ۽ لاڙن، سندس غير رسمي هجڻ ۽ اڻ ٺاهه واري طبيعت کي وڌيڪ نمايان ڪرڻ جي خيال ۾ اهڙو ته پري وڃي نڪتس جو کيس مورڳو غير ذميوار شخص بڻائي ڇڏيم. حفيظ ٻيو سڀ ڪجهه ٿي سگهيو پئي پر غير ذميوار نه. انهيءَ حرڪت تي مون کي هر طرف کان ڳالهيون ۽ گاريون ٻڌڻيون پيون. خاص طرح رشيد ڀٽيءَ کان اهوئي ڀٽي جنهن کي تازو الهام ٿيو آهي ته منهنجي ۽ شيام جي شخصيت تي حفيظ جو ٺپو آهي. ٿي سگهي ٿو ته هن دفعي الزامن جي تيرن جي تکائي ۽ تيزي اڳي کان گهڻي وڌي هوندي، ڇاڪاڻ جو حميد ان وقت جي حفيظ کان گهڻو جاندار ۽ حياتي سان ڀرپور آهي، جنهن وقت مون هن جي شخصيت بابت ٽي ويءَ تي ڳالهايو هو.

(١٠ آگسٽ ١٩٧٦ع تي انگريزيءَ ۾ لکيل خاڪو، جو ١٩٦8ع جي زماني تائين آهي، ترجمو: ح. س. )

ادبي ولين ادبي هيرو هڪ تعارف: ماهتاب محبوب

جڏهن مون ”سنڌي ادبي انڊسٽري“ ۾ نئون قدم رکيو هو تڏهن هن جو غائباڻو تعارف اهڙي ته زهريلي طرح سان ذهن نشين ڪرايو ويو هئم جو غير ارادي طور کيس ادبي ولين سمجهي ويٺيس. ويتر جو منهنجي ڪهاڻي هڪ رسالي جي ٻانهن ٻيلي هئڻ جي حيثيت ۾ سٽون ڪاٽي ۽ پروف جي زبردست چڪن سميت شايع ڪيائين ته بدگماني جون پيڙهيون وڌيڪ پختيون ٿي ويون. پر اهي ڪيڏيون به پختيون هجن، بند ڪيڏا به مضبوط هجن، ڪڏهن ڪڏهن سم ۽ دريا جي زور ڪري ان ۾ ڏار پئجي ويندا آهن، ڀري به ويندا آهن.
مون کي ته ڌيان ۾ ئي نه هو ته ڪو هن لاءِ دل ۾ عزت احترام ۽ خلوص جا جذبا پيدا ٿي پوندم.
پيڪن جو گهر ڇڏڻ بعد خبر پيم ته هن جا منهنجي ساهري گهر سان دوستاڻا ناتا آهن. ان ڪري محبوب جي به ساڻس دعا سلام هوندي هئي. گهر ۾ دعوتون هجن يا ٻيا ڪافي فنڪشن، محبوب ۽ هو انهيءَ جوانتظام پنهنجي سر کڻڻ ۾ سدائين اڳڀرا هوندا هئا.
محبوب جي ٽرانسفر ٿيڻ ڪري اسين ته پوءِ جلد ئي حيدر آباد کان ڪراچي وڃي رهيا هئاسين تنهنڪري هن سان ملڻ جا ڪي چانس پيدا نه ٿيا ۽ جي ٿيا به ته ڄاڻي واڻي سامهون نه وئي مانس. هڪ ڀيري اسانجي ڪار جي ڀرسان هن جي ڪار لنگهي ته پنهنجو هٿ مٿي ڪري محبوب کي وش ڪيائين، تڏهن مون به مٿاڇري نظر سان هن کي ڏٺو هو. هڪ اڌ ڀيري اوچتو سامهون به ٿيم پر ڪا دعا سلام ته ٺهيو مون اکيون ئي ڍڪي ڇڏيون هيون.
ٻه چار سال اڳ ساهراڻي گهر ۾ ڪو ڪاڄ هو. پبلڪ جي بي حد اصرار تي مونکي به ”پردءِ سيمين“ تي اچڻو پيو، نه ته ”ڊيل ڊيڪر“ واري حالت ۾ گهران نڪرڻ معنيٰ خلق جي خواري، گوڙ گهمسان کان بچائڻ لاءِ انجام موجب محبوب مونکي جلد ئي سڏرايو. ڪاڄ ۾ آيل زالن سان گهر سٿيل هجي، مان بنا موڪلائڻ جي لڪي لڪي اتان کسڪيس ته متان ڪير ترسڻ لاءِ نه چئي. مهمانن کي ماني کارائڻ لاءِ شاميانو لڳل هو. اهو سڄو لتاڙي ڪار تائين پهچڻو هئم. شامياني اندر پير رکندي ئي هن کي فل سوٽ ۾ فنڪاراڻي انداز سان ڪرسيءَ تي ويٺل ڏٺم. ڪنڌ مٿي ڪري مونڏانهن نهاريائين. مون پنهنجون نظرون جهڪائي ڇڏيون پر ڏاڍي شڪي ٿيس. آخر مان به ته ” سنڌي ادبي انڊسٽري“ جي ”هيروئن“ هيس ۽ هيروئن کي اهڙي حال ۾ ڏسڻ معنيٰ سڄو اميج خراب ٿيڻ!
”ڇو آيس مان ان مئي شامياني ۾“ ............. سوچيم ”ڪاش اهو ڪو ڪارڙو ڪوجهڙو ايڪسٽرا هجي ها ته مان ڪيڏي نه شان سان اتان لنگهي وڃان ها.........“وهم گمان به نه هو ته اهڙي گوڙ ۾ ائين اڪيلو سوچن ۾ غرق ملندو. مان ايڏي ڳوري هيس جو جيڪا وک اڳتي کڻان سا ايئن لڳي ڄڻ پٽ تي پئي کڄي. شاميانو کٽڻ جو نالو ئي نه وٺي آخر خبر نه آهي ته ڪيئن اچي ”ڌوپار“ پهتيس. محبوب ڪار ۾ ويٺو هو. مان به جهٽ در کولي اندر ويهي رهيس.
”اتان ڪار بيهارڻ جي ڪهڙي ضروت هئي“ مون ڪسرون ڪڍن چاهيون.
” غلطي ٿي، نه ته ڇت تي بيهاريان ها............“ هن ويتر ڏنڀ ڏنو.
مون مونجهه مان زالن وانگر ساهه کنيو جيڪي ”ڊيل ڊيڪر“ ٿي ڄڻ سڄي جهان تي ٿورو ٿڦينديون آهن.
”شامياني لڳڻ ڪري پارڪنگ جي ٻي ڪا جاءِ به نه هئي“ محبوب نرمائيءَ مان چيو.
”- به اتي ويٺو هو، مون کي ڏسي ڇا سوچيو هوندائين ته هلڻ کان هلاڪ هوندي به ڪاڄن ۾ ٿي اٿي ويهي.“ آخر سور سٺو نه ٿيم. ”گهر جو ڪاڄ هو ڪو پرايو نه هو.“
” پر هن جنهن نظر سان ڏٺو ان ۾ طنز هئي، ٽوڪ هئي!“
”اجايا وهم نه ڪندي ڪر. هو اهڙو ناهي“
...........................
بيگم زينت چنا جي ٽيجهي تي حسب معمول ورانڊي ۾ هو به ڪمن ڪارين ۾ رڌل هو. اوچتو آواز ٻڌم: ”محبوب جا ٻار ڪٿي آهن؟“ مان ڏانهس نهاريو ته چيائين. ”ڀاڀي، توهان کي محبوب وٺڻ آيو آهي“ هو مون سان گڏجي در تائين آيو. ڪڏهن ڪڏهن فون به ڪندو هو: ”بابا..........محبوب آهي؟“
”جي نه ......... ٻاهر ويل آهي.“ گهڻو ڪري منهنجو اهو جواب هوندو هو.
”چڱو بابا، مان وري پوءِ فون ڪندس.“
لهجي ۾ ايڏي پنهنجائپ، ايڏو خلوص، شرافت ۽ اخلاق جو مان محبوب کان پڇڻ کانسواءِ رهي نه سگهيس ته اهڙي آواز وارو ڪير هو. هن پاڻ ئي نه ٻڌايو، مان ڪيئن پڇان ها.
هڪ ڀيري محبوب جي گهر ۾ هوندي هن جو فون آيو. تڏهن ئي خبر پيم ته هو ڪو ٻيو نه پر حميد سنڌي هو، ادبي ولين!
هاڻ فون تي منهنجي به ساڻس دعا سلام ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪا ادبي ڳالهه ٻولهه ٿيندي هئي.
”مٺي ڀيڻ، توهان کي اسان لاءِ گهڻيون ئي بدگمانيون دل ۾ پيل آهن، پر موقعو مليو ته مان انهن کي ضرور پري ڪندس.“
”اهڙي ڪائي ڳالهه ناهي، ادا.....“
”آهي، بلڪل آهي. تڏهن ئي ته افسانو لکيو هيوَ، مان پڙهيو هو. ڏاڍو اسان تي ڇوهه ڇنڊيا هيوَ.“
”مان ته ڇڙو اها ڳالهه ڪئي ته ڀينر اڳ ئي گهٽ ٿيون لکن وري جو سندن لکڻيون اهڙيءَ ريت ڇپجنديون ته ڪنهن جي دل چوندي لکڻ تي.“
”ڀيڻ مان جلد ئي اچي اوهان جون بدگمانيون پري ڪندس.“
آواز شخصيت جو آئينو آهي. مونکي ان آئيني ۾ هن جي شخصيت بي داغ نظر آئي، منهنجون بدگمانيون پاڻ مرادو پري ٿي ويون.
حميد سنڌي همدرد انسان آهي هن جو قرب ۽ شفقت ڀريو انداز ڪڏهن به ذهن تان ميسارجي نٿو سگهي. بابلا، امان، مٺي ڀيڻ ۽ بابا جهڙا پنهنجائپ ۽ قرب جو احساس ڏياريندڙ عزت ۽ خلوص ڀريا پيارا لفظ جڏهن هن جي زبان مان ٻڌبا آهن ته دل کي راحت ملندي آهي.
پر انهن لفظن جي ميٺاڄ مان هر ڪو نه ڄاڻي. ڪنهن غير سنڌيءَ نينگريءَ کي جڏهن امان ڪري ڪوٺيائين ته هوءَ ڪاوڙجي پئي هئس. هن ليکي ته مونکي پاڻ کان وڏو بنهه ماءُ جيڏو ڪري ٿو سمجهي، پر حميد سنڌي جي وضاحت کانپوءِ وڃي نينگريءَ جي ڪاوڙ ٿڌي ٿي. هو اڪثر ڪري چوندو آهي:
”بس ڇا ڪريون، ڪنهن کي بابا ڪنهن کي امان ڪري ٿا چئون. سالن جا سال مڙهن جي سرپرستيءَ ۾ ڪم ڪري ڪري مڙها ٿي ويا آهيون. ڪاليجن جو ڊئريڪٽر هئس، تڏهن به مڙها عقاب وانگر اکيون وجهيو ويٺا هوندا هئم. هينئر ايڊيشنل ڊائريڪٽر آهيان ته به مڙها غارن ۾ ويٺي ويٺي طلسمي شيِشي مان اهڙو ته ڏائڻ وارو ڏهڪاءُ ٿا ڏين جو هيانءُ ئي روڙيو وجهن. ان کان ته ميوزڪ ڊائريڪٽر هجان ها ته ڀلو هيو. پوڙهن جي ڏنل دردن جون، پيڙائتيون ڌنون تيار ڪري پنهنجو هيانءُ ته هلڪو ڪيان ها.“
حميد ته ائين ئي کڻي ڳالهه ڪئي، پر ان ۾ جيڪو درد ۽ پيڙا هئي. تنهن کي منهنجي حساس دل هڪدم پرکي ورتو. منهنجي صلاح آهي ته پوڙهن کي جوانن سان ڪم ڪرڻ گهرجي. گڏجي ڪم ڪرڻ سان نه رڳو جوان جلدي پوڙها ٿيندا پر جلدي لاڏاڻو ڪري ويندا.
زندهه دل ۽ خوش مزاج پوڙهن کي پوڙهن جي قطار ۾ شامل نٿو ڪري سگهجي، ڇو ته انهن جي ساٿ مان جوانن کي ڪو به ڇيهو نٿو رسي. البت اهي پوڙها جيڪي اصلي جڙي ٻوٽين مان تيار ٿيل يعني پوڙهائپ جي مڙني خوبين جهروڪ ڪرڪڻ، ڀڻڪڻ ۽ چهٽڻ وغيره سان مالا مال هوندا آهن تن کي جوانن کان پاسي رکجي. پوڙهن جو پنهنجو ويڙهو هئڻ گهرجي جنهن ۾ ڪڪڙيون سنڀالڻ، ڪبوتر پالڻ، ڀاڄيون پوکڻ، گڏ ڪري ٻج ڇٽڻ کان وٺي سوانح عمريون وغيره لکڻ جهڙا دلچسپ مشغلا هئڻ گهرجن.
مان ڪجهه سالن کان لڳاتار پنهنجن ماءُ پيءُ ۽ ڀائرن ڀينرن جي وڇوڙي جا ڌڪ سهندي آئي آهيان. پر تازو پنهنجي بي حد پياري معصوم، سادي ۽ شريف ڀاءُ شاهه محمد عباسي جي بيدرديءَ سان ڪيل خون ناحق منهنجو جيءُ بنهه جهوري ڇڏيو جنهن جو اثر صحت تي پوڻ لازمي هو. محبوب جي گهڻي زور تي به مان پنهنجو علاج نه ڪرايو. علاج ته جيئڻ لاءِ ڪرائبا آهن.
هن کي به ڪا خبر پئي، مونکي مايوس ۽ ملول ڏسي پڇيو هيائين.
”ادي! طبيعت ته ٺيڪ آهي؟“
”محبوب چوي ٿو ته علاج نٿي ڪرائين، مان وٺي هلئين ڊاڪٽر ڪريم عباسي وٽ؟“
”مهرباني ادا، اهڙي ڪائي ڳالهه ناهي، مان ٺيڪ آهيان مون کي ڪجهه به ناهي ٿيو“
”مون سان به ڪوڙ! يقين ڪريو ته مان توهان کي بيحد گهڻو گهرندو آهيان پر لکا نه پوڻ ڏيندو آهيان.“
”اسان کي خبر آهي ادا! ڪير ڪنهن جو سڄڻ ۽ گهڻ گهرو هوندو آهي ته اڳلي کي به انهيءَ جو احساس ضرور ٿئي ٿو.“
حميد مونکي کوڙ ساريون تسليون، سمجهاڻيون ۽ دلداريون ڏيندي وعدو ورتو ته مان خوش رهنديس، ڏاڍي ڏک مان چيل هن جا اهي لفظ ته مونکان ڪڏهن به نه وسرندا:
”ڪير ٿو جيئڻ چاهي؟ ڪنهن جي خواهش آهي ته جيئون؟ مان به ته نٿو جيئڻ چاهيان............... پر جيان پيو ............. پنهنجي اولاد لاءِ ............. تون به انهن لاءِ جيءُ دنيا ۾ پنهنجي لاءِ نه پر ٻين لاءِ جيئڻ گهرجي.“
مان ادا حميد جي چوڻ تي گهڻو ئي عمل ڪيو: خوش رهڻ جي ڪوشش ڪندي آهيان، پر ڇا ڪيان ........... هيانءُ ۾ لڳل ڪنڍيءَ کي مان اڃان به پري نه ڪري سگهي آهيان.
حشر جي ڏينهن رشيد ڀٽي پنهنجي فيملي سميت اسان وٽ آيل هو. محبوب ۽ حميد به ڊرائنگ روم ۾ انهن سان ڪچهريون ڪري رهيا هئا، مان رڌڻي ۾ بور ٿي رهي هئس. ڪاش مون وٽ جادوءَ جي ٽيبل هجي جنهن ۾ جيڪو کاڌو حڪم ڪيان ته انهيءَ دم حاضر ٿي وڃي، يا ڪاش! مون وٽ جادوءَ جي منڊي هجي جنهن کي ڇڙو گهڪو ڏيان ته ڳاڙهي انڊرويئر وارو ڦونڊڻو جن ڪم جو ٻانهو ٿي اڳيان اچي بيهيم ۽ کن جو کن ۾ طرح طرح جا طعام سهڻن ٿانون ۾ سجائي پيش ڪري..........
ٽن ٻارن جي ماءُ ٿي وڃڻ بعد رڌڻي ۾ وڃڻ مهل اهڙا ٻاراڻا ۽ بيوقوفي جا خيال ايندا اٿم. انهيءَ ۾ منهنجو ڏوهه ناهي، ڇو ته سياڻن جو چوڻ آهي ته ڊگها ماڻهو اڪثر ڪري بيوقوفيون ڪندا آهن. تنهن ڪري بزرگن جو ڀرم رکڻ به ته عين سعادتمندي آهي.
”ڪو ڪم ڪار؟“ ڪنهن اندر اچي پڇيو. مون کان ڇرڪ نڪري ويو. ڪٿي منڊي کي ته گهڪو نه آيو! پر افسوس اهو منهنجو وهم هو، ڪنڌ مٿي ڪري جو نهاريان ته اڳيان فل سوٽ ۾ حميد سنڌي بيٺو هو.
” ادا، مهرباني، توهان هلي ويهو، بس ڄاڻ ماني تيار ٿي.“
ڪيڏو نه رسمي جملو ڳالهايم، دل ته ائين پي چاهيو ته چوانس: ”ادا توهانجي مهرباني، لک لائق! ڀلي اچي ڪم ڪار سنڀاليو، مان جيسين وڃي ٽيپڙو ٻيپڙو چالو ڪيان.“
”مان به ته هٿ ونڊرايان“ ائين چوندي حميد ديڳڙي جو ڍڪ لاٿو ۽ ڪمال ڪاريگريءَ سان ڏوئي گهمائيندي صلاحون ڏنائينم.
”رس گهاٽو ڪرڻو هجي ته پيٺل ڌاڻا گهڻا وجهجن، ديڳڙي جو ڍڪ لاهي ڇڏ ته ڀلي ٻاڦ نڪري. ائين چوندي شيشيءَ ۾ رکيل پيٺل ڌاڻن ڏانهن هٿ وڌايائين. مون کان رڙ نڪرندي رهجي ويئي. ڏٺم ته هاڻ ٻوڙ جي ٻيڙي ٿي ٻڏي. سو جلدي ۾ چيو مانس: ”مان ثابت ڌاڻا ڳنڍ ۾ ٻڌي اڳواٽ وجهي ڇڏيا آهن.“
هو حيران ٿي ويو، ڌاڻا سي به ڳنڍ ۾ ٻڌل! پر مان به پنهنجن وڏڙن کان لکايل ترڪيبون پڙهي پوءِ رڌڻي ڏانهن وک کڻندي آهيان. سو خاطري هئم ته پاون جو ٻوڙ خراب نه ٿيندو البت پاڻي سڪڻ جو ڪجهه انتظار هو.
ايتري ۾ محبوب، ادا رشيد ڀٽي ۽ سندس گهر واري ڀاڀي سڪينا به اچي رڌڻي ڀيڙا ٿيا.
”بس، ادا، اجهو ماني تيار آ، کنيو پيا اچون“ حميد مون کان ڏوئي وٺي پيالن ۾ ٻوڙ وڌائيندي چيو.
”ادا توهان ڇڏيو،“ محبوب چيس.
”مون کي ڏيو ته مان ٿي وڌايان“ مون چيو. ”اهي زالن جا ڪم آهن.“ ”اسين به ته اڌ زالون آهيون، ڪيئن، محبوب؟“
حميد جي انهيءَ ڳالهه تي ادا رشيد، ڀاڀي سڪينا، مان ۽ محبوب ڏاڍا کلياسين.
باقي جس هجي ڀاڀي سڪينا کي، جنهن ويچاري پوءِ ٿها مانين جا پچائي ڏنا. جيڪي ٻه ڏينهن مون وٽ رهي ته کٽ تي ويهي مون کي کارايائين. ڏٺائين ته ٻٻرن کان ڪهڙا ٻير گهربا، سو پنهنجي مڙسيءَ سان پئي حالتن کي منهن ڏنائين.
تحريڪن جو اڳواڻ حميد سنڌي، سنڌي ادب جو سچ پچ ته هيرو ۽ گهڻگهرو آهي، روح رهاڻ ذريعي سنڌي ادب جون هن جيڪي به خدمتون ڪيون، سي ڪنهن کان لڪل ناهن. تڏهن هو اڪيلو نه هو. ٻيا به هن جا ٻانهن ٻيلي هئا، جن سڄي سنڌ ۾ سجاڳي آڻن لاءِ پاڻ پتوڙيو هو. چوندا آهن ته ٻيڙي ڪنهن ٻوڙي؟ خواجه خضر ٻوڙي! عين ان وقت، جڏهن هو ڪاميابين سان همڪنار ٿي رهيا هيا، ته پنهجن ئي نعرا هڻي پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻڻ جي مصداق سندن تحريڪون مشڪوڪ بنائي وڌيون. اهڙيءَ ريت روح رهاڻ اسان کان جدا ٿي ويو. اڄ جا ناميارا اديب، امر جليل، نسيم کرل، خواجه سليم، قادر جوڻيجو، شوڪت شورو، علي بابا ۽ شيخ اياز وغيره روح رهاڻ جي ئي همٿ افزائي سان ڏينهون ڏينهن نکرندا رهيا.
حميد کي پنهجي ماضيءَ سان پيار آهي. انهيءَ لاءِ نه ته ڪو هن جي ماضيءَ سندس جهول خوشين سان ڀري ڇڏيا هئا، پر ان لاءِ ته ماضي جيڪي به محروميون کيس ڏنيون سي هن جي شخصيت جو حصو بنجي ويون آهن ۽ پنهنجي شخصيت سان ڪير نه پيار ڪندو. ان ڪري ئي هو جيڪي ڪهاڻيون قلمبند ڪري ٿو سي ماضيءَ جي ڀرپور مشاهدن جو نچوڙ آهن. اڳي کان سندس هن وقت جون لکيل ڪهاڻيون بلڪل مختلف آهن. انهن جو انداز سمبالڪ آهي. ” ڌوپار“ ۽ ” دربان“ جهڙين پيارين ڪهاڻين کانپوءِ هن جي تازي تخليق ”ٺوٺ ڌري“ ۾ هن اهڙي ٻار جو نقشو چٽيو آهي، جنهن کي سنڌ جي روايت موجب مست جو درجو ڏئي سندس ارمانن ۽ خواهشن کي چٿيو ۽ چيڀاٽيو ويو آهي. حميد جيڪو ناول ”آپي رانجها آپي هير“ جي ٿيم تي لکي رهيو آهي، اهو سنڌي ادب ۾ پنهنجو مثال پاڻ ٿيندو. اها ٿيوري ته انسان جو ڪوئي ساٿي ناهي، هي رشتا ناتا سڀ ڏيک آهن، هو دنيا ۾ اڪيلو اچي ٿو اڪيلو وڃي ٿو، انهيءَ ناول ۾ سهڻي انداز سان پيش ڪيل آهي.
هڪ هوشمند حساس انسان وانگر حميد جي سوچ ۾ گهرائي آهي. سطحي سوچن ۽ سستن جذبن جو هن جي سڄاڻ ذهن ۾ ڪو گذر ناهي. جذبن جي سچائي سان لکندو آهي ۽ ڪنهن کي آئيڊيل بنائي فنڪار جو فنڪار سان ذهن ٽڪرائي لکڻ جي محتاجيءَ کان بنهه آجو آهي. هن جو چوڻ آهي ته ڪهاڻي سنئين سڌي سمجهه ۾ ايندڙ ٻوليءَ ۾ لکڻ گهرجي. پنهنجا خيال فلسفاڻي انداز ۾ زوريءَ ٽنبڻ بدران ڪردارن جي زباني ادا ڪرائجن. هن کي شڪايت آهي ته: اڄڪلهه جا اديب سيڪسيوئل فرسٽريشن جا شڪار آهن، تنهنڪري سندن ڪهاڻين ۾ صرف مان ۽ سيڪس جو درجو گهڻو هوندو آهي. انهن جي لکڻين مان ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ زندگيءَ کان گهڻو پري ٿي ويا هجن. هو ڏينهون ڏينهن پنهنجي پاڻ ۾ گم ٿي اڪيلا رهجي ويا آهن ۽ اڪيلائيءَ ۾ پاڻ کي وساري ويٺا آهن. پاڻ کي ڏسڻ لاءِ آئيني ۾ ئي ته ڏسبو آهي. انهن کي ڪڙمين ڪاسبين جي فرسٽريشن تي لکڻ گهرجي. ڪارخاني ۾ ڪم ڪرڻ وارن مزدورن جي حال مان لازمي طرح واقف ٿيڻ کپين ۽ اهو سڀ سٺي تحرير سان ئي ممڪن آهي. مونکي حميد جي خيال سان بلڪل اتفاق آهي ڇو ته رڳو مان مان ۽ سيڪس سيڪس مان ٺلهو جنسي بيمارين کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه ملڻو اٿن. وري جي ڪنهن يوناني حڪيم جي هٿ چڙهي ويا ته پوءِ نه رهندن بانس نه وڄندن بانسري.
حميد رومينٽڪ افسانا لکڻ ڇڏي ڏنا آهن. عورت ۽ مرد جي رومانس ۾ کيس غرض ئي غرض نظر اچي ٿو. هن جو خيال آهي ته هن زماني ۾ اهڙي رومانس جو هئڻ محال آهي، جنهن ۾ ڪائي غرض شامل نه هجي. بي غرض پيار ۽ محبت جڏهن آهن ئي ڪو نه ته ان تي لکڻ ئي فضول آهي. هن جي خواهش آهي ته ساڻس بي غرض پيار ڪيو وڃي جنهن ۾ بي چيني هجي، تيزي ۽ رواني هجي. بي غرض پيار جي ڳولها ۾ هن دين جون مائرون ۽ ماسيون به ٺاهيون، پر موٽ ۾ ڇا مليس------- وري به تنگ نظر زماني جون دل ڏکوئيندڙ ڳالهيون.
تنهن ڏينهن حميد ذهني طرح منجهيل پي ڏٺو. محبوب ائين ئي کڻي رومينٽڪ افسانن بابت پڇيس ته اهي هاڻ ڇو نه ٿو لکين.
“يار، مان ته پنهنجو پاڻ ئي رومانس ڪرڻ ۾ پورو آهيان.“
”اهو وري ڪيئن؟“ محبوب حيراني مان پڇيس.
”پاڻ واري ساوڻ کي نت نوان رومانس ڪندي ڏسي رومانس تان هيانءُ پلجي ويو اٿم.“
”ساوڻ هڪ وقت ۾ ڪيترا رومانس ڪندو آهي؟“
”ڀائو، ڪو ڪاٿو ئي ناهي!“
”آبول اصل ائين ڇا!“
”بنهه ٽاٽ لڳو پيو آهي.“
هو اڳ ٿورو ڪومايل هو، سو ٻن ٽن ٽهڪڙن کانپوءِ ٽڙي گل ٿي پيو. ڳالهائڻ جوانداز سانتيڪو سنجيدو ۽ سمجهه ڀريو. هر لفظ دل تي نقش ٿيڻ جهڙو. ٻڌندڙ بور ٿيڻ بدران دل ۾ ذهن جي پوري لاڙي ۽ سوچ سان ٻڌي ٿو. موقعي ۽ مهل جي لحاظ کان مزاج جو عنصر منجهس بدرجه اتم موجود آهي. اهڙو ڪو واقعو يا ڳالهه جڏهن هو ڊرامائي انداز ۾ ايڪشن ايڪسپريشن سان ٻڌائيندو آهي ته کلي کلي کيرو ٿي وڃبو آهي. لکڻ لاءِ ڪنهن ماحول جي ڪا ضرورت نه پوندس. ڪيترو به گوڙ شور ڇو نه هجي ان جي پرواهه نه ڪندو. پهرين ويهڪ ۾ ئي ليک ڪمپليٽ ڪري وجهندو. انهيءِ جو سبب اهو به آهي ته هو پلاٽ ذهن ۾ رکي ڪهاڻي نٿو لکي پر سڄي ڪهاڻي اٿندي ويهندي گهمندي ڦرندي توڙي ڊرائيونگ ڪندي پاڻمرادو ذهن جي ديڳ پيئي پچندس، جڏهن پچي راس ٿيندي تڏهن قلم جي ڏوئي سان ائين جو ائين کڻي ڪاغذ جي ڊش ۾ وجهندو. ”ٺوٺ ڌرتي“ پهرين ڪهاڻي اٿس جا وڃي ٿي ڏينهون ڏينهن وڌندي ۽ وقت وٺندي. ان لاءِ حميد کي گهڻي حيراني آهي. هو ڪهاڻي فيئر ڪرڻ مان نه ڄاڻي، ڪاغذن تي جيتر ڪاٽ ڪوٽ، ليڪا لينگها ۽ ڌٻا نه هوندا تيتر مزو نه ايندس. لاشعوري طرح سان هن جو هر عمل ماضيءَ جي منجهيل زندگيءَ جو هڪ عڪس به ٿي سگهي ٿو. هن کوڙ ڪتاب پڙهيا آهن. جيڪي ياد نه هوندي به ڊسڪشنس وغيره ۾ سمورن حوالن ۽ مثالن سميت ياد اچي ويندا اٿس. هن وٽ ڇهه ست سو ڪتاب آهن پر افسوس ته انهن کي طريقي سان سنڀالي رکڻ جي في الحال حالتون اجازت نٿيون ڏينس ۽ اهي ٻورين وغيره ۾ بند آهن. گهڻي ڀاڱي ته کڄي به ويا اٿس. جيسين ڪتابن جي سنڀال جو ڪو جوڳو انتظام ٿيئي تيسين هو پنهنجا ڪتاب ڪٻٽن جي پويان، هيٺيان ۽ مٿان پيو لڪائيندو جو انهيءَ ۾ انهن جي سلامتي آهي. هن کي هر قسم جا ڪتاب پڙهڻ جو جنون جي حد تائين شوق آهي پوءِ کڻي اهو تفريحي ادب هجي يا سندس سڪيلڌي پٽڙي هوشو جي ڪورس جو ڪتاب هن کي آٽوبايو گرافيون خاص طور سان وڻنديون آهن.

لاڏا ۽ شرنايون هن جي ايڏي ته ڪمزوري آهن جو ٻڌڻ شرط وار ڪانڊارجي ويندس. اکيون ٻوٽي ڪا دير ته ڄڻ خوابن جي دنيا ۾ وڃائجي ويندو آهي. ڪپڙي لٽي جو نه رڳو شوقين پر ان جي صحيح استعمال جو ڏانءُ به حميد کي آهي. سنڌي ادبي انڊسٽري ۾ مغربي لباس جي مقابلي ۾ورلي ڪو جهڙس خوش پوش اديب هوندو. سوٽ نئين فيشن جو هجي يا پراڻي جو، حميد کي بدني بناوت سبب جڙي جڙي ٺهندو. شايد هن کي به اهو احساس آهي. تڏهن سهڻي شرٽ ته ضرور پائيندو. هونءَ به سهڻيون ٽايون ۽ شرٽس هنجي ڪمزوري آهن. اهي ايڏي ججهي تعداد ۾ گڏ ٿي ويون اٿس جو واري اچڻ تي پائيندو آهي. جنهن ڪري پراڻيون ٿين ئي ڪو نه. سنڌي لباس ۾ جيتوڻيڪ گهٽ ڏسبو آهي ته به ڪنهن زماني ۾ سنهڙي ڀرت سان شبلمي پهراڻ پائڻ جو شوق هن جي نفيس ذوق جو سٺو ثبوت آهي.

کائڻ پيئڻ جو ته گهڻو ئي شوقين پر پرهيز طور ڪن پسنديده شين تان هٿ کڻڻو پيو اٿس. سنڌ جي مٺي پاڻيءَ جي ڏنڀرو مڇي بي حد پسند ڪندو، سامونڊي مڇيون بنهه ڪونه وڻنس. سائون، لوڙهه ۽ بيهه پڻ چاهه سان کائيندو آهي. هو نه رڳو کائڻ جو شوقين آهي پر کارائڻ جو به ملهه آهي. اها خبر ڪنهن کي نه هوندي ته حميد مڇي پچائڻ جو وڏو ماهر آهي، کيس مڇي پچائڻ جا ڪيترائي قسم اچن، خاص ڪري مڇيءَ جو پاڻي ڪڍي پوءِ ان کي پچائڻ وڏي ڪاريگري آهي، جنهن کان پڻ حميد مونکي واقف ڪيو. پٽاٽي ۽ قيمي جي ڪبابن لاءِ سندس چوڻ آهي ته انهن کي بيدي يا روٽيءَ جي چوري جي آڌار تي بيهارڻ کانسواءِ تيار ڪجي ته پوءِ ڪا ڳالهه ٺهي. ان الاءِ پڻ سٺو نڪتو ٻڌايائين ته ڪبابن کي سيڪڻ کانپوءِ هلڪو هلڪو گيهه کڻائجي ته اهي نه ڀرندا. مان اول تهه ڪباب ٺاهيان ڪونه، ڪير ٺاهي کارائي ته ٻي ڳالهه آهي، پر جي ”ڀولي بسري نغمي“ وانگر ڪڏهن کڻي تيار به ڪيم ته انهن کي گيهه ۾ ايڏيون ٽٻيون ڏياريندس جو ”دوست، دوست نا رها“ وانگر ڪباب ڪباب نه رهندو بلڪه ڪڏهن حلوي جو ته ڪڏهن چٽڻيءَ جو پيو ڏيک ڏيندو! حميد کان ڪبابن بابت اهو گر ٻڏي منهنجو وات پٽجي ويو ۽ دل ۾ کيس صوم صلوات جي پابنديءَ جو نه سهي پر ”امور خاناداري“ جو سرٽيفڪيٽ ڏيڻو پيم.
حميد ڪنهنجو به برو ناهي چاهيو. هن جو باطن سندس ظاهر وانگر اڇو اجرو ۽ صاف شفاف آهي. شفقتن ۽ خلوص جا بيڪران سمنڊ سندس وشال سيني ۾ روان دوان آهن. ڊائريڪٽر ڪاليجز واري زماني ۾ جڏهن انبوهه ماڻهن جا سندس اڳيان پويان ڦرموٽين وانگر پيا ڦرندا هئا، تڏهن به پاڻ کان گهٽ درجي وارن جي آجيان ڪرڻ لاءِ هميشه اٿي بيهندو. سندس غريب استاد جي ڪنهن ڪم سانگي آفيس ۾ لڙي ايندو ته حميد اٿي ادب سان آڌرڀاءُ ڪندو ۽ جڏهن ڪو ايئن ڪرڻ کان ٽوڪيندو هئس ته چوندن، ”ڀائو، ائين ڇو ٿو چوين؟ سندن ٻن اکرن جي طفيل ته مان هن جاءِ تي آهيان“
تڪليف ۽ مصيبتن ۾ هو يارن جو يار، دشمنن جو دوست ۽ سنگتين جو ساٿي آهي. پنهنجي سر جو سانگو نه ڪندي به انهن لاءِ پاڻ پتوڙي رکندو. اهي به اهڙي وقت ۾ کيس ڏتڙيلن جو ڏاتار ڪري سمجهندا آهن. پر ڪي اهڙا هوندا آهن جي ڪم لٿي کانپوءِ ”جهرڪي ۽ ڪئي“ واري روايتي ڪهاڻيءَ جو ”ڪئي“ وارو ڪردار بنجي نيڪ ٽاءِ درست ڪري چوندا اٿس :”هونهه! مان ٻڏس ٿوروئي ٿي، مان ته وهنتس ٿي!“ يا ” ڪنڊن ۾ ٿوروئي ڦاٿي هئس، مان ته والا پائڻ ڪاڻ ٿي ڪن ٽوپرايا!“
زماني جون ناانصافيون ۽ بيقدريون انسان جي شخصيت تي گھرو اثر وجهن ٿيون. حميد کي به اهي ڏاڍا ڏمر ۽ ڏنج نه صرف پراين کان پر پنهنجن يارن دوستن ۽ عزيزن کان به سهڻا پيا. هو، جو اعتماد جي صلاحيت سان مالا مال آهي، تنهن جي اعتماد ۾ به ڏار پيا ڏسجن، پر هن همٿ ۽ حوصلي واري انسان مان اميد آهي ته انهيءَ کي جلدئي ڀري ڇڏيندو. هن هڪ ڀيري ڏاڍي ڏک سان چيو هو: ” مون کي اها سا خاطري آهي ته جڏهن مان ته هوندس ته ٻه ٽي ڄڻا ئي سهي پر مون کي خلوص دل سان ياد ڪندي ٻه لڙڪ لاڙيندا. منهنجي لاءِ ٻاڙو ٻول ڪوئي نه ٻوليندو.“
حميد جو وقت اڄڪلهه زندگيءَ جا زائچا ڀيٽڻ ۽ پرکڻ جهڙي دلچسپ وندر جي نذر ٿي رهيو آهي. ڄمڻ جي وقت جي ذائچي ۽ موجوده سال جي ذائچن جي هڪجهڙائي علم نجوم جي بلندين کي تسليم ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهيس. جنتريءَ جو ماهر، سياڻي صلاحڪار وانگر، اڪثر ساڻس گڏوگڏ هلندي چلندي ڏٺو ويو آهي. ڏسون ته سندس گردش ۾ آيل ستارو ڪڏهن ٿو گرهڻ مان نڪري وري چمڪي.


ٻئي ڇاپي ۾ آيل

*

مونکي مون پرين ٻڌي وڌو ٻار ۾ (ڇپيل، اڻ ڇپيل رايا)

حميد جي ڪهاڻين جي لهجي ۽ شخصيت ۾ ايتري ته هڪ جهڙائي ۽ هم آهنگي آهي جوانهن کي مروج ڍنگ ۾ ڌار ڪري بيهارڻ يا وچ مان ليڪ ڪڍڻ تمام ڏکيو آهي.
سندس شخصيت ۽ فن ٻئي وضاحتي قسم جا آهن. سندس لکڻ جو انداز وضاحتي آهي، تيئن سندس شخصيت جي جسماني جوڙ جڪ توڙي ذهني ۽ عملي لاڙن جو نڪته نگاهه کان بلڪل چٽائي پيش ڪندڙ آهي. جيئن سندس لکڻيءَ ۾ ابهام ۽ مونجهارو نه آهي، ائين شخصيت به اٿس. هر ڳالهه چٽي ۽ هر ڳالهه ۾ ور وڪڙ بجاءِ سڌي ليڪ، پر سڀ ڪجهه آهستي آهستي، ڏاڪي به ڏاڪي. لکڻ وقت به آهستي آهستي اڳتي وڌندو ۽ پکڙبو ويندو آهي. اکر ڏاڍا خراب اٿس پر پڙهڻ ۾ تمام سولا: نه ته لاشعوري طرح تي ٻٽي شخصيت يا ٻن حصن ۾ ورهايل شخصيت اٿس نه وري شعوري طور تي ٻٽو هلڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. پنهنجين ڪهاڻين ۾ به ڪو وڏو موڙ ڪونه کاڌو اٿس. موڙ کائڻ جي بدران آهستي آهستي اڳتي وڌندو وڃي. اڄڪلهه علامتي ڪهاڻيون لکي پيو پر اهي به ايتريون ته چٽيون آهن جو عام پڙهندڙ وڏي سولائي سان سندس فن کي ڇهي سگهي ٿو.
شخصيت وانگر ٻولي به مٺي ڪم آڻيندو آهي. مخالف نڪته نگاهه تي حملي ڪرڻ وقت به ڳجهي يا پرتو ٽوڪ هڻي سامهين ڳالهه کي ڊاهڻ جي بدران پنهنجي اظهار جي ڦهلاءِ کان ڪم وٺندو آهي. ان خيال کان کيس ادبي نيڪ نيتيءَ وارا لاڙا رکندڙ ڪهاڻيڪار چئي سگهجي ٿو.

[b]--- عبدالقادر جوڻيجو
[/b]

حميد سنڌي جا افسانا ڪڏهن ڪڏهن ته دل تي اهڙو اثر ٿا وجهن جو ڪافي وقت تائين قائم رهي ٿو. سندس ذهن ۽ قلم ٻئي پختا آهن. ڪيترو نه بهتر ٿئي جو هو صاحب اسان جي عام زندگي جي حقيقي پهلوئن کي حقيقي تصورات تي ترجيح ڏئي. انساني فطرت هميشه کان خود پسند رهي آهي. هن دور ۾ جڏهن انسان تڪليف ۾ آهي ته ڇو نه کيس فطرتي تسڪين مهيا ڪجي.

[b]--- هادي بخش ميمڻ
[/b](روح رهاڻ، مارچ ١٩٦٥ع)


حميد سنڌي جي افساني جي خصوصيت هن جو انداز آهي، جيڪو مجبور ڪندو آهي ته افسانو پڙهي ختم ڪجي. ” روشن اوندهه“ هن معاشري جي جيئري جاڳندي ڪهاڻي آهي. جنهن جا ڪردار بالڪل اسان وانگر زندهه ۽ زندگي جي پيچيدگين ۾ الجهيل آهن. منهنجي نظر ۾ ته هي ڪهاڻي هڪ علامتي ڪهاڻي پئي لڳي، جنهن ۾ ڪن چند ڪردارن جي صورت ۾ سڄي ماحول جي عڪاسي ڪئي وئي آهي. ”روشن اوندهه “ اسان جي وڏيرا شاهي جي چٽي تصوير آهي، جنهن ۾ حميد سنڌي پنهنجي تخليقي قوتن سان رنگ ڀريو آهي. اهائي ادب جي تقاضا آهي.

[b]----- قاضي خادم
[/b](روح رهاڻ، جون ١٩٦٥ع)


حميد سنڌي جي افسانن جي مقبوليت ۽ پسند پوڻ جو سبب اهوئي آهي، جو پڙهندڙ خود انهيءَ جاءِ تي پاڻ کي محسوس ڪري ٿو ۽ سندس افساني ”روشن اوندهه“ جو موضوع پراڻو آهي، پر جنهن نموني پيش ڪيو ويو آهي، تنهن کي ساراهه ڪرڻ کانسواءِ رهي نه ٿو سگهجي.

[b]----- ممتازميمڻ
[/b](روح رهاڻ جون ١٩٦٥ع)


حميد جي ”پيار جي ريکا“ وڻي. ريکا کي ڀلي کڻي بليڊ سان ڇلي ڇڏجي مگر ان جو مانسڪ اثر ڀلا ڪيئن وسرندو.

[b]ٽيڪچند مست
[/b](روح رهاڻ، اپريل ١٩٦٥ع)


جهيڻي جو پارٽ ٿورو، پر مرڪزي خيال سان ٺهندو آهي.

[b]---- ناز، ڪراچي
[/b](روح رهاڻ، فيبروري)


اوهان جي ڪهاڻي،”ٽڪنڊو“ پڙهيم. خبر ناهي ڇو پڙهي خيالن جي منجهيل ڄارن ۾ ڦاسي پيم، سوچن جا اڻکٽ سلسلا شروع ٿي ويا ۽ مان ڀٽڪندو، ٿڙندو ٿاٻڙندو، اوهان وٽ اچي نڪتو آهيان. توهان ئي ڏس ڏيو ڇا سچ پچ فن جو ٻيو نالو اداسي ئي آهي؟ اياز يڪتاري کي ڍانڍو ٿانءُ ٿو ڀانئين، امر جليل نااميد ٿي نانگن ۽ بکين، گهٽين ۽ چرن، بوتلن جي ڍڪن سان کيڏندڙ ٻارن کي پنهنجو مستقبل سمجهي، ”مهراڻ“ کي مستقبل ۾ ”سرواڻ“ ۾ تبديل ٿيندو ٿو ڏسي ۽ ستل سنڌين کي مهن جي دڙي جو ڏاند ٿو ڀائين. وري توهان؟ اوهان به ته تاريڪين سان پر اداس وادين ۾ ٿا وڃي نڪرو. آخر اهو سڀ ڇا آهي؟ فن ته لازوال آ ۽ اداسي وقتي. پوءِ به انهن جي پاڻ ۾ ايڏي قربت سمجهه ۾ نه ٿي اچي. ان جو ڪوئي ته هل ڏسيو؟ ڪو ته جواب ڏيو. اداسي ۽ فن............ فن ۽ اداسي؟

[b]اڪبر چنو، لاڙڪاڻو
[/b]( روح رهاڻ، آڪٽوبر ١٩٦٦ع)


حميد سنڌي جي ڪهاڻي، ڪهاڻي نما مضمون، مضمون نما ڪهاڻي، آکاڻي ڪافي وقت کانپوءِ نظر آئي آهي، سا به روايتي ۽ کوکلي انداز ۾. حميد صاحب شايد ميار لاهڻ لاءِ يا گٺل قلم کي چالو ڪرڻ لاءِ ڪا پراڻي ڪهاڻي هلائڻ جي خيال کان موڪلي آهي. جنهن جو هن وقت جو ليکڪ تصور به نٿو ڪري سگهي ۽ نه وري شايد ڪير پوري پڙهڻ به پسند ڪري. اها جيڪڏهن حميد صاحب جي ”نئين“ ڪهاڻي آهي ته پوءِ حيرت ڪرڻ بدران ايترو چئي سگهجي ٿو ته ان ”موٽ“ جو حشر اهو ئي ٿيو آهي، جهڙو پارس ۾ ڇپيل رشيد ڀٽيءَ جي ڪهاڻيءَ جو ٿيو آهي. اسان وٽ ”حويلي“ جو تصور ائين آهي، جيئن هڪ صحتمند جسم تي ناسور، طبقاتي ڪشمڪش جوبنياد ۽ وري لفظ ”دربان“! خبرناهي ته هن انهن مان ڇا ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؟ جيڪڏهن ”دربان“ کي اتحاد جو اهڃاڻ ڪري ورتو ويو آهي ته پوءِ اهڙو اتحاد ”بورجوائي جو اتحاد“ ئي ٿي سگهي ٿو ۽ ڇاڪاڻ ته حويلي ۽ دربان ٻئي لفظ هڪ خاص بدبودار سماج جو تاثر پيش ڪن ٿا، تنهنڪري ڪهاڻي کي ترقي پسند فڪر جي دائري کان گهڻو پري سمجهي سگهجي.

[b]--- نور گهلو، دادو
[/b](”باک“ مورو)

افسانوي ادب ۾ گهڻو ڪري ليکڪ پنهنجي ذاتي تجربي، اميدن، آسرن ۽ احساسن جي اپٽار ڪندا آهن. ليڪن سنڌي ڪهاڻيڪارن ۾ ڪي اهڙا به آهن جي ذاتي پيڙا کي ڇڏي سنڌ جي ماضيءَ ۽ حال جي ويرانين ۽ تباهين کي پنهنجي ڪهاڻي ۾ چٽيندا آهن. ڳچ وقت اڳ نسيم کرل جو افسانو ”چوٽيهون در“ پڙهيو هئم ۽ وري اهڙي ئي هڪ ڪهاڻي باک ۾ ”دربان“ نالي سان پڙهيم. حميد سنڌيءَ سنڌ جي ثقافتي تباهيءَ تي وقتائتو قلم کنيو آهي. شال هڪ سنڌي ان طرف توجهه ڏين!

[b]--- غلام علي باگاڻي، ڪراچي،
[/b](باک مورو)

سنڌ جا قديم آثار جهڙوڪ بکر، حيدر آباد، عمر ڪوٽ جا قلعا، سنڌ جي سمن، ڪلهوڙن ۽ ميرن جا مقبرا ۽ قبا، توڙي ٻڌ ڌرم وارن جا يادگار مثلا برهمڻ آباد ۽ ڪاهوءَ جي دڙي وارا ڏيورا ۽ ٺل مير رڪن وغيره جنهن تباهي ۽ برباديءَ واري دور مان گذري رهيا آهن، ان تي جيترو به ماتم ڪجي ٿورو آهي. ”دربان“ کجيءَ جي روپ ۾ جنهن تباهي جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. ساپڪ ئي پڪ سنڌ جي ثقافتي ۽ قديم ورثي جي ويرانيءَ ڏي اشارو ڪري ٿي. اهڙي سٺي ڪهاڻي لاءِ حميد مبارڪباد جو مستحق آهي.

[b]---- غلام محمد لاکو، دولتوپور صفن سنڌ
[/b](باک مورو)


ڀاءُ نور گهلوءَ حميد سنڌي جي ڪهاڻي ”دربان“ تي جيڪا راءِ ڏني آهي، ان مان ته اهوئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هو ڪهاڻي سمجهي ئي نه سگهيو آهي. ڪهاڻي موضوع، ڪردارن ۽ مقصد جي اعتبار کان مڪمل آهي ۽ ڀرپور تاثر ڇڏي ٿي.

[b]--- آفاق سليم، حيدرآباد
[/b](باک مورو)

حميد سنڌي جي ڪهاڻين کي ڪيترائي ڀيرا پڙهيو اٿم، اسان وٽ سنڌيءَ ۾ اهڙيون ڪهاڻيون ٿوريون لکيون ويون آهن. هن جي قلم جي قوت آهي ۽ قلم اڃان سوڌو مستقبل جي آئيني ۾ سوراخ ڪري ڪاغذ ٿي هلي رهيو اٿس. سنڌ جي معاشري ۽ فرسوده روايتن ۽ مسئلن تي ايڏي اونهائي سان لکي ٿو. هر ڪو لکي ٿو پيار، پيار، پيار ۽ اسان وٽ پيار جو ايڏو ڪو مسئلو نه آهي. اسان وٽ اهڙي کوکلي نفس پرستيءَ جي پيار جي ضرورت ناهي. ان پيار جي ضرورت آهي، جنهن ۾ انگ اگهاڙن ۽ پيٽ بکين جو احساس هجي، انهن لاءِ روڄ هجي، ماتم هجي. اسان وٽ اهو پيار هجي، جنهن ۾ ڏتڙيل ڌرتيءَ جي گونگن ٻوڙن لاءِ زبان هجي، ڪن هجن ۽ جدوجهد هجي، جنهن ۾ قرباني ئي قرباني هجي.
حميد جي لکڻين ۾ اهي سڀ سنيها آهن . ڪيترين ئي ڪهاڻين ۾ ڪٿي ڪٿي مايوسين ۽ ڏکن جا چٽا پٽا اهڃاڻ هن کي ظاهر ٿا ڪن. ان لاءِ هو ڪهاڻي جي ڪردار ۾ ڪٿي نه ڪٿي لڪل ضرور هوندو آهي: ڪٿي لياڪا پائيندو آهي ته ڪٿي صفا ظاهر آهي. ڪٿي ڳوڙها ڳاڙيندو آهي. پر آءُ سمجهان ٿي ته هن جي ڪهاڻين جي مايوسي مايوسي نه آهي، پر مسئلن سان منهن ڏيڻ، ذميوارين سان پيار، مايوسين، کي هٽائڻ، زندهه رهڻ ۽ ٻين کي جيارڻ لاءِ سوچن جا سلسلا اڻ کٽ ڊهندڙ ٺهندڙ فيصلا سڀني ڪهاڻين جي ڪردارن کي شخصيت کي مضبوط بنائڻ لاءِ سرگردان آهن. ويريون جون سڀ ڪهاڻيون سنڌي ادب ۾ ڪهاڻي جي اوسر ۾ وڏي حيثيت والارين ٿيون.

[b]--- فهميده بلوچ، حيدر آباد[/b]

ڪھاڻيون

---

ويريون

نورپور ڪنهن وقت ۾ ته ڳوٺڙو هو، پر جيئن جيئن رئيسن جي رئيسي اوج تي پهچندي وئي، نور پور به اوج تي پهچندو ويو. چڱا سکر مڙس اچي وسيا. وڻج واپار ته هونئن ئي رئيس جي جي دم سان هو. سندن ٻنيون ٻارا ايترا ته جهجها هئا جو شهر جي چڱي ڀلي ڀلاوڻي نيئومل جي وس جي ڳالهه نه هئي جو سمورو مال سودي وڃي. نيٺ رئيسن جي ڪڙ مان جوان نڪتان جن پاڻ سيٺڪي ڪئي ۽ سيٺين وانگر تر ۾ پنهنجو مال سودڻ لڳا. ماڻهو ساکائتا هئا، سندن وک وک مان ڏاهپ پئي بکي، ترت ئي چڱا وڏا سيٺيون بنجي ويا. سندن وڻج واپار بمبئي جي ڪوٺين تائين وڃي لڳو. پر سندن خانداني لقب رئيس نه هيٺ ٿيو نه مٿي ٿيو. رئيسپائي مان نڪري سيٺ پائي تي پهتا هيا، پر ته به نه ته سندن ڪڙم جو نالو مٽيو نه وري سندن ڪي رک رکاءُ ۽ اٿي ويٺي ۾ فرق آيو. چڱو پهريندا هئا، سندن ڪڙم جو واڌارو ڏسي سندن وڏي رئيس گل محمد هڪ چڱي چوکي حويلي ٺهرائي، ڀرسان اوطاقون ۽ مال جون جايون ٺهرايون. سندس نگاهه ڊگهي هئي. سندس هٿ وڏا هئا، ڀر ۾ چڱا پٽ وٺي ڇڏيائين. رئيس گل محمد ڏاڍي تجربي وارو ۽ هوشيار ماڻهو هو. ساڻس عمر وفا نه ڪانه ڪئي ۽ سيگهه وڃي بر وسائين. سندن پونير چڱا سمجهو هئا پر جيئن نه ڪو رئيس گل محمد ڀاڳ جي علامت هجي، سندس موڪلائڻ سان رئيسن جي راڄ جي به پڄاڻي ٿي. رئيس گل محمد جي نه رڳو واپار تي پر زمينداري ۽ راڄ تي به نظر هئي. پونيرن جي وري نظر واپار تي وڌيل هئي. سڀ ڪجهه وڪڻي به داءُ واپار تي لڳايائون. ڪرڻي منهنجي مالڪ جي اهڙي ٿي جو وڏي جنگ ۾ ڪروڙ پتين ڪرئي نه کنيون ۽ وڃي پٽ پيا. اتي هي لکن ۾ مس هئا، سندن واپار ۾ هڙ جهڳو ناس ٿي ويو. اوسي پاسي جيڪي زمينون ۽ پٽ هئن سي وڪڻي وڃي جان ڇڏايائون. پر هو جو چوندا آهن ته نڪي نڪ کي مر لائبي نڪي ابي جي پر وڃائبي، ڪهڙي به حال ۾ هئا پر پنهنجي پر نه وڃايائون. اٿي ويٺي مهمان مڙي کي کارائڻ پيئارڻ، اهيئي اوطاقن جا ميڙا قائم رهيا.
پر آخر ڪيستائين آهستي آهستي آڪهيون وڌيون، ڪن وڃي ٻاهر نوڪريون ڪيون، ڪن اتيئي ڌنڌي ڌاڙي کي ورتو. پر اهو اوج نصيب نه ٿين. هونئن به نيٺ ڪمال کي زوال آ. نورپور جو اوج به ڪو رئيسن جي دم سان هئو. آهستي آهستي، اهيئي ڀٽون ڀاڻا، اهيئي پن ۽ وٿاڻ جهڙي طرح وقت سان گڏ ماڻهن جي طبيعتن ۾ به هيٺ مٿانهون اچيو وڃن، اهڙي طرح رئيسن جي حالت ۽ گهرن جون رونقون لٽجي خزان جي صورت اختيار ڪري ويون. اڄ به نورپور جي شهر ۾ گهڙبو ته منهن ۾ وڏي بازار پوندي جا نالي ماتر وڏي بازار وڃي رهي آهي. جنهن ۾ سواءِ چند دڪانن جي ڪي به ڪينهي. اهي دوڪان لتاڙي صابو گرن واري گهٽي ۾ پئبو ۽ جيئن وڏي مسيت کان هيٺين ميدان ۾ لهبو ته چڱي مٿانهين تي هڪ ڪوٽ نظر ايندو. جنهن جا ڪنگرا جهور، سندس وڏين ڊگهين ڀتين ۾ جهيرون، سندس پاڙو کٿل ۽ کاڌل. اها آهي رئيس گل محمد جي ٺهرايل حويلي جا اڄ به رئيسن جي حويلي جي نانءَ سان مشهور آهي.
جيئين ئي حويلي ڏانهن وڃبو ته هڪ چڱي چاڙهي چڙهي حويلي جي لنگهه وٽ پهچبو، چاڙهي جي هيٺيان رئيسن جي پونيرن جون منهين واريون اوطاقون نظر چڙهنديون. انهن اوطاقن جو اوج اجڙيل آهي. سندس پونيرن مان ڪنهن به اهڙو اوج ڪو نه ڪيو. جي ڪيو به آهي ته اهي ٻين شهرن ۾ نوڪرين يا ڌنڌي سانگي آهن.
حويلي کي هڪ تمام وڏو در ۽ هڪ دري آهي جا اندر وڃي هڪ وڏي ميدان ۾ پوي ٿي. لنگهه شايد انڪري مختلف نه آهن جو سڀني جا پاسا ورهايل ۽ طرف کنيل آهن.
ڪنهن وقت ۾ ته طرفن ۽ پاسن کي ڪنهن کنگهيو به نه ٿي جو وڏڙن جو قرب ڀريو ساهه به هڪ ئي نڪئون کڄندو هو. گهرن ۾ نه ويڇا نه ويريون، نه دوريون نه جدايون، بس پنهنجائي وارو ڪارخانو هو. رئيس گل محمد ڪي ناتا اهڙا اڻيا هئا جو ڪي ورهيه ته ڪارخانو ائين پئي هليو. گڏ جا گهر وڌ ۾ وڌ ڏاڏن جي نالي تي ڪمرا وراهيل پر نه ڪو ڪي ڌار ڀتيون نه ڪي ويريون.
گڏ جو کائڻ، گڏ جو اٿڻ ويهڻ، لنگهه هڪڙو، ڪهڙي ڀاءُ کي ڪهڙي ڀاءُ کان جدا ڪري ڳڻائجي. بس سڏجي ته بابا رئيس گل محمد جو ڪڙم، رنگي جا رنگ آهن. ڪڙم جو ته وڃي هن دور ۾ هن رنگ ۾ نانءُ رهيو آهيو. هاڻي هر هنڌ ڪڙم جي نانءَ کان اڳ هر ڪنهن جي پنهنجي حيثيت ، ڳڻپ ڌارئون ڌار آهي. اڳ رئيس گل محمد جي آڪهه، پوءِ ٿي رئيسن جي آڪهه. پوءِ ڇا، چي ويڙهو، هيءُ محمد ابراهيم جو ويڙهو آهي، هي نظير احمد جو ويڙهو، هي ولي محمد جو ويڙهو، هي شمس الدين جو ويڙهو. هيءُ سڀ هئا رئيس گل محمد جا ڀائر، اڃا به اڳتي هلو ته شمن جو گهر، رسول بخش جو گهر. مٺڻ جو گهر، مولا بخش جو گهر ۽ اڄ بس گهر ۾ گهر، ڪنهنجو نانءُ وٺجي، اندر ويريون پئجي ويون، حويلي ڀاڱا ٿي ويئي. هيٺ اوطاقون ٽڪرا ٿي ويون، آڪهه وڌندي وئي، ڪٽنب ڇڄندا ويا. حويلي ۾ ٽڪرن ۽ ڀاڱن جو تعداد وڌي ويو پر جي ڇڄي ته ڏيڍي نه ڇڄي. جتان حويلي ۾ اندر داخل ٿبو هو ۽ اها پنهنجي ننڍڙي پر ڊگهي ڇٽ سان قائم دائم، لنگهندڙن کي گس ڏيندي رهي. ڏيڍيءَ کي پنهنجا ٻه در هئا، هڪ منهن ۾، هڪ آخر ۾. ڪير جي ٻن درن کي بند ڪري ته ڄڻ ته صفحو ٿي ٿي پيو. رئيس گل محمد جي آڪهه جو چڱو مڙس محمد ابراهيم پراڻي کهي جو ماڻهو، پراڻن قدرن ۾ ايمان، پر ليکي چوکي ۾ ڏاڍو سخت ۽ ڏکي طبيعت جو ماڻهو هو. سندس شمس الدين وارن سان اصل ڪانه پوندي هئي، جو رئيسن جي ڏاڏنگ ۾ ڪو نه هو، هونءَ به ناناڻي پر زالون ۽ ٻار پاڙيندا آهن، باقي مڙداڻي پر اها آهي جو هميشه ڏاڏنگ پيا ساراهيندا. شمس الدين جو گهر ڏيڍي سان گڏ هو. شمس الدين پورهيت ماڻهو هو، پر سندس نينگر پڙهي پيا. ان مان ڪو مليريا جو صاحب هو ته ڪو فيملي پلاننگ ۾ هو. نوڪرين سانگي ٻاهر. گهر ۾ پيرسن شمس الدين ڏيڍي جي ڀت کي ٽيڪ ڏيو، آرسين لوپن ۽ جاسوس بليڪ جا جاسوسي چڪر وارا ناول پڙهي وقت گذاريندو هو. سندس گهر جو خرچ نينگر کنيو ويٺا هئا، هن رازڪو ڪم گهڻا ڏينهن ڇڏي ڏنو هو.
هڪ ڏينهن جيئن هو اکين تي عينڪ چاڙهيو ڪتاب کنيو ويٺو هو ۽ هو ڏسي رهيو هو ته ڪيئن جاسوس بليڪ، سمٿ کي دڙڪا پيو ڏئي، ايميلي ڪارٽر کي سمجهاڻي پيو ڏئي، سندس هٿ ڀت جي هڪ دز تي پيو، هن جو هٿ بي اختيار هٿوراڙيون ڏيندو رهيو ۽ هڪ هوشيار رازي وانگر ڀت کي ٽوڙيندو رهيو ۽ ائين هن ڪتاب رکي ڇڏيو. هن کٽ ريڙهي پري هٽائي ڇڏي، هٿ لائي ڏٺو ته ڀت چڱي کاڌ ڪري وئيي ۽ ڪافي هنڌن کان ڏري ڇڄي به پئي آهي. پراڻو ڪاريگر هو، قصي کي سمجهي ويو، صبح جو اٿڻ سان هڪڙو رازو جو سندس يار به هو ۽ ٻه مزور وٺي اچي ڏيڍي ۾ بيٺو. ڏيڍي ۽ سندس ڪمري جي ڀت مڙيوئي هڪڙي ڀت، سو خيال پچائڻ لڳو ته اهڙو ڪم ٿئي جو ڀت جي مرمت ٿئي نه ته سڄي ڏيڍي ڇت سوڌي هيٺ لاهڻي ٿي پئي. شمس الدين ۽ سندس يار رازي گلڻ جا هٿ ڀت کي ٽوڙي رهيا هئا ته ائين محمد ابراهيم اچي لانگهائو ٿيو. پراڻي ٿلهن شيشن واري عينڪ مان نظر ڪرڙي ڪري شمس الدين کي ڏٺائين ۽ لڪڻ کي زمين تي ٽيڪي چيائين، ”اڙي ماما! ڇا کي لڳو آهين ڀت ٿو ڊاهين ڇا!“ اڃا شمس الدين وراڻي ئي وراڻي ته مٿان ڦهڪايائينس: ڏس ماما ڀاڙين مٿان هڻي ڀت ڪانون ڪيرائي وڌي، ڪاٿي گلڻ پارا مٿان نه ڀت ڪيرائيني: شمس الدين کي خبر هئي ته محمد ابراهيم ڏکي طبيعت جو ماڻهو آهي، تنهنڪري سور پي چيائينس: ”ڀائو ڏيڍي جي ڀت ڪمزور ٿي پئي آهي، جي ڪري پئي ته نه رڳو ڏيڍي ويندي پر مون واري ڪوٺي کي به کنيو ويندي. تنهنڪري گلڻ کي وٺي آيو آهيان ته ڪا صلاح بيهاريون ته ڪيئن ڏيڍي کي بچائجي.“ ۽ ائين محمد ابراهيم عينڪ لاهي هٿ ۾ ڪئي، تکي رڙ ڪري چيائينس: ” اڙي متان ڀت کي هٿ لاتو اٿئي، هي ڀت، هي سڄي ڏيڍي وچ جي ملڪيت آهي شما! جي تو ڪا به حرڪت ڪئي آهي ته سڀني کي سڏائي انهيءَ ڀت ۾ لنبائي ڇڏيندو سانءِ سمجهئيه!“
”پر به ڀائو، جي ڀت ڪري پئي ته مان ڪاڏي ويندس، چڱو ڀلا ايترو حق اٿم ته اندران پنهنجي ڀت کڻايان، پوءِ ڀلي هيءَ ڪريو ته ڪريوَ توهان جي مرضي“.
محمد ابراهيم جي ڪنن جو پاڙون ڳاڙهيون ٿي ويون، لڪڻ کي ڀت تي هڻندي چيائين: ”شما، مان سڀ سمجهان ٿو، انهي بهاني تون هيءَ ڀت ڪيرائڻ ٿو چاهين ته جيئن ڏيڍي تي قبضو ڪرين. تون نه نئين ڀت ٺهرائيندين نه هن کي هٿ لائيندين. نه ته - ------ بس سمجهين ٿو.“
محمد ابراهيم لڪڻ سان گڏ ڏند کڙڪائيندو هليو ويو. شمس الدين حويلي جي ٻاهران گلڻ ۽ مزورن سان گڏ ويهي رهيو. سند نظرون پاتال ڏي کتل هيون، سندس نرڙ تي پگهر هو. هو سوچڻ لڳو ته هن کي ڪيڏو نه گهٽ ۽ ذليل سمجهيو پيو وڃي. هن انهي ذلت کي انهيءَ نموني گهٽايو هو، جو نياڻيون ويهاري ڇڏيائين، پر رئيسن ۾ نه ڏنيون هئائين. رئيسن جي آڪهه ۾ پنهنجي پيءُ جو اوج تڏهن ڏٺو هئائين، جڏهن رئيس گل محمد حيات هو. پرجيئن هو الله ڏي هليو ويو ته سندس ساڻ اها ڪار ڪيائون جو پهريائين حويلي اندر اڱڻ ۾ ويري وجهائڻ وارو سندس پيءُ هو. لنگهه به ايڏو ڏيڍي جي ويجهو رکيو هئائين جو شمس الدين يا ٻيا گهڻو حويلي ڏانهن ويندا نه هئا.
شمس الدين کي خبر هئي ته حويلي ۾ اڄ ڪنهن به گهر ۾ قرب جو نانءُ نيشان ڪونهي، سڀ انهن ويرين جا قيدي هئا، جيڪا هنن پنهنجي انا جي تسڪين ۽ ڪوڙي ڀرم خاطر ٺهرايون هيون. انهن ويرين جا بنياد به اونها ڪرايا هئائون. جيئن ڪو به نسل انهن کي ڊاهرائي نه سگهي. هونءَ قرب ۽ پيار جا بنياد به اونها هوندا ئي آهن. پر جي نفرتن ۽ جداين جا بنياد کڻائبا ته وڌيڪ اونها کڻائبا، ڇاڪاڻ ته پهرين محبت ۽ پيار جي بنياد کي لٽرائي نفرت جي ويري اونهي گهري کڻائبي آهي، صرف انهيءَ لاءِ ته ڪٿي قرب ۽ پيار جي لٽيل ديوار جا بنياد هن نفرتن جي بنيادن کي لوڏي نه وجهن. شمس الدين سوچيندو ويو. هو نيٺ ڏيڍي ٽپي اندر حويلي ۾ آيو. اڱڻ ۾ کنيل ننڍيون پر اونهيون ويريون کيس نفرتن جي جداين جون ويريون نظر آيون. هو سوچڻ لڳو ته آخر انهن نفرتن کيس ڏنو ڇا آهي. هو هڪ هڪ ويري جي ويجهو وڃي اندر نهارڻ لڳو. هر گهر انهي ڪوٽ جي اندر نڪتل ديوار اندر، ديوار هيٺان ڪيئن نه ڏکي زندگي گذاري رهيو هو. شمس الدين کي ائين لڳو ته هيِءُ سڀ ڪوڙو ڀرم رکڻ لاءِ هيءُ جيون گهارين پيا. هو ويرين جي ڊگهي سلسلي ڏانهن هلندو ويو. سندس وکون هڪ هنڌ بيهي رهيون. سندس مائٽن مان ڪا مائي کنگهي رهي هئي. هن ڪنڌ مٿي ڪري ويري مٿان هيٺ اندر نهاريو. هنکي ڄاڻ هئي ته هوءُ ٽي بي جي مريض هئي. پاسي ۾ سندس پوٽو ملي ۾ ورتل پيو هو. هو وڌيڪ سوچي نه سگهيو ۽ پٺتي موٽيو. هاڻ سامهون سندس گهر هو. هو ويريءَ جي لنگهه وٽ وڃي بيٺو. هن پنهنجي گهر اندر ڏٺو. اڻپوري روشني، گهر ۾ گهر، حويلي ۾ ايڏي سوڙهه، هنجو هنيانءُ منجهڻ لڳو، هنن ڀتين به ته جاءِ والاري آهي. هو سوچڻ لڳو، هنن ويرين ايتري سوڙهه ڇو ڪئي آهي.! هو اندر پهچندڙ جهڪي روشني ۾ پنهنجي وچين پٽ کي گيسيون پائيندو ڏسي سگهيو ٿي، جنهنجون ٽنگون پوليي سبب ختم ٿي چڪيون هيون. سندس ٻه نياڻيون جن جا مٿا به اڇا ٿيڻ لڳا هئا، ڇڙيل ڇتن سان دورن ۾ مبتلا هيون. هن حويلي جون ديوارون ايڏيون ته ڊگهيون هيون جو ڌاريا سڱ اندر اچي نه ٿي سگهيا. حويلي اندر هيءُ ويريون ايڏيون ته گهڻيون ۽ مضبوط هيون، جو پنهنجا سڱ هڪ ٻئي جي ويرين کي ڊاهي نه ٿي سگهيا. هن ڄاتو ته اهي ڪچين يا پڪين ڀتين واريون ڀتيون روڪ نه هيون، پر اهي دلين جون ويريون هيون، جن هڪ ٻئي کي ڌار رکيو هو. هنکي اها به خبر هئي ته رئيسن جي کانئس انهيءَ ڪري نفرت هئي جو هو ناننگ ۾ هئن پر جي جيڪي هڪ ٻئي جي ڏاڏنگ ۾ هئا، انهن ۾ وري ڪهڙي محبت هئي، هو ائين سوچ جي انبوهه مان سٽ ڏئي نڪتو ۽ ٻاهر ڀڳو. کٽ تان گلو رازي جي تيشي کنيائين، ڊوڙندو اندر ويو، گلو گهڻو ئي ڏيڍي تائين ڀڳيس، پر هو کيس وٺي نه سگهيو ۽ ڪجهه سوچي هيٺ اوطاقن ڏانهن ڀڳو. شمس الدين ڏيڍي لتاڙي سڌو اچي پنهنجي گهر واري ويريءَ وٽ بيٽو، سندس هٿ زور سان ڪم ڪرڻ لڳا. سندس ڀت پراڻي ۽ ڪچي هئي. چئن پنجن ڌڪن سان هن ڀت جا ٻر گهل لاهي وڌا. سندس هٿ تيز هلي رهيا هئا. هو پنهنجي منهن سان ڳالهائي به رهيو هو. ”هي ويريون اسانجون دشمن آهن. ابراهيم هي تنهنجون به دشمن آهن. تو منهنجي گهر ۾ تڪيو آهي. توکي تنهنجي زال ۽ نياڻين کي به ته هيءُ ويريون کائي ويون آهن. ابراهيم هيءُ اڄ ڊهڻ کپن!“
ائين هن ڪنڌ مٿي کنيو. ابراهيم ۽ ٻيا مٽ مائٽ ڀرسان اچي بيٺا هئس، هو يڪدم وڌي محمد ابراهيم وٽ آيو.
”رئيس محمد ابراهيم اچي هيءَ تيشي وٺ، اهي سڀ ويريون ٽوڙي ڇڏ. گهٽ ۾ گهٽ پاڻ واري ويري ته ڊاهه، اڙي سڀ گهٽجي مري ويندئو. اڙي ٻوساٽجي ويندئو. اڙي دٻجي مري ويندئو. اڙي ويريون ڊاهيو ته دليون صاف ٿين. دليون ڏوپنوَ. اڙي ڇو ٿا هڪ ٻئي کي گهٽي ٻوساٽي ماريو اڙي.!“
هو زور سان رڙيون ڪرڻ لڳو. محمد ابراهيم سڄو ڏڪڻ لڳو هو. هو هيڊو ٿي ويو هو. وڌيڪ ٻڌڻ جو روادار نه هو. هن ڀر ڪري شمس الدين کي چماٽ وهائي ڪڍي ۽ پاڻ ٿڙڪندو جهڪي ويهي رهيو ۽ شمس الدين رئندو، ڊوڙندو پنهنجي ڪوٺي ڏانهن هليو ويو، جنهن جو در هن هڪدم بند ڪري ڇڏيو. اها رات حويلي جي اداس ۽ تاريڪ کان تاريڪ تر رات هئي. انهيءَ رات ڏيڍي جي ڀت ڪري پئي ۽ شمس الدين انهيءَ ڀت ۽ پنهنجي ڪوٺي جي ڇت هيٺيان ڊٻجي ويو. جڏهن هن کي هڪ مٽيءَ جي ڍير مان ڪڍيو ويو، ته تيشي سندس هٿ ۾ هئي. جڏهن شمس الدين کي هڪ مٽيءَ جي ڍير مان ڪڍي ٻئي مٽيءَ جي ڍير ڏانهن نيو ٿي ويو، تڏهن چوڻ وارن چيو ته سڄي رات شمس الدين ڪوٺي ۾ بند انهيءَ ڀت جو بنياد تيشيءَ سان کوٽيندو رهيو هو. هنجي لاءِ شايد اها ڏيڍي جي ڀت حويليءَ جي ڀت هئي. جنهن کي ڪيرائڻ سان شايد سڄي حويلي جو بنياد ڊهي پئي ها، پر حويلي اڄ به قائم آهي. سندس ڪنگرا ۽ ڪوٽ جهور ٿي چڪا آهن. اندر ويريون ۽ دوريون اڃا قائم آهن. ڏيڍي هاڻي هڪ گهٽي ۾ تبديل ٿي چڪي آهي. ڪير ٺهرائي. شمس الدين جي ڪوٺي انهيءَ ئي ڀڳل حالت ۾ آهي، ۽ انهيءَ ڀڳل حصي ۾ شمس الدين جا ٻار ٻڪريون ٻڌندا آهن. باقي ايترو سو ضرور ٿيو آهي جو نورپور يا اوسي پاسي هاڻِ حويليون ڪونه ٺهنديون آهن، جي ٺهنديون آهن ته انهن ۾ ڏيڍيون ويريون نه هونديون آهن.

*

ڌوپار

باشو اڃا ورانڊي ۾ ئي هيو ته سندس وڏي ڀيڻ عائشا، جنهن مشين کي پئي ابتا سبتا ڦيرا ڏنا، ڪنڌ کي زور سان ڌوڻيندي آهستي آهستي ”هش! هش“ ڪئي، هو اتي ئي ڄمي ويو. سمجهي ويو ته ڪمري ۾ سندس چاچو پادر پسائي ويٺو آهي. هن لوڻو هڻي رخ ڦيرايو، سامهون ٽاڪ منجهند ٻي نٽهڻ اس، اڃ ۽ بک کيس اصل لوڏي وڌو هو. هو اڃان سوچي ئي رهيو هو ته کيس چاچي جي رڙ ٻڌڻ ۾ آئي: ”آيو آهين، نواب جا پٽ! رلي پني ڌڪا جهلي، هاڻي آيو آ ته ماني ڏيو، ڌوتل ڪپڙا ڏيو، اڙي پڻهين ڪا ڌراوت ڇڏي ويو هو مان وٽ......... ڀيڻان ڏاري وجهندو سانءِ“ سٽ ڏيئي چاچي اچي ڳٿڙ کان جهليس.
”هاڻي ٻڌاءِ، اڙي اهو روز روز توهان گهٽي ۾ اٽي ڏڪر ٿا کيڏو ۽ شمعدان جا شيشا شرطن تي ٿا ڀڃو. اڄ نوٽيفائيڊ ايريا وارن جو ماڻهو به آيو هو، نقصان پڻھين ڀريندو يا ماڻهين ڀريندي. سئو دفعا انهي ڳالهه تي پادر ٺوڪيا اٿمانءِ پر ڪتي جو پڇ ڦڏو سو ڦڏو“ ڀيڻس ڪنڌ هيٺ ڪري مشين تي ويٺي هئي. نيٺ چاچس اچي ڌڪن، بجن ۽ چماٽن سان ورتس. هڻي سيڪاٽي وڌائينس ۽ پوءِ کٽ تي کڻي اڇلايائينس ۽ بڙ بڙ ڪندو ڪمري ۾ هليو ويو.
”ڀيڻان آئيندي جي ٻڌو اٿم ته اٽي ڏڪر کيڏي اٿو ته رتو ڇاڻ ڪري ڇڏيندو سانءِ“.
باشو اتي ئي سڏڪندو رهيو. هن ڪنڌ کڻي مٿي نهاريو ته ماڻس رڌڻي مان ٻوڙ کڻي ورانڊي ۾ گهڙي. هن اٿڻ چاهيو پر ماڻس ڏانهنس نهاريو به ڪو نه، هوءَ سڌو ٻوڙ کڻي اندر ڪمري ۾ هلي وئي. جيئن ماڻس ڪمري ۾ گهڙي ته هن ڏٺو ته چاچس جيڪو هاڻ پٺا اگهاڙا ڪيو پينگهي ۾ پي لڏيو ۽ پير سان پي لوڏو ڏنائين يڪدم اڀو ٿي ويو ۽ ماڻس کي ست سريون ٻڌائڻ لڳو. ماڻس جو ڀڻڪو به نه هو. باشي جو هاڻ سڏڪڻ بند ٿي ويو. هو ڪا گهڙي خاموش پيو رهيو پوءِ الائي ڇا سوچي ٽپ ڏيئي ٻاهر نڪري ويو. ڀيڻس آهستي سڏ ڪيس. پوءِ ڊوڙندي ڏيڍي تائين آيس، ”باشا، باشا، ٻڌ ته! ماني گرهه ته کاءُ، نٽهڻ ۾ ڪاڏي ٿو وڃين. او باشا! او باشا!“ پر هو خار ۾ ڏيڍي ٽپِي گهٽي ۾ نڪري آيو.
هو ڪا گهڙي بيٺو رهيو. گهٽي ۾ ڪير به نه هو. ٻه ڪتا ناليءَ جي پاڻيءَ ۾ پاڻ پسايو سهڪي رهيا هئا. ويجهو وڃي انهن جي ڀرسان ويهي رهيو. هن ڪتن کي سهڪندو ڏٺو ۽ يڪدم زبان ڪڍي پاڻ به سهڪڻ لڳو پر ڪتن نهاريس به ڪونه. هن کي اڪيلائي جو شديد احساس ٿيڻ لڳو. هو اوستي علڻ جي جاءِ جي اوٽ ۾ ويهي رهيو. ڇانوڙي هئي پر سامهون واري اس به نٽهڻ هئي. ٿوري دير ۾ واقعي هو سهڪڻ لڳو. اڃ بک جو احساس آهستي آهستي ڪر موڙيندو اڳيان آيس. هو جيئن اٿيو ته کيس ياد آيو ته سندس اٽِي ڏڪر اتي ئي اوستي علڻ وارن جي سڪل ناليءَ ۾ لڪل هو. هن نئڙي اٽي ڏڪر ڪڍيو ۽ وڌي اچي اتي بيٺو جتي اٽي ڏڪر راند لاءِ هن ۽ سندس ساٿين گد کوٽي هئي. هو جهڪي گد مان مٽي ڪڍڻ لڳو. جيئن ئي هن ڪنڌ مٿي کنيو ته سندس نظر شمعدان تي پيئي. اهو شمعدان سندس گهر جي ڀت جي آخر ۾ مٿڀرو لڳل هو، جنهن ۾ روز ڀيو چمني ٻاري رکي ويندو هو. هن ڏٺو ته اڃ وري شمعدان جا چار ئي پاسا نون شيشن سان چمڪي رهيا هئا. هن کي خبر هئي ته اهي شيشا نه هجن ته انهن ۾ رکيل چمني هوا جي هڪ جهوٽي سان وسامي سگهي ٿي، پر الائجي هو جڏهن به شمن، گلڻ ۽ جمن وارن سان گهٽي ۾ اٽي ڏڪر کيڏندو هو ته سندس هٿ ۾ خارش لڳندي هئي. پنهجي واري اچڻ تي يڪدم چوندو هو ”شمن گڏي اچئي ٿي. ڌوپار!............ ۽ اٽي کي گد ۾ هڪ ڀيرو وري ڊل ٺاهي ڏڪر سان اٽيءَ کي ٿورو مٿي اٿاري وري جو زومائتو ڌڪ هڻندو هو ته اٽي شمعدان جا شيشا ٽوڙي پريان نڪري پٽ تي وڃي پوندو هئي. جڏهن ڪي ڏينهن شمعدان ٽٽل هوندو هيو ته گلڻ شمن وارا به اٽي ڌوپار ڪرڻ جي ڪندا هيا. پر شيشن پوڻ کانپوءِ اهو سندس ئي مرڪ هو ته شيشو ڀڃي اٽي ڌوپار ڪري. هن جو ڌڪ به ڌڪ هوندو هو. قد جو ننڍو، ڦيري پائي اٽي کي اٿاري ڌڪ هڻندو هو ۽ ڏسڻ وارا يڪدم دانهن ڪري چوندا هيا: ” واهه ڙي باشا! باشا اصل نشانچي آن!“
هونءَ به باشي جنهن پاسي هجي انهيءَ ڌر جي هارائڻ جو سوال نه ٿي ٿيو. باشو جنهن ڏينهن شمعدان ڀڃندو هو ان ڏينهن الائي ڇو خوش ٿي ويندو هو. کيس خبر هئي ته گهر پهچندو ته پادر پيسا پيا هوندس. پر باشي لاءِ اها نئين ڳالهه نه هئي. ڇاڪاڻ ته هونءَ به گهر ۾ چاچو گارين جو ۽ موچڙن جو زيپٽ لايو ويٺو هوندو هو.
باشي جي پيءُ جيئن مئو هو ۽ چاچي هن کي پاڻ سان لاچار رهايو هو. هن ڪڏهن سک جو ساهه نه کنيو هو. ماڻس ۽ ڀيڻس ته ڄڻ ان جون نوڪرياڻيون هيون. باشو ڪڏهن به گهڙِي پلڪ لاءِ چاچي مان قرب جي گهڙي ماڻي نه سگهيو هو. اسڪول ويندو هو ته ڪتابن يا ڪاپين نه هئڻ ڪري ماستر جا موچڙا، ڦاٽل ڪپڙن اڻڀي مٿي، ڇڳل چمپل سان هجڻ ڪري هميشه ڪلاس جا سيبتا، ماستر جا پيار شاگرد ڀرسان نه ويهاريندا هئس. هن جي لڳندي هئي ته گلڻ شمن ۽ جمن سان، جيڪي هن وانگر يتيم ته ڪونه هئا پر غريب جا ٻار ضرور هئا ۽ پڙهائڻ واري حالت کان پري نه هيا. هنن جو ساٿ اسڪول ۾ گهٽ گهٽيءَ ۾ گهڻو هوندو هو. اٽي ڏڪر ته هنن لاءِ سڀ ڪجهه هيو. باشو گهٽي ۾ گهڙندو هيو ته هو ڪار مچي ويندي هئي. ”اچي ويو ڌوپار!“ ۽ جيئن ڌوپار جو نعرو لڳندو هو سندس آنٽ تپندي ويندو هئي ۽ ٽڙڪو ٿيندو هيو. شمعدان جا شيشا پٽ تي هوندا هيا. ٻيا چار ڏينهن گذرندا هيا ته گھٽي وارا نوٽيفائيڊ ايريا وارن جو مٿو کائيندا هيا ۽ نوان شيشا لڳي ويندا هيا. جيئن ئي باشي جي نظِر شيشن تي پوندي هئي ته هٿ ۾ کيس خارش ٿيڻ لڳندي هئي ۽ هو دانهن ڪري سڏ ڪندو هو. ”شمن گڏي، گلڻ گاجي، جمن جتي، ڌوپار.“
يارن جو ميڙو ٿيو ناهي ۽ ٽڙڪو ٿيو ناهي. ٽڙڪي تي ها هاڪار مچي ويندي هئي. ڪو گهٽيءَ جو چڱو مڙس نڪرندو هو ته سڀ پاسيرا ٿي لڪي ويندا هيا. پر باشو اتي بيٺو ڏڪر ڦيرائيندو هو ۽ ان بزرگ ڏانهن منهن ڪري چوندو هو ”چاچا، ڌوپار!“ ڪنڊن پاسن کان ”کي – کي ۽ هي- هي“ جو آواز ايندو هيو. يا نعرو لڳندو هيو ”ڌوپار!“ ۽ بزرگ بڙ بڙ ڪندو هليو ويندو هو.
هينئر به باشي جون نظرون شمعدان ۾ کتل هيون ۽ نوان شيشا سندس اکين ۾ تروار پيدا ڪري رهيا هئا. سندس هٿ هر هر ڏڪر کي ڦيرائي رهيا هئا. هن ڌوپار جو نعرو هڻن چاهيو ٿي، پر سمجهيائين ته اڃا ٽيپهريءَ ۾ دير آ. يار ڪو نه نڪرندا. هن خشڪ زبان چپن تي ڦيري. کيس اڃ لڳي هئي. هن ڪتن ڏي نهاريو، هنن جي سهڪڻ کي ڏسي هو وڌيڪ سهڪي نه سگهيو يڪدم اوستي علڻ جي گهر گهڙي ويو. اوستي علڻ وارا سندس ناناڻي لڇ ۾ هيا ۽ هو ڪو به ڀئه ڀولو نه ڀانئي وڌي ويو. اڱڻ ۾ ڪڪڙو ڪو لڳي ڏيئي هئي. سامهون نم جي ڇانو ۾ مٽ پيو هو. وڌي اچي مٽ تي بيٺو هيڏانهن هوڏانهن لوڻو هنيائين. هڪڙي چٻي جستي گلاس تي نظر پيس جيڪو منجيءَ تي پيو هو. هن سٽ ڏئي گلاس کنيو ۽ ڊوڙي وڃي مٽ ۾ وڌائين. هن جي هٿ وڃي ترو کنيو. ڪا گهڙي سوچي آهستگيءَ سان تري جي پاڻي کي ڏٺائين. هن هڪ دفعو خشڪ چپن تي زبان ڦيري، الاجي ڇو کيس ناليءَ جو پاڻي ۽ سهڪندڙ ڪتا اکين آڏو ڦري آيا. پر هن چپ چاپ گلاس چپن تي آندو. شايد هن جا چپ به آلا نه ٿيا هوندا ته هن آواز ٻڌو.
”اڙي باشا! اڙي باشا! پاڻي کپئي ته هيڏانهن اچي پيءُ اهو ڪنو وٺين هاڻو پاڻي ڇو ٿو پين. ابا هيڏانهن ورانڊي ۾ ٿڌا دلا نه پيا آهن.“
هن گلاس هٿن ۾ آندو ۽ چپ چاپ ائين بيٺو رهيو. پوءِ لوڻو ڦيرائي اوستي علڻ جي گهر واريءَ ڏي ڏٺائين جا ورانڊي وٽ بيهي کيس سڏي رهي هئي. هو ڪا گهڙي ڏانهس نهاريندو رهيو. پوءِ ڀريل گلاس اتي ئي اڇلي سٽائي ٻاهر نڪري ويو.
”عجيب ڇوڪرو آهي هن دروازي کان ٻاهر نڪرندي ٻڌو. هو ڪا گهڙي ٻاهر بيٺو ۽کيس پنهجي ورانڊي جا ٿڌا ٿڌا ۽ ڪورا دلا اکين آڏو ڦري ويا. هو تکو تکو گهر ڏانهن هليو. ڏيڍي ٽپي جيئن اڱڻ ۾ داخل ٿيو ته چاچي جي رڙ پي پئي.
”اڦٽ ماري ڇڏيندو مانءِ ڇوري ڪو پڻهين جو مال آهي ڇا جو ڀاڻين ڏي کنيون پئي وئينءَ. هلي آ ڀاءُ کي مال مليدا ۽ ڪٽيون کارائڻ مون سئو دفعا چيو آهي ته انهي نڀاڳي ڇوري کي گرهه به نه ڏيو، ڀلي پيو بک مري.“
” پر چاچا هو سڄو ڏينهن.............“ ڀيڻس جو ڪمزور آواز سندس ڪن تائين پهتو.
”اڙي سئو ڏينهن بکيو رهي. مون ڪنهن جو ٺيڪو نه کنيو آهي. سئو دفعا چيو اٿم ته پاڻ ڪمايو پاڻ کائو. مشين باقي ڌوڙ جي ڏني اٿمانو ته رڳو ويهي ابتا ڦيرا ڏيو، ڪهڙو سيبو ڪري ڪمائي ڏنو اٿو جو مان سڄي آڪهه کارايان. مون کي ڏي اها ماني، هلي آ ڀاءُ جو ڀڀ ڀرڻ...!“ هاڻ ڀيڻس جو آواز ڪجهه چٽيرو هو.
”پر چاچا هيءَ مشين ته ابي اسان کي وٺي ڏني هئي. اسين جيڪو ڪمايون ٿيون سو سڀ چاچيءَ کي ڏيون ٿيون. ٻيو ته اسان جو بابو به ته سڀ ڪجهه ڇڏي ويو هو. سڃو ته ڪو نه هو.“
زڙاب جو آواز ٿيو. چاچي چماٽ وهائي ڪڍي هيس. اوچتو ٻوڙ جي وٽي، ماني ۽ دٻڪيءَ اچي اڱڻ ۾ ٽڙڪو ڪيو. پوءِ باشي کي هئا رڳو سٽڪي ڪٽڪي جا آواز ٻڌڻا، چاچو ڀيڻس کي ڪٽي رهيو هو. ”وات ٿي هڻين، جواب ٿي ڏين! پڻهين جي ملڪيت هئي نه. ها سڀ ڇڏي ويو هو. مان ڳهي ويم، ائين نه. سمجيهن ڇا ٿي ڙي، ٽڪي جي ڇوري هلي آ مون کي چور ڪرڻ، اڙي ڪتي جي ڌيءُ پڻهين پليو منهنجي ٽڪرن تي. قرضي هو منهنجو سمجهيه! توهين سڄي عمر ڪمايو ته به قرض لاهي نه سگهو.“
باشي جي ڪنن جون پاپڙيون ڳاڙهيون ٿي ويون هيون. هن جي زبان ٺوٺ ٿي وئي هئي. هو وڌيو، سندس نظر اڱڻ ۾ مانيءَ تي پئي. هو بيهي رهيو. سامهون کيس ٿڌا دلا نظر پئي آيا. هن جي ڪنن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو. هو ڪا گهڙي ماني ڏانهن، ٻوڙ ڏانهن ۽ دلن ڏانهن گهوريندو رهيو. ايتري تائين جو سندس اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو. شايد هڪ هنڌ ڏسڻ جي ڪري. هن ڀيڻ جون رڙيون دانهو نٿي ٻڌيون. هو چپ چاپ پٺتي هٽيو، وري وڌيو پوءِ وري هٽيو ۽ ٻاهر نڪري آيو. هاڻ هو وري گهٽيءَ ۾ هو. سندس اکيون شمعدان ۾ هيون. هو شمعدان کي تڪي رهيو هو. خشڪ نڙيءَ کي ٿڪ سان آلو ڪري وري ٿڪ ٿي ڦٽي ڪيائين. هو گد جي چوڌاري ڦري رهيو هو ۽ چپن ۾ هر هر چئي رهيو هو ”ڌوپار........ ڌوپار!“
هن ڏاڍي پاٻوهه سان اٽي گد ۾ اڀاري رکي، کيس نه وڻي، وري اٽي کي ٺاهيائين. هو هر هر اٽي ٺاهي ڊاهي رهيو هو. ڪنهن مهل ڏڪر زور سان ڀت سان ٿي هنيائين. سندس منهن ڳاڙهو هو. ڪنن جو پاپڙيون وڌيڪ ڳاڙهيون ٿي ويون هيس. لوندڙين جون رڳون ظاهر ٿي آيون هيس. ڪنهن ويل ڊل ٺاهي گد جي چوڌاري ڦيريون ٿي پاتائين. ڪا مهل هو ڀڻڪندو رهيو ”ڌوپار.! ڌوپار! ڦيريون پائيندو رهيو. اٽي کي ٺاهيندو ڊاهيندو رهيو. هن کي ڪنهن ويل آرام نه هو. ڪا گهڙي شمعدان کي ٿي ڏٺائين وري نظرون اٽي ۾ ٿي هنيائين. ائين سندس چاچي گهران بدڪي کاڌي. چاچس کيس نه ڏٺو ۽ گهٽي لتاڙي بازار ڏانهن وڃڻ لڳو. باشو ڪا گهڙي کيس تڪيندو رهيو ۽ جڏهن هو شمعدان هيٺان پهتو ته باشي جي اکين ۾ ترورا جاڳيا. هن زور سان ڏڪر ڦيرايو ۽ دانهن ڪئي.
”شمن گڏي، گلڻ گاجي، جمن جتي اچي ٿي ڌوپار!“ چاچي يڪدم لوڻو هڻي پٺيان ڏٺو. يڪدم مٿان نهاريائين ته شيشا ڀڳل ته نه آهن ۽ جوان شيشا ڏسي هن يڪدم دانهن ڪئي: ”باشا نه . اڙي نه. شمعدان نه ڀڃجانءِ، ڀيڻا ڪتي جا پڇ نه ڀڃجانءِ”
باشي به يڪدم دانهن ڪئي.
چاچا ڌوپار ! چاچا ڌوپار!
هن ڌڪ هنيو. باشو ڌڪ هڻي ۽ نشاني تي نه لڳي. اٽيءَ وڃي چاچي جو دون ورتو. پهرين ڌڪ ۾ چاچو بولاٽي کائي ڪريو، رت ٺينڍيون ڪري وهڻ لڳس ۽ سندس رڙ مٿان رڙ پي پئي.
باشي چاچي ڏانهن گهور تڪيو. هن جو ڪنڌ مٿي هو. هن کي ائين پئي لڳو ته هو قد جو ڊگهو ٿي ويو آهي. رڙين تي اوستو علڻ ٻاهر نڪتو باشي کڙڪي تي ڪنڌ موڙي ڏانهس، گهوري نهاريو ۽ ڏڪر تي هن جي مٺ وڌيڪ ڀڪوڙجي وئي.

روشن اوندهه

انهيءَ رات وڏڦڙو پي وسيو، مان به ڀڄي ڀت ٿي علي خان جي اوطاق تي پهتس. علي خان جي همراهن اچي اسان کان گهوڙا ورتا. علي خان جو ٻڌو، بس مينهن ۾ پوتڙو مٿي تي، حويلي مان نڪري آيو.
”ابا عليم، ڀلي آيا، جي آيا، خير؟“
”ها چاچا مڙئي خير، هئي تنهنجي مهماني کائڻي، سو نه ڏٺي سون مهل، نه وقت، اجهو ڦهڪو اچي ڪيو اٿئون“
علي خان ڀلي آيا جي آيا چوندو وڃي انتظام ۾ لڳو. مان به آلا ڪپڙا مٽائي، تازو نوبنو ٿي کٽ تي چڙهي ويٺس، انهي انتظار ۾ ته وڏيرو علي خان اچي ته حالي احوالي ٿيون.
وڏيرو علي خان جيتوڻيڪ تر جو ڪو تمام وڏو زميندار ڪو نه هو پر سندس هاڪ ۽ رعب ملڪان ملڪ ٻڌبو هو. ٻانهن کڻڻ ۽ موٽائڻ ۾ هن جو مَٽُ نه هو. ٻانهن وئي ناهي ۽ ڀاڳيا اچي علي خان جو در وٺندا. بس پوءِ هو منٽ ڪري وٺندو هو. ٻانهن کڻائڻي هجي ته علي کي اشارو ڏيو. پوءِ ويٺا رنگ ڏسو. علي خان پاڻ به ڏاڍو شوقين هو. سندس سونهين وارو بنگلو ڀريو پيو هوندو. ٻه پراڻيون ڪڍندو هو ته ٻه نيون آڻيندو هو.
سندس رهائي ۽ اثر رسوخ جو اهو عالم هو جو تپيدار کان ڊپٽي ڪمشنر تائين، سپاهي کان وٺي ايس پي تائين. سندس سلامي هوندا هئا. هو سڀني سان پير به وڏا ڀريندو هو. سندس فراخ دلي ۽ مهمان نوازي هوندي هئي اڳيئي مشهور، سو ڪو به سندس در تان مايوس نه ويندو هو.
علي خان جيتوڻيڪ هو پراڻي زماني جو ماڻهو، پر وقت جو لحاظ کائنس جيڪر ڪير سکي. هو وقت جو سلامي هو. ماڊرن دور ۾ هو ماڊرن رنگ ۾ رنڱيل هوندو هو. سندس اوطاق به ڪافي ماڊرن ۽ سهڻي هئي.
علي خان کي اسين چاچو ڪري سڏيندا هئاسين. هن جا اسان جي وڏن سان ڏاڍا گهاٽا ۽ پختا ناتا هئا.
اسان جي زمينداري ڪافي وڏي هئي، پر اثر رسوخ ۾ اسين علي خان جا محتاج هوندا هئاسين. علي خان بابي سائين جو پڳ مٽ يار هو. منهنجي زمين سنڀالڻ کانپوءِ ته اصل منهنجو سنگتي ٿي پيو. سندس گهڻين رنگين ڪچهرين ۾ مان ضرور شريڪ ٿيندو هوس. بس ائين ڪڏ کڻندو هو. ڌو علي خان جي اوطاق تي. بس پوءِ علي خان ويچارو ڏاڍو بندوبست ڪندو هو. مان به هئس ڇڙو ڇانڊ، علي خان شوقين ماڻهو، بس پوءِ راتيون لنگهي وينديون هيون، هوش نه رهندو هو.
علي خان جي گهر سان اسان جو وڏو رستو هو، علي خان جي وڏي زال مون کي ڏاڍو ڀائيندي هئي. مان علي خان جي ڳوٺ ويندو هوس ته هو مونکي گهرائيندي هئي. علي خان کي ڪل نڪاح ٻڌيون ٽي زالون هيون. اولاد ٽنهي زالن مان ٻه ٻه نياڻيون هيس، پٽ جو اولاد ڪونه ٿيس. سندس چار نياڻيون سامايل هيون. جن جي شادي بقول علي خان انهيءَ ڪري نه ٿي سگهي هئي. جو علي خان کي اهي چار نياڻيون ڏاڍيون پياريون هيون. هو چوندو هو ته انهن جي جيڪڏهن شادي ڪرائيندس ته مان انڌو ٿي پوندس. سندس ٻه وڏيون ڌيون ته هاڻِي کائي چڙهيون هيون. سندس شڪلين مان ائين لڳندو هو ڄڻ سندس رت به سڙي ويو آهي. پر حقيقت ۾ علي خان کي پنهنجي عيش ۽ ڪڌن ڪمن کان فرصت ڪا نه هئي جو ان طرف توجه ڏئي. علي خان جي دلچسپي هئي. ٻانهن ۽ سا به نو ورني ٻانهن.
ٻانهن جي ڳالهه تي مون کي ياد آيو ته علي خان سان اڄ انهي ٻانهن جي باري ۾ ڳالهائبو، جنهن مهيني کن کان وٺي منهنجو ننڊون حرام ڪري ڇڏيون هيون. انهي رات به دراصل مان نوري سان ديري جي ڇن ۾ ملڻ ويو هوس. هوڏانهن مينهن ۽ طوفان هيڏانهن نوريءَ جو گسائڻ بس اصل تڙپي اٿيس. انهي مهل گهوڙي تي چڙهي سڌو علي خان وٽ آيس.
نوريءَ کي کڻڻ ڪو سٿرو ڪو نه هو، ڇاڪاڻ جو هوءَ گنبي ڌاڙيل جي ڌيءُ هئي. اهو به چڱو ٿيو جو گنبو ان وقت جيل ۾ هو ۽ منهنجا نوريءَ تي وڃي هٿ کتا. نوري قابو هئي. پر سندس نازن نخرن تڙپائي ڇڏيو هو. سندس سونهن لاءِ مان ڇا چوان، شايد زندگي ڀر اهڙي نينگري مونکي نه ملي ها. ڇا ته سندس بت جي بيهڪ ان تي سنهڙي ڳچي ڀريل منهن، جنهن ۾ ٻوانجهڙيون وڏيون ڪاريون اکيون. کليل ٿلهڙا چپ، جاڙا ڀرون. بس هر طرح سان هوءَ هڪ مڪمل سونهن جو سو پچو تصور هئي.
مان نوري جي خيال ۾ گم هئس ته چاچي ٺڪاءُ ڪيو. چاچي جي پياري نوڪر جاڙي ٽيبل تي پي بوتلون رکيون.
سوڍائون کوليائين پي ته مون جهليومانس.
”چاچا اڄ نه“
”ڇو خير؟“
”خير آ پر طبيعت نه ٿي چوي“
”طبيعت ڇو نه ٿي چوي. اڙي جاڙا پيٽ گلاس ۾، مان سڀ سمجهان ٿو، تنهنجو حال احوال وٺان ٿو. مونکي سڀ خبر پئي آهي ته اڄڪلهه تو ڪهڙي رولڙي ۾آهين.“
مون آهستي ڦڪي مرڪ مرڪي ۽ گلاس ۾ هٿ وڌم. ”پر ترس يار، چاچهين پي چيو ته مون ڏي موڪلينس. تون گهران ٿي اچ پوءِ شغل ٿا ڪريون. ها اچي جاڙا هيءُ تون پيءُ“
مان ٽپ ڏئي اٿيس. مون چاچي جي نوڪر جاڙي ڏانهن نهاريو، جو ڏاڍي ڌيرج ۽ پختائي سان سفيد جن پي رهيو هو. الائجي ڇو مون کي ان مهل جاڙي جي منهن ۾ ڏاڍي مڻيا ۽ سونهن نظر آئي، مون ڏانهن کلي چيو:
”اڙي جاڙا ڏاڍي رعب ۾ آهين“
”بس سائين، ڀوتار جون مهربانيون آهن“
مان گهچڪ گهچڪ ڪندو، گپ ۾ ٿاڦوڙا هڻندو حويليءَ ۾ پهتس. مان اڃان حويلي جي ڏيڍي ٽپي اندر ٿيس ته سامهون چاچي جي وڏي نياڻي سٻاجهي منهن پئجي ويم. نالو ته افروز هئس، پر جيئن ننڍي هوندي کان سٻاجهي سڏيندا هئس. تيئين سڏيندا اچنس. هوءَ هڏ ڪاٺ ۾ پڪي ۽ ڪافي وڏي عمر جي هئي. سندس منهن جا هڏا ٻاهر نڪتل، رنگ سانورو، منهن تي مرڪ بنهه ڪانه ۽ اکين ۾ اداسي، بس جيئرو ساهه هو ٻيو ڪجهه به نه.
مون مرڪي کانئس طبيعت پڇي. چاچيءَ جو پڇيم. هن ڳالهائڻ چاهيو پر ڳالهائي نه سگهي. گلو ڀرجي آيس، مان تڪڙو وڌي ويجهو ٿيس.
سٻاجهي، سٻاجهي ڇو، امان ڳالهايو اٿئي، چري روئبو آهي. چري آهين ڪا!“
۽ هوءَ اوڇنگار ڏئي منهنجي ڪلهي تي ڪري پئي.
”ادا، ادا“
”چئه نه، ڪنهن ماريو اٿئي، بس بابا، ايڏو روئبو آهي، ڏاهي ڏيءُ آهين نه.“
مون سندس ڳوڙها اگهيا ٿي، پر ڏٺم ته اکين جي ڍنڍ ۾ ڪنول تريو تريو ٿي آيا. مان به ڪجهه ڏکوئجي ويس. کيس وٺي وراندي ۾ آيس. سامهون چاچي جي ٻيو نمبر ڌيءَ سٻاجهي جي سڳي ڀيڻ ريشان بيٺي هئي. هوءِ مرڪي وڌي. ريشان تون ته ڏاهي آهين چڱو، ڀيڻين کي پرچاءِ ڳالهه به نه ٿي ٻڌائي، وڙهيون آهيو ڇا؟
”ريشان ڪا گهڙي ماٺ هئي. پوءِ چيائين“
”نه نه اسين ڇو وڙهون، سٻاجهي، ادي، بس ڪر رو نه. مون کي ڏس مان به تنهنجي ڀيڻ آهيان. مان به ڪو نه ٿي رئان سٻاجهي.،“
مان ڪجهه حيران ريشان کي ڏسي رهيو هوس. جنهن جي وڻندڙ ٻهڪندڙ چهري تي پختائي، کڙائي ۽ زندهه رهڻ جي امنگ هئي. هن سٻاجهي کي ڳراٽڙيون پي پاتيون.
مان ٻنهي کي پيار سان آهستي ڌڪ هنيا. ”چريون ڏاهيون، ڇوڪريون.“
مان رنڌڻي ۾ ويس، چاچي جي وڏي زال ريشان ۽ سٻاجهي جي سڳي ماءُ ويٺي هئي. ساڻس گڏ چاچي علي خان جي ننڍي زال گلان مهاڻي به ويٺي هئي، جا لالٽين جي روشني ۾ ڏاڍو وڻي پئي. عمر ۾ ريشان کان به ننڍي پئي لڳي. مان ويس ٻنهي کيڪاريو ۽ پوءِ ننڍي مائي ته اٿي وئي. چاچيءَ پهرين ڪڍي دٻ ته تون هئڙو، تون هئڙو، توکي چاچهن کاري ٻهر ڪري ڇڏيو آهي. مون ماٺ ڪري ويٺي تنبيهون ٻڌيون. پوءِ ته اچي پئي پنهنجن روئڻن ۾:
”عليم، تون ئي سمجهائينس، اهي عيش هاڻي سندس اڇي ڏاڙهي تي ڪو نه ٿا پونس. سندس اولاد وهي اڪاري هليو آ. آهي کيس ڪو مرم حياءُ ته نياڻيون اٿاريان. وڏيءَ لاءِ ڊاڪٽر چيو آهي ته کيس سلهه آهي. سندس ترت علاج نه ٿيو ته هوءِ مري ويندي.“
منهنجي اکين آڏو ڪنول تري آيا.
”ننڍي بس تو کي ڇا چوان. ڇا ٻڌايان، مان به ته ماءُ آهيان عليم، اولاد مون کان کسبو پاڻ ڇو ٿو انڌو ٿئي. هيءُ بار مون کان کنيو نه ٿو ٿئي ابا. يا ته مون کي زهر ڏئي ماري يا ڇڏين ته ڇوريون.........“
لالٽين جي جهڪي ڳاڙهي روشني تي چاچيءَ جا ميندي رتا ڳاڙها وار چمڪيا پي. سندس اڇي منهن تي نڪ جي ڦلي جرڪا پي ڏنا. هوءِ رکي رکي وڏا ساهه کڻي رهي هئي.
”ابا جيئڻ آ ڪو، هوڏانهن ٻڌ ته اڄ فلاڻي رن کنيائين، اڄ فلاڻي ٻانهن ورايائين، ۽ ڀاڳين کي ڏيڻ بجاءِ پاڻ وٽ ويهاريائين. اڙي تون سوچ ته سهين تنهنجو هيڏو جوان اولاد ڇا سوچيندو. ڇا ڪندو. اڙي اولاد جو حياءُ نه ٿيو پويئي ته اسان جن اڇن مٿن جو ته خيال ڪر.“
پوءِ هوءِ آهستي چوڻ لڳي.
”ابا آهي ڪو جو توکي سجهي ته مان وڏي نه ننڍي اٿاريان. نه ته اها به ائين جلي سڙي ويندي. هان ابا!“
مان ڪي گهڙيون چپ ۾ رهيس. مون کي ائين محسوس ٿيو ته ڪير سڏڪا ڀري پيو روئي. مون ٻاهر نهاريو، ات ڪير به نه هو. پوءِ ٿڌو ساهه ڀريندي وراڻيو مانس.
”چاچي تون ڳڻتي نه ڪر، الله چڱي ڪندو. مان ڪوشش ڪندس ته سٻاجهي لاءِ به سڱ ملي، ريشان لاءِ ته جام.“
پوڙهي ٻهڪي پئي. اصل گهور پئي وڃي. مان اٿيس ته ريشان پليٽ ۾ ڀڳل حلوو کڻي آئي.
”کائو..“
سندس اکين ۾ عجيب چمڪ هئي ۽ چهرو ٻهڪيو پي. ڏاڍي ٺهي ۽ وڻي پي. الائجي ڇو مون کيس نوري سمجهيو. ساڳيون وڏيون اکيون. ڊگهو نڪ، ٿلهڙا چپ، ڊگهي ڳچي ۽ روشن کليل منهن مان سندس چهري جي اونهائين ۾ گم ٿي ويس. مان چئي نه ٿو سگهان ته هن کائڻ لاءِ جا آڇ ڪئي هئي ان ۾ ڇا هو ۽ مان ڇو ايڏو ٻڏي ويس. ريشان شرمائجي مٿي تي کڻي رئو وڌو.
”کائو نه!“
هن وري چيو ۽ مون حلوو کڻي وات تي رکيو. ڏٺم ته چاچي رنڌڻي ۾ نه هئي مون وٽ سوچ موٽي آئي: ” ائين ته نه جو هن مون کي ريشان لاءِ اشارو ڏيڻ لاءِ گهرايو هو.“ مون ريشان ڏي ڏٺو، سندس اڇا ڏند چپڙن مان مرڪي رهيا ها.
”ريشان ۽ مان!“
مان ريشان ڏانهن ٿورو جهڪيس ته ڏٺم ته هن اکين ۾ ايتري ته خود سپردگي هئي، جو مان سوچي نه سگهيس ته ڇا ڪريان. سندس چپ ڦڙڪي رهيا هئا، مون کي ائين لڳو ته هوءَ پياسي به نه آهي، هوءَ ته پاڻ ڀريل ڪڪري آهي جا ڪنهن پوٺي مٿان وسڻ ٿي چاهي. مون کيس گهوري نهاريو هوءَ مون کينوريءَ کان گهڻو مختلف لڳي. مان تکو تکو ٻاهر نڪري آيس. مون چاچيءَ کان موڪلايو به نه. مان ڏيڍي وٽ پهتس مس ته مون رڌڻي مان پليٽ ڇڄڻ جو آواز ٻڌو.
مان ڏيڍي ٽپي جيسين اوطاق ۾ آيس تيسين عجيب ويچارن ۾ هئس. اچڻ سان مون پاڻ مرادو سوڍا کولي ۽ يڪساهي ڏوڪي ڇڏيم. مون ڏٺو ته چاچو علي خان مون کي گهوري رهيو هو. هو ڪجهه سنجيدو ۽ اڳين چاچي کان مختلف پي لڳو. مان ماٺ ڪري ويهي رهيس. ماحول ڏاڍو خاموش ۽ ٻسو ٻسو پي لڳو. اچانڪ بوتل ۽ سوڍائن جي کولڻ جو کڙڪو ٿيو.
”هان وٺ عليم!“
”ڪجهه ڳالهاءِ ته سهين“
علي خان ماحول جي سنجيدگي کي تيلي ڏيڻ چاهيو.
”ڀلا نوريءَ جي ئي ڳالهه ڪري.........“
مان نوريءَ جي نالي تي ڪجهه دلچسپي ڏيکاري، پر پوءِ به چار ڦڪيون ڳالهيون ڪري ماٺ ۾ ڪنڌ لاڙي پئجي رهيس. علي خان ڪي سمجهيو ۽ ڪي نه سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ڦڪا ٽهڪ ڏئي، اٿي کڙو ٿيو. جاڙو کيس ڏيڍي تائين ڇڏڻ ويس.
مان نشي ۾ هوندي سمهي نه سگهيس. خيالن ۾ سٻاجهي ريشان ۽ نوريءَ کي عجيب خوابن جي عجيب ماحول ۾ پسيم، مان من جي پيڙا ڀوڳي رهيو هوس ۽ مون پاڻ ڇڏائڻ لاءِ هنڌ تان ٽپ ڏنو.
منهنجي سامهون علي خان بيٺو هو. سندس هٿ ۾ بندوق ۽ پيٽي ڪارتوس جي هئي، جا هوءَ ڳچي ۾ وجهي رهيو هو. مون جهڪو ٿيل لالٽين کنيون ۽ علي خان مون ڏي نهاريو. سندس اکين ۾ عجيب وحشت ۽ ديوانگي هئي.
”چاچا خير!“
هو ڪي گهڙيون بندوق کي هٿ تي توريندو رهيو.
”ها خير آ، ٻانهن ورائڻي آهي.“
سندس آواز ڳرو ۽ گونج وارو هو. علي خان کي ته اهي معرڪا ۽ مهمون در ڪرڻيون هونديون هيون سو مون کلي چيومانس:
”ته پوءِ چئه نه ته شوق جي شيل شڪار تي ٿو وڃان ايڏو ڪاوڙيل ۽ ڊپائتو پيو لڳين؟ ڀانئجي ٿو ته چورن ڪنهن وڏي گهر کي کاٽ هنيو آ. ڪا ڳري ٻانهن ٿي ڏسجي، ڪيئن؟“ مون ٽهڪ ڏنو.
علي خان اڳتي وڌي ويو. ڪنڌ ورائي مون تي هڪ نگاهه وڌائين. سندس انهيءَ نگاهه ۾ علي خان جي پوري قوت ۽ طاقت هئي.
مان ماٺ ڪري کٽ تي ويٺس. الائجي ڇو مون کي خيال ٿيو ته اڄ مان به هنن سان وڃان ها ۽ جيڪر ڏسان ها ته علي خان ٻانهن ڪيئن ٿو ورائي. مون ٽپ ڏئي بوٽ پاتو ۽ ٽارچ هٿ ۾ کنيم. لوئي ڳچي ۾ ويڙهيم. هيءُ فيصلو ڪجهه عجيب ۽ وڻندڙ لڳم. ڊڪي آيس. ڏٺم ته سامهون اوندهه ۾ پنج سوار گم ٿي رهيا هئا. مان سٽ پائي ڪڙهه مان گهوڙو آندو ۽ ڪچي دڳ تي کڻي ڇڏيم.
ٽيڙو اڃا اڀا هئا. چوڌاري چيڪي مٽي، گاهه ۽ وڻن جو ٿڌڙو هٻڪار هو. هلڪو ٿڌڪار وڻيو پي. مون لوئي کولي ٻٽ کڻي ٻڌي گهوڙي کي اڙي هنيم.
مون علي خان وارن کي اڀري ديهه وٽان هيٺ ڀڏي ۾ لهندي ڏٺو. ڀڏي ۾ ڪافي گهاٽو جهنگ هو.
هو ڪافي تيز وڃي رهيا هئا ۽ مان ڌپي تي هلندو رهيس.
الائجي ڇو مان آرام ۽ فرحت محسوس ڪري رهيو هوس. مون کي ائين لڳو ته چوڌاري هڪ اوندهه آهي، جنهن ۾ زندگي جي تلاش جاري آهي. مان به زندگي ڳولڻ ٿو وڃان. مان به پيار جي ڪنهن سلسلي جي هڪ ڪڙي آهيان. ٻي ڪڙي ڳولي زنجير بنائڻ جو سعيو ٿو ڪيان. اها زنجير جا انهيءَ زندگي کي پابند ڪري. مان ائين ڀانئڻ لڳس تي مان نوريءَ جي ڳولا ۾ آهيان ۽ کيس کڻڻ پيو وڃان. اها نوري جنهن جو نڪ ڊگهو، چپ ٿلهڙا، کليل روشن وڏيون ٻوانجهڙيون اکيون هيون. مون خيال ئي خيال ۾ کيس ڳولي ورتو، کيس پيار ڪيو ۽ ڀاڪر ۾ ڀري گهوڙي تي چاڙهيو، مون ڀڻڪيو: ”نوري منهنجي نوري!“ هوائن جي سر سر منهجي ڪنن ۾ سرٻاٽ ڪيو. ”عليم، مٺا عليم!“ ۽ مون گهوڙي کي اڙي هنئين. ائين ڄڻ مان نوريءَ کي کنيو، پناهه لاءِ ڍوري واري جهنگ ۾ وڃان پيو. مان ڏاڍي امنگن ۽ چاهت جي چاهه سان نوري کنيو جهنگ اڪاري رهيو هوس.
اچانڪ مون ڀرسان ئي، چند وکن تي آواز ٻڌا.
”نه ويندين، چوانءِ ٿو نه بيهه، چوانءِ ٿو.!“
آواز سڃاتل هو ۽ پوءِ بندوق جي ٺڪائن جو ڌوڌٽ هو. اڀ ڏاريندڙ ان سان گڏ هڪ هڪ درد ڀريل چيخ ٻڌم“
مون کي ائين لڳو ته منهنجي نوري گهوڙي تان رڙ ڪري، زخمي ٿي، ڪري پئي آهي. مون هيٺ نهاريو، منهنجو تصور ڦٿڪي ڦٿڪي دم ڏئي رهو هو. منهنجي نوري منهنجي آڏو مرندي، مان سوچي به نه ٿي سگهيس. مان منهنجو گهوڙو هڪ هنڌ ڄمي وياسين. خيالن مونکي عجيب ماحول بخشو.
”ٻانهون ائين کڄنديون آهين“
”ٻانهون ائين ڪاريون ٿينديون آهن“
”سندن ڪنوارن جذبن جو رت ائين جهنگ جي ٻوٽن کي پيارو ويندو آهي“
” پيار جو قتل ڏاڍو سولو ۽ ڏانوَ وٽان آهي.“
” جي ٻانهن زنده سلامت وري ته به ڇا. سندس هر عضوو جلايو وڃي.“
”ٻانهن – پيار - جيئرو ساهه.“
”نوري - مان – ٻانهن – جهنگ –گوليون!“
”هئي، عذاب، زندگي جو زندگي سان عجيب مذاق آهي.“
”انسان وحشي آهي. مان وحشي آهيان. پر مان انسان به ته ناهيان“
مون گهوڙي کي اڙي هنئين ۽ عجيب جنوني ڪيفيت ۾ رڙ ڪئي:
”علي خان- اڙي علي خان، اهڙو ظالم نه ٿي، علي خان!“
جواب آيو: ”ڪهڙو؟ اتي بيهه!،
”مون ٽارچ ٻاري، منهنجي سامهون علي خان ڪنڌ جهڪايو بيٺو هو. هو سڄو پگهر ۾ وهتل هو. سندس وڏيون مڇون هيٺ لڙڪيل هيون. سندس چار ساٿي بندوقون اڀيون ڪيو بيٺا هيا.
”عليم خان، اتي بيهه! هڪ همراهه ڪجهه سڃاڻي چيو.
پر مان آهستي آهستي وڌندو رهيس ۽ سندن آڏو وڃي بيٺس. مون ٽارچ جي روشني سامهون اڇلي، جيڪا وڻن جون چوٽيون روشن ڪندي هيٺ پاڙن ۾ پهتي. سامهون ڪارا ور ڦهليل هئا ۽ گورو گورو روشن منهن. ڀرسان ئي ڪجهه جوان اونڌو پيو هو. مون کي ائين لڳو ڄڻ منهجي ٽارچ جي روشني انهن پاڙن جي پاتار ۾ پهچي ويئي آهي. مان گهوڙي تان ٽپ ڏئي لٿس ۽ تکو تکو لاش ڏانهن وڌيس، مون اڃان چار وکون مس کنيون ته پٺيان سيفٽي ڪيچ جو آواز ٻڌم، ائين لڳم ته مان ڪنهن بندوق جي سڌ ۾ آهيان. قدم ڪجهه ڳرا محسوس ڪيم. باقي چار وکون ميل ٿي لڳم، پر پوءِ من ۾ اڌما، تن ۾ باهه، نظريا ڦريل، ماحول تکو ۽ ڪڙو، وک پاڻمرادو تيز ٿي ويم. مان لاشن جي مٿان پهچي چڪو هوس. مون ٽارچ لاشن جي مٿان هنئي. مان ڪجهه سڃاڻن جي ڪوشش ڪري رهيو هوس ته پٺيان آواز ٻڌم:
”سنڀالجانءِ عليم خان، ڪمدار جانڻ هو.“
نه – جانڻ- نه – علي خان جو ڳرو ۽ ڳنڀير آواز آيو. اچانڪ مون جسم ۾ چوچڙيون محسوس ڪيون. منهنجي اکين مان گرمائش پوءِ پاڻي نڪرڻ لڳو هٿ ڏڪڻ لڳم، منهنجي سامهون، روشن جاڙن ڀرن، ٻوانجهڙين وڏين اکين، ڊگهي نڪ ۽ ٿلهڙن چپن وارو منهن هو. مون کان بي اختيار نڪتو:
”اڙي هيءُ ته – هيءَ ته - هيءَ ته ريشان آهي. منهنجي ريشان، منهنجي نوري، منهنجي!“
هوءَ ريشان هئي، علي خان جي ڌيءَ ۽ منهنجي خيالن جي راڻي نوري، ڄڻ ته هن ۾ سمائجي وئي هئي. منهنجي ذهن کيس ريشان مڃڻ کان انڪار ڪيو. مون کي لڳو ڄڻ نوري پنهنجا وار کولي، تصور جي رعناين سان پر، هيٺ زمين تي وڇائجي وئي آهي. زمين سندس جسم ۽ حسن آهي. سندس ٿلهڙن چپن تي ڦهليل رت جون لارون سندس امنگون ۽ جذبا آهن. ريشان، نوري بڻجي مون ۾ سمائجي وئي.
ٽارچ ڏڪندڙ هٿن ۾ گهڻو وقت روشن رهي نه سگهي. ڪرندڙ ٽارچ جي جهڪي روشنيءَ ۾ مون مڙد سڃاتو، اهو چاچي جو نوڪر جاڙو هو.
منهنجي چوڌاري اها ازلي اوندهه هئي. جنهن مان مون جنم ورتو. جنهن ۾ اڄ ريشان دفن هئي. اوندهه، روشن اوندهه، جنهن ۾ مان علي خان جو جهڪيل ۽ جهيرون پيل منهن ڏسي رهيو هوس. وڏي ڳالهه ته مان پنهنجي نوري کي ڏسي رهيو هوس ۽ مون محسوس ڪيو ته مان پاڻ کي ڏسي رهيو آهيان. هن روشن تاريڪين جو روشن پر اونداهو پاسو.

جهيڻي

سندم راتيون ويڳاڻيون ته نه هونديون آهن. ريحانه جي خشڪ خشڪ اکين ۾ سرن جيڏن پلڪن ۾ جڏهن به جيڪي ڳوليندو آهيان. الائجي ڇو ملي ويندو آهي. سندس هر رکي جملي جو پنهنجو مٺاڻ، پنهنجو چشڪو هوندو آهي. پر اها رات ئي ويڳاڻي رات هئي ۽ مان هر عذاب کان آشنا، ريحانه جي ڪنهن به تکي جملي کي برداشت نه ڪري موٽر کي ڏاڍي ڏکي نموني جا زوڪاٽ ڪڍائي مين روڊ تي نڪري آيس. منهنجي اکين ۾ ڳوڙهن جا ڪي اهڃاڻ هئا ۽ سندم نراڙ تي هزارن جي تعداد ۾ گهنجن جي عجيب ڪائنات هئي. منهنجي هر خار واري جذبي منهنجي جسم ۾ ڪا نئين لهر ۽ نئين تيزي پيدا ٿي ڪئي. اسپيڊو ميٽر جو ڪانٽو به انهيءَ جنبش، انهي رفتار ۽ انهيءَ ئي تيزي سان وڌندو ٿي رهيو.
منهنجي پگهريل، سرخ ڪنن واري منهن تي ڪي ٿڌا، ڪي روشني وارا مختلف پاڇا پي پيا، مان ريحانه جي هر انهيءَ جذبي سان نفرت ڪري رهيو هوس. ريحانه جنهن سان زندگيءَ ۾ شايد مون ئي پيار ڪيو. ريحانه منهنجو پهريون پيار هئي. مان سندس پهريون پيار هوس. مان، جنهن سندس هر بيرخي کي ادا سمجهي زندگيءَ جون ڪيئي بهارون، ڪيئي گرميون ۽ ڪيئي سرديون لتاڙيندو هليو ويو هوس. اڄ – اڄ – منهنجون اکيون رت ڇڏڻ لڳيون. هوءَ مان ڪجهه سوچي نه ٿي سگهيس. مون سوچڻ چاهيو ۽ سوچ ۾ ريحانه مون کي ڏوهدار لڳي. بدصورت ڀيانڪ لڳي. سندس من موهيندڙ منهن ڪاراٽجي ويو هو. مونکي سندس هر وڻندڙ چرپر. اڻ سهائيندڙ پئي لڳي. مون آهستگيءَ سان ڪجهه ڏسڻ چاهيو. سامهون ڦهليل ڏامر جو رستو. ان رستي تي ڪٿي تارن وانگر ڦهليل چمڪندڙ پٿريون. مون ان آسمان تي ريحانه ڏٺي ۽ موٽر ٻه لوڏا کاڌا، آهستي ٿي، وري وڌي، رڪجي وري وک کنيائين ۽ پوءِ ائين سرد ٿي وئي ڄڻ سندس هن رستي سان ڪا سڃاڻپ نه هئي. مون سيلف هنيو ۽ هڻندي هڻندي نگاهه بورڊ تي پيئي. پيٽرول جي ٽانڪي وارو ڪانٽو ستل هو. کيس ستل ڏسي منهنجي ساهي کنيل ذهن ۾ ڪاوڙ، چڙ. تيزي الائجي ڇا جا طوفان اٿيا ۽ مون اسٽيرنگ تي مڪ هنئي. آواز ٿيو، ڌڪ لڳو، مان وڃـي ٻئي من ٿيس ۽ افسوس ۽ پڇتاءَ جي جذبن جو پاسو ورتم. چپڙي ڪري در کولي لهي بيٺس. چوڌاري اونداهي جو راڄ هو. مان شهر کان تمام گهڻو پري ڪنهن اهڙي هنڌ هوس، جتي مون اڪيلي کي رات گذارڻي هئي.
ان مهل مون کي پاڻ تي رحم آيو. مان ويڳاڻن وانگر اوندهه ۾ نظرن جو ڄار اڇلايو، مون پري کان نظر ايندڙ ڳاڙهي بتي کي جهٽي ورتو. اها ڪا معمولي اسٽيشن هئي. مون گاڏي لاڪ ڪيئي ۽ وک وڌايم، پر اچانڪ منهنجي اکين ۾ روشنيءَ جا ڪرڻا پهتا مون سجاڳيءَ سان ان طرف نهاريو، ٽرڪ کڙ کڙ ڪندي هلي وئي، نه بيٺي ۽ پوءِ ٻه ٽرڪون ٻيون آوازن جا انبار اڇلائينديون مون کي ڪجهه نه سمجهي، وڌي ويون.
مان ڪا گهڙي موٽر وٽ بيهي، پوءِ اسٽيسن ڏانهن رخ ڪيم، پر منهنجي بوٽن جي آواز سان گڏ ڪي آواز اچڻ لڳا. ڳالهائڻ جو آواز اوندهه انڌڪار کي چيريندو منهنجي من ۾ روشني ڦهلائيندو ويو. مان هڪ هنڌ ڄمي بيهي رهيس. ڪجهه دير کان پوءِ اوندهه ۾ ڀريل اونداهه جا ٻه مجسما اوري آيا. هڪ سڌو سنواٽو ڀيل مڙه هو ۽ ٻي ننڍي قد جي ڀيلياڻي هئي، جنهن جي هنج تي هڪ ٻار هو. مون هنن ڏانهن نهاريو ۽ هنن مون ڏانهن. ڪا گهڙي هو مونکي ڏسندا رهيا ۽ مان ڪجهه جاچيندو رهيس. پوءِ يڪدم موٽر ڏي وڌيس، هو وڌندا آيا.
”سائين موٽر خراب ٿي آهيس“
”هون“.
مون وڌيڪ ڪجهه نه ڳالهائي گاڏي جي ڊڪي کولي پيٽرول جو دٻو ڪڍيو ۽ ڪار جي اندرين روشنيءَ تي پرس مان ڏهين ڏهين جا نوٽ ڪڍيم. هو ڏاڍي تيز نظرن سان ٻٽونءَ ۾ پيل نوٽن جي ٿهي کي ڏسي رهيو هو. سندس اکين ۾ هلڪي چمڪ ڏسي منهنجي جسم ۾ ٿڌي لهر گهمي وئي. پر پوءِ پٺيان بيٺل زال ڏي ۽ ٻار ڏي نهاريم. ڪجهه ڏڍ آيم. پاڻ کي اڪيلو نه سمجهڻ لڳس.
”توهين ڪير آهيو“
”سائين اسين ڀيل آهيون، پورهيو، ڪيون ٿا، دادو کان آياسين ٿي، ٽڪس نه هو، بابوءَ هن ٽيشن تي لاهي ڇڏيو هاڻي اڳيان ڪنهن وستيءَ وڃون ٿا.“

”چڱو هاڻ ٻڌ، اندازي تي ڪجهه ميل پري پيٽرول پمپ آهي. تون هتان وڃ جي ڪا ٽرڪ ملي وڃي ته بهتر، نه ته پنڌ سٽ، خرچي گهڻي ملندوءِ پرواهه نه ڪر ۽ ها، مان توهان سڀني کي اڳين وستيءَ تائين پڻ پهچائيندس.“
مون ڏٺو ته پهريائين هن کي ڪا ڳالهه چڱي نه لڳي هئي، پر پوئين ڳالهه کيس کڙو ڪري وڌو هو ۽ هو سڌو ٿي بيٺو سندس هڪ هٿ ۾ دٻو ۽ پئسا هئا، هو رستي ڏي وڌيو ۽ موٽي آيو. سندس زال ٻار کي جهليو ڏانهس نهاري رهي هئي، هن آهستگيءَ سان ڪجهه ڀڻڪيو ۽ ٻار کي ٿڦڙي هنئي: مان چيجي وٺي اچان هو- هانه – هانه.“
هو اڳتي وڃي بيهي رهيو. سامهون هڪ ٽرڪ اچي رهي هئي. ٽرڪ واري سندس هٿ ۾ دٻو ڏسي کيس مستري سمجهيو ۽ ٽرڪ جهلي مون وڌي ٽرڪ واري کي ٻه روپيا ڏنا ۽ ٽرڪ واري ڏاڍيان چيو: ”پرواهه نه ڪري واجا، اڀي ۾ ٿو واپس ڪرانس.“
ٽرڪ جي کڙ کڙ تي ننڍڙو هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳو ۽ روئڻ لڳو ۽ ڏٺم ته سندس ماءُ اتي جو اتي ڇاتي ڪڍي سندس منهن ۾ ڏني. اوندهه جي راڄ ۾ مان ٻه پاڇا پاڻ ۾ گم ڏسي رهيو هوس. پيار، مک، ممتا، محبت، مون وڌي موٽر جو در کولو ۽ اسٽيرنگ تي ويهي رهيس. موٽر جي اندرين روشنيءَ ڪجه اوندهه کي چيريو ۽ ڏٺم ته اهو پاڇو پاڻ ۾ پاڻ سمائي رڙهي آيو. جهي روشني تي مون ڏانهنس دريءَ مان ڏٺو. ڪجهه عجيب ڪجهه وڻندڙ ڪجهه نواڻ ڪجهه مٺاڻ، مون ڪنڌ ڌوڻي اسٽيرنگ کي ڦيرايو. اهو ڦري وري هڪ هنڌ بيهي رهيو. مون موٽر جو در کوليو ۽ هوءَ چپ چاپ پٺئين سيٽ تي ويهي رهي. ڪنڌ ورائي نهاريم هن جهڪي روشني ۾ سندس جهڪو رنگ ڪجهه وڻيم. هوءَ ٻار ڏانهن، ڇاتي ڏانهن ۽ انهي سرور ۾ گم هئي. جنهن سان سندس ابدي ناتو هو. مون جهڪي روشني ۾ سندس چهرو پڙهيو. سندس جهڪي سانوري منهن تي جهڪيون ڏينڀوڙيون چمڪي رهيون هيون. مٽيءَ جي انيڪ تهن سندن وارن کي منجهائي ڄار ٺاهي ڇڏيو هو. سندس مرڪندڙ پيشاني، مرڪندڙ اکين، مرڪندڙ چپن ۽ مرڪندڙ جسم ۾ اونها گهاءَ سمايل هئا. مان ڪا گهڙي برف مثل ڄميو رهيس ۽ پوءَ ڄڀ کي آلو ڪيم. گرم ٻاڦ وارن اکرن سان چيم: ” تنهنجو نالو ڇا آهي.؟“
هن مون ڏي نهاريو ۽ مرڪي وراڻيائين: ”جهيڻي“
”جهيڻي بس“
”ها، جهيڻي بس“
هوءَ مرڪندي رهي ۽ مان پگهر ۾ ٻڏل ڪجهه سوچيندو رهيس. جهيڻي ڪيڏي نه وڻندڙ آهي. چلڪندڙ مک ۽ جسم واري سانوري جهڪي، سانوري جيهڻي، مون نهاريو ته نگاهه وڌيڪ تيزيءَ سان جهيِڻي ۾ پيهجي ويئي. جهيڻي شرمائي چمڪندڙ ڇاتي لڪائي ۽ ٻار کي ڪڏائڻ لڳي.
”هي موٽر ڏس، سائين جي موٽر، توکي موٽر کپي، سائين کي چئه ته اها موٽر توئي ڏي، تون وڏو سائين ٿيندين. ها ها“
هوءِ کڙڪندي کلندي رهي. سندس هر مرڪ، هر ادا مون ۾ پيهجي ويئي، مون ريحانه جو لباس لاهي ڦٽو ڪيو. ريحانه جنهن ڪنهن ڇوڪري سان پيار ڪيو هو. هن پيار ڪري پنهنجو خلوص وڃائي ڇڏيو هو. اسڪول ۾ پڙهندي جي سندس پيار ٿيو هو ته وڏي هوندي مون سان ڇو پيار جو ناٽڪ رچايائين.“ ”فريبي، ڍونگي“ مون جهيڻي ڏانهن ڏٺو ۽ مون کي خيال آيو ته مان جهيڻي کي حاصل ڪندس، جهيڻي منهنجي بڻبي، جيهڻي کي خيال آيو ته مان جهيڻي کي چوندس ته - ۽ مون جهيڻي جي ٻانهن ۾ هٿ وڌو هوءَ نهاري کلڻ لڳي ۽ مون سندس هٿ چميو هن ويجهو اچي پيار مان چيو، ” سائين“
مان پيار ۾ ڀرجي ويس، ڏانهس نهاريم هن ٻار هنج ۾ ڏنو مٽي ۽ پگهر ۾ چيڙهالو ٻار ڏاڍو وڻيم. مان ٻارن جو عاشق، مون ٻار کي مٺيون ڏيڻ شروع ڪيون ۽ ريحانه سان نفرت ٿيڻ لڳم، جيڪا صرف ڪوڙي پيار جو ڄار اڻڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڪري سگهي هئي.
مون جهيڻي ڏي ڏٺو، هوءَ مون ڏي پيار سان ڏسي رهي هئي. مون کي ڀروسو ٿيڻ لڳو. اچانڪ جيهڻي چيو. ”سائين، توکي هيءُ وڻي ٿو.“
”ها جهيڻي“
”ڀلا مان.“
”تون به جهيڻي“ هوءَ شرمائجي ويئي ۽ پوءِ ٽپ ڏئي سيٽ تي آڏو اچي ويٺي. بي اختيار ٻار وٺي هن کي مٺيون ڏيڻ لڳي. سندس جسم جو هڳاءَ مون کي جهورڻ لڳو.
”مٺو، سائين کي تون به وڻين ٿو. مان به وڻان ٿي. هاڻي اسان کي موٽر ۾ وٺي هلندو پري پري.“
هو ڳنڀير ٿي وئي، هن ٻار کي پٺينءَ سيٽ تي سمهاري مون ڏانهن نهاريو. سندس نگاهه ڪجهه عجيب ۽ وڻندڙ هئي. سندس نگاهه ۾ اها هلڪي مرڪ يا اڇاترو پيار نه هو. سندس نظر پيار ۾ ڀريل ۽ سوچ ۾ ٻڏل هئي. مون هٿ وڌائي سندس ڳل تي چمڪندڙ ڏينڀوڙي کي ڇهيو. هن هٿ وٺي چميو. مون سرور ۾ ٻڏل آواز ڪڍيو.“ جهيڻي واقعي تون مون سان هلندينءَ! تون منهنجي ٿي ويندينءَ!“
”هاسائين، جي تون بڻائيندين.“
هوءَ منهنجي ڪلهي تي ڪنڌ لاڙي پئجي رهي. سندس اکين کي پيار ڪيم، سندس اکين ۾ جهيڻا ديپ ٻري اٿيا. ڏينڀوڙين کي ڏنگيم ته زهر امرت ٿي پيو. سندس هر رخ من موهيندڙ ۽ سندس هر ادا، دل کسيندڙ هئي. مون وري ڀڻڪيو. ”جهيڻي! منهنجي جهيڻي!“
”مان تنهنجي ٿي وينديس سائين، مان ماڻڪ کي ڇڏي ڏينديس. تون مون کي کڻي هل سائين.“
منهنجي دماغ هر اسڪيم سوچي ورتي. مون ماڻڪ کان جند ڇڏائڻ جو ترڪيبون سوچي ورتيون. مون جهيڻي جي وارن جون چيڙهاليون چڳون سنواريندي، سڀ مسئلا سلجهائي ورتا. مون آهستي آهستي جهيڻي کي سيٽ تي ڇڏيو ۽ پٺتي نهاريو. سامهون افق تي روشني، نئون صبح هو، منهنجو نئون صبح، مون ڀٽڪيل جو پهريون سهارو، پهريون ڪرڻو، صبح ويجهو ايندو ويو ۽ روشني نزديڪ اچي وئي ان سان گڏ زندگي سان ڀرپور آواز ۽ زندگي منهنجي ڀر ۾ اچي بيٺي. ماڻڪ پيٽرول وٺي آيو هو ۽ ٽرڪ مان لٿو. ماڻڪ جي وڏي ڪهاڻي کي ڇڏي. مان هرڪا ڪهاڻي جهيڻي ۾ ڳوليندو رهيس. پر جهيڻي اچانڪ ٽپ ڏيئي پنهنجي ٻار کي کنيو. ”مٺو، بابا اچي ويو، مٺو، بابا اچي ويو“ ۽ وڌي ماڻڪ وٽ وڃي بيٺي. مون ڏٺو ته ماڻڪ ڪجهه بي رخائي ڏيکاري ۽ منهنجي خوشامد ڪرڻ ۾ لڳو رهيو.
”بابو صاحب، پيٽرول آڻڻ چرچي جهڙو ڪم نه هو، پيٽرول پمپ پنج ميل پري هو. پمپ وارا پيٽرول نه پيا ڏين. پر ماڻڪ، جي آڏو.“
هو چوندو رهيو مان جهيڻي کي تڪيندو رهيس. جا وري مون وٽ اچي وئي هئي، هوءَ مرڪي رهي هئي. هوءَ مون سان لڳي بيهي رهي، پرمون محسوس ڪيو ته جهيڻي ڪجهه جهيڻي هئي. سندس هر ڪنهن ڳالهه ۾ هٽڪ هئي. مون پنهنجي شڪ تي مرڪي ڏنو. هڪ محبوبه ڪيئن پنهجي پريمي سان پنهنجي مڙس جي سامهون ملي سگهي ٿي. اچانڪ منهنجي اکين آڏو ريحانه اچي وئي. پر هوءَ ته شاديءَ کان اڳ پيار ڪري چڪي هئي. هن جو پيار ابتدائي پيار هو. جنهن هن کي سڀ ڪجهه بخشيو. مون ڪنڌ ڌوڻيو، هڪ غريب ڪوجهي ڪاري، پر معصوم منهنجي ڪري پنهنجو گهر ٻار ڇڏي رهي آهي. پنهنجي ٺهيل ٺڪيل زندگي کي ڇڏي رهي آهي. هوءَ ڪنهن جي زندگي بگاڙڻ وڃي رهي آهي. هوءَ ته منهنجي زندگي بڻائيندي. منهنجي گهر جي اڱڻ جو وڻندڙ رخ هوندي. ان رخ جا سوين رخ هوندا. مان موهت ٿيندو ويس ۽ مستيءَ ۾ جڏهن موٽر کي سٺ تي پهچايم تڏهن ڪنهن جو نازڪ هٿ پنهنجي هٿ تي محسوس ڪيم، ”سائين، آهستي“
جهيڻي جو آواز ڪيڏو نه وڻندڙ هو. مان سندس آواز ۾ تڙڳندو ترندو ڪنهن دنيا ۾ پهچڻ لاءِ واجهائيندو رهيس. اچانڪ ماڻڪ جو سرٻاٽ جهڙو آواز ٻڌم، جو ٻئي پٺيان ويٺل هئا.
”سائين توکي گهڻو ڏنو.؟ “
”ڪجهه به نه!“
”ائين ڪيئن هوندو، تو سائين کي ناراض ڪيو ڇا“
سندس آواز ۾ گونج هئي ۽ مون پنهنجي موٽر لڏندي محسوس ڪئي.
”تون پرواهه نه ڪر، سائين پنهنجو آهي. سمجهيئه“
منهنجي دماغ وٽان هڪ لهر نڪتي جا هيٺ پٺيءَ جي ڪنڊي وٽ ٺڪاءَ ڏيئي ڦاٽي پئي ۽ منهنجا پير پيڙا وچان مٿي کڄي ويا ۽ تيز آواز ٿيو. موٽر هڪ هنڌ بيهي ويئي.“
”سائين ڇا ٿيو. سائين، او سائين!“
جهيڻي جوهر اکر مو بڙڇي جو ڦر محسوس ڪيو ۽ جڏهن سندس وڌيل هٿ مون تائين پهتو ته مان اونهي پاتار ۾ پهچي چڪو هوس. مون دانهن ڪري ڪجهه چوڻ چاهيو پر آواز سرٻاٽ جهڙو نڪتو. ”جهيڻي، توهان ٻئي لهي وڃو. مان چوان ٿو لهي وڃو.“
مان اسٽيرنگ تي جهڪي پئجي رهيس.
مون سامهون نهاريو. اونداهه ۾ اهي ٻه پاڇا، اوندهه جو خمير، اونداهه ۾ گم ٿي رهيا هئا.
مان پاڻ اوندهه جو هڪ حصو بڻجي، اونداهين جا اڻکٽ فاصلا لتاڙي، اونداهين جي پاتار ۾ پيهجي ويو هوس. سهارو کپي وري هڪ سهارو.
مون جهيڻي کي ڏٺو، جنهن سان جنهن گهڙي پيار ڪيم ان گهڙي پاڻ ڏنگيم. مون پري کان ريحانه کي ڏٺو. وار ڇڙيل روح رتوڇاڻ. دانهون ڪندي آئي، معصوميت جا آلاپ الزامن جا انبار، مان بيهي نه سگهيس. مان بنهه بيهي نه سگهيس. مون پاڻ کي ڏوهاري سمجهيو. مون اها تصوير ڀڃي ڀورا ڪئي، جنهن ۾ ريحانه ۽ سندس ننڍپڻ جو ساٿي انور لهندڙ سج آڏو واريءَ جا گهر ٺاهي رهيا هئا. مون سڄو اوندهه جو سٽاءُ ڊهندو محسوس ڪيو ۽ ان سان گڏ مون پاڻ کي ڊٺل ڊٺل محسوس ڪيو. احساس کان خالي مان ريحانه جي گود ۾ ڪري پيس. ائين جيئن هڪ ٻار خطا کان پوءِ روئندو روئندو ماءُ جي گود ۾ هليو ويندو آهي. ريحانه جا هٿ منهنجي اڻڀن اجڙيل وارن کي زندگيءَ جون لوليون ڏيندا رهيا. ايستائين جيستائين مون وٽ پنهنجا جذبا، پنهنجو روح ڪنبندو موٽي نه آيو.

ست پٽيتي

رب ڏني پهريائين ته واهولو هيٺ رکيو ان سان گڏ اوزارن جي ٿيلهي کي اڇليائين ۽ کٽ تي پاڻ کڻي ڇڏيائين. هڪ وڏو ٿڌو ساهه ڀري جيئن ئي پاسو ورائڻ جي ڪيائين تيئن هڪ آواز ٿيو. ”زڙاب“ ٻيو جهبڪ وسيو. ”زڙاپ“ هو دانهن ڪري اٿيو تيئن ٽيون وسيو، هن جيئن ئي چهبڪ جي ڏوري کي پڪڙڻ جي ڪئي تيئن هڪ تير وانگر ٺهيل ڪاٺي اچي سندس نرڙ تي ٺڪاءُ ڪيو ۽ همراهه وڃي سنئين چوٽي کوڙي ۽ هن آواز ٻڌو. ”هوئي!“ ٻيو آواز ٿيو. ”هوئي!“ ائين ٽي، چار آواز ٿيا، ”هوئي“ ۽ هو واهولو کڻي اٿيو ۽ لوڌ ٻارن جي وٺي ٻاهر ڀڳي. هن ڏٺو ته سندس ٻن ٽن ڇوڪرن کي ڪاريون ڦاٽل اڳڙيون اکين تي نقاب پوشن وانگر ٻڌل هيون. هٿن ۾ چهبڪ هين. ڪن کي مٿي تي ڦاٽل ٽوپلا هيا جن ۾ ڪڪڙن جا کنڀ ٽنبيل هيا، ڳچين ۾ کجيءَ ۽ نم جي ڇليل ٽارين مان ٺهيل ڪمانون ٽنگيل هيون. هن گهروڙي بجو ڏنن: ”اڙي پڻهين به ٽارزن هو، ماڻهين به هنٽر والي هئي نه، ٿڪ اٿو ڪميڻا! اڙي جي گسايان نه ها ته اڄ مامهن ٽوپو وانگر ڪاڻو ٿيو گهمان ها.“ هن اونهين سور وچان مٿي تي هٿ هنيون ته ڏٺائين ته هٿ تي چڱو رت جو نشان ٿي ويس. هن کان بي اختيار دانهن نڪري وئي.
”اڙي خون، اڙي گلوءَ ماءُ، اڙي الله ڪو سولي ڪرئي، الله توسان ۽ تنهنجي ڇورن سان پڄندو، الله ڪندو ته.“ ۽ ائين جوڻس اندر گهڙي آئي هٿ ۾ ڏوئي هيس ۽ الر ڪري آيس، ”بس بس، وڌيڪ چيئي ته رت سان ڀري ڪڍندي سانءِ. منهنجي اولاد کي تون ڇا، ڪو به ماءُ جو ڄائو ناهي، جو ڪجهه چوي ته سهين. رت نه پي ڇڏيان. هليو آهي اولاد کي پٽڻ، اڙي تنهنجو ڇا ٿئي؟ مان گهران کڻي آئي هين. ائين نه!“
”پر به ڀاڳان هيءُ جو ڇورن روز روز پاڙي اوڙي باهه ٻاري ڏني آهي. اڄ ته مان هيون مان، ڪالهه ڇاڱي جي بند دوڪان ۾ ٻريل ڇيڻان اڇلي آيا. ذري گهٽ بچي ويو جو ڇيڻن دونهون ڪيو ۽ ڀاڳيو پهچي ويو. تنهن ڏينهن نيڪ محمد جي پٽ کي مٿي ۾ ٻرگهل وجهي ڇڏيائون. ڪنهن ڏينهن ٻڌ ته ڦاڙ وڌا اٿئون، ڪنهن ڏينهن ٻڌ ته ڪنهن شريف ماڻهوءَ جي نه ڇڏي اٿن ڀيڻ نه ماءُ. ڇورن کي اسڪول ۾ ويهاريم ته ماستر کي ڇتو ڪري ڇڏيائون، هو هٿ ٻڏي جان ڇڏائي ويو. اڙي! تو به هڪ نه ٻه، سڄيون ساريون پنج آفتون ڄڻي وڌيون آهن.“
”گلڻ جا پيءُ تون پنج ٿو چوين مان پورا ست پٽ ڄڻيندي مانءِ مان اڃا تو وٽ نه آئي هيم جو پڦي زينل، الله جنت بخشيس، مرڻ گهڙيءَ تائين چوندي هيم ته ڀاڳل ڏس ته قدرت ڇا ٿي ڪري، اصل ست پٽيتي ٿينديءَ، ست پٽيتي. هينئر به آهي ڪا تنهنجي مائيٽياڻي جا هيترا پٽ ڄڻي ڏيکاري!.
رب ڏنو مٿي کي وٺي ويهي رهيو. هڪ مٿي وارو ڌڪ ستن پٽن جي ڌمڪي، اصل همراهه جهڪي پيو.
ڀلي رب ڏني ڇا به گهريو هجي پر رب پنهنجي ڏني مان کيس ست ئي پٽ ڏنا ۽ ائين پڦي زينل جنهن عمر ساري نماز ته ڇا پر شايد ڪو نيڪ ڪم ڪيو هوندو. اهڙي پهتل بي بي ٿي گذري، جنهن جي چوڻي رپئي مان ارڙهن آنا درست نڪتي.
ڀاڳل ست پٽ ڄڻي ائين ٿي سمجهيو ته سندس جهڙو ڀاڳوند ۽ ڀليرو ڌرتي تي ڪونهي. سندس گهر ٻه ڏيرياڻيون هيس. هڪ کي ته قدرت اولاد ڪو نه ڏنو ۽ ٻيءَ کي نياڻي هئي. ڀاڳل لاءِ ته ست پٽ ڀلان ڀلي جو ڇيهه ٿي ويو هو. سندس پير پٽ تي ڪو نه هو. جيتوڻيڪ ڇورن اوڙي پاڙي توڙي گهر ۾ رڻ ٻاري ڏنو هو. ڪو گهر جو ڀاتي نه هو جنهن کي نرڙ يا بت تي ڪو نشانه ڇڏيو هئائون! رب ڏني کي ايتري همٿ نه هئي جو ڇورن کي چئي سگهي. جي چيائين ته جوڻس اصل رڻ ٿي ٻاري ڏنس. رب ڏنو ايڏو ته بيزار هو جو ڪڏهن ڪڏهن رات جو دير سان گهر ايندو هو ۽ صبح جو سوير نڪري ويندو هو. پر جي ڇورن جي ويل کان بچي ويندو هو ته ڇورن جا ستايل، ڪم تي يا شام جو علو مواليءَ جي اوتاري تي اچي نڪرندا هيس. هيءُ يا ته اکيون ڳاڙهيون ڪري تڪيندو هون يا سلفي جا ٻه، ٽي وزم زور سان هڻي چوندو هون ”لڳي دم مٽي غم“.
نيٺ اوڙي پاڙي وارن ٻڌي ڪري سڄي ٽولي کي هڪ هڪ ڪري ڏاڍي مار ڪڍي، ڀاڳل جي لاءِ ته ويل هو اصل رجهي پئي. هن به رڻ ٻاري ڏنو، نه ڇڏيائين ڪو گهر جنهن ۾ وڃي گارين جا دس نه چاڙهي آئي هجي. ڳالهه نه بيٺي ڇورن ٻيڻو ويل ٻاري ڏنو. نيٺ ڳالهه پوليس تائين وئي ۽ پوليس هڙني ڇورن کي ٻڌي ويئي، الله ڀلو ڪري رب ڏني جو ڀاءُ سليمان جو، جيڪو اڳي ته رب ڏني سان گڏ ڪمائيندو هو پر ڪنهن جج صاحب جي مهربانيءَ سان هاڻ بيلف وڃي ٿيو هو. تنهن وڃي هڻي هنڌ ڪيو ۽ ڇورن کي ڇڏائي آيو. تيستائين ته ڀاڳل ڇڙيل ڇتن سان ڇتي ٿيو پئي آڳر ۾ گهمي ۽ اوڙي پاڙي کي گارين جو ڌوڙيو لايو ويٺي هئي. سليمان جيئن ستن جي ولر سان اندر گهڙيو تيئن هوءَ هڪ هڪ کي چنبڙي وئي مٺين جو وسڪارو لائي ڏنائين. پر ڀلا ڇورا شيطان جا چيلا سو اهڙي پيار مان ڇا ڄاڻن. وڃي پنهنجي بدمعاشي ۽ حرڪت بازي جي ڪرت کي لڳا. سليمان ٿڪل ٿڪل رنڌڻي ۾ منجي ريڙهي وڃي زال جي ڀر ۾ ويٺو کائنس ننڍڙي عائشه کي وٺي مٺيون ڏيڻ لڳو. کيس انهيءَ مهل نياڻي تي ڏاڍو پيار آيو. هونئن به کيس ۽ جوڻس کي يقين هو ته عائشه سندن لاءِ ڀاڳوان ثابت ٿي آهي. ڇو جو جيئن ئي عائشه ڄائي کيس بيلفي ملي هئي جنهن ۾ هو باقي ٻن ڀائرن کان وڌيڪ ڪمائيندو هيو. سليمان ننڍڙي عائشه سان ڳالهيون ڪندي بي اختيار چئي ويٺو. الله ڪنهن کي اهڙو نالائق نامراد اولاد نه ڏئي.“
ڀاڳل اصل ڪا رڌڻي جي ٻاهران هئي. ابا بس پوءِ وٺ ڪارا ڪٻري کي.
”ها، ها اصل نامراد آهي ائين نه! ڇڏائي آيو آهين تنهن ڪري ٿو پٽين يا پٽيلو اولاد ڪونهي، تنهن ڪري ٿو سڙين. مان به چوندس ته:”الله به ڪنهن کي پٽيلي اولاد کان محروم نه ڪري. اونهن، جوڻهين ڄڻي به نياڻي ڏني اٿئي نه ٻيو ڇا.“
سليمان هونئن به وڏي ڀاڄائي کي ڏاڍي عزت ڏيندو هو. چپ چاپ عائشه کي مٺي ڏئي تکو ٻاهر نڪري ويو. در وٽ ئي ڀلو ڪاسائي مليس ڏاڍو گهٻرايل هو.
”سليمان ڀاڻين رب ڏني جي حالت ڏاڍي خراب ٿي ويئي اٿئي. سڀ موالي ڀڄي ويا آهن. مان به ويو هوس پنهنجي ڇوري کي ڳولڻ، هنئر ئي موالڪي ڌنڌي تي هريو آهي، سو ڏٺم ته هو گش لڳو پيو هو. ڀانيان ٿو..........“
سليمان وڌيڪ نه ٻڌو وٺي ڀڳو. پر ڀلو ڪاسائي جيڪي ڀانيو سو سچ نڪتو ۽ رب ڏنو وڃي پنهنجي رب کي پرتو هو. ڀاڳل تي ڄڻ جيل ڪري پيو. روئندي روئندي جڏهن بي حال ٿيندي هئي ته ڪو چوندو هيس. ”اڙي امان رب جي شئي هئي وڃي رب کي پرتي هاڻي تون پنهنجي ٻچن جو خيال ڪر. الله بخشي بچائي ڏئي، ست پٽيتي آهين.“
سندس روئڻ بند ٿي ويندو هو. ائين ڪو ٻيو چوندو هيس، ”امان! رڳو پنهنجي روزگار سان لڳن ته تنهنجا سڀ ڏک دور ٿي ويندا شال ڌڻي سڀ کي پٽيتو ڪري ستن پٽن هوندي به تون ٿي غمگين ٿين؟“ پاڻ سندس ڪر مٿي ٿي ويندو هو. بي اختيار سندس نگاهه ميرن گدلن پٽن ڏي کڄي ويندي هئي، جيڪي اڱڻ ۾ پيا ليٿڙيون پائيندا هئا پر کيس ڌوتل پوتل فرشتن مثل نظر ايندا هئا. پر چوندا آهن ته شيطان فرشتو هو پر پوءِ جڏهن شيطان ٿيو ته سڀني کائنس ئي پناهه گهري سو هنن شيطانن کان سڀ پناهه گهرندا هئا. جيتوڻيڪ سليمان ڀاءُ جي مرڻ کان پوءِ سڀ ڪجهه ڏيندو ڪندو هئن پر ڇورا هئا کريل تن نه رڳو پيءُ پڻايو پر ماءُ لاءِ به هڪ وڏو عذاب هيا. جيئن جيئن وڏا ٿيندا ويا تيئن تيئن جوا، داداگيري ۽ ڳنڍ ڪپڻ سندن معمول ٿيندا ويا. سليمان کي خبر هئي پر هو اصل هنن سان مٿو ماري نه ڪندو هيو. پري پري هجڻ ڪري ڇورا هن کان ڪن به هڻندا هيا ۽ سندس ويجهو نه ويندا هئا. ٻه ٽي ڄڻا ماءُ کي ڪڏهن بدمعاش گيري جو پيسو ڏيندا هئا ته ٻه ڄڻا ماءُ کان اهو ته ٺهيو پر ٻيو به ڦريو ويندا هئا پر سندن ماءُ وڏا ڏيل ڏسيو، ڇنڊيل ڦوڪيل شڪلين کي ڏسيو پئي ٺرندي هئي. وڏي ڇوري علوءَ کي تڪي چوندي هئي: ”ملوڪ آهي ملوڪ مان جهڙي تهڙي ته نه کنئي نه!“
سندس اشارو گهڻو ڪري عائشه ڏي هوندو هيو. عائشه شڪل جي ايڏي سهڻي ته نه هئي پر هڪڙي ڪشش سندس ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ اٿي ويٺي ۾ اهڙي هئي جو جيڪو ساڻس ڳالهائيندو هو ته دل هرکندي هئي ته اڃا جيڪر ساڻس ڳالهائي. ڪڻڪ رنگو گول ڀريل منهن، سنهڙا چپڙا، چمڪندڙ جڙيل ڏند، مرڪندي ته ڄڻ سمجهبو ته سپ جو منهن کليو آهي.
وڏي ڳالهه ته عائشا هٿن جي به سڄي هئي. سڄي گهر جو ڪم ڪار ڪرڻ، ماني پچائڻ گهڻو تڻو عائشه ڪندي هئي. ان سان گڏ ڀرت ٽوپي ۾ به ڀڙ هئي. پر اهي سڀ ڳالهيون ڀاڳل لاءِ ڪا به حيثيت نه رکنديون هيون. هوءَ پنهنجي پٽن جي عشق ۾ غلطان هئي ۽ ستن پٽن ڄڻڻ تي ايترو ته نازان هئي جو ڪڏهن ڪا گهرجائو مائي يا فقيرياڻي در تي اچيو سين هڻندي هئي: ”او ست پٽيتي الله ڀلو ڪندءِ. الله انهن ۾ به گنج وجهندءِ“ ته هوءَ ٽانءِ ۾ ڀرجي ويندي هئي. ڏاڍي لوڏ سان اٿي کين خيرات ڏيندي هئي. سندس هلڻ ۾ اهو فخر هوندو هو جو گهر جو هر فرد محسوس ڪندو هيو پر چپ رهندو هو.
سندس فخر ته انهي ڏينهن ئي ٽٽي پيو هو جنهن ڏينهن سندس ٻئي نمبر نينگر کيس پيسن تان اچي ڪٽيو هو. گار گند ته عادت هين پر انهي ڏينهن اهو حجاب ٽٽي پين، ڇوري اصل هڻي مائي ڀاڳي جا هڏ گڏ ڀڃي رکيا. سڄي رات ڪنجهندي رهي. عائشا لپري ٺاهي ٽڪور ڪيس تڏهن وڃي آرام آيس. صبح جو وي ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه، اها ئي گهور پئي وڃين. پر هيڏانهن به بند ڀڳو هو سو ٻئي ٽئين ڏينهن ڀاڳل پئي ڪٽبي هئي. ڪڏهن پنڙن ڦرڻ تان، ڪڏهن چوڙين ڦرڻ تان، ڪڏهن ڏوڪڙن تان، بس ٻئي ٽئي ڏينهن ڦهڪو پيو پوندو هيو. پر ڪڏهن سندس هٿ اولاد تي نه وريو ۽ ائين ڪٽبي هئي ۽ عائشه جنهن ڏينهن رات سندس خدمت پئي ڪئي مورڳون ڪنهن ڇوري پڇيس به نه. ڀاڳل ڪنجهندي ڪڏهن ڪڏهن ايترو پڇندي هئي، ”امان ڇورا آيا؟“ ”ها چاچي ٽي ته آيا آهن.“
يا پڇنديس ”امان ماني ڳٿئون“
”ها چاچي ڏني اٿمان!“
بيماري کيس اصل پهچائي ڇڏيو هيو پر انهيءَ حالت ۾ به هوءَ ڪي ڪلاڪ سوچيندي رهند هئي. ڇت جي پٽين ڏي نهاري ٿڌا ساهه ڀريندي هئي يا عائشا ڏي نهاري سندس مٿي تي پاٻوهه ڀريو هٿڙو گهمائيندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن اکين ۾ پاڻي ڀرجي ايندو هيس. زبان سان ڪڏهن ڪو نه چيائين پر عائشا سندس اکين ۾ ڏک جو اهو انبوهه ۽ ميڙاڪو متل ڏسندي هئي جو انهي کي اڱريون وجهي سيرون ڪڍندي هئي. عائشا سندس ڏک ڄاتو ٿي. عائشا جو پيءُ ماءٌ ڀاڳل کي پڇڻ ايندا هيا ته هوءَ منهن کڻي لڪائيندي هئي. اوڙو پاڙو پڇڻ ايندو هيو ته سندس نظرون تڪڙو تڪڙو ڪجهه ڳولينديون هيون. عائشا ڄاتو ٿي ته هوءَ فرشتن کي ڳولي ٿي، پنهجن ٻچن لاءِ اوجهائي ٿي، ڀر واري ڪمري ۾ گوڙ ڪندا هيا ته سندس ڪن کڙا ٿي ويندا هيا، پر هو ڪڏهن لڙي ڏانهس سندس ڪمري ۾ نه آيا. وٽس هاڻي رهيو به ڇا هو ڪڏهن ڀاڳل سوچيندي هئي. ”اهي ٽريا ڀلا آهن!“ پر ماءُ جي دل! سندس دل اهو ضرور گهرندي هئي ته مرڻ کان اڳ کين ڏسان ضرور ۽ ڪا مٺي ڏيان. وري سندس دل چوندي هئي ته اهڙن نالائقن کان بس ڀلي.
اها رات به عجيب هئي جڏهن عائشا کيس کير پياري زور به ڏنا ۽ گهڏندي سندس پاسي کان آهلي پئي. هوءَ سندس مٿي تي پيار سان هٿ گهمائي رهي هئي. ائين چرڙاٽ سان آهستي در کليو، هن جو هٿ بيهي ويو. هن سڃاتو ته سندس وڏو پٽ علو هو. سندس دل ٺڪاءُ ڇڏڻ لڳي. کيس محسوس ٿيڻ لڳو ته پاڻ ڀليل هئي. نيٺ ته وڏو پٽ آهي، کيس ڏسڻ آيو آهي. شايد بخشرائڻ آيو آهي. ائين علو اچي سندس پاسي ۾ بيٺو منجهائنس شراب جي سخت ڌپ اچي رهي هئي. چپ ڪيو پئي هئي. ڪا گهڙي خاموشي رهي ۽ جيئن ئي هن جي هٿ کي ڇڪ آئي هن اکيون کڻي کوليون. هن لالٽين جي جهيڻي روشني تي ڏٺو ته سندس علو جا هٿ عائشا کي تڪي توري رهيا هيا ۽ ائين عائشا جاڳي ڪنڌ مٿي کنيو، هو دانهن ڪرڻ واري هئي يڪدم علوءَ سندس وات تي هٿ رکي کيس سٽ ڏني ۽ ٻيءَ گهڙيءَ عائشا سندس ڪنڌ تي هئي. ”گهڻا ڏانهن مون کان ٿي ڀڳين ۽ اچيو هتي لڪين پر نيٺ اڄ هٿ ڪيو اٿمانءِ هاڻ نه ڇڏيندوسانءِ. وڏي هلي آهي پاڪباز!“
هو جيئن ئي اڳتي هليو ته سندس قدم ٿڙيا پر هو ڪمري جي چائنٺ ٽپي نه سگهيو. ڀاڳل جي هٿن ۾ ڏاڍي طاقت هئي، هوءَ ٽانڊن کڻڻ واري چمٽي سان سندس مٿي کي ائين ڪٽي رهي هئي ڄڻ ڪپڙا ٿي وڍيائين. سندس تڪڙن ڌڪن ڪري علو ڪنڌ ورائي نه سگهيو ۽ عائشا کي ڦٽو ڪري. جيئن ئي ڪنڌ ورايائين تيئن منهن وارا ٻيا ڌڪ وهائي ڪڍيائينس. رت هو جو ٺينڍيون ڪيو پي وهيو ۽ علو اتي ئي جهڪي ويهي رهيو. ڀاڳل ايستائين بس نه ڪئي، جيستائين عائشا ٽپ ڏئي اچي کيس نه جهليو. عائشا کيس گهلي اچي ليٽايو، هوءَ عائشا جي ڀاڪر ۾ روئي رهي هئي. ”اڙي رب ڪندو ته ڇورا.....“
عائشا سندس وات تي هٿ ڏيئي کيس جهلڻ واري هئي ته اولاد کي نه پٽي پر سندس هٿ اتي بيهي ويو. ڀاڳل جو وات اتي ئي بند ٿي ويو هو. هميشه لاءِ. عائشه هنج ۾ منهن وجهي روئڻ لڳي.

*

جنت

جنت کي مون جڏهن پهريون دفعو ڏٺو، تڏهن آءُ ڪافي ننڍو هوس. ٻاراڻي وهي، پڇا جي عادت گهڻي، سهڻي سيبتي گڏيءَ جهڙي مومل جا گهر ۾ ڏٺم ته امڙ کان پڇيم، ”امان هيءَ ڪير آهي؟“
”تون ڪونه ٿو سڃاڻينس! ادي دين محمد جي نياڻي آهي، هاڻي اچي اسان جي پاڙي ۾ ويٺا آهن. اديءَ سان مل نه !“
مان هن جي منهن ڏانهن ڏٺو. ٻه وڏيون تکيون اکيون چمڪيون پئي. سندس ڳاڙهن چپن تي مرڪ هئي. مرڪندي سندس ڳلن وٽ هلڪا کٻ پي پيا. مان آهستي سان وڌي وڃي ڀرسان بيٺس. هن مون کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ڀاڪر پاتو ۽ مون محسوس ڪيو ته سندس هٿن ۾ هڪ عجيب ڇهاءُ هو. نرمائي ۽ شفقت وانگر، پر عجيب سندس ڪپڙا هئا جيڪي خوشبوءَ ۾ ٻڏل هئا. مون سندس مرڪندڙ چهري ڏانهن نهاريندي آهستگي سان چيو. ”ادي، هيءُ توهان کي ڇا ٿيو آهي.“
مون ائين چوندي سندس ڳلن ۾ پيل کٻن کي هٿ لاٿو. پشم جهڙن ڳلن کي هٿ لائيندي مون کي ته ڪجهه ڪو نه ٿيو پر هوءَ ڳاڙهي ٿي وئي ۽ کلي ويٺي. کلندي سندس ڳل وڌيڪ کٻن وارا ٿي ويا. هن کلندي امان کي چيو: ”امان، توهان جو نينگر ته ڏاڍو ڏنگو آهي.“
امان کلي کڻي ماٺ ڪئي. مان هٽي ٿورو پرڀرو ٿي وڃي بيٺس. سندس وڏي چوٽيءَ لهرو کاڌو هوءَ اٿي بيٺي. هوءَ قد جي ڊگهي، بت جي سنهي ۽ شڪل جي سهڻي هئي. مان ان وقت ايڏي عمر جو نه هوندي به سندس وڻندڙ قد بت ۽ سونهن جو مڃيندڙ هوس. وڏي ٿيڻ تائين مان چوندو رهندو هوس: ”جنت جهڙو سهڻو ته ڪير ٿئي!“ سندس سونهن پنهنجي وڏي ٿيڻ تائين لازوال ڀانيم. مڇن جي ساول سان مون مئٽرڪ ڏني. انهيءَ وچ ۾ مون جنت جون ايتريون ڳالهيون ٻڌيون جو ڀانيم ته واقعي هوءَ جنت آهي جنهن جي لاءِ سوين طالبو آهن. دين محمد ڪو اسان جي مٽي مائٽي ۾ ڪو نه هو. پر ابي سان ڀائپي جهڙو رستو هيس. پاڙي ۾ ويٺو ته ويتر ويجهو ٿي ويو. ابي ۽ دين محمد جا خيال هڪجهڙا هئا ” مٽي مائٽي ڪجي ته پنهنجن ۾ ڪجي، ڌاريا مٽ مئي جا نه ٿيا، پوءِ پنهنجن ۾ کڻي ڪو لچ لوفر، چور ڌاڙيل، لولو لنگڙو يا پيرسن اپاهج ڇو نه هجي پنهنجو وري به پنهنجو آهي. ”ابو به ساڻس شامل راءِ هو. اوطاق تي هجن يا گهر، ڪو به ماڻهو سندن عقيدي کي لوڏي نه سگهيو. جنت جي عمر وڏي ٿيندي وئي، پر دين محمد کي لهر نه ڪو لوڏو. دين محمد اک تڏهن پٽي جڏهن ٻه چار طوفان لنگهي ويا ۽ سندس جاءِ جو بنياد لڏڻ لڳو.
مون جڏهن پهريون طوفان ايندي ٻڌو تڏهن ان تي يقين نه ڪيم. پر هڪ ڏينهن ٽاڪ منجهند هئي جڏهن مان اسڪول مان موٽيس پي ته شمي کٽيءَ کي گنجيءَ سان پنهنجي گهر جي در وٽ ٻاهر جهاتي پائيندي ڏٺم. هن هيڏانهن هوڏانهن نهاري پڪ ڪئي پوءِ هٽي ويو. شايد مون تي نظر نه پيس. هونئن به مان گهٽيءَ جي ڇيڙي تي هيس. ائين انهيءَ گهڙي هڪ مائي ڪاري برقعي سان ورکائي نڪتي. سندس وڏي چوٽيءَ لهرو کاڌو مون سڃاڻڻ جي ڪئي. جڏهن ڀرسان اچي لنگهي ته سندس سڃاتل خوشبوءَ تي مون کان بي اختيار نڪتو، ”ادي جنت!“
جنت ڪنڌ ورائي مون کي ڏٺو. ڪا گهڙي هٻڪي، پر پوءِ انهي طوفان سان گڏ هوا ٿي وئي جو سندس آندل هو. مون اکين سان ڏسڻ کانپوءِ به يقين ڪرڻ ڇڏي ڏنو. ڇاڪاڻ ته جنت، جنت هئي سندس وجود سان اسان جو سڄو پاڙو هڳايل هو. جنت جو هر هڪ عقيدتمند هو. هوءَ جتان لنگهندي هئي. اتان ڪا گهڙي واءُ به لنگهڻ بند ڪري ڇڏيندو هو. سندس ڊگهو، ور کاڌل بت ۽ جسم مان نڪرندڙ عجيب خوشبوءُ پوڙهن کي به بيهاري ڇڏيندي هئي. هوءَ سانتيڪي ماحول مان گذري ويندي هئي ۽ انهي سانت کانپوءِ هڪ طوفان هوندو هو. چوٻول هوندا هئا ۽ هر وات نئين ڳالهه هوندي هئي.
شمي کٽيءَ کان ڦري ڳالهه اچي مامي گلو تي پئي. جو جڳ جو مامو پر دين محمد وارن جو پري جو مائٽ هو. گهر ۾ ايندي ويندي جهٽ پي هنيائين ۽ جنت جهٽجي وئي. جنت الاهي راضپو آهي. جڏهن مولا طرفان حڪم ٿيو ته مامون گلو واجهجي ويو ۽ هڪ ڪاليجي نينگر تي پکو پيو. جو جنت کان ننڍو هو پر جنت جو سچو عاشق هو. نظير ۽ جنت جي گهر جي ڀت هڪ هئي. نظير ڪاليج ۾ بي اي جي آخري سال ۾ پڙهندو هو. جنت کان ننڍو پر جنت کيس گهائي وڌو. هن جنت جا سڀ عيب اکين تي رکيا. سندس مستانو ۽ متوالو ٿيو گهمندو هو. جنت سان لڪ چوري ملي. کيس ڪجهه عشق جا جملا ٻڌائي، روانو ٿي ويندو هو ۽ جنت انهيءَ آڳ ۾ جلندي هئي جا کيس جنم کان ملي هئي. نظير جو عشق مشڪ هو ۽ چاچو دين محمد سجاڳ ٿي ويو.
چاچو دين محمد جهل ئي نه ڏئي. اچي ڏنائين جنت کي مار. نظير پنهنجي ماءُ پيءُ کي سڱ لاءِ موڪيلو. انهن کي به بيعزتو ڪري ڪڍيائين. چي ”اسين خانداني ماڻهو. ڇوڪري اسان جي پنهنجي خاندان ۾ ويندي.“ ائين وقت گذرندو رهيو. ڪيترائي سڱ آيا پر خاندان خاندان رهيو. جنت بندش ۾ جڪڙجي جلندي پڄرندي رهي. سندس وجود پگهرندو رهيو. هڪ ڏينهن خبر پئي ته جنت کي جن آيو آهي. امان جن کيس ڏسڻ ويون. موٽڻ تي مون انتظار مان پڇيو. ”امڙ، جنت ڪيئن آهي“
امان ته چپ هئي پر منهنجي ننڍي ڀيڻ پنهنجو وڏو چولو سنڀاليندي چيو، ”ادا جنت مئي پئي آهي. ڪنهن ڪنهن مهل جوش چڙهيس ٿو ته وڏا آواز ٿي ڪڍي. چون ٿا ته جن اٿس. ملو بشن اڄ به سندس جن ڪڍڻ آيو هو.“
ملو بشن روز جنت جي گهر وڃڻ لڳو. هڪ ڏينهن خبر پئي ته جنت چاڪ آهي ۽ ملو بشن روز کيس قرآن پڙهائڻ ۽ ديني تعليم ڏيڻ ويندو آهي. پوءِ ته جنت، ملي بشن جي گهر به وڃڻ لڳي. اچانڪ ملي بشن جو وڃڻ به بند ٿي ويو. چون ٿا ته ملي جي زال جا پيڪين وئي هئي، تنهن موٽي اچي مانڌاڻ وڌو هو.
مون انٽر جو امتحان ڏئي بس ڪيو هو ته ٻڌم جنت تي جن وري آيو آهي. هاڻ جن ڪنهن ڪنهن مهل اچيس ٿو. ۽ باقي وقت ۾ هوءَ تعويذ لکڻ لڳي آهي. آهستي آهستي مشهور ٿيڻ لڳو ۽ جنت، بي بي جنت ٿي وئي. سڄو ڏينهن مائين جو ميڙو متل هوندو هو ۽ جنت انهن مائين لاءِ تعويذ لکندي هئي. ڪنهن ڪنهن مهل جن اچڻ تي حالتون بي حال ٿي انهن کي جواب به ڏيندي هئي. منهنجي رزلٽ اڃا ڪانه نڪتي هئي ۽ مان اوچتو بيمار ٿي پيس. دوائن جو اثر نه ٿيو پر ڳري ڪنڊا ٿي ويس. هڪ ڏينهن امان مون کي چيو. ”هل ته توکي بي بي جنت وٽ وٺي هلان ۽ ڪو نظر جو تعويذ وٺي ڌيانءِ. الله توکي صحت ڏئي، اسان کي ته ڳڻتين ۾ وجهي ڇڏيو اٿئي.“
مان جڏهن جنت جي گهر پهتس ته مون اها جنت نه ڏٺي جا جنت هميشه منهنجي تصور ۾ رهي هئي. خوشبوءَ ۽ هٻڪاءُ جي ديوي، سونهن ۽ سوڀيا جو مجسمو. هوءَ هڪ هڏائون پڃرو هئي. سندس لازوال سونهن ڌوپجي چڪي هئي. هوءِ هڪ ڌوتل پوتل اڇو مجسمو هئي. سندس چهري تي ڪا به اها سهڻي مرڪ نه هئي. جيڪا سندس ڳلن ۾ کٻ وجهندي هئي. نه اهي چنبيلين جا چوٽا هئا جيڪي ور کائي ورندا هيا. سندس اڇن اجرن ڪپڙن مان ڪا به خوشبوءَ نه ٿي آئي. سندس اکيون ويران هيون.
اسان جي اندر داخل ٿيڻ تي سندس اکيون گول گول گهمڻ لڳيون. ڪا گهڙي هن مون کي تڪيو ۽ پوءِ زمين تي ليٽڻ لڳي. سندس ڀريل ور وراڪا ڏيندڙ بت، اڄ هڪ ڪاٺي مثل، ڌرتي تي اٿلڻ پٿلڻ لڳو. هن ڦٿڪندي عجيب آواز ڪڍيا، ويٺل مائيون وڌيڪ ويجهيون ٿي ويس ۽ کائنس ڪجهه پڇڻ لڳيون. هن چچريل. ڳري آواز ۾ کين نڪري وڃڻ لاءِ چيو. جڏهن سڀ مايون نڪري چڪيون ۽ مان ۽ امان نڪرڻ لڳاسين ته هن سٽ ڏئي منهجي ٻانهن جهلي ورتي. سندس ٻانهن ۾ ڪافي زور هو. مان ڊڄي ويو هوس. منهنجي اکين ۾ هراس هو. هن جي ڇڪ تي مان هيٺ ويهي رهيس. هن آهستگي سان اٿي منهنجي مٿي تي هٿ ڦيريو ۽ سندس اکين مان پاڻي وهڻ لڳو. هوءَ سڏڪن ۾ آواز بنا خاموش ڳوڙها ڳاڙيندي رهي. هن اشاري سان امان کي پاڻي آڻڻ لاءِ چيو، جيڪا پڻ هراسيل بيٺي هئي. جنت کي ڪجهه حال ۾ ڏسي، مطمئن ٿي پاڻي کڻڻ ويئي، جنت چڱي طرح سنيئن سڌي ٿي ويٺي. پوءِ سٽ ڏئي مون کي پنهنجي ويجهو ڪيائين ۽ مٿي جا کنڊريل وار سنواريندي چيائين: ”مٺو، ايترا ڏينهن ڪٿي هئين؟ مون وٽ لڙئين به ڪونه“
مان خاموش رهيس، شايد هراس اڃان به هيم. هن آهستگيءَ سان منهنجو هٿ وٺي پنهنجي ڳل کي لاتو ۽ چوڻ لڳي”مٺو، ڏس ته سهين مون کي هت ڇا ٿيو آهي؟“
مون اتي ڏٺو اهي پشم جهڙا ڀريل ڳل نه هيا، اتي اهي کٻ نه هئا جن کي مون ڏسي کانئس سوال ڪيو هو”ادي، هي توهان کي ڇا ٿيو آهي؟“
اڄ اتي اڀريل هڏا هيا، سڪل ڪاراٽيل چپ هيا، ويران اکيون هيون. ”مٺو ڏس ته سهين مون کي ڇا ٿيو آهي؟“
منهنجو هٿ ٿڙڪڻ لڳو. انهيءَ گهڙي سڙڻ لڳو. اتي ته باهه جا اوڙاهه هئا، شعلا هئا، ان جون ڄڀيون هيون، مون هٿ هٽائڻ چاهيو. هن زور سان هٿ پڪڙي چيو”نه مٺو ڏس اتي ڪجهه آهي، ها چئه ته اتي ڪجهه آهي“
مون آهستگي سان چيو ”ها جنت اتي باهه آهي، ساڙيندڙ باهه!“
مون زور سان هٿ ڇڏايو، منهنجو هٿ سڙي چڪو هو. مون کي ائين محسوس ٿيو ته اها باهه وڌندي پئي وڃي. اها نه رڳو جنت کي ساڙي رهي آهي پر سڄي خاندان ۽ خانداني گهر کي سڙي رهي آهي. مان باهه باهه ڪندو اتان ڀڳس. منهنجو رخ گهر ڏانهن هيو، جتي منهنجي ڀيڻ رهندي هئي.
مون زور سان در کوليو ۽ ڊڪندو اچي پنهنجي ڀيڻ کي ٻانهن کان ورتم. ”ادي، هت ته باهه نه پهتي آهي. تون ته باهه کان بچيل آهين. هت ته باهه ڪانهي پهتي!“
هوءَ وائڙن وانگر مون کي تڪڻ لڳي.
مون جنت جي گهر ڏانهن ڏٺو جتي مون کي باهه ٿي ڏسڻ ۾ آئي. سمجهيم ٿي ته اها باهه اسان جي گهر کان پري ناهي ۽ اها باهه هر جنت، هر نينگر کي ساڙي ڇڏيندي جنهن جي گهر خاندانيت، وڏائي ۽ اوچائي جو علم بلند هوندو.

*

احساس جي منزل

وقت جي بي آواز گهڙين کان پري، من جي مونجهه مٽائڻ خاطر مون آواز ڏنو آهي، ڪنهن کي ........ پريان ئي پريان، سڏيو اٿم، ڪنهن کي ............ پڪاريو اٿم ڪنهنکي؟ ڪيئن چوان ته اهو منهنجي ڏکن جي دنيا کي سهسين سک پهچائي مون لاءِ جنت جوڙيندو. مون جنت به ته ڪانه گهري هئي. مون ته دوزخ جو به تصور نه ڪيو هو.......... مون ته ڪجهه به نه سو چيو هو. ڪجهه به ته نه.
مان ڪيئن چوان ته اها ڳالهه منهنجي آهي، منهنجي ذات جي آهي. منهنجي ذهن جي آهي، منهنجي روح جي آهي.......... ڪئين چوان ته اهو منهنجو پنهنجو جسم آهي، جنهن مون کي ڦٽو ڪيو آهي، انهن تنهائين ۽ ويرانين ۾ جنهن ۾ پهچڻ شرط مونکي رڃ جو احساس ٿو ٿئي. رڄ به اها جنهن ۾ رڃ سان گڏ ڪي به ته ڪينهي.......... نه عذاب، نه احساس، ڪجهه به ڪينهي.
اڄ جڏهن مونجهه حد کان وڌي وئي آهي. تڏهن ائين ٿو چوان ته آڪاش جا تارا يا ڌرتيءَ جا گل منهنجي نصيب کان ائين رٺل آهن. جيئن انسان کان سڪون، جيئن جسم کان ضمير، يا ذهن کان حس، مان به بي حس، بي سڪون ۽ بي ضمير ٿي چوان ٿو ته مون ڏوهه ڪيو آهي، ڪنهن سان پيار ڪيو اٿم.
ائين لڳيم ٿو ته آءُ ڪنهن جبل تي بيٺو آهيان. سامهون هڪ ڪائنات آهي، جا ڦهليل آهي، انهن احساسن کان محروم ستارن وانگي جيڪي کڙيا هجن، ڪنهن ڪاري چادر مٿان، ڪنهن لفظن جي مالها بڻجڻ لاءِ، ڪنهن شاعر جي شعر جي لڙين لاءِ، ڪنهن ڏکويل جي ٿڌي ساهه ڀري مٿي نهارڻ تي تسڪين ڏيڻ لاءِ........... ۽ مان وڃائجي ويو آهيان انهي ڪائنات ۾... منهنجي ڀر ۾ ڪير اچي بيٺو آهي، مان سڃاڻان ٿو ته هو ڪير آهي. هوءَ روشن آهي. اها روشن جنهن سان مون ان وقت پيار ڪيو جڏهن هوءَ شادي ڪري پنهنجو گهر وسائي چڪي هئي. ائين به ناهي ته ڪو مان ساڻس اڳ ڪو نه مليو هوس. ڪيئي دفعا مليو هو مانس، ساڻس ڪلاڪن جا ڪلاڪ گهاريا هيم. مان جڏهن به هن سان ملندو هئس ته ائين محسوس ڪندو هئس ته هوءَ روشن آهي، وڏي ماڻهوءَ جي ڌيءَ آهي، هڪ بنگلي ۾ رهندي آهي. سندس بنگلو منهنجي ننڍري بنگلي جي ڀرسان آهي ۽ ڏاڍي تيز ڇوڪري آهي بس. ايترو ئي ته کيس ڏٺو هئم ۽ پڙهيو هئم.
کيس مون ڪڏهن به سنجيدو نه ڏٺو هو. هوءَ هميشه ٽڙندي کڙڪندي رهندي هئي. مون ساڻس ڪيئي دفعا ڳالهايو هو، هوءَ ڪيترا دفعا پنهنجي ڀاءُ، پيءُ يا ڀاڄائي سان گڏ منهنجي گهر آئي هئي. يا مان کين گهمائڻ وٺي ويو هئس، ته به مونکي هوءَ روشن ئي نظر ائي هئي، جيڪا هميشه کلندي ۽ کڙڪندي رهندي هئي.
اها شام به ياد اٿم جڏهن هوءَ مون کي پنهنجي شادي جو ڪارڊ ڏيڻ آئي هئي. بي شرم به ايتري جو ڪارڊ ڏيندي چيائين:
” منهنجو گهوٽ ڏٺو اٿئي.؟
”نه“
”چڱو اچجانءِ ته مان ملائيندي مانءِ. ڏاڍو وڻندڙ ماڻهو آ.“
”توکي وڻندو آهي؟“
”وڻندو نه هجي ها ته شادي ڪيئن ڪيانس ها. چڱو ڇڏ انهيءَ ڳالهه کي تون ايندين نه؟“
”ضرور.“
”ته پوءِ تون مونکي لائون ضرور ڏجانءِ“
”ڇو“
”بس ائين ئي. سوچيان ٿي ته ٻه مٿا ٽڪربا ته ڪهڙو نه مزو ٿيندو.“
مون کلي ڏنو.
”چري آهين ڇا، روشن؟“
”چرين کي سڱ ٿيندا آهن ڇا؟“
” مان ڀانيا ٿي ......... چڱو مان وڃان ٿي“
هوءَ ائين مستي ڪندي هلي وئي ۽ پوءِ هن جي شادي ٿي ويئي. مان هنجي گهر ڪڏهن ڪڏهن ويندو هئس. پر سگهو ئي مون کي ٻاهر وڃڻو پيو. ورهيه لنگهي ويا. موٽيس ته روشن بنهه ياد ڪانه هئم.
اچانڪ هڪ دعوت ۾ ڀريل جسم سان وڻندڙ مهانڊو ڏٺم، سڃاڻڻ ۾ گهڻي دير ڪا نه ٿيم، ڀرسان وڃي آهستي چيم:
”چري ڇوڪري........“
”اڙي، گل صاحب! ڏيو خبر، ڪيئن آهيو؟“
سندس لهجو جيتوڻيڪ تڪلف وارو هو. هوءَ مون ڏانهن عجيب نظرن سان گهوري رهي هئي. هوءَ جلد ئي مون سان بي تڪلف ٿي وئي. سندس گهور ۾ عجيب ڇڪ هئي. مون محسوس ڪيو ته مون ڏانهن ڇڪجي رهي آهي۽ ڇڪ ۾ هڪ عجيب ڪيفيت ۽ سرور آهي.
جيتوڻيڪ هينئر هوءَ البيلي روشن ڪا نه هئي. هوءَ ٻن ٻارن جي ماءُ گهر هلائڻ واري سيبتي زال هئي. پر تنهن هوندي به هن ۾ ايتري ڪشش ۽ جاذبيت هئي جو هوءَ بنهه مونتي ڇانئجي وئي.
هن پنهنجي مڙس رفيق سان ملاقات ڪرائي جو پراڻي وقت کي ياد ڪندي خوش پئي ٿيو.
پوءِ ته مون روشن سان ملڻ کان ڪين گهٽايو. کيس گهر يا ٻاهر جتي به ملندو هوسانس ته هوءَ يڪدم مون ڏانهن پورو ڌيان ڏيندي هئي ۽ مون مان ته اک ئي ڪا نه ڪڍندي هئي. مون کي ائين لڳندو هو ته سندس اکين جو خمار ۽ چهري تي ڳاڙهاڻ کيس بنهه ٻي روشن بنائي ٿا ڇڏين.
پوءِ هوءَ تڪڙو تڪڙو منهجي ويجهو ايندي ويئي. مان کيس گهمائڻ وٺي ويندو هيس. سندس اکيون خماريل هونديون هيون ۽ سندس چپڙا ڪنهن مهل ڦرڪڻ لڳندا هئا ته مان آهستگي سان چوندو هو مانس : ”روشن!“
”جي؟“
” ڇا پئي سوچين؟“
”ڪجهه به ته نه“
”ڪجهه به نه؟“
”نه، ڪجهه به نه“
هوءَ وڌيڪ ڳنڀير ٿي ويندي هئي. ائين پيو محسوس ٿيندو هو ته هوءَ سوچي پئي. سوچ سندس پيڇو پئي ڪري.
نيٺ اها شام به اچي وئي جڏهن مان هن ڪائنات جي آئيني آڏو بيٺو هئس ۽ سج جي ٻڌتر، منهنجي خيالن جي ٻڌتر هئي. روشن منهنجي ويجهو ايندي وئي ۽ مونسان لڳي بيٺي.
مون کيس پڪاريو،
”روشن!“
”جي“
”ڇا پئي سوچين؟“
هن ڪو به جواب ڪونه ڏنو.
”ڇا پئي سوچين؟“
هن دفعي به ڪو جواب نه ٻڌم، ايترو محسوس ڪيم ته هنجو منهن منهنجي ڪلهن تي آهي ۽ هن جوساهه........ ۽ مون منهن ورائي سندس لال رتي مک کي چميو، هوءَ وڌيڪ ويجهو اچي ويئي، ۽ مون پنهنجي زندگي جي باب جو نئون ورق اٿلايو.
عجيب سوچون، عجيب ويچار، من ئي من ۾ ٽڙندڙ آتشبازي ۽ جذبات جي راند ۽ کليل وارن جي کيڏ. ڪنهن ڪنهن مهل، گلن جي مک چمڻ وقت ذهن ۾ ڪنڊن جو چڀڻ، من جو من کي پيڙڻ، مسلسل عذاب هڪ عجيب ڪيفيت، عجيب سرور ۽ عجيب زندگي ائين پي لڳم تي وقعي مان انسان آهيان. مان جڏهن کيس چوندو هئس:
”روشن تون منهنجي آهين.“
هوءَ جواب نه ڏيندي هئي.
”تون منهنجي آهين، روشن.“
”تون منهنجي آهين، روشن.“
”ها. گل! مان تنهنجي صرف تنهنجي آهيان.“
اهو ملڪيت جو احساس مونکي پري کڻي ويندو هو اسين ٻئي هن ڪائنات جا ٻه ساهوارا هئاسين. جيڪي هڪ ٻئي جي ساهه کي محسوس ڪندي جي رهيا هئاسين.
ائين به ته نه هو ته ڪو کيس رفيق کان ڪا شڪايت هئي. نه، هو ڏاڍو سٺو خاوند هو. هو ڪوشش ڪندو هو ته روشن خوش رهي، پر روشن ڪڏهن سندس سامهون نه کلي مرڪندي هئي نه کلي ڳالهائيندي هئي. ائين محسوس ٿيندو هو ته هوءَ دٻيل. ڪجهه گهٽيل ۽ ڪجهه اڃايل آهي.
مان ڪڏهن ڪڏهن کيس چوندو هئس:
”روشن، جي رفيق کي اسان جي هن پيار جي خبر پئجي وڃي ته.........“
هنجي منهن جو پنو لهي ويندو هو. هوءَ سوچ ۾ گم ٿي ٻي روشن بنجي ويندي هئي ۽ پوءِ اتان ئي بيهي مونکي چوندي هئي: ” اسين گناه ته نه ٿا ڪريون گل؟“
مان چوندو هو مانس: ”روشن اسين ته پيار ٿا ڪريون.“
۽ پوءِ آهستي چوندي هئي: ”گل، مونکي پيار ڪر.........“
جڏهن مان کيس پيار ڪندو هئس ته وري هوءَ روشني هوندي هئي. منهنجي روشن.
اها به ته اهڙي ئي هڪ شام هئي.
ٽڪريءَ تي هڪ ڳاڙهي شام رنگن سان ٿي راند ڪئي. ڪڏهن ٿي رنگ هاريائين. ڪڏهن ته ڪنهنجي من کي ڪٺائين........ هوءَ اچي ڀر ۾ بيٺم.
”روشن؟“
”جي“
”ڇا پئي سوچين؟“
هن دفعي هن يڪدم جواب ڏنو:
”گناهه جو احساس“
”ها گناهه جو احساس. هن ڪڪوريل شام کي ئي ڏس. گهر وڃ ۽ انهي تي سوچ، توکي محسوس ٿيندو ته اسان گناهه ڪيو آهي....... تو ڪڏهن محسوس ڪيو آهي ته مان انهي شام مثل آهيان.
”نه روشن، مون تو کي اڳ به سمجهايو آهي ته اسان پيار ٿا ڪريون!”
”اسين پيار ڪرڻ ڄاڻيندا ئي نه آهيون، گل سڀ گناهه کي جنم ڏيندڙ آهيون ۽ گناهه اسان کي جنم ڏيندو آهي.... اسان گناهه ڪيو آهي...... توکي مڃڻو پوندو ته اسان گناه ٿا ڪريون. تون اهو سوچ ته مان ٻارن جي ماءُ آهيان، جيڪي انهي پيار کي سمجهي نه ٿا سگهن ته انهن لاءِ هر نه سمجهه ۾ ايندڙ ناتو هزارين سوال کڻي اچي ٿو. اسين جيڪي کين سيکاريون ٿا تنهن ۾ گناهه جو فسلفو نه سمجهه ۾ ايندڙ فلسفو آهي. گل! نه سمجهه ۾ ايندڙ ڳالهيون گناهه ئي ته هونديون آهن.“
هن جي چهري تي عجيب سوچ ۽ ڳنڀيرتا جون ليڪون هيون. مون کيس گهرو پڙهڻ چاهيو. گهرو ڏسڻ ۽ کيس ٻڌائڻ چاهيو ته اسان پيار ڪيو آهي، اسان جي پيار ڪيو آهي........... پر هوءَ هلي وئي اڳتي پري. ........ مان اهوئي خالي، اهوئي ويرانن جو مالڪ.......... ويران! هن تي خيالن جا پٿر وڇائيندڙ هڪ مزور جنهن لاءِ گناهه ۽ ثواب جو فلسفو نه سمجهه ۾ ايندڙ فلسفو آهي.
مان اڄ جهريل جسم، جهريل ذهن سان هلان پيو، سواءِ ڪنهن خيال جي، سواءِ ڪنهن احساس جي، شايد، احساس جي منزل اها ئي آهي.

*

ڀُري پيو ڀنڀور ..!

رات آهستي آهستي مٿان ڇائنبي پي وئي ۽ ٿڌ پنهنجا پير پي کوڙيا. فضا خاموش ۽ ماحول ڀيانڪ بڻبو پئي ويو. اچانڪ انهي خاموشي م هڪ ڀيانڪ آواز گونجيو. ڪوئلي جي کاڻين جو گهگهو هو. شاني ورهين کان انهي ماحول ۽ فضا ۾ رهي هئي پر اڄ هوءَ اهڙن خيالن ۾ گم هئي جو انهيءَ گهگهو کيس ڇرڪ وجهي ڇڏيو. هوءَ پنهنجين ڦاٽل ۽ بي نور اکين جي چڌن کي ڦيرائيندي رهي ۽ هن جو ڇرڪ وچان ساهه تيزي سان کڄڻ لڳو. گهگهوءَ آخري رانڀاٽ ڪري بس کڻي ڪئي. انهيءَ سان فضا، ماحول ۽ شاني پنهنجي اڳوڻي حالت ۾ اچي ويا.
شاني پاڻ کي گهڻو اڳوڻن خيالن ۾ گم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر الائجي ڇو کيس محسوس ٿيو ته اهو سڀ بيسود آهي. آخر ماضي کي ياد ڪري به ڪيترو ڪبو. هن ڪنڌ ڌوڻيو ۽ سمجهائين ته خيال سڀ هٽي ويندا. پر سورن سٿيل خيال ائين ڪٿي ٿا ڇڏين. چاڪ چڪي اٿيا، ناسور رسڻ لڳا ۽ هن جي بي نور اکين مان بي اختيار پاڻي وهڻ لڳو. اڳيان سڀ خيال موٽي آيا جن مان هن جند ڇڏائڻ ٿي چاهي.
هن جي بي نور اکين جي آڏو ڪنهن جي تصوير تري آئي. موڪرو منهن وڏيون اکيون. چپن تي هلڪي مرڪ، هوءَ ان جي موهه ۾ موهجي وئي. الائجي ڇو اچانڪ کيس محسوس ٿيو ته اها تصوير چرپر ڪرڻ لڳي آهي. هر اها تصوير جبلن ۽ ٽڪرن جي ننڍين چوٽين تي آهي، ڪنهن مهل ڪنهن سرسبز ترائي ۾ آهي، ڪنهن مهل گهر جي آڳر ۾ آهي. پر هر ڪنهن هنڌ ساڻس ڪير آهي ئي آهي. شانيءَ انهيءَ کي سڃاتو...... هو پاڻ ئي هئي. جواني جي رتل حسن ۾ ورتل هڪ وڻندڙ ٽڙندڙ جسم، شاني پاڻ کي حسين سان ڏسي، خوش ٿيندي ٿيندي غمگين ٿي وئي. هوءَ واپس پنهنجي ماحول ڏانهن موٽي آئي. پنهنجي موجوده حالت کي ياد ڪندي، هوءِ روئي ويٺي، روئندي روئندي کيس حسين جون مٺيون ڳالهيون ياد پيون، وري هوءَ پنهنجي انڌي دنيا ۾ گم ٿي وئي.
شانيءَ کي اهو وقت ياد آيو جڏهن حسين سندس هو ۽ هوءَ حسين جي هئي. ڇا ننڍپڻ ڇا جواني، هنن هميشه گڏ گهاري ڄاتو هو. شاني، سرسبز ماٿري جي هڪ نينگر هئي. حسين انهي ئي واديءَ ۾ ڦهليل ڪوئلي جي کاڻ جو مزور هو. کاڻ جي ڪاراڻ جي حسين تي ڪو به اثر ڪو نه هو. هنجي صاف شفاف دل تي هميشه شانيءَ جو عڪس چٽيل هو.
شاني کي اچانڪ اهو وقت ياد پيو جڏهن هن کي پنهنجو گهر ٺاهي گهڻا ڏينهن به ڪو نه ٿيا هئا. ڀلا ٻن ورهين جون راتيون به ڪي راتيون ٿينديون آهن. ان وقت اڃا شادي جي خوشي، خوشي ئي هئي. شانيءَ جو پيار، اڃان پيار ئي هو. حسين جي جذبات جي اڀام اڃان اڀامندڙ هئي. مطلب ته چوطرف رنگ هئا. بهار هو ڇا ڪجهه نه هو. اچانڪ هڪ ڌڪ سان هڪ ڌڌڪاءُ جي آواز ۾ اهي سڀ ڳالهيون گم ٿي ويون. نه رڳو شاني جي دنيا ۾ ويراني ڇائنجي وئي پر انهي سان گڏ سندس دنيا انڌي پڻ ٿي پئي.
کيس چڱي پر ياد هو ته انهيءَ ڏينهن هوءَ حسين سان گڏ هڪ ٽڪري تي ويٺي هئي، هن حسين لاءِ ماني آندي هئي. هو خوش خوش ٿيو ماني کائي رهيو هو. پهاڙي علائقي جي وڻندڙ منجهند ۾ چوگرد پسگردائي ۾ ساوڪ دل کي فرحت پي ڏني. شاني البيلي ٿيو، هيڏي هوڏي ٺينگ ٽپا پي ڏنا. جيئن هوءَ جسم کي لچڪائيندي ڦٿڪائيندي، گهمي پئي، تئين سندس نظر ٿورو هيٺ ڀرو ترائي ۾ هڪ منظر تي پئي. هوءَ هٽڪي بيهي رهي. کيس الائجي ڇو اهو نظارو ڏسي لڱن ۾ سياٽ پوڻ لڳا. هوءَ انهيءَ ڳالهه کي چڱي پر سمجهي ٿي سگهي پر ته به هن جي دل کي الائجي ڇا ٿيڻ لڳو. هيٺ ڪتن جوهڪ وڏو ميڙ هو. ڪتن جي ميڙ جي وچ ۾ هڪ ڪاري رنگ جي ڪتي ماٺ ڪيو بيٺي هئي. چوڌاري ڪتن جي ميڙ کيس هراسي ڇڏيو هو. رکي رکي ميڙ مان تکا آواز ٿي آيا، نه ته هو سڀ تيز ۽ تکين نظرن سان ڪتيءَ کي تڪي رهيا هئا. انهي سان گڏ هو گهيري کي تنگ پڻ ڪندا ٿي ويا. شانيءَ کي ائين پي لڳو. ڄڻ ته ڪتيءَ جون سهميل نظرون چوگرد ڦريون پئي ۽ فرار جي راهه ٿي ڳوليائون پر چوڌاري ڪافي وڏو ميڙ هو، جن جي تکن سهڪن ۽ ڪوڪراٽن نه رڳو ڪتيءَ کي وڌيڪ هيسائي ڇڏيو هو ۽ هوءَ هڪ هنڌ خاموش بيٺي هئي. تيستائين هوءَ انهيءَ ۾ گم هئي، جسين حسين پاڻ اچي سندس ڪلهي تي هٿ نه رکيو.
”ڇاٿي ڏسين شاني“ڪا مهل لاڪر اتي بيٺي آهين.“
”تون!........ تو ماني کائي بس به ڪئي......؟“
”ها سويل....... توکي پي تڪيم، ڏٺم ٿي ته نيٺ ايندين پر تون، اتي بيهي وئين......... مان به ته ڏسان ته آهي ڇا.....؟
شاني شڪجي وئي ۽ يڪدم حسين کي ڇڪي پري وٺي وئي جيئن هو ڪجهه به نه ڏسي. الائجي ڇو اهو نظارو شاني جي دل تي اهڙو ته چٽجي ويو جو حسين جي ياد ايندي ئي اهو نظارو پڻ سندس اکين آڏو ڦري ويندو هو.
شاني حسين کي اڃا پري ڇڪي وئي ئي ڪا نه ته پريان هيٺ ترائي مان حسين کي ڪير سڏڻ لڳو.
”ڏس ته سهي الائجي ڪير سڏي پيو، ڀانيان ٿي ڪم جو وقت ٿي ويو آهي.“
”ها، وقت ته ٿي ويو آهي، شايد هن ٽڪري واري کاڻ کي ٿا بارود ڏين“
”تون به هل کڻي شايد هننن بارود وڇائي نه ڇڏيو آهي. هلو ڀلا هلو، لهو......... مان به هلان ٿي......... چڱو........... گهر سويل اچجان متان ڪچهرين ۾ ويهي رهين..“
”ها، ها، تون ڀلي هل...“
شاني حسين جو آواز ڪجهه پرڀرو ٻڌو، پاڻ تکي تکي ٽڪري جي ڇيڙي تي پهتي ۽ ٺهيل پيچري تان لهي ڳوٺ ڏانهن وڃڻ لڳي. هوءَ اڃان پيچري تي پهتي ئي مس ته کيس هڪ ڌڌڪاءُ ٻڌڻ ۾ آيو ۽ کائنس هڪ دانهن نڪري وئي.
”منهنجو حسين.....!“
هن ٽڪري پيرن هيٺان کسڪندي محسوس ڪئي، پر پوءِ جيئن تيئن گهلجندي. سلهجندي، ڌڪا کائيندي انهي پيچري تائين پهتي. جنهن تان حسين لهي هيٺ ويو هو. هيٺ اوندهه انڌڪار هو. هوءَ انهيءَ انڌڪار ۾ ٽپ ڏئي لهي پئي. کيس خبر ڪا نه ٿي پئي. هوءَ ٿيڙ کائيندي اڳتي وڌي، اچانڪ سندس پير ڪنهن نرم شيءَ تي پيو. هوءَ يڪدم هيٺ جهڪي، هڪ انساني هٿ هو. هن کان دانهن نڪري ويئي. سندس پيرن هيٺان زمين نڪري ويئي. هن لٿڙندي اچي هيٺ ڦهڪو ڪيو.......... شاني کي اهو سڀ ڪجهه چٽي طرح ياد هو. کيس اهو سڀ ڪجهه ياد هو ته انهيءَ ڏينهن کان سندس دنيا ويران هئي.
اڄوڪي رات به انهن راتين مان هڪ هئي، جيڪي هن ڦٿڪي گذاريون هيون. روئي گذاريون هيون. جاڳي گذاريون هيون. اکين کي ڇنڀيندي خال ۾ ڪجهه ڳوليندي گذاريون هيون، پر هن دانهن کان سواءِ ڪنهن جي ياد ۾ پاڻ وڃائي گذاري ڇڏيون. هاڻ ته پاڙي اوڙي واريا ٻيا مزور جيڪي کيس ڪجهه کائڻ لاءِ ڏيندا هئا تن به وساري ڇڏيو هو. اڄ شام لاڪر کيس ماني به ڏيڻ ڪير ڪو نه آيو کيس بک ته ڪانه هئي پر ته به الائجي ڇو هير هئڻ ڪري کيس ننڊ نه ٿي آئي. پاسا اٿلائيندي پٿلائيندي هن کي گهٽ محسوس ٿي. لاچار اٿي ويهي رهي. نيٺ آرام نه آيس. لٺ ٽيڪيندي ٺڙڪا ڪندي، آڳر ۾ نڪري آئي. اتي ڪجهه بيهڻ کانپوءِ خيال آيس ته ڇو نه وک پنڌ تي، مائي زينا جو گهر آهي. اتان ٽڪر وٺي اچان. نيٺ سندس قدم وڌيا ۽ هوءَ در کولي صفا ٻاهر رستي تي آئي ۽ پنهنجي اندازي تي وکون وڌائڻ لڳي. ”ڀانيان ٿي ته دير ته ڪافي ٿي آهي، الائجي، در کولين الائي نه، سمهي نه پيا هجن.“اهي وسوسا پچائيندي وڌايائين. ”ڀانيان ٿي گهر اچي ويو، ڳالهائڻ جو آواز پيو اچي.“
شانيءَ جيئن خوش خوش ٿي قدم تکا پي کنيا تيئن محسوس ڪندي وئي ته منزل ته اڃا دور آهي. آواز ساڻس هلندا رهيا. هلڪا، سس پس جهڙا آواز، چند، مردن جو ڳالهائڻ، هوءَ ڪجهه دير بيهي رهي کيس ڪجهه ڊپ محسوس ٿيڻ لڳو. آواز هٽڪي بلڪل سندس قريب اچي چڪا هئا. بوٽن ۽ پٿرن ملي ڏاڍو کڙڪو ٿي ڪيو. سندن سس پس، شاني کي ڏڪائي وڌو. اچانڪ ويجهو ئي ڪٿان شاني کي چند ڪتن جي ڀونڪڻ جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا. شاني سڄي ڇرڪجي وئي. سندس بي نور اکين آڏو هڪ نظارو ڦرڻ لڳو. ڪتن جو هڪ ميڙ، تن ۾ هڪ سهميل ڪتي، هينئر هوءَ سڄي هراسجي وئي. جڏهن سندس چوڌاري گڏ ٿيل ميڙ مان کلڻ ۽ ٽهڪن ڏيڻ جا آواز اچڻ لڳا.“ انڌي آ ته ڇا ٿيو ٺاهوڪي آهي....“ سندس بت ست ڇڏڻ لڳو. دماغ ڦرڻ لڳو، سڄو جسم نستو محسوس ڪيائين. هن چوڌاري اوندهه ۾ اکين جي چڌن کي ڦيرايو، هن جون اکيون ٻوٽجڻ لڳيون. کيس ائين لڳو ته واقعي هوءَ ڪتي آهي، چوڌاري ڪتن جو هڪ ميڙ آهي. اچانڪ ڪنهن سندس هٿ سوگهو جهليو. هن کي يڪدم ڪجهه ياد آيو ۽ هن هڪ وڏو ساهه کڻي رڙ ڪرڻ چاهي، پر ڄڀ تارون سان لڳل محسوس ڪيائين. سڪل ڄڀ کي آلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر اچانڪ ٻئي هٿ سندس وات بند ڪري ڇڏيو، هن ڦٿڪڻ چاهيو، نستي بدن ٿورو سندس ساٿ ڏنو، پر سوگهن مضبوط هٿن ۾ بي بس ٿي ويتر نستو ۽ بي ساهو ٿي وئي ۽ پوءِ جي کيس خبر نه رهي ته ڇاٿيو.
سندس بي حسي ۽ بيوسي جي انتها اها هئي جو هن ڪجهه به محسوس ڪرڻ ڇڏي ڏنو. هن پنهنجي جسم سان گڏ دماغ کي ۽ دل کي پڻ ڪجهه به محسوس ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. هو هڪ بي جان بت هو ايستائين جيستائين سندس پٺي ۾ نوڪيليون پٿريون لڳيون. هن پاڻ کي هيٺ پٿرين تي ڪپڙن کان بي نياز ولهه ۾ پيل محسوس ڪيو. هن جي بي حسي دور ٿيندي ٿي وئي. هن هاڻي ڪجهه نه ڪجهه محسوس پي ڪيو. ٿڏ، نوڪيليون پٿريون، اوگهڙ ۽ انهي سان گڏ ڦر ۽ لٽ جو احساس، اهي سڀ ڳالهيون سندس ذهن تي چٽبيون ٿي ويون. احساس وڌيو ٿي ويو. هوءَ ڦٿڪڻ لڳي، نيٺ دک درد جي پيڙا وچان کانئس دانهن نڪري ويئي ۽ پوءِ اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳي. هن جو روئڻ تيز ٿيندو ٿي ويو. هن شايد سمجهيو ٿي ته دک درد جو احساس ائين گهٽجي ويندو. پر هن محسوس ڪيو ته هن کي سڀڪجهه محسوس ٿي رهيو آهي. سڀ ڪجهه، جيڪي ڪجهه هن سان ٿيو آهي. سڀ ڪجهه هوءَ محسوس ڪري رهي آهي، هن انهي احساس کان جند ڇڏائڻ لاءِ گهڻو ئي ڪنڌ کي ڌوڻيو، ٽنگن کي سٽيو، ڀت کي اٿلايو، پٿلايو، نيٺ هڪ ڏاڍي دانهن ڪئي. جنهن دانهن سان گڏ هوءَ ساڻي ٿي اتي پئجي وئي.
کيس اچانڪ ائين لڳو ته ڪي ماڻهو اچي رهيا آهن، سندن ڳالهائڻ ويجهو پوندو پي ويو. پٿرن تي هلڻ جي کڙ کڙ صرف ٻڌڻ ۾ پي آئي. آواز شايد هن غار منجهان ٿي آيو....” اچو، تکا اچو............“ هوءَ صفا ڏڪي وئي. الائي ڇو يڪدم سندس ذهن ڪجهه سوچڻ لڳو ۽ پوءِ اتي ساڻو ٿي ويو. هوءَ اتي ساڻي ٿيو پئجي رهي. هن چاهيو ته جلدي اٿي ڪپڙا پائي پر سندس لڱ ٿڌ ۾ ساڻآ ٿي چڪا هئا. بدن چرپر کان معذور هو، اچانڪ ڪنهن رڙ ڪئي. ” اجهو هتي آهي........ پر بيهو..... توهان سڀ ٻاهر بيهو.......... ڪجهه ترسو“ هن جي ٿڌي جسم آخري لوڏو کاڌو ۽ وڌيڪ ساڻو ٿي ويو. اچانڪ هن ڪجهه محسوس ڪيو. ڪنهن جي بوٽن جو آواز هو ۽ پوءِ بوٽن جا آواز وٽس اچي رڪجي ويا. ڪنهن هڪ ٿڌو ساهه ڀريو ۽ مٿس ڪو اوڇڻ وڌو ۽ پوءِ اچانڪ هن پنهجي، بت ۾ ڪجهه گرمي محسوس ڪئي، سندس ٻانهن ڪنهن جي هٿ ۾ هئي. يڪدم هن کي ڪجهه محسوس ٿيڻ لڳو. هوءَ سڄي ڇرڪجي وئي ۽ ٽپ ڏئي اٿي ويهي رهي، بي اختيار هن هڪ رڙ ڪئي، ”وري نه وري نه! ........ نه.........! نه......! نه.......!!!“
هوءَ رڙيون ڪندي رهي ۽ روئندي پڻ رهي. هن پوءِ زمين تي کڻي منهن رکيو ۽ اتي لڙڪ هاريندي رهي ۽ پوءِ آهستي آهستي هن جا سڏڪا ڍرا ٿيندا ويا، هن شايد محسوس ڪيو هو ته هاڻ ڀنڀور ڀري پيو آهي.

*

ٽڪنڊو

”هڪ ٻه ٽي، چار، پنج......“
” هاڻي بس، وڌيڪ نه“
” زري، هيءُ پٿر جڏهن پاڻي مان لهر ۽ لهر مان دائرو بڻائي ٿو تڏهن مون کي خيال ٿيندو آهي ته جڏهن زندگي جي هن اٿاهه ساگر ۾ انسان پنهنجو جسم ڇڏي ٿو تڏهن ڪابه لرزش پيدا نه ٿي ٿئي. ڪا به لهر، لهر کي لوڏو نه ٿي ڏئي ۽ ڪو به حياتيءَ جو مسئلو دائرو بڻجي نه ٿو ڦري“
”توبهه، آخر توکي ٿيو ڇا آهي. تون مون کي هت انهي لاءِ وٺي آيو هئين ته مان ويهي يا ته تنهنجو منهن ڏسان ۽ تون لهرون ڳڻين يا ويهي تنهنجون تقريرون ٻڌان.“
”اهائي ته ڳالهه آهي زري. مون مان تون مطمئن ناهين، مون مان ڪير به مطمئن نه آهي پر يقين ڄاڻ ته مان به ڪنهن مان مطمعن ڪو نه آهيان.... سواءِ هڪ هستي جي جنهن کان لاپرواهه ٿي ڪري مان پنهنجو پاڻ ٻين مونجهارن ۾ منجهايان ٿو. جي اها هستي منهنجو مونجهارو هجي ته جيڪر مان هنن دوستيءَ جي مسئلن ڏانهن ڌيان ئي نه ڏيان.“
”اها هستي ڪير آهي؟“
”تون ڄاڻين ٿي زري؟“
“پر سليم، آخر ڪهڙو مونجهارو اٿئي، دوستن جا سور هوندا به تو وٽ تمام گهڻا آهن، نه تون ڏانهن توجه ڏين نه هو توکي ڏکوئيندا.“
”زري توکي خبر آهي ته مان انتهاپسند آهيان پيار ۾، دوستيءَ ۾، قرب ۾ ۽ جيئڻ ۾. مان فراخ دلي سان جيئڻ ڄاڻان ۽ وڏي دل سان مات کائيندو آهيان.“
”سليم سچ وڏو زهر آهي، پر جي مان ائين چوان ته تون جيئڻ نه ٿو ڄاڻين تون هر قدم تي صرف مات کائڻ ڄاڻين ۽ تون نه زندگي مان مطمعن آهين، نه زندگي جا دائرا تو مان مطمعن آهن.“
”زري .... مان.... مان..... ٺهيو زري، اٿ ته هلون“
”ساڳي مان مان نه ڪر، تون اهو ته ٻڌاءِ ته تون پريشان ڇو آهين.“
”زري – جي ڪير منهنجون نظرون چورائي منهنجي نظرن سان توکي ڏسي ۽ توسان ڳالهائي ته ڏک ڪرڻ ته آءُ به لهڻان.“
”تون ته اجاين غلط فهمين ۾ پئين پيو. تنهنجي نظر منهنجي نگاهه جو پهريون رخ آهي. چورائڻ جي همت مون کي نه ٿي ٿئي ته ڪير وڌي تنهنجي نظر چورائيندو.“
”پر زري مان دوستن يا دنيا ۾ ڪنهن جي به تو ڏانهن نظر سهي نه ٿو سگهان.“
”سليم تون يقين رک، حياتي جو هر مسئلو اسين گڏجي طي ڪنداسين.“
”اهو ته آءُ به ڄاڻان ٿو، ايترو ته يقين آءُ به ڪيان ٿو“
”پوءِ سليم اهو سڀ ٿي ڇو ٿو؟ تون پنهنجي پاڻ مان نڪري ڇو نه ٿو اچين. ”اها دنيا آهي. اهو جيئاپو آهي. شايد ڪو وقت اچي ته مان توکي ڏيکاريان ته ڪنهن رستي بيٺي هوندينءَ ۽ مان هنن وڻن جي جهڳٽن ۾ هن پاڻي ۾ پاڻي گڏيندو رهندو هوندس“
”ائين نه چئه سليم، زري دنيا نه آهي، زري تنهنجي محبوبه نه آهي. زري تنهنجي عاشق آهي. زري تنهنجي چپن جي رٺل مرڪ آهي. زري تون ۽ تون زري...آهين، سمجهئيه!“
”زري ايترو ته پيار جي پينگهي کي لوڏو نه ڏي جو ڪنهن وقت رسي ٽٽڻ سان پاڻ سنڀالي نه سگهان. مان ڊڄان ٿو زري، مان ڊڄان ٿو.“

*********************************

ريشمان هت روشني نه آهي ته اوندهه جو به راڄ نه آهي، مون وٽ مرڪ نه آهي ته ڳوڙها به ڪونهن، منهنجي اکين ۾ ڪي به پاڇولا ڪونهن جو تون ڊڄين، تون ڊڄ نه، مان توکي هن ويراني ۾، هن وهندڙ واهه جي ڪناري تي ڊيڄارڻ نه آيو آهيان. مان اڪيلائي مان پاڻ ڪڍڻ ٿو چاهيان ۽ تون ڳالهائين نٿي. تون ڪجهه ته چئه، مون کي ائين محسوس نه ٿئي ته مان هن سڄي جڳ ۾ اڪيلو آهيان.“
”جي – جي – توهان جو نالو ڇا آهي.“
”مان سليم آهيان، پر رڳو نالي جو ، نه شڪل جو نه دل جو، نه حالتن جو، نه پيار جو، مان نالي جو سليم آهيان.“
”هڪ ڳالهه پڇانءِ“
”پڇ تون هر اها ڳالهه پڇ جنهن مان تون مونکي سڃاڻين ۽ مان توکي سڃاڻي سگهان.“
”توهان ائين ڇو ٿا ڳالهايو. مون کي ته ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿو اچي.“
”تون چاهين ٿي ته مان توسان پيار جون ڳالهيون ڪيان ۽ پيسا وصول ڪيان ائين نه. ريشما! تون جي وڃڻ چاهين ته وڃين سگهين ٿي. مان تنهنجي رات خراب ڪرڻ نه ٿو چاهيان. اچي کڻ پيسا.“
”سليم صاحب، توهان ناراض ٿي ويو. سليم صاحب.“
”ريشما تون وڃ هلي، مان اڪيلو چڱو آهيان. مون کي تنها ڇڏ ته مان انهن پاڇن تي غور ڪيان جنهن ۾ مان زري ۽ ظفر جي پاڇولن کي هڪ ٻئي ۾ گم ٿيندو ڏسان. مان انهن پاڇن جي تاريڪي پنهنجي منهن تي وڇائڻ ٿو چاهيان. مان ان زري جي چپڙن تي وفا جي نشانين کان ڪجهه پڇڻ ٿو چاهيان. ظفر جي قرب ۽ پيار ۾ پاڻ ڳولڻ ٿو چاهيان ۽ کيس مان زري جي جهوليءَ ۾ ڏسي نه ٿو سگهان. مون کي ظفر کپي. مونکي زري کپي. پر مونکي شايد ڪير نه گهرجي. مان اڪيلو چڱو آهيان.“
”زري ڪير آهي.“
” ريشمان اها ڪير به ڪانهي – تون هلي وڃ – مان توکي انهي لاءِ چوان ٿو جو تون هلي ويندينءَ ۽ مان خيالن جا ڄار اڻندو هندس.“
”اهو صحيح آهي ته مان ريشمان آهيان ۽ زري نه پر جي خود غرض ٿي چاهيان ته زري جي جاءِ ولاريان. شايد والاري سگهان.“
”شايد نه. تنهنجي ڳالهائڻ ۾ ڪا نواڻ ڪانهي تون رات گذاري هلي ويندين ۽ شايد ڪڏهن ياد به نه ڪرين، مان جي هن اونده ۾ گهرو ٻڏندس ته شايد اک به نه پٽيان.“
”ايئن نه چئو. توهان جي اونده توهان جي روشني آهي. جي توهان زري کي خلوص ڏنو هوندو ته هوءَ به خلوص آڇيندي. سليم صاحب، عورت جي وفا جو مجسمو نه آهي ته پيار جو پالوٽ ته آهي. جي پالوٽجي ته دريا وهيو وڃن ۽ حيات جي اکين ۾ مشعالون ٻريون پون.“
”پيار – پيار جي پالوٽ - حيات، حيات جون مشعالون – اهڙو مذاق مون سان ٿيو ناهي.“
” توهان پيار جي پينگهه لڏيا آهيو پر شايد ان جي جهوٽي سهڻ جي طاقت توهان ۾ نه آهي. توهان جو پيار توهان کي ملندو. ظفر توهان کي ملندو. زري موٽي ايندي ۽ دوستي ۽ پيار هميشه قائم رهندو. پر مان توهان کي وساري نه سگهنديس. مان وڃان ٿي وري نه ملون مان هت پيار ۽ قرب جا پاڇولا ٿي ڏسان. شايد توهان پاڻ کي انهن خيالن جي ڄار مان ڇڏائي سگهو ۽ غلط فهمين کي دور ڪري سگهو. توهين ڏاڍا سٺا آهيو پر منجهيل آهيو. توهين وڻو ٿا پر منهنجو جسم توهان کان دور چڱو آهي.“
”ريشمان، ريشمان، تون ڪاڏي هلي وئين. هي اونده هيءُ پاڻي، هيءَ چمڪ هي ءَ جهڪي روشني، هيءُ اک جو پاڻي، هت ته ڪير به ڪونهي. شايد منهنجو پنهنجو ڄار آهي. منهنجي پنهنجي انا آهي جا هر فرد، هر ماحول سان وچڙي ٿي. هت به تسڪين نه آهي. مان شايد مان آهيان. پنهنجي انا جو غلام، سرڪش انا جو رانديڪو. هر هنڌ وفا ۽ پيار جو مجسمو ۽ مليم ٿي بي وفائي ڪنهن جي پيار جي. شايد اهائي آهي بي وفائي انا جي – خودي جي -! هيءُ قميص ڇو ڦاٽي پئي آهي. هيءُ منهنجي مغز مان رت ڇو ٿو وهي، هيءُ رت ۾ لال پٿر، هيءُ فضا سڀ لال، ڇو شايد پنهنجي انا زخمي ٿي پئي آهي. انا مري رهي آهي اونده انڌوڪار، روشني ڪيو. مونکي هن اوندهه مان ڪڍو. روشني ڪيو. هي اوندهه هي تاريڪي.
روشني ڪٿي آهي. هيءُ ترورا ڇا جا آهن. مستطيل چوڪور – ٽڪنڊا – منهنجو جسم هن ٽڪنڊي ۾ ڦاسي پيو آهي. مون کي هتان ڪڍو - روشني ڪيو ڏينهن ڪيو، روشني-!

*

پيار جي ريکا

هن آهستگي سان گلن سان ڀريل مٺ کولي ۽ آڱرين کي ويڪرو ڪري ڇڏيو، پتيون هيٺ ڪرڻ لڳيون. باقي ٽي ننڍڙيون پتيون بچيون. هن انهن کي ڦوڪ ڏني. اهي به اڏامي ويون. سندس آڏو هڪ خالي تري هئي. جنهن تي ڪي آڏيون ابتيون سبتيون، ريکائون هيون. سندس اکيون وڌيڪ گهريون ٿي ويون. هوءُ انهن لڪين کي گهورڻ لڳي ۽ ليڪون به گهريون ۽ ڳوڙهيون ٿينديون ويون. نهاريندي نهاريندي سندس اکين مان ٻه ٽي ڳوڙها ٽميا ۽ سندس انهيءَ تري تي ڦلهجي ويا. هن ٻئي هٿ سان انهن ڳوڙهن کي تريءَ تي ڦهلايو ۽ پوءِ ائين ملڻ لڳي ڄڻ ته هوءَ انهن ڳوڙهن سان هٿ جي ليڪن کي ته ميٽِي نه سگهيا پر ڪنهن کي سندس ويجهو اچڻ تي مجبور ڪيائون.
هن رڙ ڪئي:
”منهنجي ويجهو نه اچ، مون کي ڇڏي ڏي، منهنجي....“
هن هٿن ۾ منهن لڪائي روئڻ شروع ڪوي ۽ پوءِ اتي ڪير به ڪو نه هو. هوءَ روئندي رهي اچانڪ هن کي ماٺ اچي وئي. هن ڳوڙها اگهيا ۽ ٻاهر نڪرڻ لڳي. هن کي ائين لڳو ته پيرن سان هوءَ ڪجهه لتاڙي رهي آهي. ڪجهه نرم نرم، ڪجهه نازڪ نازڪ، هن هيٺ نهاريو. گلن جون پتيون هيون. چيڀاٽيل چيڀاٽيل. هن کي ائين محسوس ٿيڻ لڳو ڄڻ ته هو رنيون آهن ۽ روئي پاڻ وڃايو اٿن. هوءَ هيٺ جهڪي ۽ چيڀاٽيل پتين کي چونڊن لڳي. پر پوءِ هن اهي چونڊيل پتيون به هيٺ ڦٽيون ڪيون ۽ زور سان انهن کي لتاڙيندي ٻاهر نڪري وئي.

”شمع هٿ ته ڏي“
”ڇو؟“
”مان تنهنجو هٿ ڏسندس“
”اظهر، منهنجي هٿ ۾ ڇا آهي.“
”پيار جي ليڪ. پيار جي وڻندڙ ريکا“
”اظهر –“
”ڇو، تو هٿ ڇو ڇڏايو“
”پيار جي ڪا به ليڪ نه ٿيندي آهي“
”نه مان سچ ٿو چوان شمع، تون ڪيترو به ضد ڪر ته تون ڪنهن سان پيار ڪري نه ٿي سگهين. پر هيءُ هٿ، هيءَ ريکا، مون ڏانهن نهار شمع هيڏي ڏس“
”نه اظهر، پيار بڪواس آهي، امان اهو اکين ۾ نهارڻ ۽ دل ۾ نهارڻ وارو پيار ڪري نه ٿي سگهي. اسين مائٽ آهيون، اسين دوست آهيون. اهائي وڏي ڳالهه آهي.“
”شمي تون نه ٿي ڄاڻين ته تون منهنجي ڪائنات آهين. تو مون کي خواب بخشيا آهن. مون کي زنگ بخشي وري به رنگي ته نه ڏي. شمع مان انهيءَ لاءِ تيار ن آهيان. سهارو ڏئي مون کان سهارو ته نه کس“
”اظهر اجايون ڳالهيون نه ڪر. مان ڪمزور ڇا ڪنهن جو سهارو بڻبس. مان خود پاڻ لاءِ هڪ مونجهارو آهيان. اهو به ته نه ٿي ڄاڻان ته مان ڇا آهيان. مان صرف اهو ڄاڻان ٿي ته مون کي اڳتي وڌڻو آهي. مان وڻن جي ڇانو ۾ ويهي پريت جا گيت ڳائي نه ٿي سگهان. مان پنهنجي لاءِ پاڻ وٽ پيدا ٿيل پريت جو موت نه ٿي آڻي سگهان.“
”پر شمع تنهنجي پيار جي ريکا توکي ضرور مجبور..“
”مان پيار جي ريکا مان نه ڄاڻان اظهر! مان انهيءَ ۾ يقين نه ٿي ڪريان. مان خود پيار ۾ يقين نه ٿي ڪريان. مان پيار جي دشمن ۽ پيار جي ريکائن جي قاتل آهيان. سمجهئيه. مون ۾ طاقت آهي ته مان انهن کي ميٽي سگهان – پر مان ائين ڇو سوچيان. مان ته، مان ته سڌي سنواٽي ڪاليجي نينگر آهيان. اظهر مون کي ڇڏي ڏي - اظهر مون کي ڇڏي ڏي.“
”شمع، شمع او شمع.“
”هون،“
”رٺي آهين ڇا؟“
”نه، ڇو، نظر ؟“
”ماٺ ۾ آهين“
”ماٺ ۾ هجڻ ڏوهه آهي ڇا؟“
”ڏوهه ته ڪونهي پر ڏس نه ته اسين ڪهڙي فضا ۾ آهيون ڇا ته پيارو ماحول آهي، هو ڏس ته پکي ڪيئن لاتيون پيا لنون. هو ڪڪرن جي راند ڏس، مٺڙي هوا جا لوڏا.“
”پوءِ ڇا ٿي پيو، اهي ته سڀ هوندا آهن، سو انهن جي ڪري ڇا ٿي پيو.“
”شمع آخر ڇو، ائين ڇو، تون اهڙي ڇو آهين.“
”مان ڇا آهيان؟“
”تون سندرتا ۽ معصوم ڪلا جو ميلاپ آهين. تون بهار جي خوشبوءَ، فضا جو سرور آهين. تون چنڊ جي چانڊوڪي، ستارن جو نور آهين. تون خواب جي دنيا، تعبير جو روپ آهين – تون“
”نظر، توکي ڇا ٿيندو ٿو وڃي، هيءُ ڇا پيو چئين، دماغ ته ٺيڪ اٿئي، اجايو پيو بڪين.“
”ها، مان بڪان پيو. شمع تون سخت سنگدل آهين. شمع توکي مون تي رحم به نٿو اچي. شمع ايڏي تون بي رحم ڇو آهين- شمع.“
”مان سمجهي نه ٿي سگهان ته هيءُ ڇا آهي. هڪ ته تون مون کي هت شهر کان پري وٺي آيو آهين. ٻيو تون الائجي ڇا پيو چئين. سنگدل، بي رحم، الائجي ڇا، هل نظر، واپس هلون. تون شهر ۾ ٺيڪ هئين، هت اچي الائجي توکي ڇا ٿي ويو آهي. هل ته شهر هلون.“
”پر شمع منهنجو ڇا ٿيندو.“
”ڇا ٿيندو!“
”شمع تون منهنجي آهين. مون کي توسان پيار آهي شمع.“
”پيار! ڇا جو پيار، ڪهڙو پيار!“
”اڻ ڄاڻ نه بڻج شمع.“
”مان اڻ ڄاڻ نه آهيان نظر، پر اهو توکي ٻڌائي ٿي ڇڏيان ته مان پيار ۾ يقين نه ٿي رکان. پيار فلمن ۾ ٿيندو هوندو، زندگيءَ ۾ نه. سمجهيئه. پيار دوکو آهي، فريب آهي. اسين ٻئي دوست آهيون ۽ دوست ئي رهنداسين. باقي انهي پيار ۽ محبت مان مان نه ڄاڻان. پيار زندگيءَ جو وڏو فراڊ آهي. سمجهيئه وڏو فراڊ.“ ”نظر تون هيءَ موٽر ڪيئن پيو هلائين، نظر، پاڳل ته نه آهين. نظر اسپيڊ ته ڏس.“
”ها، مان پاڳل ئي سهي.“
”نظر مان ڊڄاڻ ٿي نظر، مان توکان نفرت ڪرڻ لڳان ٿي، نظر، مون کي توکان سخت نفرت آهي. نظر، گاڏي آهستي ڪر نظر- نظر، مون کي توکان نفرت آهي، نظر.“

”عزيز! مان توکي ٻڌائي چڪي آهيان، ته محبت جي ڄار ۾ ڦاسي نه ٿي سگهان.“
”پر، شمع محبت ڪئي نه ويندي آهي. محبت بي اختيار جذبو آهي. محبت ۾ مٺڙن جذبن سان جڏهن همڪنار ٿبو آهي تڏهن ڏس ته اهو فريب آهي يا زندگي جو وڏ سچ. تون پيار کي فراڊ چئه يا دوکو پر پيار پنهنجي جاءِ تي زندگي جو وڏو سچ ۽ حقيقت آهي.“
”عزيز- مان ائين نه ٿي چوان ته ڪو پيار آهي ئي ڪونه. پيار آهي پر اسان لاءِ نه، جيڪي رت، گوشت ۽ گند جا ٽڪرا آهيون. اها شيءِ انهن روحن لاءِ آهي. جيڪي ابدي زندگي حاصل ڪن ٿا ۽ پوءِ پيار ماڻين ٿا. هيءُ جيڪو پيار ڏيکاريو وڃي ٿو اهو سڀ دوکو آهي، جسمن جو سودو آهي. پيار هڪ روحاني ڪيفيت آهي ۽ اسين روح ناهيون. اسين انسان آهيون. گند جا ٽڪرا، پيار جي حقيقت آهي ته اسين فراڊ آهيون. اسان جو پيار به فراڊ ۽ دوکو آهي.“
”پر شمع اسين به ته ڪنهن روح جا مالڪ آهيون. اسان وٽ به ته روح آهي جنهنڪري جسم جو گاڏو پيو گهلجي. شمع تون هن دنيا ۾ اڪيلي رهي نه ٿي سگهين. توکي روح جو سهارو وٺڻو پوندو ۽ جسم – جسم جو تقاضائون به پوريون ڪرڻيون پونديون. شمع تون مون ڏي نهار، رڳو هنن اکين ۾ نهار، توکي زندگيءَ جو وڏو سچ نظر ايندو. تو کي هڪ مها ساگر نظر ايندو. مان تو کي ان ساگر ۾ لوڙهي ڇڏڻ ٿو چاهيان. شمع – پر تون روئين ڇوٿي. شمع، شمع، تون روءُ ته نه-“
”عزيز، مان اهو برادشت ڪري نه ٿي سگهان ته ڪو منهنجا نظريا غلط آهن. مان صحيح آهيان عزيز! مون کي ائين نه چئه ته مان تنهنجي اکين ۾ نهاريان. مان سخت ڊڄڻي آهيان. مان انهي ساگر ۾ لڙهڻ نه ٿي چاهيان. مان ڊڄڻي آهيان. مان پار کان ڊڄان ٿي عزيز. مان پيار ڪريان ۽ پوءِ ڇا ٿيندو. پر مان پيار ڪريان ڇو. مان پيار نه ڪنديس. مان پيار ڪري نه ٿي سگهان. مون کي پيار نه کپي، مون کي همدردي کپي. مون کي دوست کپي. مون کي ساٿي گهرجي.“
”۽ اهو ساٿي جيڪو توکي پيار نه ڪري ائين نه! پاڳل. ڀلا ڪو همدرد، دوست يا ساٿي بنا پيار جي ڪئين ٿيندو. هو ضرور توکي چاهيندو توکي ڀائيندو توکي پيار ۽ محبت جي ضرورت آهي. شمي، تون فرار حاصل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪر، پاڻ کي دوکو نه ڏي، توکي پيار جي ضرورت آهي.“
”نه عزيز نه. ائين نه چئه. منهنجا خيال، عقيدا، منهنجا نظريا.“
اهي سڀ انهن ڳوڙهن ۾ وهي ويندا.“
”ائين نه چئه.“
”تون مون کي پنهنجو هٿ ڏي.“
”نه، نه، تون به مون کي يقين ڏيارڻ ٿو چاهين ته منهنجي هٿ تي پيار جي، محبت جي ريکا آهي. ائين نه، نه، اها ريکا ڪانهي عزيز، بنهه ڪانهي مان چوان ٿي ته اها ريکا ڪانهي.“
”نه مان توکي هيءُ گل ڏيڻ ٿو چاهيان.“
”گل، گل، تون مون کي ڪجهه به نه ڏي عزيز، تون منهنجو ڪجهه به نه آهين. مان به تنهنجي ڪجهه به ته نه – مون کي ڪنهن سان پيار ڪونهي. مان ڪنهن پيار ڪري نه ٿي سگهان. منهنجي هٿ تي چون ٿا ته ريکا آهي. پر مان چوان ٿي ته ريکا ڪانهي. پيار جي ريکا ڪانهي. پيار جي ڪا به ريکا ڪانه ٿيندي آهي. ڪا به نه ٿيندي آهي. هي گل – هيءَ ريکا.“

بند ڪمرو، کيس پنهنجي ساه کڻڻ جوآواز به پئي ٻڌڻ ۾ آيو. هوءَ واپس ڪمري ۾ موٽي آئي هئي ۽ اڃا جاڳي پي. هن جي اکين مان ننڊ نڪري رات جي ڪاراڻ ۾ رچي وئي هئي. هن دري کولي. سامهون رات هئي. ڪاري اٻاٽ رات. هن ڏاڍيان ٿڌو ساهه ڀريو، کيس موٽ ۾ ٿڌي ساهه جو آواز مليو ۽ آهستي آهستي هوءَ وڏا ساهه کڻڻ لڳي. کيس محسوس ٿيڻ لڳو ته هوءَ هوش ۾ اچي رهي آهي.
اچانڪ کيس لڳو ته سندس ڪمري ۾ ڪير آهي. هن کي ڳرن ٿڌن ساهن جو آواز ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳو. هوءَ ڇرڪي وئي، هن ڳالهائڻ چاهيو. آواز سندس خشڪ نڙيءَ ۾ گم ٿي ويو. هن ڪنهن آسري، گهوري اونداهه ۾ نهاريو، کيس ائين لڳو. ته سندس آڏو سوين ليڪون پيو ڦرن. سنهڙيون ٿلهيون عجيب ريکائون. هن فضا ۾ هٿ هلايو. سندس عمل ٻاراڻو هو. هوءَ وري هٿ هلائيندي، ڄڻ ته ڪا ليڪ جهٽڻ جي ڪوشش ڪندي هجي. اچانڪ هن کي ڄڻ ته ڪنهن ڌڪو ڏنو، هوءَ سڄي ڏڪي وئي. رات جي چمڪندڙ اونداهي سندس پيشاني تي آيل پگهر جي ڦڙن کي پرهه ڦٽي جي ماڪ جو روپ ڏئي ڇڏيو.
اهي ماڪ جا ڦڙا فضا ۾ چمڪيا، ڪير اٿيو. ميز ڏانهن وڌيو، وري ماڳ موٽيو. چمڪ ۾ چمڪ جو اضافو اچي ويو. سندس هٿ ۾ ڪا تيز ڌار چمڪي رهي هئي.
هوءَ چمڪندڙ اونداهيءَ ۾ روشن ليڪ ڏسڻ لڳي. هن اها ڏٺي پوءِ وري ڏاڍي پاٻوهه سان، انهيءَ تکي ڌار سان کيس ڇلڻ لڳي. ليڪ ڇلجي رهي هئي ۽ ان جا رت ڦڙا هيٺ ڪرندا رهيا. هوءَ سڪون سان پنهنجي ڪم ۾ مشغول هئي. اچانڪ هن ٿڌو ساهه ڀريو ائين جيئن ڪو پورهيت ڪنهن پورهئي ختم ڪرڻ کانپوءِ ڀريندو آهي.
هن هٿ ڏانهن نهاريو. رت جي نڪرندڙ ڦڙن ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ سندس نگاهه فرش ڏانهن کڄي وئي. کيس اتي زندگي نظر آئي. هن اڃا به گهوريو. اوندهه سندس ساٿ ڏنو. کيس گلن جون پتيون مرڪنديون نظر آيون. هوءَ وڌيڪ جهڪي وئي هن کي لڳو ته سندس رت جا ڦڙا انهن مرجهايل چيڀاٽيل پتين کي زندگي بخشي رهيا آهن. گلن جون پتيون مرڪڻ لڳيون هيون. الائجي ڇو گلن ۾ زندگي ڏسي کيس درد محسوس ٿيو. اکين مان ڳوڙها ٽمڻ لڳا، هن هٿ کڻي ورتو. سندس ڳوڙها هيٺ ٽمڻ لڳا. هوءَ روئندي رهي،روئندي رهي ايستائين، جيستائين گلن جون پتيون وري نه مرجهائجي ويون.

دربان

مون جڏهن به ڪنهن شهر، ڳوٺ يا وستيءَ تي نظر وڌي آهي ته مان ان ۾ لڪل تاريخ کي ڳولي هٿ ڪري پوءِ ان سان ڪو ناتو ڳنڍيندو آهيان. منهنجو عقيدو آهي ته سنڌ جي هر شهر هر ڳوٺ کي پنهنجي تاريخ آهي ۽ خاص طرح جڏهن اوهان ان تي گهري نظر وجهندئو ته اها تاريخ اتان جي گهٽين رستن، باغن بستانن، گهيڙن گهٽن، گهرن، حويلين، قلعن برجن جي ڪهاڻين تي آڌار رکندڙ هوندي. مان هر انهيءَ هنڌ جي ڪهاڻي کي تاريخ جو اهم حصو ڪري سمجهندو آهيان. ڇاڪاڻ ته اهي گهيڙ ۽ گهٽ، واٽون ۽پنڌ منهنجي وطن، منهنجي ماڻهن جي ڪردار ۽ اٿڻي وهڻيءَ کي نمايان ڪن ٿا. هر وڻ ٻوٽو به ڪا نه ڪا تاريخ رکي ٿو ۽ تاريخ جيڪڏهن انهن ننڍين ڪهاڻي کان خالي هجي ته تاريخ جا ڪردار، ڪردار نه رهندا. تاريخ جا بخيا هميشه اڊڙيل رهندا جيستائين ان، ماڻهن سان گڏ وڻ ٻوٽي، ڪليءَ ڪاٺيءَ، گهٽيءَ گهيڙ جي ڪهاڻين کي پاڻ ۾ نه سموهيو آهي.
مثال طور منهنجو ڳوٺ آهي، ان کي وڏو تاريخي پس منظر آهي ته اهو ڪنهن مسلمان بادشاهه ٻڌرايو هو. پر ان جي ڪهاڻي شهر بنجڻ تائين، تيستائين مڪمل نه آهي جيستائين اسين قديم اڏاوتن جو ذڪر نه ڪنداسين، جيستائين سندس باغن ۽ بستانن جو ذڪر نه ڪنداسين، جيستائين پراڻن کوهن ۽ واهن جو ذڪر نه ڪنداسين، جن ساڻ هر دور جي ماڻهن جو ذهني ڳانڍاپو رهيو، ڪردار جي تخليق ٿي، ڪردار سيني در سيني ذهن اندر ذهن جي پرورش ڪئي ۽ ان پرورش اسان کي ماڻهو ڏنا. مڙد مٿير ڏنا ۽ ائين ماڻهن ۽ مڙد مٿيرن جي تاريخ ٺهي، پر جي تاريخ رڳو ماڻهن جي تاريخ ليکبي ته اهو منهنجي ڳوٺ، منهنجي وستي، ان جي وستار ۽ وستوئن سان ظلم ٿيندو. ان ظلم کي روڪڻ لاءِ مان پرچار ڪندو رهندس. ڇاڪاڻ ته مان هڪ اهڙي ڳوٺ جو رهواسي آهيان. جنهن جو تاريخ ۾ حصو آهي. جنهن جي ماڻهن جو تاريخ ۾ ذڪر آهي. پر تاريخ ڪٿي به اتي جي ڪنهن به گهر، حويلي، گهٽيءَ گهيڙ، وڻ يا کوهه جو ذڪر نه ڪيو آهي، جن انهن ماڻهن کي تاريخ جو حصو بڻايو آهي. منهنجي سامهون اها حويلي آهي. جنهن جا هاڻ پاسا ڀريل آهن، پر اڄ به اسان اتي جي رهواسين پنهنجي عزم سان ڳنڍ ٽوپا ڏئي ان کي دائم ۽ قائم رکيو آهي. اهي گهيڙ گهٽ آهن، جن تي چوڪيون ڏيندي اسان پنهنجي ۽ پنهنجي گهر جي عظمت برقرار رکي. اهي ڪپيل باغ آهن، جن جي وڻن جو هڳاءُ اڄ به اسان جي ذهنن کي تازه دم رکندو اچي.
انهن ڪهاڻين کي گهڻا ڏينهن نه ٿيا آهن. منهنجي سانڀر جي ڳالهه آهي، مان پنهنجي ابي امان ۽ ادين سان گڏ هڪ وڏي ويڙهي ۾ رهندو هوس ۽ اهو ويڙهو پنهنجي خانداني روايتن سان هڪ وڏي حويلي ۾ رهندو هو. جن به منهنجو ڳوٺ ڏٺو آهي، سي ان حويليءَ جي عظمت کان واقف هوندا. هيءُ انوقت به چڱڙو شهر هو ۽ اڄ به چڱو وڏو شهر آهي. شهر کان پاسيرو هڪ وڏي دڙي تي اها حويلي آهي. جنهن کي چوڌاري هڪ وڏي قلعي نما ڀت آهي، جيڪا سندس رهواسين کي حفاظت مهيا ڪري ٿي. جيئن ئي حويلي کان نڪربو ته هيٺ رستي تي اچڻ لاءِ هڪ سهڻو گهيڙ آهي. جيڪو آهستي لهي رستي تي اچي ٿو دنگ ڪري. ٻآرڙن جي حفاظت لاءِ گهيڙ کي اهڙو گهڙيو ويو آهي جو ڪومل پير به ان جي گهڙائي کي محسوس نه ڪري سگهندو. گهيڙ تان لهي رستي تي اچبو هو ته سامهون اسان جي وڏن جو باغ نظر ايندو هو، کجين جو باغ. رستي ۽ باغ سٻنڌ ائين هو جو اهو رستو حويليءَ ۽اوطاق جو ساٿ ڏيندو اڳتي ٿي هليو ته باغ به هڪ سائي پٽي وانگر سائو رستو ٺاهيندو ساڻس اڳڀرو ٿي ٿيو ۽ ان موڙ تائين ٿي هليو جت رستو، رستو نه ٿي رهيو ۽ باغ اتي ئي لنگر لاهي ٿي ڇڏيو. اڳڀرو گهٽيون هيون، جن مان لنگهندي ڪنهن به بندش جو احساس نه ٿي ٿيو، ڇاڪاڻ ته ميدانن جي ڪشادائي اڳڀرو منتظر هوندي هئي.
مان ننڍي هوندي پٽي کڻي، جڏهن ملان مڪتب ويندو هوس ته گهيڙ تان لهندي جي ڊوڙ پائيندو هيس ته سڌو وڃي رستي ته بيٺل دربان کجي کي ڀاڪر پائيندو هوس. هيءَ کجي حويليءَ جي لنگهه جي منهن تي هئي. سندس سونهري ڇوڏا صبح ويلي جڏهن ڪرڻن جي من مستيءَ ڪري سون ورني سونهن بخشيندا هيا ته مان چاچي علي محمد کي چوندو هوس: ”چاچا، هي کجي ته سوني آهي،“ ۽ چاچو جيڪو روز صبح جو سوير اسان ٻارن کي کنڀي ٻاهر گهمائڻ وٺي ويندو هو، هميشه چوندو هو: ” بابل، اسان جي ڌرتي سڄي سوني آهي، پوءِ هيءَ کجي سوني ڇو نه ٿئي.“
مان ۽ چاچو صبح جي سير تان موٽڻ کان پوءِ کجيءَ وٽ ضرور بيهندا هياسين. چاچي نبي بخش ۽ گل محمد وارا سير تان واپس ايندا هيا ته چوندا هئا: ”جڏهن ڏسو ته هيءُ چاچو ڀائيٽو دربان وٽ بيٺا آهن.“ ۽ چاچو علي محمد مرڪي ڏيندو هو. مان چاچي کان پڇندو هوس: ”چاچا، هن کجيءَ کي دربان ڇو ٿا چون؟“ چاچو کجيءَ جي اوچائي ڏي ڏسندو هو ۽ چوندو هو :” بابل، مٿي نهار هيءَ کجي توکي ٻين کجين کان اوچي لڳي ٿي يا نه ؟“
”ها چاچا، هيءَ کجي حويلي مان به ڏسبي آهي، هيءَ حويلي جي لنگھه وٽ دربان وانگر بيٺل آهي. سڌي، اوچي، اڏول ڪو ڦيڏ، ٽيڏ، ڦير يا ڦند به ته ڪونهيس. هيءَ کجي اسان جي حويلي جي دربان آهي. پٽ! تو کي خبر ڪانهي! پٽ، جڏهن به هن حويليءَ تي چورن اچڻ جو ارادو ڪيو آهي ته هن کجي هميشه کين ڊيڄاري ڀڄايو آهي. جڏهن رات جو اونداهي ۾ هن کجيءَ جو ڏيل ڏسندا آهن ۽ هوا جي زور تي سندس آرو آرو ورندو آهي ۽ مٿن وار ڪندو آهي ته هنن کي جتي به هٿ نه ايندي آهي.“
ائين چاچو علي محمد مون کي ورهين جا ورهيه دربان کجي جي ڪهاڻي ٻڌائيندو هليو ۽ ان جي عظمت ايتري ته منهنجي مٿان ڇائنجي وئي جو مان جڏهن ان کجي وٽان لنگهندو هوس ته نئڙي سلام ڪندو هوس ۽ مون کي ائين لڳندو هو ته دربان به جواب ۾ ٿورو جهڪي نئڙي آهي. مان وڏو ٿيندو ويس. منهنجو بت ڀربو مضبوط هڏ ڪاٺ وارو ٿيندو ويو. منهنجا سوٽ ماسات به مون سان گڏ قداور ۽ سهڻي هڏ ڪاٽ وارا ٿيندا ويا. هاڻ اسين زمين جو ڪم ڪار به سنڀالڻ لڳا هياسين، مان جڏهن سوٽ گلڻ، نصير، نازڻ ۽ شيرل سان واندڪائي ۾ وهندو هوس ته کين چوندو هيس.”اچو ته هلي دربان وٽ ويهون.“ هو به منهنجي ڳالهين ۽ چاچي علي محمد جي ڳالهين مان دربان کجي جي عظمت کي گهڙي پل لاءِ به هيٺ ڪرڻ لاءِ تيار نه هيا. مان به جتي چاچو علي محمد دربان جي داستان کي ڇڏيندو هو، اتان کڻندو هيس.
”شيرل، توکي خبر آهي ته دربان جا ڏوڪا ۽ڪتل ڇو ايڏا مٺا آهن. ڇاڪاڻ ته هن ڌرتي جي مٽي ۾ ڪڙاڻ جو نالو ئي ڪونهي. هتي جو پاڻي، مصريءَ مليل پاڻي آهي، هتان جا کوهه ۽ واهه سنڌوءَ مان پاڻي کڻندا آهن. جنهن سنڌوءَ کي ازل کان ابد تائين وڏڙن جي دعا آهي ته ان جو پاڻي ڪڏهن کارو نه ٿيندو. دربان سنڌوءَ جي مٺي پاڻيءَ ۽ مصري هاڻي ڌرتيءَ جو ميلاپ آهي. اهڙا ڪيئي دربان اسان جي وطن ۾ پکڙيل آهن. ڪو جيڪر انهن جو خيال ڪري ڏسي گلڻ، ڌيان سان ٻڌ. جي اسين دربان کي ايترو نه ڀانئيون ته جيڪر اهڙو مٺو ڦل به نه ڏئي ۽ ائين اسان جو خيال به نه ڪري.“
ائين نه هو ته ڪو دربان کجي رڳو اسان جي هئي پر ڳوٺ وارا به سندس ڏنگ ڏونڪا، ڪتل کائڻ لاءِ حيران هوندا هيا. چاچو علي محمد دربان کي پنهنجي سنڀال هيٺ رکندو هو. وقت اچڻ تي ان جي ڀريل ڇڳن تي تڏهن چاڙهائيندو هيو ۽ جڏهن ڪتل لهندي هئي ته تبرڪ طور حويلي جي هر گهر ۾ ويندي هئي ۽ وڏڙيون خاص طرح چاهه سان کائينديون، کارائينديون ۽ چونديون هيون:” ابا، دربان وڏڙن جي پوکيل آهي. جيڪو هن جي رس ڀريل ڪتل کائيندو. اهو وڏڙن جي دعا به ماڻيندو.“
جڏهن به عيد جو چنڊ ڏسبو هو ته وڏڙيون چونديون هيون : ”ابا دربان جي مٿان نهاريو ۽ کجي جي مٿين شاخ اڀي ٿي ضرور ان ڏانهن اشارو ڪندي. جي چنڊ نه هوندو ته شاخ اڀي ٿي نه ورندي.“
پر چوندا آهن ته هر بقا جي فنا آهي. حويلي ۾ رهندڙ ڪٽنب وڌندا ويا. نينگر وڏا ٿيندا ويا. جاءِ سوڙهي ٿيندي وئي ۽ پٽن جي ضرورت محسوس ٿيڻ لڳي. وڏڙا ويٺا ورهاستون ٿيون. حويليءَ جا حصا ٿيا ته باغ به وراهيو. اڃا ورهاست کي ڏينهن ئي نه ٿيا ته چيائون باغ وڍايو ته پٽ ٺهن ۽ جايون جڙن. مان اها گهڙي ڪيئن وساريندس. جڏهن چاچو علي محمد جنهن جو هاڻ پيريءَ ڏانهن پير هيو. پڙ ڪڍي بيٺو. چائين: ”اڙي. ڇو ڇتا ٿيا آهيو. اول چار ڏوڪڙ جوڙيو پوءِ ڪيو خيال جاين جوڙائڻ جو. اهو ته ٺهيو، هليا آهيو باغ ڪپائڻ. چار پيسا ملنو ٿا. اهي به ٿا وڃايو، اها ڪا ڪيو جو مينهن وسندي ڪم اچيو.“
پر، سائين شل نه گهر ڦٽي، ڀائر اچي ڦٽا، سوٽن ۾ سيٽ گهڻي ماساتن ميسڻي نموني سان وار ڪيو ۽باغ ڪپجي ويو. اسين ته ننڍا نينگر هياسين چاچو علي محمد پنهجي پراڻي ڏڦي هوندي به هنن سان وڙهي نه سگهيو.
اها منجهند به عجيب هئي، چاچو علي محمد ڪاٺيرن تي وريون وريو پي ويو ته دربان کي جيڪو هٿ لائيندو سو مئو پيو هوندو. سندس هٿ ۾ ڏڦلو چمڪيو پي، منهن ٽامڻي هنيل هوس. اسين ٽي چار ڀائيٽا سندس ڀر ۾ هياسين. اتي چاچو گل محمد، نبي بخش ۽ سندس سوٽن مان نواز علي ۽ غلام علي پڻ آيا، جن ڏاڍي رمز سان کيس گهر آندو ۽ پڪ ڏياري ته باغ ڀلي پيو سڄو وڍجي پر دربان کجي نه وڍبي.
منهنجي وڏي پڦي ۽ چاچي پڻ روئينديون آيون ۽ اچي کين چيائيون. ”هيءُ ڪهڙو قهر ٿا ڪريو. دربان اسان جي سالن جي کجي آهي. اسين ٻارڙيون هن کجيءَ هيٺ پليون آهيون، هن جي ڪتل تي ويلا ٽاريا اٿئون. ڏکين ڏينهن جي ڀرجهلائو کي ائين ڪپيندي ڪو قياس نه ٿو اچيو.“ ماسي جنان ته دانهن ڪري چيو :”اڙي رحمت جي فرشتي کي ٿا هٿئون وڃايو. دربان آهي ته حويلي به آهي.“
پوءِ ته اچي حويلي ۾ ٽاڪوڙا پيو ۽ سڄي ويڙهي ۾ دانهن هئي ته دربان ٿي ڪپجي. مون ائين محسوس ڪيو ته ڄڻ ته ڪو جاندار ٿي ڪٺو، ڪو عزيز ٿي رٺو، ڪو دلدار ٿي ڇنو. نيٺ چاچي علي محمد ۽ ڀائرن گڏجي سوٽن، نواز علي ۽ پناهه علي کي مڃايو ته دربان نه وڍبي، ڇاڪاڻ ته دربان سندن حصي ۾ ٿي آئي ۽ دربان وڍڻ سان سندن پٽ سنئون ٿي ٿيو.
منجهند خير جي گذري، چاچو علي محمد ساڻو ٿيو پيو هو. مونکي چيائين: ”بابل، تون وڃي ٻاهران چڪر ٻڪر ڏئي آ، اڄ پڪي رستي تي گهمڻ ڪو نه ٿا هلون.“
شام وري آئي هئي. مان جيئن ئي حويليءَ جي ورانڊي مان نڪري اڱڻ ۾ آيس ۽ سامهون نظر ڪيم ته حويلي جي وڏي ڀت ٻسي ڀانيم. اڄ ات دربان جا پاڇولا نه هيا. دربان ايڏي وڏي عالم پناهه کان به مٿي چڙهي حويليءَ اندر ليئا پائيندي هئي. ويڙهي جا ڀاتي سندس شاخن کي ۽ ڦرن کي ڏسي هوا جو رخ پرکيندا هيا. اڄ ڪا هوا ئي اهڙي لڳي هئي جو سڀ رخ ڌرتي ڏانهن هيا. اڀا به سنئين چوٽيءَ فرش تي هيا. مون کان بي اختيار دانهن نڪري وئي ”چاچا، دربان!.“ چاچي وٽ دانهن ڄڻ ڀتيون ڏاري اندر ڪوٺيءَ ۾ پهتي ۽ هو اتان پيرين اگهاڙين ٻاهر ڀڄندو آيو ۽ ڀت جا خالي ٻنا، پسي وسامي ويو. بي اختيار نڪتس.

اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين،
آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
هو جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.

هو جهڪيو ۽ ويهي رهيو. جيئن چاچو ڌرتي ڏانهن جهڪيو ۽ وڃي فرش کنيائين. تيئن وري نه اٿيو. ٻن ٽن ڏينهن اندر مٽيءَ واءُ ٿي ويو.
جنهن شام جو دربان کجي وڍي، ان رات حويلي جي ڪيترن گهرن ۾ ڪنو نه چڙهيو ۽ ڪنهن ڪٽنب شايد ڪو ڪڻو چکيو هوندو. سڄي رات ٻڪرين جي جاءِ ۾ ٻڪريون ٻاڪارينديون رهيون. صبح جو ڪنهن نه ڪنهن جو ننگ کٽل هو. گهڻيون پٽ پيو هيون. خاموش ائين جيئن دربان وڍجي خاموش پٽ پئي هئي.
بابي ۽ چاچي علي محمد جي ماساتن نواز علي وارن کي ارهائي نه هئي هت سرهائي به نه ئي. ڪيو ته ڪڌو ڪم هئائون، پر چين ڪنهن به ڪو نه، ڇاڪاڻ ته پٽ هنن جو هيو، مالڪ هو هيا پر انهي صدمي سڄي حويلي ۾ روڻ وجهي ڇڏي هئي. اهي قرب ۽ مٺ محبت جون ڳالهيون، اهي اڱڻ ۾ چهچٽا ۽ چوٻول، هڪ ٻئي جو ڏيڻ وٺڻ، ماني گڏ کائڻ سڀ ائين ختم ٿي ويو. جيئن دربان ۽ چاچي علي محمد وڃي پٽ کنيو هو. ڪو ڌرتي تي ائين بي ڪفنيو پيو هو ۽ ڪو ڌرتي هيٺ وهنجي سنهجي ڪفن سوڌو آرامي هو.
اڃا اهي صدما نوان هيا ته هڪ رات حويلي ۾ چور گهڙيا. اسين ننڍا نينگر سڀ اوطاقن تي سمهندا هياسين ۽ حويلي ۾ ڪجهه وڏڙا سمهندا هيا. جنهن رات چور گهڙيا، اسان اڃان اوطاق تي ڳالهيون پي ڪيون ۽ ائين اسان رڙيون ٻڌيون، سڀ ڀڳاسين ڪي حويلي جي وڏي دروازي ڏانهن جيڪو بند هيو. مان ۽ شيرل حويلي جي صفا پٺيان، جتان حويلي جي ڀت ڪجهه دڙن جي ڪري هيٺ ڀرو هئي. اتي پهچڻ کان اڳ اسان دٻڪي جو آواز ٻڌو ۽ اوندهه ۾ ڪجهه پاڇن کي گم ٿيندو ڏٺوسين. حويلي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو چور آيا هيا، پر ڀاڳين جي سجاڳ ٿيڻ تي مايوس ٿي هليا ويا. حويليءَ جي رهواسين لاءِ اهو هڪ اهڙو ٽڪو ۽ نشان هو، جنهن کين مجبور ڪيو ته ڪنڌ هيٺ جهڪائي هلن، متان پيشاني تي آيل ٽڪو ڪنهن کي نظر نه اچي وڃي.
مان هاڻ ان دربان جي ٿڙ وٽ وهڻ لڳس، جت ويهي سوچڻ لڳندو هوس ته ڇا دربان سچ پچ اسان جي محافظ هئي. هن جي سمهي پوڻ سان اسان جو تحفظ، اسان جي عزت سڀ ڪجهه ختم ٿيڻ تي آهي. ڇا واقعي حويلي دربان جي دم سان آهي؟
آهستي آهستي سوٽ گلڻ، شيرل، نصير، نازڻ ۽ ولي محمد سڀ اتي دربان وٽ شام جو گڏجڻ لڳاسين. ڪي ٿڙ تي ڪي کجي جي بنڊ تي ويهي رهندا هيا. هاڻ آهستي آهستي اسان دربان کجي جي چوڌاري ويهي هڪ سجاڳ منڊلي قائم ڪئي. ڪچهريون هلڻ لڳيون. سجاڳيءَ جون ڳالهيون ماحول جي سڌاري جون ڳالهيون ۽ ائين اسان محسوس ڪيو ته دربان ستل هوندي به اسان کي آهستي آهستي اهڙي قوت بخشي رهي آهي. جيڪا اسان کي نه رڳو جسماني طرح پر ذهني طرح به پختو بڻائي رهي آهي. ائين آهستي آهستي جوانن جو ميڙ روشن ذهن سان اڳتي وڌي رهيو هيو. ڪي وري پڙهڻ لڳا، ڪي محنت سان ڪم ڪرڻ لڳا. ڪن ڳوٺ کي ٺاهڻ جو پروگرام ٺاهيو. ته ڪن کوهن کي ٿي صاف ڪيو ۽ ڪن ناليون ٿي ڌوئرايون. اسين سڀ جڏهن چاچي علي محمد جي نڪتي کان قصي کي کڻي دربان تائين پهچائيندا هئاسين ۽ دربان وڍجڻ کان موجوده وقت تائين غور ڪندا هياسين ته اسان کي ائين لڳندو هو ته اهي ڪي اهم نڪتا آهن، جن جو ڳانڍاپو ڪو موڙ پيدا ڪري سگهي ٿو.
مان اهو موڙ ڪيئن وساريندس جڏهن هڪ رات ڳوٺ تي ڌاڙيلن حملو ڪيو. رئيس شاهنواز جي بنگلي تي پهريون ڌڪ هنيائون. دانهون ٿيون ۽ اسين اٿياسين. هوڪر ٿي سڀ سوٽ ۽ اسان جي ٽولي جا جوان اوطاقن مان نڪري پيا. ڪي حويلي کي ويڙهي ويا ۽ ڪن اڳڀرو وک وڌائي هوڪرن تي ۽ شاهنواز خان جي بندوق جي ٺڪائن تي ڌاڙيل ڦيرو ڏئي ٽٽا سڌو حويلي ڏانهن جيڪو ڳوٺ جو اهم نشان هيو. مون ڪارا پاڇا ڏٺا، مان دربان جي وڍيل ٿڙ تي چڙهيو بيٺو هيس. جوان ڦهليل هيا. مون وٽ هڪ ڪهاڙي هئي. اسان کي پنهنجين ڪوتاهين جو احساس هو. پر همٿ هئي جنهن اسان کي اڳڀرو ٿي ڪيو. ڌاڙيل مٿين گهٽي ٽپي، حويلي جي دروازي تي آيا هيا. اسان رستي واري پاسي کان گهيڙ وٽ بيٺا هياسين. اسان کين حويلي وٽ جمع ٿيندي ڏٺو. هن هڪلون ٿي ڏنيون ته دروازو کوليو. کين شايد خبر هئي ته حويلي وارا صدين کان حفاظت جي اثر هيٺ هيا. هنن وٽ ته مڏو هٿيار به ڪونهي. کين اها به خبر هئي ته ڪي نوجوان ڳٿو جھليو بيٺا آهن. مون گلڻ ۽ نصير کي گهيڙ تان مٿي چڙهندي ۽ وڌنڌي ڏٺو. مون دانهن ڪري کين چيو ”گهيڙ نه چڙهو، هو سامهون آهن، توهان لڪل رهو.“ مون هڪل ڏئي کين چيو ”نه ويندا، چور، چور جا پٽ“ هنن اوندهه ۾ نهاريو. هنن کي مٿان ڏسڻ ۾ آيا. هو هٽڪيا پر دورازي وٽ جهڪي جاءِ سنڀاليئون. ائين شيرل سهڪندو، شاهنواز خان جي بندوق کڻي اچي پهتو. مون سٽ ڏئي بندوق کانئس ورتي، دربان جي ٿڙ جي اوٽ وٺي آ ڪرايو مان ”نه ويندا آهيو.“ هنن جوابي فائرنگ ڪرڻ جي ڪئي. مقابلو شروع هو. شيرل ڪهاڙيءَ سان دربان جا ڳپل لاهڻ شروع ڪيا. مون گهڙي پلڪ لاءِ ڏانهن نهاريو پر فائرنگ تي توجه ڏيڻي پيم. پر هر هڪ ڌڪ هنيانءَ ۾ پي ڀانيم. ائين ڏٺم ته گلڻ، نصير ۽ پاڙي جا جوان گهيڙ جي آڙ وٺي سري آيا ۽ اچي کجي جا ٽڪر کنيائون. هنن انهن کي تيزي سان ڏانهن اڇلڻ شروع ڪيو. ڪنهن جوان کجي جي بجن کي باهه ڏئي ٽڪر اڇلڻ شروع ڪيا. اوچتو حويلي مٿان ڪوٺي تان سرن ۽ پراڻن دٻن ۽ ٽينن جو ٽڙڪو شروع ٿي ويو. شيرل وري ڪک پن گڏ ڪري دربان جي هڪ حصي مٿان رکي باهه ڏئي ڇڏي. هاڻ ته ڏينهن هو. اوچتو مون محسوس ڪيو ته نصير ڪريو. جيئن مان ڏانهنس وڌيس ته مون سمجهيو ته ڪنهن پگهاريل سيهو منهن جي ٽنگن ۾ ڀري ڇڏيو آهي. ڪي جوان ڪريا ڪي جوان وڌيا. رئيس شاهنواز جي ماڻهن ڌاڙيلن جو پريون ڳٿ بند ڪيو. جڏهن مان هوش ۾ آيس ته ماڻهن جا ميڙ هيا. ڌاڙيلن مان ڪي مئا، ڪي ڌڪيا ۽ جيئرا جاڳندا جھليا.
مون دربان ڏانهن نهاريو جيڪا سڙي رک ٿي چڪي هئي. سندس ٿڙ قائم هو ۽ قائم آهي. اهي گهيڙ گهٽ اها حويلي، اهو ڳوٺ اڄ به موجود آهي. نوجوانن جو عزم ۽ حوصلو اڄ به بلند آهي. پوءِ به ائين نه چوان ته تاريخ جي صفحن تي جي ماڻهو اڪريل آهن ته اهي وستيون. اهي واٽون ۽ پنڌ، اهي گهيڙ ۽ گهٽ، اهي وڻ ۽ ٽڻ، اهي کوهه ۽ واهه به اڪريل هجن جن جو انهن ماڻهن کي تاريخ بنائڻ ۾ وڏو هٿ آهي ته دربان جو نالو ان کان به اڳڀرو اچڻ کپي. اسين سڀ ڳوٺ جا رهواسي اڄ به دربان کي ياد ڪريون ٿا ۽ اسان انهيءَ دربان جي ڀرسان نئين کجي به پوکي آهي، جنهن جو نالو به دربان آهي.

*

هڪ هرڻيءَ جي ڳالهه

هيءُ ڪنهن خاص هرڻيءَ جي ڳالهه ڪانهي. هيءَ سڀني هرڻين جي آهي. جن جون سهڻيون من موهيندڙ اکيون مشهور آهن. حقيقت ۾ هيءَ ڳالهه سڀني اکين جي آهي، جيڪي ڳالهائي ڄاڻنديون آهن ۽ هيءَ آهي به ته هڪ ڳالهه.
اچو ته توهان کي هرڻي جي ڳالهه، اکين جي ڳالهه، ڳالهه ڳالهه ۾ ٻڌائي ڇڏيا. ڇاڪاڻ ته انهيءَ ڳالهه مون کي ڇرڪائي ڇڏيو آهي.
ڪجهه ڏينهن ٿيا جون مان اباڻي زمين تي زمينداري ڪرڻ ويو هوس. منهنجو ننڍڙو ڏهن ورهين جو پٽ به ساڻ هيم. ڇاڪاڻ ته هي به سندس اباڻي ملڪيت هئي ۽ کيس ئي سنڀالڻي آهي. پوءِ ڀلا کيس، پاڻ کان، زمين کان ڇو الڳ رکان؟ زمين تي پهتس ته هارين جي گهرن جي ٻاهران ئي ديري تي هنڌ کٽولا وڇايل هئا ۽ ڏاڍو بالم ٿي وڃي ڪرت کي لڳس.
ٿوري ويرم کان پوءِ ڏٺم ته مون وارو نينگر گم هو. پڇا ڪيم ته چيائون. “ سائين! علو ڪمدار کيس گهرن ڏي وٺي ويو آهي.“ دل ۾ خوش ٿيس. چيم ته هاري به سندس ۽ انهن جا ننگ به سندس، کيس ئي سنڀالڻا آهن. ڪا مهل ٿي ته ڏسان ته هڪ ننڍڙي ٻچٽ هرڻي نچندي اچي ۽ هو انهيءَ سان کيڏندو اچي.
” اڙي بابا، هي هرڻي ڪنهن جي گهلي آيو آهين.“
”بابا، چاچا ڪمدار وٺِي ڏني آهي. غلامون هاري جي پٽ جي آهي. بابا، هو وري ڏئي نه پيو ۽ روئي پيو، چاچا ڪمدار دڙڪا ڏئي هرڻي کڻي آيو.“
الائجي ڇو مونکي ڇرڪ پئجي ويو. اٿي بيهي رهيس. ”پر پٽ، هي پرائي آهي، غلامون جي پٽ جي آهي توهان کي نه وٺي اچڻي هئي.“
مون سندس اکين کي ڀرجندي ڏٺو، سندس اکيون التجا سان ڀريل هيون. مون ڪمدار ڏي ڏٺو.
”سائين ڪهڙي ڳالهه آهي، هي راڄ سڄو تنهنجو آهي، سڄي تنهنجي ملڪ آهي، هرڻي ڪهڙي شيءِ آهي. غلامون جا مائٽ جبل ڏي رهندا آهن. حڪم ڪيو ٻيون هرڻيون کوڙ.“
غلامو اڳتي وڌي آيو، ”بادشاهه، ننڍڙي حاڪم تان هڪ ڇا، سئو هرڻيون قربان. منهنجي پٽ اها پالي آهي، تڌهن کيٽو ڪيو اٿائين، کيس ٻي گهرائي ڏيندس. هرڻي ننڍڙي حاڪم جي ملڪيت آهي. منهنجا سائين.“
مان ويهي رهيس. ڪمدار، غلامو، علڻ، جانڻ ولو گلو ۽ رحيم واري واري تي ڳالهائيندا رهيا. هو ڇا ڳالهائيندا رهيا سو مان سمجهي نه سگهيس. منهنجو اکيون پنهنجي نينگر تي کتل هيون، جيڪو هرڻي سان کيڏي رهيو هو. منهنجي لاءِ ته وقت پٺڀرو هليو ويو هو ۽ ان نينگر جي جاءِ تي مان انهيءَ ئي هرڻي سان کيڏي رهيو هيس. رڳو زمان و مڪان جو فرق هو. هاڻ منهنجي سامهون ڌنڌ ۾ ويڙهيل ڪارا ٽڪر هئا. انهن جبلن جي هنج ۾ لس ئي لس ميدان ۾ ننڍڙو ڳوٺڙو هو، انهن گهرن کان پرڀرو سرڪاري بنگلا هئا. ڪجھه ڪوارٽر ها ۽ مان هيس. هڪ مون وانگر ننڍڙي هرڻي جنهن جو نالو ڪونجڙي هو. مون سان ساڻ هئي. مون به پئي ساڻنس ٺينگ ڏنا. مون سندس ڳچيءَ ۾ هٿ وجهي سندس اکين کي چميو. مون کي سندس اکيون اهڙيون وڻنديون هيون، جو جڏهن بابا جي آڏو انهن اکين جي ساراهه ڪندو هئس، ته بابا کلي منهنجي ماءُ کي چوند هو ”پٽهين ته ڪو شاعر ٿيندو!“
هرڻي ڇانگ ڏئي ۽ سندس اکين ۾ مستي نه ڀرجي، اڻ ٿيڻي آهي. انهي مهل سندس اکيون سندس انگ انگ جي مستيءَ کي ظاهر ڪنديون هيون. مان انهي مستي ۾ ئي گم هيس ته بلاول ڊوڙندو آيو ۽ هرڻي کي رسي کان وٺي ڪاهڻ لڳو. ”هي هرڻي منهنجي آهي، هاڻ توکي نه ڏيندس. سڄو ڏينهن ٿو ڊوڙائينس. منهنجي هرڻي ٿڪجي پئي آهي.“
مون وت آهر وڌي کائنس هرڻيءَ جي رسي ڦرڻ جي ڪئي، پر مان آفيسري ٻار، ڪاٿي هو جابلو نينگر هڪ ئي ٺيلهو ڏنائين مان پري وڃي پيس.
مون روئي اچي بابا کي دانهن ڏني. ڀلا ڪاٿي بابو منهنجو ضلع جو وڏو آفيسر، ڪاٿي هڪ پٽيوالو ۽ ان جو پٽ. ان مهل هرڻيءَ اچي بنگلي تي ٺڪاءُ ڪيو. بلاول جو ڪوارٽر پري نه هو، سندس رڙيون سڃي رات پئي ٻڌڻ ۾ آيون، بابا منهنجي هرڻي، بابا منهنجي ڪونجڙي!“
هيءَ ته ڳالهه ئي نه هئي جو پٽيوالو همٿ ڪري پنهنجي آفيسر کي چوي. بلاول ٻئي ڏينهن تپجي پيو. مان وٽس هرڻي کڻي ويس. چيو مانس ته گڏجي کيڏون جيئن اڳي کيڏندا هياسين، پر هو چوي، ”ڪونجڙي منهنجي آهي رڳو منهنجي آهي.“
سرڪاري ضد ۾ هرڻي منهنجي هئي ۽ مان هرڻي سان وڃي کيڏڻ لڳس. شام جو اهوئي ميدان، اهي جبل ۽ ڪونجڙي هئي. ائين ڏٺم ته بلاول ڊوڙندو آيو.“هاڻي هيءَ هرڻي منهنجي آهي، بيگم صاحبه چيو آهي ته ڀلي وڃي تون کڻ. منهنجي امان مونکي بيگم صاحبه کان هرڻي وٺي ڏني آهي.“
مون سامهون نظر ڪئي، بنگلي جي ٻاهرئين ٿلهي تي منهنجي امان بيٺي هئي ۽ اشاري سان مون کي سڏي رهي هئي. مون کي ياد آيو ته بابا به ٻاهر گشت ۾ ويل آهي. پاسو کڻڻ وارو به ڪونهي ۽ هرڻي به کسجي ويندي. ڏاڍي خار مان هرڻي ڪاهيندو بنگلي ڏانهن آيس. اتي پهتس ته امان پيار سان سمجهايو ۽ مان هرڻي ڏي ڏسندو رهيس. جا آرام سان ٿلهي وٽ ويهي رهي هئي.
الائجي ڇو ايڏي بي عزتي ڀانيم جو جلد هڪ فيصلو ڪري ورتم. مونکي ان مهل نه ته هرڻيءَ جون ڇانگون ياد آيون، نه من موهڻيون اکيون. بس چپ چاپ ٿلهي تي چڙهي ويس ۽ اک هڪ چڱي ڳري پٿر تي هيم، اک ڇنڀ ۾ پٿر کڻي هرڻي مٿان اڇلايم. جيستائين امان پهچي، بلاول ڊوڙي يا هرڻي سجاڳ ٿئي. هرڻيءَ جو مٿو بنهه ڏاري وڌم، منهنجي اکين آڏو هرڻي جون اهي اکيون ياد آهن. جن ۾ اهڙيون التجائون صدين جون صدائون هيون. جو ائين سمجهيم ته سڄي وادي گونجي اٿي آهي. ان سان گڏ بلاول جون دانهون اڀ ڏاري رهيون هيون. مون بلاول ۾ به اهي ئي صدائون پسيون الائجي ڇو سندس اکيون مون کي هرڻيءَ جي اکين کان مختلف نه لڳيون.
اڄ جڏهن منهنجو پٽ اهڙي هڪ هرڻي کڻي آيو ته سچ پچ ته ڏڪي اٿيس. ۽ جيئن ڇرڪ ڀريم ته ڏسان پٽ مونکي ڪجهه چئي رهيو آهي.
”بابا، هو آهي غلامونءَ جو پٽ!“ ڏٺم ته هڪ نينگر ڪنڌ هيٺ ڪيو، ٻني تان وڃي رهيو آهي. ڇانگ ڪرڻ لاءِ هڪ ننڍڙي ڪهاڙي هٿ ۾ اٿس، جا ٻوڙن تي هڻندو نڪتو پئي ويو.
مون غلامونءَ کي چيو ته کيس سڏ ڪري. غلامونءَ جي سڏ تي هن لوڻو ورايو ۽ ڪجهه وقت اتي بيٺو رهيو ۽ پوءِ سري ويجهو آيو. سندس اکيون روئڻ ڪري ڳاڙهيون هيون.
”پٽ اوري آ تو کي هرڻي کپي“
يڪدم مون واري پٽ دانهن ڪئي ”بابا مان هرڻي ڪو نه ڏيندس!“ مون ڏٺو ته سندس اکين ۾ جا جوت جاڳي ٿئي، ات مايوسي جا پاڇولا اچي ويا هيا.
”نه سائين هرڻي ننڍڙي حاڪم جي آهي. اڙي هل ڇورا! وڃي ٻڪرين کي ڏس، هل“ غلامونءَ چهڙ ڏنس.
مون يڪدم کيس روڪيو. ”پٽ، بيهه اسان هرڻي کڻون ٿا. پر ائين نه. اچي هيءُ وٺ. تون ٻي هرڻي وٺجانءِ.“ ڏانهنس پنجاهه جو نوٽ وڌايم. ڏٺم ته سندس اکيون ڀرجي آيون هيون. هن نوٽ وٺي هرڻيءَ ڏانهن ڏٺو جا پرڀرو وڻ سان ٻڌي بيٺي هئي. اوچتو سندس اکين ۾ مون هڪ عجيب چڻنگ ڏٺي. هن مون ڏانهن ڏٺو، هن جو اکيون ڳالهائي رهيون هيون اهڙي ڳالهه، جنهن ۾ نه التجا هئي، نه صدا هئي. ڄڀي هئي، جنهن ڀڙڪو کاڌو هو ۽ الر ڪري هرڻيءَ ڏانهن وڌيو. مان ته پنڊ پهڻ ٿي ويو هوس. هن جي ڊوڙ، تکائي ۽ جلدائي حيرت ۾ وجهندڙ هئي.
هن هڪ ئي ڌڪ ۾ ڪهاڙيءَ سان هرڻيءَ جي منڍي لاهي وڌي. وڄ هئي جنهن وراڪو ڏنو هو. مون ڏانهنس ڏٺو، هن مون ڏانهن ڏٺو ۽ سندس اکين هڪ دفعو وري ڳالهايو. مان ڇا ٻڌايانوَ ته هن جي اکين ڇا ڳالهايو. شايد وقت اهڙو اچي جو توهان سان ائين ئي ڪي اکيون ڳالهائين ۽ سمجهو ته هو ڇا ٿيون چون. هن نوٽ ڦاڙيو، دڙها هنيا ۽ واڪا ڪندو ڊوڙند نڪري ويو. مون ڏٺو ته چوٻول پئجي ويو. مان وڌي هرڻيءَ تائين ويس. اهي اکيون اهي ئي التجائون، اهي ئي صدائون.
هرڻيون شايد هرڻيون آهن. سڀ ساڳيون، من موهڻيون اکيون، اهي ئي اکين ۾ التجائون ۽ صدين جون صدائون پر ماڻهو! منهنجي آڏو بلاول جون اکيون، پوءِ غلاموءَ جي پٽ جون اکيون ڦري آيون. ڪيڏيون نه مختلف هيون!
”ڪيڏو نه زمان و مڪان جون فرق آهي!“ مون سوچيو.
مون پنهنجي پٽ ڏانهن ڏٺو جو هرڻيءَ مٿان رڙيون ڪري روئي رهيو هو. مون کي ائين لڳو ته هو بلاول بڻجي ويو آهي.

*

سونهن ۽ سوڀيا

هوءَ ڪا گهڙي ڇهن سونين چوڙين کي تڪيندي رهي. سندس هٿ ان جي گولائي، سونهن ۽ چمڪ کي توريندا رهيا. آهستي آهستي سون جي چلڪي جا ترورا وڌي سندس اکين جي چمڪ کي وڌائيندا ويا. هوءَ هاڻ چٽو ڏسي پئي سگهي. سندس اکين ۾ آيل ڳوڙهن جي نار ٽٽي پئي هئي. ان جو بند وقتي جهلائو بند مثل هو. هو تڪڙو تڪڙو ڏسڻ لڳي. کيس ڊپ هو ته ڪٿي وري اهو جهلائو بند نه ٽٽي پئي ۽ سندس اکين جيڪي ڏٺو آهي سو نه گم ٿي وڃي. هن ڏٺو ته سندس آڏو هو بيٺو هو. سنئون سڌو ساڻس ڳالهائي رهيو هو.
”رونق!“
”جي“
”رونق، مان ايڏو تونگر ناهيان، پر جيڪو خزانو مون کي مليو آهي، ان سان منهنجو من ايڏو ته مالا مال آهي جو سوچيندو آهيان ته سونهن جي ديويءَ لاءِ ڪهڙو جڙاءُ؟ پر منهنجي رونق منهنجي گهر جي روشني ئي منهنجي سونهن ۽ سوڀيا آهي رونق!“
هن ڏٺو ته سندس هٿ وڌي سندس ڳلن تي پهتا ۽ سندس پيشاني ڇهي چيائين. ”توهان جي طبيعت ته ٺيڪ آهي. اڄ ڪهڙيون، ڳالهيون پيا ڪريو. مان ڀلا توهان کان ڪڏهن ڪجهه گهريو به آهي. مون وٽ سونو زيور ڪونهي ته ڇا ٿي پيو توهين مون لاءِ ڪنهن قيمتي زيور کان گهٽ آهيو ڇا؟“
”نه رونق، مون هميشه تنهنجي ٻانهن ۾ ڪچ جون کڙڪندڙ چوڙيون ڏٺيون آهن. رنگ به سهڻا هوندا اٿن. تنهنجي سهڻين ٻانهن جي وڻندڙ وراڪن سان واڄو به وڻندڙ ڪنديون آهن پر نه مٺي! سون جي سونهن ئي ٻي آهي. تون اڄ اهي سونيون چوڙيون پاءِ ته مان تنهنجي سنگ مرمر جهڙين ٻانهن ۾ انهن جي سونهن ڏسان ۽ ٻڌان ته اهي ڪهڙو واڄو ٿيون ڪن.“
هن چٽي طرح ڏٺو ته هن کلي، چوڙيون پاتيون ۽ وراڻيائينس: ”ڪڏهن ڪڏهن ته منهنجي سلسلي ۾ شاعري نه ڪندا ڪريو.“
”رونق منهنجي شاعري تنهنجي دم سان قائم آهي. جنهن ڏينهن تون نه هوندينءَ ان ڏينهن مان پنهنجي شاعري جو انت آڻي ڇڏيندس.“ هن ڏٺو ته سندس مڙس چپ ٿي ويو نهايت ئي ڳنڀير ٿي آهستگيءَ سان چيائين: ”رونق، تون نه هوندينءَ ته منهنجي شاعري مري ويندي، جي منهنجي شاعري مري وئي ته مان مري ويندس. پر جي مان مري وڃان مٺي! ته پوءِ؟“
هن چٽيءَ نهاريو ۽ ڏٺو ته هوءَ ڪا گهڙي چپ ٿي وئي ۽ نيٺ اونهاين مان آواز نڪتيس: ”ڌڻي نه ڪري، سائين! خدا توکي سلامت رکندو، رب ڪندو ته مان تنهنجي هٿن ۾ سرهي ٿينديس.“
”پر رونق! جي مان مري ويس ته ايترو ته ضرور ٿيندو جو هاڻ تنهنجيون ٻانهون شيشي جي چوڙين ڀڄڻ سان زخمي نه ٿينديون. ان جي سونهن کي ڪٿي به داغ نه لڳندو. توکان جي سونيون چوڙيون لهرايائون ته به تنهنجي ڏکين ڏينهن جون ضرور ساٿياڻيون ٿينديون.“
هن جي اکين جو جهلائو بند ڀڄي پيو ۽ اهو سڄو نظارو غائب ٿي ويو. هاڻ هوءَ اڪيلي بيٺي هئي سندس هٿن ۾ اهي ئي سونيون چوڙيون هيون، جن کي سندس اکين مان اٿل کائيندڙ پاڻي اجرو ڪري رهيو هو پر هاڻي ان جي چلڪي سندس اکين ۾ ڪا به جوت ڪانه ٿي جلائي. هوءَ ڪٺٽ کان هٽي کٽ تائين آئي ۽ پاڻ ڇڏي ڏنائين. ڪي گهڙيون هوءَ روئندي رهي. اوچتو ڇڻ ڇڻ جو آواز ٻڌائين. بي خيالي ۾ چوڙيون سڀ هيٺ ڪري پيون هيون، وڳر کان وڇڙيلن وانگر ڌار ڌار پري پري پيون هيون.
هن جيئن پهرين چوڙيءَ کي کنيو ته هن ڏٺو ته ڪو درتي بيٺو آهي. هن سڃاتو ته هو سندس ڏير اسلم هو. هو آهستگيءَ سان وٽس آيو ۽ هن چپ چاپ هڪڙي چوڙي کڻي هن کي ڏني. هو ڪا گهڙي ڄميو بيٺو رهيو پوءِ چيائين: ”ڀاڄائي! سونهين ته نٿو نه توکي چوان پر توکي خبر آهي ته منهنجي ڪهڙي حالت آهي. مهمانن جا لڏا لٿا پيا آهن. ٽيجهي جو خرچ به جهڙو تهڙو نه ٿيندو. منهنجي خيال ۾......“
هن سڀ چوڙيون ميڙي ڏير آڏو جهليون. ڏيرس ان مان هڪ چوڙي ٻي کنئي ۽ چپ چاپ هليو ويو.
هن وري چوڙين ڏانهن ڏٺو. اوچتو در وري کليو کيس پنهنجي ننڍڙي نينگر حور نظر آئي. هوءَ بيٺي رهي ۽ حور پدمڙا پير کڻي اچي کيس ڀاڪر پاتو. جيئن هن حور کي کنيو، حور چوڙين ۾ هٿ وڌس، هوءَ ڪا گهڙي ٽٻيءَ ۾ پئجي وئي.
“حور به ته سونو زيور گهرندي، اڄ ننڍي آهي، سڀاڻي وڏي، جي هيءُ باقي چار چوڙيون به کڻي ويا ته پوءِ ڇا ٿيندو!“

* * *

چون ٿا ته وقت جو بادشاهه پرن واري گهوڙي تي سوار، اڏامندو رهي ٿو. رونق وقت جي رفتار کي تڪيندي رهي. سندس تريءَ تي رکيل باقي چار چوڙيون به اڏامي زماني جي نرالي دستور ۽ رسمن جو بک ٿي ويون. ماڻهو به ان گهر جو مري ۽ گهر به انجو ئي لٽجي، شايد موت وانگي قدرت جو اهو به اٽل قانون آهي.
ٽيجهو ٿيو، چاليهو ٿيو، ائين هن گهر جا ٻيا ٽپڙ به ڪڍي ڏنا. مهمان، عزيز قريب، همدرديءَ جا انبار کنيو سندس آڏو ڦيريون پائيندا رهيا. سندس مانيون کائيندا رهيا. پر ڪنهن کيس ائين ڪونه چيو ته هيءُ ٻه چار ڏوڪڙ اٿئي. توکي به ضرورت هوندي. رونق جڏهن هٿين خالي ٿي هڪ ڏينهن سندس فضا ۾ تڪيندڙ خالي خالي نظرون وڃي ڏيرس اسلم تي کتيون جيڪو ميسڻي شڪل ٺاهيو بيٺو هو.
ڪا گهڙي خاموشي هئي، نيٺ اسلم ڪڇيو : ”ڀاڄائي، ڀاڄائي.“ هوءَ خاموش رهي. ائين جيئن هميشه رهي هئي. ائين جئين سندس گهر خاموش ٿي ويو هو. ڀريل وسيل گهر اڄ ويران هو، جنهن جي ڪا شئي نه بچي هئي. هن جي نظرن کي ڏسي اسلم تڪڙو چيو : ”ڀاڄائي، مان تولاءِ فڪرمند آهيان، آخر تنهنجو ڇا ٿيندو. مان هڪ غيرت مند ڀاءُ آهيان. مان نه ٿو چاهيان ته تون ڪو ڪم ڪر ۽ خاندان تي ڪو بدنامي جو داغ اچي. مان اهو به نٿو چاهيان ته تون ڪو نڪاح ڪرين. هونئن ته مان توکي اجازت به ڏيان پر حور جو ٻئي گهر ۾ پلجڻ جوان ٿيڻ ۽ انهي خاندان ۾ وڃڻ مون کي پسند نه آهي. مان اهو به نٿو چاهيان ته تون اوڙي پاڙي کان مدد وٺين ۽ ڌاريا مرد تنهنجي در تي روز بيٺا هجن.“
هوءَ ڏانهنس انهن ئي نظرن سان تڪيندي رهي. اسلم چوندو ويو.
”توکي خبر آهي، پاڻ وارو سئوٽ جان محمد ڪيڏو نه ڀلو ماڻهو آهي. هو مون وٽ آيو هو ته حور سندس پٽ گل محمد لاءِ کيس ڏيون. هن نه رڳو ڇوڪري کي پالڻ جو پر توکي به پالڻ جو سرٺو کنيو آهي. مان ته انهيءَ مهل ئي ها ڪرڻ وارو هيس پر چيم ته توکان پڇان. توکان پڇڻ ضروري ته نه هو ڇاڪاڻ ته آخر ڇوڪري جو وارث مان به ته آهيان.“
اسلم، رونق ڏانهن ڏٺو. هاڻ کيس خالي نظرن ۾ هزارين طوفان نظر آيا. هوءَ ڏانهنس انهن نظرن سان تڪي رهي هئي. جنهن ۾ هزارين شڪايتون هزارين ڏک، باهه جي شعلن وانگر ڄڀيون بڻجي ڀڙڪي رهيا هئا. هو وڌيڪ انهن نظرن آڏو بيهي نه سگهيو. کيس هزارن ارمانن ۽ خواهشن جي اتت ۽ تاءُ محسوس ٿي رهيو هو. انهي گرمي ۾ گهٽ ۾ صرف ايترو چئي سگهيو: ”چڱو مان هلان ٿو ڀلي تون سوچ، مان ادي جان محمد کي توڏانهن موڪليان ٿو.“
هو يڪدم ٻاهر نڪري ويو. رونق جي زبان تي اهو ايندي ايندي رهجي ويو ته : ”توهان مائٽ ڪهڙي حساب سان منهنجي ڇوڪريءَ تي حق ڄمايو ٿا. جڏهن ٽن ورهين ۾ منهنجو الهه تلهه پورو ٿيو ته توهان مان ڪنهن به خبر نه لڌي. اڄ مون بي وسيلي کان توهان اهو وسيلو به کسڻ چاهيو ٿا. مون پنهنجي گهوٽ جون نشانيون قربان ڪيون. چوڙيون وڪيم. انجا ٽپڙ وڪيم، سڀ ڪجهه وڪيم پر اڄ اوهان منهنجي نياڻي به وڪڻڻ چاهيو ٿا. سو به انهي عيوض ته توهان منهنجي خبر گيري ڪندو ۽ منهنجي نياڻيءَ کي کارائيندئو پياريندئو.“
هن گهڻو ڪجهه چوڻ ٿي چاهيو. هن چتيون لڳل وڳو ڏيکارڻ ٿي چاهيو، هن ليڙون ٿيل رئو ڏيکارڻ ٿي چاهيو. جيڪي هن کي خاندان جي عزت سانڍڻ جي عيوض ۾ مليا هئا. هن هڏا ٿيل جسم ڏيکارڻ ٿي چاهيو. هن بک ۾ پاهه ٿيل حور کي ڏيکارڻ ٿي چاهيو. هن خاندان جي اها عزت ۽ آبرو ڏيکارڻ ٿي چاهي جنهن جي مٿان هڪ ڦاٽل ڳوڻ پئي هئي. پلئه کڻڻ جي دير هئي ۽ ننگ ناموس ننگو ٿي سامهون اچيس ها. پر سڀ حسرتون دل ۾ سانڍي هوءَ ڳوڙها ڳاڙيندي رهي، سڄي رات سڏڪندي رهي.
صبح جو ماڻهن رونق جي گهر تي تالو ڏٺو. ماڻهن ۾ چوپچو هئي، اسلم جي خاندان جي عزت لٽجي وئي هئي. پاڙي جي عزت هلي وئي هئي چون ٿا ته رونق ڀڄي وڃي ڪو مڙس ڪيو هو ۽ حور کي وڪڻي ڇڏيو هيائين.
مون کي اعتبار نه آيو، ڇاڪاڻ ته مان به سندس پاڙي جو رهاڪو هئس ۽ مان کيس چڱي طرح سڃاڻيندو هئس. چڱي طرح، اهڙيءَ طرح جهڙي طرح سندس مڙس کي سڃاڻيندو هوس.
هڪ ڏينهن مون کيس سنڌ جي هڪ ٻئي ڏورانهين شهر ۾ ڏٺو.
جيتوڻيڪ انهيءَ ڳالهه کي ورهيه گذريا هئا پر مون کيس سڃاڻي ورتو. مان سندس ڪڍ لڳس. سندس گهر تائين پهتس. مون ساڻس ملڻ نٿي چاهيو متان سندس چاڪ چڪي پون. شايد، شايد انهيءَ ڪري جو مان سندس مڙس جو گهاٽو سنگتي به هوس ۽ مان زماني وارن سان گڏجي پيو هوس ۽ مون سندس هڪ ڪوڏيءَ جي به مدد نه ڪئي هئي. مان اهو دستوري سنگتي هوس جيڪو وقت جي حالتن ڪري پيدا ٿيندو آهي. جيڪو صرف شاعر سان گڏ واهه واهه لاءِ هوندو آهي. جيڪو سندس مال کائيندو آهي ۽ وقت تي اوڏو نه ويندو آهي، جيڪو کائڻ ڄاڻيندو آهي، پر کارائڻ نه. جيڪو وٺڻ ڄاڻيندو آهي پر ڏيڻ نه، جيڪو مارڻ ڄاڻيندو آهي پر جيارڻ نه،
مان ڪا گهڙي در تي بيٺو رهيس ۽ ائين گهر مان اڇن ڪپڙن سان هڪ نينگري هٿ ۾ اسٽيٿاسڪوپ ۽ اڇو جبو کنيو ٻاهر نڪتي. مون سڃاتو هوءَ حور هئي. اها حور جنهن جي ماءُ ڇهه سونيون چوڙيون ڏئي کيس ورتو هو. ننڍڙي حور اڄ وقت جي مسيحا هئي. مون هٻڪندي سندس مٿي تي هٿ رکيو ۽ تڪڙو ٿي ٽپڙي کڻي گهر ۾ داخل ٿي ويس.
رونق منهنجي سامهون وڏيون هڙون کوليون، ڪپڙا ماپي ۽ ڪڇي رهي هئي. سامهون هڪ سبڻ جي مشين به پئي هئي. اوچتو سندس نظر مون تي پئي، هن ڪا گهڙي چتائي نهاريو. سندس اکين تي عينڪ چڙهيل هئي. هن هميشه وانگي ڪجهه ڪو نه ڪڇيو ۽چپ چاپ ڳوڙها ڳاڙيندي رهي. چوڻ لاءِ به وٽس ڇا رکيو هو. سڀ ڪجهه سامهون هو هڪ کليل ڪتاب وانگيان. اوچتو پويان کڙڪو ٿيو ڏٺم ته حور اتي جو اتي موٽِي آئي هئي ۽ تکي تکي ماءُ ڏانهن وڌي. هن رئي سان ماءُ جا ڳوڙها اگهيا ۽ پيار مان چيو : ”نه امي، نه رو، هاڻي ته نه رو، مان جو ويٺي آهيان. مون کي ڏس نه، منهنجي ڪري نه رو.“
حور تکين نظرن سان مون ڏانهن ڏٺو، سندس اکين ۾ هزارين طوفان، هزارين شڪايتون هيون. انهي سان گڏ زماني جي خلاف بغاوت جا شعلا پي ڀڙڪيا جو ان جي تپش ۽ گرمي ۾ دم گهٽجڻ لڳو. منهنجي پيشاني پگهرجي وئي، مون رونق ڏانهن ڏٺو اتي هاڻ مامتا ۽ قرب جا ٿڌا وهندڙ جهرڻا هئا. ٿڌي ڇانو ۽ ٿڌڪار هو مون چاهيو ته وڌي انهيءَ ٿڌڪار ۾ ڪا گهڙي وهان پر بيهڻ جي سگهه ساري نه سگهيس ۽ ويندي ويندي رونق ڏانهن نهاريم.
همشيه وانگي رونق ڪجهه نه ڪڇيو، ڪجهه نه چيو، پر اڄ مون کي سندس خاموشي ڳنڀيرتا انهيءَ ديويءَ جي مجسمي وانگر لڳي جو خاموش ضرور هوندي آهي پر ان جي سونهن ۽ سوڀيا ذهني دنيا ۾ گهڻو انقلاب آڻي ڇڏيندي آهي.

ٺوٺ ڌرتي

مستن تي ڪهڙي ميار. پرو نٽهڻ اس ۾ ڪي ڪلاڪ جهمر هڻندو رهيو. ڊگهي چولي جو پلو مٿي ڪري جهولي جهلائي دانهون ڪندو هيو: ”ڀيڄ مولا!“، ”هڻ ڪو مولا گوڏي جيڏو.“،”هڻ ڪومولا گوڏي جيڏو“،”ڀيڄ مولا.،“
رب جي ذات وڏي آهي. اگهي ته ڪائو ڪچ، نه ته ماڻڪن کي به موٽ. پروءَ جي چوڌاري ماڻهن جا ميڙ هئا. پر رب جي ذات اڃا به وڏي آهي. پروءَ جي جهول ۾ نه هو ڪائو ڪچ، نه هن آڇ ڪئي، نه هيس لڄ. انگ اگهاڙو هڪ وڏو چولو جنهن جي هيٺيان ڪجهه به نه هيس. هو ٻاڏائي رهيو هو. رڙيون ڪري رهيو هو. پر رب جي ذات اڃا به وڏي آهي. جڏهن ڪو ڪرم ڪري. پروءَ جهڙا مست ته گهڻيئي، پر پرو سڏبو ئي هو مينهاڻي مست! پرو ڪهڙو چي: ”مينهاڻي مست.“
اڄ هن لاءِ آزمائش جي گهڙي هئي. ماڻهن جا ميڙا ک اک منجهس، سندس چرپر تي ماڻهن ۾ چرپر اچيو ٿي ويئي. سندس هر نعري تي نعرو پي لڳو ”ڀيڄ مولا!“، ”ڀيڄ مولا“، ”هڻ ڪو مولا گوڏي جيڏو.“،”هڻ ڪومولا گوڏي جيڏو“،
”جيڏو تنهنجو نانءُ اوڏوئي آسرو.“ واري آسري تي خلق ڄميو بيٺي هئي. پگهر پي ڳڙيا، جسم پي سڙيا، پر هو سڀ آسروند هئا ۽ سندن هڪ نظر پروءَ ۾ هئي ۽ هڪ نظر آسمان ۾. اڃا ته ڪٿي به آگم جو اهاءُ نه هو. ابر جو اهڃاڻ نه هو. پر آسروند اهو ئي آسرو رکيو بيٺا هئا ته رب جي ذات گهڻي گهڻي وڏي آهي وسي ته وڏڦڙو، اچي ته اچڻ آگهاري، برسي ته بُهاري، اٺي ته اڃايل پياري. اڃايل اڃ کنيو بيٺا هئا. ڌرتي ٺوٺ هئي، سو ڪهڙي ساوا به سڪائي ڇڏيا هئا.
انهي ٺوٺ سڪل ڌرتي تي اڄ پرو بيٺو هو، جنهن سان هن جو ازلي ناتو هو. سڄي ڳوٺ وارا سنڀرن ته هو پروءَ مان مينهاڻي مست ڪيئن ليکيو.
پرو ڪو ڄائي ڄم کان مست ڪو نه هو. پرو ائين ئي هو جيئن عام ٻار ٿئي. هڪ غريب پيءُ ماءُ جو غير پٽ. ڦاٽل چولو، هيٺيان ڪجهه به نه، گهٽيءَ ۾ ليٿڙيون پائيندڙ. مٽيءَ سان راند، ٻاراڻي وهيءَ جي مستي کيس انهي ڳالهه جو پتوئي نه رهيو ته هن جا پيءُ ماءُ مري ويا آهن. هڪ ننڍڙي گهر ۾ پڦين جي حوالي، چاچي جي مار موچڙي هيٺ پئي پليو. پروءَ لاءِ سوٽن جو ولر وڏي نعمت هو. کيڏڻ رڙيون ڪرڻ، واڪا ڪرڻ سندس وس هو. ننڍڙي ڪچائين گهر جي وڏي اڱڻ ۾ بيهي جڏهين ٻارن جي لڏي سان گڏ ڦيريون پائيندو هو ته سندس ڪيفيت ڪنهن مست کان گهٽ ڪانه هوندي هئي. جيتوڻيڪ سندس ڪا به اهميت ڪا نه هئي، پر هو پنهنجي دلبريءَ جا داو ڏيکاريندو رهندو هو. سندس کلڻي، ملوڪ منهن لاءِ ڪنهن کي ڪو خاص چاهه نه هو. هو هڪ يتيم ٻار هو ۽ اهڙا ٽوهه پٽن ۾ ڪئين پيا هئا.
پرو انهي ۾ به خوش هو. سندس خوشي تڏهن وڌي ويندي هئي. جڏهن سندس پنهنجي سوٽ مومل کي آڱر کان وٺي هلائڻ جي ڪندو هو. هوءَ جڏهن پدمڙا پير کڻي هن سان گڏ اڱڻ ۾ هلندي هئي ته هو خوشي وچان رڙيون ڪندو هو ۽ پڦي زينان کي سڏ ڪندو هو. ”پڦي، او پڦي، هيءَ مومل ته ڏس ڪيئن هلي ٿي. جهڙي ڊيل!“
پڦي! جنهن پرو کي پنهنجو ڪري رکيو هو. ورانڊي مان جواب ڏيندي هيس: ”ها، ها پريل مومل ته ڊيلن جي به راڻي آهي.” هو خوش ٿي، مومل کي مٺي ڏيندو هو ۽ زور سان چوندو هلندو هو: ”هلي منهنجي ڊيل راڻي، هلي منهنجي ڊيل راڻي!“ ۽ وٺي اچي پڦي وٽ بيهندو هو. پڦي هيڏانهن هوڏانهن نهاري چوندي هيس: ” اڙي پريل، هوءَ ته ڊيل آهي تون ڇا آهين، مٺو مور؟“ ته پرو مومل کي ڇڏي ٻانهون کولي مور وانگر نچندو هو ۽ نچندي ٽپندي ٻاهر هليو ويندو هو.
پروءَ جي اها نچڻ ڪڏڻ جي مستي ويتر وڌي ويندي هئي. جڏهن آڙهڙ جا ڏينهن سانوڻ اچي ٺاريندو هو. مينهوڳيءَ جي موسم پروءَ لاءِ من مستي ۽ ڦوهه ڦلارجڻ جا ڏينهن هوندا هئا. هو پهرين ڪڻيءَ تي ٻاهر نڪري ايندو هو ۽ خوشيءَ وچان دانهن ڪندو هو: ”ڀيڄ مولا!“ ۽ پوءِ سندس سوٽ به هنبوڇيون هڻندا نڪري ايندا هئا. نعرن جو ڌوڌڪاٽ هوندو هو.: ”ڀيڄ مولا چاندي جا گولا.“ ”ڀت تي نوڙي، مينهن آيو ڊوڙي.“ پر پروءَ جو وڻندڙ نعرو هوندو هو: ”هڻ ڪو مولا گوڏي جيڏو!“ نعري هڻڻ ۾ هو بنهه مست ٿي ويندو هو. جڏهن تکو مينهن پوندو هو، ٻار سڀ اندر ورانڊي ۾ ڊوڙي ويندا هئا، ته به پرو بيٺو هوندو هو. سندس رڳ رڳ بهاريءَ ۾ هوندي هئي. هو مينهن ڦڙا بت تي ورائيندو ويندو ۽ مينهن ڦڙن کي پيئندو ويندو هو. ڪڏهن ته گپ کڻي بت تي لائيندو، منهن تي مليندو، ڪڏهن ته دٻن مان پاڻي پيئندو هو. پڦيس رڙيون ڪندي هيس: ”پرو، اڙي پرو، مري پوندين، اندر اچ.“ پر هو مينهن جي گوڙ ۾ ڄڻ ته ٻڌندو نه هو. پر جڏهن چاچو نڙ کڻندو هو ۽ ورانڊي مان الاريندو هيس: ”اڙي اچين ٿو يا نه، هڏ گڏ ڀڃي ڇڏيندو سانءِ.“ تڏهن لاچار اندر ايندو هو. پڦيس چولو سڪڻ وجهندي هيس ۽ هو پوتڙو ٻڌي، ورانڊي جي هڪ ڪنڊائتي در وٽ بيهي مينهن جي ڪا لار جهٽي وٺندو هو.
ڪڪر اڃا اڪري مس هلندا هئا ته پروءَ لاءِ ساوا پٽ پٽيهر بڻجي پوندا هئا، هو لهي اچي رئيس جي باغ ۾ پوندو هو، خوشي جون للڪارون ڪندو ليٿڙندو ويندو. يارن سان مستي ڪندو ويندو. موٽندو ته اچڻ سان مومل کي کڻندو ۽ چوندس: ”منهنجي ڊيل راڻي هلي ته سائي پٽ پٽيهر تي. هت نه هلي، هلي ته سائي پٽ تي. راڻي! باغ ۾ هلندينءَ؟“
يڪدم چاچيس رڙ ڪندي هيس ”مئا، باغ ۾ نه کڻي وڃجانس، ڪو تو وانگر پنڌ ٿي ڪري، تنهنجي ٽنگن ۾ لوهه پيو آهي.“
”چاچي مومل وڏي ٿئي ته پوءِ هلندي؟“
”چڱو، چڱو، وڏي ته ٿئي.“
هو مومل جي پدمڙن پيرن کي تڪيندو توريندو رهندو هو. پرو خوش هجي ۽ مومل پير نه کڻي ۽ خوشي وچان چيٽون نه ڪري. مومل جڏهن چٽو ڳالهايو تڏهن به پروءَ دانهن ڪئي: ”پڦي ڊيل ته ٻولي ٿي! “ پڦي وراڻيندي هيس: ” ٻولي سدا ٻولي، مٺو مور!“ ۽ هو ٻانهن جون کنڀڙاٽيون هڻندو، پيرڙا کڻندو چڻ لڳندو هو ۽ مومل به هاڻ ساڻس گڏ پيرڙو کڻندي هئي. مومل نچي ۽ پرو خوش نه ٿئي.
ائين نئين موسم آئي، نئون سانوڻ آيو، پروءَ ۾ ڄڻ ته وڄ واسو ڪيو هو ۽ کيس اسڪول جو به خيال نه رهيو، نه وري موسم جو ئي ڊپ! ڪڪرن جي اهڃاڻ تي هو اسڪول مان ٻاهر نڪري آيو. ڇا جو پڙهڻ ڇا جو لکڻ. هو ڀلا هو من جي مستيءَ ۽ بهاري ۾ اچڻ وارو پکي سو خشڪ پٽن، سڪل ميدانن کي ڏسندو ڊوڙندو آيو. کيس بس نه هئي، جيستائين گهر نه پهتو. هن دانهن ڪئي: ”هڻ مولا گوڏي جيڏو“ سڀني سرتن گڏجي وراڻيو: ”هڻ مولا گوڏي جيڏو.“ مومل ٻاتائي چيو: ”هن مولا تو دوڏي ديڏو.“ ائين ابر ۾ اهاءُ ٿيو. گوڙ ٿي، گجگوڙ جا ٺڪاءَ ٿيا، وڄ وراڪو ڏنو. بادل مستيءَ ۾ ورندا آيا. ڦڙ ڦڙ، ڦري لارون بڻي، پرو تئين بهاري ۾ آيو: ”هڻ مولا ڪو گوڏي جيڏو هڻ.“ وسڪارو ٿيو، نيسارا وهيا. پر پرو اڃا به مستيءَ ۾ هجي، مور کڻي پر کنڊيريا، ڊيل پريان آواز ڪري پرو کنڀڙاٽيون هڻندو وڃي، چوندو وڃي: ”مولا اصل گوڏي جيڏو، گوڏي جيڏو!“ جيئن پرو صدا هڻي تيئين ڪارونڀار ۾ وڄ وراڪو ڏئي، وڄ جو وڄ اڃا وڄي بس ڪري ته بادل بر ٿي بيهن ۽ گوڙ جا ٺڪاءَ هنياءُ ڏڪائن پر پرو مستيءَ ۾ مست هو. سندس ساٿي ورانڊي ۾ وڃي لڪا، هاڻ ته مومل جو به آواز نه هو پر پروءَ جي صدا صدين جون سڪون لاهي ڇڏيون. وسيو به ائين وسيو جو هاڻ پکي پکڻ لڪڻ لڳا، ماڻهوءَ جا ته اڳيئي ڦڦڙ ڏڪڻ لڳا هئا. ڪچيون جايون سو هڪ هڪ ٺڪاءُ تي سندن ڀتيون ٿي لڏيون. ڇتيون ته اڳ ئي وهي هليون هيون گهر وارن جو بنهه ساهه منجهيل هو. هر هڪ اهو پي وراڻيو، : ”جل تون جلال تون آئي بلا کي ٽار تون.“
پڦي زينو ته ورانڊي ۾ بيٺي هئي، هاڻ ته هوءَ پروءَ کي سڏ به نه ٿي ڪري سگهي، متيون منجهيل هر هر ”حسبي الله...“ جو ورد پئي ڪيائين ۽ شوڪارا پئي هنيائين. چاچي، پڦي صفوران ۽ ماسي نعمت، تغاريون ۽ بالٽيون ڇت هيٺان ڏيڻ ۽ گاري ڍوئڻ ۾ پوريون هيون ۽ چاچو، تيشي کنيو ٻرگهلن کي بند ڪرڻ ۾ لڳو پيو هو. مينهن هڻي جاءِ کي ڇني وڌو هو. ڪلاڪ کن ۾ مينهن اصل پوريون ڪري ڇڏيون.
ماسي نعمت ته وهلور پئي ويئي: ”هئڙو مينهن نه ڏٺوسين نه ٻڌوسين. اصل قيامت آهي قيامت.“ چڱي ويل وهي ويئي، مينهن گوڙ، وڄ جي ٺڪائن سان گڏ هڪ آواز بند ٿي ويو آهي. چاچو يڪدم اڀو ٿي ٻاهر ڊوڙيو پرو اتي ئي بيٺو هو. هاڻ هو نعرو نه هڻي رهيو هو : ”واهه ڙي مولا واهه، بنهه بهاري ڪري ڇڏيئه مولا، اصل رنگ لڳي ويا. واهه منهنجا مولا!“
ائين چاچي وڃي ڳٿڙ کان جهليس. کنڀي اندر کڻي آيس: ”ڪتي جا ڦر، اسان جو ٿو وڃي سر ۽ تون آن بهارين ۾!“ هڻ مولا گوڏي جيڏو!“ نڙ کڻي چلم مان ڪڍيائين ۽ اچي ورتائينس:” اڙي چوندين هڻ مولا گوڏي جيڏو، پڻهين ٻرگهل بند ڪندو، ماڻهين گارو ڪندي. توکي اصل نه ڇڏيندس. اڙي ٻيا ڪهڙا هئا. جن گوڏي جيڏو جو نعرو هنيو هو؟“
ٻين نينگرن جو ساهه مٺ ۾ هو. ڪن ته ڪنڊون پاسا ورتا هئا، گلو ۽ شيرل ته کٽ هيٺان وڃي لڪيا هئا. ”نڪرو ٻاهر نڪرو، شمو، يارو، هيڏي اچو.“
ڇوڪرا جيئن ايندا ويا تيئن چاچي نڙ ڦيرايو: ”اڙي گهوڙاڙي مري وياسين. اڙي بابا ڙي، الا ڙي، پي پئي. ائين وڏو ٺڪاءُ ٿيو. سڀ چپ ٿي ويا، ان سان گڏ ”ڌٻڪ“ جو آواز ٿيو. سڀني ورانڊي مان ٻاهر ڏٺو، رنڌڻي جي ڇت ويهي وئي هئي. ان سان گڏ سڀني ڏٺو ته پرو چپ چاپ ٻاهر وڌيو. وچ اڱڻ ۾ بيهي رهيو. ننڍڙا هٿ مٿي کڻي چيائين، ”مولا هاڻ هالار ۾ هارينس.“ هن وري صدا هنئين. ”مولا، هاڻ هالار ۾ هارينس.“ ”مولا، مولا، منهنجا مولا!“
پروءَ جي صدا به ڪا صدا هئي. مينهن جهڪو ٿيڻ لڳو، ڪا گهڙي نه گذري جو مينهن بس ٿي ويو. پرو اتي ايستائين بيٺو رهيو. جيستائين ڪڪر ٽڙي پکڙي نه ويا. هاڻ ته ڏينهن شينهن هو. سڀ ٻاهر نڪري آيا. پڦي زينو وڌي پروءَ وٽ اچي بيٺي ۽ سندس منهن ۾ نهارڻ لڳي. ائين وڏي واڪي چاچس کي چيائين:” ادا نصير، هيءُ ڇوڪر فقير اٿئي، ملنگ مست اٿئي. آئيندي سنڀالي هٿ کڻندو ڪر. سندس ڪرامت ڏٺئي!“
گهر وارا سڀيئي پروءَ جي چوڌاري مڙي آيا، هن کي ائين ڏسي رهيا هئا، ڄڻ ڪا نئين شئي ڏٺي هئائون. چاچي نصير ويجهو اچي پروءَ جي مٿي تي هٿ ڦيريو ۽ پوءِ ڪريل رنڌڻي ڏانهن وڌي ويو. هاڻ ته مومل به پدمڙا پير کڻندي ٻاهر نڪري آئي هئي.
”پلو، مولا دوڏي ديڏو نه، ڊيل راني هلي ڪيون.“ پرو هن کي هلائيندو.: ”منهنجي ڊيل راڻي هلي.“ ڪندو، ٻاهر نڪري ويو. هن ڀيري سندس چاچي خاموش ڄمي بيٺي هئي. هن کي مومل جي ٻاهر وڃڻ تي شايد ڪو به اعتراض نه هو. پرو سڌو اچي رئيسن جي باغ مٿان بيٺو ۽ برسيل جي بهار، اٺي جي هڳاءُ کان مست ٿي مومل کي ڏسي رهيو هو. جيڪا کيس هن مست ڪندڙ موسم جهڙي پئي لڳي. هيءُ ڌوتل، پوتل وڻ، اجريل ڌرتي، هو گپ ۾ ويهي رهيو. مومل گپ کڻي کيڏڻ لڳي. اڄ پرو بهاري ۾ هو. مينهن وسيا هئا. بهاريون ٿيون هيون. ڊيل راڻي ساڻس گڏ هئي.
هوڏانهن ماسي نعمت کي برقعو نه ٿي هٿ آيو، ٿوري دير ۾ گهر گهر ۾ اها ئي وات وائي هئي: ”پرو ڪوئي ڪرامت وارو آهي“ ۽ ائين پروءَ جي ڪرامت سڄي شهر ۾ پکڙجي وئي. الائي ڪٿان ڪٿان ماڻهو اچڻ لڳا. سڀني ننڍڙو مست ڏسڻ ٿي گهريو. اچرج مان پروءَ کي ڏسندا هئا ۽ کانئس دعا گهرائيندا هئا، پرو منڍ ۾ ته حيران هو، ته هيءُ آهي ڇا؟ پوءِ جڏهن نذر نياز ملڻ لڳو، اسڪول بند ٿيو، مار موچڙو بنهه گم، پرو بالم ٿي مست بڻجي ويهي رهيو. چاچي نصير ۽ پڦي زينوءَ جي چاندي هئي. آهستي آهستي گهر رونق اچڻ لڳي پرو ڪوڙا سچا ليڪا پائيندو وڃي. ”حق الله هو“ جو نعرو هڻندو وڃي ۽ چاندي نه وسي!
جيئن ڪرامتون ڪامياب ٿينديون ويون، پرو ڪامياب مست بڻبو ويو. هو ڪڏهن ڪڏهن پڦي کان پڇندو هو: ”پر پڦي مون کي ته ڪجهه به نه ٿو اچي، مان قرآن به پڙهيل نه آهيان، الف ب به پوري نه ٿي اچيم، مان ڪيئن ڪرامت وارو ٿيس.؟“
پڦي هش ڪري آهستي چوندي هيس: ”مٺو مور، ڪرامت جي صاحبن کي ٻاهرين علم جي ضرورت نه هوندي آهي. توکي باطني علم آهي پٽ! تون رڳو نيت سان ابتو سبتو ليڪو ٿو پائين يا هٿڙو ٿو گهمائين يا پاڻيءَ تي ٿو شوڪارين يا پاڻي ۾ ٿو هٿ ٻوڙين ته سڀني جا ڪم سولا ٿيو ٿا پون ۽ ان سان گڏ اسان جا به ڪم سولا!.“
پروءَ ڪجهه به نه سمجهندي ڪنڌ ڌوڻيندو هو. پرو جئين جئين وڏو ٿيندو ويو. سڀ ڳالهه کيس سمجهه ۾ ايندي وئي. هن چاچي جي مجبوري به سمجهي، سڄي گهر جي بي وسيءَ جو به پتو پيس. هن پاڻ کي مست سمجهڻ شروع ڪيو. هاڻ هنن جي گهر ۾ غريبي جو نانءُ نشان نه هو. ڪچي گهر مان پڪو گهر ٿي ويو. اوطاق ٺهي وئي. وڏي ڳالهه ته پروءَ لاءِ ڌار ڪمرو ٺهيو، جنهن کي آڏو سهڻو ڇاپرو هو. سڀڪجهه چاچي نصير جي نظرداريءَ هيٺ ٺهيو. آخر چاچو پراڻو رازو هو. هاڻ ته سندس هٿ به ڏڪندا هئا. پوءِ هو ڪيئن رازپو ڪري ٿي سگهيو.! هونءَ به کيس رازپي جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ قدرت جا به عجيب رنگ آهن. ڪنهن کي هٿ ۾ شفا ڏئي ته ڪنهن کي هٿ ۾ ڪرامت، پرو جو هٿ کڄيو ناهي ۽ سوالي جو سوال پورو ٿيو ناهي! هاڻ ته پروءَ جا هٿ مضبوط، جوانن وارا هٿ هئا. ڪرامت ۾ به اوڏوئي زور هو.
پروءَ لاءِ هاڻ اها ڳالهه ڪا دلچسپي واري ڳالهه نه هئي. هن لاءِ جيڪي ڪجهه هو، سا مومل هئي. مومل هاڻ پوري ڊيل راڻي هئي. هوءَ هن جي سامهون جوڻ مٽائيندي رهي. هاڻ هوءَ خوبصورت ۽ ڊگهن وارن، جهٽ کلڻ ۽ جهٽ بند ٿيڻ وارين وڏين اکين واري سهڻي راڻي هئي. پرو جيئن کيس راڻي سڏيندو آيو هو، تئين سڏيندو ايندو هيس، مومل جو چاهه به رنگ مٽائيندو رهيو. هاڻ جڏهن هوءَ پروءَ جي ڀر ۾ وهندي هئي ۽ پرو سندس هٿ وٺي مٽ ۾ وجهندو هو ته ٿڌو پاڻي سندس رڳ رڳ ۾ ڦلهجي ويندو هو. اهو پاڻي ٻين لاءِ ته شفا هو، پاڻي هو، پر مومل لاءِ آب حيات هو. هوءَ روز ان هٿ لاءِ واجهائيندي هئي ته ڪڏهن ٿو پرو سندس هٿ وٺي. هوءَ نه چوندي به چوندي هيس: ”پرو منهنجي هٿ ۾ ڪهڙي شفا آهي؟ تون منهنجو هٿ ڇو ٿو مٽ ۾ وجهرائين؟“ پرو سندس منهن ڏي ڏسي مرڪي ڏيندو هو.
پرو ان ڏينهن ته بنهه سندس ويجهو وهندو هو. جنهن ڏينهن هوءَ وهنجي سهنجي، اجريل ڪپڙا ڍڪي، الا وار پکيڙي، دٻڪيءَ ۾ ماني ۽ ان تي ٻوڙ جو ڀريل وٽو رکي. ٽلندي سندس ويجهو ايندي هئي. پرو ماني پاسي تي رکي، کيس ٻانهن کان وٺي وهاريندو هو. سندس اکين ۾ نهاريندي، هو ويجهو وڃي سندس وارن جي اڻ اڻيل تاڃي پيٽي کي ڇڪي، نڪ جي ويجهو آڻي، وڏا ساهه کڻندو هو. ان مهل بي بي اخيتار ٿي چوندوهو: ”رب منهنجي جي قدرت!“ مومل ور ور ڪري پڇندي هيس ۽ ان جو جواب به ساڳيو ملندو هيس، ته به هوءَ چوندي هيس: ”پرو ان ۾ ڪهڙي رب جي قدرت آهي؟“
”راڻي تنهنجي آلن وارن مان اهوئي هڳاءُ اچي ٿو، جيڪو اٺي ويل ڌرتي ڇڏيندي آهي ۽ ملڪ واسجي ويندو آهي. ڇا اهو هڳاءُ عطر عنبير کان گهٽ آهي!“
اٺي جي ويل سان سندس قرب هليو آيو. اٺي جون بهاريون آيون ناهن، پرو ڇاپري مان نڪري ايندو. سندس صدا اهائي هوندي: ”هڻ مولا گوڏي جيڏو.“ اڃا هڪ ٻه صدا مس هڻندو ته مومل پري کان ڊوڙندي ايندس: ”بس پريل!“ هو ماٺ ٿي ويندو پر اڀو ٿي پيو نچندو. مينهن بت تي ورائيندو، پاڻيءَ جون لارون پيئندو. دٻن مان ڍڪ ڀريندو. مٽي کڻي بت تي لائيندو، هڪ وڏو مٽيءَ جو چاڻو کڻي مٿي تي رکندو هو. هڪ چاڻو ڌوپجي ويندس ته ٻيو کڻندو. چڱي ويل کان پوءِ مومل سڏ ڪندي هيس ۽ هو اندر ڇاپري ۾ هلي ايندو هو. مومل پوتڙو کڻي انگ اگهندي هيس. هو ڌيرج سان هٿ وٺي سندس هٿ ۾ پيل ٺڪر جي چٽيل ڇلي کي وٺي ڦيرائيندو ۽ پوءِ انگوڇو وٺي پاڻ کي پاڻ اگهندو هو. هوءَ چپ چاپ ٻاهر وڃي ڇاپري ۾ بيهندي هئي ۽ پرو لٽا مٽائي اچي ڀر ۾ بيهندو هيس، مومل سندس اکين ۾ نهاري چوندي هيس: ”پريل تون، مينهاڻي مست ڇو آهين.؟ مينهن توکي مست ڇو ٿو ڪري؟“
پرو مرڪي چوندو هيس: ”راڻي مينهن ۽ ڌرتي جو ازلي لاڳاپو آهي. اسين هن ڌرتي جا ننڍڙا ڌڻي آهيون، اسين به مست نه ٿينداسين ته ٻيو ڪير ٿيندو! ڇا توکي مينهن مست نه ڪندو آ؟ هن جهڙ ڦڙ جي بهار ۾ تون ڪجهه به محسوس نه ٿي ڪرين؟“
مومل انهي جملي سان ڄڻ ته ڇڪجي سندس ڀر ۾ هلي ويندي هئي ۽ پوءِ سامهون ورانڊي ڏي نظر ڦيرائي هڪدم پوئتي ويندي هئي. رڳو ايترو چوندي هيس: ”پرو مون کي پتو ناهي!“ اهو چئي رئو کڻي چٻاڙيندي هئي يا انهيءَ ٺڪر جي ڇلي کي ڦيرائيندي هئي. جنهن ۾ سندس ساهه هو ۽ پرو هڪدم هٿ وٺي چوندو هيس:
”انهي ڇلي جا چڪر مان ڦيرائيندس، گهمي ته ٿو پر سولو نه. ڪاڏي ويندو، نيٺ ته هن هٿ وس ايندو.“
مومل مرڪي چوندي هيس: ”هاڻي تنهنجي هٿ وس ناهي ڇا، هينئر به ته تنهنجو آ.“
”نه راڻي جڏهن مان موڙ ٻڌي هٿ لال ڪري، تنهنجن رتڙن هٿن ۾ هٿ وجهي انهيءَ ڇلي کي مقدر سمجهي ڦيرائيندس پوءِ جيڪي نصيب!“
مومل شرمائجي ڇاپري جي ڪنڊ وڃي کڻندي هئي ۽ سندس ساهه اڀو کڄندو هو. پرو ويجهو ويندو هو ته هوءَ هٿ وڌائي چوندي هيس: ”پرو انهيءَ ڇلي کي ڦيرائيندو ڪر، الائجي ڇو منهنجو شاديءَ ۾ ايمان نه ٿو بيهي، هونئن به پرو شادي محبت جو معراج ته ڪونهي.“
پرو هڪ سادي سودي نينگر کان اهي اکر ٻڌي، ڇرڪي ويندو هو ۽ ڳالهه ٽارڻ لاءِ چوندو هيس: ”تون به ڪنهن کان گهٽ ناهين. بنهه مست آهين. مون کان به وڌيڪ تو ۾ هونئن به مڻيا آهي، پر راڻي جڏهن سمجهه ڀريو ڳالهائين ٿي ته بس، پوءِ اسان پاريو مست وڏو مست ٿي وڃي ٿو.“
ايئن ٻئي ڄڻا کلي ڏيندا هئا ۽ پڦي زينو، جيڪا هاڻي قبر ۾ پير لڙڪايو ويٺي هئي. سامهون ورانڊي مان اهو نظارو پئي پسندي هئي. نور اڃا سڄو هيس، پر سندس ڀاءُ چاچي نصير کي ته پتو نه ٿي پيو. پڦي زينو ڏسندي ڏسندي ڪنڌ لاڙي ڀاءُ کي چوندي هئي. ”ادا، هو جوڙو ڏسين ٿو؟“
”ڪهڙو جوڙو؟“
”پکين جو“
”مينهن ۾ اڃا پکي ويٺا آهن؟“
هوءَ گهڙي ماٺ ڪري، پوءِ چوندي هيس: ”ادا، پريل جي پارت اٿئي.“
توکي به رکيو رکيو ٿا پور پون. الله ڪري جڙي هجين، مون کي پارت ڇو ٿي ڪرين!“
”ادا، مومل کي پريل کان ڌار نه ڪجانءِ نه ته سڀ ڪجهه ختم ٿي ويندءِ، ٻڌايانءِ ٿي. اهو به ٻڌايانءِ ٿي ته ٺهيا ئي هڪٻئي لاءِ ..........“ ۽ اچي کنگهه ڇڙندي هيس، هو ساڻي ٿي ڪرندي هئي ۽ چاچو نصير کيس اوڇڻ ڍڪي سمهاريندو هو.
”چري، ڳڻتي ڇو ٿي ڪرين؟ گهر جي گهر ۾ ڳالهه آهي، ڪا پري آهي ڇا. ڪنهن ڏينهن مکا ميڙو ڪرائي ڇڏينداسون.“ ائين چوندي هو مرڪي به ڏيندو هو ۽ ڀيڻ کي دلداري به ڏيندو هو. پر پريان ماسي نعمت جيڪا ڪن لايو ويٺي هوندي هئي، ڪوڙو منهن ڪريو. موڙو ڏيندو هئي ۽ آهستي ڀڻڪندي چوندي هئي، ”رک ڌڻيءَ تي، رڳو منهنجو شيرل روزگار سان لڳي، ڏس ته مان ڪيئن ٿي پنهنجا ٻيڙا ٻني لايان.“
ماسي نعمت جي ٻيڙن کي واقعي ڪو واءُ سولو لڳو، جو پڦي زينو ته الله ڏي هلي، پر چاچي نصير به ڌڪ نه جهليو. مٺي ڀيڻ جي ڌڪ هڻي ڌڪي وڌس. ٻئي ڄڻا وڏي جيءَ سان ٿي جيا، پر جيءَ جو ڪهڙو جياپو سڀ ڪي ڌڻيءَ وس، وڻيس ته جياري وڻيس ته ڪک پن ڪري ڇڏي.
پروءَ کي ڪنهن به اڄ تائين روئندو نه ڏٺو هو، سو وسيو ۽ سندس اکين جي وسڪاري، مومل کي ويتر رئاري وڌو. مومل هڄي پئي ۽ سندس هڄيل هانءُ کي ڏسي، پروءَ کڻي ماٺ ڪئي نه ته شايد اڀ کي به رئاري ها، پر پروءَ جو هانءُ تڏهن بنهه کاڄي ويو، جڏهن هڪ ڏينهن مومل ڏانهنس نه لڙي، منجهند جو ماني به ماسي نعمت کڻي آيس. هن رات تائين صبر ڪيو. پر جڏهن رات جو به ماسي نعمت اچي سندس آڏو ماني اڇلائي تڏهن هو بر ٿي ويو. ”مومل ڪاٿي آ.“
”مومل ڪا تنهنجي ڳڌل آ جو هر ويلي تنهنجي ماني کڻي اچي، ٽهل ٽڪور ڪري.“
”ماسي مستن کي نه ڇيڙ.“ پروءَ رڙ ڪئي ان سان گڏ سندس اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون.
”اهي اکيون ٻين کي ڏيکار، اهو مينهاڻي مست تون ٻين لاءِ هوندين. مان سڃاڻانءِ ٿي ته تون ڪهڙو مست فقير آن! مون سان گهڻي ٽين ٽين ڪندي، ته وجهندس هٿ برقعي ۾ جيئن مون پاڙي اوڙي وڃي توکي مست ٺاهيو هو. هاڻ تنهنجي مستي ڪڍي ڪنديس ٻاهر.“
پروءَ يڪدم ماني کڻي ٻاهر اڇلائي: ”نڪري وڃ هتان“
”وڃان ٿي پر اهو ياد رک ته مومل هاڻي شيرل جي نالي ٿي چڪي آهي. جي تو ان جو نالو به کنيو ته مون جهڙو بڇڙو نه ٿيندءِ!“
پرو حيران ٿي سندس منهن ۾ ڏسڻ لڳو، ڪا گهڙي هو خاموش رهيو. پوءِ ته ڄڻ جلالي اچي ويس، يڪدم ٽپڙ کڻي اڇلايائين مستن وانگر مست ٿي پيو، دانهن اهڙي ڪيائين جو ماسي نعمت ڇرڪي وٺي ٻاهر ڀڳي. پروءَ رڙ ڪئي: ”مولا، ڪٿي آهين، مولا ! هڻ ڪو گوڏي جيڏو! مولا هڻ ڪو گوڏي جيڏو!“
ٺار جا ڏينهن هئا، سڀ ورانڊي مان نڪري آيا. ماسي نعمت وڃي ڪنڊ جهلي هئي، پروءَ جي چاچي وڌي آيس: ”ماسي ڇا ڪيس!“
”اڙي امان ماريئي کي ڇا ڪيم، چيومانس ته منهنجي مومل جو نالو نه کڻي.“
”ماسي تو کي جهليو به هيم ته في الحال ڳالهه نه ڪر، پر اصل پيٽ جي هلڪي آهين. هوڏانهن ڇوڪريءَ کي به بند ڪيو اٿئي جا پئي جهڄي، هيڏانهن هيءُ ممڻ مچائي ڇڏيو اٿئي.“
”ممڻ ڇاجو، ڀلي پيو رنڀي، رنڀي رنڀي ماٺ ڪندو. هليو آ گوڏي جيڏو وسائڻ، مينهن جي ڪا موسوم آ، جو بس هاڻ اڀ ڏري پوندو!“
پروءَ رڙي رڙي، گهڙي ساهه کنيو ۽ آسمان ڏانهن ڏٺو، پر اتي ڪجهه به نه هو.
اوچتو سندس ڪنن تي پڙلاءُ پيو. آواز وچ واري ڪمري جون حدون لتاڙيندو ورانڊو ٽپندو، سندس مستي کي مست ڪندو ويو.
”پرو، پرو،!“
پروءَ کي ائين محسوس ٿيو ته ننڍڙي ڊيل پئي ڪوڪاري، سندس هٿ مٿي کڄي ويا ۽ کنڀڙاٽيون هڻي ڦيريون پاتائين. سڌو وچين ڪمري ۾ پهتو، اندرين ڪوٺيءَ کي ڪلف هو. اندران اهوئي آواز: ”پرو، پرو!“ هن ڪلف کي سٽ ڏني، پر نه کليو. هن مستيءَ ۾ در کي هڪ ٽڪر هنيو، ٻيو ٽڪر هنيو، سندس رتو ڇاڻ منهن تي اهائي مستي هئي. هو هاڻ رڳو اهو چئي رهيو هو: ”منهنجا مولا، ڪٿي آهين، ڏسين ٿو، اڃا چئين ٿو ته نه، بس مولا هڻ ڪو گوڏي جيڏو، ڪر ڪا بهاري!“ هو رت ڳاڙيندو رهيو. ٽڪر هڻندو رهيو، پر ڊپ کان ڪير به سندس ويجهو نه پئي آيو. ماسيءَ شيرل کي ڌڪو ڏنو، پر شيرل اتي ئي ڄمي ويو. سندس سوٽ پري بيٺا هئا. پرو رت ڳاڙيندي ڳاڙيندي، ڪري پيو. کيس ائين محسوس ٿيو ته هاڻ اندران ڪير ٽڪر پيو هڻي. هن اٿڻ جي ڪئي، پر اٿي نه سگهيو. رت ڦڙن وڃي ڌرتي کنئي، هاڻ رت جو مينهن هو، جو پئي وسيو. ائين گوڙ جو آواز ٿيو، وڄ جو چمڪاٽ ٿيڻ لڳو. سڀ ٻاهر ڀڳا ڪارن ڪڪرن جي ڪارنهن سڄي آسمان کي ويڙهي وئي هئي. هڪ گوڙ جا ٺڪاءَ ٻيو وڄ جا چمڪاٽ، اوندهه انڌوڪار ٿي ويو. وڄ جي روشني ويتر ٿي هنيانءُ ڇنو ۽ ائين اچي وڏ ڦڙي ٺڪاءُ ڪيو. مينهن به مينهن هجي، پاڻي هجي جو ڇڇڪارا ڪيو پيو وسي، ڄڻ ڪير ڇڄ ڀري پيو هاري. پروءَ جي چاچي ڪجهه پاڻ سنڀالي ورتو ۽ هوءَ پٺين پير واپس وري، پرو کي اورانگهي وڃي ڪلف کوليائين. پرو بي سرت پيو هو. ڪوٺيءَ جو در کوليندي وسامي ويئي، مومل به ٽڪر هڻي رتو ڇاڻ ٿيو پئي هئي. يڪدم دانهن ڪيائين.
”اڙي مري ويئي ماڻس، ماسي، شيرل، گلو، اڙي هيڏانهن اچو.“
سڀ ڊوڙندا آيا، مومل کي کڻي کٽ ڀيڙو ڪيائون. ڪو سرمو کڻي آيو، ڪو پٽيون، ڪو پاڻي، مومل اک کوليندي چيو: ”پريل! سڀني اوڏانهن نهاريو، جت پرو پيو هو، هو ڌڪ جي پرواهه نه ڪري پروءَ ڏانهن وڌي، نئڙي هن کي ڏٺائين، ڳوڙها ڳڙي آيس، پوءِ يڪدم هوش سنڀالي چيائين: ”ادا گلو! هن کي کڻوس.“ هن پاڻ بيهي پروءَ جا زخم صاف ڪيا، سرمو ڀريائينس، آهستي آهستي هن جي ڀرسان ويهي رهي. ماسي نعمت جيڪا اڃا به وهلور پئي ويئي، تنهن شيرل ۽ گلوءَ کي سرٻاٽ ڪيو ته پروءَ کي کڻي سندس ڪوٺيءَ ۾ اڇلي اچو. مومل سرٻاٽ ٻڌو، ڪنڌ کڻي چيائين ته: ”خبردار جو ڪنهن پروءَ کي هٿ لاتو آهي، رڳو پنهنجو خير گهرو.“
ان ويل وڏو ٺڪاءُ ٿيو، ڪنهن ورانڊي مان دانهن ڪئي: ”رڌڻو ويو.“ ان ويل ٻيو ٺڪاءُ ٿيو: ”وهنجڻ جي جاءِ وئي.“
ٻئي ڌڌڪي تي هيسيل آواز آيا: ”ورانڊي جو هڪ حصو به هليو ويو.“
ائين سڀني ڊوڙي اچي ڪمري ۾ پناه ورتي، مومل پروءَ کي ڏسي رهي هئي. جيڪو هاڻ هوش ۾ هو ۽ مومل جي اکين ۾ اکيون هيس. هو گهڙيءَ کان پوءِ آهستي اٿيو، وڄ جو چمڪاٽ ڏٺائين، مينهن جو شپڪو ٻڌائين، اصل کٽ تان لهي بيٺو، مومل ٻانهن کان ورتس، پرهو اڳتي هلندو ويو. ائين چوندو ويو: واهه منهنجا مولا اصل بهاري ڪري ڇڏيئه، اصل رنگ لڳائي ڇڏيئه، واهه منهنجا سائين؟“
هو ورانڊي ۾ ئي هو ته ڀرواري جاءِ جو ڌڌڪاٽ ٻڌائين، رڙيون واڪا، ان سان گڏ پاڙي مان بانگن جو آواز اچڻ لڳو مومل اچي ڀرسان بيٺس: ”پريل هاڻي بس، رب جي ذات بيشڪ وڏي آهي، هاڻي سندس در کڙڪاءِ پريل!“
”مومل، منهنجي مولا آڏو سڀ ننڍا برابر آهن. تون به ٻاڏاءِ اچ مون سان.“
وچ اڱڻ ۾ مينهن جي پناهه وٺيو ٻيئي بيٺا هئا، مومل هٿڙا اڀا ڪيا، ”مولا هاڻي بس. منهنجا مولا هاڻي هالار ۾ هارينس منهنجا مولا رحم!“ ڪا گهڙي هوءَ ٻاڏائيندا رهي، رڙيون ڪندي رهي ۽ پرو خاموش بيٺو رهيو. ائين مينهن جهڪو ٿيو. تان جو ڦڙڦڙ وڃي بچي. ويل ئي ڪا نه گذري جو آسمان تي تارا چٽا ڏسڻ ۾ آيا. پروءَ آهستي سندس هٿ ورتو، ٺڪر جي چٽيل ڇلي کي ڦيرايو: ”راڻي اهو سچ آهي، شادي محبت جو معراج ناهي، پر هاڻي هيءُ جهڙ ڦڙ جون بهاريون نه ٿينديون، هاڻي مينهن نه وسندا، هاڻي ملڻ ڪهڙا، جدايون ته ڪينهن منهنجا سائين!“ پرو آهستي سندس هٿڙو ڇڏائي وڌيو ۽ ڏيڍي وٽ بيهي مومل کي ڏٺائين، جيڪا بت بڻيو بيٺي هئي، چوڌاري سڀ ڀاتي مڙي ويا، ماسي نعمت جو آواز چٽو هو، ”ٻڙي، هن جو خيال ڪيو، هيءُ الله لوڪ نينگر اٿو، ڪرامت ڪانه ڏٺوَ، وٺي هلي اندر ويهاريوس، هئڙا الله لوڪ ماڻهو ڪانيءَ ڪرامت وارا ورلي پيدا ٿيندا آهن.“ پرو ڪڙو کولي ٻاهر نڪري ويو. هن جي وڃڻ تي مومل ڄڻ سجاڳ ٿي پئي، دانهن ڪيائين ”پريل، پريل!“
پرو جيئن ڏيڍي جي چانئٺ ٽپيو، تيئن وري نه آيو. هو هاڻي سچو پچو مينهاڻي مست هو. هل الفي ۽ پاڻ، ڪڏهن ڪهڙي دڪان تي، ڪٿان ريوڙيون کنيائين، ڪٿان ڀڳڙا، ڊوڙون پيو پائيندو هو. رکي رکي دانهن پئي پوندس: ”هاڻي جهڙ ڦڙ بهاريون نه ٿينديون، هاڻي مينهن نه وسندا.“
ڪو ڳالهائڻ جي ڪندس ته وران ۾ ڍڪيل چپ کلي پوندا، چوندو: ”مٺا، شادي محبت جو معراج ناهي.“
ڪو دل جليو اتي ئي پڇندس: ”مينهاڻي مست! پوءِ محبت جو معراج ڇا آهي؟”
”جهڙ ڦڙ هي بهاري ۽ وسندڙن جو خير!“
”پر تون چئين ٿو ته هاڻي مينهن نه وسندا، هاڻي جهڙ ڦڙ جي بهاري نه ٿيندي.“
”اکين جي جهڙ ڦڙ کي ڪنهن روڪيو آ!“
پرو، غلاموءَ جي دڪان تي گهڻو ويهندو هو. غلامون سان دل به هوندي هيس. رات جو سندس دڪان جي دڪيءَ تي سمهي پوندو هو. ٿڌ ۾، ولهه ۾، سوڙ يا رلي به نه ورتائين، دڪان مان ٻه ٽي ڦاٽل ڳوڻيون کنيائين جيڪي کيس رات جو اوڇڻ جو ڪم ڏينديون هيون. غلامو جو پاڻ به ڦٽيل هو، ڪو نينهن لاتو هئائين، پر دل جو دلبر کيس ڌڪ ڏئي هليو ويو هو. هو جڏهن ٻرندو هو ته يڪدم دانهن ڪري چوند هو: ”پريل! دل ڪنهن سان لائجي؟ هنن ماڻهن سان جن ۾ وفا ناهي؟“
پريل رکي رکي چوندو هيس: ”منهنجي مولا جا غلام، تون هن مولا جي ڌرتيءَ جو به غلام آهين. هن ڌرتيءَ سان نينهن لاءِ ڏاڍي سوادي اٿئي.” پوءِ مٽي کڻي مٿي ۾ وجهندو. منهن تي مکيندو، ڌڌڙ اڏائيندو، ڊوڙندو ويندو: ”واهه منهنجا مولا، اصل بهاريون ڪري ڇڏيئه“
هاڻي ته واقعي مٽيءَ جو مينهن وسڻ لڳو هو. ڪيتريون مندون ٽري ويون ۽ نئين مند به خير سان پوري ٿيڻ تي هئي. مينهن جو ته پتو ئي نه هو، چوڌاري خشڪيءَ جو سمنڊ هو، جنهن ۾ سڀ پئي سڙيا ۽ ٻريا، ڍورا ڍوريون، ڪسيون ڪورون، تل ترايون سڀ خشڪ هيون. وڻ ٽن، پکي پکڻ، ڍرو دڳو سو ڪهڙي جو ساءُ نٿي ماڻي سگهيا. ڪن دم ٿي ڏنو، ته ڪي پوين پساهن ۾ هئا، ٻنيون ٻارا ته ٻري ٻارڻ ٿيا. هاڻ ماڻهن جو وارو هو.
سڀ پروءَ کي ڦري ايندا هئا، پر هو دانهن ڪري چوندو هو: ”هاڻ جهڙ ڦڙ جون بهاريون نه ٿينديون. هاڻ مينهن نه وسندا.“ ۽ ڊوڙ پائي شاهن جي درگاهه واري ميدان ۾ لهي ويندو هو. پوءِ هن کي ڪير وٺي. نيٺ غلاموءَ چيس: ”پرو، ائين نه ڪر، مينهن وساءِ!“
”مينهن منهنجي مولا جي هٿ وس آهي، پروءَ کي ڪهڙي طاقت آهي.“
”پر پرو تنهنجي دعا ۾ وڏي طاقت آ. تون کڻي دعا گهر، ڏس ڌرتي سڄي ٺوٺ ٿي ويئي آ. هاڻ ته کوهيون به سڪي ويون آهن. باقي بچيو آ مارڪيٽ وارو کوهه، اهو به گهڻا ڏينهن؟ هيءَ ڌرتيءَ وڌيڪ ٺوٺ رهي ته اسين سڀ ٺوٺ ٿي وينداسين پريل!“
پرو کلندو هو ۽ پور پوڻ تي چوندو هيس: ” منهنجي مولا جا غلام، منهنجي مولا جي ڌرتي جا غلام، هن ڌرتي ۽ سندس ماڻهن جو ٺوٺ هجڻ ۾ شڪ اٿئي ڇا؟ پر اهو ياد رک ته ڌرتي هميشه دان گهرندي آهي. سمجهيئه! ڌرتي دان گهري ٿي!“
غلامون دان تي ڇرڪيو. سڀني کي سڏي چيائين ۽ خير خيراتيون شروع ٿي ويون، پر شايد اتي نه اگهاميون يا اڃا دير هئي.
هن ڀيري غلاموءَ کي جيئن پرو منهن تي چڙهيو، اصل بر ٿي بيٺس: ”تون مست ٿيو آن، ڌوڙ جو مينهاڻي مست آن! تون الله لوڪ آن، رڳو عاشق جيئڙو آن، مومل جي عشق ۾ حيران، اڙي ڪو اٿئي هن ڌرتي سان به عشق؟ ڌرتي دان گهري ٿي، ڌوڙ نه ڇائي، هاڻي ڌوڙ پاءِ، مومل ڪارو منهن ٿي ڪرئي. سڀ مومل کي مڃائي آيا آهن، هوءَ توکان فقيري ۽ مستيءَ ۾ گهٽ ڪانهي، اڄ دعا گهرندي، ڏس ته منهنجو رب ڇا ٿو ڪري؟“
پرو ڪا گهڙي ڄمي بيهي رهيو. پوءِ ڊوڙ پاتائين، سڌو وڃي پنهنجي گهر جي ڏيڍي وٽ پهتو. پر چانئٺ نه ٽپيو. اندران مومل جو آواز پئي آيو: ”مولا! هڻ ڪو گوڏي جيڏو!“
”ڀيڄ مولا، منهنجا مولا رحم!“
پروءَ ات بيٺي ئي سين هنئي: ”ڀيڄ مولا! هڻ ڪو گوڏي جيڏو!“ هڪ ئي صدا تي مومل ڊوڙندي ڏيڍي وٽ پهتي. پرو هن کي سڃاڻي نه سگهيو، هڏن جو پڃرو! ڪاڏي ويا چوٽا چنبيل جا، ڪاڏي ويون پنبڻيون پناهه واريون ڪاڏي ويا گل گلاب جا، ڪاڏي ويا عطر جا هڳاو! هو هڪ ٺوٺ خشڪ سڪل ڌرتي کي ڏسي رهيو هو.
مومل هن جي ملوڪ منهن کي چيڙهالي وارن جي ڪڪرن ۾ پسي ڪو خوش ڪانه ٿي. اڇي اجري ماڻهوءَ کي ڌڌڙ ۽ مٽيءَ جي تهن ۾ ڏسي ڳوڙها ڳڙي پيس. هوءَ وڌي وٽس آئي. پروءَ ڌيرج سان سندس هٿ ورتو. اتي اهوئي ٺڪر جو چٽيل ڇلو موجود هو. هن ان کي ڦيرايو ۽ چيائينس: ”راڻي! هاڻ بهاريون ٿينديون. مينهن وسندا، سڀڪجهه اجري پوندو. تون دل نه لاهه.“
۽ هن زور سان نعرو هنيو. ”مولا ! هڻ ڪو گوڏي جيڏو.“
هن ڏٺو ته ماسي نعمت اچي پيرن کان جهليو هيس. ” ابا، پٺتي نه موٽ. بس، جيڪا ٿي، سا ٿي. مومل اڄ به تنهنجي آهي، تنهنجي رهندي، مون کان خطا ٿي.“
هن آهستي پير ڇڏايا ۽ گهوري ماسي نعمت ڏانهن نهاريو، ”ماسي مستن سان وڌيڪ مستي ڪندينءَ ته تنهنجي شيري کي خاڪ ڪري ڇڏيندوسانءِ.“
” اڙي ابا، هن ته ڪجهه به نه ڪيو آهي. هن تنهنجي ڊپ کان مومل سان شادي ئي نه ڪئي.“
”مومل سان شادي؟“ پرو کليو، کلندي کلندي چپ ڀڪوڙي جي ويس. ”هي مومل ٿوروئي آهي، هيءَ ته منهنجي ڌرتي آهي ۽ هن سان لائون لهڻ لاءِ ڳاڙهو گهوٽ کپي. ڌرتيءَ لاءِ سر سٿرو ناهي، ڌرتي دان کان سواءِ ڪنهن جي ڪانهي. سمجهيئه ماسي!“
ماسي ڪجهه به نه سمجهندي وڃي ڀت ۾ لڳي هئي.
پروءَ مرڪي، مومل جو هٿ ورتو. وٺي ڇلي کي ڦيرو ڏنائين ۽ صدائون هڻندو ٻاهر نڪري ويو. ”هڻ مولا گوڏي جيڏو.“ جيئن گهٽي ٽپي پرئين ڀر ٿيو، ته نظر وڃي رئيسن واري باغ تي پيس. جتي هاڻ سلا به سڙي خاڪ ٿي ويا هئا. وڻن جي ڄڻ ڪنهن ڇانگ ڪري ڇڏي هئي. هو آهستي لهي ان پٽ تي بيٺو، جيڪو ڪنهن وقت هن لاءِ پٽ پٽيهر هو، جنهن جي سائي گاهه تي هو ليٿڙيون پائيندو هو. هو ان ئي پٽ تي دڙها هڻڻ لڳو، جيڪو هينئر خشڪ ميدان جي صورت اختيار ڪري چڪو هو، جنهن جو هر حصو ٺوٺ بڻجي چڪو هو. گهڙي ۾ ماڻهو اچي مڙيا سڀ آسائتا. اڃايل اڃ کنيو بيٺا هئا ۽ ڌرتي ٺوٺ هئي.
هاڻ پروءَ جي مينهاڻي مست هجڻ جو به ايمان لڏڻ لڳو. پروءَ جي زبان ٺوٺ ٿي وئي هئي. هو نچي ڪڏي ٽپا ڏئي کنڀڙاٽيون هڻي سهڪي پيو هو. سندس نڙي ويهجي وئي هئي، پر سندس صدائن ۾ ڪا به ڪمي نه آئي هئي. اهائي صدا، پر منهنجي رب جي ذات اڃا گهڻي وڏي آهي. جڏهن راضي ٿئي. پروءَ کي الائجي ڇا ٿيو. اوچتو هن دانهن ڪئي.
”ها منهنجا مولا، هيءَ ٺوٺ ڌرتي دان گهري ٿي، رت جو ريج گهري ٿي، تون سو منهن نه موڙ، باقي بندو حاضر آهي. ”ائين چئي پرو نوڙيو، وڃي نراڙ ڀر فرش کنيائين ۽ زور سان ڌرتي تي ٽڪر هڻڻ لڳو. ڀلا ڌرتي ورهين جي اڃايل، صفا ٺوٺ، اصل رڪ ٿي لڳس. ٻئي ڌڪ ۾ رت جون ٺينڍيون وهڻ لڳس ڀلا خشڪ زمين رت ائين پيئندي وڃي جيئن ڪو اڃايل اڃ لاهيندو آهي. پر پرو به ريج ڏيندو وڃينس ۽ هو ايستائين ڌڪ هڻندو رهيو، جيستائين آبر ۾ اهاءُ نه ٿيو پهرين ڦڙي مٿس وسڪارو نه ڪيو ۽ پرو بي نور اکيون مٿي کڻي چيو: ”واهه منهنجا مولا اصل رنگ لائي ڇڏيئه، بنهه بهاريون.........!“ پرو وڌيڪ چئي نه سگهيو ۽ وڃي ڌرتي جو پاسو ورتائين. هاڻ سندس رت به ڌوپيو پئي ويو، آهستي آهستي رت جي لالاڻ مينهن جي ڌارائن ۾ گڏجيو ڦهلبي وئي. ڪو وهڪرو ڪنهن طرف هو، ڪو وهڪرو ڪنهن طرف. رت جي لالائي پاڻي جي سونهن کي وڌيڪ سهڻو ڪري ڇڏيو هو. ڌرتي ته مٿاهينءَ تان، جتي مومل رهندي هئي. اتان جيڪي به وهڪرا آيا پئي، تن ۾ به اهائي لالاڻ، اهائي سرخي هئي. ٻئي وهڪرا جڏهن پاڻ ۾ ملي اڳتي وڌيا ته سڄي ڌرتي پٽ پٽيهر جو وڳ کڻي پاتو.
چون ٿا ته جڏهن به اسان جي ڌرتي ٺوٺ ٿي ويندي آهي ته ڪو نه ڪو مست ان کي رت جو ريج ڏيندو آهي ۽ الائجي ڪيترن مستن جو ان ڌرتيءَ کي ريج ڏنل آهي. جو هاڻ ڪڏهن به هت سوڪهڙو نه ٿيندو آهي. هميشه جهڙ ڦڙ جون بهارون هونديون آهن ۽ اٺي جي مند ڪڏهن به کوٽي نه ٿي آهي.