ڪھاڻيون

رهيل قرض

ھي ڪتاب نامياري ڪهاڻيڪار ۽ پبلشر ظفر حسن جي ڪهاڻين جو مجموعو آھي.
ظفر حسن سيد، سنڌي ٻولي، سنڌي ادب ۽ سنڌ ڌرتي سان ”لا شريڪ لھ“ جي حد تائين عشق ڪيو. انهيءَ حوالي سان هو پنهنجي ذاتي توڙي ادبي زندگي ۾ پنهنجي ٺاهيل اصولن کان ڪڏهن به نه هٽيو. ظفر حسن سان انهن اصولن جي آڌار تي اختلاف ڪندڙ ماڻهو به سندس سچائي ۽ ايمانداري کان انڪاري نه هوندا هئا.
  • 4.5/5.0
  • 860
  • 267
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book رهيل قرض

نيو فيلڊس پبليڪيشنس جو ٻاويهون ڪتاب

ڇپائيندڙ : نيو فيلڊس پبليڪيشنس
ٽنڊو ولي محمد، حيدرآباد، سنڌ
ڇپيندڙ : پرفيڪٽ پرنٽرس، 474 صدر
حيدرآباد، سنڌ
ٽائيٽل ڊزائن: قيس ابڙو
پهريون ايڊيش: مارچ 1981ع
قيمت : سادي ڪاپي 12.00 رپيا
اوچي ڪاپي 16.00 رپيا
ڊجيٽل ايڊيشن: 2020ع
سنڌ سلامت ڪتاب گهر
books.sindhsalamat.com


سڀ حق ( ڪاپي رائيٽ) ظفر حسن وٽ محفوظ


RAHIAL KARZ (Unpaid Loan) : Short stories
By ZAFAR HASAN in Sindhi,
Published by New Fields Publications, Tando Wali Mohammed, Hyderabad Sindh.Pakistan.
First Edition March 1981.


ھيءُ ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ محمد سليمان وساڻ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ڪراچيءَ پاران پڌرو ڪيو.

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”رھيل قرض“ اوهان اڳيان پيش آهي. ھي ڪتاب نامياري ڪهاڻيڪار ۽ پبلشر ظفر حسن جي ڪهاڻين جو مجموعو آھي.
ظفر حسن سيد، سنڌي ٻولي، سنڌي ادب ۽ سنڌ ڌرتي سان ”لا شريڪ لھ“ جي حد تائين عشق ڪيو. انهيءَ حوالي سان هو پنهنجي ذاتي توڙي ادبي زندگي ۾ پنهنجي ٺاهيل اصولن کان ڪڏهن به نه هٽيو. ظفر حسن سان انهن اصولن جي آڌار تي اختلاف ڪندڙ ماڻهو به سندس سچائي ۽ ايمانداري کان انڪاري نه هوندا هئا.
ھي ڪتاب 1981ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين ظهير احمد ڪلهوڙو صاحب جا جنهن پنهنجي ٻارن رابيل، شرجيل، ڪومل، عديل، نبيل ۽ ارسل سان گڏ ڪتاب جي نئين سر ڪمپوزنگ ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ارپنا

پيءُ نذر علي سيد 1981ع...1953ع
جي هو جيئرو هجي ها تہ هي ڪتاب ڏسي
ڪيترو نہ خوش ٿئي ها.
۽
ماءُ حسينا بي بي
جيڪا هي ڪتاب ڏسي ڪيترو نہ خوش ٿيندي
پر اڌ رنگ وگهي ڪجھ ڳالهائي نہ سگهندي ھئي
پر سندس اکين ۽ مرڪ مان آئون سمجهي ويندس.
جي نالي

(23 مارچ 1981ع)

رهيل قرض جي موٽ

اڄ مان جنهن ڪتاب ”رهيل قرض“ کي ڪمپيوٽر ۽ موبائل تي آساني سان پڙهڻ لائق ڪري ڪمپوز ۽ پي.ڊي.ايف ۾ آڻي پيش ڪري رهيو آهيان ان ڪتاب جي ليکڪ جو تعارف ڪرائيندي، پنهنجي لاءِ اعزاز سمجهان ٿو، اهو آهي منهنجي اُستاد ”سائين ظفر حسن سيد صاحب“ . سائين سان منهنجو تعلق جاگرافي ڊپارٽمنت، سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا وٺندي ئي (1992ع ) ٿيو. جيڪو سائين جي زندگيءَ جي آخري گهڙين (مارچ 1998) تائين رهيو.
سائين جادوئي شخصيت جو مالڪ، خوبصورت، پر وقار، جاه جلال، رعبدار، نفاست ۽ شفقت سان ڀرپور، بااصول، تعليم ۽ تربيت ڏيڻ جو نرالو ۽ انوکو انداز رکندڙ هي شخص سچ پچ تہ هڪ آدرشي انسان هو جيڪو دنيا جي ڪنهن نامور يونيورسٽي جوپرفيڪٽ پروفيسر لڳندو هو. سائين جو هي ڪتاب، منهنجي ڪتابن پڙهڻ واري شوق جي ڪري، ڊپارٽمنٽ ۾ داخلا وٺڻ کان اڳ پڙهيل هيو. پرمون سائين کي جاگرافي ڊپارٽمنٽ ۾ پروفيسر طور پڙهائيندي ۽ چيئرمين طور ڊپارٽمنٽ جي ڪاروونهوار جي سرپرستي ڪندي ڏٺو. سائين پنهنجي ذات ۾ پرفيڪٽ پروفيسر ۽ پرفيڪٽ منتظم هو.
سائين جي ڪهاڻين جو هي ڪتاب نيو فيلڊس پبليڪيشنس ٽنڊو ولي محمد پاران 1981 ۾ ڇپايو ويو. هن ڪتاب تي تبصرو ان وقت جي آل انڊيا ريڊيو سروس جي سنڌي پروگرام ۾ پيش ڪيو ويو هو، جيڪا پنهنجي دور جي مان ۽ مرتبي لائق ڳالهه هئي. جنهن جو ذڪر سائين پنهنجي ڊائري ۾ ڪيو آهي. جيڪا ڊائري سائين جي وفات کان پوء سائين جي گهر واري محترمه ميڊم قمر ظفر صاحبہ 2004 ۾ ڇپرائي نروار ڪئي ، جنهن جو عڪس بہ مان هت ڏيئي رهيو آهيان.
سائين سان ڪلاس روم ۾، جاگرافي جي ليڪچرس دوران ڪڏهن ڪڏهن سماج جي مختلف پهلوئن جي موضوئن تي بحث ٿيندا هئا ۽ ايئن سائين سان منهنجي ويجهڙائپ وڌندي وئي ۽ پوء جڏهن بي.ايس.سي جي رزلٽ آئي تہ اسان جي پوري ڪلاس مان صرف آئون اڪيلو پاس ٿيو هيس. جنهن سبب بہ شايد سائين مونکي گھڻو ڀائيندو هو. هڪ دفعي سائين مونکي پنهنجي آفس ۾ گھرائي مون کان ڪجهه ذاتي ۽ ڪجهه پڙهائي متعلق معلومات ورتي، جنهن ۾ مون پنهنجي ننڍپڻ ۾ بابا سائين کان ”بٽاڻي جي انگي حساب“ ۽ ” ايڇ.وي.اٿول آلجبرا“ جي سکڻ جو پڻ ذڪر ڪيو. جنهن تي سائين منهنجي والد صاحب جو پڇيو تہ بابا ڇا ڪندا آهن؟ جڏهن مون پنهنجي بابا سائين جو تعارف ڪرائي ٻڌايو تہ منهنجا بابا سائين پروفيسر آهن تہ سائين هڪدم مونکي چيو تہ اوهان جي تعليم ۽ تربيت بهتر انداز سان تڏهن ئي ٿيل آهي. ۽ ايئن سائين سان ويجهڙائپ اڃان وڌندي وئي، ڪجهه ڏينهن کان پوء سائين مونکي وري پنهنجي آفس ۾ گھرائي هڪ ڊگھي ڪچهري جي آڇ ڪئي، جيڪا ڊپارٽمنٽ کان ٻاهر هجي . جنهن جا اصول بہ سائين پهريان ئي طئي ڪري ٻڌايا تہ پاڻ ڊپارٽمنٽ کان ٻاهر ڪنهن هوٽل تي چانهن پيئنداسين ۽هڪ ڊگھي ڪچهري ڪنداسين پر اصول اهو رهندو تہ گاڏي سائين جي هوندي، هوٽل منهنجي مرضي جي ۽ چانهن جو بل بہ مونکي (ظهير) کي ڀرڻو پوندو. جيڪا آفر مون دل سان قبول ڪئي. هتي اهو بہ ٻڌائيندو هلان تہ هي اُهو ٽائيم آهي جڏهن سائين ظفر صاحب ڊپارٽمنٽ جا چيئرمين نہ هئا . پاڻ ان وقت جي وائيس چانسيلر ڊاڪٽر نذير مغل سان ڪنهن اصولي اختلاف تي سائين چيئرمينشپ ڇڏي ڏني هئائون . ايئن سائين ۽ منهنجي وچ ۾ هڪ هوٽل تي ، ڊپارٽمنٽ کان ٻاهر واري اها نرالي پهرين ڪچهري تقريبا 2 ٻن ڪلاڪن تائين هلندي رهي، جنهن ۾ سماج جي مختلف موضوعن کان علاوه عشق جو موِضوع بہ بحث هيٺ رهيو. ايئن سائين سان منهنجي ويجھڙائپ اڃان گھري ۽ گھاٽي ٿي ويئي. پوء سائين سان ڪچهريون ٿينديون رهيون.
سائين بحيثيت استاد پنهنجي ذاتي پسند يا نا پسند تي ڪڏهن بہ ڪنهن شاگرد کي فائدو يا نقصان نہ ڏنو. امتحاني ڪاپين جي چڪاسڻ کان وٺي مارڪن ڏيڻ ۽ رزلٽ ٻڌائڻ تائين بہ سائين جو بااصول انداز هوندو هو.سائين پنهنجي سبجيڪٽ جي رزلٽ جي عارِضي ڪاپي ڊپارٽمنٽ جي نوٽيس بورڊ تي لڳرائيندا هئا. ۽ ان رزلٽ شيٽ تي نوٽ لڳل هوندو هو تہ اگر ڪنهن شاگرد کي پنهنجي مارڪن متعلق يا ڪنهن ٻئي ڪلاس فيلو جي مارڪن متعلق ڪو خدشو يا شڪايت هجي تہ هڪ هفتي اندر، سائين جي آفس ۾ اچي پنهنجي ڪاپي ۽ ٻئي جي ڪاپي کي پڻ ڏسي بحث مباحثو ڪري سگھي ٿو. ايئن اسان سائين سان پنهنجي ۽ ٻين جي ڪاپين کي ڏسي بحث مباحثو ڪري هڪ ٻہ مارڪون وڌرائي بہ ويندا هئاسين.
امتحانن جي ٽائيم تي جنهن هال ۾ امتحان ٿيندو هو. سائين ان امتحاني ڪمري ۾ پن ڊراپ خاموشي ڪرائيندو هو. امتحاني هال ۾ ڪنهن بہ ٽيچر۽ ليڊي ٽيچر کي ڪنهن بہ اهڙي بوٽ يا سينڊل پائڻ جي اجازت نہ هوندي هئي، جنهن سان ٽڪ ٽڪ جو آواز اچي. اسان شاگردن لاء بہ اهو ئي اصول هوندو هيو تہ اسان بہ اهڙي قسم جو ڪو بوٽ نہ پائي اچون جيڪو آواز ڪري. امتحان دوران ڳالهائڻ تہ پري، پر چر پر جي آواز نڪرڻ تي بہ سخت قسم جي پابندي هوندي هئي.
ڪلاس ۾ سائين ليڪچر دوران اسان شاگردن کي ڪڏهن ڪڏهن مختلف موضوئن تي پنهنجا خيال ٻڌائيندو هو. هڪ دفعي ليڪچر دوران امتحان ۾ ڪاپي ڪرڻ جو موضوع کليو مختلف ڳالهين کان ٿيندي سائين اها ڳالهه ٻڌائي تہ مان صرف اوهان کي نہ بلڪه پنهنجي اولاد کي بہ اها ئي تربيت ڏيندو آهيان تہ امتحان ۾ ڪاپي ڪرڻي ناهي . رڳو ان وقت نہ جڏهن ڪاپي ڪرڻ ئي نہ ڏني وڃي، بلڪه جڏهن سڀ ٻار ڪاپي ڪندا هجن پر پوء بہ اوهان کي ڪاپي ناهي ڪرڻي . ان جو عملي نمونو جڏهن سائين جي ڌيءَ انٽر جو امتحان نذرٿ ڪاليج ۾ ڏئي رهي هئي تہ ان وقت جو امتحاني عملو اهو ڏسي حيران ٿي ويو تہ امتحاني هال ۾ نفسانفسي جي ماحول ۾ گھڻا ئي ٻار ڪاپي ڪري رهيا هئا مگر هڪ ڇوڪري بغير ڪنهن ڪاپي ڪرڻ جي، هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ جي پنهنجو پيپر ڪري رهي هئي، اهو منظر ڏسي، جڏهن ان ڇوڪري کان سندس تعارف پڇيو ويو تہ خبر پئي تہ سائين ظفر حسن صاحب جي ڌي هئي، سائين جي تربيت جو عملي نمونو ڏسي پورو امتحاني عملو دنگ رهجي ويو..ان وقت اها ڳاله يونيورسٽي ۽ ڪاليجن ۾ تمام گھڻي مشهور ٿي هئي. سائين اسان کي اهو بہ ٻڌايو تہ منهنجن ٻارن کي هارمونيم وڄائڻ جو شوق پڻ آهي، جنهن لاء سائين هڪ ٽيوٽر رکيو آهي جيڪو سائين جي ٻارن کي روزانہ شام جو هارمونين وڄائڻ سيکاريندو آهي.
اهڙي طرح اسان سائين جا ڪلاس وٺندي وٺندي ، ايم.ايس.سي جا امتحان ڏنا ۽ رزلٽ جو انتظار ڪرڻ لڳاسين، جڏهن ايم.ايس.سي جي رزلٽ آئي ۽ مان جڏهن اها رزلٽ پنهنجي ڊپارٽمنٽ جي نوٽيس بورڊ تي ڏسڻ ويس تہ اهو ڏٺم تہ اها بہ بي.ايس.سي جي رزلٽ کان مختلف نہ هئي يعني هن دفعي بہ مان صرف اڪيلو ئي پاس ٿيل هيس. اڃان مان اتي بيٺو ئي هيس تہ ڊپارٽمنٽ جو پٽيوالو آيو ۽ مونکي چيائين تہ سائين ظفر صاحب اوهان جي پڇا ڪئي هئي ۽ چيائين تہ اگر ظهير نظر اچي تہ مون ڏانهن موڪلجوس، مون سائين جي اهڙي نياپي تي سائين جي آفس ڏانهن قدم وڌايا..سائين جي آفس جي دروازي تي بيهي اجازت وٺڻ کان پوء اندر داخل ٿيس ۽ سلام ڪيم ، سائين مونکي ويهڻ لاء چيو ۽ جيئن ئي مان ويٺس تہ سائين پنهنجي مخصوص، نرالي، انداز سان مونسان افسوس ڪندي چيو تہ مان اوهان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان ڇو جو اوهان امتحان ۾ پنهنجي پوري ڪوشش ڪئي تہ اوهان سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ٿيو پر پوء بہ اوهان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ٿي ويا... مان شرمندگي کان ڪنڌ جهڪائي سوري چيو، ڇو تہ مونکي ياد آيوتہ فائينل ۾ سائين جو هڪڙو پيپرمون بلڪل بہ سٺو نہ ڪيو هو. ۽ ان ۾ سائينءَ مونکي پاسنگ مارڪون 33 ڏنيون هيون. هتي مان اهو بہ ٻڌائيندو هلان تہ منهنجن چئني سالن جي سبجيڪٽس ۾ اگر ڪنهن سبجيڪٽ ۾ وڌ ۾ وڌ مارڪون آهن تہ اهو سائين ظفر صاحب جو سبجيڪٽ آهي، ۽ اگر ڪنهن سبجيڪٽ ۾ گھٽ ۾ گھٽ مارڪون بہ آهن تہ اهو بہ سائين ظفر صاحب جو ئي سبجيڪٽ آهي.ايتري ۾ سائين گھنڊي وڄائي ۽ چانهن جي ٻن ڪوپن جو چيو......چانهن آئي ....سائين هڪ ڪوپ مون ڏانهن وڌايو، مان حيران رهجي ويس... ڇو جو سائين پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪنهن شاگرد کي پنهنجي آفس ۾ ڪڏهن بہ چانهن نہ پياريندو هو...خير سائين مونکي چيو تہ اڄ اوهان ايم.ايس.سي پاس ڪري ڇڏي ۽ آفيشلي هاڻي اوهان منهنجا شاگرد ناهيو رهيا.. سو مان اوهان کي پنهنجي آفس ۾ چانهن پياري سگھان ٿو...
هڪ ٻہ ڍڪ پيئندي مون ڏٺو تہ ٽيچرس آفيسز جي ڪاريڊور مان گذرندي ڊپارٽمنٽ جي هڪ ليڊي ٽيچر ميڊم نرگس بلوچ مونکي سائين جي آفس ۾ مون کي چانهن پيئندو ڏسي، فورن ڪاريڊور ۾ رڪجي واپس مڙندي حيرانگي ۾ سائين جي آفس ڏانهن آئي ۽ سائين کان اجازت گھري اندر اچي حيرانگي مان ڏسندي اڃان ڪجھ پڇڻ تي هئي تہ ايتري ۾ سائين ڳالهه کي سمجھندي چيو تہ مس بلوچ هاڻي ظهير پنهنجو شاگرد ناهي رهيو سو مان ظهير کي پنهنجي آفس ۾ چانهن پياري سگھان ٿو.. ايتري ۾ ٽين چانهن بہ اچي وئي. جيڪا ميڊم نرگس لاءِ هئي .هتي مان اهو بہ ٻڌائيندو هلان تہ ان ليڊي ٽيچر مس نرگس بلوچ سان بعد ۾ منهنجي شادي ٿي .
سائين جي هڪ بهترين ايڊمنسٽريٽر هئڻ جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو تہ اگر ڊپارٽمنٽ جي چيئرمين پاران ڪو بہ سرڪيولر يا اهڙو ليٽر جيڪو هائر اٿارٽيز ڏانهن اماڻڻو هجي تہ سائين ڪلارڪ کي پين ۽ پني سان پنهنجي آفس گھرائي پاڻ ڊڪٽيٽ ڪرائيندو هيو....ڪمال جي انگريزي ۽ ڪمال جي ڊڪٽيشن.... فل اسٽاپ، ڪاما، سيمي ڪولن، انورٽيڊ ڪاماز، بريڪيٽ ...مطلب پوري ڊڪٽيشن ياد ۽ اڳيان ڪلارڪ لکندو ويندو..پوء وري اهو ليٽر ڪلارڪ ٽائپ ڪري سائين جي ٽيبل تي رکندو...سائين ان ليٽر کي پڙهندو ۽ اگر ڪا غلطي هوندي تہ ان کي درست ڪري وري ٻيهر ٽائيپ ڪرايو ويندو تنهن کان پوء وڃي اهو آفيشلي رڪارڊ جو حصو ٿيندو هو...اڄ جي دور ۾ اهڙي پروقارڊڪٽيشن سان آفيشل ليٽر لکرائڻ جو ڪمال ڀريو انداز سنڌ يونيورسٽي ۾ ملڻ مشڪل آهي. اسان شاگردن جي مختلف فارم انرولمينٽ، امتحاني فارم ڀرڻ کان پوء سائين کان چيئرمين طور صحيح وٺڻ وارو مرحلو بہ ڪمال هوندو هو. هڪ هڪ لفظ جي اسپيلنگ چيڪ ڪرڻ، فارم جو هر ڪالم کي پراپرلي ڀرڻ اسان سائين کان سکيو. ان وقت جي يونيورسٽي انتظاميه جنهن ملازم جي آفيشل ڪم ڪار جي تربيت ڪرائڻ مقصود هوندي هئي تہ ان ملازم جي ٽرانسفر جاگرافي ڊپارٽمنٽ ڪئي ويندي هئي..
سائين جي بهترين ايڊمنسٽريشن ۾ گھڻي عرصي تائين رهندي مون ڊپارٽمنٽ ۾ ٻہ ٻيا ملازم بہ ايئن ئي پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ پرفيڪٽ ڏٺا جن جو هت ذڪر ڪرڻ ضروري سمجھان ٿو. هڪ ڊپارٽمنٽ جو پٽيوالو اسلم جنهن کي مان پرفيڪٽ پٽيوالو سڏيندو هئس، جيڪو جاگرافي ڊپارٽمنٽ مان ئي رٽائر ٿيو..۽ هن وقت هن دنيا ۾ اسان سان گڏ موجود ناهي ...ٻيو ڪلارڪ نور محمد لغاري جيڪو بہ پرفيڪٽ ڪلارڪ نظر ايندو هو.
سائين سان گڏ گذاريل ڊپاٽمنٽ جون پڪنڪون بہ يادگار آهن بس جي اندر ڪنهن شاگرد کي سگريٽ ڇڪڻ جي اجازت نہ هوندي هئي پر مزيدار ڳالهه تہ اگر بس جو ڊرائيور يا ڪلينر سگريٽ ڇڪندڙ هوندو تہ جڏهن هو سگريٽ ڇڪڻ چاهي تہ بس کي روڪي سائيڊ تي بيهاري ۽ پوء بس کان ٻاهر وڃي سگريٽ ڇڪي اچي ۽ پوء اچي بس هلائي..سائين جي هوندي بس ۾ سگريٽ ڇڪڻ جي منع هوندي هئي..جڏهن پڪنڪ تي جاگرافي ڊپارٽمنٽ کي وڃڻو هوندو هيو تہ يونيورسٽي انتظاميه پريشان ٿيندي هئي تہ بس جو ڊرائيور اهڙو موڪلڻو پوندو هيو جيڪو سگريٽ ڇڪيندڙ نہ هجي يا سگريٽ ڇڪڻ جو روزو رکڻ اچيس.اها ڳالهه يونيورسٽي جي ان دور جي آفيشل رڪارڊ جو حصو آهي..
سائين جو اصول پسندي ۽ ايمانداري جو اندازو ان مان لڳايو تہ 90 جي دور پگھارن جا بل مينيوئلي ڀريا ويندا هئا ۽ جيڪي استاد يونيورسٽي جي ڪالوني ۽ رهندا هئا تہ انهن جي گھر جو ڪرايو، بجلي جي بل جي ڪٽوتي ۽ اگر ان استاد وٽ ايئرڪنڊيشن آهي تہ هر ايئرڪنڊيشن لاءِ فڪس رقم ڪٽي ويندي هئي ان وقت سائين جي گھر ۾ ٻہ ايئرڪنڊيشن هئا..سائين ايمانداري سان ٻن ايئرڪنڊيشنز جا پئسا پهنجي پگھار مان ڪٽرائيندو هو....مان پرسنلي ان وقت بہ کوڙسارن اهڙن پروفيسرن کي سڃاڻيندو هيس جن جي گھر ۾ ٻہ ٽي ايئرڪنڊيشن موجود هوندا هئا ، مگر انهن هميشه سرڪاري رڪارڊ ۾ هڪ ايئرڪنڊيشن ڏيکاري هڪ ئي ايئرڪنڊيشن جا پئسا پنهنجي پگھار مان ڪٽرائيندا هئا... بلڪه سائين لا ڪجھ نازيبا جملا بہ چئي ڇڏيندا هئا...ان وقت پي.ٽي.وي تان گورنمينٽ جي هڪ ايڊورٽائيز ايندي هئي تہ شام 6 وڳي کان رات 9 وڳي تائين ايئرڪنڊيشنز جو استعمال گھٽ ڪيو تہ سائين فڪس بل ڀرڻ باوجود ان ڳالهه تي سختي سان عمل پيرا ڪندا هئا ۽ انهي ٽائيم تي ايئرڪنڊيشن نہ هلائيندا هئا...
ڪليگ طور سائين کان مان تمام گھٽ عرصي ۾ تمام گھڻو ڪجهه سکيو....ڪلاس ۾ پڙهائڻ، امتحاني پيپر تيار ڪرڻ، شاگردن جون ڪاپيون چيڪ ڪرڻ، مارڪون ڏيڻ، پنهنجي ڊيوٽي ايمانداري سان ادا ڪرڻ، مطلب تہ سائين جي شخصيت مونکي تمام گھڻو متاثر ڪيو ۽ سائين سان ايئن گڏ گذاريندي منهنجي ذات ۽ شخصيت ۾ بہ سائين جو رنگ ۽ اثرٿيو.
سائين جي شخصيت لاءآخر ۾ بس ايترو چوندس تہ مان سنڌ يونيورسٽي ۾ بطور ريسرچ ايسوسئيٽ 4 سال پڙهايو آهي. مهراڻ يونيورسٽي ۾ بطور وزيٽنگ ٽيچر 18 سال پڙهايو آهي، ۽ ڪاليج سائيڊ گورنمنٽ آف سنڌ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ڪاليج ۾ 19 سالن کان تدريس سان وابستہ آهيان. مطلب تہ نومبر 1997 کان وٺي اڄ تائين يونيورسٽيز ۽ ڪاليجن ۾ پڙهائيندي پڙهائيندي مون کي الائي ڪيترن اهڙن پروفيسرن سان گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو جيڪي آمريڪا، يورپ، ملائيشيا، چين مطلب دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پي.ايڇ.ڊي هئا ۽ اپگريڊ ٿيڻ کان پوء 21 اسڪيل تي بہ پهتا مگر سائين ظفر حسن صاحب واري نفاست، وقار اٿڻ، ويهڻ، هلڻ، ڳالهائڻ، ڪپڙن پائڻ جو ڍنگ، تعليم، تربيت ڏيڻ وارو انوکو ۽ نرالو انداز، نفاست ۽ پر وقار بيهڪ مون پري پري تائين بہ محسوس ناهي ڪئي... تقريبا 5 سالن جي جاگرافي ڊپارٽمنٽ ۾ شاگردي جي دور کي پوري ڪرڻ کان پوء مون پنهنجي هر استاد کان پنهنجن گذاريل 5 سالن بابت ڊائري تي رايا ورتا هئا ، جنهن ۾ سائين ظفر حسن سيد صاحب جا پنهنجي هٿ اکر سان ڊائري ۾ لکي ڏنل ڪمنٽس جو عڪس پڻ رکان ٿو. هو عجيب انسان هو، هو سمپورڻ اُستاد ۽ منتظم هو ۽ سندس سحرڀري شخصيت جي مڻيا جي سڳنڌ صدين تائين سماج کي واسيندي رهندي
آئون ٿورائتو آهيان نوراحمد جنجهيءَ جو جنهن هن ڪم لاءِ مونکي نہ رڳو اتساهيو ۽ مواد چڪاسڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي. ان کانسواءِ منهنجي ٻارن رابيل، شرجيل، ڪومل، عديل، نبيل ۽ ارسل جن ڪمپوزنگ ، ڊرافٽنگ ۾ منهنجي هٿ ونڊرايو ۽ سنڌ سلامت جي محترم سليمان وساڻ سنڌ سلامت وسيلي هن ڪتاب کي سافٽ روپ ۾ پڌرو ڪيو.
ٿورا نہ ٿورا ، مون تي ماروئڙن جا
ٿر ۾ واري ٿورڙي تهان ئي گهڻيرا
ڀلايون ۽ ڀيرا ڳڻي ڳڻينديس ڪيترا

ظهير احمد ڪلهوڙو
اسسٽنٽ پروفيسر
گورنمنٽ بوائز ڪاليج، قاسم آباد، حيدرآباد.
geogzaheer@gmail.com

ظفر حسن : رهيل قرض

ظفر حسن پٽ نذر علي سيد، 14 آگسٽ 1937 ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ جنم ورتو هو ڳوٺ قطب شاه، کٽياڻ روڊ ريلوي اسٽيشن حيدرآباد تعلقي جو رهندڙ آهي. پرائمري تعليم واڻڪي وسي تعلقو حيدرآباد ۽ پرئڪٽسنگ اسڪول، ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد سنڌ ۾ ورتي ۽ 1947 ع ۾ چوٿون درجو سنڌي پاس ڪيو. حيدرآباد سنڌ جي تعليمي ادارن نور محمد هاء اسڪول (مئٽرڪ: 1954 ع )، گورنمينٽ ڪاليج اڳوڻو ڊي.جي نئشنل ڪاليج (انٽر آرٽس: 1957 ع) ۽ سنڌ يونيورسٽي (بي.اي آنرز 1959 ع ۽ ايم.اي 1961 ع ) ۾ تعليم ورتي. 1961ع ۾ ئي سنڌ يونيورسٽي ۾ جاگرافيءَ ۾ استاد مقرر ٿيو ۽ هاڻي ائسوسي ايٽ پروفيسر آهي. انهي وچ ۾ 1977ع کان 1979ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ٿي رهيو.
ڪاليج مخزن ”ڦليليءَ“ ۾ سندس پهرين ڪهاڻي 1955ع ڌاري شايع ٿي پر باقاعدي لکڻ جي شروعات پهرين ڪهاڻي ”رهيل قرِض“ سان 1966ع ۾ ڪئي. ساهت ۾ ڪهاڻين کان سواء کل ۽ ٽوڪ بہ لکي اٿس. تنهن کان سواء ڪجھ اخباري ڪالم، خاڪا، مضمون ۽ تنقيد بہ لکي اٿس.
ڌرتي ڪتابي سلسلي جا چار ڪتاب، عالمي ادب (ولي رام ولڀ سان ) سهڻي پبليڪيشن (طارق اشرف ۽ نسيم احمد کرل سان) سماجي سائنسون (اعجاز قريشيءَ سان) ترتيب ڏنا اٿس مئگزن جو بہ اسسٽنٽ ايڊيٽر رهي چڪو آهي.
”رهيل قرض“ سندس پهريون ڪتاب آهي.

ڪھاڻيون

---

رهيل قرض

اُن مهل سج ڪاپار تي اچي چڪو هو. گرمي تہ دنگ ڪري چڪي هئي. چوپاسي وايو منڊل ۾ موت جهڙي سانت هئي. هوا بنھ بند هئي. وڻ ٽڻ پنڊ پهڻ بنجي چڪا هئا. رڳو ڪنهن ڪنهن مهل ڪانگن جي ڪان ڪان ۽ ٻين پکين جون ٻوليون حياتيءَ جو ثبوت ڏئي رهيون هيون. مرزو پاڻي ورائي اچي وڻ جي ڇانوَ هيٺ ويٺو هو. سندس وارو اڄ ٻن پهرن کان شروع ٿيو هو. پاڻي وائيندي هن کي ڪيڏو نہ آرام آيو هو، جڏهن پاڻيءَ ۾ گھڙي هن ٻہ ٽي ڪوڏر جا لاپا هڻي، پنهنجي ٻنيءَ ۾ پاڻي ڇڏيو هو. هو گھري ها تہ سڪيءَ کان ئي پاڻي ورائي ها، پر اهڙي سخت گرميءَ ۾ هن ڄاڻي واڻي واٽر ۾ گھڙي ووئنڻن ۾ پاڻي ڇڏيوهو. اوڏيءَ مهل گرميءَ جي شدت ڪارڻ هن کي گھڙي کن لاء ويچار آيو هو تہ ”جيڪڏهن مينهن جا ٻہ ٽي ڦڙا پئجي وڃن تہ واه واه.“ پر وري جو وونئوڻن تي نظر پئي هئس جي گل ڪڍيو بيٺا هئا، تہ ڌڪ گھٽ ڏڪي ويوهو، سندس دل مان آواز نڪتو: ”نہ منهنجا مولا نہ، هينئر مينهن نہ وسائجئين، ڀل ان کان بہ وڌيڪ گرمي ٿئي. پر هاڻي جي مينهن وسيو تہ جھڳوئي جھڻ ٿي ويندو.“ پر الائي ڇو مرزو ڊڄي ويو. سندس اکين آڏو وڏيرو خير محمد ڦري ويو، ۽ ڪنن ۾ وڏيري جي
ڪمدار علي محمد جو آواز وڄڻ لڳو: ”هن ڀيري ڦٽين مان تقاوي نہ لاٿئي تہ وڏيرو بنڊ رلائي ڇڏيندئي. مرزي کي اچي ڊپ ورايو، هن جي چوڻ سان مينهن تو ڪونہ وسندو، پر هن کي ائين محسوس ٿيڻ لڳو جيئن مينهن کي هن جي حڪم جو اوسيئڙو هجي.... هن بس سوچيو ۽ مينهن پيو! پر وري پاڻ ئي پاڻ کي آٿت ڏيڻ لڳو: ائين هجي ها تہ سوير نہ مينهن پري ها، جڏهن هن مسيت ۾ نماز پڙهي هئي ۽ الله سائين کان دعا گھري هئائين!
هو وڻ جي ڇانوَ هيٺ ويٺي ويٺي اهو ئي سوچي رهيو هو. پر هاڻي مينهن جو ويچار بہ کيس دل ۾ ڪونہ هو. هن
پنهنجي وونئڻن کي ڏٺو، جيڪي ڏينهون ڏينهن ڀلا ٿيندا پئي ويا. گلن مان اندازو لڳايو هئائين تہ هن ڀيري جو فصل پويون ڪسرون ڪڍي ڇڏيندو. هن سال هن زمين تي ڏاڍي محنت ڪئي هئي. پوين ٻن سالن جي بي مندائتي مينهن هڻي فصل جي لاک لاهي ڇڏي هئي پر هن سال هو قرض لاهي ڇڏيندو. هن چوپاسي نظر ڊوڙائي تہ هر پاسي ساوڪ ئي ساوڪ نظر اچي رهي هئي. وونئڻن جي وچ ۾ ڪي ڪي نمبر غير آباد پيا هئا، جتي ڪڻڪ پوکي ويئي هئي اتي هينئر ويراني هئي. اڻ پوکيل نمبر ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ هئا. بس ائين لڳي
رهيو هو تہ زمين تي ڍڪيل سائي چادر ۾ ڪٿي ڪٿي اڇيون چتيون لڳيون پيون هيون. وري ايندڙ مند زمين چادر بدلائيندي ۽ جتي اڇيون چتيون آهن اتي ساوڪ ٿي پوندي ۽ جتي هينئر ساوڪ آهي اتي اڇيون چتيون هونديون. بس ائين هر مند زمين پئي پنهنجو ويس مٽائيندي. هن پنهنجي قرض جو حساب ڪيو: هي ٽيون سال هو جو هن تقاوي ورتي هئي، پوين تقاوين لاهڻ کان سواء پهرئين سال ٻہ سو روپيا، گذريل سال سو روپيا، هن سال سوا سو روپيا، ڪل ٿيا سوا چار سو روپيا ۽ تنهن کان سواءِ هن سال جو سندن ڍڳي چورائجي ويئي هئي، ان جو ڀُنگ بہ وڏيري کان اوڌر وٺي ڏنو هئائين. اها بہ وڏيري کي شابس جو ڍڳي ورائي ڏني هئائينس. سوا پنج سو روپيا قرض ڪيئن لهندو.... هو وري سوچ ۾ ٻڏي ويو. هن کي پنهنجي تباهي
نظر اچڻ لڳي، هو تصور ۾ پاڻ کي گھر ٻار سوڌو لٽجندي نظر اچڻ لڳو. هن سوچيو: پاڻ پيسا کائي ڀڄي بہ تہ سگھيو ٿي....
پر جيڏانهن بہ وڃي وڏيرو کيس سوگھو ڪرائي سگھي ٿو. هن وري سوچيو: نہ پر هن سال فصل ڀلو ٿيندو. ڦٽيون سندس منو قرض لاهي وجھنديون. هوڏانهن پٽس مال چاري مهيني سر ٽيه پنجٽيه روپيا ڪمائي ڏيندو هوس. اتان مڙيئي سو روپيا کن ميڙيا هئائين. مڙيئي مولا چڱي ڪندو. سوچ ۾ وهڪرو وهندو ٿي ويو، پنهنجي سوال کان پاڻ ئي ڊنو ٿي، ۽ پنهنجي وراڻيءَ کان پاڻ ئي راضي بہ ٿي، ٿي ويو. هن کي وڏيري کان انهيءَ ڪري بہ وڌيڪ ڊپ هو جو جڏهن کان ساران سامائي هئي تڏهن کان وڏيري جون منجھس اکيون هيون. جي ڌيڻس جوان نہ هجي ها تا دينوءَ کي ڪڏهن بہ پڙهائي نہ ڇڏرائي ها دينوءَ ۾ کيس جيڪي آسون هيون سي سڀ مٽيءَ ۾ ملي ويئس، دينو ٽئين درجي ۾ هو جڏهن هن اسڪول مان ڪڍرايس زوري تعليم هئي. پر چئو چواءُ ڪرائي تہ دينو چريو آهي اسڪول مان ڪڍرائي وڃي مال چارڻ تي رکيائينس. انگريزي پڙهائڻ لاء ٽنڊي موڪلڻ هن جي هونئن بہ وس وٽان نہ هو، ۽ هوڏانهن تقاوي تي تقاوي چڙهندي پي ويس. ڳوٺ جا اڌ ڇوڪرا بہ ائين اسڪول مان جند ڇڏايو ۽ وڃي مائٽن سان ٻانهن ٻيلي ٿيو، ٻنين ۾ ڪم ڪري رهيا هئا... اُهي بہ دينوءَ
وانگر چريا ئي هئا!
سج هاڻ هوريان هوريان اولهه طرف لڙي رهيو هو. ڏينهن پنهنجي حياتيءَ جي آخري پهر ۾ پهچي چڪو هو. مرزو هڪڙي ٻاري مان ٻي ٻاري ۾ پاڻي ڇڏي رهيو هو. جڏهن ٻنو ڪٽي سڌو ٿيو ۽ اوچتو جو اوڀر پاسي نظر پيس تہ گھڙي کن لاء هن جون نطرون اتي ئي ڄمي ويون. هن کي ويساه ئي نہ آيو. هن پيشانيءَ تي گھنج آڻي اکيون چنجھيون ڪري تکي اس جي اثر کان بچندي وري ڏسڻ جي جاکوڙڪئي. پريان نيري اجري آڪاس تي ميرنجھڙو داغ نطر اچي رهيو هو. هو ڌڪ گھٽ ڏڪي ويو. ”ڪڪر!.... نہ نہ، ڪڪر ڪونهن.“ هن وري دل کي آٿت ڏني: ”ريل گاڏيءَ جو دونهون آهي، ٽيشڻ بہ تہ انهيءَ پاسي آهي.“ پر اهو ويچار کيس دلاسو نہ ڏئي سگھيو، پريان ميرانجھڙو داغ الهه دين جي ديو وانگر وڌندو ٿي آيو. هن کي محسوس ٿيو تہ سوين جيت سندس ماس پٽي رهيا آهن. جيتوڻيڪ ڪجهه دير اڳ ۾ پاڻي پيتو هئائين پر نڙي اهڙي بٺ ٿي ويس ڄڻڪ پاڻي پيتي ڄمار گزري ويئي هجيس. اهو دور ٿوڙيءَ دير ۾ نيري آسمان کي ڳڙڪائي ويو..... چوپاسي اونداه انڌوڪار
ڇانئجي ويئي. جهڪ لڳي، اهڙي ڌڌڙ اٿي جو هو اکيون کولي نہ سگھيو، ٻير کي جھلي بيهي رهيو. دل ئي دل ۾ دعا گھرڻ لڳو: ”ڀلي جھڪ لڳي پر مينهن نہ وسائجئين منهنجا مولا.“ پر سندس دعا نہ اگھاڻي. هوڏانهن هن دعا گھري تہ هيڏانهن مينهن جي سٽ سٽ شروع ٿي ويئي. وڏڦڙو مينهن ____ هڪ هڪ ڦڙو رپئي جيڏو. هو هڪدم ڊوڙيو ۽ واٽر مان وونئڻن ڏي پاني بند ڪري ڇڏيائين، پوءِ آخري ٻاري کي لايو ڏيئي پاڻي غيرآباد ٽڪر ۾ ڇڏي ڏنائين هن کي خبر هئي تہ جي مينهن کان فصل پڇيو، تہ گھڻو پاڻي ساڙي وجھندس. هن جا نمبر اڳي ئي هيٺائين ۾ هئا. خبر هئي تہ جي مينهن کان فصل بچيو، تہ گھڻو پاڻي ساڙي وجھندس، هن جا نمبر اڳي ئي هيٺائين ۾ هئا.
رات جو هو جيڏي مهل ماني کائڻ ويٺو تہ گراهه نہ ڳيسجيس جيئن تيئن ڪري کير جو وٽو پيتائين. دينو دريءَ کان ٻاهران تڏي جو ٽڪر لڳائڻ ويو هو. اڃان تائين مينهن بس نہ ڪئي هئي. ڇت مان پاڻي ٽمي نہ، پر وسي رهيو هو. سڀني جو منهن لٿل هو، مس مس فصل ڀلو ٿيو هو تہ مينهن هاڃا ڪري ڇڏيا. پر مرزي جي من ۾ ڊپ ٻيوئي هو، سا گھر جي ڪنهن ڀاتيءَ کي خبر نہ هئي. هن کي سارآئي تہ جڏهن هو ٻنيءَ ۾ هر کيڙي رهيو هو ۽ ساران ماني کڻي آئي هئس، اوڏيءَ مهل وڏيرو بہ اتان اچي لنگھيو هو. هو هر ڏسڻ آيو هو. مرزي وڏيري کي ڏسندي ئي هٿ ٻڌي کيڪاريو هو.
”سائين بسملايون.“
رئيس ڪنڌ ڌوڻي سلام جو جواب ڏنو ۽ مرزي کان پڇڻ لڳو:
”ڪائون هر آهي؟“
”سائين ٻيلھه پوري ڪئي اٿم“ مرزي جواب ڏيندي جڏهن وڏيري ڏانهن نهاريو، تڏهن وڏيرو ساران ڏانهن نهاري رهيو هو، جا وڏيري جي رعب کان ڊڄي کيس کيڪارڻ تہ ڇا پر نهاري بہ نہ سگھي هئي. وڏيري جي اکين ۾ اهڙي چمڪ اچي ويئي، جهڙي ڪتي جي اکين ۾ شڪار کي ڏسي اچي ..... وڏيري، علي محمد ڏانهن نهاريو ۽ اکين ئي اکين ۾ ڄڻ هڪ ٻئي سان ڳالهائي ورتائون. علي محمد، وڏيري جو ڪمدار هو، رئيس جي حڪم جو غلام. مرزو رئيس جي نيت سمجھي ويو، ۽ هڪدم چوڻ لڳو:
”نينگر آهي، سو سائينجن کان ڊڄي ٿي.“ وري ڌيءَ کي چوڻ لڳو: ”ساران ڊڄ نہ، وڏيرو پنهنجو ابو آهي.“ الائي
ڇو وڏيري جي منهن تي گھنج پئجي ويا ۽ علي محمد کي شام جو ملڻ لاء چوندي حويلي ڏانهن منهن ڪيو.
بس انهيءَ ڏينهن کان وٺي حالتون بدلجي ويون. مرزو جيڪا

تقاوي گھري سا مليس. جيڪا رعايت گھري اها منظور. هو زماني جو ماڻهو هو، سڀ سمجھي ويو. پر ڪڏهن بہ حويليءَ ڏانهن ساران بنا ماءُ جي نہ وئي. هو هيستائين پنهنجي لڄ بچايو پئي آيو، پر مينهن هڻي کيس ڊاهي وڌو. هو هاڻي پنهنجي عزت برباد ٿيندي ڏسي رهيو هو. پنهنجي مرڻينگ ڍڳي وڪڻي تہ بہ سو ڏيڊ کان مٿي مس ملندس، ۽ هوڏانهن رڳو سو کن رپيا بچائي رکيا هئائين، سوا پنج سو قرض مان ٻہ اڍائي سو ڏيئي جند ڇڏائڻ اڻ ٿيئڻ هو. هاڻي وڏيرو کيس ڪونہ بخشيندو. هاڻي تہ پاڻ وڏيري کي بهانو اچي ويو، سو يا تہ پيسا گھرندس يا...........سوچيندي سوچيندي سندس اک لڳي ويئي. سڄي ڏينهن جو ٿڪل هو.
لڳاتار مينهن پوندو رهيو، هن کي محسوس ٿيو تہ مينهن ڪو رڳو هن کي برباد ڪرڻ لاء وسي رهيو آهي. هاڻي جتي ڪٿي گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل هو. جھڪ ۽ پنجن ڇهن ڏينهن جي مينهن فصل کي تباه ڪري ڇڏيو هو. رڳو پاڇاٽا وونئڻ جن ۾ گل اڃان ڪونہ ٿيا هئا، سي ڪجھه بچي ويا هئا.
مرزو سوچي رهيو هو، اهو ساڳيو مينهن جي گل ٻاٽيءَ کان پهرين پوي ها، تہ فصل کي چوٽ چاڙهي ڇڏي ها.
”پر الھه ڪٿي ٿو مهل تي ٻڌي.“ هو ڏينهن رات پنهنجي ٻنيءَ تي همراهن سان گڏجي پاڻي ڪڍندو رهيو پر نيٺ پاڻي وڃي ڪيڏانهن! اکين ۾ ڳوڙها تري آيس. سندس سموري محنت برباد ٿي ويئي. هن لڪن ۽ جھولن ۾ هر ڪاهي زمين ٺاهي هئي ڏينهن رات وونئڻن تي محنت ڪئي. پر مينهن.......
سڀني هارين جا منهن لٿل هئا. رڳو ٻن ٽن هارين جي فصلن کي مڙيئي گھٽ نقصان رسيو هو. ڪجھ ڏينهن کان پوء حالتون ساڳيون موٽي آيون. هارين وري ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. هن بہ پنهنجي رهيل کيل فصل مان پاڻي ڪڍيو. روپئي مان ٻہ ٽي آنا فصل جي آس مس هئس. ان صبح جو جڏهن هن گھر لاء ڪاٺيون پي سڪايون، تہ علي محمد سندس ڳولا ۾ اچي نڪتو. خوش کيڪار کان پوء علي محمد وڏيري جو حڪم ٻڌايس.
”حويلي مينهن ۾ خراب ٿي پيئي آهي جوڻهين ۽ ساران کي موڪلي ڏجائين اڄ ٻن پهرن کان پوء“ ان کان پهرين جو مرزو ڪجھه چئي، علي محمد وري چوڻ لڳو. ”فصلن جي نقصان کان پوء رئيس بِرٿيو ويٺو آهي، تون بہ پيسا پٽ سٽ ڪري وٺ، رئيس کي سخت ضرورت آهي.“ علي محمد ڄار اڇلي روانو ٿي ويو.
مرزو گھر پهتو ۽ ايمڻا کي سمجھائي ڪري حويليءَ ڏانهن موڪليائين کيس تاڪيد ڪيائين تہ ڌ يءَ کي پاڻ کان جدا نہ ڪري ۽ سج لهڻ کان پهرين ڳوٺ موٽي اچن.
سج هاڻي ڪافي لهي چڪو هو. دينوءَ کي ايستائين موٽي اچڻ گھربو هو. الائي ڇو اڄ دير ٿي ويئي هئس. هو اڪيلو پنهنجن پورن ۾ ويٺو هو. هر مهل کيس اهو ويچار هو تہ قرض ڪيئن لهندو. هن سوچيو: وڏيري جي ئي چوري ڪري پئسا هٿ ڪري يا رستي تي ئي ڪا ڦر ڪري ڌاڙو هڻي يا کيس رستي تي ئي ڪا روپين جي ڳوٿري ملي وڃي، هن جي دماغ ۾ طرح طرح جا ويچار اچڻ لڳا.... قرض.... قرض... ان کان سواء هن کي ڪابہ ڳاله ياد ڪونہ هئي.
اوچتو پري کان هڪ سڏ ٿيو.
”چاچا مرزا هو هو، چاچا مرزا، هو هو .....“ هن جي ويچارن جو سلسلو ٽٽي پيو، آواز ويجھو پوندو ويو. جيسين مرزو جواب ڏئي، تيسين ايلياس سامهون اچي پهتو هو. ايلياس سهڪي رهيو هو، هو هڪساهي ڊوڙندو آيو هو.
”ابا خير تہ آهي“ مرزوءَ ڊڄندي ڊڄندي پڇيو. هن جي دل جي ڌڪ ڌڪ تکي ٿي ويئي.
”دينوءَ کي ......دينو ويچارو.... هن رستو پار پئي ڪيو.....
نہ نہ هو بچي ويو آهي، ٿورا ڌڪ لڳا اٿس، موٽس مٿانئس چڙهي ويو. شهر وٺي ويا اٿس، اسپتال ۾ ......“ ايلياس ڳيتون ڏيندي ڏيندي ڳالهه پوري ڪئي.
مرزي جا هٿ پير ٺري ويا. هوش خطا ٿي ويس، هو ٽپ ڏيئي اٿي بيٺو.
”ڪا ڳالهه ڪانهي چاچا، ڌڪ ٿورو لڳو اٿس، بچي ويندو.“
ايلياس ۾ بہ هاڻي ٿوري همت موٽي آئي هن مرزي کي آٿت ڏني، ۽ پوء هو ٻئي تڪڙا تڪڙا رستي ڏانهن روانا ٿي ويا. پڪو رستو ڳوٺ کان ٻہ ٽي فرلانگ هو. هو رستي تي پهتا مس تہ آچر مال ورايو پئي موٽيو.
”ڌڪ ايترو ڪونہ لڳو اٿس.“ آچر، مرزي کي ويجھو ٿيندي چيو پر سندس آواز ۾ پختگي ڪونہ هئي، جڏهن مرزي ڏانهس نهاريو تہ آچر کڻي ڪنڌ هيٺ ڪيو.
ويهارو کن قدم اڳتي مزدور نظر اچي رهيا هئا. هو ڪم ڪار ڇڏي رستي جي ڀر ۾ ويٺا هئا، تن جو هن نئين آيل ماڻهوءَ کي ڏک جي حالت ۾ ڏٺو تہ سمجھي ويا تہ اهو ڪو ڌراڙ جو ويجھو مائٽ هوندو. هو وڌي مرزي وٽ آيا.
”هن جو هي پيءُ اٿو.“ ايلياس، مرزي ڏانهن اشارو ڪندي مزدورن کي ٻڌايو.
”خدا ڪندو بچي ويندو.“ مزدورن مان هڪڙي آٿت ڏني.
”ڪا موٽر يا ٽرڪ اچي تہ هٿ ڏئي بيهاريوس.“ ٻئي مزور چيو پر جيسين ڪا موٽر يا ٽرڪ اچي تيسين وري پهرين سربستو احوال ٻڌائڻ شروع ڪيو.
”اسين انهيءَ مهل مٽي ڍوئي رستي جي ڀر ۾ وجھي رهيا هئاسين، ۽ هواسان جي اڳيان ئي مال کي رستي جي هن ڀر وٺيو پئي ويو.“ هن رستي جي ٻي ڀر اشارو ڪندي چيو،
”سڄو مال رستو اڪري ويو هو، پر هڪڙو گابو اڃان رستي تي بيهي رهيو، ۽ اوچتو وراڪي وٽان موٽر بہ اچي نڪتو هن ٻچڪارون ڏيئي گابي کي ڏاڍا سڏ ڪيا، پر گابو اهڙو چري جھڙي ڀت. ايتري ۾ موٽر بہ اچي بنهن ويجھو پهتو. اسان پريان لڪاء پئي ڏٺو، اسان سمجھيو تہ گابوويو، پر هوڏانهن مڙس کڻي اوچتو پاڻ کي گابي تي ڇڏيو.....گابو تہ وڃي ٻي ڀر نڪتو، پر مڙس ور ۾ اچي ويو، موٽر واري بہ هڪدم بريڪ هنيو. پر جيڪو ڀاڳ ۾ لکيل هو، سوئي ٿيو.“ مزدور سڄو احوال ٻڌائي پورو ڪيو.
”پر شاباس آهي موٽر وارن کي،“ ٻي مزدور چيو، اسين چڱا پري هئاسين، وڻين ها تہ ڀڄي وڃن ها، پر اسان کي پاڻ چئي هن کي موٽر ۾ کڻائي شهر ڏانهن اسهي ويا ۽ اسان کي چئي ويا تہ ڪنهن ڀر واري ڳوٺ جو ٿو ڏسجي، پڇا ڪرائي وارثن کي سيول ڏانهن موڪلجو، اسين اتي هونداسين.“ مرزي رستي ڏانهن انهيءَ هنڌ نهاريو، جتي رستي تي رت جي دٻن تي موٽر جي ڦيٿن چٽ ڪڍي ڇڏيا هئا. ايتري ۾ مزدورن هڪ ٽرڪ بيهاري ورتي، جنهن ۾ مرزي ۽ ايلياس کي شهر اماڻيو.
شهر ڏه ميل کن پري هو. جڏهن هو شهر پهتا، تہ سج لهي چڪو هو. مرزي جي اکين مان لڙڪ وهي رهيا هئا. پر هن کي پڪ هئي تہ دينو بچي پوندوهو جڏهن اسپتال پهتا، تہ ساجن، ڪنڊو، سڀ اتي هئا. مرزو پهتو، تہ ساجن کڻي ڀاڪر پاتس.
”ڀائو، دينو وڃي الهه کي رسيو“ ساجن ڳراٽڙي پائيندي چيس. مرزو مڙس هو پر کانئس اوڇنگار نڪري ويئي. هو ساجن جي ڪلهي تي منهن رکي روئيندو رهيو. جڏهن سڀئي ڪمري ۾ پهتا، تہ لاش کي ڏسي مرزو بابا، بابا ڪندو چنبڙي پيو. ڊاڪٽر کيس ٻانهن کان وٺي پرڀرو ڪيو.
”مون گھڻي ڪوشش ڪئي، پر مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ ڪارڻ بچي نہ سگھيو.“ ڊاڪٽر همدردي ڪندي چيو.
ٿوري دير ۾ جڏهن مرزي کي هوش آيو، تہ هن پنهنجي ڀر ۾ ٻن پتلون پاتل ماڻهن کي ڏٺو، جن جي منهن تي ڏک جا اهڃاڻ ظاهر ٿي رهيا هئا.
”جيڪي ڀاڳ ۾ لکيل هو. سو ٿيو. اسان تہ پنهنجي پر ۾ گھڻي جاکوڙ ڪئي، پر جيڪا الله جي مرضي.“ پتلون واري هڪڙي چيو.
ڪافي دير تائين ڪمري ۾ سانت رهي. وري هنن مان هڪڙو اٿي آيو ۽ مرزي کي چوڻ لڳو.
”اسين تنهنجو پٽ تہ نہ ٿا موٽائي سگھون، نڪو هن جي موٽ ٿي سگھي ٿي.“ ائين چئي هن پتلون جي هڪ کيسي مان ٻٽون ڪڍيو ۽ ڪجھه نوٽ ڳڻي مرزو جي هٿ تي رکيا: ”هي هزار اٿو چاچا، هاڻي توهان جي پٽ جي حياتي تہ موٽي نہ ٿي اچي سگھي ، پر....“ هن وري ساڳي ڳالھه ورجائيندي چيو.
مرزو پهرين تہ ننهڪار ڪيو پر جڏهن هنن تمام گھڻو لاچار ڪيو، تہ سوچ ۾ ٻڏي ويو، پوء اوچتو هن هٿ وڌائي نوٽ کڻي ورتا. کيس پنهنجو قرض ۽ ساران ياد اچي ويا. هاڻ هو پنهنجي عزت بچائي سگھندو____ گھڙي کن لاء هو سوچ ۾ ٻڏي ويو. هو دينوءَ کي وساري ويٺو. ”ڇا غريب کي اوچتا پئسا ائين ئي ملندا آهن! هو جڏهن لاش کڻائي ڳوٺ پهتو، تہ روڄ لڳو پيو هو. قبر تيار هئي، پر هن جي ڳوڙها خشڪ ٿي ويا هئا. دينوءَ مهان قرباني ڏني هئي. شايد هن پنهنجي ڪٽنب جي عزت بچائڻ خاطر ئي جان ڏني هئي.
هو ٽيجھو ڪري، راتو رات ٽپڙ ٻڌي ڳوٺ ڇڏي ويا. مرزي کي خبر هئي، تہ رئيس کي تقاوي جو تہ بهانو هو.
هن جي من ۾ جيڪا هئي سا هو ضرور ڪري ها. پر جيڪڏهن بنا قرض جي ڀڄن ها، تہ وڏيرو مٿو ئي وڃائي ڇڏي ها. جيستائين هڪ غريب هاريءَ وٽ جوان ڌيءَ آهي تيستائين زميندار پنهنجو قرض ضرور اوڳاڙيندو، هن کي اها خبر هئي.
هاريءَ وٽ تہ ڌيءَ ڄمندي رهندي اهو قدرت جو اٽل قانون آهي پر هن ڌرتيءَ تي ڏاڍ سدائين رهندو اهو قدرت جو اٽل قانون ڪونهي. جيڪي بہ صدين کان غريب جو امير تي وري رهيل قرض آهي ان جو پورو حساب ٿيندو.
هن کي شايد اڃان اها خبر نہ هئي.

سوکڙي

هو جڏهن گھر پهتو تہ سندس منهن تي ڳڻتيءَ جا آثار ظاهر ٿي چڪا هئا. هو گذريل ٻن ڪلاڪن کان سوچ ۾ ٻڏل هو. ونيءَ کيس روز وانگر مرڪي آجيان ڪئي تہ هو بہ وراڻي ۾ مرڪيو پر مرڪ سندس چهري تي ڳڻتيءَ جا آثار گھٽ نہ ڪري سگھي. سندس ڦڪي مرڪ ونيءَ کي ڌوڪي ڏيئي نہ سگھي. ”ڇو خير تہ آهي؟“ هوءَ بہ ڳڻتي ڪندي پڇي ويئي.
”ها سڀ ٺيڪ آهي“ هن جي چپن تي ساڳي ڦڪي مرڪ آئي. ”زري اڄ ڇا پڪو آهي؟“ هن موضوع بدلائڻ گھريو.
زرينا سمجھي ويئي تہ اڄ کيس بک ڪانهي. هو ڏهاڙي ڪاليج مان موٽي ڪپڙا مٽائي مانيءَ کي لڳي ويندوهو پر جڏهن کيس بک ڪانہ هوندي هئي تہ ائين ئي پڇندو هو ۽ پوء جيڪڏهن ڪو لذيذ طعام هوندو هو تہ ٻہ ٽي گراھ کائيندو هو، نہ تہ ائين وڃي سمهي پوندو هو.
”معلوم ٿو ٿئي اڄ چانهه جا دور گھڻا هليا آهن.، بک مري ويئي اٿو، پر اڄ تہ مون ڪواب ٺاهيا آهن.“ ونيءَ کي خبر هئي تہ رشيد کي ڪواب ڏاڍا وڻندا آهن. پر رشيد ڪوابن جو ٻڌي ڪا خاص دلچسپي نہ ڏيکاري.
”تون ماني وڌاء تہ آئون ڪپڙا مٽائي وٺان.“
هو جڏهن ماني کائڻ ويٺو تہ گراھ نہ ڳيسجيس، سندس بک مري چڪي هئي. سڇ پڇ ڳڻتي ۽ ڏک اسان کي اڏوهي وانگر کانئڻ ٿو لڳي. ماڻهوءَ جي بک ختم ڪريو وجھي. هو ڏهين وڳي ڪلاس وٺي، اسٽاف روم ۾ ويٺو هو تہ انور فون تي خوشخبري ٻڌايس. ايندڙ مهيني جي ڏهين تاريخ انور جي شاديءَ جي خبر هن لاء بہ خوشي جي ڳاله هئي ۽ هو سچ تہ ڏاڍو خوش ٿيو، فون تي ڳالهائڻ کان پوء هڪڙو الڪو کيس ورائي ويو. انور کي شاديءَ تي سوکڙي ڏيڻي هئي اها ڪهڙي ڏئي، جو انور جي شان وٽان هجي. انور شاهوڪار هو، وڏو ماڻهو هو، کيس سوکڙي بہ اهڙي ئي ڏيڻ کپي. هن کي پنهنجي شاديءَ جي سار اچي ويئي جڏهن هن کي ڪاليج ۾ اڃان پهريون سال ئي پورو مس ٿيو هو، هن ڏاڍي محنت ۽ ڪنجوسي ڪري کنيل قرض لاٿو هو. ۽ هاڻ هن پائي بہ ڪانہ هئي. زرينا جي مائٽن نيٺ ها ڪئي ۽ هن کي ترت شاديءَ جو بندوبست ڪرڻ جو چيو هئائون. ڇاڪاڻ جو زرينا جي ننڍي ڀيڻ جي شادي لا وري انهن جي گھوٽيتن زور ڀريو هو. هو وڏي اصول وارو ۽ خوددار قسمجو ماڻهو هو. جو هن جو ڪنهن وٽ هٿ ڊگھيڙڻ اڻ ٿيڻي هئي. انور کانئس پڇيو هو.
”رشيد تون شاديءَ تي ڪهڙي سوکڙي پسند ڪندين؟“
”جيڪا تون پسند ڪندين اهائي منهنجي پسند هوندي
پر دوست هڪڙي ڳاله سار ڪجائين، تہ اها منهنجي حيثيت جي هجي. ايتري ڳري نہ هجي جنهنجو بار ڄمار ڀر تڪليف ڏيئي.“ رشيد سڌي ڳالھ ڪرڻ وارو ماڻهو هو. هو سوکڙي ۾ هميش؟؟؟؟ انهي اصول جو قائل هو تہ سوکڙي ڏيڻ واري کي سوکڙي وٺندڙ جي حيثيت نظر ۾ رکي سوکڙي ڏيڻ گھرجي، ڇو جو سوکڙي بہ هڪڙي قسم جو قرض آهي، جو وٺندڙ کي ڌڪ گھٽ اوتري ئي قيمت ۾ حياتيءَ جي ڪنهن ٻئي درجي تي ادا ڪرڻو پوي ٿو.
”پر يار تون مون تي ڪا شرط نہ ٿو وجھي سگھين، اهو منهنجي مرضيءَ تي ڇڏيل آهي تہ مان ڪهڙي سوکڙي ڏيان. مان تہ توکان نہ پڇان ها پر مون کي آمريڪا ويندڙ زرعي ڊيليگيشن ۾ شامل ڪيو آهي مون کي ڊپ آهي تہ آئون تنهنجي شادي ۾ بہ شايد شرڪت نہ بہ ڪري سگھان. مان توکي رڳو اهو چوڻ آيو آهيان تہ توکي سوکڙي شادي ٿيڻ کان اڳ ۾ قبول ڪرڻي پوندي“
اها خوشخبري بہ آهي تہ افسوس جي ڳالهه به. تون آمريڪا وڃي رهيو آهين، اها تہ خوشي جي ڳالهه آهي ۽ تون منهنجي شادي ۾ ........ پر يار اڃا منهنجي شادي ڪٿي ٿي ٿئي!، هن کي پنهنجون حالتون سار اچي ويئون هن کي هاڻ ڌڪ گھٽ پڪ ٿي ويئي هئي تہ سندس شادي ڪانہ ٿيندي هو ڪو هڪڙو ئي اميدوار تہ ڪونہ هو. زرينا جھڙي ڇوڪري لاء ٻيا بہ گھڻا ۽ هن کان سٺا اميدوار هئا. هن ڳاله جاري رکندي انور کي چيو، ”پر پاڻ تہ ڀائرن وانگر آهيون، تون ڇو ٿو ايتري تڪليف ڪرين.“ ھن نھٺاڻي کان ڪم وٺڻ جي ڪوشش ڪئي”۽ ھا، تون مونکي ڀاءُ چئي ”ٻہ ڀائر ٽيو ليکو“ جي پھاڪي تي عمل ڪرائڻ ٿو گھُرين. بيشڪ آئون تنھنجي ڀاءُ وانگر آھيان، پر ڀاءُ نہ آھيان. آئون تنھنجو دوست آھيان، ۽ دوستن جو ڪو حساب ڪتاب نہ آهي. دوستن جو حساب
دل ۾ ٿيندو آهي. انور ايئن چئي ڪوٽ جي کيسي ۾ هٿ وڌو ۽ ھڪڙو لفافو رشيد کي ڏيئي چوڻ لڳو.
”ڏس ڪيترو نہ ھلڪو آهي، تون ٻن آڱرين ۾ کڻي سگھين ٿو“
انور لفافو ڇڏي ھليو ويو. ھُن لفافو کوليو لفافي ۾ پنج ھزار رپين جا نوٽ پيل ھئا!
ھڪ وڳي تائين ڪاليج ۾ ھو رھيو، انور کي ھاڻي ھو ڪھڙي سوکڙي ڏئي. انھيءَ سوال جو جواب ھن کي ڪٿي بہ نظر نہ ٿي آيو. ھن ماني کائي بس ڪئي، پر زرينا سان ڪابہ ڳالھہ نہ ٿي. ٻہ ٽي گراھ کائي ھو ليٽي پيو ۽ پاسا ورائيندي نيٺ کيس ننڊ اچي وئي.
شام جو جڏهن ھو اٿيو تہ پاڻ کي ڪجھ ھلڪو محسوس ڪري رھيو ھو، پر اڃا پاڻ کي اون کان آجو محسوس نہ ٿي ڪيائين. ھن باقي رھيل کھيل ڳَڻتيءَ کي فلحال ختم ڪرڻ ٿي گھريو. زرينا ھن جي اڳيان چانھ جو ڪوپ آڻي رکيو تہ ھن کي زرينا وڌيڪ سھڻي نظر اچڻ لڳي. زرينا کي پاڻ اڻ تڻ ھئي تہ رشيد جي ڳڻتيءَ جو ڪارڻ پڇي، پر سندس مرڪندڙ چهرو ڏسي، ھو بہ گھڙي کن لاءِ ڳڻتيون وساري ويٺي."”ھا مان توکي اھو ٻڌائڻ تہ وساري ويس تہ ايندڙ مھيني انور جي شادي ٿي رهي آهي، تاريخ بہ مقرر ڪري ڇڏي اٿن، ڏھين تاريخ رکي اٿن." ھن اھڙي نموني خبر ٻڌائي ڄڻ ڪا عام خبر ھجي..“
'”اڇا مس مس ادا انور بہ شادي تي راضي ٿيو، مون تہ سمجھيو ھو تہ ھتي ڪا ڇوڪري پسند نہ ايندس ۽ آمريڪا ۾ ڪا ڦاسائي وجھيس ھا تہ ٻي ڳالھ آھي.“ زرينا کي خبر ھئي تہ انور ڪنھن نہ ڪنھن مان ڪو نقص ڪڍي ڇوڪري ناپسند ڪري ڇڏيندو ھو.
”ھا، زري شادي تہ تولاءِ تہ بھترين وجھ آهي. ھن تي تہ ھار بہ پائي سگھين ٿي." رشيد، زرينا کي پنھنجي ڳالھ سار ڏياريندي چيو. ھو زرينا کي ھميشه جھليندو ھو تہ عام وجھن تي اھو ھار نہ پائي، پر ھو ڪنھن خاص ڏھاڙي لاءِ رکي ڇڏي. ايترو قيمتي ھار رڳو شاديءَ جھڙن ڏينهن تي ئي پائڻ جھڙو آھي ۽ ھاڻي اھو وجھ ملي رھيو ھو. هن جي ذھن ۾ ھڪ پل لاء ويچار آيو جيئن اوچتو کنوڻ چمڪي”مون توکي ڪڏهن اھو ھار پائيندي نہ ڏٺو آھي. “
رشيد جي آواز ۾ پيار جا جذبات ھئا..
"”ڇو مون توھان کي پائي تہ ڏيکاريو آهي. شادي کان پوءِ ڪافي ڏينهن تائين جو مان پائيندي ھيس.“ زرينا کي اچرج لڳو تہ ڇا رشيد کي ايترو جلدي وسري ويو.
”اوھو، اھو تہ جڏھن تون نئين ڪنوار ھئين، شادي کان پوءِ پھريان ٻہ ٽي ڏينھن پاتو ھئي پوء وري بس.“ رشيد جي اکين ۾ پريت جھلڪي رھي ھئي.
”چڱو ڀلا مان جڏھن شاديءَ تي تيار ٿيندس تہ پوءِ ڏسجو تہ ڪيئن ٿي لڳان.“
اھو ھار بہ سندس ٻئي دوست مشتاق جي سوکڙي ھئي.
ھو مشتاق ۽ انور ننڍي ھوندي جا دوست ھئا. گڏ پڙھيا گڏ گھميا ۽ گڏ بي اونيء جو دور پورو ڪري عملي جيوت ۾ داخل ٿيا ۽ مشتاق ۽ ھو ڪاليج ۾ ليڪچرار ٿيا. ھن کي سار آئي تہ ڪيئن انور کيس سوکڙي ڏيئي ويو ھو، ۽ ڪيئن مشتاق بہ کيس سوکڙي ڏني ھئي. مشتاق کي سندس شاديءَ جو ٻڌي ايتري تہ خوشي ٿي ھئي جو ھو چئي ويٺو، ”رشيد مون کي تنھنجي شادي تي ايتري خوشي ٿي رهي آهي جو مون کي پنھنجي شاديءَ ۾ بہ ايتري خوشي ڪانہ ٿي ھئي، سچ ٿو چوان.“
مشتاق جي ڳالھ ۾ ڪو وڌاءُ ڪونہ ھو. ھنن جيڪي حياتيءَ جا پروگرام ٺاھيا ھيا، شادي بہ ماڳ ڏانهن ھڪ وک ھئي..
مشتاق چيو ھوس، ”ھا يار تنھنجي شادي جي ڪري اسان کي مڙيئي ڪس لڳي ويندي. “
تون گھٻرائي نہ يار ، منھنجي تو لاء پريت ايتري ئي گھٽبي جيتري وري تو شادي ڪري گھٽائي آهي، ڪيئن حساب تہ برابر ٿيو نہ . رشيد کلي ڏٺو ھو. پر اھو ٻڌي ڇڏ پريت جيترو ورھائبي آهي، اوترو ئي وڌندي آهي ۽ ٻنھي گڏجي ٽھڪ ڏنو ھو.
”ٻڌ مان توکي سوکڙي ۾ مون وٽ جيڪا سڀ کان قيمتي شيءِ ھوندي سا ڏيندس، ۽ توکي اُھا وٺڻي پوندي.“
مشتاق زور ڏيندي چيو هو ۽ ٻڌ اھا سوکڙي اسان جي دوستيءَ جي محل جو پيڙھائتو پٿر ھوندو، جي تو منھنجي سوکڙي موٽائي تہ محل ڪري پوندو. مشتاق رشيد کي ڌمڪي ڏني ھئي.
ھن کي ٻي ڪا واھہ بہ ڪانہ ھئي، ھن اھا سوکڙي قبول ڪري ورتي ھئي. مشتاق ھڪ غريب ماڻهو ھو پر ھن نھايت قيمتي سوکڙي ڏني ھئي اھو قيمتي ھار ھو. مشتاق اڄ ڪلھ انگلينڊ ۾ پي.ايڇ.ڊي ؟؟؟ رھيو ھو.انور جي شاديءَ ۾ ھڪ ڏينھن وڃي بچيو هيو، رشيد کي ھونئن سوکڙي جو تہ ڪو الڪو ڪونہ ھو، پر ھڪڙو احساس سندس ذھن کي چھنڊڙيون پائي رهيو ھو. ڪالھ بہ چانڊوڪي رات هئي اڄ بہ چانڊوڪي رات ٿيندي اوڏي مهل سانجھيءَ جي مھل چانڊوڪي رات جو ويچار اينديئي ھن زرينا کي سڏ ڪيو، زرينا رڌڻي ۾ چانھ ٺاھي رھي ھئي.
زرينا چانھ ٺاھي کڻي آٿي؟؟؟؟
”ٻڌ اڄ چانڊوڪي رات اٿئي، ھل تہ گھمڻ ھلون.“
رشيد ڄڻڪ زرينا جي دل جي ڳالهه ڪئي، دريا جو سير ڪريون ۽ بوٽنگ ڪريون“
اُھا چانڊوڪيءَ رات ۾ بوٽنگ. ڏاڍو مزو ايندو.“”
زرينا ٻارن وانگر چھڪڻ لڳي.
”ھا پر توکي ھڪڙي ڳالھ مڃڻي پوندي، توکي جيڪو انور جي شاديءَ ۾ ھار پائڻو آهي، مان ڏسڻ ٿو گھران تہ تون انھيءَ ۾ ڪيئن ٿي لڳين.“
”اھو مان جڏھن شاديءَ جي ڏينهن پائيندس تڏهن ڏسي وٺجو.“ زرينا جي لھجي ۾ اچرج ظاھر ھو.
”نہ ، تون ڪپڙا ۽ زيور پائي ھڪدم ھلي ويندينءَ ۽ وري رات جو موٽي اچي بدلائي ڇڏيندينءَ ، مان ايتري ٿوري دير لاءِ توکي ڏسڻ نہ ٿو گھران. مان اڳ ۾ ئي توکي دل ڀري ڏسڻ ٿو گھران.“ رشيد جي لھجي ۾ التجا ھئي. ڄڻڪ ھن جي زرينا سان گڏ آخري رات ھجي. زرينا ٽاري نہ سگھي.
جڏھن ھوءَ ساڙھي پائي ڊريسنگ ٽيبل جي اڳيان اچي ويٺي، ۽ آخري ڀيرو ميڪ اپ ٺيڪ ڪرڻ لڳي تہ رشيد ڪيس مان ھار ڪڍيو، سونو ھار جنھن ۾ گھاٽا سائي رنگ جا نگ لڳل ھئا. بجلي جي روشني۾ اهي ٻھڪڻ لڳا. رشيد زرينا جي پويان اچي بيٺو، ھار ھٿ ۾ جھلي اڳيان وڌي زرينا جي ڳچي ۾ ھار وجھي ھُڪ لڳايو. رشيد ھُڪ لڳائي آرسي ۾ نھاريو. زرينا سان سندس نظرون مليون، ھن زرينا جي ڪلھن تي ھٿ رکيا، ڪجھ دير لاء ھو ٻئي ھڪ ھنڌ ڄمي ويا. آرسي سندس تصوير بڻجي چڪي ھئي. شايد ھو ٻئي پنھنجن پنھنجن ويچارن ۾ الائي ڪٿي کان ڪٿي پهچ چڪا ھئا. رشيد ھن دنيا ۾ موٽي آيو ۽ ھلڪو ڇرڪ ڀري ھٿ ھٽايائين. زرينا اٿي بيٺي. زرينا کي ڪو بہ اچرج نہ ٿيو، ھن کي رشيد جي خبر ھئي تہ ھو ڪيترو جذباتي آهي.
”توھان کي ھار انھيءَ ڪري تہ نہ ٿو وڻي جو ان ۾ ساوا نگ لڳل آھن؟“ زرينا مرڪي رشيد ڏانهن نھاريو ۽ رشيد بہ جواب ۾ مرڪي ڏنو..
جڏھن ھو دريا تي پھتا تہ چوپاسي چانڊوڪي ڦھليل ھئي ھو ٻيڙي ۾ سانت ويٺا رھيا. خبر ناهي ڪيتري دير تائين ٻيڙي ۾ گھمندا رھيا. رشيد بہ گھاٽي نيري رنگ جي سوٽ ۾ سھڻو لڳي رھيو ھو. اھو زرينا جو من گھريو رنگ ھو، ٻيڙي واپس ڪناري تي ھلڻ لڳي. ٻيڙي ماٺيڻي رفتار ۾
ھلندي جڏھن ڪناري تي لڳندي ھلڪو جھٽڪو ڏنو تہ ھنن جي خوابن جو سلسلو ٽٽي پيو. رشيد ھٿ ڏئي زرينا کي لاٿو. ھو جڏھن مٿين ڪئنال جي پل تي اچي پھتا تہ سامھون درياءُ چانڊوڪيءَ ۾ چمڪي رهيو هو.
”زري توکي ھي ھار پسند آهي.“ رشيد يڪدم سوال پڇيو.
تمام گھڻو؟ عورت کي زيورن سان لڳاءُ ھوندو ئي آهي. اوھان کي بہ پسند آهي؟“
”ھا مون کي وڻي ٿو جيڪڏهن تنھنجي ڳچيءَ ۾ پيل ھجي!“
”پوءِ تہ ان کي روز روز پائيندس.“
”جيڪڏهن ھي ھار وڃائجي وڃي تہ؟“
”مون کي ڏاڍو ڏک ٿيندو“
”قيمتي آهي انھيءَ ڪري“
”نہ ان ڪري جو توکي پسند آهي“
رشيد زرينا کي ھار پاتل جيتري گھڻي دير تائين ڏسي سگھي، ڏسڻ ٿي گھريو. ھن زرينا ڏانھن نھاريو، ھار چانڊوڪي رات ۾ تارن وانگر ٻھڪي رھيو ھو. چانڊوڪي رات ۾ تارا لڪي ويندا آهن، پر زرينا جي چھري جي چنڊ اڳيان تارن ۾ وڌيڪ روشني نظر اچي رھي ھئي. چند کان وڌيڪ چمڪندڙ چنڊ ۽ تارن کان وڌيڪ روشن تارا.
ھن زرينا ڏانھن وري نھاريو. ”زري سڀاڻي کان ھار نہ پائجائين مون کي نہ ٿو وڻي.“ زرينا، رشيد جي ايتري بدليل ڳالھ تي اچرج سان تڪڻ لڳي.
”جيڪڏهن اوهان کي ھار نہ ٿو وڻي تہ مان عمر ڀر نہ پائيندس.“
”زرينا اسان وٽ سڀني کان قيمتي شيءِ ڪھڙي آھي؟“
”پريت“ زرينا مڙس جي عجيب ۽ ڇرڪائيندڙ سوالن تي اچرج ۾ پئجي وئي
”پريت کان سواءِ منھنجو مطلب آھي شين ۾.“
”اسان وٽ تہ ھي ھڪ ھار ئي آهي.“
”تہ پوءِ آئون انور کي سندس شاديءَ تي پنھنجي سڀ کان قيمتي شيءِ جي سوکڙي ڏيڻ گھران ٿو.“ رشيد ڪنڌ ڦيرائي دريا ڏانھن نھارڻ لڳو. هن ۾ زرينا سا اکيون ملائڻ جي ھمت ڪانہ ھئي.
”منھنجو بہ اھوئي ويچار آهي.“ زرينا جي وراڻي ھو.
رشيد پنھنجي ھٿ ۾ زرينا جي ٿڌاڻ محسوس ڪئي. ھو ھٿ ھٿ ۾ ڏيئي ھلڻ لڳا.
ٻئي ڏينھن شاديءَ کان پوءِ انور وٽ سوکڙين جو ڍڳ لڳو پيو هو، سوکڙيون ڏسندي ھن ھڪ پئيڪيٽ کوليو ان مان ھڪ سھڻو ڪيس نڪتو. ڪيس کولينديئي انور اچرج سان تڪڻ لڳو، ڪيس ۾ سونو نگن ڀريو ھار جرڪي رھيو ھو. اندر ڪارڊ تي لکيل ھيو، ”رشيد ۽ زرينا وٽان ڀاڀي لاء.“ِ
انور جي اچرج جو ڪارڻ اھڙي قيمتي ھار جھڙي سوکڙي رشيد وٽان اچڻ جي ڪري نہ ھو. سندس اچرج جو ڪارڻ ھو تہ اھو ساڳيو ھار، جيڪو ھن پاڻ مشتاق کي شاديءَ ۾ ڏنو ھو، ھن اھو ھار بہ انھن ڏينھن ۾ بہ ڏھ ھزار رپين ۾ خريد ڪيو هو. مشتاق کي ڏنل سندس ھار جي اھا سوکڙي ايئن دوستن وٽان ڦري واپس ملندي ان جو کيس گمان بہ نہ ھو. ھونئن بہ ڪو غريب ڪا سوکڙي گھڻي
دير تائين پاڻ وٽ سنڀالي رکي نہ ٿو سگهي ڇو تہ يا تہ اھا وڪڻڻي پوندي آهي يا وري سوکڙي ڪري ٻئي ھنڌ ڏيڻي پوندي آهي، مشتاق ۽ رشيد وري بہ ڀاڳوند ھئا ھو سوکڙي وڪڻڻ جي لاچاريءَ کان بچي ويا.

گناھ جو ڍڪ

اوڏي مھل وڏيري سان گڏ ٽي ڄڻا ٻيا بہ ويٺا ھئا.
وڏيرو کين پنھنجا قصا ٻڌائي رھيو ھو.
”پئرس جي ڪھڙي ٿا ڳالھ پڇو، پئرس ڇا سڄو يورپ سھڻن جو ملڪ آهي ، ڇا سونھن آهي، سونھري وار، نيريون اکيون ۽ کير جھڙي اڇي چمڙي، آئون تہ پھرين پھرين سندن سرير کي ھٿ لائيندي ڊڄندو ھوس تہ ڪٿي ميرو نہ ٿي پوي.“ وڏيري ڳالھ ڪندي کلي ڏنو..
سائين ھي پئرس ڪٿي آهي؟ ويٺلن مان ھڪڙي پڇيو.
”يورپ ۾ ٻيو ڪٿي.“ وڏيري پنھنجي جاڻ جي ڌاڪ ويھاريندي چيو.
”۽ ڀلا اھو يورپ ڪٿي آهي؟ ساڳي ماڻھوءَ وري سوال پڇيو.
وڏيري کي پھرين تہ ڏاڍي چڙ لڳي، پر پوءِ درگذر ڪندي جواب ڏنو ”بابا ھي سڀ ملڪ ۽ شھر ولايت ۾ آھن.“ ولايت جو ٻول ٻڌي انھيءَ ماڻهو ايئن ڪنڌ ڌوڻيو ڄڻ سڀ ڪا خبر پئجي ويس. وڏيري پنھنجي ڳالھ کي جاري رکندي چيو، ”باقي پنھنجي ملڪ جون زائفائون ڪاريون ڪوجھيون ۽ وري اھڙيون ميريون ۽ گدليون جو کين ڏسڻ بہ دل کي نہ وڻي, ھاء يورپ، وڏيري ٿڌو ساھ ڀريندي چيو تہ ڳالھين ڪندي قادر بخش اڳيان اچي ماٺ ڪري بيهي رهيو. وڏيري جي ڪمدار تي نظر پئي تہ ڳالھہ اڌ ۾ ڇڏي ڏني، ڇو قادو وڏيري پڇيس.
”سائين ھي تقاوي پيا گھرن،“ قادر بخش ھٿ سان سڌير، سورج ۽ درگي ڏانھن اشارو ڪندي چيو. انھن ٽنھي ڪولھين پنجاھ پنجاھ رپيا گھريا هئا، ”سائين مون گھڻو ئي چيو مان
تہ اڃا نہ ، پر مڃين ئي نہ ٿا، قادربخش بيزاريءَ واري لھجي ۾ چيو. وڏيري، ڪولھين تي نظر وڌي ڪولھين کڻي ھٿ جوڙيا. ”سائين گلام آھيون، ڏياري اچي مٿان پئي آهي، نہ تہ ڪين گھرون ھا.“ سڌير ھٿ ٻڌندي عرض ڪيو. سڌير ٽنھي ۾ وڏو ھو. پھرين تہ وڏيري کي ڪاوڙ آئي، پر پوءِ الائي ڪھڙو ويچار آيس، ڪمدار کي چيائين، ”قادو ڏين پنجويھہ پنجويھہ رپيا اڃا ڪمايو ئي ڪونہ تہ تقاوي مٿان تقاوي لڳائي ڏني اٿو.“ .
ھاڻي سورج اڳتي وڌي آيو، نہ سائين پنجاھ ڪري ڏيو، پنجويھن ۾ ڪم نہ ھلندو.“ سڀني کي خبر ھئي تہ وڏيرو سورج جي ڳالھ نہ موٽائيندو.
”توھان ايئن ڪونہ مڙندو، قادو پنجاھ ڪري ڏين، وڏيري سورج جي ڳالھ مڃيندي اھڙي نموني سان چيو، جيئن ٻيا ايئن نہ سمجھن تہ ڪو ھن سورج جي ڪا ڳالھ مڃي. وڏيري ڳالھ ڪندي پنهنجي دوستن ڏانهن رخ ڦيرايو ”ھا آئون ڇا چئي رهيو ھوس؟“ وري پاڻ ڳالھ ڪندي چوڻ لڳو، ”ھا ھا مون پئرس جي ڳالھ پئي ڪئي.“
وڏيرو خير محمد پنھنجي ڌر جو وڏو زميندار هو. ھزارين ايڪڙن ۾ زمين پکڙيل ھئس.پر تنھن کان سواءِ وڌيڪ رعب داٻ انھيءَ ڪري ھوس، جو ھو پنھنجي قوم جو سردار هو. سندس برادريءَ جا ڳوٺ چئني پاسي پکڙيل ھئا سندس سڄي علائقي تي پورو ضابطو ھو. سندس موڪل کان سواءِ پن بہ چري نہ سگھندو ھو. سندس زمينن تي ٿيندڙ ھر جھڳڙي جو نبيرو پاڻ ڪندو هو. پوليس بہ سندس مدد کان سواءِ سڦل ٿي نہ سگھندي ھئي. ماڻھن سان سندس ايترو تہ رعب ھو، جو ڪنھن کي مجال نہ ھئي جو ٻڙڪ بہ ٻاھر ڪڍي سگهي. سڀ سندس نبيرو اکين تي قبول ڪندا ھئا. سندس حڪم پٿر تي ليڪ ھوندو ھو. ھر ٻئي ٽي ڏينھن ڪونہ ڪو جھيڙو پيو نبيريندو ھو. سندس اوطاق باغ ۾ ھئي، ھڪڙي پاسي انبن جي شاھي وڻن جون قطارون لڳيون پيون هيون، تہ ٻئي پاسي وري زيتون ۽ ڪيلا جھومر ڪيو بيٺا ھئا. اوطاق جو اڱڻ تمام گهڻو وڏو ھو، جنھن ۾ ڇٻر لڳل ھئي ۽ ڇٻر جي چوڌاري گلن ۽ ٻوٽن جون ڪونڊيون رکيل. سندس حويلي سڏ پنڌ تي ڳوٺ ۾ ھئي. حويلي ۾ اوطاق ئي سڄي ٽڪر ۾ پڪسريون جايون ھيون، ھارين جا گھر ڪچا ٺھيل ھئا. ۽ ڪي تہ رڳو منھن ھئا، جتي ماڻهو ۽ جانور گڏ رھندا ھئا. پاڻ حويلي تي رڳو رات جو ويندو هوگھڻو ڪري سڄو ڏينهن اوطاق ۾ گذاريندو هو، جتان ٻنيءَ جي سار سنڀال لهڻ ويندو هو ۽ ٻنپهرن جو ننڊ ڪري وري شام جو چڪر تي نڪري ويندو هو. آل اولاد وارو ھو، ٽن پٽن جو پيءُ ھو. وڏي پٽ جي گذريل سال ئي شادي ڪرائي ھئائين. بدن جو متارو ۽ قد جو ڊگهو ھو، پر پنڌ نہ ڪرڻ ڪري ۽ سڻڀ وارن کاڌن جي ڪري سندس پيٽ ڪافي نڪري آيو ھو. جڏھن کان ڳوٺ کان شھر تائين پڪو رستو ٺھيو ھو ، پھرين تہ پنھنجن ئي ھارين کان ڀاڄيون ڪرايائين، پر ھو ڪڻڪ ، ڦٽي تي ھريل ڀاڄين تي ڪمائي نہ سگھيا ، وڏيري پاڻ کي بہ ڀاڄين جو تجربو ڪونہ ھو. ھن کي خبر ھئي تہ ڀاڄين ۾ ڪولھين جو ڪو مٽ ڪونھي، سو ڪولھين جي ڳولا ڪرايائين، اھو ڪم قادر بخش جو ھو. پوءِ قادر بخش الائي ڪٿان ڪولھين کي آسرا ڏئي اچي وڏيري جي زمين
تي پھتو. چوڏھن پندرھن ڪکائون جھوپڙيون اڏجي ويون، لوڙھو اچي ويو ۽ اوطاق جي ڀرسان ئي سڏ پنڌ تي ڪولھين جو ڳوٺ ٻڌجي ويو. ڪولھي، محنتي ھاري، ڀاڄين ۽ گاھ ڪرڻ ۾ تاڪ، وڏيري جون ڀاڄيون ۽ گاھ ڀلا ٿيندا ويا.
ھاڻي روز ٽريڪٽر جو ٽريلر ڀرجي شھر پھچندو ھو. ڪڏھن ڪڏھن تہ مال ايترو تہ گھڻو لھندو ھو جو ٻہ ٽي ڍڳي گاڏيون بہ ٽرئڪٽر سان وينديون هيون.وڏيري جو سڀني ڪولھين مان سورج تي راز ھو ۽ ھو سورج جي گھڻو ڪري ھر ڳالھ مڃيندو هو، انھيءَ جو اھو ڪارڻ ڪونہ ھو تہ ھو سڀني کان محنتي يا ڀڙ ھاري ھو، پر سورج جي سھڻي وني ھئي. ڪولھي ھئا تہ ڪارا ڪوجھا پر جيڻا تہ سڀني ۾ اھڙي ھئي جھڙو ڪارن ڪڪرن مان ليئو پائيندڙ چنڊ. جڏھن ڪولھين اچي پنھنجيون جھوپڙيون وڌيون تڏهن سڀ کان پھرين وڏيري قادر بخش کان پڇيو.
”ڪيئن قادر ، آھن ڪي منجھن داڻا؟“
قادر بخش بہ ائين ئي وراڻي ڏني ڄڻ ھن ڪولھين جي ڳولا ۾ خاص ڌيان رکيو ھو، ”سائين اوھان جو ٻانھو آھيان ڏسي واسي ماڻھو آندا اٿم، ڪچو ڪم تہ اوھان جو ڪريان ڪونہ “
”پر تڏھن بہ؟“ وڏيري تفصيل ڄاڻڻ گھري.
”ٻہ ٽي داڻا تہ خاشا آھن پر ھڪ جو تہ جواب ئي ڪونھي. جيڻا نالو اٿس سورج جي وني آھي.“
ٽنھي ڪولھين کي وڏيري وٽان وئي ڪلاڪ کان مٿي ٿي ويو هو. رات ٿي ڇڪي ھئي. قادر بخش ڪولھين جي جھوپڙين وٽ پھچي سڏ ڪرڻ لڳو.
”درگا...، درگا...، آھي ڪو؟“
ٿوري دير ۾ درگو، ليلو، پرڀو ۽ سورج نڪري آيا..
ڪمدار کين سمجھائڻ لڳو، ”اڄ ٽريڪٽر سان پرڀو، درگو ۽ سورج ويندا. گاڏين سان پيلو، ڪيسرو ۽ سڌير ويندا. رات جو ساڳي وقت تي نڪرنداسون.“
پوءِ جڏهن ٽريڪٽر ۽ گاڏيون شھر روانيون ٿيون تہ قادر بخش سورج کي سمجھائڻ لڳو، ”جڏھن ڪجھ گھرجئي تہ ٻين کي ساڻ نہ وٺي ايندو ڪر. رئيس تنھنجي ڪم مان خوش آھي. جڏھين بہ ڪجھ کپئي تہ سڌو ھليو ويندو ڪرينس ،
پر اڪيلو....، ڀورڙي سورج کي وڌيڪ ڪجھ سمجھ ۾نہ آيوهو، خوش ٿي ويو. ٽئين چوٿين ڏينهن سورج جو شھر وڃڻ لاء وارو پيو ايندو ھو. ڪولھين جو پھريون فصل ھو.
ھو سڀ جڏھن پھرين آيا ھئا تہ اچڻ سان ٻنين کي لڳي ويا ھئا. سندن ونيون بہ پنھنجن مڙسن سان ڪم ڪرڻ لڳيون، پر تڏھين بہ جڏھن وقت ملين تہ ڇڄ کارا ۽ ٽوڪريون ٺاھيندي گذارين. وڏيرو سڀني ڪولھين سان اهڙو تہ سٺي طرح پيش آيو، جو ھو سڀئي وڏيري جا ڳڻ ڳائڻ لڳا. ھڪڙي ڏينھن سڌير سڀني کي چيو..”اسان کي آئي چڱا ڏينھن ٿي ويا آھن ، وڃو ۽ حويليءَ تي ڇڄ ٻڄ ڏئي بہ اچو ۽ اندر ملي بہ اچو“ لڇمي، جيڻا، لڪي، گنگا سڀني پنھنجا پنھنجا ٺاھيل ڇڄ، ٽوڪريون ۽ وڃڻا پاڻ سان کنيا ۽ حويليءَ تي پھتيون. حويلي ڇا ھئي ھڪ ڪوٽ ھو. ٻاھران ٻہ ماڻھنئي ڀت ڏنل ھئي، پر اندر تہ محل لڳو پيو هو. شاھي اڱڻ، وڏا وڏا ڪمرا، درن ۽ درين تي شيشا
لڳل، سڀني جون اکيون چرخ ٿي ويون.
”ڪيڏو تہ شاھي گھر آھي، اسان جھڙا تہ ھزار ماڻھو رھي وڃن!. لڪي اچرج کائيندي چيو حويلي ۾ اندر پھچي وڏيرياڻيءَ ۽ ٻين ڀاتين کي کيڪاريائون. وڏيرو بہ اوڏي مهل حويلي ۾ ھو. ھو وڏي ڪمري ۾ پينگھو لڏي رھيو ھو. ڪولھياڻين کي ڏسي سندس اکين ۾ چمڪ اچي وئي. سڀني کي ھڪ نظر مان ڪڍي ويو. سندس نظر وڃي جيڻا تي کتي.
”سائين بسملايون“ لڪي جي آواز تي وڏيري ڪنڌ ڦيرايو . لڪي سڀني ۾ وڏي ھئي
”مائي سڀ خوش آھيو؟“ وڏيري پڇين.
”سائين اوھان جي راڄ ۾ ويٺا آھيون، اوھان جا ٻچا آھيون مڙيئي ديا کپي... ڪجھ ڇڄ کارا ٺاھيا ھئاسون، سو چيوسون مڙيئي سائينجن جي حويلي تي ڏيئي اچون.“ لڪي پنھنجي اچڻ جو مقصد ٻڌائيندي چيو. وڏيري جي نظر وڃي ڪولھياڻين جي آندل مال تي پئي.
”مائي ڪم تہ سٺو ڪري ڄاڻو،“ وڏيري واکاڻ ڪندي چيو. لڪي ساراھ ٻڌي سڀني جا نالا وٺڻ شروع ڪيا، ”کارا منھنجا ٺھيل آھن آئون سڌير جي وني آھيان، لڇمي جا ڇڄ ٺھيل اٿو،“ لڇمي ڏانھن اشارو ڪندي چيائين، ”لڇمي پرڀو جي گھرواري اٿو، ۽ ھي جيڻا سورج جي“
جيڻا پنھنجو نالو ٻڌندي لڄ کان ڪنڌ ھيٺ ڪيو.
وڏيري ٻٽون ڪڍيو ۽ ڏھين جو نوٽ ڪڍي لڪيء ڏانھن ھٿ وڌايو .
”ھي ڇا سائين!“ لڪي ڪيٻائيندي چيو.
وڏيري ڪنڌ کي ٻہ ٽي لوڏا ڏيندي چيو. ”مائي وٺ، مڙيئي خير آهي. اھي اوھان سڀني لاء آھن.“
جيڻا وڏيري جي عاليشان حويليءَ کي ڏسي حيران ٿي رھي ھئي. ايڏا وڏا ڪمرا جو ھر ھڪ منجھ پنج ڇھ جھوپڙيون سمائجي وڃن. ھڪ نہ ٽي ٽي پينگھا ھئا ۽ وٽن وڏا پينگھا تہ ٺھيو، پر ٻارن لاءِ ننڍا پينگھا بہ ڪونہ ھئا. ھتي منجين ۽ کٽن جو تہ حساب ئي ڪونہ ھو. ڪھڙو نہ آرام سان سمھندا ھوندا ۽ ھوءَ تہ پٽ تي سمھندي سمھندي وڏي ٿي ھئي ۽ وھانء کانپوءِ ئي کٽ تي سمھڻ ڀاڳ ٿيس. ھتي فرش تي فرنسيون ۽ غاليچا وڇايل ھئا ۽ سندن جھوپڙين ۾ تڏي کانسواءِ ڪي بہ ڪين ھو. تڏو بہ سندن ئي ھٿن جو ٺاھيل ھو. ھتي جارن ۾ سھڻا چيني ۽ ڪاشيءَ جا ٿانوَ رکيل ھئا ۽ وٽن جارائي ڪونہ هئا! جيڻا سوچڻ لڳي: ھو ھاڻي موٽي ويندي تہ ٿانو ايئن ئي پيتيءَ تي ٺاھي رکندي. پر پوءِ ويچار آيس تہ ٿانو ايئن ٺاھي سينگاري رکندي تہ پوءِ ھو کائيندا ڇا ۾؟ ھو پنھنجي بيوقوفيءَ تي من ئي من ۾ کلڻ لڳي. ڇت ۾ بجليءَ جو پکو ۽ بلب لڳل ھئا ۽ جڏھن مشن ھلائي ويندي ھوندي تہ بلب بہ ٻري پوندا ھوندا ۽ پکو ھاڻ لڳندو ھوندو. ھن سوچيو تہ ھن پاڻ ڪئي ڀيرا مشن ھلڻ جو گوڙ ٻڌو ھو، جھڙو ھوائي جھاز. ھن کي سورج ٻڌايو ھو تہ جڏھن مشن ھلي ٿي تہ ان ۾ بجلي ٿي ٺھي نہ تہ ھن بہ مڙسس کي چيو ھو، ”ٿوري تون ٿوري تون بہ وٺي اچ تہ ڀونگيء ۾ ٻاريون.“ اھا ڳالھ ٻڌي سورج کان ٽھڪ نڪري ويو ھو ۽ چيو ھئائين، ”چري بجلي گاسليٽ وانگر ڪينھي جو ايئن وٺي اچجي. بجلي تارن مان ايندي آھي، پھرين تارون ھيستائين آڻبيون پوءِ انھن مان بجلي ايندي.“ اھا ڳالھ سوچيندي ھن جي چپن تي مرڪ اچي وئي. ھن جون نظرون حويليءَ
جي چوڌاري ڦرڻ لڳيون. ھو دل ئي دل ۾ وڏيري جي شان ۽ شوڪت کان مرعوب ٿيندي رهي. ڪھڙو نہ ڀاڳ وارو آھي، ڀڳوان کيس ڇاڇا نہ ڏنو آھي ۽ کين جڳھين۽ ڌوڙ کان سواءِ ڪجھ بہ نہ . ٻنيءَ ۾ ڪمائين بہ ھو، ڏينھن رات پگھر بہ ھو وھائين ۽ وڏيرو رڳو گھوڙي تي سير ڪري ۽ گھر ويٺي پئسا ميڙي. ھن جو ذھن انهيءَ کان وڌيڪ ڪجھ نہ سوچي سگھيو. ھن جي نظر وڃي وڏيرياڻي
تي پيئي جيڪا پريان کٽ تي ويٺي ھئي، جھڙي راڻي، نڪو ڪم نہ ڪار، ٻانھيون ڪم ڪار کي لڳيون پيون آھن، پاڻ ويٺي حڪم ھلائي. ھن سوچيو تہ جي ھوءَ پاڻ کي وڏيرياڻي ھجي ھا ته! ھن گھڙيءَ کن لاءِ پاڻ کي وڏيرياڻي محسوس ڪيو. انھيءَ احساس ايندي ئي ھن وڏيري ڏانھن نھاريو تہ سورج ياد اچي ويس. ھو سورج کي سامھون اوچن ڪپڙن سان پينگھي ۾ لڏندي ڏسندي رھي..
”چڱو بيبي ھاڻي موڪلائيون ٿيون.“ لڪي جي آواز ھن جي ويچارن جو سلسلو ٽوڙي ڇڏيو. جڏھن سڀئي پنھنجي گھرن ڏانھن روانو ٿيون تہ ھيڏانھن ھوڏانھن جون ڳالهيون ڪنديون ويون، پر جيڻا ماٺ ۾ ھئي، ھوءَ اڃا حويليءَ جي اندر ھئي پنهنجن پورن ۾!! بس ايئن وڏيري پھريون ڀيرو جيڻا جي جھلڪ ڏٺي.
ھوڏانھن ڪولھين زمينون ٺاھي پوريون ڪيون تہ ٽماٽن، مرچن ۽ مٽرن جا سلا زمين جي ٻٽ مان جھاتي پائي آڪاش ڏانھن نھارڻ لڳا ھئا. وڏيرو ٽئين چوٿين ڏينهن ھن پاسي بہ زمين
گھمڻ ايندو ھيو. سندس زمين، وڏيري لاءِ پنڌ گھمڻ کان زور ھئي، انھيءَ ڪري گھوڙي تي چڙھي زمين گھمندو ھو.
جڏھن بہ کيس ڪولھين واري ٽڪر ۾ عورتون ڪم ڪندي نظر اينديون ھيون، گھوڙي جي واڳ اوڏانهن موڙي ڇڏيندو ھو. پر ھن کي جيڻا ڪڏھن اڪيلي نظر نہ آئي،
ساڻس گڏ ٻيون بہ ھونديون ھيون، پر تڏھن بہ انھيءَ پاسي چڪر ھڻڻ فرض سمجھندو ھو. ڪڏھن ڪڏھن تہ کھرو ڳالھائيندو ھو تہ ھو ويچاريون ھيسجي وينديون هيون ۽ وڏيرو جڏھن موٽندو ھو تہ جيڻا کيس گھوڙي تي ويندي ڏسندي رھندي ھئي، تيسين ڪہ ھو نظرن مان اوجھل نہ ٿي وڃي. جيڻا وڏيري جي رعب داٻ کان ڏاڍي متاثر ٿيل ھئي. پاڻ رڳو لنگھيو وڃي، تہ ھاري ڏڪيو وڃن.
دڙڪو ڏئي تہ ھارين جو اڌ ساھ نڪريو وڃي، تڏھن بہ سڀ ھاري سندس اشاري تي جان ڏيڻ لاءِ تيار. اسين ھاري ڏينھن رات ھڪ ڪري ڏيون تہ پئسا وريو گھر ويٺي وڏيري کي ملن.پاڻ نڪو ڪوڏر کڻي نہ ڪھاڙي؛ نڪو ڪاڙھي تتي ۾ نڪري، نڪو تھ سياري ۾ زمين جو مالڪ جوٿيو.
سڀ ڌڻيءَ جون مهربانيون آهن. باقي اسان کي تہ مانيءَ جو ٽڪر بہ مس ملي. ھو ايئن سوچيندي رهي.
جيئن ڏينھن گذرندا رھيا ، تيئن وڏيري جي اڻ تڻ وڌندي رهي. قادر بخش تي باھ ٻاري ڏنائين،
”قادر وارو ڪر. اڃا بہ ڏينھن لڳندئي ڇا؟“
”سائين ٿورو وقت لڳندو. داڻو وڌو اٿم ڪوڙڪي تيار آھي. بس پکي اھو داڻو چڳيو تہ پوءِ سڌو ڪوڙڪي ۾.“ قادر وجھ جي ڳولا ۾ رھڻ لڳو..
ھڪ ڏينھن جيڻا پاڻي ڀري موٽي رھي ھئي تہ قادر بخش جي جيڻا تي نظر پوندي ئي سندس ھٿ پھراڻ جي کيسي ۾ ھليو ويو. اھا وٿ اتي موجود ھئي. اصل ۾ قادر بخش اھا وٿ اھا وٿ پاڻ سان گڏ کنيو پيو ھلندو ھو متان ڪٿي لوڙ نہ پئجي وڃي. جيڻا اڪيلي ھئي ۽ قادر بخش لاءِ ھي سونو
وجھ ھو. ھو اچي جيڻا کي منھن ۾ گڏيو. جيڻا جو ڪنڌ ھيٺ ھو. قادر بخش دير نہ ڪئي..
”اسين مري وينداسين جي اسان جي سار نہ لڌئي.“
قادر بخش ٿڌو ساھ ڀريندي چيو ۽ جيڻا لڄ کان ڳاڙھي ٿي وئي، پر پوءِ سندس منھن تي ڪاوڙ جا تاثرات اچي ويا.
پھرين تہ ويچار آيس تہ مٽ پاڻي سوڌو قادر بخش کي ھڻي ڪڍي، پر ڪٿي ھو غريب، ۽ ڪٿي وڏيري جو ڪمدار. ۽ وري سوچڻ لڳي تہ متان سندس مڙس آھيء ۾ نہ اچي وڃي.
ھن قادر بخش کي ڪا وراڻي نہ ڏني ۽ چپ چاپ ھلڻ لڳي. ھن جي سانت قادر بخش کي ھمتايو، ۽ ھو وڌي بنھہ جيڻا جي ويجھو اچي پھتو. کيسي مان ٻہ چانديءَ جا ڪڙا ڪڍي ھن جيڻا ڏانھن وڌايا، پر جيڻا ڏٺا اڻ ڏٺا ڪري ڇڏيا.
”سوکڙي ٿئي اسان غريبن جي. اھا نہ موٽائجانءِ نہ تہ دل ٽٽي پوندي.“ قادر بخش ھاڻي آزي نيزاري ڪرڻ لڳو.
پر جيڻا ڊڄي وئي.
مونکي تنگ نہ ڪر، منھنجو مڙس مونکي ماري وجھندو.“ جيڻا ھراسجي چوڻ لڳي.
سورج کي چئجائين تہ ڇڄ وڪڻي وڪڻي پئسا جمع ڪري مائي بختاور کان گهرايا اٿم.“ مائي بختاور ڳوٺ وارن کان پئسا وٺي شھر مان وکر سکر آڻيندي ھئي. پر جيڻا قادر بخش جي انھيءَ ھدايت کي اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو.
سامھون ڪولھين جا گھر ھئا. وقت ٿورو ھو، قادر بخش ھيڏانھن ھوڏانھن نھاريو، ڪٿي بہ ڪو ماڻهو ڇيڻو نظر نہ ٿي آيو. ھن ھڪدم ڪڙن کي کڻي مَٽ ۾ وڌو. ”گڙپ“ جو آواز آيو ۽ ڪڙا وڃي مٽ جي تري ۾ پيا ۽ قادر بخش تڪڙا تڪڙا پويان پير ڪيا.
ٻئي ڏينھن قادر بخش کي ڏاڍي آنڌ مانڌ ھئي تہ ڪيئن بہ ڪري جيڻا کي ڏسي. ھو بھانو ڪري سورج جي جھوپڙي ڏانهن ويو. جڏھن اتي پھتو تہ جيڻا اوڏي مھل ماني ٿڦي دانگيءَ تي وجھي رھي ھئي. سندس ٻانھ ۾ پيل چاندي جا ڪڙا اُس ۾ جرڪي رھيا ھيا. قادر بخش جي اکين ۾ سڦلتا جي چمڪ اچي وئي. جيڻا ۽ قادر بخش جون نظرون چار ٿيون، ٻنھي مرڪي ڏٺو. پکيءَ داڻو چڳي ورتو ھيو.
انھيءَ ڏينھن کانپوءِ ٻي رات سورج جو ٽرئڪٽر سان وڃڻ جو وارو هو. قادر بخش اھو وقت بيچينيءَ سان ڪاٽيو.
ھن وڏيري کي پنھنجي مھم جي سڦلتا جي خبر نہ ٻڌائي.
ھن جو پنھنجو بہ مطلب ھو، ھن جي پنھنجي لالچ ھئي. ھو ڪو مفت ۾ وڏيري تائين جيڻا کي پھچائي نہ رھيو ھو.
وڏيرو تہ اڳيئي اوبر پي رھيو ھو ۽ جي ھن بہ کڻي چڪي پيتي تہ ڇا ٿي پيو، پر جي وڏيري کي خبر پئجي وڃي ھا تہ بر ٿي وڃي ھا. نيٺ رات آئي ٽريڪٽر ساڻ سورج ۽ ٻيا گڏجي شھر ويا. اھا رات ڏاڍي اونداهي ھئي، سيءُ رات جي سانت ۾ اڃا بہ واڌ ڪري رھيو ھو. قادر بخش رات جي اونداھ ۽ سانت جي ڇپر ۾ سورج جي جھوپڙي ۾ ويو،
ان مھل تي ٽيڙو تارا اوڀر ۾ ھيا ۽ جڏھن ھو جھوپڙي کان ٻاھر نڪتو تہ ٽيڙو اولھ طرف لڙي چڪا ھئا. پکي ڪوڙڪي ۾ ڦاسي چڪو هو..
ڦاٿل پکيءَ کي ھڪڙي ھنڌان کڻي ٻي ھنڌ رکڻ ڏکي ڳالھ نہ ھئي. پکي جھوپڙي مان محل پھچي ويو. جڏھن جيڻا اوطاق ۾ پھتي تہ وڏيري کي ڏسي ڪڇي بہ نہ سگھي.
وڏيري کي رڳو وڻ کي ھٿ لائڻ جي دير ھئي تہ انب اچي جھولي ۾ ڪريو. جيڻا جي دل ۾ بہ چور ھو. وڏيري جو رعب داٻ اڳيئي اثر ڪري چڪو هو. ھن جي اکين آڏو وڏيري جي وڏ ماڻهپيءَ جا سڀ نظارا گھمي ويا. ٻيا تہ ٺھيو پر الياس ۽ ڪموءَ جھڙا جانٺا ۽ شودا ھاري بہ وڏيري جي اڳيان ڪنڌ جھڪائي بيھندا ھيا. جڏھن جيڻا اوطاق ۾ پھتي تہ ھو پنھنجي پاڻ کي اوطاق جي مالڪياڻي سمجھڻ لڳي.
ھوءَ محسوس ڪرڻ لڳي تہ ھو بہ وڏيرياڻي ھئي. وڏيرو آڪڙ وارو ماڻھو سو ھاڻي سندس نوڪر وانگر ٿي لڳو.
وڏيري جي ھٺ کي ايئن ٽٽندي ڏسي، ھوءَ پنھنجي غربت جو اميريءَ کان بدلو وٺندي محسوس ڪرڻ لڳي، ”ھونھ آيو آھي وڏي آڪڙ وارو، ڪٿي آھي سندس آڪڙ!“
بس پوءِ اھو معمول ٿي ويو. جنھن ڏينھن سورج ٽرئڪٽر سان شھر وڃي تہ جيڻا اوطاق ۾. سورج کي خبر نہ پئي تہ پويان ڇا ٿي رھيو آھي. بس ايترو فرق سو پيو تہ جيڻا چڙچڙي طبيعت جي ٿي پئي. ٿوري ٿوري تي سورج کان رسيو وڃي، پر تڏھن بہ ھن کي اھا ڄاڻ نہ ٿي سگھي تہ جيڻا جي طبيعت ۾ ڇو ڦيرو آيو آهي. جيڻا پاڻ کي مٿڀرو سمجھڻ لڳي. ڪولھياڻين ۾ سھڻي تہ اڳي ئي ھئي،
پر وڏيري جي دل گھري هئڻ ڪري سندس پير زمين تي ايئن پوندا ھئا، ڄڻڪ راڻي ھجي. اھا ڳالھ ھونئن بہ لڪي ڪيستائين رھندي. ھڪڙي ڀيري ڪيسري ڏسي ورتس پوءِ تہ سڀني ڪولھياڻين کي خبر پئجي وئي، پر سندن مڙسن تائين اڃا ڳالھ نہ پھتي ھئي..
انھيءَ رات سورج پنھنجي واري سان ٽريڪٽر تي شھر ويو ۽ جيڻا بہ معمول وانگر سورج جي نڪرنديئي وڃي اوطاق ۾ پھتي.
جڏھن سج جو ڀنڀرڪي مھل جيڻا موٽي پنھنجي جھوپڙي پھتي تہ کانئس ڇرڪ نڪري ويو. سامھون ڪروڌ ۾ ڀريل سورج بيٺو ھيو!
پھرين تہ کيس پنھنجين اکين تي ويساھ نہ آيو، ھن وري پڪ ڪرڻ لاء سورج ڏانھن نھاريو. اوندھ ۾ بہ سورج جون رت ڀريون اکيون چمڪنديون نظر آيو. ھن کي پنھنجي سرير ۾ سياٽو محسوس ٿيڻ لڳو. ھن کي ائين لڳو، سوين ڪيڙا سندس ماس پٽي رھيا ھجن. ھن رڙ ڪئي، ”اڙي مون کي بچايو.“ ھن کي وڌيڪ رڙين ڪرڻ جو وجھ نہ مليو.
اک ڇنڀ ۾ سورج اٿي بيٺو ۽ ڪھاڙي گھمائي جيڻا جي ڪنڌ ۾ ٺڪا ڪرايائين..
”وٺ ھي ڪميڻي“ ڏند ڪٽيندي سورج ھڪل ڪئي.
جيڻا رڳو ھڪ ڀيرو ”آھ“ ڪئي ۽ ڌو وڃي پٽ تي ڪري.سورج ڪروڌ ۾ الائي گھڻا ڀيرا ڪھاڙي جا وار ڪندو رھيو. سھڻي جيڻا، سندس پيرن ۾ رت سان ٽمٽار ٿي پئي ھئي.
جيڻا جي رت تي نظر پوندي ئي ھن جو ھانءُ ٺريو. ھن تان وڏو بار لهي ويو. ھن پنھنجي بي عزتيءَ جو پورو وير ورتو ھو. ھڪ غريب، غريب کان ئي وير وٺي سگھي ٿو. ھن جي بي عزتيءَ جو ڪارڻ جيڻا نہ وڏيرو ھو؛ ڪروڌ ۾ انڌو سورج بہ جيڻا ۽ وڏيري جي فرق کي صاف ڏسي سگھيو ٿي. سندس
بي عزتيءَ ڪندڙ بہ رھجي ويو پر ھو رڳو جيستائين پھچي سگھيو ٿي اوستائين ھليو، وڏيري کان بدلي وٺڻ جي ھمت منجھس ڪانہ ھئي. غريب جو زور غريب تي ئي ھلندو آھي.
سورج جي جھوپڙي جي چوڌاري گوڙ ٿي چڪو هو.
سڀ ڪولھي ھراس ۽ ڊپ ۾ بيٺا ھئا. پرڀو سورج کي ڀاڪر ۾ جھليو بيٺو هو، زالن جي اکين۾ ڳوڙها ھئا، کين خبر ھئي تہ ڪارڻ ڪھڙو ھو. پرڀوءَ رڳو سورج کان ايترو پڇيو، ”اڙي ھي ڇا ڪئي!“ پرڀو جي ڀاڪر مان سورج ڇڏائڻ جي جاکوڙ ڪندي وڦلڻ لڳو:
”ڇڏيو ڙي مونکي، ڇڏيو تہ آئون ٿاڻي تي وڃان.“
ھوڏانھن اوطاق ۾ روشني ٿي چڪي هئي. قادر بخش سھڪندو سھڪندو وڃي وڏيري وٽ پھتو. وڏيري تي نظر پوندي ئي قادر بخش رڙ ڪئي:
”سائين سورج جيڻا کي ماري وڌو.“
وڏيري کي ڪارڻ پڇڻ جي لوڙ ئي ڪانہ ھئي ۽ نہ قادر بخش کي ڪارڻ ٻڌائڻ جي، وڏيري جي منھن تي گھٻراھٽ جا آثار ظاھر ٿي رھيا ھئا.
”پر سورج تہ ٽرئڪٽر سان ويو ھو!“ وڏيري قادر بخش کان اچرج منجھان پڇيو.
”ھا سائين ويو تہ منھنجي اکين آڏو ھو، پر الائي ڪيئن موٽي آيو.“ قادر بخش پاڻ اچرج ۾ ھو تہ سورج ڪيئن موٽي آيو. ”سائين ٻيو تہ ٺھيو، ھاڻي مڇريو بيٺو آھي، چوي ٿو تہ ڇڏيو تہ ٿاڻي تي وڃان.“ قادر بخش ڳڻتي ڪندي وڏيري کي ٻڌايو.
”ڪنھن کي خبر ٿورئي آھي، وڃڻ ڏينس ھن تي ڪو ويساھ تہ ڪونہ ڪندو.“ وڏيري ڏاڍي پڪ واري لھجي ۾ چيو.
”پر سائين ھتي تہ سڀ ڪنھن کي خبر آھي تہ جيڻا...!،
قادر بخش ٿورو ھٻڪيو ۽ اڳتي سڌو سنئون چئي نہ سگھيو پر ڳالھہ ٺاھيندي چوڻ لڳو،”....تہ جيڻا ھتي اوطاق ۾ ايندي آھي.“ اھا ڳالھہ ٻڌندئي وڏيري کي ٺاپر لڳي ويا. ھن سوالي نظرن سان قادر بخش ڏي نھاريو. ڄڻڪ پڇي رھيو ھجي:
اھو سڀ ڪنھن مشھور ڪيو. قادر بخش وڏيري جي نظرن کي سمجھندي چيو, ”سائين اھڙيون ڳالھين ڳوٺن ۾ لڪيون نہ رھنديون آھن سڀ ڪنھن کي خبر ھوندي آھي.
پر اهو سائينجن جو رعب آھي جو ٻڙڪ ٻاھر نہ ٿو ڪڍي سگھي.“
ھاڻي وڏيري کي پنھنجي بدنامي ٿيندي نظر آئي سورج تي ڪيس ھلندو؛ ملڪان ملڪ ڳالھ پکڙجندي؛ سورج هر ڳالھ ڪورٽ ۾ ڪندو؛ سڄو معاملو اخبارن ۾ اچي ويندو. ڇا سندس عزت رھندي! ھر ڪو چوندو: وڏيرو وڃي ڪولھڻ سان کريو. کيس ڪورٽ ۾ نيو ويندو، آڏي پڇا ٿيندي.
وڏيري کي اھو سڀ سوچيندي پگھر اچي ويو. لڪ ڇپ ۾ تہ مڙيئي خير ھو، پر ائين ڳالھہ مشھور ٿيندي تہ سندس عزت ٽڪي جي بہ نہ رھندي. ھن کان پھرين تہ اھڙيون گھڻيون ڳالھيون لڪ ڇپ ۾ ٿي ويئون ھيون وڏيري گھٻراھٽ ۾ قادر بخش کان پڇيو پوء ڀلا ڇا ڪجي؟“
”جيڪو سائين جو حڪم“ ھن فرمانبرداريءَ سان چيو.
”ڪيئن بہ ڪري سورج جو منھن بند ڪرايو وڃي، نہ تہ ڦڪڙ ڦاٽ کاڌو نہ پوء معامرو....“
"”ھا سائين بيشڪ معامرو وڌي ويندو“قادر بخش وڏيري جي ھا ۾ ھا ملائي، ”سائين حڪم ڪريو تہ پورو بندوبست ڪري ڇڏيون. اوھان جي اشاري جي دير آھي. اھي واٽ رڳي ھڪڙي، پئسن کان معامرو وڌي ويو آھي، مڙس مڇرير بيٺو آھي.“
وڏيري کان حڪم احڪام وٺي ڪمدار ڪولھين وٽ پھتو. پنھنجي منھن تي ڏک جا آثار پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ روئڻھارڪو ٿي ڪولھين کي چوڻ لڳو، ”اڙي ھن ڇا ڪري ڇڏيو. جيڻا کي ھٿ سان ماريائين ھاڻ پاڻ بہ ڦاسيءَ تي چڙھي ويندو.“ ھن ڦاسيءَ جي ٻول زور ڏيندي
چيو. ڦاسيءَ جو ٻڌي ڪولھي ڊڄي ويا سڀني کڻي ھٿ جوڙيا. ”ڌڻيءَ جو واسطو اٿيئي ڪيئن بہ ڪري ھن کي بچاءِ. جيڻا تہ ويئي، ھي بہ نہ ھليو وڃي. اسين ھينئر ئي ٿا وڏيري وٽ وڃون. وڏيرو ضرور ڪجھہ ڪندو، ھو ھلندي وارو آھي، ھو اسان جو ابو آھي ضرور ڪجھہ ڪندو“
ڪيسري سڀني جي پاران ڳالھائيندي چيو.
”پر وڏيرو ھتي آھيئي ڪونہ ، ھو تہ ڪالھونڪر شھر ويل آھي“ قادر بخش ڪوڙ ھنيو، ”ھو ھجي ھا تہ ڪا ڏکيائي ڪانہ ٿئي ھا. ھاڻي پوليس کان جند نہ ڇڏائي سگھبي،
خدا پيو خير ڪري“ ھن اڃا وڌيڪ کين ڊيڄاري ڇڏيو.
”پوءِ تون ئي ڪجھ ڪر، تون ھتي وڏيري جي جاءِ تي آھين.“ پرڀوءَ کيس اڌ وڏيرو بڻائي ڇڏيو. قادر بخش گھري سوچ ۾ ٻڏي ويو
”ھڪڙو رستو آھي. سورج کي فلحال ھتان پري ڪري ڇڏجي. پوليس ھتي اچي تہ چئجوس اوھان ڪنهن کي بہ ڪونہ ڏٺو. رڙيون ٻڌي جڏهن اوهان ھتي پھتا تہ جيڻا رت ۾ ٻڏل پٽ تي پيئي ھئي.“ ٻيو ھتي ڪير ڪونہ ھو، سورج جو پڇن تہ چئجون تہ درگي، علي نواز ۽ ٻين سان ٽريڪٽر تي گڏجي شھر ويو ھو. اتان کيس ٿر وڃڻو ھو، سو اوڏانھن ويو ھوندو. ٻيو آئون ٺيڪ ڪري ڇڏيندس.“ قادر بخش ھنن تي وڏو احسان ڪري رھيو ھو.
"”جيئين تو چيو آھي ، ائين ئي چوندا سون.“ ھنن قادر بخش کي پڪ ڏياري.
قادر بخش سورج کي ٻانھن کان ورتو. سورج اڌ چريو ٿي چڪو ھو، ھن جي ڪجھ سمجھ ۾ نہ پي آيو تہ ڇا ٿي ويو، ڇا پي ٿيو ۽ ڇا ٿيندو. ھو چپ چاپ قادر بخش سان گڏجي ھليو ويو.
پوليس آئي بيان وٺي ھلي ويئي. وڏيري جي سر زمين ھئي. وڏيرو پھچ وارو ھو، تنھن کان سواءِ پوليس لاءِ سڀ بندوبست ڪري ڇڏيو ھو. پوليس کي مٿان فون بہ اچي ويا ۽ پئسا وڏيري لاءِ ڪا وڏي ڳالھہ ڪانہ ھئي.
ٻئي ڏينھن قادر بخش وڏيري کي سربستو حال ٻڌائي رھيو ھو. ”پوءِ سائين ڪيوسونس ڪئنال جي حوالي ۽ جڏھن وڃي تر ورتائين تڏھن موٽياسون“
”وڌئوس تہ بلائتو ڪري؟" وڏيري پڪ ڪرڻ لاءِ پڇيو.
”سائين بنھہ بلائتو ڪري. ڳچي ۾ اڌ مڻي پڃري ٻڌي
پوءِ ڇڏيوسونس. اسين ڪي ڀوڪ نہ ڪين آھيون.“
وڏيري جي ساھ ۾ ساھ پيو. سندس عزت بچي وئي.
نہ تہ ھي رذيل کيس ٽڪي جو ڪري ڇڏي ھا.
ڪجھ ڏينھن صبر ڪري سڌير قادر بخش کان سورج جو پڇيو. قادر بخش سمجھائڻ لڳس، ”ابا اڃان ڳالھ نہ ڪريو ڀلي وقت گذري. بنھن کي ڀوڪ آھيو. ڳالھہ ڦاٽ کاڌوتہ توھان بہ اندر تہ آئون بہ اندر پوليس سڌو سورج کي ڪاٺ ۾ وجھندي، توھان مڙئي ڦاسي ڏياريندوس!“ وري ھوريان آواز ڪري چوڻ لڳو، ”ٿر موڪلي ڇڏيو اٿئونس. اتي ڪمائي پيو. ھاڻي ھو ھتي ڪونہ ايندو. چڱو ٿيو ياد آيو، ٽيون ڏينھن ٿر مان ماڻھو آيو ھو، سورج اوھان سڀني کي سلام موڪليا آھن.“ ڪولھي خوش ٿي وڃي پنھنجي ڪم کي لڳا.
وڏيرو پنھنجون ٻنيون گھمي رھيو ھيو. قادر بخش ساڻس گڏ هو پريان ڪڻڪ جو لابارو ٿي رھيو ھو. ھاري زالين مڙسين لابارو ڪري رھيا ھئا. وڏيري چوڌاري نظر ڦيرائي،
سندس نظر وڃي ھڪ ھارياڻيءَ تي کتي. قادر بخش وڏيري جي نظرن کي تاڙي ورتو سندس چپن تي مرڪ اچي وئي.
”سائين محمود جي ڌيءَ اٿو، ڪالھہ ٻار ھئي، اڄ....“ وڏيري ۽ قادر بخش جون نظرون چار ٿيون. ٻنھي مرڪي نظرن ئي نظرن ۾ ھڪ ٻئي سان ڳالھائي ورتو!

ڀاڳ_نڀاڳ

آئون ھڪ امير ماڻھو آھيان. زميندار بہ آھيان تہ وڏيرو بہ اسيمبليءَ جو ميمبر بہ چونڊيو آهيان. شوقين بہ آھيان تہ عياش بہ. ”ٽنھي“ قسمن جو شڪاري آھيان. جانورن جو، ماڻھن جو ۽ زائفائن جو. لکن جا قرض اٿم تہ ڪارخاني جا ”ليسن“ بہ اٿم، جي ھر مند ۾ وڪڻيو لک ڪمايو وٺان. مطلب تہ مون ۾ ڪا اھڙي عادت ڪانھي، جا ھڪ سنڌي زميندار ۾ نہ ھجي. پر تڏھن بہ مان ھڪ عام زميندار وانگر نہ آھيان. مون ۾ ۽ ھنن ۾ رڳو ھڪڙو فرق آھي. مون کي سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي مسئلن جي ٿوري گھڻي پروڙ آھي ۽ دل ۾ احساس بہ اٿم تہ سنڌ تي ڏکئي ۾ ڏکي مھل آھي، جي اسان ھاڻي اکيون نہ پٽيون ۽ ڪجھہ بہ نہ ڪيو سين تہ اسين فنا ٿي وينداسون. اسان جي ٻولي ۽ ثقافت کي ڌاري ٻولي ۽ ثقافت جي وڏي مڇي ننڍيءَ مڇي وانگر ڳڙڪائي ويندي. اھو ئي ڪارڻ آھي ، جو منھنجي پاران ڪم شروع آھي. اڄا تہ آئون ھڪڙو آھيان ، پر يار دوست اٿم مون کان بہ موچارا، انھن کي بہ مون تيار ڪرڻ شروع ڪيو آھي. اھي بہ مون وانگر عياش ۽ خود غرض آھن، رڳو پنھنجي ميمبريءَ جي سيٽ پڪي ڪرڻ ٿا گھرن— باقي مسئلا وڃي پون کڏ ۾، پر ڪھڙا بہ آھن، آھن تہ سنڌي. مون انھن کي سمجھائڻ شروع ڪيو آھي اميد تہ ھن قصي کي سمجھي ويندا.
مون پنھنجي رٿا پٽاندر ڪم شروع ڪري ڇڏيو آھي .
اڄ ھڪڙي رسالي جي ايڊيٽر کي گھرايو اٿم. ھو مون وٽ ڏھين وڳي پھچڻ وارو آھي. مون کي پڪ آھي تہ ھو پوري مھل تي پھچندو. مھل جي پابندي سڦلتا جي ڪنجي آھي. پھرين تہ مون کي مھل جو احساس ئي ڪونہ ھوندو ھو. ڪنھن کي مھل ڏيندو ھوس تہ مھل تي پھچڻ تہ ٺھيو، مرڳوئي وسري ويندو ھو، پر ھاڻي مجال آھي جو ائين ٿئي. اھو مون ٻين قومن سان گڏ رھي سکيو آھي.
گھنٽيءَ جو آواز اچي ٿو، شايد ھو اچي ويو آھي. نوڪر ايڊيٽر جو نالو وٺي مون کي ھن جي اچڻ جو ٻڌائي ٿو ۽ آئون کيس اندر وٺي اچڻ لاءِ چوان ٿو.
اھو ايڊيٽر ھڪ سنڌي لکاري آھي. ڪھاڻيون لکندو آھي. چون ٿا تہ سٺيون ڪھاڻيون لکندو آھي. مون سندس ايڪڙ ٻيڪڙ ڪھاڻيون پڙھيون آھن، سي بہ ياد ڪونھن.
اسان کي پنھنجيون بيڪاريءَ واريون مصروفيتون ايتريون آھن، جو مھل ئي ڪونہ ٿي ملي. بس ايتري سڌ اٿم تہ ھي ايڊيٽر ھڪ پڙھيل ڳڙھيل نوجوان آھي. منجھس نہ رڳو جوش ۽ جذبو آھي پر ڪم ڪرڻ جي لڳن بہ اٿس. سنڌي ٻوليءَ جي چاڪري سندس حياتيءَ جو مقصد آھي. جڏھن
پھريون ڀيرو مون سان مليو ھو تہ ڏاڍي عجيب ڳالھ ڪئي ھئائين. چيو ھئائين: ”سنڌي ٻولي جي چاڪري ۾ بہ منھنجي خود غرضي لڪل آھي. اڄڪلهہ جي سنڌي ٻولي غريب آھي تہ آئون بہ غريب آھيان، پر جڏھن سنڌي ٻولي شاھوڪار ٿيندي، ان ۾ ھر موضوع تي ھزارين ڪتاب نڪرندا ۽ سنڌ جي اسي لک ماڻھن ۾ ڪنھن ڪتاب جون ھزار ڪاپيون نہ پر لک ڪاپين جو وڪرو ٿيندو، تہ پوءِ آئون بہ امير ٿي ويندس. اھا ٻي ڳالھ آھي تہ ائين ٿيڻ کان پھرين آئون بکون ڪٽي مري وڃان.“ سچ تہ ھو بکون ڪاٽي پنھنجي ٻارن ٻچن کي تڪليف ۾ وجھي رسالو ڪڍي ٿو، ڇاڪاڻ جو ڪنھن سنڌي ادبي رسالي مان ڪمائڻ تہ ٺھيو، پر مور پئسا ڪڍڻ بہ وڏي ڳالھ آھي پر تڏھن بہ ھن کي سٺي مھل جو اوسيڙو آھي. ھو اچي ٿو ۽ آئون اٿي سندس آڌرڀاءُ ڪريان ٿو. آئون ھن کي صوفي تي ويھڻ لاءِ چوان ٿو.
ڪو وقت ھوندو ھو تہ آئون انھن ساھتيڪارن ۽ شاعرن کي بيڪار نہ پر واھيات سمجھندو ھوس ۽ ھنن سان ڳالھائڻ بہ شان کان گھٽ سمجھندو ھوس ۽ سچ تہ اھو آھي تہ مون لاءِ تپيدار ۽ صوبيدار ئي سڀ ڪجھ ھئا، پر ھاڻي اکيون کليون اٿم ۽ احساس ٿيو اٿم تہ اسان جي ٻوليءَ ۽ ثقافت جا رکوالا اھي لکاري ۽ فنڪار ئي آھن. اسان تہ ميمبري ۽ ليسنن تي سنڌ جا سودا ڪيو وجھون، پر ھي مڙس ڦاھيءَ جي تختي تي پھچي بہ پنھنجي ڳالھ تان نہ ٿا لھن. انھن جي ئي لکڻي آھي جن ملڪ ۾ سجاڳي آندي آھي. اھائي ڳالھ آھي جو آئون ھاڻي انھن جي ايتري عزت ڪريان ٿو ۽ کين اٿي بيھي ملان ٿو..
مان ايڊيٽر سان خير عافيت ڪريان ٿو. هو ڳالھيون ڪندي منھنجي اڳيان اخبار کولي ٿو ۽ منھنجو ڌيان اخبار جي ھڪ خبر ڏانھن ڇڪائي ٿو. اخبار ۾ انھن ڪتابن جي لسٽ ڇپي آھي، جن کي انعام ڏنا ويا آھن. انھيءَ لسٽ ۾ ڪنھن بہ سنڌي ڪتاب جو نالو ڪونھي. آئون کائنس پڇان ٿو،
”ڇا سنڌيءَ ۾ ڪوبہ اھڙو سٺو ڪتاب نہ ڇپيو آھي جنھن تي انعام ملي سگھي!“ آئون دل ئي دل ۾ سوچيان ٿو تہ سنڌي لکاري ڪو سٺو ڪتاب تہ لکي نہ ٿا سگھن باقي ھر ڪو ادب جي چاڪري ڪرڻ تي سندرو ٻڌو بيٺو آهي. ۽ شڪايتون تنھن کان سواءِ پيا ڪن.
”نہ سائين، اھا ڳالھ ڪانھي. پر سنڌي ڪتابن تي انعام رکيل ئي ڪونھي.“ ھو چوي ٿو.
اھو ٻڌي مان اچرج ۾ پئجي وڃان ٿو، ۽ نہ رڳو سنڌي لکارين جي باري ۾ غلط تاثر قائم ڪرڻ تي دل ئي دل ۾ ڦڪو ٿيان ٿو، پر سنڌي سياستدان جي حيثيت سان اھا بہ خبر ڪانہ اٿم تہ سنڌي ڪتابن تي انعام ئي ڪونہ ڏين.
"”ائين تہ نالي ماتر سرڪار لاچار ٿي انعام ڏيڻ شروع ڪيو آھي، پر ڪمال آھي تہ بئنڪن ۽ ڪارخانيدارن بہ انعام ورھائڻ شروع ڪيا آھن. پر سنڌيءَ ٻوليءَ کي انھن بہ نظر انداز ڪري ڇڏيو آھي.“ ھو وضاحت ڪندي پنھنجي ڳالھائڻ جو سلسلو جاري رکي ٿو. ”بينڪن ۽ ڪارخانيدارن
کان سنڌي ڪتابن کي انعام ڏيارڻ ڪا ڏکي ڳالھہ ڪانھي اسان جي شاھوڪار سنڌين جا انھن بئنڪن ۾ اڪائونٽ آھن. ھو بئنڪ وارن تي زور آڻي انعام ڏياري سگھن ٿا؛ ۽ جي بئنڪ وار ننھڪار ڪن تہ مھم ھلائي سنڌين جا انھن بئنڪن مان اڪائونٽ ڪڍرائي ڇڏجن. پوءِ ڏسو تہ ڪيئن نہ ٿا بئنڪ وارا بہ سنڌي ڪتابن کي انعام ڏين“
”پر ڪارخانيدارن جو ڇا ٿيندو؟“
”ڪارخانيدار بہ سڌا ٿي ويندا. ھڪڙو ڪارخانيدار جيڪو ڪتابن تي انعام ڏئي ٿو، تنھنجو ڪپڙو سنڌ ۾ بہ گھڻو وڪامي ٿو؛ سندس ھڪ ويمو ڪمپني بہ آھي. اسين اھو ڪپڙو وٺڻ ڇڏي ڏيون ۽ ويمي ڪمپنيءَ کان ويما نہ ڪاريون تہ ڏسون تہ ڪيئن نہ پوءِ ھو بہ سنڌي ڪتابن تي
انعام ٿو ڏي.“
آئون سندس اھي ڳالھيون ٻڌي حيران ٿيان ٿو. مون کي بہ جوش اچي ٿو وڃي ”ڇا اسين سنڌي اھڙا ويل آھيون، جو پنھنجي ٻوليءَ کي ائين وساري ويٺا آهيون.“ آئون اھو سوچيندي کيس چوان ٿو، ”ٻڌو، جيسين اسين اھا مھم ھلايون ۽ سنڌي ڪتابن کي سندن جائز حق وٺي ڏيون، تيسين توھان منھنجي پاران انعام جو اعلان ڪري ڇڏيو. آئون فلحال پنھنجي پاران ھزار ٻہ ھزار ھر سال ھڪ بھترين سنڌي ڪتاب تي ڏيندس توھان ڳڻتي نہ ڪريو، ٻہ ٽي دوست ٻيا گڏجي ويا تہ انعام ڏھن ھزارن تائين بہ ڪري ڇڏينداسون.“
ھن جو منھن اھو ٻڌي ٻھڪڻ لڳي ٿو ۽ خوشي ضبط ڪندي چوڻ لڳي ٿو، ”تہ سائين، پوءِ ھيئن ڪريو، ٻہ ھزار ھڪ ڪتاب تي ڏيڻ بدران، ھڪ ھزار بھترين رچنائي ڪتاب تي ۽ ھڪ ھزار بھترين کوجنائي ڪتاب کي ڏيو. ۽ پوءِ جڏھن ڏھ ھزار انعام ڪري سگھو، تہ پوءِ اھي پنجين پنجين ھزارين جا انعام ڪري ڇڏجو.“
ھو بي انت خوش نظر اچي رھيو آھي. پاڻ بہ لکاري آھي شايد کيس ئي انعام جي آس ھجي. مون کي ھڪڙو ويچار اچي ٿو ۽ پڇي ٿو ويھانس ”اوھان بہ تہ لکاري آھيو، ٿي سگھي ٿو ھن سال اوھان جي ئي ڪتاب تي انعام ملي، جي ھن سال نہ تہ ايندڙ سال ئي سھي. ڪيئن؟“ منھنجي لھجي
جي ٽوڪ کي ھو سمجھي ٿو وٺي.
"”نہ سائين، ھينئر تہ مون کي اھا بہ سار نہ رھي ھئي تہ آئون بہ ڪو لکاري آھيان. مون کي انعام جي لالچ ڪانھي جيڪڏھن اوھان اھي انعام سچي سچي ڏيڻ لاءِ تيار آھيو، تہ آئون اوھان کي لکي ٿو ڏيان تہ جيستائين آئون جيئرو ھوندس، تيستائين آئون انعام ڪونہ وٺندس. توھان پنھنجو وچن پاڙ جو، آئون پنھنجو!“
آئون اھا وراڻي ٻڌي حيران ٿيان ٿو. ڇا ھو سچي پچي ايڏو بي غرض آھي. آئون سوچڻ لڳان ٿو. ”مون کي تہ ھميشہ ڪو بہ ڪم ڪرڻ مھل پنھنجو مفاد آڏو رھيو آھي. پر ھي شخص رڳو انھيءَ ۾ خوش آھي تہ ڀلي ٻين لکارين کي فائدو ملي. سچ تہ ھي عجيب شخص آھي.“
ڪجھہ دير سانت رھي ٿي. آئون مطلب جي ڳالھہ تي اچي، نہ رڳو سانت پر ھن جو تجسس بہ ٽوڙيان ٿو. ”اوھان حساب لڳايو، پريس تي گھڻو خرچ ايندو؟“
ھو ھڪدم پنھنجو بريف ڪيس کولي، ڪي ڪاڳر ڪڍي مون ڏانھن وڌائي ٿو، آئون ڪاڳر وٺڻ بدران ئي کيس چوان ٿو، ”توھان ئي ٻڌايو ڪل ڪيترو خرچ ايندو؟“
”ھڪ ننڍي پريس لڳائڻ لاءِ گھٽ ۾ گھٽ ڏھ ھزار کپن.“
ايتري ۾ نوڪر چانھ کڻي اچي ٿو ۽ اسان جي ڳالھائڻ جو سلسلو ٽٽي پئي ٿو. آئون اٿان ٿو ۽ ميز تان چيڪ بڪ کڻان ٿو ۽ کيس رقم لکي ڏيان ٿو. ھو چيڪ وٺي ٿو ۽ ھن جا ھٿ ڏڪڻ لڳن ٿا، ۽ ھو ھڪڙو ڀيرو رقم پڙھي ٿو؛ ھن کي ويساھ ئي نہ ٿو اچي تہ ڪو سنڌي وڏيرو، اھڙي ڪم لاءِ ڏھ ھزار رپيا ڏئي سگھي ٿو. ھو ايترو تہ حيران آھي، جو ڪجھ ٻول ھن جي چپن تي اچي موٽي وڃن ٿا؛
وري ھمت ڪري ڳالھائڻ جي جاکوڙ ڪري ٿو. ”سائين ھي، ھي سڀ روپيا پريس لاءِ ٿا ڏيو!“ ھو مَس مَس جملو پورو ڪري ٿو.
آئون سندس گھٻراھٽ ڏسي لطف اندوز ٿو ٿيان. ”ھا توھان پريس ھڻو، رسالا ڪڍو، ڪتاب ڇپاريو، منھنجو پريس سان ڪو لاڳاپو نہ ھوندو. جي توھان پنھنجي مقصد ۾ سڦل ٿيا تہ مون کي خوشي ٿيندي پر ھڪڙي ڳالھ ٻڌو،جڏھن سنڌي ماڻھن کي پڙھڻ جو چاھ ڪونھي تہ اوھان سنڌي ڪتاب ۽ رسالا وڪڻندو ڪيئن، فائدو ڪيئن ڪمائيندو؟،
ھو موڪ آڻيندي چئي ٿو، ”سائين معاف ڪجو، آئون اوھان جي راء سان سھمت ناھيان. اوھان جي راء صحيح ڪانھي. اسان سنڌي پڙھندڙن کي ڏنوئي ڇا آھي. ھڪ ٻہ سرڪاري رسالا، ٽي چار پارٽي بازيءَ جون شڪار اخبارون، ۽ سال ۾ اٺ ڏھ، ڪتاب، ٻيو ڇا؟ اسان پڙھندڙن کي پنھنجي
پسند پٽاندڙ ڪتابن چونڊڻ جو وجھ ئي ڪٿي ڏنو آھي.
اسين تہ ھڪ رسالو ۽ ٻہ ڪتاب ڪڍي چئون ٿا، ٻيلي سنڌيءَ ۾ اٿو سو زوريءَ وٺو، وڻيو يا نہ وڻيو. اسان جو سرندي وارو طبقو ڪتاب وٺي ڪونہ . غريب طبقي وٽ ايترو پئسو ڪونھي جو بيڪار اخبارون ۽ رسالا وٺي. سائين توھان ئي ٻڌايو تہ ھو سنڌي اخبار جي قيمت ۾ ٻي ٻوليءَ جي اخبار ڇو نہ وٺي، جنھن ۾ گھڻيون خبرون، تصويرون ۽ دلچسپ ڳالھيون ھونديون آھن. پر جي ھو سنڌي اخبار وٺي نہ ھن کي رڳو ھڪ ٻئي لا ڇپيل گاريون ٿيون نظر اچن، خبرون اڌگابريون، مضمونن ۾ رڳو سکڻن ٻولن جو ذخيرو؛ سنڌ جي مسئلن ڏانھن ڌيان ئي نہ . ھاڻي سائين، اوھان ٻڌايو تہ ھڪ غريب سنڌي جيڪو رڳو ھڪ اخبار وٺڻ جي حيثيت رکي ٿو، ھو سنڌي اخبار ڇو وٺي.اها قرباني بہ غريب ڇو ڏي؟ اوهان تہ سنڌي ۽ ٻيون اخبارون بہ وٺي سگھو ٿا ۽ ائين تسڪين حاصل ڪريو ٿا، پر ھو غريبپنڌرھن منٽن ۾ سڄي اخبار پڙھي پوء ڇا ڪري ؟ ۽ رسالا بہ ائين آھن، ھڪ سرڪاري رسالو ٿلھو موچارو نڪري ٿو پر مجال آھي جو وقت تي نڪري. باقي ٻيا پنھنجي سر، ڪتابي سلسلا ڪڍيو ، مڙيئي ٻيا چاڪري ڪن. اتي بہ اھا ساڳي اخبار واري ڪيفيت آھي. ٻين ٻولين جا رسالا سستا، سھڻا، باتصوير، وقت تي نڪرن ۽ اسان جا رسالا خشڪ، مھانگا ۽ بي وقت نڪرن، پوء ڀلا ڪٿان وڪرو ٿيندو؟ تنھن کان سواء پڙھڻ بہ ھڪڙي ھير آھي؛ جڏھن عام سنڌي پڙھندڙ ٻين ٻولين جا رسالا پڙھي ٿو تہ ھن کي انھن جي ھير ٿيو وڃي ۽ اھو پڙھندڙ، اسين سنڌي ڪتابن وارا ھميشہ؟؟؟؟ لاء وڃائي ٿا ڇڏيون. اھا ئي ڳالھ آھي جو رسالن ۽ اخبارن جي سرڪيوليشن وڌڻ بدران گھٽبي ٿي وڃي. اسان کي پھرين مارڪيٽ ۾ ھر موضوع تي سنڌي ڪتابن جو ذخيرو آڻڻ گھرجي؛ پڙھندڙ کي پنھنجي پسند جي چونڊ ڪرڻ ڏجي، ائين ھن کي سنڌي پڙھڻ جو ھيراڪ بنائجي پوء ڏسو تہ ڪيئن ن ٿا سنڌي ڪتاب ۽ اخبارون وڪامن.“ ھو مسلسل ڳالھائي رھيو ھو ۽ آئون ھن جون ڳالھيون ٻڌي رھيو ھوس.
ھن جون اھي ئي تہ ڳالھيون ھيون ، جن مون تي ايڏو اثر ڪيو ھو ۽ آئون ھن کان انھيءَ ڪري متاثر ھوس تہ ھن وٽ ڪيتريون نہ نھريون دليلون ۽ رٿون ھيون ۽ آئون ھن کي چئي ويٺس ، ”ھي پريس اوھان لڳايو، سڦل ٿيا تہ آئون اوھان کي اڳتي بہ مدد ڪندس، تہ جيئن اوھان سنڌي ۾ اھو ڪجھ پيش ڪريو، جنھن سان سنڌي ٻولي وڌي ۽ ويجھي ۽ جڳ جي ڪنھن بہ ترقي يافتہ ٻولي سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي بيھي.“
ھو وڃي ٿو ۽ آئون پاڻ کي ڪجھ ھلڪو ٿو محسوس ڪريان؛ ائين ٿو لڳي تہ مون تي ڪو بار ھو، جو لهي ويو.ڏھہ ھزار مون وٽ تہ ڪجھ بہ حيثيت ڪونہ ٿا رکن. رڳو گذريل اربع تي ، يارنھن ھزار تہ ريس ۾ ئي ھارائي آيو ھوس. ڊپٽي ڪمشنر جي ڌي جي شادي ۾ ٻارھن ھزارن جا زيور سوکڙي ۾ ڏنا ھئم. اھي ڏھہ ھزار تہ رڳو ھڪ رات ۾ ئي اڏائي ڇڏيندو آھيان. مون کي سار آھي تہ گذريل سال ھڪ اداڪارڻ تي جڏھن پندرھن ھزار رپيا خرچ ڪيم تڏھن وڃي ھن مس مس ھڪ رات مون سان گذاري.آئون واچ تي نظر وجھان ٿو. اڃا يارھن ۾ ڏھہ منٽ آھن. پوري يارھن وڳي ھڪ ٻيو ماڻھو اچڻ وارو آھي. آئون ان جي باري ۾ سوچيان ٿو. ھن کي سڏايو تہ اٿم ۽ مدد ڪرڻ جي نيت بہ اٿم پر ڪٿي پئسو ٻڏي نہ وڃي. ڏھن پندرنهن ھزارن جي ڳالھ ڪونھي؛ ھتي تہ لکن جو معاملو
آھي. پئسن جي تہ ڳڻتي ڪونھي رڳي اھا اون اٿم ٿہ صحيح ھٿن ۾ پھچي ۽ ان مان نہ رڳو ذاتي فائدو حاصل ٿئي،نہ پر سنڌي ٻولي کي بہ اوسر ملي. اڄڪالھ ڪنھن بہ ٻوليءَ ۽ ڪلچر کي ترت ڪنهن ٻي ترقي يافتا ٻوليءَ ڪلچر جي برابر آڻڻ لاء فلم ھڪ وڏو وسيلو آھي. اھو ويچار مون کي پھرين ڪونہ ھو پر جڏھن ھن نوجوان سان مليس تہ ھن منھنجيون اکيون کولي ڇڏيون. سنڌي فلمن جي ايتري اھميت آھي، اھو پھرين مون تي ظاھر ڪونہ ھو. آئون تہ سمجھندو ھوس تہ فلمون رڳو ھڪ عياشي جو ذريعو آھن ۽ ٻيو ڪجھ بہ نہ . پر ھن شخص جي دليلن مون کي قائل ڪري ڇڏيو. ھن مون کي ٻڌايو تہ فلمن جي ذريعي اسين سنڌي لکارين ۽ فنڪارن کي نہ رڳو سندن فن جي اظھار جو وجھ ڏيندا سين، پر ھنن جو حق بہ آھي. تنھن کان سواء ٻين ٻولين جون فلمون ۽ ڪلچر ڏسي اسان جو ذهن اڻڄاڻائي ۾ انھن جو اثر قبول ڪري ٿو، جو اسان جي ٻولي ۽ ڪلچر
لاء ھاڃيڪار آھي؛ پر جيڪڏھن اسان پنھنجون فلمون ٺاھيون تہ اسين پنھنجي ٻولي، سنگيت ۽ ساھت جي اثر کي پکيڙي سگھون ٿا.
اھو ئي ڪارڻ ھو، جو اڄ ھن نوجوان سان ملاقات ڪري رھيو آھيان. آئون وري واچ ڏسان ٿو. پورا يارھن لڳا آھن، پنجن ستن منٽن ۾ ھو پھچي ويندو. ھو شايد اچي ويو آھي. نوڪر مون کي نالو ٻڌائي ٿو. آئون کيس اندر وٺي اچڻ لاء چوان ٿو. ھن نوجوان جي خاص ڳالھ اھا آھي تہ ھيءَ ڪو عام فلم جو مريض ڪونھي، پر فلم جي فن جي باقائدي تعليم ورتل اٿس. ھن ملڪ مان نہ، پر ولايت مان ھن فلم ۾ ڊپلوما حاصل ڪئي آھي ۽ ملڪ جي ٻن ٽن انھن ماڻھن مان آھي، جن فلم جي ولايت مان باقائديتعليم حاصل ڪئي آھي. تنھن کان سواء ايم.اِي ايم.اي پڻ آھي.
مون پڇيو ھو مانس تہ ڇو کيس اڃا ڪنھن فلم ٺاھڻ جو موقعو نہ مليو آھي تہ وراڻي ڏنائين تہ جيڪڏھن ھن وٽ فلم جي ڊگري نہ ھجي ھا، ۽ ايم.اي جي بدران مئٽرڪ فيل ھجي ھا تہ ھو ڪڏھن کان ڊائيريڪٽر ٿي وڃي ھا.
ھو اچي ويو آھي. آئون کيس ويھاريان ٿو. خير عافيت کان پوء فلم جي موضوع تي ڳالھائڻ شروع ڪريون ٿا.
پڇانس ٿو ”توھان فلم جو تفصيلي بجيٽ کڻي آيا آھيو؟“
ھو لفافو کولي ان مان ڪجھ ڪاغذ مون ڏانھن وڌائي ٿو آئون تفصيل پڙھان ٿو ، سنگيت جو خرچ، اسٽوڊيو جو خرچ ، فنڪارن جو معاوضو ، پبلسٽيءَ جي ڪٿ، انھن تان نظر ڪندي ٽوٽل تي نظر پوي ٿي. ھڪ لک پنجونجھہ ھزار رپيا! آئون پورو خرچ ڏسي حيران ٿيان ٿو ۽ ھڪدم کائنس
پڇان ٿو، ”ڇا توھان ايترا پئسا سنڌ مان ڪڍي ويندا؟ ڇا سنڌي پڪچر لاء ايتري مارڪيٽ آھي؟“
ڇو نہ سائين، ڪنھن ٻي ٻولي جي پڪچر ھن کان ٻيڻي ڪمائي سگھي ٿي تہ سنڌي ڇو نہ ڪمائيندي. پر شرط اھو آھي تہ سٺي ھجي، ۽ جي فني لحاظ کان اعلى ھجي تہ اسين ان کي ڊب ڪري، نہ رڳو پنھنجي ملڪ جي ٻين حصن ۾ پر پرڏيھي ملڪن ۾ بہ ھلائي سگھون ٿا. توھان تصور ڪريو تہ ڪنھن انٽر قومي ميلي ۾ ھڪ سنڌي فلم انعام کٽي تہ پوء اسان جو ڪيترو نہ ڳاٽ اوچو ٿيندو.
آئون ھن جي جوش تي مرڪي ڏيان ٿو، ”ميان، ھتي ٻين ٻولين جي فلمن ئي انعام حاصل نہ ڪيو تہ سنڌي فلمون ڪٿان ڪنديون ؟
ھن جو جوش اڃا بہ وڌي وڃي ٿو ”سائين ، اسان کي ڪمتري جو احساس ڇو ٿيڻ کپي، ھندستان ۾ ڪروڙين روپين ۾ ٺھيل ھندي فلمن جي ڀيٽ ۾، ٽن چئن لکن ۾ ٺھيل بنگالي فلمون سڄي دنيا ۾ فني لحاظ کان نہ رڳو مشھور آھن، پر انعام پيون کٽين. جي بنگالي فلمون انعام کڻي سگھن ٿيون
تہ سنڌي فلمون بہ انعام کٽي سگھن ٿيون.“
سندس دليل ڪافي متاثر ڪري ٿي. آئون کيس چوان ٿو، چڱو اڄ ئي بئنڪ ۾ پنھنجي ڪمپنيءَ جو اڪائونٽ کوليو، اسڪرپٽ تي ڪم شروع ڪريو، دوستي کان مٿڀرو ٿي سٺا لکاري ۽ فنڪار گڏ ڪريو ۽ فلحال فلم جو اعلان ڪري ڇڏيو.“
ھو شايد انھيءَ آڇ جي لاء ذھني طور تيار نہ ھو. ھو اچرج وچان مون ڏانھن ڏسڻ لڳي ٿو ۽ ڄڻ ائين پڇي رھيو ھجي: سائين، سچ پيا ڳالھايو نہ !
ھن جي پريشاني جائز آھي. مون سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ فنڪارن جي مدنظر اوچتو فيصلو جو ڪري ڇڏيو آھي.
ھو پنھنجو ھوش حواس قابو رکندي چئي ٿو ”سائين آئون اوھان کي ۽ سنڌي قوم کي مايوس نہ ڪندس، ۽ ڏيکاريندس تہ معياري فلمون ڪيئن ٿيون ٺھن. پر سائين،فلم جو اعلان اڃا نہ ڪريو، مون کي ڪجھ وقت ڏيو نہ ڪا ڳري ڪاروائي پوري ڪريان، جيستائين اسڪرپٽ پوري طرح تيار نہ ٿئي ۽ فلم سيٽ تي نہ وڃي ، تيستائين فلم جو اعلان نہ ڪنداسون.“
”پر پھرين اعلان ڇو نہ ؟“ مون کي سندس دير سان اعلان
ڪرڻ واري ڳالھ سمجھ ۾ نہ ٿي اچي.
”اڄڪالھ تہ خبر ناهي ڪيتريون سنڌي فلمون رڳو اعلان جي حد تائين پھچي گم ٿي ويئون. آئون نہ ٿو گھران تہ سنڌي فلمن جي باري ۾ ھي عام تاثر ٿئي تہ سنڌي رڳو اعلان ڪري ڄاڻن، باقي پڇاڙي ۾ اھي ايڪڙ ٻيڪڙ فلمون ئي مس ٿيون ٿين، سي بہ ڇڪي تاڻي.“
آئون سندس اوچن ويچارن جو قدر ڪريان ٿو. مون کي خوشي ٿي ٿئي تہ آئون بلڪل صحيح ڏس ۾ وک وڌائي رھيو آھيان. مون کي پڪ آھي تہ ھو سڦل ٿيندو. ھو ڄاڻو آهي، ايماندار آھي، محنتي آهي. ھو ضرور سڦل ٿيندو. ھو خوش ٿي، ٻيھر اچڻ جو چئي موڪلائي ٿو. مون لاءِ لک ٻہ لک ڪا وڏي ڳالھ ڪانهي. يورپ جو چڪر لڳايم تہ لک کن وڃائي آيس؛ وزير جي شڪار جو بندوبست
ڪيم تہ پنجويھہ ھزار خرچ اچي ويو. رڳو پٽ جي شاديءَ تي پنجاھ ھزار خرچ ڪري چڪو آھيان. ھفتي ٻين ھفتي ڪراچيءَ وڃيو ڏھ پندرھن ھزار دف ڪيو اچان.
اليڪشن جو زمانو ويجھو اچي رھيو آھي. سدائين چونڊن ۾ بيھان ۽ سدائين سرڪاري پارٽي جي طرفان. جڏھن اسان کي ماڻھو چوندا آهن تہ: ابا روز روز پيا پارٽيون بدلايو، تہ لڄ ڪونہ ٿي اچيو. تہ آئون بہ چوندو آھيان: ھي جو روز روز حڪومتون پيا بدلايو اوھان کي لڄ ڪونہ ٿي اچي! مطلب تہ جيترا ڀيرا حڪومت بدلي اوترا ڀيرا اسان جي پارٽي جي حڪومت ايترو ترت نہ بدلجي تہ حرام جو پارٽي بدلايون . مثال طور ڏسو تہ گذريل ڏھ سالن کان ھڪ پارٽيءَ سان وفاداري قائم رکيو اچان، ڇو جو ڏھ سالن کان ھڪڙي حڪومت آهي. ماڻھو ٿا چون تہ سرڪاري پارٽي جي پويان سدائين ڇو ٿا لڳو ، ھمت ڪري مخالفت ڇو نہ ٿا ڪريو؟ اھا ڳالھ ٻڌي آئون کلي ڏيندو آھيان. ڳالھ اھا آھي تہ اسان جا ڪم ئي اھڙا آھن،
شڪر آهي جو ملڪ ۾ انصاف ڪونھي، نہ تہ ڪڏھن ڪو ٽيپ کائي وڃون. ايڏا تہ جڏا ڪم آھن ھو اصل توبھ ، بئنڪن جا قرض وٺون تہ حرام ڏيون؛ اوسي پاسي جي ڪا ننڍي نيٽيء تي دل اچيو وڃي تہ خون ڪرايو بہ وڃيو پار پئون؛ ھاري ناريءَ تي رعب داٻ رکيو ويٺا آھيون، سو بہ پوليس ۽ ڌاڙيلن جي ڪري. پوليس تہ جنھنجو پاسو کڻي تنھنجا پئون ٻارنھن، ويٺو لئہ ڪر. ھاڻي پوليس ان جو پاسوکڻندي جيڪو سرڪاري پارٽي جو ھوندو يا مخالفت ڪرڻ واريءَ جو! پوليس بہ تہ سرڪار جي ئي آھي نہ . مخالفت ڪرڻ لاء اعلا ڪردار ۽ اڇو اُجرو رڪارڊ کپي. ماڻھو شريف ھجي، ھمت وارو ھجي، قرض کان آجو. قاعدي قانون کان واقف هجي جو سرڪار کي بُل ئي نہ ڏئي،
جو نقصان پھچائي سگھي. اسان جو رڪارڊ تہ ڪارو ڪٺ لڳو پيو آھي، جي ڪريون مخالفت تہ غريب غربو ھاري ناري لٺ کڻي منھنجون زمينون ۽ حق وٺي وڃي موجون ڪن. سو سدائين اسان سرڪاري پارٽيءَ جي پويان ھوندا آھيون. پر ھاڻي منھنجون اکيون کليون آهن. سوچان ٿو تہ سنڌ ۽ سنڌين کي لٽي تباھ ڪري ڇڏيو اٿم، خبر ناھي ڪھڙي قسم جو احساس جاڳيو اٿم. مخالفت جي اڃا بہ ھمت ڪانھي, جو ڪائنر آھيان. پر ھڪ ٻئي نموني سان ڪم ڪري رھيو آھيان. من ان ۾ ئي منھنجو ڇوٽڪارو ٿئي. ھروڀرو سنڌ ۾ سٺن ماڻھن ۽ اڳواڻن جو ڪال ڪونھي،
پر انھن ماڻھن وٽ وري پئسو ڪونهي. اسان جو سرشتو وري اھڙو آھي، جو چونڊن ۾ اھو سوڀارو ٿيندو جيڪو پئسي وارو ھجي. ڪڏھن ڪو اڙيو ٿڙيو حڪومت جو مخالف ميمبر چونڊجي ويندو آهي تہ اسيمبليءَ ۾ رڻ ٻاري ڏيندو آهي، جي ٻہ چار چونڊجي وڃن ھا تہ اسان جو اھڙو حال نہ ٿئي ھا..
اڄ رات دعوت آھي. آئون بہ سوٽ بوٽ پائي دعوت ۾ پھچان ٿو. سڀني سان ملندو، وڃي ھڪ جڳھ تي ويھان ٿو. منھنجون اکيون ھڪڙي شخص کي ڳولي رھيون آھن.
پر ھو اڃا نہ آيو آھي. پھرين تہ سوچيو ھوم تہ کيس گھر وڃي ملان، پر ھمت نہ ٿيم، مٿان سي آءِ ڊي ۾ نالو نہ اچي وڃي. ھو شخص سرڪار جي زبردست مخالفت ڪندڙ آھي،
سدائين جيل ۾ ھوندو آھي، پر مجال آهي جو پرواھ ھجيس. ھو اچي ٿو، سڀ کيس ملڻ لاءِ اٿي بيھن ٿا. سڀني مھمانن مان ھن جا ئي ڪپڙا پراڻي اسٽائيل جا آھن. اھوئي جھوني زماني جو سوٽ ۽ چاليھ سال پراڻي ٽاء. ھو سنڌ جي مشھور ھستي آهي. ھن جو اخلاق اعلا آھي، ھن ڪڏھن بہ ڪو
ڪڌو ڪم نہ ڪيو آهي؛ ھن ڪڏھن بہ ڄڀ ڏيئي اسان وانگر ڦڙتي نہ کاڌي آهي، ھن سدائين ظلم جي خلاف جھاد ڪيو آھي. ھن جي اڳيان ڪڏهن بہ ذاتي مفاد نہ رھيو آھي.
ھو رڳو حڪومت جو جذباتي مخالف ڪونھي؛ رڳو گاريون ڏيئي نہ ڄاڻي؛ ھن وٽ ظلم جا انگ اکر آھن؛ ثبوت آهن؛ ھر ظلم ھو تفصيل آھي؛ ھو اسان جو سچو ۽ صحيح معني ۾ اڳواڻ آهي ، پر اسان نڀاڳن ڪڏھن بہ ھن کي چونڊڻ ۾ سوڀارو ٿيڻ نہ ڏنو آهي. اسين حڪومت جا چمچا سندس دل ۾ تہ عزت ڪندا آھيون پر ٻاھران حڪومت کي ڏيکارڻ لاء گاريون ڏيندا آھيون. آئون بہ سرندي سرندي ھن جي ويجھو پھچان ٿو، ڊپ ٿو ٿئيم تہ جي گھڻي دير ڳالھائيندوسانس تہ متان منھنجائي چمچا ساٿي نہ وڃي مٿي ڪن ڀرين ۽ منھنجا ترا ڪڍي ڇڏين.
آئون سندس طبيعت جي باري ۾ پڇان ٿو ۽ ھو مرڪي مون کان حال احوال وٺي ٿو. ھن کان پھرين رڳو آئون سندس عزت ڪندو ھوس پر اڄ جڏھن منھنجي ضمير جي ٿوري اک کلي آھي تہ ھو ايئن لڳي رھيو آھي ڄڻڪ فرشتو ھجي. دل پيئي چئي: ”اھو اٿئي اھو ماڻھو، جنھن سان تنھنجي سنڌ جو ڀاڳ لکيل آھي. ڪمال آھي تو ھن کي پھرين نہ سڃاتو!“ دعوت نہ ھجي ھا تہ آئون سندس پيرن ۾ ڪري پوان ھا ۽ چوانس ھا تہ ”سائين اسين سڀ تنھنجي پٺيان آھيون.“ پر منھنجي ڪانئر دل ۾ اھا ھمت ڪانھي.
ھو مرڪي مون ڏانھن نھاري ٿو ۽ پڇي ٿو تہ آئون اڄڪلھ ڪيئن آھيان. آئون جواب ۾ ڪجھ چوان ٿو، پر سندس مرڪ ۾ اڄ عجيب چقمق جھڙي ڇڪ ڏسان ٿو، اڄ پھرين ڀيرو مون کي محسوس ٿئي ٿو تہ سهڻي مرڪ رڳو سھڻي ونيءَ جي ئي نہ ٿيندي آھي. ملوڪ ترين زالون پنھنجي ملڪ جون ھجڻ يا ولائتي مڊمون، ڌڪ گھٽ سڀني قسم جي زالن سان ويجھو واسطو رھيو آھي. ۽ سندن مرڪ ھميشہ لاء نہ تہ ڪجھ وقت مون لاء مخصوص رھي آھي. پر آئون دعوا سان چوان ٿو تہ ڪابہ مرڪ ايتري موھيندڙ نہ ھئي، جيتري ھن شخص جي مرڪ آھي. ھن مرڪ جي پويان آئون سنڌ کي مرڪندوڏسي رھيو آھيان ۽ اسين ڪيترا نہ ظالم آھيون جو اسان کيس ڏک ڏيئي سندس مرڪ کسيندا رھيا آھيون. ھو سنڌ جو اھڃاڻ آھي، اسان ھن جي مرڪ نہ پر سنڌ جو اھڃاڻ کسي ورتو آھي. منھنجي ويچارن جو سلسلو ٽٽي پئي ٿو. آئون پڇانس ٿو ”ھن اليڪشن جون تياريون آھن ؟“
ھن کان ٽھڪ نڪري وڃي ٿو، ”اليڪشن ۽ آئون.“
ھن جي لھجي جو درد آئون محسوس ڪريان ٿو. “آئون اليڪشن ۾ ڪٿي ٿو کٽان پر آئون جيڪڏھن ان وقت جيل ۾ ھوندس تہ بہ فارم ضرور ڀريندس ، اھو منھنجو حق آھي.“
آئون کانئس ھڪڙو سوال پڇان ٿو. مون رڳو اسيمبليءَ ۾ ھڪ ڀيرو پاڻيءَ جي مسئلي تي ٻہ ٽي ٻول چيا ھئا، تہ چوندو ھئس مون سنڌ جو مسئلو پيش ڪيو آھي، انھيءَ ڪري مون کي ٻيھر بہ چونڊيو وڃي ، اھو قوم جو فرض آهي. ”اوھان هيترا ڀيرا جيل ۾ ويا، هيترا مضمون لکيا، هيتريون تقريرون ڪيون، پر توهان چونڊن ۾ ڪڏهن سوڀارانہ ٿيا. اوهان کي ڪاوڙ تہ ڏاڍي ايندي ھوندي.“
اوھان غلط سمجھيو. آئون ھي مسئلا ۽ ھي تقريرون جو عوام جي آڏو ڪندو آھيان، اھو منھنجو فرض آھي ۽ منھنجو چونڊن ۾ بيھڻ جو مقصد بہ اھو ھوندو آھي تہ جيئن اھي مسئلا اسيمبليءَ ۾ پيش ڪري سگھان تہ جيئن مسئلاحل ٿي سگھن. پر جيڪڏهن چونڊن ۾ سوڀارو نہ ٿيان، تہ انھيءَ جو مطلب اهو ڪونھي تہ تقريرون ڪرڻ بند ڪري ڇڏيان يا مضمون نہ لکان، منھنجو ھڪ سنڌيءَ جي حيثيت سان فرض آهي تہ ڪوبہ ظلم يا مسئلو ھجي تہ ان کي سرڪار جي آڏو پيش ڪريان. چونڊن ۾ کٽڻ يا نہ کٽڻ منھنجو مقصد ڪونھي.“
ھن اھا ڳالھ پوري ڪئي تہ مون کي وري پاڻيءَ وارو مسئلو ياد اچي ويو، جڏھن منھنجو فصل سڪڻ
لڳو ھو تہ مون اسيمبلي ۾ رڙيون ڪيون ھيون. ھو ٿوري دير ترسيو. ”توھان تہ اليڪشن ۾ بيھو پيا نہ ، ڪيئن آھي پوزيشن ؟“ ھن مون کان پڇيو
مون سندس سوال اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو ۽ پنھنجي جذبات جو اظھار ڪرڻ کان پاڻ کي روڪي نہ سگھيس. ”اوھان کي ھن ڀيري بيھڻو پوندو. توھان کي لکن ۾ پئسا بہ خرچ ڪرڻا پوندا. ھن ڀيري اليڪشن جو خرچ اسين ڀريندا سون. وقت گھٽجي رھيو آھي. توھان جو کٽڻ بنھن ضروري آھي. لک ٻہ لک ، ٽي لک سڀ آئون ڏيندس. آئون پنھنجي اليڪشن تي پنج لک رپيا خرچ ڪري سگھان ٿو ، تہ اوھان لاء ڇو نہ .“
ھو اچرج سان مون ڏانھن نھاري رھيو آھي. منھنجو بدن ڏڪي رھيو آھي، ھو منھنجي ڪلھي تي ھٿ رکي ٿو.
مون کي خبر ناھي ڇا ٿي ويو آھي. آئون وري ڳالھائڻ لڳان ٿو. ”مِل جو اسين وڪيو ھوم ، اٺ لک رپيا مليا اٿم.“
ھو نيٺ ڳالھائي ٿو، ”پر تون تہ پاڻ قرض ۾ ٻڏل آھين. پھرين قرض لاھ ، پوءِ جي جيئرو رھيس تہ ٻي اليڪشن ۾ مدد ڪجان.“ آئون سمجھان ٿو تہ ھو ٽارڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي. ”تنھن کان سواء آئون سرڪاري زمين جي نيڪاليء جي باري ۾ ھڪ پئمفلٽ لکي رھيو آھيان. سو ھفتي کن ۾ تيار ٿي ويندو ۽ جڏهن چونڊن جو وقت ايندو تڏھن ان پئمفلٽ جي ڪري آئون اڳيئي جيل ۾ ھوندس!
نہ ، نہ ، ھاڻي پئمفليٽ نہ پبلش ڪريو. سرڪاري زمين کان وڌيڪ ضروري ، توھان جو اسيمبليءَ ۾ وڃڻ آھي ؛ ھن ڀيري سنڌ جي بقا جو سوال آھي. ائين ٺھندو ، اسان کي پنھنجا حق آئين ۾ وٺڻا پوندا. توھان کي اليڪشن ۾ بيھڻو پوندو، توھان کي ھينئر اھو پئمفليٽ نہ پبلش ڪرائڻو آھي.
توھان کي چونڊڻ ۾ بيھڻو پوندو. اھو منھنجو عرض ۽ سنڌ جو حڪم آھي ، توھان کي مڃڻو پوندو.“
ھو سانت سان پولار ۾ تڪڻ لڳي ٿو. ھن جي سانت ۾ رضامندي آھي. منھنجي دل تکي تکي ڌڙڪڻ لڳي ٿي. دل مان آواز اچي ٿو ”ھن تنھنجي آڇ قبول ڪري ورتي! ھن تنھنجي آڇ قبول ڪري ورتي! ھن تنھنجي آڇ قبول ڪري ورتي.“
مون کي ويساھ نہ ٿو اچي ، مون کي محسوس ٿو ٿئي تہ منھنجا سڀ گناھ ڌوپجي ويا آھن. مون تان غداري جو داغ ميٽجي ويو آھي، چئني پاسن کان پڙاڏي ۾ ڄڻڪ آواز پيو اچي. ھو اليڪشن کٽي ويو آھي_ ھن ڀيري کٽي ويو آھي. آواز وڌندو وڃي ٿو. چيڪاٽ جو آواز اچي ٿو. دري ھوا جي زور تي ٺڪاءُ ڪري بند ٿئي ٿي ۽ منھنجي ڪرسي پٽ تي ڪري پوي ٿي ۽ آئون ڪپڙا ڇنڊي اٿي
ٿو بيھان.اتر کان سياري جي ٿڌي ھوا لڳي رھي آھي. سج سامھون گھر جي پويان لڪي چڪو آھي. آئون اکيون مھٽي رھيو آھيان، سامھون امان بيٺي آھي.
ڌڪ تہ ڪونہ لڳئي؟ “ ھوءَ پڇي ٿي. ”ويٺي ويٺي ڪري پئين.“
آئون ڦڪو ٿي مرڪي ٿو ڏيان. ”ڌڪ تہ ڪونہ لڳو، پر اھا ھڪڙي ئي آرام ڪرسي ھئي سا بہ ڀڄي پيئي. بابا جي يادگيري ھئي.“
امان ٽوڪ ڀرئي لھجي ۾ چوي ٿي، ”چڱو ٿيو تہ اها ڪرسي ڀڳي. ماڻھو رات جو خواب ڏسن ۽ تون ھن ڪرسي تي ليٽيو ليٽيو ڏينھن ڏٺي پيو خواب ڏسين. خبر اٿئي گيھہ بہ ختم ٿي ويو آھي ، اٽو بہ ڪونھي ، اڄ رات ماني ڪيئن پچندي ؟“
'اٽو تہ پاڙي مان ئي کڻي وٺو ، باقي گيھ اوڌر تي وٺيو ٿو اچان.“
امان چپ چاپ وٽو آڻي ٿي ڏي. ويچاري ڪابہ شڪايت نہ ٿي ڪري. ھن حالت تي ھري ويئي آھي..
آئون وٽو وٺي ٻاھر ويندي ويندي امان کي چوان ٿو: ”امان ڪيترا بہ اسين غريب ڇو نہ سھي، پر اسين اھو ڪجھ سوچي سگھون ٿا، جو امير بہ سوچي نہ ٿا سگھن. امان ، ھي پير ، وڏيرا ۽ زميندار ڏاڍا نڀاڳا اٿو ، جو ھو ڪجھ ڪرڻ تہ ٺھيو ، پر ڪجھ سوچي بہ نہ ٿا سگھن. آئون ڀاڳن وارو آھيان،
آئون وڏو ماڻھو آھيان.“ ائين چئي آئون ٻاهر وڃڻ لڳان ٿو.
پويان امان جو آواز اچي ٿو، ” تنھنجيون اھي ابتيون ڳالھيون مون کي تہ سمجھ ۾ نہ ٿيون اچن. الائي ڇا پيو سوچين!“
امان جو ڀلا ڪهڙو ڏوھ، امان کي ڪھڙي خبر تہ آئون ڇا سوچي رھيو ھوس.

تکي اس، ٿڌي ڇانوَ

ھن کي اڄ پئسن جي ڏاڍي لوڙ ھئي. ٻيون ڪي حالتون ھجن ھا تہ ھو ماٺ ڪري ويھي رھي ھا. ڪٿي شاديءَ لاءِ وڃڻو ھجيس ھا ، تہ نہ وڃي ھا. ڪا شيء وٺڻي ھجيس ھا تہ نہ وٺي ھا. ڪنھن کي قرض موٽائي ڏيڻو ھجيس ھا تہ گھر ۾ منھن لڪائي ويھي رھي ھا. جي سندس حياتي خطري
۾ ھجي ھا ، تہ بہ ھو ڪجھ نہ ڪري ھا. پر ھتي تہ سندس ٻارن جي جيون جو سوال ھو. بابليء کي تپ ھو ، ۽ انوءَ کي ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ لاءِ پئسا گھربل ھا.
ھڪ ئي وقت ٻہ ٻہ ضرورتون ئي غريبن کي گھيرينديو آھن. بابليءَ جو ڌيان ايندي ئي ھن کي گھٻراھٽ ٿيڻ لڳي کيس محسوس ٿيڻ لڳو تہ ھن جي دل بيھڻ لڳي ھجي. ھن تہ سمجھيو ھو تہ معمولي تپ ھوندو، پر جڏھن ھو ڊاڪٽر وٽ پھتو تہ سندس تاڪ لڳي ويا . ڊاڪٽر جڏھن کيس ٻڌايو تہ باليءَ؟؟؟ کي مدي جو بخار آھي تہ ھو ڌڪ گھٽ ڏڪي ويو . ۽ وري جڏھن ڊاڪٽر کيس دوائن جي لسٽ لکي ھٿ ۾ ڏني تہ ھن کي بابليء جي بيماريءَ سان گڏ، پنھنجيءَ حالت جو بہ ويچار اچي ويو. اسپتال کان ٻاھر نڪرڻ لڳو تہ کيس پنھنجو جسم جنسي ٻرندو محسوس ٿيو، ۽ ھو ٻاھر وڃڻ بدران وري ڊاڪٽر وٽ موٽي ويو ۽ پنھنجي لاء بہ دوا وٺي آيو. بابليءَ لاء ڊاڪٽر جي تاڪيد تہ ”دوا ھينئر کان ئي شروع ڪجانءِ.“ ھن جي دماغ تي ھر ھر مترڪي وانگر ڌڪ ھڻڻ لڳي.
ھو بابليء کي ڪڇ ۾ کڻي ٻاھر نڪتو. دوائن جو ڪاڳر ھن جي ھٿ ۾ ھو. ھن کي دل ئي دل ۾ ڊاڪٽر تي رشڪ اچڻ لڳو .... ڪاش، مان بہ ڊاڪٽر ھجان ھا تہ پنھنجن پراون جي دوا درمل تہ ڪريو ويٺو ھجان ھا! دوا___ ھا،
دوا.... بابليء جي دوا ڪٿان ايندي؟ ھن جو ويچار پنھنجي خالي کيسي ڏانھن ويو. اڄ ايڪيھين تاريخ ھئي ۽ آخري تاريخن ۾ پئسا نہ ھئڻ ڪا نئين ڳالھ تہ ڪانہ ھئي پر بابليء جي بيماري کيس ڳڻتيءَوند ڪري وڌو ھو. انو اڳي ئي داخلا لاءِ پئسا گھري رھيو ھو. اڄ هن کي ونيء تي بہ ڏاڍي ڪاوڙ آئي. ھو کيس ڏاڍي ڏاھي سمجھندو ھو، ۽ فخر سان دوستن ۾ ڳالھ ڪندو ھو تہ سندس وني محنتي آھي ۽ اھڙي ڏکي حالت ھوندي بہ ڪجھ پئسا بچائي ويندي آھي ھو بي-اي پاس ھو، پر پئسا ميڙڻ نہ آيس سو نہ آيس. پر سندس وني رڳو مئٽرڪ ھوندي بہ گھٽ ۾ گھٽ پئسن بچائڻ ۾ ھن کان وڌيڪ سمجھ واري ھئي. پاڻ چوندو ھو، تعليم کان وڌيڪ ماڻھو کي پنھنجي سمجھ ضروري آھي. پر ھن ڀيري تہ ھن کي پنھنجيءَ ونيءَ تي بہ ڏاڍي ڪاوڙ آئي. انھيءَ جو ڪارڻ ھو تہ انوءَ کي داخلا لاءِ ڏيڍ سوء روپين جي ضرورت ھئي. انو مئٽرڪ ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ٿيو ھو، ۽ ھن کي ايتري ئي خوشي ٿي ھئي جيتري انوءَ جي پيدا ٿيڻ مھل. رزلٽ ٻڌي ، ھن خوشيءَ سان ونيء کي چيو ھو:
”ھاڻي پنھنجا اھنج سڀ دور ٿي ويندا. پنج ست سال ٻيا ڪڍي وٺ ؛ پوءِ تہ پنھنجو انو انجينيئر ٿيندو ۽ اسين مزا ڪنداسون. بس ، پوءِ ڪا بہ ڳڻتي نہ رھندي.“ ۽ جڏھن انوءَ داخلا لاء پئسا گھريا ھئا تہ ھن جو منھن ئي لھي ويو ھو؛ ھن وٽ تہ ڏھہ رپيا بہ ڪين ھا ۽ ھو ڏيڍ سو رپيا گھري رھيو ھو. پر ھن کي اميد ھئي تہ جوڻس پئسا بچائي رکندي آھي سو ضرور هن وٽ ھوندا. ۽ ھن جڏھن جوڻس کان پئسن جي باري ۾ پڇيو تہ ھن جو جواب ٻڌي، ھن کي پھريون ڀيرو محسوس ٿيو تہ ھن جھڙي بيوقوف ٻي ڪا وني ڪانھي. جوڻس چيو ھو: ”گھڻا پئسا کپن اوھان کي؟ ويھہ رپيا کن پيا اٿم.“
ھن اھا وراڻي ٻڌي سوچيو ھو تہ ھو کيس ڌڪ ھڻي ڪڍي. ھن پنھنجي جوکائيء جي ڪسر ھن مان ڪڍڻ چاھي. ”تون تہ ڏاڍا پئسا بچائي رکندي آھين، پر خبر پئي تہ تون بہ ڪا بنھ ھٿ ڦاڙ آھين.“ ھن جي لھجي ۾ ٽوڪ جو انداز ظاھر ھو. ھن کي ائين چوندي محسوس ئي ڪونہ ٿيو تہ ھن جو پگھار رڳو اڍائي سو رپيا آھي، جنھن ۾ اڄڪلھہ چئن ڀاتين جو گذران ڪرڻ طوفان ۾ ٻيڙي ھلائڻ وانگر آھي.
پنھنجي اھڙي حالت ڏسي ، ھن سوچيو تہ انو جيڪڏھن فيل ٿئي ھا تہ ڪيترو نہ چڱو ھو. حالتن ھن کي ائين سوچڻ تي بہ لاچار ڪري ڇڏيو. انوءَ جي پاس ٿيڻ جي خوشي ايتري مختصر ٿيندي ، تنھن جو ھن کي وھم گمان بہ ڪونہ ھو. غريب جي حياتيءَ ۾ خوشيءَ جا وجھ ايترا تہ گھٽ ۽ مختصر ٿين ٿا جو جيسين ھو خوشيءَ جي ھير جو پھريون جھوٽو محسوس ڪري، ڏکن جون لُڪون لڱ ساڙيو وجھن.
۽ اڄ ھن کي ڪنھن بہ حالت ۾ پئسا ھٿ ڪرڻا ھئا. انوءَ جي داخلا تہ کڏ ۾ پئي پر ھينئر کيس رڳو بابليء جو ئي الڪو ھو. ھن کي ان لاءِ سؤ کن رپين جي ضرورت ھئي. ھو ڪيتريءَ دير تائين گھر اھو ئي سوچيندو رھيو.
قرض ئي ھن لاءِ واحد واٽ ھئي. ھو ھميشہ ضرورت وقت مشتاق کان ئي قرض وٺندو ھو. مشتاق ھن جو جگري دوست ھو. ھو زميندار ھو ۽ پئسي وارو ھو. ھن ھميشہ ضرورت وقت مشتاق جو ئي سھارو ورتو ھو. ”قرض وٺڻ سچ تہ دنيا جو سڀ کان ڏکيو ڪم آھي. ھڪ خوددار ماڻھوءَ لاءِ پنھنجي ئي دوست کان قرض وٺڻ خود داريءَ جو آپگھات آھي. ۽ ھو پنھنجي خود داريءَ جو آپگھات اڄ کان گھڻا سال اڳ ڪري چڪو ھو. تنھن کان پوءِ ھو لڳاتار آپگھات ڪندو رھيو. ھن جڏھن شادي ڪئي ھئي، تہ مشتاق کان ئي قرض ورتو. ھن کي ان مھل اھا اڻ ٿيڻي نظر ٿي آئي تہ ھو بہ ڪنھن کان ايتري اوڌر وٺي سگھي ٿو. ھن سنھن کنيو ھو تہ ھن حياتيءَ ۾ رڳو اھو ئي ھڪ ڀيرو قرض ورتو آھي، وري ڪڏھن بہ نہ وٺندو. پر هڪ غريب ماستر، ٻارن ٻچن ھوندي ، ڪيستائين پاڻ کي قرض کان آجو رکي سگھيو ٿي؟ جڏھن سندس ماءُ گذاري ويئي تہ کيس پنھنجو سنھن ٽوڙڻو ئي پيو. سنھن ڪو ھن جي ماءُ کان وڌيڪ ڪونہ ھو. ۽ ٻيو ڀيرو مشتاق کان قرض وٺڻ ايترو ڏکيو نہ ھو،
جيترو ھن کي پھريون ڀيرو محسوس ٿيو ھو. ٻيو ڀيرو ھن قرض ورتو ؛ ۽ پوءِ ٽيون ڀيرو ؛ چوٿون ڀيرو ؛ ۽ پوءِ ھن جي حياتي قرض تي ئي ٻڌل رھي پھرين ڀيري کان ٻيو ڀيرو ۽ ٻئي کان ٽيون ڀيرو قرض وٺڻ ، ھن کي نسبتن سولو لڳو. مشتاق کان سواءِ ھو پنھنجي ھڪ ٻن ٻين دوستن کان بہ قرض وٺڻ لڳو
...پر اڄ بابليء جي دوا ۽ انوء جي داخلا لاءِ ھن کي گھٽ ۾ گھٽ اڍائي سو کن رپين جي لوڙ ھئي. ھن جون وکون مشتاق جي گھر طرف وڌڻ لڳيون. ھو سڄي واٽ مشتاق بابت سوچيندو رھيو. مشتاق ڪيڏو نہ مھان آھي. دوستن جي لاءِ ھن زماني ۾ نعمت آھي. ھن سوچيو جيڪڏھن مشتاق نہ ھجي ھا تہ سندس الائي ڪھڙا حال ٿين ھا. ھو سندس احسان حياتيءَ ڀر نہ ٿو لاھي سگھي. مشتاق ھر مھل تي سندس مدد ڪئي آھي؛ ۽ ھن ڀيري بہ ھو ضرور مدد ڪندو. انھن ئي ويچارن ۾، ھو مشتاق جي گھر تائين پھچي ويو.
”مشتاق، چڱو ٿيو جو تون گھر تي ملي وئين.“ ھو مشتاق کي گھر تي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو..
”آھي تہ سڀ خير نہ ؟“ ھن جي پريشان چھري کي ڏسي، مشتاق پڇيو.
'بس، يار، بابليء کي تپ ٿي پيو آھي ڊاڪٽر چئي ٿو، ٽائيفائيڊ اٿس“
”اوھو! خدا خير ڪري. ھاڻي ڪيئن آھي؟“
ايترو تکو تپ تہ ڪونہ اٿس، انھيءَ لاءِ ئي آيو ھوس ڪجھ پئسا کپندا بابليء جي دوا لاءِ.... ۽ مٿان وري انوءَ جي داخلا جي آخري تاريخ بہ اچي مٿان بيٺي آھي. ان جي داخلا لاءِ بہ ڪجھ....“
ھن جملو اڌ پورو ڪري مشتاق ڏانھن نھاريو. مشتاق ڪجھ دير سانتيڪو رھيو. ڪجھ سوچيندو رھيو ، پوءِ چپن تي ٿوڙي مرڪ آڻيندي چوڻ ”لڳو: ٻڌ يار، اڄڪلھ منھنجي بہ حالت خراب آھي ... پر گھڻا کپنئي؟“
'”مڙئي اڍائي سو کن. سؤ کن رپيا دوائن لاءِ، ۽ڏيڍ سؤ انوءَ جي داخلا وغيره لاءِ“
ڪجھ دير وري سانت رھي؛ مشتاق ڪجھ سوچيندو رھيو ؛ ۽ ائين ھڪدم چوڻ لڳو، ڄڻ ڪا ڳالھ سار اچي وئي ھجيس ”ھيئن ڪر يار، رات جو اچجانءِ، اٺين ڌاري ؛ ھڪڙي ھنڌان پئسن ملڻ جو آسرو آھي. گھٻراء نہ سڀڪجھ ٺيڪ ٿي ويندو. ھينئر تہ مون وٽ اتفاق سان ويھارو کن رپيا مس آھن. بس يار، ڪڏھن ڀريء ۾ تہ ڪڏھن ڀاڪر ۾ ھڪڙي ھنڌ پئسا ڏيڻا ھئم، سو ھينئر پائي بہ ڪانھي بچي.“
مشتاق جي واتان آھي اکر ٻڌي، ھن کي ائين لڳو، ڄڻ سندس سرير کي باھ وڪوڙي وئي ھجي ، ۽ ھن مشتاق جي ٻولن مان ڪوڙ جي بوء سونگھي ورتي. ھن مشتاق جي منھن ۾ نھاريو ، جيڪو ھڪ گھڙي اڳ کيس فرشتي وانگر نظر اچي رھيو ھو. مشتاق ۽ وٽس رڳا ويھہ رپيا پيل ھجن!
سندس دل اھا ڳالھہ ، ڪنھن بہ حالت ۾ مڃڻ لاءِ تيار نہ ھئي، ھن کي حياتيءَ ۾ شايد ايترو ڏک ڪڏھن ڪونہ پھتو ھو جيترو مشتاق جي وراڻي ٻڌي کيس پھتو ھو . ھو سوچڻ لڳو:
ڇا مشتاق بہ دوستيءَ ۾ دوکو ڏيئي سگھي ٿو؟ “ کيس ان جي آس بنھ ڪانہ ھئي. ھو تہ ھن ڀيري مشتاق ۾ وڏي اميد رکي آيو ھو ؛ ۽ مشتاق بہ اڳي ڪڏھن ائين ڪونہ ڪيو ھو. پر...ھن مشتاق سان ھٿ ملايو ، ۽موڪلائي گھر طرف ھلڻ لڳو. ھن جو اڄوڪو ڏينهن شايد حياتيءَ جو بدترين
ڏينھن ھو. ھن کي ھاڻي اھو ويچار نہ ھو تہ بابليء جو ڇا ٿيندو يا انو کي داخلا ڪيئن ملندي پر ھينئر ھن کي ان جي عيوض دوستيءَ جي آدرش ٽٽڻ جو ڏک ھو جيڪو ھن آرزوئن ۽ احساسن سان ٺاھيو ھو ، ۽ جيڪو دوست جي ھڪڙي تکي ٻول جي تيشي سان ڪري اچي پٽ تي پيو ھو.
ھو سوچ ۽ ويچارن ۾ ٻڏل ، گھر ڏانھن ھلندو رھيو. ھن کي ھڪ ھڪ وک کڻڻ اوکي ٿي پئي ڄڻ ڪنھن سندس پيرن ۾ سنگھرون وجھي ڇڏيون ھيون. ھو دوستن کي حياتيءَ جي ڪاڙھي تتل واٽ تي بيٺل وڻن وانگر سمجھندو ھو ، جتي واٽھڙو ٿوريءَ دير لاءِ ساھ پٽيندو آھي ۽ وري نوبنو ٿي ماڳ ڏانھن ھلڻ لڳندو آھي. رستي تي بيٺل وڻن جي ڇانو نہ ھجي تہ واٽھڙو اڌ واٽ تي ئي اس ۽ لڪن ۾ سڙي مري وڃي. پر اڄ ھن کي محسوس ٿيو تہ وڻن جا پن ڇڻي چڪا ھئا؛ ۽ خودغرضيءَ جي تکي اس انھن جي ڇانو کي ڳيھي وئي ھئي. مشتاق ھن جو دوست ھو ۽ ھو ان کي ائين ٽاري ڇڏيندو ، سو ھن جي وھم ويچار ۾ بہ ڪونہ ھو.
ھن جي ذھن تي طرح طرح جا ويچار تري آيا. ”مشتاق ائين ڇو ڪيو؟ شايد مون مان ڪڪ ٿي ويو ھوندو. آئون ھن جا پئسا کائي تہ ڪونہ وڃان ھا، باقي واپس ڏيڻ ۾ کڻي ڪا دير ٿئي ھا، آخر تہ دوست ھئا سين ، ۽....“ وري ھن کي سار آئي: ”ھا، پوئين ڀيري مھيني لاءِ سؤ رپيا ورتا ھئا مانس،
۽ ٽن مھينن ۾ موٽايا مانس شايد ان ڪري ھن ڀيري لنوائي ويو.“
وري ھن کي ڪجھ سار اچڻ لڳي: ”مشتاق وڏو ماڻھو ٿي ويو آھي. ننڍي ھوندي گڏ پڙھيا ھئاسين، سو مڙيئي ملندو اچي، باقي ھو وڏن ماڻھن سان گھمي سو مون مان پڪ ڪڪ ٿي پيو ھوندو. ھن ڀيري پئسا نہ ڏيئي، مڙئي ھميشہ لاءِ جند ڇڏائڻ ٿو گھري.“ ھاڻي ھوريان ھوريان ھن جو ذھن مشتاق جي طرفان بدظن ٿيندو ويو . ھن کي سار اچڻ لڳي تہ جيڪڏھن مشتاق ھن تي ٿورا ڪيا آھن تہ ھن وسان ڪونہ گھٽايو ھو. ھن بہ تہ مشتاق لاءِ سڀ ڪجھ ڪيو، جو ھڪ دوست کي ڪرڻ کپندو ھو. ۽ ھاڻي ھو اُھي مھربانيون ياد ڪرڻ لڳو جي ھن مشتاق تي ڪيون ھيون، جيڪي پھرين ھن کي سار بہ ڪين ھيون. دوستن جي وچ ۾ تہ ڪو ليکوئي ڪونہ ٿيندو آھي. اھو شايد دستور آھي
تہ دوستن جون ھڪ ٻئي تي ٿيل چڱايون سار نہ رھنديون آھن، ڇو جو اھي چڱايون ۽ احساس دوستن جي وچ ۾ عام ڳالھ ھونديون آھن؛ ۽ عام ڳالھ جي سار ڪانہ رھندي آھي.
ھن کي ھڪڙو واقعو ياد آيو. اھو شايد آچر جو ڏينھن ھو. اوڏي مھل ساڍا نو کن ٿيا ھئا، ۽ ڏھين بجي ھن کي رئيس علي مراد سان ملڻ لاءِ وڃڻو ھو . سال کن بيڪار رھڻ کان پوءِ ھن کي مس مس نوڪريءَ جو آسرو مليو ھو. ھو ڪيترو نہ خوش ھو تنھن ڏينھن. اڃان ھو گھر مان نڪرڻ وارو ھو تہ مشتاق اچي پھتو.
”يار مون کي پڪ ھئي تہ گھر ھوندين“ مشتاق ھن کي ڏسي، ٿڌو ساھ ڀريندي چيو.
”ڇو خير تہ آھي ؟“ مشتاق جي منھن تي گھٻراھٽ جا آثار ڏسي، ھو بہ ڳڻتي وند ٿي پيو.
مشتاق رومال سان منھن تان پگھر اگھيو، ۽ ھن جي ڪلھي تي ھٿ رکندي چوڻ لڳو تہ: ”ڏاڍي گھٻراھٽ پئي ٿئي. الائي ڇا پيو محسوس ٿئي . ائين ٿو معلوم ٿئي تہ دل ٿي ٻڏي. گھر ۾ آرام ئي ڪونہ آيو. گھٻراھٽ ايتري تہ وڌي ويئي جو تو وٽ ھليو آيس.“
ھن کي خبر ھئي تہ مشتاق کي ڊپريشن ٿيندي ھئي ۽ دل ٻڏڻ لڳندي ھئي. اڪيلي رھڻ ڪري ھن جي ذھن تي عجيب عجيب ويچار ايندا ھئا. ڳڻتين ۽ پريشانين جي ڪري ننڊ ڦٽي ويندي ھئي، ۽ ھو پنھنجي دل ٻڏندي محسوس ڪندو ھو. اھا ئي ڳالھ ھئي جو جڏھن بہ ھن جي دل گھٻرائيندي ھئي تہ ھو ھڪدم دوستن سان ملي دل وندرائڻ جي ڪوشش ڪندو هو.
”تون ڪيڏانھن وئين پئي ڇا؟“ مشتاق ھن کي تيار ٿيل ڏسي پڇيو.
”جي؟ نہ نہ ، مان تہ ائين تيار ٿيو ويٺو ھئس.“ ھن ڪوڙ ڳالھائيندي، ھن کي آٿت ڏني. وري ٿوري دير ترسي چوڻ لڳو: ”پر يار ، تون گھٻرائين ڇو ٿو. ھروڀرو دل جو روڳ کڻي لڳايو اٿئي. رات متان گھڻو کائڻ ڪري بدھاضمو ٿيو ھجنئي، ۽ پوءِ گئس جي چڙھڻ ڪري دل تي اثر ٿيندو ھجي.“ ھو مشتاق کي آٿت ڏيڻ لڳو. ھو دوست جي الڪي ۾ پنھنجي خوشي بہ ويساري ويٺو، ھن سوچيو: نوڪري پوءِ بہ ملي ويندي ، ھن وقت مشتاق کي سندس ضرورت آھي.
پوءِ ھو سڄو ڏينھن مشتاق سان گڏ رھيو. ھو سڄو ڏينھن گھمندا رھيا، ۽ جڏھن مشتاق جي طبيعت بھتر ٿي تہ ھو کيس گھر ڇڏي آيو. ھو ٻئي ڏينھن رئيس علي مراد جي گھر پھتو تہ معلوم ٿيو تہ رئيس صبح سوير ڪراچي وڃي چڪو ھو ، جتان ھو ٻئي ڏينھن يورپ لاءِ روانو ٿي ويو_ ۽ ھو ائين ئي بيڪار رھجي ويو ! پر ھن کي انھي جو ڪڏھن افسوس نہ رھيو. ”دوستن جي مٿان جان قربان آھي اھا تہ خسيس نوڪري ھئي.“
۽ ھاڻي اھو دوست ٻن سون رپين جي خاطر ائين رخ بدلائيندو، سا ڳالھ ھن جي وھم گمان ۾ بہ ڪانہ ھئي. ھن کي مشتاق تي ڪيل پنھنجي ھڪ مھرباني تہ سار رھي ھئي ،
پر مشتاق جون مٿس ڪيل سؤ مھربانيون سار نہ رھيون. شايد اھو دستور آھي تہ ڏھ احسان ڪري، پوءِ ڪو يارھون احسان نہ ڪري سگھي تہ گذريل ڏھ احسان بہ ڌوپجي ويندا آهن.
ھو سڄي شام سوچيندو رھيو . مشتاق چيو ھو تہ رات جو اٺين بجي تائين ھو ڪوشش ڪري ھن کي پئسا ھٿ ڪري ڏيندو. پر کيس پڪ ھئي تہ ھي مشتاق جو ھڪ بھانو ھو. رات جو وري چوندو، ”يار ، مون ڏاڍي جاکوڙ ڪئي، پر پئسا ھٿ اچي نہ سگھيا.“ ھن کي ائين لڳو تہ مشتاق سچ پچ اھي ٻول چئي رھيو ھجي. ھو سوچيندو رھيو تہ مشتاق وٽ وڃي يا نہ وڃي. رڳو انوءَ جي داخلا جي ڳالھ ھجي ھا تہ بہ ھو پرواھ نہ ڪري ھا، پر ھتي تہ بابليءَ جي حياتي جو سوال ھو. ڊاڪٽر تہ چيو ھو تہ اڄ کان ئي دوا کارائڻ شروع ڪجان. پر مشتاق جو ھن کي ڌڪ ھنيو ھو ، تنھن کيس لوڏي ڇڏيو ھو. ٻين دوستن کان تہ اڳي ئي قرض ورتل ھوس. ھو سوچيندو رھيو .... ۽ ھڪ ويچار ايندي ئي، ھن جو منھن خوشيءَ وچان ٻھڪڻ لڳو.
ڄڻڪ ھن جو مسئلو حل ٿي ويو.
احمد علي بہ تہ ھن جو ۽ مشتاق جو دوست ھو. شاھوڪار ھو. ھو ھن جي ضرور مدد ڪندو. جيتوڻيڪ ھن احمد عليءَ کان ڪڏھن اوڌر نہ ورتي ھئي پر ھينئر حالتن ھن کي اھو ڪرڻ تي بہ لاچار ڪري وڌو. گھٽ ۾ گھٽ مشتاق وٽ وري وڃڻ کان تہ بھتر آھي تہ ھن ڀيري احمد علي کان ئي قرض وٺجي. ھن سوچيو ۽ جيڪو ماڻھو ھڪ دوست کان قرض وٺي سگھي ٿو تنھن لاءِ ٻئي دوست کان قرض وٺڻ ڪا ڏکي ڳالھ ڪانھي. ھن مشتاق جو ويچار لاھي، احمد عليءَ جي گھر ڏانھن رخ رکيو.
احمد علي بہ ڀاڳن سان گھر تي موجود ھو. ڪيتري دير تائين ھن کان مطلب جي ڳالھ وات مان نہ نڪري سگھي. ھيڏانھن ھوڏانھن جون ڳالهيون ڪندي ، نيٺ ھن مطلب جي ڳالھ زبان تي آندي:
”ھڪڙو ڪم ھو، پر چوڻ مون کان نہ ٿو پڄي . مون اصل ۾ يار، تو کي ڪڏهن اھڙو ڪم چيو ڪونھي. الائي تون ڇا سمجھندين.“ ھن شروعات ۾ ھمت نہ ساري.
”يار چئي ڏي ، دوستن جي وچ ۾ حجاب ڪھڙو.منھنجي ھٿ ۾ ھوندو تہ ضرور ڪندس.“
ھو ٿورو ھٻڪيو ، ڪنڌ موڙي ، ھن احمد علي کان اکيون ڦيرائي پريان نھاريو، ۽ ھوريان سان چيو: ”مون کي ڪجھ پئسا کپن. ٻہ سؤ رپيا کن.“
ھو مس مس اھي ٻول وات مان ڪڍڻ ۾ سڦل ٿيو. ھن احمد عليءَ جي وراڻي ٻڌڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪيو. ھن سوچيو، شايد احمد علي وراڻي نہ بہ ڏئي، ۽ چپ چاپ اندران وڃي ٻہ سؤ رپيا کڻي اچي. پر ھن پاسي بہ سانت رھي. ھن احمد عليءَ ڏانھن نھاريو. احمد عليءَ جو آواز ھن جي ڪن تي پيو:
'”يار، عجب اتفاق آھي. ٿوري دير ڪيئي ، صبح جو اچين ھا تہ ڪجھ ٿي وڃي ھا شام جو ھڪڙو دوست آيو، انھيءَ کي بہ اتفاق ڏس پورن ٻہ سون رپين جي ئي ضرورت ھئي مون وٽ ھئا ئي ايترا، ڏئي ڇڏيا مانس. پر ٻڌ، سڀاڻي تائين ڪري ڏيندو سانءَ ۽...“
ھو اھو جواب ٻڌي، پنڊ پھڻ ٿي ويو. ھن کي ڏاڍو ڏک ٿيو تہ ھروڀرو ھن احمد عليءَ وٽ اچي پنھنجي بيعزتي ڪرائي. ھڪڙي ڏينھن ئي ان کي ٻہ جھٽڪا لڳندا، تنھن جي ھن کي اميد ڪانہ ھئي. احمد علي بہ ڪوڙ ڳالھائي پنهنجي جان ڇڏائي. ھو ڌڪ گھٽ پنھنجي ھوش ۾ نہ رھيو. ھن
جي لاءِ دوست ئي سڀڪجھ ھئا ، اھا ئي ھن جي لاءِ ھاڻي ڪجھ بہ ڪين ھئا. ھن کي محسوس ٿيو تہ سندس حياتيءَ ۾ ڪوبہ دوست ڪونہ ھو دوست جو ٻول ھن جي لاءِ دشمن کان بہ وڌيڪ اُگرو ٿي پيو ھو. ھو جڏھن گھر پھتو تہ پاڻ بہ تپ ۾ ٻري رھيو ھو. ھلڪو تپ تہ کيس اڳئي ھو پر سڄي ڏينھن جي ڌڪن ۽ ڳڻتين ھن جي طبيعت وڌيڪ خراب ڪري وڌي. ھو جڏھن گھر پھتو تہ رات جا ساڍا نو ٿي رھيا ھئا. اڃان ويٺو ئي مس ھو تہ دروازي تي کڙڪو ٿيو.
ھن دروازو کوليو. سامھون مشتاق بيٺو ھو.
”ڇو يار آئين ڪونہ ؟ آئون تنھنجو انتظار ڪندو رھيس. بابلي جي طبيعت ڪيئن آھي؟“
”ٺيڪ آھي“ ھن مشتاق کي بابليء جي باري ۾ وڌيڪ ٻڌائڻ پسند نہ ڪيو.
مشتاق کيسي ۾ ھٿ وڌو. نوٽ ڪڍي ، ھن جي ھٿ۾ رکيا.
”معاف ڪجانءِ يار؛ وقت تي ڏئي نہ سگھيو سانءِ. ٻن ٽن دوستن وٽ چڪر لڳايم، سڄو ڏينھن رليو آھيان نيٺ احمد عليءَ وٽان ملي ويا. ويھہ رپيا گھٽ اٿئي. احمد علي وٽ بہ ايترا پئسا ڪين ھئا.“
۽ ھن کي محسوس ٿيو تہ سندس بدن جي ٻرندڙ باھہ تي ڪنھن ٿڌي پاڻيءَ جو مٽ اوتي ڪري ڇڏيو ھجي _ ۽ هوڪاڙھي تتل واٽ تي ھلندي ھلندي، وڻ جي ٿڌيءَ ڇانو ھيٺ اچي بيٺو ھجي.

عيد جي خرچي

رمضان مھيني جي اوڻٽيھين تاريخ اينديئي ھرڪو چنڊ ڏسڻ لاءِ آيو ھوندو آھي . عيد جي چنڊ ڏسڻ ۾ اھڙي خوشي سمايل آھي جا ھرڪو ماڻڻ گھرندو آھي. پوءِ ڀلي ھن روزا رکيا ھجن يا نہ . ماڳھين بي رازائتن کي ويتر وڌيڪ خوشي ٿيندي آھي. رمضان جي مھيني جو اھو گڻ آھي تہ ھو
ماڻھن لاءِ خوشيون ٿو آڻي . بازارين ۾ وکرن جا اڳھ چوٽ چڙھيو وڃن؛ ھوٽلن ۾ پڙدا لڳايو خوب ڪمائي ڪئي ٿي وڃي. پر اڄ اوڻٽيھين نہ ٽيهين تاريخ ھئي ۽ رمضان جو مھينو اڄ پورو ٿي رھيو ھو. گھر گھاٽن وارا ڇتين تي چڙھيو چنڊ ڳولھڻ جي جاکوڙ ڪري رھيا ھئا تہ غريب غربو ھيٺائين
تي روڊ تان چنڊ ڏسڻ ۾ لڳو پيو ھو..
جيترو جيڪو امير ھوندو اوترو ئي ھو مٿان چنڊ ڏسندو ۽ جيترو جيڪو غريب ھوندو اوترو ئي ھو ھيٺان چند ڏسندو اھو ئي چنڊ ڏسڻ جو عام دستور آھي. ساران بہ پنھنجي پاڙي وارن جي گھر وڃي کڏ تي چنڊ ڏسڻ لاءِ ويئي ھئي، پراتان جو دڙڪا مليس، جو روزي جي آخري حصي ۾ روزي دارن کي مڙيئي ڪاوڙ گھڻي ھوندي آھي، ھيٺ ڀڄندي اچي پيءُ وٽ بيٺي.
بابا اڄ چنڊ نہ ڏٺو تہ ڇا عيد نہ ٿيندي؟
”نہ پٽ اڄ تہ چنڊ ضرور ٿيندو.“
”پر جي ڪالھ وانگي اڄ بہ نہ ڏٺو تہ!“
”اڄ تہ چنڊ پڪ ٿيندو. اڄ تہ ٽيھون روزو آھي نہ .“
”مقو ٻڌئي، بابا چئي ٿو تہ سڀاڻي عيد ضرور ٿيندي.“
ٻاھر اڱڻ ۾ مقبول باڙديءَ سان پاڻي جا ڏول ڀري مَٽ ۾ وجھي رھيو ھو. ھن ساران جي آواز تي ڪنڌ ڦيرايو ئي مس تہ ساران سندس آڏو پھچي چڪي ھئي.
”ٻڌئي، بابا چوي ٿو تہ سڀاڻي عيد ضرور ٿيندي“ ساران کيس اھا خبر ٻڌائيندي، آڪڙ ۾ اچي وئي ڇو جو ھن سمجھيو تہ اھا خبر ھن کي مقبول کان اڳواٽ پئي ھئي.
ڪنھن ڳالھ جي اڳ ۾ خبر پوڻ جي خوشي ٻارن کي تہ ٺھيو، پر وڏن کي بہ ٿيندي آھي.
'”اڙي ڇورا! جھٽ ڪر ڪلاڪن کان مس مس ھڪ باڙدي ڀري آيو آھين. اڃان ٻي بہ ڀرڻي اٿئي“ ماڻس رڙ ڪئي ۽ مقبول تڪڙو تڪڙو مَٽ ڀرڻ لڳو. ھن جي سامھون نل تي لڳل دلن ۽ باڙدين جي ڊگھي قطار ڦري ويئي. مقبول باڙدي خالي ڪرڻ شرط، تڪڙو تڪڙو ٻاھر نڪري آيو ۽ نل ڏانھن وڃڻ لڳو. ساران، جا ماڻس جي مقبول تي نڪتل ڇڙٻ تي چپ ٿي وئي ھئي سا بہ مقبول جي پويان نڪري آئي . کيس مقبول ۾ جو شڪ ھو ، سو پڪ ۾ بدلجڻ لڳو تہ مقبول کيس صاحب جي گھر عيد جي خرچي وٺڻ لاءِ نہ وٺي ويندو. اڪيلي سر سڄي خرچي ڦٻائي ويندو. انھن ويچارن ۾ ھوء ڳچ دير بنا ڳالھائڻ جي پويان پويان لڳي آئي. سانت جو احساس ٿيندي ئي، ھوء مقبول کان پڇڻ لڳي؛
'”ادا مقو، سچ ٻڌاء تون اڪيلو خرچي وٺڻ وڃين ھا ڀلا؟“ ساران جي آواز ۾ نراسائي ھئي، آزي نيزاري ھئي.
”توکي ڀلا ڪيئن ڇڏي ويندم“
”ڏس ادا مقو، پڪ نہ ؟ مان تنھنجي ھر ڳالھ مڃيندي آھيان نہ “ ساران ٻاڏائيندي چيو.
”ھا، وٺي ويندو مانءَ ني، مٿو نہ کاءُ!“
۽ ساران جي منھن تي خوشي جي لھر موٽي آئي.ھن جي اکين اڳيان صاحب جو گھر، گھر جا باقي، اتي ايندڙ ويندڙ ماڻھو ۽ روپئي روپئي جا نوٽ گھمي ويا.
ساران موٽي اچي وري پيءُ وٽ بيٺي، وري ٻيھر پيءُ کان عيد جي پڪ وٺڻ لاءِ. ٻاھر ماڻھن بہ پئي چيو تہ سڀاڻي عيد آھي پر ھاڻ ساران ڪنھن ۾ ويساھ نہ پئي رکيو.
”بابا سڀاڻي عيد پڪ ٿيندي نہ ! چنڊ نہ ڏسجي پوء بہ!“
”ساران وري اتاوليءَ مان پڇيو.
”پٽ، سڀاڻي عيد آھي اصل پڪ سان، چنڊ نہ ڏسجي تہ تہ بہ عيد آھي سمجھيئي! ھوڏانھن عربستان ۾ تہ ٻہ ڏينھن اڳ عيد ٿي بہ ويئي!“
”اھو وري ڪيئن ؟ چنڊ تہ اڄ ڏسبو، پوءِ اتي عيد ڪيئن ٿي؟“ ساران اچرج ۾ پيءُ جو منھن تڪڻ لڳي ، پريان ماڻساھي ڳالھيون ٻڌي رھي ھئي، ۽ ھوءَ ساران جي سوال جي وراڻي ڏيڻ کان رھي نہ سگھي.
”اتي عربستان ۾ مڪو مدينو آھن نہ ، اتي الله جي حڪم سان چنڊ اڳ ڏسڻ ۾ ايندو آھي.“
”ھان بابا ؟“ ساران ماڻس تي ويساھ نہ ڪندي ، پيء کان پڇيو.
'”ھا بابا الله جي حڪم سان ھن کان بہ وڏا ڪم پيا ٿين !“
پيء ماڻس ڏانھن نھاريندي چيو.
چنڊ رات خوشيءَ ۾ ڪيتري دير تائين جاڳندي رھي ۽ ماڻس کان آڏا اُبتا سوال پڇندي رھي.
”اما، ھو سونا ايرنگ وڪامي تہ نہ ويندا؟“ ساران کي ڊپ ھو تہ ھوء دوڪان تي جي ايرنگ ڏسي آئي ھئي سي عيد جي خرچيءَ مان ھوء جيسين خريد ڪري تيسين وڪامي ويندا.
نہ ڌيءَ، اھا ھڪڙي جوڙي تہ ڪانھي جو وڪامي ويندي دوڪان تي اھڙيون گھڻيون ئي جوڙيون ٻيون ھونديون.“
”پر امان جي سڀئي وڪامي ويا تہ؟“ ساران جو شڪ اڃا قائم ھو.
”اتان نہ مليا تہ پڻھين بازار مان وٺي ڏيندء.“
ماڻس کيس آٿت ڏني.
”پر امان بازار ۾ اھڙا ايرنگ ھوندا؟“
ھن کي پڪ ھئي تہ سندس پسند جا ايرنگ جڳ ۾ رڳو ھڪ ئي دوڪان تي ھئا
”ھا ھا، ھوندا، ان کان بہ سٺا. ھاڻي ماٺ ڪري سمھي رھہ.“ ماڻس ھاڻ ڪڪ ٿيڻ لڳي.
”امان ڀلا ھي سونا ڪونھن ڇا؟“ ساران کي وري ھاڻ ٻئي الڪي اچي ورايو.
”ٻڌايو ڪونہ ھو مان تہ آھي نقلي آھن نقلي، سون جا ايترا مھانگا آھن جو پڻهين بہ نٿو وٺي سگھي!“
”پوء جيڪي سونا ايرنگ ھوندا آھن، اھي ڪير وٺندو آھي؟“
”سون اميرن لاء ھوندو آھي ۽ نہ غريبن لاءِ....“ ساران جي ماءُ ڪجھ گھڙي ماٺ ٿي وئي پر وري حسرت ڀرئي لھجي ۾ چوڻ لڳي ”۽ غريبن لاءِ اھو نقلي سون ھوندو آھي جنھن مان تنھنجا ايرنگ جڙيل آھن.“
”اھو ڇو، ڀلا؟ سون رڳو شاھوڪار ٿا وٺي سگھن ، ڀلا اھو سون اسين ڇو نہ ٿا وٺي سگھون ؟“
”ان ڪري جو اسين غريب آھيون ۽ سون نہ ٿا خريد ڪري سگھون؟“
”پوء ڀلا اسان غريب ڇو آھيون؟“
”ان ڪري جو الله سائين اسان کي غريب ٺاھيو آھي.“
”الله سائين ڀلا غريب ڇو ٺاھيا آھن؟“
”ھاڻي مٿو نہ کاء ، ماٺ ڪري سمھي رھ!“
ماڻس ساران جي جک کان ڪڪ ٿي چڪي ھئي. پريان ساران جو پيءُ، ماءُ ۽ ڌيءَ جون ڳالھيون ٻڌي رھيو ھو. هيستائين ماٺ ھو، پر جوڻس جي جنڊ ڇڏائڻ واري وراڻيءَ تي ڳالھائڻ کان رھي نہ سگھيو.
”الله سائين غريب ان ڪري ٺاھيا آھن جو امير ماڻھو خيرات ڏئي ثواب حاصل ڪري سگھن!“
پر ساران پيءُ جي وراڻي اڻ ٻڌي ڪري پنھنجا سادا سودا سوال پڇندي رھي.
”امان، ڀلا عيد ھر مهيني ڇو نہ ٿي اچي؟“
”پوء ماڻھو کي ٻارھوئي روزا رکڻا پوندا!“
”اھو ڇو؟“
”اھو ان ڪري جو روزا رکبا آھن تڏھن تہ عيد جون خوشيون ماڻبيون آھن. عيد تہ روزي وارن لاء ايندي آهي.“
”عيد نہ رڳو روزي دارن لاء پر بي روزائتن، اميرن، شرابين، رشوتن، ڦورن، ظالمن ۽ ھر مسلمان لاءِ ايندي آھي.“ ساران جي پيءُ کان وري رھيو نہ ٿيو.
”۽ عيد ان ڪري بہ ايندي آھي جو ٻارن کي خرچي ملي. ھا نہ بابا“
ساران پيءُ جي ڳالھين کي نہ سمجھندي ڄڻ سار ڏيکاريندي ٻڌايو تہ ھو عيد جي خوشين ماڻيندڙن ۾ ٻارن کي وساري ويو آھي.
صبح جو عيد ھئي. ساران ۽ مقبول ايترو سوير رڳو عيد جي ڏينھن اٿندا ھئا ۽ ترت تيار ٿي ڪلاڪ رڳو ويٺا رھيا جيسن پيءُ اٿي، وھنجي سھنجي تيار ٿئي. مقبول کي اڄ صبح جو پاڻي ڀرڻو نہ ھو ھن اڳيئي رات جو دير تائين پاڻي ڀري صبحڪي ڪسر پوري ڪري ڇڏي ھئي_ نماز تي پيءُ سان گڏجي ويا. ساران جي ماءُ سَيون ٺاھي رکيون ھيون تہ ٻار نماز تان اچي کائي پوءِ ويندا. ھن ڏاڍي اڪير سان اھي سَيون ٺاھيون ھيون پر جڏھن ٻار نماز تان موٽيا تہ گھر ھڪ منٽ بہ نہ ترسيا ۽ ماڻس کين کائڻ لاءِ رڙيون ڪنديرھجي ويئي.
”اڙي ايترو جلدي ، سَيون تہ کائيندا وڃو.“
”نہ امان دير ٿي ويندي.“ مقبول پنھنجي تڪڙ لڪائي نہ سگھيو.
”امان ھتي تہ رڳو سَيون آھن ٻيو ڇا آھي، صاحب جي گھر تي سيرو ، شير قورمون، مٺايون، جليبيون، بسڪوٽ، کٽمٺڙا ۽ ڏاڍيون سٺيون شيون ھونديون آھن.“ ساران پنھنجي معصوماڻي لھجي ۾ چيو.
"”۽ ھا اما اتي وري گھڻا ميوا رکيا ھوندا آھن ، اصل ٽوڪرا ڀريل؛ ڪيڪ پيسٽريون بہ ! مقبول ساران جي ڳالھ کي ڳنڍ ڏيندي چيو.
ساران جي ماءُ مڙس ڏانھن نھاريو ۽ شڪايت واري لھجي ۾ چوڻ لڳي:
”ٻارن کي ڏسو عيد جي ڏينھن بہ گھر نہ ٿا کائين ۽ ٻاھر ٻين جي گھر ڌڪا کائڻ ڀڄندا ٿا وڃن.“
”عيد شايد ان ڪري ايندي آ ھي جيئن امير اھو باور ڪري تہ هو ڪيترو امير آهي ۽ غريب کي اهو احساس ٿئي تہ ھو ڪيترو غريب آھي! ٻارن جو ڇا آھي ٿوري دير کان پوء اسين غريب بہ اميرن جي گھرن تي ڌڪا کائڻ وينداسون“ ساران جي ماءُ کي مڙس جي اھاڳالھہ خراب نہ لڳي، ھن کي اھو محسوس ٿيو تہ شايد ساران جي پيءُ جون ڳالھيون سچيون آھن ۽ ھوءَ غلط ھئي ”ٻڌ مقوءَ ماءُ عيد ملڻ جو بہ دستور اٿئي تہ ننڍو ماڻھو وڏي ماڻھو سان عيد ملڻ ويندو ۽ غريب وري عيد جي ڏينھن وڏي ماڻھوءَ سان عيد ملندي ائين محسوس ڪندو آھي ڄڻڪ ننڍ وڏائي جو ويڇو پل کن لاء ختم ٿي ويو آھي ۽ هو بہ وڏي ماڻهوءَ برابر اچي ويو آهي ۽ وڏو وري ان ۾خوش تہ ھن وٽ ڪيترا نہ ماڻھو عيد ملڻ اچن ٿا.“
پر ٻار پيءُ جي ڳالھ ٻڌڻ کان اڳ گھران نڪري چڪا ھئا ٻاھر جڳ ئي ٻيو لڳو پيو ھو. خوشيون ۽ شادمانا،رستن تي ٻاھر نڪري آيا ھئا. وڏا ننڊا امير غريب سڀئي ھڪ ئي رنگ ۾رڱيل ھئا. رستن تي ڪئي ھرکڻ جا ھنڌ ھئا،ڦرموٽيون ڦوڪڻا، توتاڙيون، رانديڪا الائي ڇا ڇا ھو، پر مقبول ۽ ساران انھن سڀني کان بيخبر اڳتي وڃي رھيا ھئامقبول ساران کي ٻانھن کان ڇڪيو تکيون وکون کڻي رھيو ھو.
ھو ھڪ گھٽي مان ٻي گھٽي ۾ ٿيندي وڏي رستي تي اچي نڪتا ھئا. جتي موٽرون رڪشائون زوزاٽ ڪيو پي ويون ايتري تہ گپا گيهه لڳي پئي ھئي، جو ھلڻ ڏکيو لڳو پيو ھو ۽ رستو پار ڪرڻ لاءِ تہ وڏي جاکوڙ ڪرڻي ٿي پئي.
”خدا ڪري اڄ صاحب وٽ گھڻا ماڻھو اچن تہ گھڻي خرچي ملي!“ ساران چوڻ لڳي
”بابا پئي چيو تہ صاحب اڳي کان بہ وڏو آڦيسر ٿي ويو آھي بابا اھو بہ پي چيو تہ ماڻھو جيڏو وڏو آڦيسر هوندواوترا ماڻهو وڌيڪ وٽس ايندا.“ مقبول ٻڌائڻ لڳو.
”خدا ڪري تہ بابو بہ وڏو آڦيسر ٿئي ھن وٽ بہ ماڻھواچن ۽ اسين پنڌ ڪرڻ کان ڇٽي پئون!“
”بابا ڪڏھن بہ آڦيسرڪون ٿيندو.“
”اھو ڇو؟“
”ڇو جو بابا ننڍو ماڻھو آھي.“
پر ساران کي اھا وراڻي سمجھہ ۾ ڪونہ آئي.
”پر با با تہ صاحب کان بہ وڏو آھي، بابا جو مٿو نہ ڇت سان ٿو لڳي، ۽ صاحب تہ بنھن پتڪڙو آھي!“
”اڙي بابا تہ قد ۾ وڏو آھي ھونئن ٿوروئي وڏو آھي.“
ساران اھو ٻڌي ماٺ ٿي وئي پوء ڪجھ سار آيس ۽ چوڻ لڳي ”۽ ھو جو وڏيرو آھي نہ ، جتي چاچا گلڻ ڪم ڪندو آھي، ھو آفيسر ڪونھي ۽ پڙھيل بہ ڪو نھي تہ پوء ھو وڏو ماڻھو ڪيئن ٿيو؟“
”ھو زميندار آھي نہ ھن وٽ زمينون آهن.“
”بابا بہ وڏيري وانگر زمينون وٺندو.“
”وڏيري زمينون خريد ٿوروئي ڪيون آھن، اھي تہ سندس پيءُ وٽان مليون آھن.“
”۽ هن جي پيءُ وٽ اهي زمينون ڪٿان آيون؟“
اھي زمينون الله سائين ڏنيون ھوندن.“
”الله سائين ڇو ٿو ڪري ڀلا!“
”الله سائين جي مرضي آھي.“
”الله سائين جي اھڙي مرضي ڇو ٿيندي آهي؟“
”امان ڪونہ پئي چيو تہ الله سائين جي ڳالهين جي وچ ۾ نہ پئبو آھي، اھو وڏو گناھہ آھي ٻڌئي چري.“
مقبول گناھہ جو ڊپ ڏئي ساران کي ماٺ ڪرائڻ چاهيو ماڻس بہ ائين ماٺ ڪرائيندي ھئي
”چڱو ڀلا بابا تہ وڏو ماڻھو نہ ٿيندو پر تون تہ ٿيندين نہ ! پوء مون کي گھڻي خرچي ڏجانءِ“
”نہ ساران مان وڏو ماڻھو نہ ٿيندس مان تہ اسڪول ئي ڪونہ ٿو وڃان.“
”پوءِ وڃين ڇونہ ٿو؟“
آئون اسڪول ويندس تہ مزوري ڪير ڪندو پاڻي ڪير ڀريندو ؟
ساران ڪجھہ بہ نہ سمجھندي بہ چپ ٿي وئي ھئي.
رستي تي وڌندڙ ٽرئفڪ ۽ سندن هلڻ جي تکي رفتار ھنن جي ڳالھين کي ختم ڪري ڇڏيو ھاڻي ھو چوسول وٽ پھچي چڪا ھئا چوسول وٽ ٽريفڪ چئوڻي ھئي جيئن صاحب جي گھر ويجھو پوندا ٿي ويا تيئن ھنن جي وک اڃا ن تکي ٿيندي ٿي وئي چوسول کي پار ڪرڻ عيد جي ڏينھن سولو ڪم نہ ھو مقبول نظر ڦيرائي پريان ايندڙ موٽر اڃان بہ پري ھئي.
صاحب جي گھر پھچڻ جي جلدي ھنن کي رستي پار ڪرڻ جو فيصلو ڏئي ڇڏيو. رستو پار ڪندي ڄڻ تہ ٻئي دماغ گڏ سوچي رھيا ھئا. مقبول ساران کي ٻانھن کان جھلي تکائيءَ سان رستو اڪرڻ لڳو ۽ ساران مقبول جي ھٿ کي جھليو، ان جي پويان ڊوڙندي پئي آئي. تڪڙ ۾ ساران جو ھٿ ڇڏائجي ويو مقبول ٿورو تر سيو پر موٽر کي ويجھو ڏسي اتي ترسڻ ھن لاء اڻ ٿيڻ ھو. ھو موٽر کان بچڻ لاءتکو ٻيءَ پر پھچڻ لاءِ ڊوڙڻ لڳو.
چيڪاٽ ٿيا بريڪ لڳي ويا ٺڪاء جو آواز ٿيو ۽ ڪو اڇلجي وڃي پري ڪريو.
”ساران!“ مقبول کان رڙ نڪري وئي موٽرون رڪشائون بيھي ويون ماڻھو ڪريل ٻار ڏي ڊوڙڻ لڳا،
ٽرئفڪ روڪ ٿي وئي___ ھر طرف کان آواز اچڻ لڳا.
”ڙي ڪنھن موٽر کي روڪيو!“ ڪنهن رڙ ڪئي.
”بچي وئي!“ ڪنھن ٻئي جو آواز آيو.
موٽر وارا تہ انڌا ٿيو ٿا ھلائين ٽيون آواز آيو.
”اسپتال کڻائي وڃوس“ ڪنھن صلاح ڏني.
ساران جا ڪپڙا رت ۾رڱجي ويا ھڪ ماڻھو ساران کي ھنج ۾کنيو ۾کيس موٽر ۾ويھاريو مقبول بہ پويان ڀيڻس کي پڪاريندو ھليو آيو ۽ ھو ساران جون اکيون بند ڏسي سڏيندو رهيو هن رڳو هڪ ڀيرو ساران کان وراڻي ٿي گھريو ساران جو وراڻي حياتي جو ثبوت ڏي ھا.
”ماٺ ڪر بابا ھوءَ بيھوش آھي، ھوءَ اکيون نہ کوليندي“ ان ماڻھو چيو.
پر مقبول کي پڪ ھئي تہ ساران جا ڳندي ھن ماٺ نہ ڪئي.
”ساران! منھنجي پياري ادي اکيون کول نہ ، ھل نہ ھل تہ عيد جي خرچي وٺڻ ھلون عيد جي خرچيءَ مان ايراينگ وٺنداسون، ڏس ھن پيري مان پنھنجي عيد جي خرچي بہ توکي ڏيندس، ڀلي گھڻا ايرينگ وٺجانءِ ھاڻي اکيون کول نہ عيد جي خرچي ملڻ واري آھي. عيد جي خرچي جام ملندي“ ھن وري زور سان ٻہ ٽي ڀيرا چيو. عيد جي خرچي ساران، عيد جي خرچي!، مقبول جو آواز وڌندو ويو ساران ۾ چرپر پيدا ٿي ھوريان ھوريان اکيون کولڻ لڳي، اکين جا پنبڻ مٿي ٿيڻ لڳا ھن پنھنجا چپ چوريا ۽ ڪجھہ چوڻ جي جاکوڙ ڪرڻ لڳي تمام جھيڻو آواز آيو.
”عيد مبارڪ“ ھوء ھميشه صاحب جي گھر ائين چئي عيد جي خرچي وٺڻ مھل ڪندي ھئي، ھن پنھنجو ھٿ وڌائي تِري کولي پر ھن جو ھٿ ڍرڪي پيو ۽ڪنڌ لڙڪي پيو ۽ سندس چپ اڌ کليل رھجي ويا.

پنهنجو پنهنجو غرض

ھونئن تہ آئون آفيس ۾ ڪلاڪ اڌ دير سان ئي ايندو آھيان، پر اڄ گھڻو دير سان اچڻ بنھ قدرتي ڳالھہ ھئي.
ڪالھ ئي مئنيجنگ ڊائر يڪٽر پنھنجو دورو پورو ڪري واپس موٽي ويو ھو . ھو آيو تہ ھتي ٻن ڏينهن لاء ھو پر منهنجي جيڪا حالت ٿي ھئي ائين ٿي لڳو تہ آئون ڪو ساندھ ٻہ سال رڌو رھيو ھوس. اصل ۾ منهنجي رڌائپ تہ ان ڏينهن کان شروع ٿي ھئي جڏھن پندرنھن ڏينهن اڳي ايم ڊي جي دوري جو پر و گرام آيو ھو فيڪٽرين جون وزٽون، چيمبر آف ڪامرس طرفان لنچ، بئنڪرز ائسوسي ايشن طرفان ائٽ ھوم ۽ الائي ڪھڙا ڪھڙا پروگرام رٿڻا پيا. ڪنھن کي ڪا مھل ٺھڪي تہ ڪنھن کي ڪا مس مس وڃي شيڊول تيار ٿيو هو.
اڄ ڪافي دير سان پھتو ھوس، پر ان جو ڪو الڪو ڪونہ ھو. يارنهن ٿي چڪا ھئا پر ان جو ڪو احساس ئي ڪونہ ھو جڏھن بہ ڪا انسپيڪشن يا اھي مصيبت جا دور پورا ٿيندا آھن تہ ٻئي ڏينھن ھرڪو آرام سان ايندو آھي ۽ ماحول مان اھا ڇڪتاڻ گم ھوندي آھي جا صاحبن جي اچڻ ڪري پيدا ٿيندي آھي. اھوئي ڪارڻ ھو جو اڄ بئنڪ جي ماحول ۾ ھڪ ڍرائي ھڪ سڪون ھو ان جو ثبوت پي.اي جي دير سان اچڻ مان بہ ظاھر ھو. ھونئن آئون جيئن ئي ڪرسيءَ تي ويھندو آھيان تہ پي.اي ھڪدم ٻڌائيندو آھي تہ ڪير ڪير آيو ۽ ڪٿان ڪٿان فون آيو. پر اڄ ”انٽر ڪام“ جي سيٽي ڪافي دير کان پوءِ وڳي. مون بٽڻ دٻايو.
سر ھيڊ آفيس مان ”اينڊ يوز ڊپارٽمينٽ مان رضوي ”
صاحب فون ڪيو ھو ”رڪوريءَ“ جي ليٽيسٽ پوزيشن پڇي آٿس. ٻيو فون چوڌري ڪرم الاھيءَ جو ۽ ٽيون فون نواب حشمت علي خان جو ھو.“ پي.اي اڙدوءَ ۾ مون کي ٻڌايو. اسين بئنڪ ۾ اڙدوءَ ۾ ئي ڳالھائيندا آھيون. بئنڪ ۾ پٽيوالي کان وٺي مون تائين، اھا ئي ٻولي ھلندي آھي.
”ٻڌ خان، احتشام کي چئو تہ ”اسٽيٽمينٽس“ تيار ڪري وٺي ۽ نواب صاحب وٺي ڏي“ مون چوڌري
ڪرم الاهيءَ جي فون کي ڌيان ۾ نہ آندو. ھو اسان جي بئنڪ جو مقروض ھو. لوڙ ھوندس تہ پاڻيھي فون ڪندو،نہ تہ اسين مقروضن کي لفٽ نہ ڏيندا آھيون.
”پر سر، نواب صاحب جن فرمايو ھو تہ پاڻيھي وري فون ڪندا.“
نواب حشمت علي خان جو نالو ٻڌي سوچڻ لڳس. اڃا ڪالھ ئي تہ نواب صاحب سان ملاقات ٿي ھئي ايم.ڊي جي شان ۾ لنچ جھلي ھڻائين ۽ وري اڄ سندس فون آيو ھو. سندس ڪھڙو ڪم ھوندو؟ ڪارخانو لڳائڻو تہ ڪونھيس جو قرص کپندو ھوندس يا ٿي سگھي ٿو ڪنھن کي ڪا
نوڪري ڏيارڻي ھجيس اسان بئنڪرن؟؟؟ ۾ انھن ڪمن کان سواء ٻيا ڪھڙا ڪم پئجي سگھن ٿا. ان باري ۾ سوچيندو رھيس.
نواب حشمت علي خان جي شڪل اکين اڳيان ڦرڻ لڳي. مون کيس گھڻن سالن کان پوءِ ڏٺو ھو. جھڙو سندس نالو ھو، تھڙي ھئس حشمت، رعب ۽ دٻدٻو پر ھاڻي ڪجھ عمر ڪارڻ ڍرڪي ويو ھو. پر تڏھن بہ سندس شاندار ماضيءَ جا اهڃاڻ سندس شخصيت مان بکي رھيا ھئا پھرين تہ ايترو بندرو ڪونہ لڳندو ھو پر ھاڻي پيٽ نڪري اچڻ ڪري بندرو پي لڳو. شيروانيءَ ۾ تہ ويتر وڌيڪ ٿلھو پي لڳو. اھڙي ئي چمڪدار شيرواني پيل ھئس، جھڙي اڳي پائيندو ھو. شيرواني ماڻھوءَ جا اڇا ڪارا پڌرا ڪري ڇڏيندي آھي. ماڻھو جو ٿورو پيٽ ڀرجي تہ ڦاٽ کايو وجھي.
نواب صاحب کي پاجامو بہ ساڳيوئي پيل ھو. نواب صاحب سدائين چوڙيدار پاجامو پا ئيندو ھو ۽ پير ۾ سليم شاھي جوتو. نواب صاحب پان بہ دستور وانگر ئي چٻاڙي رهيو ھو. مون ڪڏهن بہ نواب صاحب کي پان کان سواءِ نہ ڏٺو سندس ماڻھو پان دان سان سدائين موجود ھوندو ھو. سندس ڳاڙھا ڳاڙھا ڏند بہ ڇڊا ٿي چڪا ھئا، البت رنگ ۾ ڪارا پئي لڳا. ھڪڙو فرق سو ڏٺم تہ نواب صاحب جون مڇيون پھرين کان گھاٽيون ۽ وڏيون ٿي لڳيون تنھن کان سواء ڪاريون بہ نواب صاحب شايد ڪيس لڳائڻ شروع ڪيو ھو سندس مٿي جا وار بہ کسي ويا ھئا، پر جيڪي بہ باقي بچيل ھئا سي بہ ڪارا ٿي لڳا. وارن کسڻ جو رڳو مون اندازو لڳايو ھو باقي اڳي مون ڪڏھن بہ نواب صاحب کي بنا ٽوپيءَ نہ ڏٺو ھو. سدائين جناح ڪئپ پيل ھوندي ھئس. سندس ٻاچ ۾ پيل ٿلھي مھر واري منڊي اڄ بہ موجود ھئي ان منڊيءَ کي آئون ڪڏهن بہ وساري نہ سگھندس، جو ان منڊيءَ ۾ جيڪو پٿر يا ڌاتو ھو، ان تي عربي ۽ فارسيءَ ۾ ڪجھہ ٻول لکيل ھئا بلڪل ائين جيئن پراڻن سڪن تي ھوندا آھن. سائيز ۾ بہ انھيءَ منڊيءَ جي ٽڪ تمام وڏي ھئي ۽ ڏسندڙ جو اڻڄاڻائيءَ ۾ بہ ڌيان ڇڪائيندي ھئي. ڪاليج ۾ ڊبيٽ ۾ جڏھن چيف گيسٽ ھو تہ اسٽيج تي ساڻس گڏ وھڻ ڪري ھڪ ڀيرو موقعو وٺي پڇيوھو مانس تہ ٻڌايو ھئائين تہ: اھا سندس موروثي مھر آھي، جي سندس
ابا ڏاڏا پنهنجي رياست ۾ جڏهن فرمان جاري ڪندا ھئا تہ اھا مھر ھڻندا ھئا ۽ اھڙي ساڳي مھر واري منڊي سندس ونيءَ جي آڱر ۾ پيل آھي. سڄي گھراڻي ۾ رڳيون ٻہ منڊيون آھن. ڪالھ ماني تي نواب صاحب ايم.ڊيءَ کي ڀاڪر پائي مليو. پراڻي ياري ھئن. ھندستان ۾ آگري ۾ گڏ پڙھندا
ھئا سندن ملڻ جي جي بي تڪلي جي انداز مان سندن گھرائپ جو پتو ٿي پيو اھوئي ڪارڻ ھو جو ايم.ڊيءَ پنھنجي پروگرام کي ھيٺ مٿي ڪري بہ نواب صاحب جي دعوت قبولي ھئي. نواب صاحب کي چيمبر آف ڪامرس جي ڊنر جي ڪارڊ مان پتو پيو ھو تہ ايم ڊي دوري تي اچي رھيو آھي، ان ڪري کيس سڌوسنئون ھيڊ آفيس ۾ فون ڪري مانيءَ جي دعوت ڏني ھئائين ۽ا يم ڊيءَ ٽيڪسٽائيل مل اونرزائسوسيئيشن جي لنچ ڪئنسل ڪري نواب صاحب جي لنچ قبول ڪئي
ھئي. مون کي اڃا تائين ايم ڊيءَ جا ٻول ياد آھن: ”نواب صاحب منھنجو جھونو دوست آھي، ان جي دعوت کائڻي پوندي. ڪا ٻي دعوت ڪئنسل ڪري ٻہ ٽائم ڪڍ ۽ پوءِ لاچار ٽيڪسٽائيل مل اونرز جي دعوت ڪئنسل ڪرائي ھئم جيتوڻيڪ ملن وارا ھمراھ ڪاوڙ جي پيا ھئا پر مون لاءِ ٻي ڪا واھ ڪانہ ھئي.
جڏھن اسين نواب صاحب جي گھر پھتا سون تہ ايم ڊي منهنجي واقفيت ڪرائيندي نواب صاحب کي چيو، ”ڀائي حشمت“ ھي آھي اسان جو زونل مئنيجر رشيد.“ ايم.ڊي منهنجو اڌو گابرو نالو وٺي ڪجھہ پنهنجائپ ۽ ڪجھ رعب ڏيکاريو.
”محمود“ ايم ڊي جو نالو وٺندي نواب صاحب چيو ”ھي تہ پنھنجو ڇوڪرو آھي.“ وري مون ڏانهن رخ ڪندي چوڻ لڳو ”ڪيئن آھين انصاري“ نواب صاحب جي انھيءَ بي تڪلفيءَ منهنجو ايم. ڊيءَ اڳيان مان وڌائي ڇڏيو نواب صاحب سان منهنجي واقفيت ڪاليج جي زماني کان ھئي جڏھن آئون يونين جو جنرل سيڪريٽري ھو ندو ھوس نواب صاحب نھايت با قاعدگيءَ اسان جي ھر فنڪشن ۾ پنهنجي بيگم صاحبہ سان گڏ ايندو ھو نواب صاحب جوشان ۽ دٻدٻو ئي ٻيو هو ٻہ ڪارون ھونديون ھئس سدائين چار پنج ڄڻا گڏ ھوندا ھئس. اخبارن ۾ سدائين سندس بيان ۽ فوٽو ڇپجندا رھندا ھئا.
سندس گھر، گھر نہ ھو پر محل ھو. ڪنھن ھندو سيٺ جو کيس الاٽ ٿي مليو ھو. اھو محل ھن ڪليم ڀري حاصل ڪيو ھو. خانداني ماڻھو پري کان پڌرو.
ڪالھوڪي لنچ ۾ محل جي شاندار سجاوٽ ڏسي حيران ٿي ويو ھوس. آئون شايد ھن پا سي ڪافي عرصي کان پوءِ آيو ھوس سندس محل شھر جي اھڙي پاسيري حصي ۾ آھي، جو اتان لنگھڻ بہ ڪونہ ٿئي. محل جي اندر تہ آئون اڃان بہ گهڻي وقت کان پوءِ آيو ھوس. آخري ڀيرو مان تڏهن ويو ھوس، جڏهن نواب صاحب عيد ميلادالنبيءَ جو جلسو ڪيو ھو. ٻين تہ وڃي بنگلن تي بنگلا الاٽ ڪرايا ھئا پر نواب صاحب ھڪ ئي گهر تي صبر ڪيو ھو نواب صاحب مون کي پاڻ ٻڌايو ته؛ امروھا ۾ سندس ٻہ حو يليون ھيون ۽ تنھن کان سواءِ دھليءَ ۾ لکنو ۾ ھڪ ھڪ بنگلو ھو“ جتي وزير ۽ گورنر اچي مھمان ٿيندا ھئا.
ائين لنچ تي الائي ڇا ڇا سوچيندو رھيس.؟ نواب صاحب جي ھڪڙي ڳالھ مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو. نواب صاحب جي اھا سا ڳي وضح ھئي ڳالھ ڳالھ تي ٽھڪ،
ڳالھ ڳالھ ۾ شعرتي شعر سندس جملن ۾ اھو ساڳيو چڀندڙ انداز مون کي اڃا تائين ياد ھو. نواب صاحب جي طور طريقن ۾ ٿورو ٻہ فرق ڪونہ ھو سندس ان طبحيت مان سندس خانداني عظمت بکي رهي ھئي.
ماني کا ئيندي نواب صاحب پاڻ ايم.ڊيءَ کي منھنجي باري ۾ٻڌائيندي چيو مان ”ھن کي ننڍپڻ کان سڃاڻان، ڏاڍو سلڇڻو ڇوڪرو آھي.“ نواب صاحب ايم.ڊي اڳيان منهنجي واکاڻ ڪري مون کي اڃا بہ احسانمند ڪري ڇڏيو وري مون کي مخاطب ٺي چوڻ لڳو ”انصاري مون کي تہ خبرئي ڪونہ ھئي تہ تون ڪو ھتي آھين؟“
جي نواب صاحب سال کن ٿيو آھي فرسٽ پروموشن آھي، مون ايم ڊيءَ جي خوشامد ڪندي چيو، “محمود صاحب جن جي مھرباني آھي جو توھان مون کي ھتي ڏسي رھيا آھيو.“ آئون دل ئي دل ۾ نواب صاحب جا احسان مڃڻ لڳس جنهن منهنجي ايم ڊي اڳيان پنهنجائپ ڏيکاري منهنجي ساک وڌائي ڇڏي.
نواب صاحب جي ماني هونءَ تہ لا جواب ھئي، پر منجھس مرچ البت نکا ھئا ان ڪري گرانھن گرانھن تي پاڻي پيڻ ڪري پيٽ جلدي ڀرجي ويو. مانيءَ کان پوءِ ڪچھريون ڪندي پاڻ کائيندي ڪافي وقت ٿي ويو. مون ايم ڊيءَ کي ياد ڏياريو تہ مل ۾ ”وزٽ“ جو ٽائيم چئين وڳي جو ھو.
ايم ڊي متل محفل ڏسي مون کي چيو تہ فون ڪري ٻڌائي ڇڌيان تہ پنجين ڌاري پهچنداسون منهنجي ويچار ۾ تہ فون ڪرڻ جي لوڙ ڪانہ ھئي، جو ھو مل ۾ تيستائين ويٺا ھوندا، جيسين اسين نہ پھچنداسون سندن مل ھليئي اسان جي قرض تي پيئي پر ايم.ڊيءَ جي چوڻ ڪري لاچار فون ڪرڻ اٿيس تہ نواب صاحب چيو، فون تہ ٽن ڏينهن کان خراب آھي، گذريل ھفتي برسات پئي ھئي ”ڪمپلينٽ“ ڪري ڪري ٿڪجي پيا آهيون ڪمبخت چون ٿا لائين ۾ پاڻي سمي ويو آھي، ٻہ ٽي ڏينھن لڳندا. ڀائي ھنن ٽيليفون وارن سان خدا تہ پڄي!،
”جي تہ اھا ڳالھ آھي، مون پاڻ اوهان کي فون ڪرڻ جي ٻہ ٽي ڀيرا ڪوشش ڪئي، پر ھر ڀيري انگيج پئي لڳو.“
وري ايم ڊي ڏانھن منھن ڪندي چيم، ڪا ڳالهه ڪانهي سر، ھو اسان جو اوسيئڙو ڪندا.“ مون معني ڀري مرڪ سان ڳالهه ڪئي. ايم ڊي بہ دل ۾ سمجهي ويو ھوندو تہ قرض ورتو اٿن ۽ اڃا بہ وٺڻو اٿن، سو اوسيئڙو ڪيئن نہ ڪندا.
جڏهن موڪلائڻ لڳاسون تہ نواب صاحب ويندي ويندي مون کي چيو انصاري، ايندو ڪرنہ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجوگھر اٿئي، نواب جي پنهنجا ئپ وارن انھن جملن اڃا بہ مون کي سندس قدر دان بڻا ئي ڇڏيو. دروازي تي مو ڪلائيندي مھل جڏھن ھٿ ملايو مانس تہ سندس مھر واري منڊي وري اکين اڳيان اچي ويئي، جا نواب صاحب جي مخصوص نشاني ھئي.
سندس اھي موڪلائڻ وقت چيل پنھنجائپ وارا جملا منهنجي ڪنن ۾ پڙاڏجن لڳا ۽ نواب صاحب مون کي اڄ ئي فون ڪيو ھو. سندس فون مون ۾ اڻ تڻ پيدا ڪري ڇڏي ھئي پھرين تہ ويچار آيو تہ آئون پاڻ فون ڪريانس پر پاڻ چيو ھئائين تہ ھو پاڻ فون ڪندو، ان ڪري فون ڪرڻ جي جرئت نہ ڪيم. نواب صاحب سان هڪ قسم جو لاڳاپو پي محسوسس ڪيم. پنھنجائپ هي لڳم.
مون وٽ ان وقت ٻہ ملاقاتي ويٺا ھئا جڏھن نواب صاحب جو ٻيھر فون آيو.
”ھلو، انصاف دس سائيڊ.“
”ھا ڀائي آئون آھيان نواب حشمت علي خان.“
”اسلام عليڪم نواب صاحب“
”وعليڪم سلام ھن دل مان آواز ڪيڍو.
”حڪم نواب صاحب“
”ڀائي حڪم وڪم ڪونھي، ھڪ ڪم آھي، سندس آواز ۾ اھوئي رعب ھو. ”اصل ۾ تہ مون کي خوشي ٿي آھي تہ ھن شھر ۾ پنھنجا بہ موجود آھن، ميان محمود تہ ڏاڍو تومان خوش آھي“
ايم ڊيءَ جو نالو ٻڌي پھرين گھٻرايس، پر پوءِ خوشي بہ ٿي تہ منهنجي واکاڻ جڏهن نواب صاحب ڪئي ھوندي تہ ڪم اڃا بہ پڪو ٿيو ھوندو.
”نواب صاحب اوھان جي وڏي مھرباني جو اوھان مون کي پنهنجو ٿا سمجهو، اھي منھنجا ڀاڳ آھن.“
نہ پٽ، ان ۾ ڪا مھرباني جي ڳالهہ ڪا نھي. تونپنهنجو آھين ۽ خانداني ماڻھو آھين. توکي پنهنجو سمجهي ئي تہ فون ڪيو اٿم اصل ۾ ڳالهہ اھا آھي تہ ھڪ ڇوڪرو آھي، خانداني، خانداني ڇا پر اعلي خانداني. اڄڪلهه تہ ٽڻي ٽامٽي پيا جاوا ڪن. پر ھي نوجوان نھايت خوددار ۽ شريف آھي ۽ سخت لا چاري ھيٺ آھي. تو وٽان گھڻائي انڊسٽريلسٽ قرض کڻن ٿا انهن کي چئي ھن نوجوان جي چڱي چوکي مدد ڪري سگھين ٿو آئون پاڻ ھن جي مدد ڪندو رھندو آھيان پر ھن ڀيري ھن کي ڳچ رقم کپي، جو ڀيڻ جي شادي ڪرائڻي اٿس.“ آئون نواب صاحب جي ھن عجيب ڪم تي ڪجهه سوچڻ لڳس تہ ڪھڙي وراڻي ڏيان. نواب اڃا ڳالھائي رھيو ھو؛ ”پوءِ ھي ڪم اڄ سڀان ٿيڻ کپي.
ھن کي ڏاڍي ضرورت آھي مھل ئي اھڙي آھي.“
”جي، جي نواب صاحب بالڪل ڪوشش ڪبي آئون حاضر آھيان.“
سامھون ٻن ملاقاتين جي ھئڻ ڪري ۽ نواب صاحب جي ھن عجيب ڪم ڪري سوچ جواب ڏيئي رھي ھئي، تنھن ڪري چيومانس ”نواب صاحب“ ھينئر ڪجهه وزٽرس ويٺا آھن پوءِ آئون پاڻ اوهان کي فون ڪندس.“
”چڱو.“ ۽ ھن فون رکي ڇڏيو.
ٿوري دير کان پوءِ ملاقاتي ھليا ويا. آئون ڪجهه سوچڻ لڳس ڪجهه دير تائين ڪرسيءَ تي سانت ويٺو رھيس. بيل وڄايم پٽيوالو اندر آيو. اخبارون ۽ سگريٽ جو پاڪيٽ کنيم ۽ پٽيوالي کي بريف ڪيس کڻڻ لاءِ چوڻ وارو ھوس تہ ويچار آيم تہ لنچ تي پيو وڃان موٽي اچڻو آھي جيتوڻيڪ
بک مري چڪي ھئي پٽيوالي کي چيم، ”بس ٺيڪ آھي، ڪجھ ڪونھي“ ڪرسي تان ڪوٽ کڻي پائڻ لڳس ۽ ٻاھر ھليو آيس رستي ۾ سوچيندو رھيس عجيب ڪم ھو.
ڪنھن ٻئي کان اھو بہ انڊسٽريلسٽن کان پئسا وٺي مدد ڪرڻ؛ ڪنھن اداري يا سوسائٽيءَ جي نہ پر ڪنهن ماڻهوءَ جي آخر نواب صاحب اھڙو ڪم مون کي چيو ھوندو تہ مون کي پنهنجو سمجهي. پر نواب صاحب ۽ ايم ڊي نواب صاحب جي معرفت منهنجي آزمائش تہ نہ ٿو وٺي تہ ڪٿي آئون ڪا رشوت تہ ڪونہ ٿو وٺان. انھيءَ ويچار ايندي ئي آئون گھٻر ائجي ويس. خدا حاضر ناظر آھي تہ مون ڪڏهن بہ رشوت ڪانہ ورتي آھي. باقي ڪجھ سو کڙيون ضرور قبول ڪيون اٿم، اھي بہ سنگت جي ڪري. ڪا پين ڪا واچ، اليڪٽرڪ شيور، ذهن ۾ مختلف شيون گھمي ويئون پر آھي شيون رشوت ڪونھن. آئون پنهنجي پاڻ کي آٿت ڏيڻ لڳس. اھي منھنجن دوستن پاڻ ڏنيون ھيون. اھي انڊسٽريلسٽ سدائين پيا ولائت وڃن، ڪا نہ ڪا سو کڙي وٺيو اچن. البت ننڍي ڀاءُ جي شاديءَ جو ويچار ايندي ئي پگھر اچي ويو. ان شاديءَ ۾ مڙئي پارٽين چڱو چوکو مال ڏنو ھو. پر خدا جو قسم، اھا رشوت ڪانھي. مون کي تہ پھرين تہ خبر ئي ڪانہ پئي تہ ڪھڙو مال ڏنو آٿن. مون پاڻ تہ ڪونہ چيو ھومان. پر پوءِ جڏهن گفٽ پئڪيٽ کليا تہ خبر پئي، مون پاڻ چيو ھومان تہ اھو مناسب ڪونہ ھو.
پر ھو مرڳو ئي دل ۾ ڪرڻ لڳا تہ مون کي اھو چوڻ نہ کپندو ھو. آخر سندن بہ سنگت ۾ ڪجھ حق هو. آهي به سچي ڳالھ، سيٺ احمد ڀائي کي تہ چوندوئي چا چا آھيان. چوڌري نورالاھي تہ اصل ڀائرن وانگر آھي. راجا احمد نواز بہ يار آھي. اھي ڳالھيون سوچيندو رھيس سمجھ ڪم نہ پئي
ڪري تہ ڇا ڪريان ڪٿي ايم ڊيءَ جو سچي اھو منصوبو نہ ھجي؛ منهنجا تہ لاھ نڪري ويندا پر نواب صاحب اھڙي منصوبي ۾ ڪڏهن شريڪ نہ ٿيندو. آئون تہ پاڻ نواب صاحب جي ڌاڍي عزت ڪندو آھيان. مون کيس ڪڏهن تڪليف ڪانہ ڏني آھي پوء ھو ڇو ان منصوبي ۾ شريڪ ٿيندو پر ڪجهہ دل کي پڪ نہ ٿي سگهي ٿو منصوبو سٽيو ويو ھجي. آخر تہ ايم ڊي ۽ نواب صاحب ننڍپڻ جا يار آھن. ان معامري ۾ مون ڪو جو کم کڻڻ خطري جي ڳالھ سمجهي ۽ فيصلو ڪيم تہ ڇا بہ ھجي، آئون نواب صاحب کي سڌو سنئون چئي ڇڏيندس تہ آئون انڊسٽريلسٽن کان پئسا نہ ٿو وٺي سگھان. اھو مون کان ٿيڻو ڪونهي. پر وري ويچار آيو تہ جي ڪو منصوبو نہ ھجي تہ پوءِ! ۽ نواب صاحب سچي پچي ڪنهن مستحق ماڻهوءَ کي امداد ڏياريندو ھجي ته! ۽ پوءِ منهنجي ننھڪر ڪٿي نواب صاحب کي خراب لڳي تہ! ۽ ڪٿي نواب صاحب انھي کي دل ۾ ڪري ڪڏهن ايم ڊيءَ وٽ منهنجي خلاف مٿاڇري يا معمولي شڪايت بہ ڪري وجهي تہ! ۽ ايم ڊيءَ
جي دل ۾ منهنجي لاءِ ويٺل سٺو ويچار تبديل ٿي وڃي تہ ھي جو مون محنتون ڪري، خوشامد ۽ چا پلوسي ڪري، مس مس پاڻ کي ان پوز يشن ۾ آندو آھي. سال ٻن ۾ تہ پروموشن بہ ڊيو ٿي ويندي. ڪٿي اھا معمولي ڳالهہ منهنجو آئيندو نہ خراب ڪري وجهي. پوءِ ڇونہ اھڙو طريقو ڳولجي، جو
لال بہ رکجي ۽ پريت بہ رھجي اچي. سوبيشڪ امداد ڪندس، پر انڊسٽريلسٽن کان پئسا وٺي نہ، پر پنهنجي کيسي مان .
گھر تائين پھچندي مسئلو ساڄي چڪو ھو. پريشاني بہ دور ٿي چڪي ھئي. مئل بک جيئري ٿي چڪي ھئي. مون کي آفيس موٽڻ ۾ ڪجھ دير ٿي ويئي ھئي. واپس پھتس تہ خبر پئي نواب صاحب ٺيڪ ساڍي ٽين وڳي فون ڪيو ھو. بھرحال مون کي ھاڻي الڪو ڪونہ ھو. ذھن تان بار لھي چڪو ھو.
ڏھين پندرهن منٽن کان پوءِ نواب صاحب وري فون ڪيو. ”معاف ڪجو“ مون چيو سانس مون کي اچڻ ۾ دير ٿي ويئي. ھڪ پارٽيءَ سان ملڻو ھو ڪوڙ ڳالهائڻ اسان بئنڪ وارن جي ھير بنجي ويندي آھي.
”ڪا ڳالهه ڪانهي دير سوير تہ ٿيندي ئي آھي.“
”نواب صاحب، معاف ڪجو ان مھل اوھان سان تفصيل سان نہ ڳالهائي سگهيس جو ڪجھ ماڻهو ويٺا ھئا.
اصل ۾ ڳالهه ھي آھي تہ آئون پنهنجين پارٽين کان ڪو ”فيور“ نہ وٺندو آھيان. اھو منھنجو اصول آھي، بس ھير بڻجي چڪي آهي.“ مون پنهنجي ايمانداريءَ جي ڌاڪ ويھاريندي کيس قائل ڪندي چيو ”پر نواب صاحب، ائين نہ سمجھو تہ ان سلسلي ۾ آئون اوهان جو حڪم نہ مڃيندس،
ان ڪري گذارش آھي تہ اوھان دل ۾ نہ ڪندا، آئون پنهنجي کيسي مان امداد ڪندس. ھونئن بہ مستحق ۽ گھرجائو ماڻھن جي امداد ڪرڻ اسان جو فرض آھي.“ آئون ڳالھائيندو رھيس: ”فلحال تہ ڪجھ گھٽ رقم آھي، ھزار کن رپيا، پر اوهان سان واعدو آھي تہ اڳتي بہ اھڙن خير جھڙن ڪمن ۾ مدد ڪندو رھندس.“ آئون ايترو ڳالھائي ھاڻي ماٺ ٿي ويس. فون جي ھن پاسي ڪجھه سانت رھي. منهنجي دل ۾ ان ڪجھ سيڪنڊن ۾ سانت ۾ ويچار جو طوفان لنگھي ويو ”ڇا منصوبو اسڦل ٿي ويو. ڇا رقم گھٽ آھي، نواب صاحب ان تي خوش نہ ٿيو.“ اڃا سوچ ۾ ھئس تہ نواب صاحب جو آواز آيو،
”نہ پٽ انصاري تنھنجي وڏي مهرباني. ڏس آئون توکي ڪا تڪليف ڏيڻ نہ ٿو گهران تون پنهنجو آھين، مون کي تنهنجي خبر آھي، مون حجت رکي توتي ڪم رکيو ھو، پر جي بندوبست نہ ٿوٿي سگھي تہ الڪو ڪونھي. تون تڪليف نہ ڪر.“ نواب صاحب جي لھجي ۾ ڪجهه پنهنجائپ ھئي سندس ان لھجي مون کي پيشيمان ڪري ڇڏيو مون نواب صاحب تي ھروڀرو شڪ ڪيو ھو تہ ھن ڪو منصوبو سٽيو آھي!
مون ھڪدم ڌڪ گھٽ رڙ ڪندي چيو، ”نہ نہ نواب صاحب، ائين ڪيئن ٿيندو. مون کي خوشي ٿيندي، جو آئون پنهنجي خوشيءَ سان ڏيان. مون کي دماغي سڪون ملندو جي مان ڪنهن گھرجائو جي ڪم ايندس.“
”نہ نہ انصاري تون بلڪل تڪليف نہ ڪر. چڱو خدا حافظ“ نواب صاحب فون رکڻ تي ھو.
”نہ نواب صاحب، توهان ڪو الڪو نہ ڪريو. ڇوڪري کي ھينئر مون ڏانهن موڪلي ڏيو. پڪ ڪريو مون لاءِ اھا رقم ڏيڻ ڪا وڏي ڳالھ ڪانهي. آخر ڪمايون ڇا جي لاءِ ٿا.“
”چڱو ڀلا تون پاڻ نيڪ ڪم ڪرڻ تي زور ڀرين ٿو تہ پوءِ ٺيڪ آھي. پر مون توکي ٻڌايو تہ نوجوان ڏاڍو خوددار آھي، اعلي خاندان جو فرد آھي.“
”توھان اصل ڪنھن ڳالھه جو الڪو نہ ڪريو. ساڄي ھٿ کان ڏبو تہ کاٻي هٿ کي خبر نہ پوندي“ مون کيس حديث ٻڌائيندي قائل ڪندي چيو، ”هونءَ بہ اسين بئنڪر اھيون، جي بئنڪر راز نہ رکي تہ بئنڪر ڪھڙو.“
”نہ نہ مون کي توهان تي ويساھ آھي. پر ڳالهه اھا آھي، جو ھن حالت ۾ ھو ڪنھن جي بہ منھن نہ ٿو پوڻ گهري. ڏاڍو حساس ۽ خوددار نوجوان آھي. وري بہ آئون پڇانس ٿو، ھو ھتي ئي ويٺو آھي.“ نواب صاحب پنهنجو منهن شايد مائوٿ پيس کان پرڀرو ڪيو، جو سندس ھلڪو آواز ٿيندو ويو: ”پٽ انصاري صاحب جن پاڻ پنهنجي کيسي مان توکي امداد ٿا ڪرڻ گهرن. تون وڃينس ۽ رقم وٺي اچ اصل الڪو نہ ڪر، انصاري صاحب پنهنجي ماڻهو آھي. بس ائين سمجھ تہ مون ۾ ۽ انصاري صاحب ۾ ڪو فرق ڪونهي.“ ڪجھ اھڙا ٻول ھئا جي ھري ٻڌڻ ۾ آيا ھئا.
ڇوڪري جواب ۾ ڇا چيو سوٻڌڻ ۾ ڪونہ آيو، يا ٿي سگهي ٿو اشارن ۾ چيو ھجي، پر وري نواب جي ڳالهائڻ مان سمجهيم تہ نوجوان ڪھڙو جواب ڏنو ھوندو: ”ابا تنھنجي مرضيءَ جي نہ ٿو منهن تي پوڻ چاهين تہ آئون ڇاٿو ڪري سگھان.“
نواب صاحب جي اڻ ڳالهه مان صحيح ڪيم تہ ھو ڇوڪرو پاڻ اچي امداد بہ وٺڻ لاءِ تيار ڪونهي ائون پاڻ کي وري ملا مت ڪرڻ لڳس تہ نواب صاحب کي الائي ڇا سمجھيو ھوم. ھو ويچارو مون کي پنهنجائپ ۾ مون کان نيڪ ڪم ڪرائي رھيو ھو ۽ آئون ھن تي شڪ ڪري رھيو ھوس. نواب صاحب مون کي مخاطب ٿيو، ”انصاري، ھو سخت شرمندو پيو ٿئي ھو ڪڏھن بہ مون کان سواء ڪنهن ٻئي در تي نہ ويو آھي. تون ھئين ڪر اھا رقم مون ڏانهن ڏياري موڪل تہ آئون پاڻيھي ڏيئي ڇڏيندوسانس يا چئو تہ آئون پنهنجو ماڻھو موڪلي رقم گھراڻي وٺان؟“
ھن نئين صورتحال مون کي وسوسن ۾ وجھي ڇڏيو. يعني آئون امداد بہ ڪريان ۽ مون کي اها بہ خبر نہ پئي تہ ڪنهن کي امداد ڏني اٿم. ھڪ پل ۾ الڳ الڳ ويچار ذھن ۾ ڊوڙي ويا. ھزار رپين جي يڪي امداد اھا بہ غائبانا طور! مون تہ ڪڏهن خيرات ۾ ڏھ رپيا بہ نہ ڏنا ھئا. زال البت زڪوات ۽ فطرو وغيرھ ڪڍندي رھندي آھي ۽ محرم ۽ شب برات ۾ خيراتون ڪندي رھندي آھي. آئون اڃان اھوسوچي رهيو ھوس تہ نواب صاحب مون کي مونجھاري مان عارضيءَ طرح ئي سھي ڪڍي ورتو. ”انصاري، آئون توکي وري فون ٿو ڪريان. تيار ڪري توڏانهن موڪليانس ٿو. گهرجائو آھي ڪيئن نہ ايندو.“
آئون ان نقطي تي سوچيندو رھيس. ھونءَ جي نواب صاحب مون کان ھزار رپيا اوڌارا بہ گھري ھا تہ ڪڍي ڏيانس ھا، ڪير آھي جو اڄڪلهه لڪي خيرات ڪندو ھوندو. خيرات ڪندڙ ۾ جو خود غرضي جو جزو ھوندو آھي، اھو مون تي بہ حاوي پوڻ لڳو. ماڻھو پنھنجي نالي ۽ عرت لاءِ ڇاڇا نہ ٿو ڪري. غريبن جو خون چوسي وري غربين لاءِ خير اتي اسپتال ٺھرائي، ان تي پنهنجو نالو رکڻ
بہ تہ امير ڪندو آھي. قوم جا لاھ پڙهندڙن جا نا لا روڊن تي رکجي سگھن ٿا. ٺيڪ آھي، انھن لکين ربيا خيرات ڪيا؛ غريبن جي مدد ڪئي، پر اھي لکين رپيا آيا ڪٿان؟ ۽ ھاڻي آئون بہ ترقي ڪري اھڙي حيثيت تي پھچي ويو ھوس“ جو آئون بہ گھرجائن لاءِ خيرات ڪري سگھان. آئون نواب صاحب جو ٿورائتو آھيان جو ھن مون کي اھڙو احساس ڏياريو. پر ھيءَ تہ قصوئي ٻيو ٿي رھيو ھو. آئون حياتيءَ جي پھرين امداد ڪري رهيو ھوس، اھا بہ اڻ ڄاڻ ماڻهو کي. مون فيصلو ڪيو تہ نواب صاحب کي ھمت ڪري صاف صاف چئي ڇڏيندس تہ امداد ڪندس پر ان ماڻهوءَ کي سڌوسنئون مون وٺان اچي وٺڻي پوندي. سوچڻ لڳس تہ نواب صاحب ڪاوڙ جي تہ نہ پو ندو؟ مون ننهڪر نہ تہ ڪئي ھئي آئون تہ پاڻ پنهنجي کيسي مان پئسا ڏيئي رھيو ھوس پر الائي ڇومون کي ھن نوجوان جو ويچار اچڻ لڳو. ڇا ماڻهو حياتيءَ ۾ ايترو مجبور ٿي وڃي ٿو، جو ھو اوچي خاندان جو ھوندي بہ ائين پنهنجو پهنجو غرض امداد جا خيرات ئي آهى اها وٺڻ تي لاچار ٿئي۔ ان وچ ۾ هڪ ٻہ دوست آيا ۽ هليا ويا۔ ڪجھ دير لاء مونجھ دور ٿي ويئي۔ ذھن ۾ اوچتو اجيب ويچار آيو۔ ڪٿي نواب صاحب پاڻ تہ پئسا ڪونہ وٺي رھيو آھي۔ ٿي سگھي ٿو کٽو هجي ۽ هن اها طريقا پئسا ڪمائڻ جا اختيار ڪيا هجن۔ اهو وڄ وانگر ويچار آيو ۔ ۽ ذھن تان سڄو بار لھي ويو۔ آئون نواب صاحب جي چالاڪي سمجھي چڪو ھوس۔ ساڍي چئين ڌاري وري نواب صاحب جو فون آيو۔ ڀائي انصاري ھو نوجوان تہ اچڻ لاء تيار ڪونهي۔ ۽ مهنجو شڪ ھاڻي پڪ ۾ تبديل ٿي ويو۔ تہ پوئي نواب صاحب معاف ڪجو مان بہ ڪا امداد نہ ڪري سگهندس ۔ مون پھريون ڀيرو ھمت کان وٺي نواب صاحب کي سڌو جواب ڏنو۔ شايد نواب صاحب اھڙي سڌي جواب ٻڌڻ لاء تيار نہ هو ۽ آئون تہ اڳيئي اھڙي جواب لاء پاڻ کي تيار ڪري چڪو ھوس۔ جى۔جي۔ ها توهان ٺيک ٿا چئو ۔ جڏهن مون خاطري ڏني اٿمانس تہ بہ پاڻ تيار ڪونھي تہ ڇڏي ڏيوس۔ پاڻ ئي پڇتائيندو۔ ضرورت کيس آهي باقي پاڻ نہ ٿو امداد وٺڻ چاھي تہ سچ پڇوس تہ اهڙي کي ڏجي بہ نه۔ چڳو انصاري تنهنجي وڏي مھرباني۔ آئون توهانجو ٿورائتو آهيان جو تو منهنجي عزت رکي۔ چڱو خدا حافظ
نواب صاحب ان معامري کي ائين اوچتو ختم ڪري منهنجي ان شڪ کي ھڪدم غلط ثابت تہ ڪو نواب صاحب پاڻ پئسا ڦٻائڻ جي چالاڪي ڪري رهيو هو۔ پنهنجي ڏاڍي دل کي ملامت ڪيم تہ ڪھڙي نيڪ ۽ خانداني ماڻهو لاء برو ويچار ڌيان ۾ آندم ۔
آئون شام جو وهنجي سھنجي ڪلب وڃڻ لاء تيار ٿي رھيو ھوس ۔ ھن ڀيري توقع جي خلاف نواب صاحب گھر تي فون ڪيو۔
”انصاري توکي ڏاڍي تڪليف ڏني اٿم، جو ڇڪريان ھن نوجوان جي خاندان جو اونو اٿم جي اعلى خاندان نہ ھجي ها تہ آئون پڇان بہ ڪونہ ها۔ ھاڻي صورتحال ھيءَ آھي تہ ھو نوجوان تہ ڪونہ ٿو اچي پر ھن جي ماءُ پاڻ اوھان وٽ ايندي۔ واقعي لاچاري انسان کان ڇا ڇا نہ ٿي ڪرائي.“
اھو ٻڌي پھرين تہ آئون بہ ڏکوئجي ويس تہ منهنجي اجائي ھوڏ ھڪ شريف ڪٽنب کي ڪيتري نہ تڪليف ڏني آھي۔
پھرين تہ سوچيم تہ نواب صاحب کي چوان تہ ٺھيو مون پنهنجي ھوڏ ڇڏي، هو ڀلي پنهنجو ڪو ماڻھو موڪلي ڇڏي پر نواب صاحب پنهنجي ڳالھ ڪندي مون کي اھو چوڻ جو وجھ نہ ڏنو۔
”جي توهان مناسب سمجھو تہ خاتون اوهان وٽ رات جو نائين، ساڍي نائين ڌاري اچي۔ رات جو ٺيڪ بہ لڳي ٿو، ھونئن بہ اوهان جي پاسي تہ اٺين وڳي رات کان ئي سانت ڇانئجي ويندي آھي۔ باقي آفيس تہ هي خاتون اچي نہ سگهندي. ايتري همت نہ ڪري سگهندي“ نواب صاحب ڳالھ پوري ڪئي۔
مون واچ ۾ مھل ڏٺي ست ٿي رهيا هئا۔ نواب صاحب کي چيم: ”جي، رات جا ساڍا نو ٺيڪ رهندا.“
ڪلب ۾ مهل ڪاٽي گهر پهتس۔ ماني کائي اخبار ڏسي رهيو هوس تہ چوڪيدار ٻڌايو تہ در تي کا زائفان ملڻ آئي آھي۔ واچ ۾ مهل ڏٺم پوڻا ڏھ ٿي رهيا هئا۔ آئون گائون پائي ٻاھر نڪرڻ لڳس ۔ لفافو کنيم، جنهن ۾ اڳ ۾ ئي مون هزار رپيا رکي ڇڏيا هئا.
ٻاهر در تي ڪا زائفان بيٺي هئي پر در کان کافي پري هئي ۔ البت مين گيٽ جون بتيون ان تي ڪجھ قدر
روشني وجهي رهيون هيون۔ چوڪيدار دروازو کوليو، آئون ٻاهر نڪري آيس۔ ڪجھ پري رڪشا بہ نظر اچي رهي هئي، جنهن ۾ شايد اها زائفان چڙهي آئي هئي۔ اھڙي مهل، هڪ زائفان کي اڪيلو ائين ڪنهن جي در تي، پوء اھو منهنجوئي در ڇو نہ هجي، بيٺل ڏسي پاڻ تي ملامت ڪيم تہ رڳو
پنهنجي ڳالھ رکڻ لاء ھڪ شريف ۽ اوچي خاندان جي عورت کي اھڙي بيگاھه مھل ۾ تڪليف ڏنم۔ زائفان کان پڇيم: فرمايو؟“
ھن رڳو ايترو چيو نواب صاحب...........، ۽ هوءَ ويچاري پورو جملو بہ چئي نہ سگهي۔ پاڻ ننديندڙ ملامت هيٺ مون لفافو وڌائي مائي کي ڏنو۔ هن ڪو ٻول نہ ڪڇيو، بلڪل سانت بت وانگر بيٺي هئي. هن هٿ وڌائي جيئن لفافو مون کان ورتو تئين سندس ڳوري ھٿ مون کي ڇرکائي وڌو۔
هن تہ ڪجھ نہ ڪڇيو ۽ لفافو وٺي تڪڙا پويان پير ڪيا ۽ آئون اچرج ۽ تجسس جي مليل جليل ڪيفيت ۾ سندس پويان ڇڪجي آيس۔ سندس شخصيت مون کي حيران ڪري وڌو هو۔ رڪشا ۾ گهڙڻ کان اڳ هن پنهنجو ساڄي هٿ مٿي ڪيو۔ سندس آڱر ۾ اها ئي مهر واري منڊي پيل هئي!
سندس پاسيرو ڳورو چهرو نظر آيو۔ مون سڃاڻي ورتس تہ هوءَ پاڻ بيگم نواب حشمت علي خان هئي ۽ مون صاف محسوس ڪيو تہ رڪشا ۾ ٻيو ماڻھو نواب صاحب پاڻ ويٺو هو!

حياتي جي ٽہ رقمي

ھو رلي پني، ڌڪا کائي ڪمري ڏانهن ھليو آيو ۽ ڪلف لاھي اندر گھڙڻ شرط ڦان ٿي کڻي پاڻ کي کٽ تي ڇڏيو. کٽ جي چيڪاٽ سان گڏ ڪتن جي ڀونڪ رات کي وڌيڪ ڀيانڪ بنائي وڌو۔ رات جا ٻارنهن ٿئي بہ اڌ ڪلاڪ کن مهل گذري چڪي هئي ۔ رات ٿڌي ٿيندي ٿي ويئي ۔ جيئن حيدرآباد جون راتيون ٿينديون آهن۔ مدد ۽ هوء انهي طمبيلي ۾ گڏ رھندا ھئا۔ هو ٻئي دوست ھئا پر فرق رڳو اهو هو تہ مدد روزگار سان هو ۽ هو اڃا بيروزگار ۔ مدد سدائين سومر جي صبح جو سڌو آفيس پهچندو هو پر ڪڏهن ڪڏهن آچر جي رات اچي نڪرندو هو۔اڄ مدد جي کيس لوڙ لڳي رهي هئي ۽ اڄ خاص طرح مدد جي اوسيئڙي ۾ هو ڇو جو هن ٻنپهرن کان ماني نہ کاڌي هئي۔ هينئر هو ڇنل کٽ جي ايس تي ھٿن جو وهاڻو بنائي سوچيندو رهي۔ رات جي اونداهي، بک، خالي کيسا
۽ اڻ پوري آس انهن چئن ٿنڀن تي بيٺل ھڪ انسان جي حياتي۔ جيسيتائين انسان جي حياتي آھي تيسيتائين آس باقي رهي ٿي يا جيسيتائين آس رهي ٿي تيسيتائين حياتي بہ رهي ٿي۔ ٻنهي ڳالهين مان ڪهڙي ڳالھ صحيح آھي ڪھڙي غلط! ھڪ عجيب گورک ڌنڌو آھي۔ پر هن مهل جيڪاآس هئي سا هئس مانيءَ ٽڪر جي، هن کي ويچار ۾ آيو تہ متان ڪمري مان ئي ڪابہ سڪل سرڙي ڊبل روٽي يا بسڪوٽ ملي وڃي۔ انهيء آس هن جي بي سٽ سرير ۾ ڦڙتي آڻي وڌي ۔ هو هڪدم اٿيو ۽ اٿي بتي ٻاريائين ،جا پهرين در کولڻ مهل ٻارڻ وسري وئي هيس۔ بتي ٻاريندي ئي هن جي نظر ميري چائٽ ڀرسان ميري فرش تي پيل ميري لفافي تي پئي؛ اهڙو ميرو لفافو، ڦڏيون سڌيون ٽڪليون لڳل گهڻي کونئر لڳائڻ نہ پر لنبڻ ڪري لفافي تي سڪل کونئر جي چمڪ۔ ”اهڙو ردي لفافو پڪ سرڪاري لفافو هوندو ۽ بجيٽ ۾ ڏيکاريل بچت انهن لفافن کي ور ور واپرائڻ سان ئي ٿيندي هوندي۔“ ھن اھو سوچيندي لفافو کنيو، لفافي تي ٻاراڻي غلط صورتخطيء لکيل انگريزيء ۾سندس ايڊريس ثابتي ڏيئي ڇڏي تہ لفافو سو في سيڪڙو سرڪاري هو۔ هن هڪدم لفافو ڦاڙيو۔ لفافو ڦاڙڻ سان اندر بند ٿيل پنو بہ ڪٽجي ويو۔ سرڪاري لفافي مان اندريون پنو ڦاڙڻ کان سواء لفافو کولڻ ٿيڻي ئي ڪانهي۔ هن هڪدم خط پڙھيو ۔ ڪلارڪيءَ لاء انٽرويو جو سڏ هو. پر مهل ۽ ماڳ وارو ٽڪر ڦاٽي لفافي جي ڦاٽل ٽڪري سان گڏ وڃي مليو هو۔ هن اهو ڦاٽل لفافي جو ٽڪر پٽ تان کنيو ۽ ان مان ڦاٽل ليٽر جو ٽڪر ڪڍي ليٽر سان ملايو تہ پتو پيو تہ انٽرويو سڀاڻي ڏھين وڳي هو ۽ اهو بہ ڪراچي ۾! هن کان بک وسري ويئي ۽ سرهائيءَ وچان اکيون چمڪڻ لڳس۔ نيٺ خدا سندس ٻڌي ۽ هاڻي هو در در ٺوڪرون کائي هڪ دوست وٽان ٻئي دوست وٽ رهندي ڪيسيتائين حياتي گذاريندو۔ نيٺ سندس بہ ٿانيڪي ٿيڻ جي مهل اچي چڪي هئي ۔ خوشيءَ ۾ ھن جي بک بہ مري ويئي۔ ”ماڻھوءَ جي بک بي انت خوشيءَ ۽ بي انت ڏک ۾ ختم ڇو ٿي ويندي آھي؟“ هو پاڻ ئي سوال ڪري پاڻ ئي وراڻي سوچڻ لڳو پر سندس بي انت خوشي جٽادار ثابت نہ ٿي۔ غريب جي خوشي هونئن بہ مختصر ئي ٿيندي آھي۔ ٻي پل هن جي اڳيان پيٽ ڀرڻ کان بہ وڌيک ڏکيو مسئلو هو ڪراچي پهچڻ جو! ”خالي پيٽ کي تہ پني، گند جي ڍير مان ڪجھ کڻي يا ڪتي جي چڪ مان ٽڪر ڦري بہ ڀري سگهجي ٿو، پر خالي خيسي کي ڪيئن ڀرجي، جي پنڻ تي ڪير پئسو بہ نہ ڏي ۽ چوري ڪرڻ جي بہ سگھ نہ هجي۔ سرڪار کي انٽرويو ليٽر سان گڏ پئسا بہ موڪلڻ کپن۔ سرڪار اهو نہ ٿي سوچي تہ جنهن بيروزگار درخواست ڏني هوندي انهيءَ وٽ پئسا ڪٿان ايندا ۽ جي انهيءَ وٽ پئسا هجن تہ هو چريو آهي جو سرڪار وٽ نوڪري ڪري!“ هو اهو سوچيندو رهيو۔ ”ڇا غريب جي هڪ پل جي خوشي پويان ڏکن جو ريلو لڳل آهي۔ اهو غريبن جي خوشين جو دستور آهي! ڪاش اھو ليٽر هن کي هڪ ڏينهن اڳ ملي ها تہ اهي ٽي رپيا تيرنهن پئسا، جي مانيءَ تي خرچ ڪيا هئائين اهي تہ بچائي وٺي ها ۽ پوء اوڌر سوڌر وٺي پورائو ڪري وڃي ڪراچي ڀيڙو ٿئي ها ۔ جيڪي بہ دوست هئس انهن کا اڳيئي اوڌر ورتل هئس کانئن لڪندو وتندو هو۔ هاڻي تہ ڪو دوست بہ نہ بچيو هوس، جنهن کان کڻي اوڌر وٺي۔
هونئن بہ جتي هڪ ڏينهن بي روزگار جا دوست مونهن موڙيو وڃن، اتي ٻن سالن جي بيروزگار جا تہ مائٽ بہ انڪاري ٿي ويندا آهن پر هڪ ڏينهن اڳ هن کي خط ڪيئن ملي ها۔ هن جي هڪڙي ايڊريس تي هئي ڪانه۔ بيروزگار ۽ فقير جي ايڊريس ڪانہ ٿيندي آهي! ڪڏنهن هڪ دوست وٽ ڪڏهن ٻئي دوست وٽ ايئن پيو مهل گذاريندو هو ۽ اهو ئي ڪارڻ هو تہ هو مولوء واري دوڪان، ”انٽرنيشنل ڊرائي ڪلينرس“ جي معرفت ٽپال گهرائيندو هو۔ پهرين تہ روز
مولوء وٽ ويندو هو پر ڪا ٽپال نہ ملڻ ڪري هوريان هوريان وڃڻ گهٽائي ڇڏيو هئائين. تنهن کان سواء مولوءَجو بل بہ ڪافي چڙهي ويو هو، سو نظرن تي چڙهڻ نہ پئي گهريائين ۽ مولوء بہ شايد ٻه۔ٽي ڏينهن سندس اوسيئڙو ڪري اڄ سندس خط سندس ڪمري تي ڇڏي ويو هو۔ بک جو
مسئلو ڪراچي پهچڻ جي مسئلي اڳيان هاڻي پٺتي پئجي چڪو هو۔
هو حالتن جو تجزيو ڪرڻ لڳو۔ هر مصيبت ۽ ڏکيائي ۾ حالتن جو تجزيو ڪري حڪمت عمليءَ کان ڪم وٺجي۔
هو سدائين ايئن ئي ڪندو هو۔ هن ذهن جي ڪاڳر تي حساب لکيو: هاڻوڪي مهل: رات جو هڪ، انٽرويو: صبح جو ڏهين وڳي يعني باقي نو ڪلاڪ مفاصلو حيدرآباد کان ڪراچي: اٽڪل سو ميل، کيسا: خالي ۽ پيٽ : اهو بہ خالي. نہ تہ هو پيٽ ڀري ٿي سگهيو ۽ نہ ئي هن مهل ڪٿان پئسا آڻي ٿي سگهيو۔
هو آلجبرا وانگر حساب ڪرڻ لڳو خالي پيٽ ۽ خالي کيسو۔ ٻنهي ۾ ”خالي“ ٻول ”ڪامن فيڪٽر“ آهي، اهي تہ ٻئي ڪٽجي ويا يعني ڇٽا ۔ باقي رهيا ٻہ ”فيڪٽر“ هڪ تہ صبح جا ڏھ جنهن کي هو ڦيرائي ٻارانهن نہ ٿو ڪري سگهي تہ جيئن صبح جو پٽ سٽ ڪري ڀاڙو ڪري سگهي سو هي فيڪٽر بہ اڻ ڪٽجندڙ؛ ٻيو مفاصلو سو ميل سو بہ گهٽائڻ وڌائڻ بہ هن جي وس ۾ ڪونهي، يعني مفاصلو بہ اڻ ڪٽجندڙ فيڪٽر۔ مطلب تہ اهم فيڪٽر اڻ ڪٽجيندڙ۔ تہ پو هرو ڀرو حساب ڇو ڪيم؟ غريب جا تہ سڀ فيڪٽر اڻ ڪٽجندڙ هوندا آهن!“ ڪاش رڳو مهل جو فيکٽر ئي هن
جي هٿ ۾ هجي ها تہ پنڌ وڃي ڪراچي نڪري ها! مهل تي ئي سڀڪنهن جو دارومدار آهي۔ مهل سفر جو ايکس فيڪٽر آهي، اهو وس ۾ هجي تہ حياتيءَ جو مسئلو سلجهي
وڃي، پر اهي سڀ فيڪٽر وري پئسي جي فيڪٽر سان ڪٽجن ٿا ۽ پئسي جو فيڪٽر تہ ”سپوز“ بہ نہ ٿو ڪري سگهجي!
هاڻي هن جي اڳيان ٻہ صورتون هيون ڪراچيءَ پهچڻ جون۔ ريل رستي يا بس رستي۔ ريل مين بنا ٽڪيٽ وڏو جوکم، جهلجي پئي جيل پر جي بس ۾ بنا ٽڪيٽ جهلجي پئي تہ وڌ ۾ وڌ اتي لاهي ڇڏيندي بس. سو هاڻي سندس آڏو ڪا بہ چونڊ نہ پنڌ ڪرڻ لاء مهل نہ هئي. ريل ۾ جوکم هو۽ بس ئي آخري سهارو هيو پوء هن ڳوڙهي ويچار کان پوء بس ۾ سفر ڪرڻ جي هڪ وڏي ”مڪمل رٿا“ ٺاهي من ئي من ۾ پاڻ کي شاباس ڏيڻ لڳو. پاڻ جينيس هو پر رڳو هڪڙي گهٽتائي هيس جو کٽل هو. پر جي هو کٽل نہ هجي ها تہ شايد جينيس نہ هجي ها ۽ موڳو مٽل هجي ها ۽ اهو بهتر بہ هو پر جي موڳو بہ هجي ها ۽ کٽل بہ تہ پوء ! هن آرس ڀڳي ۽ اوٻاسي ڏيئي کٺ تي آهلجي پيو مدد سندس آخري سهارو آهي. هن آخري ريل يا آخري بس کان پهرين پهچي وڃي! من آخري ريل يا آخريبس کان پهرين وڃي! سڄي رات هو جاڳندو رهيو۔
هونئن جي ننڊ گهري بہ ها تہ اهڙين حالتن ۾ ننڊ ڪٿان اچي ها پر مدد نہ آيو سو نہ آيو۔
صبح جو ڀنڀرڪي مهل هو اٿيو ۽ رٿا پٽاندڙ پنهنجي حڪمت عمليء تي ڪم شروع ڪيائين۔ رٿ نمبر هڪ هيٺ هن کي اهڙي هنڌ پهچڻو هو جتان گهڻي ۾ گهڻا ماڻهو چڙهندا هجن تہ جيئي ڪو دوست يا واقفڪار ملي وڃيس جنهن سان گڏ بس ۾ ويهندو تہ جيئن دوست سنگت ۾ سندس ٽڪيٽ بہ وٺي ڇڏيس. انهيء ڪري هو سرفراز ڪالونيء پهتو جتي بس جو آخري اسٽاپ آهي پر سومر هئڻ ڪري بسون ڌڪ گهٽ ڀريون پئي آيون ۔ آخريڌاسٽاپ وٽ بہ ماڻهن جا هشام هئا پر ڪو دوست نظر ڪونہ آيس ۔ هو دوستنکي من ۾ گاريون ڏيڻ لڳو ۔ هونئن تہ سدائين پيا ملن ۽ بور
ڪن اڄ سندن لوڙ پئي محسوس ٿئي تہ نظر ڪونہ ٿا اچن! هن هڪ ماڻهوء کان مهل پڇي ۔ ساڍا پنج ٿي رهيا هئا۔
اڃا تہ سفر شروع بہ ڪون ٿيو هو ۽ باقي مهل هئي ساڍا چار ڪلاڪ ۔ پهرين بس وڃڻ واري هئي۔ هن ٽٻٽار بس ۾ جهاتي پاتي ۔ اندر ڪوبہ دوست ويٺل ڪونہ هو۔ڪنڊڪٽر جي زور ڪرڻ تي بہ تہ هو کيس سيٽ وٺي ڏيندو هو، الٽو ڪنڊڪٽر جي ڪاوڙجندي اهو چوندي لهي آيو تہ اسٽول
تي ڪوننہ ويهيندس۔ اهوئي بهانو هو بس مان لهڻ جو ٻي بس آئي هو ڊوڙي ان ۾ گهڙيو پر اتي بہ ساڳي ڪار لڳي هئي ۽ وري لهي آيو. ٽين بس آئي، چوٿين بس آئي ساڳي ڪارلڳي پئي هئي. هڪ بس ۾ تہ سيٽ بہ مليس ٿي، پر ڪنڊڪٽر کي چيائين تہ اڳين سيٽ کپي، جند جو ڇڏائڻي ٿي ٻاهر پنهنجن پورن ۾ بيٺو هيو ۽ اهڙي حالت ۾ هو بس ڪمپنين جا نالا پڙهندو رهيو جا هن جي هير هئي. ”چوڌري ٽرانسپورٽ ڪمپني“ ميانوالي بس سروس، ڇاڇي بس سروس، ڪراچي ۽ حيدرآباد انهن ڪمپنين ذريعي ئي ڳنڍيل آهن يا انهن جي ڪري مرڳوئي ٽٽل آھن۔پنهنجي پر ۾ ٻيئي جواب صحيح آهن! اهو بہ هڪ عجيب گورک ڌنڌو آهي!
ايتري ۾ هڪ رڪشا مان لهندڙ ماڻهوء هن جو ڌيان ڇڪائي ورتو. هو پنهنجو لڳو. ڌيان سان ڏٺو. ستار هو. سوٽ ڪيس لاهي مڙيو تہ هن خوشيء وچان رڙ ڪئي ”اڙي ستار تون! ڪر خبر ڪيڏانهن ڪراچي! هن پنهنجي دوست کي ڏسي، جنهن اتساھه مان غير معمولي جوش جو اظهار ڪيو هو تہ سندس دوست بہ حيران ٿي ويو ۽ کيس بہ پوء احساس ٿيو ۔ سندس دوست ڪراچي پي ويو ڪو ولايت تہ نہ ٿي ويو! ”ها يار مڙئي ڪو ڪم آھي.“ ستار ۽ هن هٿ ملائي کيڪاريو ۔ ”يار چڱو ٿيو جو ملي وئين ڪچهري ڪندا وينداسون، اڪيلو سفر تہ مٿي ۾ سور وجهيو ڇڏي!“
ايتري ۾ هڪ بس زوم سان اچي پهتي ۽ ٻئي بس ۾ اڳئين در کان تڪڙا چڙهڻ لڳا ۔ بس ۾ ڪافي رش هئي،سواء پوين سيٽ جي ڪٿي بہ ٻن ماڻهن جي گڏ ويهڻ جي جاء ڪانہ هئي. ستار کي بس جي درائيور جي ڀر واري آڏي سيٽ ملي وئي. پر هو ٿورو پٺتي هڪ سيٽ خالي هئڻ جي هوندي بہ نہ ويٺو. جي گڏ نہ ٿي ويهي سگهيا تہ پوء ويجهو ويهڻ خطرناڪ هو. بنا پئسي دوست اڳيان بي عزتي تہ نہ ڪرائي ها. هاڻي رٿا پٽندڙ هن کي دوست کان بنھه پري ويهڻو هو؛ پوئين در جي ڀرسان۔ اڃا بس هلڻ ۾ مهل هئي ۔ سندس پهرين رٿا اسڦل ٿي چڪي هئي ۔بس ڪنڊڪٽر واچ ڏسي بس هلائڻ لاء اشارو ڪيو ۽ هو چپ چاپ پوئين در کان هيٺ لهي ويو. بس مان لهڻ کانپوء پهريون وجھ هو وڃائي چڪو هو۔ پوء هن ويچاريو: ”اڙي ستار کان سڌو ڇو نہ اٺ۔ڏھ رپيا گهريم ۔ مڃان ٿو ته ستار سان ايتري گهرائپ تہ ڪانهي پر پڪو منهن ڪري گهرانس ها حياتي جو اهم مامرو هو۔“ اڃا پورن ۾ ئي هو تہ ٻي بس اچي پهتي، پنج۔ڇھ ڄڻا ڊوڙي چڙهڻ لڳا. جڏهن اندر سڀ ڪي بيهي ڪي ويهي رهيا تہ هو چپ چاپپوئين دروازي کان چڙهي پيو۔ بس جي مسافرن تي اتاڇري نظر وڌائين۔ هڪ۔ٻہ پري جا واقفڪار نظر آيا پر ڪو اهڙو نظر نہ آيو جنهن کي حجت ڪري ڪجھ چئي سگهي. بس پنهنجي مهل تي هلڻ شروع ڪيو ۽ هي پوئين سيٽ تان حالتن جو جائزو وٺڻ لڳو ۔ بس بئراج ڪالوني تان ڦري ڄامشوري ڏانهن رخ رکيو، سومر جي ڪري، ڪراچي ويندڙن جي رش هئڻ ڪري، ڪلينر ڪنهن سرڪس جيپهلوان وانگر هلندڙ بس مان ڇت تان اسٽول لاهيو، ڪنڊڪٽر کي ڏيندو رهيو ۽ ڪنڊڪٽر ٻن سيٽن جي قطار جي وچ ۾ لنگهڻ واري جاء جي وچ ۾ اسٽول رکندو، مسافرن کي ويهاريندو رهيو ۔بس بئراج کان اُڪري اچي ڦاٽڪ تائين پهتي ۽ اتي جڳھ نہ هجڻ جي هوندي بہ ٽي۔چار پئسينجر گهچيا ۽ کن ۾ روانو ٿي ويئي۔ جيئن بس ڦاٽڪ اُڪري تيئن ڪنڊڪٽر ٽڪٽ وٺڻ شروع ڪئي ۽ هوريان هوريان بس جي پوئين پاسي ڏانهن وڌڻ لڳو۔
هن جي دل جي ڌڙڪڻ تکي ٿيڻ لڳي. هن جي رٿا نمبر ٻين تي عمل ڪرڻ هو۔ ڪنڊڪٽر آخري سيٽ تائين اچي پهتو هو۔ ڪنڊڪٽر بنا ڳالهائڻ جي هٿ وڌايو۔ هن ڪنڊڪٽر ڏانهن نهاري چيو: ”ٻين کان تہ پهرين وٺ ۔ آئون پئسا ڪڍان ٿو ۔ نوٽ ٻڌل اٿم.“
ڪنڊڪٽر ٻين کان پئسا وٺڻ لڳو هو اٿي بيٺو ڪنڊڪٽر پئسا وٺي ٽڪٽون ڏيئي اجو ٿيو تہ هن بس جي گوڙ ۾ ڪنڊڪٽر جي ڪن ڏانهن منهن ڪري چيو: ”،يار ڪنڊڪٽر پهرين ڳاله ٻڌ هڪدم رڙ نہ ڪجائين متان بي عزتي ٿئي. تون جيئن چوندين تيئن ڪندس پر گوڙ نہ ڪجان۔“
ڪنڊڪٽر بنا ڪجهه چوڻ جي هن جي اکين ۾ شوڪي نهاريو پر هو چوندو رهيو۔ آئون خدا ۽ رسول جو سنهن کڻي ٿو چوان تہ بي اي فرسٽ ڪلاس آهيان. هي ڏس ڊگريون هن لفافي ۾ نوڪري جي ڳولاھا لاء ڪراچي پيو وڃان۔ هي ڏس انٽرويو جو ليٽر کيسي ۾. پئسو ڪونہ اٿم پر وچن ٿو ڪريان تہ ٽڪيٽ جا پئسا ڀري ڏيندس“
ڪنڊڪٽر هن کي مٿان کان هيٺ ۽ هيٺا کان مٿي تائين نهاريو ۔ هو چوندو رهيو! ڏس يار ڪنڊڪٽر جهڳڙو نہ ڪجانء نہ مڃين تہ چپ چاپ لاهي ڇڏجانء۔“
ڪنڊڪٽر پل کن چپ رهيو ۔ ”توکي بہ اڄ چڙهڻو هو۔ اڄ تہ مالڪ بس ۾ ويٺو آهي۔ مهنجي نوڪري هلي ويندي۔
تو کي اڄ ڇڏيندس تہ مالڪ سمجهندو روز ٿو ائين ڪريان. توکي بس مان لهڻو پوندو. هينئر هڪڙي هوٽل ايندي اتي لاهي ڇڏيندو سانء ۔ پوء تون ڄاڻي تنهنجا ڀاڳ۔“ ايئن چئي ڪنڊڪٽر دري کان ٻاهر نهارڻ لڳو ۽ هو ڪجھ سوچيندو رهيو ڪم نہ ٿيو اسڪيم اسڦل ٿي ويئي هاڻي ڇا ٿيندو.
رڻ ۾ رلي ويندو۔ هن هڪڙي ماڻهوءَ جي واچ ۾ ٽائم ڏٺو ڇهه ٿي رهيا هئا باقي ٽي ڪلاڪ هئا. استاد روڪيس۔“
ڪنڊڪٽر جي رڙ هن کي ڇرڪائي ڇڏيو بس بيٺي ۽ هو ڪنڌ هيٺ ڪري لهي پيو۔
لهڻ سان هن ڏٺو تہ سامهون هڪڙي جهوپڙي هوٽل هئي ٻہ چار ماڻهو بينچن تي ويٺا هئا. امالڪ هن جي نظر رستي تي لڳل ميلي پٿر تي پيئي، جنهن تي لکيل هو ”ڪراچي ٨٣ ميل“ يعني سترنهن ميل سفر ڪري چڪو هو بنا ٽڪيٽ هن هڪدم ذهن ۾ ٽه رقميء جو حساب ڪيو۔
سترنهن ميل سفر پورو ڪجي ٿو هڪ ڪلاڪ ۾، تہ هڪ ميل مفاصلو پورو ٿيندو هڪ ڀاڱي سترنهن ضربيان ٽياسي. سو ٿيندو پنج سئو پنجاسي يعني اٽڪل پنج ڪلاڪن ۾ انٽرويو جي مهل آهي ڏهه. هو يارهين مهل ڪراچي پهچي ويندو ۽ آس آهي تہ تيسيتائين انٽرويو ختم نہ ٿيو هوندو. کڻي سندس نمبر اچي بہ ويو هجي؟“
هو رستي تي بيهي هر ايندڙ بس جو اوسيئڙو ڪرڻ لڳو۔ هڪ بس بہ اچي نڪتي ۽ هن پري کان اشارو ڪرڻ شروع ڪيو بس هن کان اڳتي اچي بيهي رهي ۽ هو ڊوڙي ان ۾ چڙهي پيو ڪنڊڪٽر کيس ساهي پٽڻ بہ نہ ڏني ۽ هڪ دم هٿ وڌائي چوڻ لڳو: ”استاد ٽڪيٽ۔“
هن بہ مرڪي کيسي ۾ هٿ وجهي ڀاڙو ڪڍڻ جي اداڪاري ڪئي ۔خالي هٿ کيسي مان ڪڍي رڙ ڪيائين: اڙي منهنجو ٻٽون۔“
هن وري ٻئي کيسي ۾ هٿ وڌو هٿ پاڪيٽ مٿان هٿ گهمايائين ۽ ٻيهر سڀني کيسن ۾ هٿ وجهي ٻٽون ڳولڻ لڳو۔ هڪ دم هيٺ نهاري ٿوروجهڪيو پر ٻٽون نہ مليو ڪنڊڪٽر ڏانهن نهاري چيائين: معلوم ٿو ٿئي تہ بس ۾ چڙهندي ڪري پيو!“
”تنهنجي ٻٽونءَ جو آئون تہ ذميوار ڪونہ آهيان“
ڪنڊڪٽر بہ ترت جواب ڏنو۔
”پر، پر هينئر تہ هو مهنجي کيسي ۾۔“ هن جي پريشان چهري جي اڻ تڻ آسي پاسي جي مسافرن جي ڌيان کي ڇڪائي وڌو ۽ سڀ پيسينجر هن ڏانهج نهارڻ لڳا. اڳين سيٽن تي ويٺل هڪ ٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ڇا ٿيو.
”ٽڪٽ جا پئسا ڪڍو صاحب“ ڪنڊڪٽر هن ڏانهن نهاري چيو۔
”پر ڪٿان ڪڍان هن ايئن چئي بس تي اڇاتري نظر وڌي ۔ من سندس پاران ڪو دوست يا واقفڪار ئي ٽڪيٽ ڀري ڇڏي پر دوست واقفڪار تہ ٺهيو پر ڪا ڏٺل شڪل بہ نظر نہ آئي! هينئر هو تيار هو تہ ڀل گهڻا واقفڪار بہ هن کي بي عزتو ٿيندو ڏسن پر ٽڪٽ ڀرين. ان لاء پهريان رڳو هو ستار جي اڳيان بي عزتو ٿيڻ کان بچڻ لاء بس مان لهي ويو هو۔ ماڻهو ڪيترو نہ ترت پنهنجا ماڻا تبديل ٿو ڪري ۔ بس ويرم ئي نہ ٿي لڳي۔ هڪڙو آواز آيو؛ ”ڪنڊڪٽر هڪڙو تہ ٻٽون ويو اٿس ٻيو وري تون ٽڪٽ تو وٺينس. هاڻي ڇڏيس، کنيو هليس هڪڙي پاسينگر ۾ ڪهڙو ٿو فرق پوي!“
”اهڙي همدردي اٿو تہ اوهان ٽڪٽ ڀريوس نه.“
ڪنڊڪٽر جي ان وراڻي کان پوء هو شخص نہ رڳو ماٺ ٿي ويو پر ٻيا مسافر بہ هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳا۔
ڪنڊيڪٽر هڪل ڪئي: “استاد روڪيس!“ ڊريائور بريڪ هنيو ۽ بس پاسو وٺي رستي جي ”شولڊر“ تي بيهي رهي۔ ڪنڊڪٽر هڪدم دروازو کوليو ۽ نظرن سان چيو تہ لهي وڃي ۔هن اوسي پاسي نهاريو پر ڪا واهر نہ ٿي ۽ نيٺ هو لهڻ لڳو تہ ڪنڊيڪٽر در بند ڪندي چيو: اها تر ڪيب
نہ هلندي استاد ڪا ٻي بس ڳول.“ ۽ پوء وري هڪل ڪندي چيائين: ”استاد وڃينس !“ ۽ بس هن جي اکين ۾ دونهون وجهندي رواني ٿي وئي. رستي تي لهڻ شرط هن جي نظر پاڻ مرادو ميلي پٿر جي گولها ۾ کڄي وئي سامهون ميلي پٿر هو ۽ ان تي لکيل پير هو، ”ڪراچي٧٠ ميل“ هن جي ٽه رقميءَ جي حساب سان مفاصلو گهٽجي رهيو هو؛ بس مان ايئن لهڻ کان پوء بہ هن اڃا هار نہ مڃي هئي۔
هن جي رٿا پٽاندڙ اها بہ سندس سوڀ هئي، جو بنا ٽڪيٽ جي ڇڪي تاڻي ٽيھ ميل ڪڍي ويو هو۔ هو پنهنجا سرٽيفڪيٽ قابو ڪري هر ويندڙ ڪارکان لفٽ لاء اشارو ڪندو رهيو پر ڪارون هن جي لفٽ جي ابتي رد عمل ۾ اڃا بہ تکيون هن جي ڀرسان لنگهيو ٿي ويئون۔ مهل گهٽجي رهي هئي پرهن اڃا همت نہ هاري هئي۔ هڪڙي ٻي بس نظر آئي، هن اشارو ڪيو پر کيس بيابان ۾ اڪيلو بيٺل ڏسي بس زوزاٽ ڪندي اڳتي هلي ويئي. هن جي رٿا پٽاندڙ اڃا بہ کيس وڏو آسرو هو هڪ ۔ ٻہ ٽرڪ لنگهيا پر اهي بہ نہ بيٺا نيٺ هڪ ٻي بس اچي پهتي ۽ هن جي اشاري تي بيهي رهي ۽ هو
هڪدم بس ۾ چڙهي پيو ۽ ڪنڊيڪٽر بہ جهڙو پهرين ڪنڊيڪٽر وانگر هن جي گهات ۾ ويٺو هو هڪدم اچي کانئس پئسا گهريائين.
”يار ايڏي تڪڙ ساهي تہ پٽڻ ڏي توهان سڀ ڪنڊيڪٽر اصل هڪجهڙا ٿيندا آهيو“ هن ڪنڊڪٽر کي مرڪي ايئن چيو ڄڻ پئسا ڪڍيو ٿو ڏئيس۽ وري چوڻ لڳس: استاد مڊوي تہ ترسندي نہ اتي منهنجو ڀاء مينيجر آهي يوسف صاحب جي هوٽل ۾ اتان پئسا وٺي ڏيندوسانء ۽ چانهن پاڻي بہ ڊبل۔ توهان تہ اتي ترسندو نه. باقي آهي ڪيترو پنڌ، اهو ويھ پنجويھ ميل“
ڪنڊڪٽر هن ڏانهن ڪجهه شڪي ٿي نهاريو۔ هن ڪنڊڪٽر جي شڪ کي سمجهي ورتو۔ يار هتي لٿو هوس رڍن جي خريداري لاء ۔توکي خبر آهي تہ پئسا کڻي هتي لهڻ پنهنجي جان وڃائڻي آهي۔ کيسي خالي نڪتو هوس، بس استاد گهٻراء نه! “
بس جڏهن مڊوي تي پهتي تہ اڌ سفر پورو ٿي چڪو هو ۽ نو لڳڻ وارا هئا انٽرويو ۾ باقي هڪ ڪلاڪ هو ۽ اڃا اڌ پنڌ باقي هو۔ مڊوي هوٽل تي ٻہ بسون اڳ ۾ ئي بيٺل هيون ۽ ڏاڍو چهچٽو لڳو پيو هو ۽ بس سان لهي گوڙ مان ٿيندو هوٽل جي پويان ناڙاڇوڙ جي بهاني سان هيٺ نئن ۾ لهي ويو. پندرنهن ويهن منٽن کانپوء جهاتيون پائيندو لنوڻيون هڻندو مٿي پهتو تہ اها بس وڃي چڪي هئي ۽ هن ٿڌو ساه کنيو پر هاڻي هو ڇا ڪري؟ ان ٻڏتر ۾ هو ۽ هن کي اها خبر نہ هئي تہ سندس اصولڪي رٿابنديء جو اهو حال ٿيندو جيتوڻيڪ هو اڌ سفر پورو ڪري چڪو هو پر ائين ٿي لڳو تہ هو اتي مڊوئي تي اٽڪي پوندو۔ هن کي لڳو تہ هو هينئر ”آڪاس ۽ ڌرتي جي وچ ۾ لٽڪيل آهي، نہ هيڏانهن جو، نہ هوڏانهن جو. هر غريب جي هيڻي حال وانگر۔“
مڊوي هوٽل تان ٺلهو پاڻيء جو گلاس پي ٿڙندو پريان جهوپڙين وانگر ٺهيل سستين هوٽلن ڏانهن رخ رکيائين.ساڍا نو ٿي رهيا هئا ٽي ويلا ماني نہ ملي هئس۔ هينئر ڪجھ همت هاري ويٺو هو. هينئر کڻي ڪراچي وڃڻ جو وجھه بہ ملي وڃيس پر ڇا هو انٽرويو تائين پهچي سگهندو ؟
ڏهين وڳي انٽرويو جي مهل هئي ۽ اڃا بہ ڏيڍ ٻن ڪلاڪن جو سفر باقي هو۔ اهي بہ تڏهن جڏهن ڪا هينئر ئي لفٽ مليس۔
بک بہ کيس ستائي رهي هئي پر اڃان هوٽلن جي قطار تائين پهتو هي ڪونہ هوتہ هڪ کير ڍوئيندڙ وئن جي ڀرسان لنگهندي هوٽل وٽ وڃي بيٺي ۔ هن جي اکين ۾ چمڪ اچي ويئي ۽ بک جي جيڪا سٽ اڀري هئس سا وري الوپ ٿي چڪي هئي ۔ گهليندڙ وکن ۾ ڦڙتي اچي وئي. جيتيڻيڪ وين ڪافي ڀري پئي هئي پر ان مان لهندڙ ٻنهي ماڻهن کي هن چڱيء طرح ڏسي ورتو هڪ کي اجرڪ جو پٽڪو هو ۽ ٻئي کي سنڌي ٽوپي پيل هئي ۽ ٻئي سامهين هوٽل ۾ هليا ويا. هي
بہ اچي ٻن ٽن منٽن ۾ ويجهو پهتو۽ هڪدم سندس نظرون سڌو هوٺل ۾ ويٺل انهي ٻنهي همراهن کي ڳولڻ لڳيون ۔
اهي پريان هڪڙي ميز تي ويٺا هئا ۽ هن ڀيري ٻين پئسينجرن مان ڪنهن واقفڪار کي ڳولڻ بدران انهن ٻنهي همراهن ڏانهن نظرون کپاڍو وڌي آيو ۔ پر هلڻ جي رفتار ٿوري ڍري ڪيائين تہ جيئن هلڻ قدرتي لڳي. ميز جي ويجهو پهچي، هڪڙي موڙي تي ويهي رهيو ۽ انهن سان ڳالھ چورڻ
جو بهانو ڳولڻ لڳو تہ ايتري ۾ بيرو آيو۽ هن وٽ اچي بيھي رهيو۽ هن چيس: ”پهرين هڪ گلاس پاڻي تہ کڻي اچ“ بيرو هليو ويو، پر پوء هن انهن همراهن ڏانهن نهاريندي چيو: ”چانھ تہ اهڙي اٿن جهڙو حقي جو پاڻي!“
ٻنهي همراهن سندس ڳالھ ٻڌي مرڪيو۔ ايتري ۾ بيري هنن ٻنهي جي آڏو چانھه جا ڪوپ ۽ هن جي آڏو پاڻي جو گلاس آڻي رکيو۔ اجرڪ واري ڪوپ سيريندي هن ڏانهن نهاريندي چيو: ”پر اسان کي تہ اهو حقي جو پاڻي آهي پيئڻو جو ٿڪا پيا آهيون۔“
”ڪريو خبر ڪراچي پيا وڃو؟“ هن کي خبر هئي
تہ هو ڪراچي پيا وڃن پر هن کي ان مهل ڳالھ وڌائڻ جو اهو ئي طريقو سجهيو۔
ڀائو وڃون تہ ڪراچيءَ پيا۔ دير بہ ٿي ويئي اٿئون ۔ هتي ترسون تہ نہ ها پر گاڏي گرم ٿي وئي آهي.“ گاڏي گرم ٿيڻ جو ٻڌي هن جو منهن لهي ويو۔ گاڏي اڳيئي کير جي دٻن سان سٿيل ۽ وري ٻيو ماڻهو ڪٿان کڻندا ۔هن وري آخري وجھه وٺندي ڪجه نهٺائيء سان چيو: ”اوهان جي گاڏيء جي اها حالت نہ هجي ها تہ جيڪر مونکي کڻيو هلو ها۔ بس وارا هتان اڌ پنڌ تان بہ پورو ڀاڙو وٺيو ڇڏين.“
پر وري پنهنجي ڳالھ جي غلطي محسوس ڪندي چوڻ لڳو: ”پئسا تہ خير کڻي ڀريون بہ پر بسون اڄ سومر تي اهڙيون سٿيون پيون آهن، جو پير رکڻ جي جاء بہ ڪونهي۔“
هنن ٻنهي هڪ ٻئي کي نهاريو ۽ اکين ئي اکين ۾ ڄڻڪ ڳالھ ٿي ويئي ۔هن ڀيري سنڌي ٽوپيءَ واري چيو: ”ڀائو هل تہ کنيو هلون۔ جوان تہ ٺاهوڪو ٿو ڏسجين. گاڏي مڙئي ڇڪي ڇڪي وڃي پهچنداسون۔“ آخري چانھ جو چسڪو ساسر مان ڀريندي، هن ساسر رکي ڪوپ مٿان اونڌو ڪندي چيو۔
”يار چانهن جي صلاح اٿئي پر اٿئي تو واري حقي جوپاڻي !“ اجرڪ واري جي اها صلاح تہ هن ڄڻ ٻڌي ئي ڪونہ،
هن جي ڪراچي پهچڻ جو مسئلو سلهجي چڪو هو!
اجرڪ واري وري چيو تہ ”سائين مون چيو اچي چانھه جو ڪوپ!“
هو حقي جو پاڻي بہ پي وڃي ها پر هڪ شڪ تہ متان کيس چانهه جا پئسا ڀرڻا پون، سو واراڻيائين: نہ يار اوهان کي بہ دير پئي ٿي ۽ مون کي بہ هلو تہ هلون۔“
وئن جڏهن هلڻ لڳي تڏهن هن هڪ همراھ جي واچ ۾ ٽائيم ڏٺو. پوڻا ڏھ ٿي رهيا هئا ۽ ڪراچي اڃا پنجونجاھه ميل پري هئي! هو انهي پنجونجاھه ميل جي يڪي سفر جو اونو لهڻ ڪري ۽ سخت بک هوندي بہ سوچن جي جڳ ۾ هليو ويو۔
هو سوچڻ لڳو انٽرويو ۾ ڇا پڇندا آخر ! الائي ڪير هوندا ۔ من ڪا اهڙي ڳالھ نڪري پئي تہ هو کين ٻڌائيندو تہ هو بہ جيل ٿي آيو آهي. ٻوليءَ جي لسٽن جي سلسلي ۾.
هو بہ بک هڙتال تي ويٺو هو ۽ جي ڪنهن چئي وڌو ته ”هان، تون ان لاء جيل ويو هئين تہ پوء نوڪري وٺي سگهين!“
۽ هو چوندو: ”نہ سائين هيئر بيشڪ انهيء ڳالهه جو مان اٿم تہ قرباني ڏني ٿم؛ پر آئون خدا کي حاظر ناظر ڄاڻي ٿو چوان تہ جڏهن بک هڙتال تي ويٺو هئس ان وقت منهنجي وهم ۽ گمان ۾ ڪون هو تہ آئون اڳتي هلي ان قربانيء جو فائدو وٺندس ان مهل تہ منهنجو مقصد هر طرح جي قرباني
ڏيڻ هو۔ پر وري هن کي سندس هڪ دوست جي صلاح، ويچار ۾ آئي، جنهن ٻڌايو هوس ”تہ ڀلجي بہ ڪنهن انٽرويو ۾ اهو نہ ٻڌائجان نہ اهڙا ڪم شاگرديء واري زماني ۾ ڪيا هئا ۔ اصل لاھ نڪري ويندء.“
سندس دوست جي اها ڳالھ جي سار ايندي ئي هن کي ايئن لڳو ڄڻڪ ڪنهن هن کي کاهيء ۾ ڪرڻ کان جهلي ورتو هجي ۔ جڏهن وئن ڪراچي ٽؤل ٽئڪس پلازا وٽ پهتي تہ يارنهن ٿي رهيا هئا ۽ وئن جڏهن ڪراچي شهر ۾ داخل ٿي تہ هن سک جو ساه پٽيو۔ ماڳ اچي ويجهو پهتو وئن واري وئن ڍرو ڪندي هن کان پڇيو: ”ڀائو اسين تہ وينداسون هتان سي پي سوسائٽي ۔ توکي ڪٿي لاهيون!“
سي۔پي سوسائٽي جو نالي ٻڌڻ سان هن جي خوابن جو محل وري ڀري پيو۔ ڪٿي سوسائٽي ۽ ڪٿي تغلق هائوس ۔ پهرين تہ سوچيائين تہ چوين يار خدا جو واسطو اٿو مون کي تغلق هائوس ڇڏيو۔دل جي ڳالھ ڪرڻ لاء هن پيش بندي ڪئي۔ ”يار مون کي وڃڻو آهي سنڌ اسيمبلي واري پاسي، انٽرويو اٿم. مون سمجهيو تہ اوهان صدر واري پاسي ڏانهن ويندو۔“
”اسين تہ مال ڏيندا آهيون سوسائٽي ۾ ۽ اڄ دير بہ ٿي ويئي آهي، مالڪ بہ ڪُرڪندو ڪندو پر ٻڌ ڀائو توکي اسين اهڙي هنڌ لاهي ڇڏينداسون جتي ٽئڪسي اصل سولائي سان ملي ويندي۔“
هن اهڙي طرح ڳالھ ختم ڪئي جو اڳتي ڳالهائڻ جي هن کي همت ئي نہ ٿي. هڪڙو تہ مفت ۾ لفٽ وٺي آيو اٿن ۽ ٻيو وري چوين تہ ڇڏيو مون کي پنهنجي دڳ۔ وئن هلندي رهي ۽ اچي جيل واري چوواٽي تي پهتي ۔ هڪ رستو جيل ڏانهن ٿي ويو ۽ هڪ رستو جناح جي مزار ڏانهن ۽ هڪ رستي شهيد ملت روڊ هو ۽ هڪ رستو جنهن کان آيا هئا يعني پٺتي حيدرآباد ڏانهن هن کي لڳو تہ هو حياتيء جي چوواٽيء تي بيٺل هو! هو ڪجهه دير چوواٽيء تي حيران ۽ پريشان بيٺو رهيو۔
اتان پنج يا ڇھ ميل پري تغلق هائوس هو ۔ هن جا کيسا خالي هئا ان جو تہ ان کي شديد احساس هو پر هن جو پيٽ بہ ڪالھ کان خالي هو ان جو احساس نہ هيس۔
ان مهل ساڍا يارنهن ٿي چڪا هئا۔ هڪڙي واٽ هن کي نظر آئي. هو ٽئڪسيء ۾ وهندو تغلق هائوس پهچي ٽيڪسيء کي پنجن منٽن ۾ موٽڻ جو چئي ڀڄي گم ٿي ويندو هن ائين سوچيو تہ هڪڙي خالي ٽئڪسي سامهون اچي نڪتي هن جو هٿ پاڻ مرادو ٽيڪسي روڪڻ لاء اٿي ويو ۽ ٽئڪسي هڪدم بيهي رهي هو اندر ويٺو ۽ کيس چيائين: ”تغلق هائوس” ۽ ٽئڪسي جناح جي مزار واري رستي تان تکي هلڻ لڳي.
هن ٽئڪسي جي ڊيش بورڊ تي لڳل ٽئڪسيء نمبر پنهنجي ذهن ۾ نوٽ ڪيو ۽ دل ئي دل ۾ چوڻ لڳو، ”ڪيئن بہ ڪري هن ٽئڪسي واري کي ڳولي پوء ٻيڻو ڀاڙو ڏيندس۔
ٽئڪسي ھاءِ ڪورٽ کان مڙندي تغلق ھائوس جي در تي اچي پھتي. ھن ٽئڪسي مان لھندي ٽئڪسي ڊرائيور جي پان کائيندڙ وات، ڪپڙن ۽ شڪل مان اندازو لڳائيندي کيس اڙدوءَ ۾ چيو: ”يار ترسجانء، بس ٻہ منٽ ڪو ڪم ڪونھي بس رڳو ھي ڪا ڳر ڇڏڻا آھن.“ ائين چئي بنا ٽئڪسيءَ واري جي جواب جي تکو تکو اندر تغلق ھائوس ۾ ھليو ويو.ھن کي آفيس جي خبر ھئي جو ٽي -چار ڀيرا اتان نوڪريءَ جي ڳولھا ۾ ڌڪا کائي موٽيو ھو. تکيون وکيون وڌائيندو ، سھڪندو اچي آفيس وٽ نڪتو. پي - اي سان ڪاليج جي زماني کان واقفيت ھيس. کيڪارڻ بنا ڏانھس نھاريندي چيائين: ”يار معلوم ٿو ٿئي تہ پھچڻ بيڪار ويو!“
سندس مرڪ جنھن ۾ ناڪامي سمايل ھئي سا پڌري ھئي.
”ڏاڍو ڀاڳ وارو آھين. بس آخري اميدوار اندر آھي.
تنھنجي نالي جو سڏ ٿيو ھو. پر پوءِ مون آخر ۾ ڪرائي
ڇڏيو . پر ڪر خبر دير ڪيئي؟“
”يار توھان بہ ڪمال ٿا ڪريو اصل ھڪ ڏينھن جي مھلت نہ ٿا ڏيو“
پي_اي کلي چيس: ”تہ تنھنجي مرضي آھي تہ اڳواٽ ليٽر ڪڍون تہ ھتي ڪت خلق جمع ٿي وڃي! ڪن کي تہ اڃاليٽر ملندا!“
ھن سندس ان ڳالھين کي در گذر ڪندي چيو
”پر ڪر خبر آھي ڪو آسرو“
”آسرو ڪيو ھوندئي تہ ڇو نہ آھي آسرو. ڪر خبرڪو چئو چواء ڪرايو اٿئي!“
'”يار ڪٿي ٿو اسان جو ڪم ٿئي. ھڪ دوست کي ھٿ ڪيم پر پڻس وڃي اسلام آباد نڪتو.“ ھونئن پھرين بہ ھڪ صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبر کان سفارش ڪرائي هئائين تہ نوڪري وري قومي اسيمبليءِ جي سفارشيءَ کي ملي ۽ ٻئي ڀيري ھڪ قومي ميمبر ھٿ ڪيو هئائين تہ نوڪري وري وزير جو ماڻھو وٺي ويو. ٽئين ڀيري تہ ھڪ وزير تائين بہ وڃي پھتو ھو تہ نوڪري وري زوردار وزير جي ماڻھوءَ کي ملي. سندس وزير ڍرو وزير سڏائبو ھو. جتي وزيرن جي ڪلرڪيء لاء پاڻ ۾
چٽاڇيٽي ٿيندي ھجي ، اتي ڀلا ھي ڪٿي ٿو پھچي سگھي.
”پوء تہ استاد ھاڻي انٽرويو ڏين نہ ڏين تنھنجي مرضي. ڪو فرق نہ ٿو پو”
”ڇو يار انٽرويو ۾ آئون ثابت ڪندس پاڻ کي اھل.“
سندس دوست کان کل نڪري ويئي، رڳو ايترو چيائين:
”چڱو ڏسجائين. پاڻيھي خبر پوندء. باقي مون ....' ھن ڳالھ اڌ ۾ ڇڏي ڏني جو آخري اميدوار واپس اچي رھيو ھو.
پي_اي اٿي اندر ويو ۽ منٽ کن ۾ موٽي اچي چيائين ”وڃ يار اندر“
ھي اندر ويو. ھن ڏٺو تہ ٽيئي ويٺل آفيسر سنڌي ئي لڳا.
ھن کي تڪڙ مان پي_اي کان پڇڻ وسري ويو ھو تہ انٽرويو وٺڻ وارا ڪير آھن. انٽرويو ۾ ھن کان اھي ئي سوال پڇيا ويا جيڪي اڳيئي فارم ۾ ڀريل ھئا. پيءُ جو نالو، تعليم، ڊويزن، جنم جي تاريخ
۽ ٽائيپ بہ ايندي آھي، وغيره ھڪڙو انھن مان ڪنڌ جھڪايو، فائيل ڏسي رھيو ھو ڄڻ انٽرويو سان واسطو ئي ڪونہ ھئس. پنج منٽن ۾ مڙس ٻاھر ھو.
”ڪر خبر ٺيڪ ٿيو!' پي_اي ھڪدم پڇيس.
”يار اھڙو انٽرويو تہ سڀن جو ئي ٺيڪ ٿي ويندو. پر يار آخر خبر ڪيئن پوندن تہ اھل اميدوار ڪھڙو آھي. آخر سڀ تہ سفارش ڪونہ کڻندا.
'”يار اصل سؤ في سيڪڙو سفارشي، انٽرويو تہ آھي مڙيئي ڪاڳري ڪارروائي پوري ڪرڻي. مون هيترو سمجھايو ھو مائين، پر تون ڪو چئہ چوا ڪرايوئي ڪونہ . ھاڻي ڀلا اسين ڇا ڪريون ؟“
ھن کي وري بہ آس ھئي تہ، ھو فرسٽ ڪلاس ھو، کيڏاري ھو، ڦڙت ھو. باقي ڪلاڪ ٿيڻ لاءِ ان کان وڌيڪ ھن کي ڇا کپي. پڪ چونڊبو. حالتن ھن جو ساٿ ڏنو ھو، جو ھن جو ڪراچي پھچڻ اڻ ٿيڻي ھو، پر ٿيڻي ٿي چڪو ھو.
”يار ڪر خبر رزلٽ جي، پوندي ڪا پروڙ.“ ھن پي_اي کان پڇيو.
”ھوئن ”آفيشيلي“ تہ ٻہ_ٽي ڏينھن لڳندا، پر ھينئر نالا ”فائنلائيز“ ڪندا ھوندا. ويھہ تو کي ٻڌائي ڇڏيان. ھڪ ڪوپ چانھہ جو تہ آڻجان.“ ھن پٽيوالي کي اشارو ڪندي چيو.
چانھہ جو نالو ٻڌي ھن جي سڄي بک موٽي آئي. ھن حالت ۾ تہ اھو بہ وسري ويو ھو تہ ھو ڪالھ کان بکايل آھي. چانھہ جي ڪوپ جو ھڪ ڍڪ ھن لاء امرت ھو.
ٿوري دير کان پوءِ پي_اي ا ي ٻڌايس: ”يار معاف ڪجانء تنھنجو نالو لسٽ ۾ ڪونھي. مون تہ اڳيئي چيو ھو مانء.“
الائي ڇو ايڏي بم گولي وانگر ڪرندڙ خبر بہ ھن تي ڪو اثر نہ ڪيو ھو پڇي ويٺو، ڪر خبر پنھنجا گھڻا، پراوا گھڻا.“
”ٻہ پنھنجا ٻہ پراوا.“ ھن وراڻيو.
”سندن ڪواليفڪيشن؟ “ ھن جي سوال جي انداز مان ظاھر ھو تہ ھو ڌارين متعلق پڇي رھيو ھو.
”ٻئي ٿرڊ ڪلاس “ پر ٻنھي جون سفارشون پنھنجن کان بہ ڳريون ھيون. بابا ھتي ڪراچي ۾ ووٽ وٺڻا آھن.“
”اھي تہ ھوئن ئي ڪونہ ملندن، کڻي سڄي ڪراچي سوني ڪري ڇڏين.“ ”يار آئي ايم ساري ، پرواھ ناھي، وري ڪنھن ٻئي واري تي.“ ائين چئي ھو پنھنجي فائيل ۾ ڏسڻ لڳي ويو .
ھو اٿيو، موڪلائيندو، ڳرين وکن سان ھوري ھوري لڏندو لمندو ڏاڪڻ تان لھڻ لڳو. الائي ڇو ھن کي تغلق ھائوس جي نالي سان فيروز شاھ تغلق ياد آيو، جنھن سنڌ کي لٽي برباد ڪيو ھو . ھو دل ۾ وري نوڪريءَ جو حساب ڪرڻ لڳو. ٻن سالن ۾ ھي سندس پنجون انٽرويو ھو. ھن جي عمر ھينئر چوويھہ سال ھئي پر اڃان تائين نوڪري نہ ملي ھئي. ٻہ سال ۽ پنج انٽرويو. ھو آخر ڪيستائين جيئندو ؟
ھن ملڪ ۾ ماڻھن جي سراسري ڄمار چوٽيھن ورھين تائين آھي. ۽ ٿي سگھي ٿو تہ انھيءَ ڄمار کان بہ اڳ مري وڃي يا انھيءَ کان بہ وڌيڪ ڄمار ٿئي پر مسئلو ڄمار گھٽجڻ ۽ وڌجڻ جو نہ آھي. مسئلو نوڪريءَ جو آھي. چوٽيھن مان چوويھہ ويا باقي بچيا ڏھ. انھيءَ حساب سان انٽرويوئن جو
ڪل ڳاڻيٽو تہ ڳولي سگھجي ٿو، پر نوڪري ملڻ جو نہ ۽ نوڪري بہ ھڪ ايڪس فيڪٽر آھي جيڪو سلجھي پوي تہ سڀ مسئلا سلجھي وڃن.کيسي ۾ ھڪ پئسو بہ نہ . ڪراچي جھڙو ڌارين جو شھر، چوويھن ڪلاڪن جو بکايل ، ھٿ ۾ ڊگرين جو لفافو جنھن جي کولڻ جي نوبت بہ نہ آئي ھئي. ھو لڏندو ۽ لمندو ، ٿاٻڙجندو ، دروازي کان ٻاھر نڪري ھيڏانھن ھوڏانھن وائڙن وانگر نھارڻ لڳو. ڪراچي جون ڊگهيون اوچيون عمارتون ٽرئفڪ جي پيھہ پيھان ۾ بہ ھو پاڻ کي اڪيلو برپٽ منجھہ محسوس ڪرڻ لڳو. ”انگي حساب جي ٽہ رقمي جو جواب صحيح ڪڍڻ جو اھو مطلب تہ ڪونھي تہ ھو حياتيءَ جي ٽہ رقميءَ جو جواب بہ صحيح ڪڍي سگھي ٿو. حياتيءَ جو نصاب ڪو انگي حسابن جو ڪتاب ڪونھي.“ ھو سوچڻ لڳو.
ھو انھيءَ سوچ ۾ منجھيل ٻڏتر ۾ بيٺو ھو تہ ھن جي ڪنن تي ڪو آواز پيو. ڪنھن کيس اڙدو ۾ چيو: ”سائين وڏيرا، ڏاڍي دير لڳائي ڇڏيو!“ ھن ڪنڌ ورائي آواز تي نھاريو. سامھون ساڳيو ٽئڪسي وارو بيٺو ھو!

رات جنھين جو ماڳ

۽ وڏيري نواز خاص چوڌاري راجا کي چيو ھو_ طاھر بئنڪر کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪجھ ٿيڻ کپي. نواز لاءِ ڪار لاءِ پئسا ھٿ ڪرڻ حياتي ۽ موت جو معاملو بنجي ويو ھو. نواز چرچي ۾ راجا کي چيو ھو ”يار توھان بہ ايتريون پرمٽون ٿا وٺو ، ايتريون بسون اٿئو، توھان ڪيئن منھن ٿا ڏيو؟ اسان کي تہ ھڪڙي ڪار جي پرمٽ ملي آھي تہ پئسا -کٽي پيا آھن.“ وڏيري نواز، راجا کي گھڻائي اشارا ڏنا ھئا، پر منھن سان قرض نہ گھريو ھئائين نہ گھرڻ جي ھمت تي ساريائين. پاڻيھي راجا آڇ ڪري ھا تہ پوءِ ٻي ڳالھ ھئي..
”يار اھي تہ، سڀ بابا کي خبرون آھن تہ اسان رڳو حساب رکون ۽ بابا بہ پائي پائي جو حساب وٺي.“ راجا کي واپار جي سڀ خبر ھئي، پر ڪڏھن بہ پنھنجي ڏيتي ليتيءَ جو انت نہ ڏيندو ھو. ۽ يار اسان کي بہ بسن جي ڌنڌي ۾ چاچا وڌو. اصل اڙجي پيا آھيون. چاچا کي ڪھڙي خبر تہ پنجاب جي ڌنڌي ۽ سنڌ جي ڌنڌي ۾ ڪيترو فرق آھي. پاڻ تہ لاھور ۾ ويٺو_ موجون ڪري.“
اھا ٻي ڳالھ ھئي تہ سنڌ ۾ پنجاب کان وڌيڪ موجون ھيون، نہ تہ ھو ھتي ڇو ھجن ھا، ۽ ھي وڏيرا ظاھر ۾ مرسڊيز ڪارون۽ ٻہ ٻہ بنگلا رکندي بہ ڪڏھين ڪڏھين ايترا کٽل ۽ قرض ۾ ٻڏل ھوندا آھن جو مھل تي کيسا خالي ھوندا اٿن جيئن ھينئر وڏيرو نواز ھو. انھيءَ کان پوءِ ھوٽل تي ماني کائڻي ھئي. پر طاھر بئنڪر جي مرضيءَ واري ھوٽل ۾ ، جو مکيہ مھمان ھيءَ ھو . طاھر کي ھوٽل فاروق جي ماني ڏاڍي وڻندي ھئي خاص طرح نان پاوا_ اھي بہ تکين مرچن وارا!
اڄ رات ”پروگرام“ ٿيڻو ھو. پر مسئلو ھو تہ ڪٿي ٿئي. راجا جي گھر تہ ٻار ترسيل ھئا. اتي سدائين ٻار ترسيل ھوندا ھئن. پر راجا پنھنجي ذاتي ۽ ذات ڀائي دوستن کي اتيئي وٺي ويندو ھو. پر ھنن دوستن سان گڏ ڪڏھن بہ پنھنجي گھر ۾ پروگرام نہ ڪيائين. جي ڪو ترسيل نہ ھوندو ھو تہ اچڻ وارو ضرور ھوندو ھو! پوءِ ڀلي اچڻ وارو ھفتو نہ اچي! پر سندس اوچتي اچڻ جو سدائين امڪان رھندو ھو! راجا تہ آئين ئي چوندو ھو ۽ ڪڏھين بہ وڏيرن وانگر پنھنجي گھر کي چڪلو نہ بڻايو ھئائين. ھوڏانھن وڏيري نواز جي گھر مھمان ترسيل ھئا ۽ نواز جو پيءُ حج تي وڃڻ وارو ھو.
نواز، راجا کي سڄي بندوبست لاء چئي رھيو ھو: ”راجا اڄ پروگرام ٿيڻ کپي. طاھر کي آسرو ڏنو ھوم. پاڻ چار ڄڻا ٿيندا سون، ٻہ ڄڻيون ڪافي رھنديون.“
ڇڏ يار ٻہ وري ڇا لاء _ ھڪڙي ڪافي رھندي. ”راجا کي پئسا ڀرڻا ھئا سو جيترا پئسا بچنس اوترا چڱا _ وڌ ۾ وڌ مون کي کڻي نہ ڳڻيو ٻيو ڇا“
”نہ يار آئين وري ڪيئن ٿيندو“
نہ نہ _ وجھ مليو تہ واھ نہ تہ ٺھيو . ”راجا ھفتو اڳ ۾ ئي ھڪڙو ڳرو بل ڀريو ھو. جڏھن نواز جي پيء وزير
جي دعوت ڪئي ھئي تہ ولائيتي شراب راجا ئي آندو ھو.
”پر يار طاھر وري ڇا چوندو؟“
”چوندو وري ڇا _ وڌ ۾ وڌ پھرين ھو، ٻيو ڇا . مفت ۾ ھن کي ڪجھ بہ ملي.“
اوڏي مھل طاھر مفت جي شراب جي نشي ۾ لڏندي لمندو پي آيو.
طاھر جون واڇون ٽڙي ويئون ھيون، ”يار_ واھ، ڇا پتي جي ڳالھ ڪئي اٿئون قسم پروردگار جي”“
”پر طاھر، پروگرام گھر ۾ نہ ڪري سگھبو. خبر اٿئي بابا جن حج تي پيا وڃن ۽ راجا جي گھر بہ مھمان ترسيل آھن”
طاھر جي منھن جو پنو لھي ويو.
”اڙي يار طاھر، دل نہ لاھہ. اڄ پروگرام پڪ ٿيندو، پوءِ کڻي ڪوٺي تي وڃڻو پوي. ٻڌئي پر اڄڪلھہ ڏينھن ٺيڪ ڪونھن. اتي وڃڻ بہ جوکم آھي، سو ھاڻي پروگرام ٿيندو ڪلفٽن تي.“
'”ڪلفٽن تي ! “ طاھر بئنڪر جي چھري تي اچرج سان گڏ وري رونق بہ موٽي آئي.
”ڪلفٽن تي. اصل سمنڊ جي ڪناري. نواز جي ويگن ڪھڙي ڪم ايندي.“
سڄو مامرو ھيئن ٺھيو تہ ھو سڀ ھوٽل فاروق ۾ ماني کائيندا. راجا ”پرائيوٽن“ کي وٺي ھوٽل فاروق تي ”سنئڪس“ وٺڻ جي بھاني ايندو ۽ پوءِ انھن کي وٺي ڪلفٽن ڏانھن ويندو ۽ ھي پويان ڪار ۾ ايندا ھوٽل فاروق تي ماني کائيندي طاھر ڪجھ ماٺ ماٺ ھو. چھري تي گاڏر ساڏر تاثر ھو، ڪيڏي مھل کليو ٿي تہ ڪيڏيءَ مھل ماٺ ٿيو پي ويو. پر نان پاوا اھڙي جوش ۾ کائي رھيو ھو، جھڙو صدين جو بکايل ھجي..
”يار طاھر ھوريان کاء. ھيءَ ماني آخري تہ ڪانھي.“
نذير کٽل، طاھر کي چرچو ھڻندي چيو. نذير ۽ طاھر رڳو ھڪ ٻئي تي ئي چٿرون ڪندا ھئا. ھڪڙو کٽل ٻيو پوڍائو، ڪٿي ٿا اميرن سان چرچا ڪن. ھوئن بہ سنگت ۾ جتي ٻہ ڄڻا کٽل ھوندا آھن ، انھن جي پاڻ ۾ سدائين لڳندي رھندي آھي. ڇو جو غريبن جو ساڙ بہ ھڪ ٻئي سان ٿيندو آھي ۽ وس بہ ھڪ ٻئي تي ھلندو آھي.
طاھر بہ جواب جو ايترو تکو ھو جو کائنس پڄڻ محال ھو پر نذير جي خرچي جي جواب ۾ رڳو مرڪي ڏنائين ۽ پائي کي پورو چٽ ڪندي چيائين، ”ھر مومن جڏھن نماز ۾ بيھي تہ سمجھي تہ اھا سندس حياتي جي آخري نماز آھي ۽ جڏھن بہ ماني تي ويھي تہ اھو سمجھي تہ اھا سندس حياتي جي آخري ماني آھي!“ طاھر پنھنجي خوشگوار موڊ ۾ موٽي چڪو ھو. پوء وري نواز کي چوڻ لڳو ”يار نواز گھر تي، پوء ڪنھن ٻئي دوست جي گھرتي ئي سھي ، پروگرام نجي ھا تہ سٺو. ”طاھر اڃا ڪلفٽن واري سوچ سان سھمت نہ پئي لڳو
"پر ڪنھن ٻئي دوست جي گھر پروگرام ٿيڻ تہ پري رھيو، پر سچ پڇين تہ پنھنجو گھر خالي ھجي تہ بہ اتي پروگرام ڪرڻ اڄ ڪلھہ جوکم جو ڪم آھي.“ نواز مرڳوئي گھر واري ڳالھ کي بنھہ رد ڪرڻ ٿي گھريو.
”ڇڏيار توھان جي ھتي بادشاھي لڳي پيئي آھي. توھان جي تہ حڪومت آھي. اوھان جو پنھنجو سنڌي حاڪم تخت تي ويٺو آھي.“ طاھر پنھنجي باھہ ڪڍندي چيو.هونئن ڪنهن جي خلاف ڳالهائي دل جي باھ ڪڌڻ جي اھا بہ واٽ آھي تہ انھيءَ ڪارنامن کي ڪنھن دشمن جي کنڌي ۾ وڌو وڃي اھو تہ ٺيڪ آھي پر جيسين اسان جو حاڪم پان پھچي تيسين تہ ترا نڪري ويندا.“ وڏيرو نواز طاھر جي ڳالھ کي ڪنھن حد تائين مڃيندي چيو.کٽل نذير ايتري دير ماٺ ڪيو ويٺو رھيو ، پر پوء پاڻي جو گلاس پي ھڪ ڳيت ڏئي اوچتو ڦاٽي پيو ڄڻ جھجھڪي آئي ھجيس ”طاھر توکي ڪنھن چيو تہ اسان جي حڪومت آھي. اسان جي مٿان تہ سڀن کان وڌيڪ ظلم آھي. ماڻھو
اسان جا جيلن ۾ آھن ، ٻولي اسان جي ختم ڪئي ويئي آھي.
اسان جن رسالن ڪتابن تي بندش آھي، اڃا بہ تون چوين ٿو تہ حاڪم توسان جو پنھنجو آھي!“
”پوء اھو ڪنھنجو آھي. ڇا اوھان جو بہ ڪونھي. اسان جو تہ ظاھر ظھور دشمن آھي.“ طاھر بئنڪر بحث جي موڊ ۾ اچي چڪو ھو. ھونئن بہ طاھر جي لاءِ بحث ڪرڻ ايترو ئي ضروري آھي، جيترو پان کائڻ. نہ ھو بحث کان سواء جيئرو رھي ٿو سگھي ۽ نہ ئي پان کان سواء ۽ ٻي مکيه ڳالھ اھا تہ جنھن جي بہ حڪومت ھوندي، تنھن جي سڀني جي سامھون ساراھ ڪندو ھو، پر اڪيلي ۾ ماءُ ڀيڻ تي اھي گاريون ڏيندو ھو جو لکنو جي ڪوٺي تي ويٺل رنڊيون بہ شرمائجي وڃن. جتي اڙدوءَ جي ھڪ وڏي اديب جي چواڻي تہ نواب پنھنجي اولاد کي تھذيب سکڻ لاء ڇڏيندا ھئا.
وڏيرو نواب، طاھر بئنڪر جي ان ڳالھ تي تہ _ آخر سنڌي حاڪم ڪنھن جو آھي؛ چوڻ لڳو، ”چوڌاري راجا ھجي ھا تہ منھن تي ڪرايائين ھا تہ ڪنھنجو آھي.“ نواز کلندي چيو.
'”ڀائي ، تڏھن تہ چوندو آھيان تہ سڀني برائين جو خاتمو اسلامي نظام ۾ آھي.“ طاھر بئنڪر مسئلي تي فيصلو ڏيئي ڇڏيو.
ايتري ۾ سامھون کان چوڌاري راجا پاڻ اچي نڪتو. راجا اک ڀڳي. طاھر بئنڪر واڇون ٽيڙيندي ٽپ ڏيئي اٿي
بيٺو. ”ڪيئن استاد ڪم ٺھيو ؟“
طاھر ترس تہ سھي. بل تہ ڏيون. ”نواز کٽل ٽوڪيندي طاھر کي چيو ۽ طاھر بئنڪر ڦڪو ٿي ويھي رھيو.
”ٻڌو يار ، آئون ھلان ٿو ھتان سڌو نيو ڪلفٽن تي. اتي ترسندس. بس توھان جيئن پھچندو تہ تيئن اڳتي....' چوڌري راجا جي اڌ جملي ۾ سڄي مضمون جي معني لڪل ھئي.
ھوٽل مان نڪرندي چڪن تڪي جا پئڪيٽ بہ کنيا ويا، جي طاھر جي چوڻ تي ماني کائڻ کان الڳ ورتا ويا ھئا. ھونئن بہ رات جو پروگرام ھو، متان گھڻي دير لڳي..
ورلي ڪا اھڙي مھل ايندي آھي جڏھن ماڻھو پيٽ ۽ سرير جي بک ، ٻنھي کان ھڪ ئي مھل ۾ وانجھيل ھجي. ۽ چڪن تڪن جي پئڪيٽن کي اڄوڪين شام جي اخبارن ۾ ويڙھي پويان در وٽ رکيو ويو فاطمہ جناح روڊ کان ٿيندا ، ون وي وٽان مڙندا، وڪٽوريا روڊ ھاڻ اسلامي نالو حاجي عبدالله ھارون روڊ تان ٿيندا ڪلفٽن روڊ تي مرسڊيز ، ٻين گاڏين کي اوورٽيڪ ڪندي ، ڪلفٽن تان ساڳيءَ رفتار ۾ لنگھڻ لڳي ، جتي سنڌي حاڪم ، سنڌ جي محبت ۾ سنڌي ڪتاب ۽ رسالابند ڪري ھالا ڪاشيءَ جون سرون لڳايون ھيون . ڪلفٽن برج اڪرنديئي ڪار ھاڻي خيابان اقبال تان پي ويئي. اقبال جي نالي تي پي_اي_سي_ايچ سوسائٽي ۾ ھڪ روڊ اڳ ۾ ئي آھي ، پر رڳو ھڪڙي روڊ تي نالو ٺھي نہ ٿو ھوئن بہ جيڪو رعب ”خيابان“ لفظ ۾ آھي اھو ”روڊ “ ۾ ڪونھي. ھانئن ھڪ ڪالوني گلشن اقبال بہ آھي. وس پڄين تہ ڪراچيءَ جي ھر روڊ ، ھر ڪالوني جو نالو ڪنهن نمومي اقبال تي رکي ڇڏين! باقي لطيف جو نالي ڪراچي ۾ ڳوليو نہ لڀندو. لطيفجي نالي کي ڳولڻ اصل ۾ ”ملين ڊالر ڪوئسچن“ آھي! اھا خميس جي پر اسلامي حساب کان جمعي جي رات ھئي ۽ ڪلفٽن تي جمعي کان وڌيڪ رش ٿي نظر آئي ، جو ايڏانھن عبدالله شاھ جي درگاھ آھي جتي ڪراچي جا ماڻھو پنھنجي عقيدت جو اظهار ڪرڻ ، پري پري کان ڪھي ايندا آھن ۽ موٽ ۾ پراين ڪارن ۾ لفٽ وٺي گھر پھچندا آھن. ڪار جڏھن ڪلفٽن پرامينيڊ تي پھتي تہ پريان بيٺل وئگن ، ايتري رش ۾ بہ پڌري پي نظر آئي. ھنن پھچي ھارن ڏنو ۽ ٿوري دير ۾ وئگن اڳيان ٿي ۽ ڪار پويان ۽ پوء ھيٺ سمنڊ جي ڪناري ڏانھن روان ھيون.
”ھو ٻيو ڪير ويٺو آھي ويگن ۾ ؟“ طاھر بئنڪر کان ڇرڪ نڪري ويو. ويگن راجا ھلائي رھيو ھو ۽ پويان سيٽ تي ھڪ عورت جي جھلڪ پي نظر آئي ۽ اڳيان ھڪ ٻيو ماڻھو ويٺو ھو.
آئون سمجھان ٿو شايد ”پمپ “ آھي. ڀڙوي کي ”پمپ“ چوڻ اعلي تھذيب جي نشاني آھي. نذير کٽل بہ پنھنجي مھذب ھئڻ جو مظاھرو ڪندي اھو ٻول استعمال ڪيو..
'”اڙي ، اھو تہ ، نورالله ٿو لڳي.“ نواز هن ماڻھو کي سڃاڻيندي چيو
” نورالله ڪير؟“ طاھر بئنڪر جي گھٻراھٽ وڌي رھي ھئي.
”راجا جو سوٽ.“ نذير بہ کيس سڃاڻيندي چيو. چوڌريراجا جڏھن ڪنھن پروگرام تي پئسو خرچيندو ھو، پوءِ کڻي پرائيوٽن تي ھجي يا شراب تي، پاڻ سان گڏ رونگ ۾ ڪونہ ڪو سؤٽ ماسات ضرور آڻيندو ھو. پنھنجي خرچ مان ڪجھ تہ وصولي واپس گھر ۾ اچي!
چوڌري راجا ۽ وڏيري نواز کي ، واٽون ۽ لنگھ ساريا پيا ھئا. منظر موھيندڙ ھو. چانڊوڪي رات ، ٻارھين تيرھين تاريخ جو چنڊ ۽ لھرن جي اڇل ۽ سمنڊ جي ڪناري جي رومانيت ۾ ھڪ زال جي موجودگي ، اڃا بہ وڌيڪ سونھن پيدا ڪري ڇڏي ھئي ويگن ۾ ڪار بتيون ۽ روشنين کان ڏور سمنڊ جي ڪناري ھوريان ھوريان اڳتي وڌي رھيون ھيون ۽ ڪراچي جو شھر پٺتي ٿيندو پي ويو. نيٺ ھڪ ھنڌ تي وئگن ور کائي سمنڊ کي پٺ ڏئي بيھي رھي. جيئن ويگن پاسيرڙي ٿي تہ وڏيري نواز جي ڪار جي روشني ۾ ويٺل زال جو چھرو جرڪي اٿيو
”معشوق تہ دلبر ٿو ڏسجي“ نذير کٽل جي وات مان نڪتو.
دلبر ھجي يا نہ _ ھاڻي تہ اھڙي اسٽيج تي آھيون تہ ڪھڙو بہ ھجي!“ طاھر بئنڪر اک ڀڃندي نواز کي چيو.
۽ نواز کلي ڏنو. ھروڀرو، جيتوڻيڪ ڪا اھڙي کلڻ جي ڳالھ ڪانہ ھئي طاھر کي خوش ڪرڻ لاءِ.
نواز بہ ڪار کي موڙيو ۽ اھا بہ ساڳي ڏس ۾ پر سمنڊ کان پري ٿورو ڪناري ڏانھن وڌي بيھي رھي. سڀئي لٿا، بوتلون کلي ويون ، گلاس نڪري آيا ۽ ڪار جو بانيٽ ڄڻ ٽيبل بڻجي وئي. طاھر بئنڪر ، چوڌري راجا ڏانھن ڏنو ۽ پوء زال ڏانھن ۽ سڀني کان پھريون گلاس کڻندي راجا کي چيو، ”ڇو نہ راجا محترما شريڪ نہ ٿيندي ڇا!“ راجا اڳتي وئگن ڏانھن وڌيو. ڪجھ ڳالھائي ۽ پوء مرڪندي
واپس وريو.
" ”يار ھو تہ بر ٿي ويٺي آھي_ چوي ٿي ٻن جي جاء تي پنج ڪونہ ھلندا.“
”چئينس تہ ھوندو ھڪڙو باقي ٻيا فلم جي شوٽنگ ڪندا بليو فلم ٺاھيندا سون.“ طاھر چيو ۽ سڀني گڏجي ٽھڪ ڏنو گلاس خالي ٿي چڪا ھئا. نذير ٻيھر گلاسن کي ڀرڻ لڳو.
طاھر ھٿ روڪيندي چيو ، ”بس استاد باقي پوء“ "
راجا ويگن جو پويون در مٿي ڪيو. ڪجھ وڇائڻ لڳو ۽ سرڙ سرڙ جو آواز اچڻ لڳو.“
" ”اھو ڇا پيو ڪرين.“ وڏيري نواز رڙ ڪندي پڇيو.
”يار دري وڇائي ھئم_ پر خراب نہ ٿئي سو اخبارون پئي مٿان وڇايم. اخبارون تہ پڙھيونسين بہ ڪونہ ، مھل ئي ڪونہ ملي“ راجا وراڻيو ۽ انھن اخبارن مان اھو بہ ھڪ فائدو ھو. سچ ڪراچي تہ ڇا ، پر سڄو ملڪ انھن ابارن کان سواءِ ھلي نٿو سگھي_ اھو ڪھڙو ڪم آھي جو اخبارون
نہ ٿيون ڏين.
ايتري ۾ وڏيرو نواز حڪم جي انداز ۾ ڳالھائڻ لڳو ،
”يارو، ڳالھ ٻڌو. طاھر اسان جو مھمان آھي پھرين ھو ۽ اصل ۾ سچ پڇو تہ اڄوڪو پروگرام اسان طاھر جي ”آنر“ ۾ ڪيو آھي.
”نہ يار نواز ڀائي. طاھر تڪلف واري انداز ۾ چيو. جنھن تڪلف ۾ اڳلي جي ننھڪر سمايل ھوندي آھي، انھي ۾ پڪ ھوندي آھي تہ اڳلي کي ننهڪر تہ ڪرڻي ڪونهي! پر انهيءَ تڪلف ۾ اڳلو ڪٿي ننھڪر کي سچ سچ نہ ئي سمجھي وٺي تہ پوء انھي تڪلف ڪرڻ واري جي شڪل ڏسڻ وٽان ھوندي آھي. تڪلف منافقي جي شريفاڻي صورت جو ٻيو نالو آھي طاھر تڪلف ڪندو وڃي ھن وٽ پھتو..
”يار ھي تہ ڪاوڙي ويٺي آھي. چوي ٿي، هٿ لائڻ بہ ڪونہ ڏيندس.“ “طاھر بئنڪر“ پويان رڙ ڪئي. راجا ويگن وٽ لنگھي ويو، ۽ ٿوري دير ۾ ئي ڇوڪري ۽ طاھر ٻنھي کي پاڻ سان وٺيو آيو.
يارو توھان اڪيلي اڪيلي ”ڊرنڪ“ ڪيئو. ھن کي وساري ڇڏيو. ۽ نذير کٽل ھڪ گلاس کڻي ڇوڪريءَ جي اڳيان ڪيو.
اوھان جو نالو؟“ نذير گلاس ڏيندي پڇيس
ھن پنھنجو نالو عائشه ٻڌايو.
"سبحان الله ڇا نالو آھي!“ طاھر واکاڻ ڪندي چيو.
”يار ھي بہ ڪو نالو آھي_ اڄڪلھہ تہ ماڊرن نالا پيا ھلن. اھي تہ 'اولڊ' نالا آھن ، گھٽ ۾ گھٽ ٽيھہ سال اولڊ نواز کٽل چيس
سڀ نالا سھڻا آھن. زال تي جيڪو بہ نالو رکو، ڪھڙو بہ ھجي ، سھڻو نالو ٿيو پوي. ' طاھر انھي وچ ۾ ھڪڙو ٻيو گلاس کڻي ورتو. ”نہ مس عائشہ، تو کي پڪ عاشي چوندا ھوند“ا
٬ ھا، تہ مس عاشي، اسين گھڻا ٿا لڳون ، تہ سؤ رپيا ٻيا.
بس نه! ' راجا کيس راضي ڪرڻ لاء آڇ ڏني.
'”بلڪل مناسب.“ طاھر بہ فيصلو ڏنو. پئسا ھن تہ ڪونہ ٿي ڏنا باقي رعب اھڙو ھو ڄڻ پاڻ ٿي ڏنائين..
ھن سؤ روپين واري واڌ جي آڇ نظر انداز ڪندي کين ٻڌايو تہ سندس طبيعت ٺيڪ ڪانھي
پوء تون آئين ڇو ؟" نورالله، چوڌري راجا سوٽ جيڪو ايتري دير چپ ويٺو ھو، تنھن بہ پھريون ڀيرو ڳالھايو.
ھوء ٻڌائڻ لڳن تہ پئسن جي ضرورت ڪري. پڻس سخت بيمار ھو. ٻئي ڏينھن اسپتال ۾ داخل ڪرائڻو ھو..
”تڏھن تہ توکي سؤ رپيا وڌيڪ پيا ڏيون نہ ،“ ھاڻي وري نذير کٽل سؤ رپين جي واڌ واري آڇ جي ڳالھ ڪئي ”طاھر وانگر رعب سان ڳالھائيندي چيو ، ڄڻڪ ھن پنھنجي بہ کيسي مان ٿي ڏنا..
”نہ تہ ھتان ھلي سڌو ٿاڻي ۾ ڇڏيوس تہ پاڻيھي خبر پوندس“ طاھر بئنڪر ڌمڪي ڏنس.
”ڪتيءَ کي وڌيڪ کپن. پيٽ ئي نہ ٿو ڀرجيس .”وڏيري نواز ڪاوڙ ۾ ڳالھايس.
ھو ھيسجي ويئي_ ۽ طاھر ان جي چھري جا اھڃاڻ پڙھندي کيس ٽوڪڻ واري انداز ۾ چوڻ لڳو..
”محترما، ھتي سمنڊ ڏاڍو گھرو آھي. ۽ سڀ کان وڏي خرابي اھا آھي تہ ھتي تہ لاش بہ نٿا لڀن، پوء وري راجا نذير کٽل ڏانھن منھن ڪري چوڻ لڳو ، ”يار توھان ھلو_
ھروڀرو پيا گرم ٿيو، ھن جي ننھڪر ڪونھي.“
۽ ھو ڳرين وکن سان لاچار طاھر سان گڏجي ڇڪجي پويان ويگن ڏانھن نيئي ويئي
ٿوري دير کان پوء طاھر موٽيو. پر ھن ڀيري ٿورو ڪرڪندو آيو. ڪن ماڻھن جي عادت ٿيندي آھي تہ ڪنھن شي کان ننھڪر بہ نہ ڪندا تہ وري ڪرڪندا بہ جھڙوڪ ٻين تي مھرباني ڪندا ھجن..
اھڙي طرح سڀ واري واري سان پويان ٿيندا آيا. طاھر بئنڪر کان پوء وڏيرو نواز تنھن کان پوء کٽل نذير ۽ آخر ۾ چوڌري راجا جو سوٽ نورالله. چوڌري راجا ھن جي بيماري تي رحم کائي پنھنجو وارو ڇڏي ڏنو يا ھيترن ماڻھن کان پوء وڃڻ تي دل نہ ٿي ھوندس واپس ٿيڻ مھل وئگن اڳيان ٿي ۽ ھي ڪار ۾ پويان ٿيا.
رات جا ٻہ ٿي رھيا ھئا ، متان ڪو واٽ تي پڇاڳاڇا نہ ڪري ان ڪري گاڏيون گڏوگڏ سمنڊ جي ڪناري تان ڊوڙيندي ڪلفٽن جي ون وي واري چاڙھي تان مٿي پھريون ۽ جڏھن ڪلفٽن
جي پھرين چوواٽي تي پھريون تہ پريان روشني ۾ ڪجھپوليس وارا نظر آيا
ڀرسان ڪار بہ اچي بيھہ رھي. نواز ڪار مان ئي پڇيو،
”ڇو ڇا ٿيو؟“
'يار پريان ڪجھ گڙٻڙ ٿي ڏسجي. اسان کي ھن کي ھتي لاھڻو پوندو. ”چوڌري راجا انگريزي ۾ وڏيري نواز کي چيو
”پوء لاھينس“
”اھو تہ چيو مانس ، پر لھي ڪانہ ٿي. چوي ٿي ھتي نه“
”اڙي لھہ نه.“ نواز ڪاوڙ مان رڙ ڪري چيو. نذير۽ طاھر بہ در کولي ھيٺ لھي آيا. ۽ ھو ٻاڏائڻ لڳي تہ، کيس گھر پھچڻو آھي. سندس پيءُ بيمار آھي پاڻ بہ ٺيڪ ڪانھي خدا ۽ رسول جا واسطا ڏيڻ لڳي ، پنجتن پاڪ جي مھابي ٻاڏائڻ لڳي.
٬ ”بند ڪر اھا ايڪٽنگ، ڪميڻي.“ چوڌري نواز ھڪل ڪري چيو. پر ھو آزيون نيزاريون ڪرڻ لڳي.
طاھر ھوريان اڳتي وڌيو ۽ چوڻ لڳو ، ”يارو توھان ماٺ ڪريو. ائين نہ لھندي. ائين چئي ھو اڳتي وڌيو ۽ دري ۾ منھن وجھي چوڻ لڳو، ”محترما اوھان پاڻ تشريف کڻي وڃو . اھو اوھان جي حق ۾ بھتر آھي، نہ تہ ھروڀرو ھلندي ڪار مان اوھان جي تشريف اسان کي لاھڻي پوندي.
طاھر جا آھي جملا ٻڌي ھو طاھر جي اڳيان ھٿ ٻڌڻ لڳي، ۽ روئيندي کين پاڻ سان وٺي ھلڻ لاء چوڻ لڳي.
طاھر وري سائين کي چوڻ لڳو ، يار ھي ائين نہ مڃيندي. ڪو بہ انسان پنھنجي جاء ، کڻي ھو گند تي بہ ويٺل ڇو نہ ھجي ، زبردستي کان سوا نہ ڇڏيندو.
طاھر ۽ نورالله وڃي ھن ۾ ھٿ وڌا ۽ کيس گھلڻ لڳا ۽ رستي تي آڻي جو اڇلايو تہ ڇوڪري جو مٿو وڃي چوواٽي تي ٺھيل يادگار جي سنگمرمر جي ڀت سان لڳو..
ڪلفٽن جي انھي چوڪ کي شھيدن جو يادگار چئجي ٿو. جنھن تي جيڪو ڪتبو لکيل ھو ، سو نذير کٽل ۽ طاھر بئنڪر سدائين گڏجي پڙھندا ھئا. نذير سنڌي ۾ لکيل وارو تہ طاھر اڙدو وارو پڙھندو ھو.
' انھن لکن مسلمانن جي ياد ۾ جن ڪشالا ڪڍي، ڏک ڏاکڙا سھي، پنھنجي پگھر ۽ رت سان آزادي جي راھه روشن ڪئي. انھن جون قربانيون اسان جي تاريخ ۽ اسان جي دلين تي نقش آھن. اسين کين پاڪستان کي ھڪ زندھ حقيقت بنائڻ تي سلام ڪريون ٿا.
اھا ڪالھ خميس يعني جمع جي رات جي ڳالھ ھئي.
اڄ وري ھو ڪالھ جيان گھمڻ نڪتا ھئا. اڄوڪي سجھا ۽ ڪالھوڪي سجھا ۾ ڪو مکيا فرق ڪونہ ھو،
سواء ان جي تہ اڄ گھم ڪجھ گھٽ ھئي. آسمان ۾ ڪڪرن جون ٽڪريون ھيٺ رستي تي ڊوڙيندڙ اڻ کٽ ڪارن جي سلسلي جيان پي لڳيون ، پر مٿي ون وي ٽرئفڪ ھئي تہ
ھيٺ ٽو_وي ، بس ايترو فرق ھو.
ھنن جي مرسڊيز ايس_ آيل ۳۰۰ بہ چرچاٽ چيڪاٽ ڪندي، پاڪستان ايمپلائيز هائوسنگ سوسائٽي مان نڪري طارق روڊ آئي. طارق روڊ تي پھچندي ئي ٽنھي اوچتو ائين ماٺ ڪئي، جيئن ڪنھن غيبي طاقت حڪم ڪيو ھجي ۽ ٽنھي جا ڪنڌ الڳ الڳ ڏسن ۾ ائين لنوڻيون ھڻڻ لڳا ڄڻ اھو بہ غيبي طاقت جو ئي حڪم ھجي. طارق روڊ جي رونق پنھنجي جوڀن تي ھئي. ڪراچي جو نئون شاپنگ سينٽر جيڪو ٻين شاپنگ سينٽرن وانگر شاپنگ سينٽر گھٽ ۽ 'ھنٽنگ' سينٽر وڌيڪ آھي. جتي ھرڪو ائين لڳندو آھي ڪجھ 'ھنٽ' ڪري رھيو آھي. جتي ھر ڪو ھنٽر آھي تہ وري ھرڪو 'ھنٽيڊ٬ بہ جيتوڻيڪ پنھنجي پر ۾ ھرڪو ائين سمجھندو آھي تہ ھو ھنٽر آھي! انھي لحاظ کان سڄو شھر شاپنگ سينٽر آھي! ھن جون اکيون ڪار سان گڏوگڏ سڄي طارق روڊ جو طواف ڪندي اقبال روڊ کان ٿيندي اچي شاھراھہ قائدين تي نڪتيون. جتان وري سنڌي مسلم هائوسنگ سوسائٽيءَ مان ٿينديون ڊرگ روڊ تائين اچي پھتيون. سگنل جي ڳاڙھي لائيٽ ڪار کي بيھاري وڌو ۽ آٽوميٽڪ سگنل جيان اوچتواخبارون سندن اکين اڳيان ، درين آڏو اچي بيھي رھيون.
ڇوڪرا سنجھا جون اخبارون جھلي ائين بيٺا ھوندا آھن ڄڻ اھي بہ سگنل سان ٻڌل ھجن . ھوڏانھن ڪار بيٺي ناھي تہ ھو بہ اخبارون آڏو جھلي بيٺا ناھن.نواز وڏيري جي پٽ،اخبارون ورتيون پر اسٽيئرنگ تي ويھڻ ڪري پئسن ڪڍڻ ۾ ٿوري ڏکيائي لڳس، تنھن وچ ۾ نذير کٽل ھڪدم روپيو ڪڍي اخبار واري کي ڏنو
'”مان ڏيانس ٿو يار“ نذير کٽل سدائين اھڙين ننڍين رقمن ڪڍڻ ۾ فراخ دلي ڏيکاريندو ھو. پر جڏھن ڪو گھڻو يا ڳريڙو خرچ ڀرڻو ھوندو ھو تہ اھڙي تہ اداڪاريءَ سان ڪن لاٽار ڪندو ھو ڄڻ ھو ھنن سان گڏ نہ پر ڌاريو آھي.ھونئن بہ خرچ ڪرڻ سندس وس وٽان بہ نہ ھو. غريب ، اميرن جي سنگت ۾ ڪتي وانگر پلجندا آھن.
سنجھا جون اخبارون ڪنھن جاسوسي ناول کان گھٽ ڪونہ ھونديون آھن. اھوئي ڪارڻ آھي، جو ڪراچي جا ماڻھو جيتريون سنجھا جون اخبارون ٿا خريد ڪن، اوتريون صبحوڪيون نہ ۽ ھي صبحو ڪيون اخبارون بہ آفيسن ۾ نہ اچن تہ شايد پڙھجن بہ نہ ! چون ٿا ڪراچي ، پاڪستان جودماغ آھي ۽ انھن سنجھا جو اخبارن مان دماغ جي سوچ جو ڪاٿو لڳائي سگھجي ٿو ۽ انھن سنجھا جي اخبارن ۾ ڪابہ گنڀير خبر نہ ھوندي آھي ! پر گنڀير خبر تہ صبحوڪين اخبارن ۾ بہ نہ ھوندي آھي سگنل جي سائي بتي ٻري ۽ نواز ھڪ جھٽڪي سان اسپيڊ ۾ جو گاڏي ڦيرائي ڊرگ روڊ تي آندي تہ طاھر کان ڇرڪ نڪري ويو
ڌيري يار ڌيري. طاھر بئنڪر اڙدو ۾ چيو. پر نواز مرڪندي ڪارجي اسپيڊ اڃا بہ وڌائي ڇڏي. استاد! معشوق!
طاھر بئنڪر رڙ ڪندي چيو..
نذير کٽل طاھر جي رڙ کي نظرانداز ڪندي ڪار جي دري مان پريان ليئو پائيندي پاڻ رڙڪئي..
'پويان رڪشا ۾، استاد! لفٽي پيون لڳن. ھن وري پڪ ڏياريندي چيو. وڏيري نواز بہ پنھنجي سامھين آرسيءَ کي ٺيڪ ڪندي انھي مان پويان ڏٺو. نذير جي ڳالھ صحيح ھئي. رڪشا ۾ ويٺل ٻئي ڇوڪريون مرڪي رھيون ھيون. ھن ايڪسيليٽر تان پير ڍرو ڪيو ۽ ڪار بہ ڍري ٿيڻ لڳي ۽ ڀر مان ٻيون ڪارون زوزاٽ ڪنديون اڳتي نڪري ويئون. رڪشا پنھنجي ساڳي رفتار سان وڌي اچيڪار جي ويجھو ٿيڻ لڳي ۽ نواز اڃا بہ اسپيڊ گھٽائيندي ڪار کي رڪشا جي پوروڇوٽ ملائڻ لڳو.
ھنن ٽنھي بہ جواب ۾ مرڪي ڇوڪرين ڏانھن نھاريو. ڇوڪرين جو ھاڻ مرڪڻ نيڻن سان گڏ آمدگي ڏيکارڻ لڳو.
استاد ڪم تيار آھي. طاھر بئنڪر واڇ ٽيڙيندي چيو ۽ گگ ذري گھٽ ڳرڻ کان بچي ويئي وڏيري نواز اکين سان اشارو ڏيندي ٿورو ڪنڌ ڌوڻي کين بيھڻ لاء چيو ۽ جواب ۾ ڇوڪرين، رڪشا واري کي ڪجھ چيو ۽ رڪشا ڍري ٿيڻ لڳي ڀرپاسو وٺي بيھڻ بدران سامھون چوواٽي تان کاٻي ھٿ تي اوچتو مڙي ويئي.
لاء ائين اوچتو کاٻي پاسي مڙڻ ڏکيو ھو ، جو پاسن کان ۽ پويان ڪارن جو ريلو لڳو پيو ھو ، پر نواز لاء ڪار کي ائين اوچتو موڙڻ ٻاراڻي راند ھئي. ھن ڪار کي ٿورو اڳيان ڪري ڪار بيھارڻ جي اڇي ليڪ کي لتاڙي ائين گاڏي ڦيرائي لنگھي ويو جيئن ڪو خالي رستي تان ڪارھلائيندو ھجي.
ھو سمجھي ويا تہ رڪشا کي بيھڻ لاء اھو پاسيرو روڊ بھتر ھو ، جتي رش نالي ماتر ھئي ، پر پريان ويندڙن رڪشا بيھڻ بدران اڃا بہ تکي ٿي ويئي. نواز بہ رفتار تکي ڪئي ۽ ڪجھ بي دليو ٿي چوڻ لڳو ، ' يار ڪم ڪونہ ٺھيو.٬
'نہ يار ٿورو تہ اڳتي ھل _ ڪم تہ تيار آھي، ڏس تہ نھارين تہ پيون ھن پاسي. ' طاھر بئنڪر جي واڇ جي ٽيڙ تہ ختم ٿي چڪي ھئي پر ھن آسرو نہ لاٿو ھو.
نواز، ڪار کي اچي بنھن رڪشا جي پويان ڪيو ۽ ڇوڪرين بہ ڄڻ ڪنھن غيبي طاقت جي حڪم تي پويان نھاري کلي ڏٺو ۽ ڇوڪرين جو ور ور پويان نھارڻ ، مرڪڻ ۽ ڇوڪرين جو پاڻ ۾ بہ کيچل ڪرڻ جو سلسلو جاري ھو، پر رڪشا جڏھن ڊفينس سوسائٽي جي ويجھوپھتي تہ ڇوڪريون ھڪدم سانت ٿي سڌو ٿي ويھي رھيون ۽ رڪشا کي مڙڻ لاء چيائون ۽ رڪشا ڊفينس سوسائٽي جي مسجد واري پاسي ڏانھن مڙي تہ مڙندي مھل ھڪڙي رڳو ھنن ڏانھن ٽيڙي نظر وڌي ۽ ٻئي ائين گنڀير ٿي ويھيرھيون، ڄڻڪ ڪي ٻہ بزرگ عورتون ويٺل هيون .
رڪشا ننڍي رستي تان مڙي ھڪ بنگلي آڏو بيھي رھي ۽ ھنن جي ڪار کين اورانگهي اڳتي وڌي وئي.
بنگلي ۾ گھڙندي انھيءَ ساڳئي ڇوڪري وري ھنن جي ڪار ڏي نھاريو. پر انھيءَ جو ڪو اثر ڪونہ ٿيو. ٽنھي جا منھن لھي ويا ھئا
ڇڏيو نہ يار وڏيري نواز اھڙين مرڪن تي ھريل ھو.
ھلو ڪلفٽن ھلون. اڄ جمعو آھي ڏاڍي رونق ھوندي. اتي اصل پڪ ڪم ٿيندو. وڏيري نواز گاڏي کي ڦيرائيندي چيو. جمعي ڏينهن جيتري لئہ تہ ڪنھن بہ ڏينھن نہ ٿيندي آهي
طاھر بئنڪر جو تہ ھاڻي منھن لھي ويو ھو. ھن کي انھن ڇوڪرين ۾ وڏي آس نظر آئي ھئي. پر وريھمت ڪري چوڻ لڳو، يار نواز ڀائي تڪڙ آھي ڇا؟ ٿورو کڻي ٿا ترسون. بس ڄاڻ نڪتيون، يار ڪم تہ فٽ پئي لڳو.
ھا يار ڪم تہ تيار ھو. نظير کٽل بہ طاھر جي ڳالھ کي ڳنڍ ڏني. اھڙن ڳالھين ۾ طاھر ۽ نذير ھڪٻئي سان سھمت ٿي ويندا ھئا
ڇڏيو يار ھي اوسيئڙو ڪرڻ نہ مون کي وڻي ۽ نہ وري سھي سگھان. ڪم ٺھي تہ واه نہ تہ وڃي کڏ ۾ پئي. اھي اوسيئڙا اھي عشق، اسان ڪڏھن ڪيا نہ ڪنداسون. عشق ڪرڻ کٽلن جو ڪم آهي. وڏيري نواز ٻنھي يارن جي الومان کي رد ڪندي چيو
”پر نواز ڀائي ٿوري دير اوسيئڙو ڪرڻ ۾ آخر ڪھڙو ھرج آهي يار چيو مڃ، بس ڏھ منٽ، وڌيڪ نہ ترسنداسون.“
”نواز اٺ ڏھ منٽ، ھونئن بہ ڪھڙو ڪم اٿئون.“
نذير کٽل وري طاھر جي ڳالھ کي ڳنڍ ڏني.
”چڱو يار جيئن چئو.“ وڏيري نواز لاچاريءَ ۾ گاڏي وڃي چوواٽي جي اوريان بيھاري. ”يار طاھر توکي تہ خبر آھي انھن جنجھٽن ۾ پاڻ نہ پئون. اسان کي تہ ٺھيل ٺڪيل ڪم کپي __”اھي ڌڪا نذير کاڌا آھن ڇورين جي پويان.
اُس ۾ ۽ لڪن ۾ ھر معشوق کي حفاظت سان گھر پھچائي ايندو هو!“ وڏيرو نواز کلڻ لڳو.
”۽ طاھر يار مون معشوق ٺاھڻ ۾ يڪو سال ورتو. يڪو سال ۽ پوءِ ھو پنھنجي ساھيڙي وٺي آئي نواز لاءِ ۽ مون کي ٻيو سال لڳو تہ مس وڃي چمي چٽ تي پھتس ۽ ھي مڙسٻيءَ ملاقات ۾ ڪم ٽپائي ويو. وڏو بلازير ٿئي!“ کٽل نذير،
وڏيري نواز جي چمچاگيري ڪندي چيو.
”سو وري تو وانگر پيو سوچبو ڇا. نہ ڄاڻ نہ سڃاڻ، ڇوريون ڇا لاءِ ٿيون ملڻ اچن، عبادت ڪرڻ لاء! منھنجو تہ اصول آهي تہ دير ڪندو تہ مرڳو ئي ڇوري ڀڄي ويندي ۽ چوندي تہ ٽپڙئي ڪونھيس! وڏيري نظير پنھنجي فلسفي جي ڌاڪ ويھاريندي چيو ھا يار توھان ڏاڍي لئہ ڪئي آھي. اسان کي سڀ خبرون آھن.“ طاھر بئنڪر نواز ڏانھن نھاريو، نواز اخبار جا سر جملا ڏسي رھيو ھو. طاھر بہ اخبار کنئين ۽ اخبار ڏسڻ لڳو.
باقي ھڪڙي اخبار بچيل ھئي ۽ اھا وري نذير جي ڀاڱي ۾ آئي. ٽيئي ڳالھيون بہ ڪري رھيا ھئا، بنگلي جي در تي بہ نظر ھين ۽ اخبارون بہ پڙھي رھيا ھئا. ڪراچي جي انھن اخبارن جو اھو بہ ڪم آھي تہ ھو ماڻھن کي گھڻو اوسيئڙو محسوس ڪرڻ نہ ٿيون ڏين وڏيري نواز جي چھري تي بيزاري جا اھڃاڻ ظاھر ٿي رھيا ھيا. اڃا ھو ڪجھ چوڻ تي ھو تہ ھو ٻئي ڇوڪريون بنگلي مان نڪتيون. ھٿن ۾ ٽوڪري ھئن جا پھرين ھنن وٽ ڪونہ ھئي. ٽئي دوست اوچتو کڙا تڙا ٿي ويا. اخبارون ھٿن مان سري پاسيري سيٽ تي پيرن ۾ ڪري پيئون.
ڇوڪريون ٽلنديون ٽلنديون پاسيري روڊ کان نڪري مين روڊ تي اچي بيھي رھيون ۽ خالي رڪشا جي ڳولها ۾ نظرون ھيڏانھن ھوڏانھن ڊوڙائڻ لڳيون. ھڪڙي رڪشا لنگھي، پر اشارو تڏھن ڪيائونس جڏھن ھوءَ لنگھي چڪي هئي. نواز گاڏي اسٽارٽ ڪئي. نواز لاءِ اھو اشارو ڪافي ھو.
يار صبر جو ڦل مٺو ٿيندو آهي___ نواز ان الله مع الصابرين! طاھر بئنڪر جون واڇون وري ٽيڙجي چڪيون هيون ۽ انھن مان ٿوري گگ بہ ڳڙڻ لڳي ھئي..
نواز گاڏي سندن ڀر ۾ بيھاري ۽ طاھر آڇ ڏني، ”اچواوھان کي ڇڏيندا ھلون؟“
ڇوڪرين ٿوري اداڪاري ڪندي ڪجھ ھٻڪ ڏيکاري. ۽ نذير دروازو کولي ٻاهر نڪري آيو ۽ ڊرائيور وانگر ڪار جو در جھليندي چيو: تشريف رکو محترما.“
نذير ھميشه ايئن اڙدو ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندو هو.
ٻئي ڄڻيون پوئين سيٽ تي ويهي رھيون ۽ نذير اڳين سيٽ تي طاھر ۽ نواز سان گڏ اچي ويٺو. ڪار رواني ٿي وئي ۽ ٺيڪ انھيءَ وقت ڊفينس سوسائٽي جي ايئرڪنڊيشنڊ مسجد مان سانجھيءَ جي ٻانگ لائوڊ اسپيڪر تان ڏاڍي مڌر آواز ۾ اچي رھي ھئي!
سج ھاڻي لھي چڪو ھو ۽ اوندھ جي ڪاري چادر تي روشنيءَ جا ٽٻڪا ھوريان ھوريان تارن وانگر اڀرڻ لڳا ھئا. وڏن شھرن تي جيتري ڪاراڻ ڇائنبي آھي اوترا وڌيڪ ٻھڪي اٿندا آھن.
”پھرين ڪجھ ٿڌو پيئڻ پسند ڪندو؟“ نذير کٽل پرائي کيسي تي آڇ ڪئي.
”اسان کي اسپتال وڃڻو آهي. جناح اسپتال ۾ اسان جي ماميءَ جي طبيعت ٺيڪ ڪانھي، ھي کاڌو پھچائڻو آھي.“
ھڪڙيءَ چيو. اھو ٻڌي ھاڻي تہ نذير ۽ طاھر جو بہ منھن لھي ويو. طاھر جي واڇ جي ٽيڙ وري سسڻ لڳي ھئي. مفت ۾ لفٽ جو وٺي آيون ھيون. جناح اسپتال ايتري تہ ويجھي ھئي جو اڃا جيسين ڪجھ وڌيڪ ڳالھائڻ جو وجھ ملي، جناح اسپتال اچي چڪي هئي. ھو جڏھن ڪار مان لھڻ لڳيون تہ طاھر آخري ڀيرو ڄار اڇلي, ”اوھان کي دير نہ لڳي تہ اوھان لاءِ ترسون؟“
ھنن ھڪٻئي ڏانھن نھاريو ۽ پاڻ ۾ ڳالھائڻ لڳيون.
مرڪندي سس پس. ڪندي ھڪڙي ٻيءَ کي چيو، ”ڇا ويچار آھي اڌ ڪلاڪ لڳي ويندو؟“ ھو پاڻ اھڙي آڇ لاءِ آٿيون ٿي ڏٺيون. ”ھا اڌ ڪلاڪ کن تہ لڳي ئي ويندو. ٻيءَ وراڻي ڏني ۽ پوءِ ھنن ڏانھن منھن ڪري چيائين، ”اوھان جيڪڏھن هتي ترسو تہ اسين اڌ ڪلاڪ ۾ يا انھيءَ کان اڳ ۾ موٽي اينديون سين.“ ائين چئي ھو پرائيويٽ وارڊ جي پاسي ھليون ويون ھاڻي ڪم ٺھڻ جا وڏا آثار ٿي نظر آيا، پر ھي ٽي ڄڻاھئا ۽ ھو ٻہ ڄڻيون___ پر انھيءَ حساب جي پاسي ظاھري طرح تہ ڪنھنجو ڌيان نہ ويو ھو، پر وڏيري نواز جي من ۾ اھا آنڌ مانڌ نظر پئي آئي. نيٺ ان جو اظھار ڪرڻ لاءِ نذير کٽل سان ھوريان پاسيرو ڳالھائڻ لڳو.
يار نذير تون ڊراپ ڪري وڃ، ڏس نہ يار، طاھر ۾ ڪم ڦاٿل آهي، اڄ مفت ۾ ڪم پيو ٺھي، خوش ٿي ويندو ڪتي جو پٽ، پاڻ تہ گڏيا پيا آھيون.“ اھو بہ ڳالھائڻ جو انداز آھي تہ جنھن جو ڪم ڪرڻو هجي ان کي گار سان ڳالهائجي تہ جيئن اڳلو جنهن جو ڪم نہ پيو ٿئي اھو انھن
ھڪ ٻن گارين مان خوش ٿي وڃي.
”يار سچ پڇين تہ ھيءَ پرمٽ نہ ملي ھا تہ ھن طاھرکي ٿڪان بہ نہ ھا___ ھاڻي جي پئسا نہ ٿا ملن تہ پوءِ ڪار ڇٽي ۽ پرمٽ بہ پاڻي ۾.“ وري بنا وراڻي جي پاڻ ئي اڳتي چوڻ لڳو: ”صدر ۾ لاھي ڇڏيندوسانءِ ڪيئن ٺيڪ رھندو نہ .“ نذير لاءِ ڪا چونڊ نہ ھئي. جيڪي غريب، اميرن جي آسري پلبا آھن، انھن کي اھڙو ايمان برداشت ڪرڻو پوندو آهي ۽ پوءِ کڻي ڇوڪرين جو مامرو ڇو نہ ھجي. ھڪ ھڪ گھڙي ھاڻي ٿڪائيندڙ ٿي لڳي ۽ نذير نواز جي ڳالھ مڃڻ تي ٻڌل ھو.
پر يار نواز ھڪڙو وڌي پيس تہ ڇا، ڪالھ تہ پنج ڄڻا ھئاسون ۽ ھوڏانھن ھڪڙي!، نذير کٽل اڃا آسرو نہ ڇڏيو ھو.
”اوھو يار ڪھڙيون ٿو ڳالھيون ڪرين. ھوءَ پرائيويٽ ھئي. پنج ڇا ڏھ ھجن ھا تہ بہ خير ھو. پر يار ھي تہ خانداني آھن. شوقين ٿيون لڳن. انھن کي رنڊين سان نہ ڀيٽ خدا جي واسطي! آئون پاڻ پيو سوچيان تہ راجا کي ڪيئن ٽارجيخبر پوندس تہ ايئن معشوق ھٿ آيا تہ دل ۾ ڪندو. ڪالھوڪو سڄو خرچ بہ تہ ھن ڀريو ھو.“
۽ اڄ جمعي جي ڀلاري ڏينھن، گھر ويٺي پاڻ مرادو ٻہ ڇوڪريون ھٿ اچي ويون ھيون ۽ ھو جناح اسپتال جي ٻاھر اوسيئڙي ۾ بيٺا ھيا. وڏيري نواز، نذير کي سمجھائي ڇڏيو ھو. سمجھائي ڇا اڻ سڌي طرح حڪم ڏيئي ڇڏيو هو تہ واٽ تي لھي وڃي. ۽ نذير لٿل منھن سان اخبار کڻي اتي ئي
ڪار سان ٽيڪ لڳائي پڙھڻ لڳو. خبرون پڙھندي اوچتو ڇرڪ نڪري ويس ھڪ خبر ڏاڍي عجيب ھئي.
”خيابان اقبال تي قائداعظم جي يادگار وٽ ھڪ عورت بيھوشيء جي حالت ۾ لڌي جيڪا جناح اسپتال پھچڻ کان اڳ مري ويئي.“
نذير کٽل اھا اخبار يڪدم نواز کي ڏيکاري ڄڻ تہ ايئن چوندو ھجي اھا ڪالھوڪي ساڳي عورت تہ نہ ھئي!
”يار ھيءَ تہ قائداعظم جي يادگار وٽ ٻي ڪا بيهوش پئي ھوندي. پاڻ تہ پھرين يادگار وٽ لاٿوهوسون.“ وڏيرو نواز بي پرواھيءَ سان چوندو رھيو، ”ڪٿي ھو آزادي وارو يادگار ۽ ڪٿي ھي قائداعظم وارو يادگار، وچ ۾ ٻہ ٽي ميل مفاصلو ھوندو. ھي پڪ ڪا ٻي آهي.“
”ڇو يار ڇا ڳالھ آھي؟“ طاھر بئنڪر پڇيو.
اچي ھيءَ خبر پڙهي ڏس،“ ۽ طاھر خبر پڙھڻ لڳو.
”يار نذير کي اچي ڊپ لڳو آھي تہ متان پاڻ وارو معشوق آھي راتوڪو.“ نذير طاھر کي کلندي ٻڌايو.
”يار مون کي بہ ايئن ٿو لڳي.“ طاھر بئنڪر ڊڄندي چيو.
اڙي يار ھي يادگار اھو ڪونہ اٿئي___ ھي يادگار ھوٽل ڪولمبس جي ڀر وارو آھي.“ وڏيري نواز سمجھائيندي چيو. طاھر جيئن ئي ڳالھ سمجھي تيئن وري ساھ پئجي ويس.
”اڙي ھي تہ اھو يادگار آھي. جتي ٽي سنگمرمر جا ٿنڀا ٺھيل آھن، جن تہ لکيل آهي، ”اتحاد“، ”ايمان“، ”يقين محڪم.“ ھي خيابان اقبال جي ھڪ ڪنڊ تي ۽ ھو شھيدن جو يادگار ٻي ڪنڊ تي! ھتي وري ھيء ڪٿان آئي.“ طاھر بہ نواز جي ڳالھ تي ڳنڍ ڏيندي نذير کي گھٽ ۽ پنھنجو پاڻ
کي وڌيڪ آٿت ڏيندي چيو.
”بس يار مڙس نذير اچي گھٻرايو آهي.“ نواز مرڪندي چيو. اھا ٻي ڳالھ آهي تہ ھن شھيدن جي يادگار کان قائداعظم جي يادگار تائين سفر. ڪيو ھجي! اڄڪلھ تہ لاش بہ پيا سفر ڪن!“ نواز تہ کل ۾ ڇٽڪو پيو ۽ نذير بہ ڦڪو ٿيندي مرڪي ڏنو
ايتري ۾ سامھون ٻئي ڇوڪريون واپس پئي آيون پر ھن ڀيري ھنن سان ٽين ڇوڪري بہ ھئي___ ۽ نذير جو منھن ٻھڪي اٿيو ۽ ھاڻي ھن جو ڪم بہ ٺھي چڪو هو.
”واھ يار ٽي معشوق!“ نذير کان رڙ نڪري ويئي.
”اڄ تہ ڀلارو ڏينهن آهي نہ جمعي جو.“ طاھر سرھو ٿيندي چيو.
”واھ استاد، راجا جو ڪم بہ ٺھي ويو. ڇا ياد ڪندو راجا جو ٻچو، ھڪ ڏينھن ۾ ئي قرض لاھي ڇڏيو مانس، وياج سميت.“ نواز، راجا جو نالو وٺي نذير جي آس تي پاڻي وجھي ڇڏيو.
ھو ٽيئي ڄڻيون پوئين سيٽ تي اچي ويٺيون ۽ ھي ٽيئي اڳيان ٿي ويٺا ۽ ڪار رواني ٿي وئي.
ڪار ڦري ڊرگ روڊ تي آئي.
”نذير چيف منسٽر هائوس وٽ لھندي نہ . نواز نذير کان پڇيو. نواز جو دوست چيف منسٽر هائوس ۾ ڪم ڪندو ھو. رات جو دير دير تائين اتي ڊيوٽي ڏيندو هو.نذير ڪو جواب نہ ڏنو.
نذير واٽ تي ھڪ ٻول بہ نہ ڳالھايو ۽ ھو ٻئي ٽنھي ڇوڪرين سان ھيڏانھن ھوڏانھن جون ڳالهيون ڪندا رھيا.
چيف منسٽر هائوس جي ڀر واري روڊ، ڊاڪٽر ضياالدين احمد روڊ، جنھنجو اڳوڻو نالو ڪچھري روڊ ھو، اتي اچي نواز ڪار بيھاري___ ۽ نذير در کالي ڪار مان لھڻ لڳو.
چپ چاپ بنا نھارڻ جي.
”چڱو يار پو رات جو ملنداسون،“ نواز، نذير جي دل رکڻ لاءِ چيو، پر نذير ڪو ڌيان نہ ڏنو. نذير ھڪ ٻہ وکون ھليو تہ پويان نواز سڏ ڪيو
”نذير اچي ھي اخبارون، متان رات جو بور ٿين.“
نذير اڌگابري دل سان اخبارون ورتيون ۽ ڪار چيڪاٽ ڪندي روانو ٿي وئي. ھوا جي ھڪ جھوٽي سان نذير جي ھٿن مان اخبارون نڪري ڊاڪٽر ضياالدين احمد روڊ تي پکڙجي ايندڙ ويندڙ ڪارن ھيٺان اچي چيڀاٽجي ۽ وڪڙجي ويئون. ۽ نذير جي ھٿن ۾ رڳو ھڪ اخبار جو مڙيل پنو رھجي ويو.
ھن اخبار تي اتاڇري نظر وڌي، انھيءَ خبر وارو پنو ھو ۽ خبر تي وري ھن جون نظرون کپي ويون.
”خيابان اقبال تي، قائداعظم يادگار وٽ ھڪ عورت بيھوشيء جي حالت۾ لڌي___جيڪا پوءِ جناح اسپتال ۾ گذاري وئي! ۽ اڃا تائين ان لاش جو ڪو وارث پيدا نہ ٿيو آهي.
۽ ھوا جي ٻئي جھوٽي سان اھا رھيل اخبار بہ نذير جي ھٿ مان ڇڏائجي، اڏامندي پي آئي ڊي سي ھائوس جي ڀت سا ٽڪرائجندي ٿڙندي ويئي، شايد اڳيان وھندڙ سمنڊ ڏانھن جتي پڇاڙيءَ جي ھر گندگي وڃي ڪرندي آهي!

ڪني پاڻيءَ جو تلاءُ

رات جو مينھن پيو رھيل ڪسر بہ پوري ٿي وئي. ھڪڙو ھيٺالو، ٻيو جھوپڙيون، ٽيون سيارو، باقي مينھن رھيل ھو، اھو بہ آڌي رات جو اچي ڪڙڪي___ صبح جو دونھين نہ دُکي، مٿان پوڙھن جي کنگھ ۽ کانگھارا ۽ ٻارن جا ڪيڪراٽ جھڙي قيامت! پر جي قيامت بہ ھڪ ڏينھن جي ھجي، تہ ماڻھو ڊڄي بہ، جتي ڏھاڙي قيامت ھجي، تہ پوءِ ڪھڙي سڌ تہ قيامت ڪڏهن آئي، ڪڏھن ويئي! اتي قيامت تي بہ ڪھل اچيو وڃي!
مينھن گند کي ڦلاري وڌو آهي. اڳي تہ رڳو تلاء جي ڌپ نڪ ساڙيندي ھئي، ھاڻي تہ گھٽي گھٽي، جھوپڙي جھوپڙي ڌپ ٿي وئي آهي؛ پر نڪ اھڙو تہ بي نڪو آھي، حرام جو سڙي! ٽيھن سالن کان نڪ اھڙي جو اھڙو، ويتر وڌيڪ تکو ٿي ويو آهي. ڪتو بہ ايئن ڍونڍ کي نہ
تاڙي، جيئن ماڻھو جو نڪ!
ھو بہ گپ ۽ گند مان لڇ لڇ ڪندو، گپ ھاڻا پير کڻي تلاء جي ڪپ تي اچي ويٺو آهي. پريان ريل جا پٽا چلڪندا ڏسڻ ۾ پيا اچن. گندي ناليءَ جو پاڻي اٿلي تلاءَ ۾ پئجي رھيو آھي ۽ انھيءَ گندي ناليءَ جي سرن ٻڌل ڪپ سان اُھا واٽ آھي، جتان ماڻھو ھلي، ريل جا پٽا اڪري پريان
پڪي رستي تي پھچندا آهن___ ۽ اتان ٽڙي پکڙي وڏي شھر ۾ الوپ ٿي ويندا آهن!!
ھو انھيءَ سرن ٻڌل ڪپ پريان واٽ جي ٻوڙن منجھ، اڌ لڪل اڌ پڌرو نظر اچي رھيو آھي.
”اڙي ڪير آھين، ھتي ڇا پيو ڪرين؟ ڪجھ تہ ڌيان ڪر. نياڻيون نياڻيون پيون لنگھن، پرڀرو نہ ٿو وڃي جھنگ جو خيال...!“ ڪو آواز مٿان واٽ تان اچي ٿو.
”۽ توھان سڀ صبح جو قطار ڪريو وڃيو ويھو، او بنھن پٽي واري پاسي ۽ ريلن جون ريلون لنگھيو وڃن، اوڏي مھل لڄ ڪانہ ٿي اچيو!“
”اڙي رمون تہ ڪونہ آھين؟ لخلانت ٿئي!“
ھو بہ ٻوڙن مان ھٿ ٻاھر ڪڍي جواب ۾ ڀونڊو ٿوگھروڙي.
”اڙي چريا ريل گاڏي وارن کي ڪھڙي خبر تہ ڪير ويٺا آھن، توکي تہ اسين سڃاڻون ٿا نہ !“
”سڃاڻو ٿا تہ پوءِ ڇا؟ بي حيائي تہ مڙيئي بي حيائي!“
”اڙي ھي معامرو سڄو سڃاڻڻ ۽ نہ سڃاڻڻ جو آھي.“
”سچي!“
”ٻيو نہ تہ وري___ ماڻھوءَ کي رڳو پڪ ٿئي تہ فلاڻي ھنڌ ڪو ڪونہ سڃاڻيس تہ اصل ليڪو ئي لنگھي وڃي!“!
”اھو ڪيئن؟“
”اھو تون نہ سمجھندين ، تون تہ آھين چريو. واقفن ۾“
ھجين يا اڻواقفن ۾، ڪندين اھوئي جيڪو من ۾ ايندء!“
خدن ريل جا پٽا اڪرڻ لڳي ٿو.
”خدن يار، شھر وڃين نہ ____ وزم واڙي تہ وٺيو اچجانء. سُنھن اٿئي مولا جو، ڪالھونڪر ٻاڙيا وتون!“
”اڙي ھتي ٻاڪر ڪٺو لڳو ٻيو آھي. راتوڪي مينھن ماڻھن کي ڊاھي وڌو آھي، توکي لڳي آھي وزم پاڻيءَ جي! آئون پاڻ دوا وٺڻ پيو وڃان ، جيوڻ جي ڪِڪي چاق ڪانھي.“ ھو ريل جو پٽو اڪري وڃي ٿو.
سج پنھنجا ڪرڻا ڪڍيا آھن. اتر جي تکي ھوا جي ٿڌاڻ ڪجھ گھٽ ٿيڻ لڳي آھي . ڪي ماڻھو جھوپڙين مان پاڻي پيا ڪڍن ، تہ ڪي ڪاٺين سان ناليءَ ۾ روڪيل پاڻي پيا وھائين. تلاء مان ڊڀ نسرڍو بيٺا آھن. مڇرن جا مُچ پاڻيءَ تي چتيون بڻيا پيا آھن. ھوا سان ڊڀ لڏن لمن ٿا، پاڻي ۾ ھلڪيون لھريون پيدا ٿين ٿيون ۽ مڇر بہ لھرين سان ھيٺ مٿي ٿين ٿا.
”اڙي ھرو ڀرو ٿا پاڻي ڪڍو. رات جو ٻيو وسڪارو ٿيو تہ تلاء جو پاڻي اندر ڌوڪي ايندو. پوءِ ڪيڏانھن ڪڍندوء پاڻي!“ ھو بڙ بڙ ڪرڻ ٿو لڳي.
”شپڙڪ“ پاڻي ۾ پٿر ڪري ٿو ۽ مڇرن جو ريلو اڏائڻ لڳي ٿو.
”اڙي اُٿي ويئو، ڪتي جا پُڇ!“ ھو رڙ ڪري ٿو ۽ ھڪ ٻيو پٿر سندس ڪن وٽان ٿيندو؛ پاڻي ۾ ڪري ٿو ۽ مڇر جيڪي پھرين پٿر لڳڻ تي اڏامي، پوءِ ويھي رھيا ھئا، سي وري اڏامڻ لڳن ٿا.
”اڙي ڇورا، رات مينھن پيو، پر توھان تي ڪو اثر نہ پيو. ھجو ماڻھوءَ جا ڦر تہ اثر پَويوَ...“
”رمون چريو___ رمون چريو.....“ ٻار چيڙائڻ لڳنس ٿا.
ھو ڏيلھو کڻي ٻارن کي الاري ٿو، تہ پريان ايندڙ آواز تي هٿ جھلي ٿو وٺي.
”اڙي ھلو ڇورا ، صبح سوير رونشو. اڙي بَچُو! تون تہ گھر ھل، پڻھين کٽ تي پيو آهي، ۽ توھان بہ ڀڄو نہ تہ ھڻانوَ نہ کلا. پريان ساجن ، ڇوڪرن کي دڙڪا ڏيندو ھن ڏانھن پئي آيو.
”ساجن، چڱو ٿيو تہ ڇورن کي ڀڄائي ڇڏيئي، نہ تہ اڄ آئون بہ لاک لاھي ڇڏيان ھا!“ ھو ھٿ وارو ڏيلھو تلاء ۾ اڇلي ٿو. لھريون پيدا ٿين ٿيون، مڇر اڏامڻ لڳن ٿا.
”رمون، تون بہ ڪجھ ھوش ڪر نہ “ ساجن اٽلندو مٿس ڇوھ ٿو ڇنڊي. ”ھو تہ آھن ڇورا پاڻ زورا، پر تون بہ تہ پاڻيءَ مان نڪريو وڃين!“
”پوءِ ھو ”چريو چريو“ ڇو ٿا چونم؟“
”اڙي بابا، ھو ڀلي پيا ڌوڙ پائين، باقي چڙندين تہ پوء ڇورا تنگ ڪندء، تون ڪو چريو ٿورئي آھين.“
”ھان___ آئون چريو ڪونہ آھيان نہ ساجن!، ھو خوش ٿي وڃي ٿو“
نہ بابا، تون چريو ڪونہ آھين.پڪ؟
پڪ، اصل پڪ. تون اسان وانگر آھين جي تون چريو آهين تہ پوءِ اسين بہ چريا آھيون. غريب يا تہ سڀ چريا آھن يا پوء ھڪڙو بہ ڪونھي پوءِ ڀلا ٻار مون کي چريو ڇو ٿا ڪن؟
اڙي رمون، سمجھ سمجھ جو فرق آھي. ٻارن کي ڪھڙي ڄاڻ تہ تون ڏاڍو ڏاھو ۽ عقلمند آھين.
پوءِ چئبو اھا سڄي ڳالھ سمجھڻ نہ سمجھڻ جي آھي
اھا ڳالھ ڪيئي تہ عقل جي، يار رمون، تون تہ اسان کان بہ وڌيڪ عقل وارو آھين.
ساجن يار، موٽندي وزم پاڻي وٺيو اچجانء. سنھن اٿئي مولا جو.
مزوري لڳي تہ حاضر.
اڄ تہ واھ جي لڳندھ. اسان مستن جون دعائون اٿئي.
رمون ٿوري دير لاءِ بيھي رھي ٿو ۽ سامھون جھوپڙين ڏانھن نھارڻ لڳي ٿو. ٻن ٽن جھوپڙين مان دونهون نڪرندو نظر اچي ٿو. ٻار وري ڳوڻ جا در سيري جھاتيون پائڻ لڳا آھن. ناليءَ جو پاڻي اٿليون ڪري رھيو آھي. ۽ ٻنهي پاسي تلاء ۾ ڪري رهيو آهي پريان ريڊئي تان قرآن شريف جي
تلاوت اچي رھي آھي. مانڊڻي کلي وئي آھي. رمون جي اکين ۾ چمڪ اچي وڃي ٿي. ٻيڙي جو آسرو ٿئيس ٿو ھو ٽلندو جھوپڙين جي ويجھو اچي ٿو. ٻار کيس ڏسي چريو چريو ڪن ٿا پر ھوڏانھن نھارڻ بنا يعقوب جو مانڊڻي تي اچي ٿو. ھاڻ ريڊيو تان قرآن شريف جو اڙدو ۾ ترجمو اچي رھيو آھي. يعقوب ۽ علڻ الائي ڪھڙي ڳالھ تي ڳنڍيا پيا آھن. ھن کي پھرين تہ سمجھ ۾ نہ ٿو اچي..
اڙي صبح سوير الاھ رسول جو نالو وٺجي يا فلمي گانا لڳائجن!
تنھنجي مرضي. اسين بہ تيسين چانھ ڪونہ ٿا پيئون سيلون لڳائيندين تہ چانھ جون سرتيون ڀريون. وري علڻ رمون کي ڏسي چوڻ لڳي ٿو: واھ ڙي يار رمون، وڏو ڪو ترڙ نڀاڳو آھين، ڪالھ اھڙي ڪا پٽ ھنيئي جو کيسا ئي خالي ڪري ڇڏيئي.
رمون جو منھن لھي وڃي ٿو وڃي، پر وري ھمت ڪري چويس ٿو: پوءِ اڄ آزمائجانء!
آزمايان وري ڌوڙ، ڪالھ جمعو ھو، ڀلارو ڏينهن.
بئنڪ ۾ وارو لڳي ويو. اڄ ھڪ ٻہ ٽڪيٽ نڪتي تہ بہ شڪر.
ھان يار، فلم ڪيئن ھئي؟ يعقوب وچان پڇيس ٿو.
ھان يار، راڻيءَ جا اھي لوڏا ھيا، جو ڊاھي وڌائين.
اسٽوري ڪيئن ھئي ڀلا؟
اسٽوري واھ جي ھئي. ھو ھيرو آھي، نالو ڇا اٿس؟
ھا، نصرالله ، ان کي مسلمان مجاھد ڏيکاريو اٿن ۽ راڻي ڏيکاري اٿن ڪافرياڻي، بس ٻنهي جو عشق ٿي وڃي ٿو. اصل مزو اچي ويو“
ريڊيو تان قرآن شريف جو ترجمو ختم ٿئي ٿو ۽ يعقوب سيلون لڳائي ٿو. سهگل جو مٺو آواز اچي رهيو آهي:
”دک ڪي دن بيتن ناهين.“
”يار ڪيڏو نہ درد آهي سهگل جي آواز ۾“ علڻ گنڀير ٿي وڃي ٿو.
يعقوب ڪنڌ ڌوڻيندو رهي ٿو، ”يار پل مرڪون ٿا، پهر روئون ٿا. سهگل جا سر تہ هانو ۾ کپيو وڃن.“
”علو، ٻيڙي تہ پيار.“ رمون ٻاڏائيس ٿو.
”يعقوب، ڏي هڪ ٻيڙي يار رمونءَ کي ۽ ٺاه چانھہ ٻہ ڪوپ“
رمون اتساھ مان علڻ ڏي ڏسي ٿو.
”رمون يار، مئٽني ۽ فسٽ ۾ بلئڪ ڪيم، جوا ڪيم، هارايم، کيل ڏٺم، اڃا اچي ڊٺس تہ مٿان مينهن اچي ڪڙڪيو اهو اٿئي سڄو حال.“
رمون رڳو ڏانهس تڪيندو ٿو رهي.
”پئسا ڪمايئي تہ پوء جوا ڇو کيڏيئي؟“ يعقوب پڇيس.
”بس کٽيءَ کنيو. دل چيو تہ من ٻہ ٽي پئسا ٻيا بہ نڪري پون، تہ هڪڙو ڪوٽ وٺان، جيجل کي عينڪ بہ ٺهرائي ڏيان..... ۽ توکي بہ هڪ وڳو وٺي ڏيان.“ هن رمونءَ کي ڳراٽڙي پاتي، ”اڙي تنهنجا ڪپڙا تہ پسيا پيا آهن، اڙي زوراور مرڻو اٿئي ڇا؟“
”ڪري بہ ڇا، ٻيو لٽو هجيس بہ نه“ يعقوب سار ڏياريس.
”رمون يار، مينهن پوي تہ مون ڏانهن هليو ايندو ڪر نہ، ائين تہ مري ويندين!“
اڙي مري ويس تہ ڇا ٿيندو؟ هي مري ويو تہ ڇا ٿيندو؟ تون مري وئين تہ ڇا ٿيندو؟ اسين سڀ مري وياسين تہ ڪهڙو اُڀ ڊهي پوندو، يعقوب دل جي باھ ڪڍندي چوي ٿو.
”ها، آهي مشڪري جو ائين ٿا مرون! متان دل لاٿي اٿئي. آئون مري سگھان ٿو، تون مري سگھين ٿو پر اسين سڀ نہ ٿا مري سگھون. اصل اڻ ٿيڻي آهي، گٽر کي ٻوڙي پوء مرنداسون ڪيئن يعقوب؟“
”ها سچو آهين علو، سچو. آئون ڀانيان ٿو تہ رمون انهيءَ تلاء کان ڊني آهي، تہ متان پاڻي ڀرجي وري جھوپڙين ۾ هليو اچي مڇرن سوڌو، ڪيئن يعقوب؟“
يعقوب ۽ علو کلڻ لڳن ٿا.
”اڙي رمون بادشاه آهين، ڪٿان جو ڪٿان وڃي نڪتين. اچي وٺ چانھ. بس يار پنهنجي سمجھ جي ڳالھ آهي.“ يعقوب ڪوپ وڌائي رمونءَ کي ڏئي ٿو.
يعقوب ريڊئي جو آواز مٿي ڪري ٿو. ايتري ۾ مائي ساول اچي ٿي.
”ابا ياقب، ٻہ حب تہ ڏجانءِ تپ جا.“
”اما سائل، ڪيئن چاق آهين نه“ علو پڇيس ٿو.
”ڪير؟ علڻ پٽ آهين! ابا شابس ٿئي. نہ ڪا خبر ڪا سار لهين تہ جيئرا آهيون، ڪير مري ويا آهيون“
”امان، هن تي ميار ڪانهي. هي تہ آهي ناٽڪي ڦر.“
علوءَ جي پاران يعقوب جواب ڏئي ٿو.
”ابا، ناٽڪي هجي يا ٻاٽڪي، پنهنجي کي ڪو وساربو آهي ڇا؟ مڙهو بيمار نہ هجي تہ آئون اچي نڪران ها. مون بہ چيو تہ علو کي گھڻن ڏينهن کان ڏٺو ڪونہ اٿم. خدا ڪري چاق هجي.“
”چاچا جيئل چاق ڪونهي ڇا؟ اڄ ضرور ايندس پڇڻ“
علي ڦڪو ٿي چويس ٿو.
”ابا اچو نہ اچو، شل وڏيون ڄمارون ماڻيو. سدائين خوش هجو. ڳوٺ کان نڪتا آهيون تہ من پنهنجن سان ملڻ لاء ماندو ٿو ٿئي. نہ وڪڻي ها وڏيرو زمينون، نہ وٺي ها چوڌري ۽ نہ ٿيون ها بي گھر. اَلا اَلا“
توکي تہ چوڌري ڪڍيو، پر اسان جا تہ وڏيري ئي لاھ ڪڍي ڇڏيا. امان، گھٻراء نہ، مولا چڱي ڪندو. علو آٿت ڌئيس ٿو.
رمون ماٺ ۾ پولار ۾ پيو نهاري. اوچتو ڇرڪ ڀريندي چئي ٿو: ”ها امان، گھٻراء نہ، انهيءَ تلاء کي
منهن ڏبو .
هو ٽيئي کلڻ لڳن ٿا. ”يار رمون، سچي تون بادشاھ آهين.“ يعقوب مرڪي چئيس ٿو.
يعقوب ريڊئي جي سئي ڦيرائي ٿو. آواز پيو اچي. ”جيڪرهيس ڌاري، مارن تڏهن وساري.“ اوچتو يعقوب گنڀير ئي علوءَ کي چوڻ لڳي ٿو: ”ها يار، اسين رمونءَ تي کلون تہ پيا، پر چوي تہ سچ پيو. پهرين تہ مٿان آيل مصيبت کي منهن ڏيون، پوء ٻين ڳالهين کي ڏسبو.“
”ها يار، چوي جيڪر سچ ٿو.“ علوءَ بہ رمونءَ ڏانهن مڃتا ۾ نهاري ٿو.
يار ڏاڍو درد آھي ھن پنھور جي آواز ۾ _ جيڪر ھيس ڌاري، مارن تڏھن وساري. ھو ٻول ورجائڻ لڳي ٿو. ھا يار پنھنجي پٽ ۾ پاڻ ڌاريا آھيون، تڏھن تہ وسار ويا آھيون!
ٻار وري گھٽي ۾ نڪري اچن ٿا. رمون چريو، رمون چريو جا آواز اچڻ لڳن ٿا. ٻارن کي سچي رونشو لڳو آھي. ڪجھ ڏينھن اڳي اھو ساڳيو رمون چاق چڱو ڀلو ھو. مزوري ڪرڻ ويندو ھو، پوء الائي ويٺي ڇا ٿيس ، جو اڌ چريو ٿي پيو. پھرين بڪ بڪ ڪرڻ لڳو اجائي سجائي، پوء ھوريان ھوريان ماٺ ٿيندو ويو ۽ ٻارن کي بہ وندر ملي ويئي. غريب ٻار ٻيو ڪن بہ ڇا؟ نہ اسڪول نہ ميدان، نہ باغ، نہ راند روند، نہ ڪم نہ ڪار. اھي ئي رستن تي ڌڪا ٿاٻا ، ھو ٻيا ۽ ھوڪرا. اڄ رمون ور چڙھي وين ۽ کيس چيڙائڻ لڳا: رمون چريو_ رمون چريو.
اڙي نڀاڳا وڃو نٿا گھر ، ڇو اچي مٿو کاڌو اٿو. يعقوب کين ڇڙٻيو ۽ ڀرسان پيل ڪاٺي کڻي مٿن الريو. ٻار شايد ان ردعمل لاء تيار نہ ھئا. ٿورو ھيسجي ويا. علوءَ بہ پادر لاھي ڏانھن اڇليو ۽ ٻار ٽڙي پکڙجي ويا.
' اھا سڄي حرامپائي انھي ولڻ جي پٽ جي اٿئي. پاڻ بہ کيچل ڪري ۽ ٻي لوڌ بہ وٺيو اچي. يعقوب ريڊئي جي سئي ڦيرائيندي چيو.
'ھا پاڻ مري ويو ، پويان ھن چٺ کي ڇڏي ويو. '
' سچ پڇين تہ آھيون اسين بہ چٺ. ' علو چوي ٿو، اول وڏي چٺ!
رمون وري اچي انھي تلاءُ جي ڪپ تي ويھي رھيو. ڪلاڪ گذري ويا ماڻھو پي آيا ويا، ٻار تہ ھيسجي اھڙا ڊنا ھئا، جو الائي ڪيڏانھن گم ٿي ويا ھئا. رمون بہ چپ ويٺو ھو. تہ ڪنھن پڇيس تہ ڇو ھو اتي ويٺو ھو ۽ نہ ئي ھن ڪنھن سان ڳالھايو. اصل ٻيڙي بہ نہ گھري. بس رڳو ڪيڏي ڪيڏي مھل رکيو پٿرپي تلاء ۾ اڇليائين. ننڍيون لھرون پيدا ٿيو، کن ۾ گم ٿي ٿي ويون.
ماستر کي لنگھندي الائي ڪيئن ڪھل اچي ويئي. رمون کي ڏسي چوڻ لڳو، رمون ، حق تي چريو ٿاچونئي آئون ڀانيان ٿو ڪلاڪن کان ويٺو آھين_ ھاڻي تہ سج بہ لڙڻ وارو آھي. "
رمون ماستر کي اڻ ٻڌو ڪري وري ھڪ پٿر تلا ۾ کڻي اڇليو ۽ وري لھرون پيدا ٿيون ۽ مڇرن جو ريلو اڏاميو ۽ وري اچي پاڻي مٿان بيھي رھيو.
'اڙي رمون ، توسان پيو ڳالھايان. گونگو ٿي ويو آھين ڇا ؟
ماستر، ڀلا ٻڌاء ، جڏھن گھڻو مينھن وسي ٿو، تہ پوء پاڻي ڇو ٿو اچي جھوپڙين ۾. '
' ظاھر آھي مينھن وسندو تہ پاڻي ضرور ايندو جھوپڙين ۾ ، ٻيو ڪيڏانھن ويندو . '
نہ اھو مينھن وارو پاڻي نہ تلاء وارو پاڻي .
'اڙي ، ڀوڪ ، جڏھن تلا پاڻي سان ڀرجندو تہ ضرور اٿلندو ، ڏسين ڪونہ ٿو تہ ھي گٽر ڪيئن پيو اٿلي. اھو پاڻي بہ تہ تلاءُ ۾ پوي ٿو. '
" ڀلا جي گٽر ھتي نہ ھجي تہ ؟ "
' پوء بہ تلاء اٿلندو پر دير سان، ھا جي مينھن نہ پوي تہ پوء ڪونہ اٿلندو. پر گٽر تہ بابا سرڪاري آھي. ھو انھن بنگلن جو سڄو گند ڪچرو کڻي اچي ٿو . انھي کي ڪير بند ڪندو؟ "
'اسين بند ڪندا سين" رمون جي آواز ۾ ھوڏ ھئي، بابا اھا طاقت اسان ۾ نہ آھي . ميونسپل وارا تہ پاڻ گٽر کولڻ ايندا آھن . ' وري سوچيندي چوڻ لڳو ،
ھا پر جي ھتي تلاء نہ ھجي ، تہ گٽر بہ نہ اٿلي. "
' پوء ڇا ٿئي !"
پوء اھو گٽر جو پاڻي مور ڳوئي بنگلن ڏانھن موٽي وڃي ھتي روڪ ٿيس تہ اھي سڀ بنگلا گٽر سان ڀرجي وڃن. "
' ٻيو ڪوڙ ٿو ڳالھايان ؟ ابا، چڙھندي آھي تہ دريا بہ ابتو وھڻ شروع ڪندو آھي ، ھي تہ گٽر آھي. "
' پوءِ پنھنجن جھوپڙين ۾ مينھن جو پاڻي گھڙي ڪونہ ايندو؟ "
نہ ، بنھن ، نہ .'
پوء يعقوب جي مانڊڻي ڪانہ ٻڏندي. '
' نہ . '
پوء جيجل جي جھوپڙي ڪانہ ڪرندي. '
'نڪو. '
' پوء پوء خدن ۽ علڻ جا ٻار بيمار ڪونہ ٿيندا. "
' پوء ڇو ٿيندا ؟ "
' پوء پوء .... ' ھو وڌيڪ ڪجھ چئي نہ ٿو سگھي.
پر تلا کي مٽي سان ڀريندو ڪير!' ماستر رمون کي چوندو ، پائنچا بچائيندو ، نالي جي پاسي تان لنگھڻ لڳي ٿو.'آئون ڀريندس ، ٻيو ڪير" رمو. ڇاتي تي ھٿ رکي چوي ٿو.
' ھا ، ٻيلي تون ئي ڀري سگھين ٿو ، ٻئي جي طاقت ناھي: تون تہ آھين بادشاھ ماڻھو. " ماستر اڳتي ھلندي ترسي، ھن ڏانھن نھاريندي ، مرڪندو ھليو وڃي ٿو .
ھو وائڙن وانگر گھٽين مان لنگھندو پيو وتي. پير گپ سان ڀرجي ويا اٿس. ٻار ھاڻي ڊڄي ڇڙوڇڙ ٿي ويا آھن ، ھو ٻارن کي ڏسڻ لاء واجھائي پيو _ جھوتون ڏيندو ، ھڪ جھوپڙي کان ٻي جھوپڙي تائين ھلندو پيو وتي. ھڪ ھيسايل ٻار ڳوڻ جي ٽپڙي کڻي کيس ڏسڻ لڳي ٿو. رمون بيھي رھي ٿو. ٻار ڪجھ نہ ٿو چئيس.
' ھا چئہ تہ رمون چريو _ چئہ چئہ . " ٻار ٿائين ڊڄي وڃي ٿو ۽ منھن ٽپڙي جي اندر ڪريو ٿو ڇڏي.
' ھا بابلا آئون آھيان رمون _ رمون چريو _' ٻار تپرس ۾ ڏانھس نھاري ٿو. لڳيس ٿو رمون سچ پچ چريو آھي، يا مار کائڻ لاء ھشيون پيو ڏئيس ؛ پر ٻار مرڳوئي ھن کي ڏسي ، ڊوڙي ڀڄي وڃيس ٿو. رمون اتان ھوريان ھوريان ھلندو اچي جيجل جي گھر پھچي ٿو، ڄڻڪ آخري داء ھڻندو ھجي.
' ابا کمن ، آھي ڪو گھر تي ؟ "
کمن سڏ تي ڊوڙيندو ٿو اچيس ، پر اوچتو ھن تي نظر پوندي ئي ڄڻڪ بريڪ لڳي ٿو وڃيس.
اڙي بابا ڊڄ نہ آئون آهيان رمون رمون چريو۔مون کي چيڙائيندو ڪونہ چريو چريو ڪري پٿر بہ نہ هڻندو ڇا؟ کمن پهرين تہ تپرس جي لکا ڏئي ٿو۔ پوء همت ڪري ڳالهائڻ لڳي ٿو : تنهنجي مرضي آهي تہ آئون پادر کاوان لٺيون لڳن ۽ بابا الڳ ابتو ٽنگيم۔
اڙي نہ نہ هاڻي حرام جو توهان کي دانهن ڏيان تون ڀلي ٻين کي سڏي آ ۔ سڀئي پٿر هڻو اصل وڏا پر هتي نہ هتي علوء وارا ڏسندو تہ کل لاهي ڇڏيندو آئون هيئن ٿو ڪريان جو تلا جي ٻي ڀر ٿو وڃي بيهان هان پوء توهان ناليء کان بيهي مونکي پٿر هڻو پٿر هڻو سمجهيو ايئن چئي هو تلاء ڏانهن وڃڻ لڳي ٿو هو يعقوب جي مانڊڙيء تي اچي ٿو ڪيسيٽ جو آواز ڪن پيو ڦاڙي جنم جنم تيرا ساٿ رهي گا يعقوب ۽ ستار ملو پاڻ ۾ ڳنڍيا پيا آهن۔ آئون چوان ٿو تہ هڪڙو تہ صبح کان وٺي رات تائين گانا هلايو ٻيو وري ڪوڙي ڪافرن جي جنب جنب بڪواس۔هي ڪافرن جي ڪانهي پاڪستاني آهي ! وري مٿان ڪوڙ هندوستان لڳائي چئين ٿو تہ پاڪستاني آهي۔ پڇي ڏس ڪنهن کان بہ مانڊڻيء جي چوڌاري بيٺل ماڻهو ملان ستار ۽ يعقوب جي ڏي وٺ مان ماٺ ڪريو مزو وٺي رهيا آھن۔
هوئن بہ ملان سدائين ڪنهن نہ ڪنهن سان ڳنڍيو پيو هوندو هو۔ يعقوب جي پڇڻ تي ماڻهن هئوڪار ڪئي تہ ملان زمين تي پير زور زور سان هڻندوبڙ بڙ ڪندو هليو ويو۔ رمون سرندو سرندو يعقوب جي ڀرسان اچي بيٺو ڏي مون وارا سڀ پئسا رمون اوچتو ر ڙ ڪئي۔
سڀئي؟
ها سڀئي ۽ هينئر جو هينئر رمون حڪم واري انداز ۾ چيو۔
اڙي رمون چريا هينئر تہ سڀ ڪونهن ۔
سڀ ڪونهن تہ ڀلا پنج کن تہ ڏي۔
يعقوب جند ڇڏائڻ لاء سڀ پئسا سيڙي پنج ۽ ڳڻي ڏيس ٿو۔
رمون يعقوب کان پئسا وٺي يعقوب کي ورائي ڏي ٿو۔هان هي وٺ پنج روپيا ۽ ڏي مونکي پنج روپين جا بسڪوٽ ۽ کٽمٺڙا پڙو ٻڌي ڏي سمجهيئي۔
ڇو ماني ڪري کائيندي ڇا.
”منهنجي مرضي “
يعقوب بسڪٽ ۽ کٽمٺڙا برني مان ڪڍي پڙو ٻڌي ٿو ڏيئس ۽ رمون وٺنديئي هلڻ لڳي ٿو۔
ڏٺئو رمون کي مڙس سڌو سئون چوي نہ ٿو تہ پنجين روپين جو مل کپي پهرين پنج رپيا پنهنجا وٺي ٿو ۽ وري پوء ورائي ڏي ٿو.
رمون جي ڪن تي يعقوب جو آواز پئي ٿو ۽ اوچتو.بيهي ٿو رهي پئسا هوندي سوندي ايئن ڇو وٺان شيون توکان تنهنجي مرضي آهي تہ ماڻهو سمجهن تہ خيرات پيو وٺان ماڻهو سڀ کلڻ لڳن ٿا ۔ يعقوب بہ مرڪي ٿو ڏي رمون کٽمٺڙن جو پڙو کنيو اچيو جهوپڙين جي گهٽين ٻار پتي راند پيا ڪن۔
”ٻارو هي ڏسو بسڪوٽ کٽمٺڙا“. ٻار راند ڇڏي هن ڏانهن ڊوڙڻ لڳا۔
”نہ ايئن نہ ملندو ڇورا ۔ پهرين مون کي پٿر هڻو تہ پوءِ.“ ٻار تپرس وچان کيس ڏسن ٿا۔
”ٻارو آئون ٿو تلاء جي ٻي ڀر ڀيهان توهان اچي مون کي جيڪو وڻي سو ھڻيو۔جنهن جو نشانو لڳندو ان کي هڪ هڪ کٽمٺڙو انعام ۾ ملندو“۔ايئن چئي هو ڀڄڻ لڳي ٿو ۽ ٻار ان جي پويان ڊوڙڻ لڳن ٿا۔
هو گپ مان ترڪندو ڪنيون ناليون ٽپندو ماڻهن سان ٽڪرائيندو ڊوڙندو ٿو وڃي ۽ ٻار هن جي پويان هو هو ڪندا سندس پويان ڀڄندا ٿا وڃن. رولو ڪتا بہ روشني ۾ شامل ٿيندا ٻارن سان گڏ ڊوڙڻ لڳن ٿا هو گٽر تان سرن واري واٽ ڏيو ريل جي پٽن واري پاسي کان ٿيندو تلاء جي ٻي ڀر وڃڻ لڳي ٿو۔ ٻار پويان اٿس پاڻ اوچتو بيهي رهي ٿو ۽ هٿ جي اشاري سان ٻارن کي روڪيندو چوڻ لڳي ٿو .
”بابا اها ڪار ڪانهي توهان گٽر وٽ بيهو مٿاهان ٿيندو ۽ ائون ٻئي پاسي ٿو بيهان جنهن جو نشانو لڳي اهو اچي کٽمٺڙو وٺي وڃي “۔
۽ بسڪوٽ ؟ هڪ ٻار پڇيس ٿو۔
”پوء اوها اوهان جي مرضي وڻيو بسڪوٽ وٺو وڻيو تہ کٽمٺڙو “.
بس۔ ٻار اوسي پاسي کان پٿر کڻي هن کي هڻڻ لڳن ٿا ڪي پٿر هن تائين پهچي نہ ٿا سگهن ۽ پاڻي ۾ لهرون پيدا ٿي وري گم ٿي وڃن ٿيون ۔ هڪڙو پٿر هن کي اچي پيرن ۾ لڳي ٿو ڌو پار هڪ پار رڙ ڪري ٿو ۽ عارب ڊوڙندو هن وٽ اچي ٿو ۽ کٽمٺڙو وٺي وڃي ٿو۔ هڪ ٻار کٽمٺڙي ملڻ سان ٻارن ۾ تهائين جوش اچي وڃي ٿو ۔ تلاء جي ڀر وارا پٿر کُٽي ٿا وڃن ۔ ٻار ٿورو پريان وڃي پٿر چونڊڻ ٿا لڳن ۔ هڪڙو ٻار ريل جي پٽي ڏانهن اچي پٿر کڻڻ لڳي ٿو۔
”متان اهي کنيا اٿو“ ريل ڪيرائيندو ڇا۔
”اڙي پري ٿي اتان اھي پٿر ڪار ڪونهن اهي لڳا تہ بہ ڪجھ نہ ملندو۔ بابا ٻيو جتان آڻيو هر وٿ ڪار آهي ٺڪر دٻا شيشا گند ڪچرو جيڪو وڻيو سو آڻيو بس توهان لاء سولائي ڪري ڇڏيم۔“
هڪ پٿر هن کي اوچتو لونڌڙيء وارو لڳي ٿو ۽ رت وهڻ لڳي ٿو۔ ٻار هيسجي بيهي ٿا رهن۔ پرواه نہ ڪر اچ کيسا اچ پنهنجو کٽمٺڙو وٺي وڃ واه جو چيٽو آهين۔ هڪ ريل گاڏي انهيء وچ اچي بيهي ٿي۔ شايد سگنل نہ مليو اٿس اتي گهڻو ڪري گاڏيون اچي بيهنديون آهن۔ ماڻهو دريء مان ليئا پائي ڏسڻ ٿا لڳن ۔ هي عجيب قسم جي راند ڏسي انهن کي الائي ڇا ٿو ٿي وڃي رمون چرئي کي ڏسي هو بہ رونشي مان درين مان ڪيلن جون کلون ۽ ٻيو گند ڪچرو اڇلائڻ ٿا لڳن عجيب نظارو ٿو لڳي ڄڻڪ سڄي خلق چري ٿي ويئي هجي۔ ريل جو هارن وڄي ٿو ٽرين هلڻ لڳي ٿي ۽ جيڪو گاڏو رمون جي ڀرسان کان لنگهڻ لڳي ٿو ان مان گند ڪچرو رمون ڏانهن اڏامي اچي ٿو۔ رمون ويتر کلڻ لڳي ٿو ۽ ريل جي درين مان ماڻهو رمون کي ايئن کلندو ڏسي رونشي ۾ کلڻ لڳن ٿا هو هو جا آواز ڪن ٿا۔ سج لڙي هيڏو ٿي چڪو آهي ۔ اتر جي هوا ۾ ٿڌ وڌي ويئي آهي ٻار ٿڌ هوندي بہ پگهريل آهن تہ بہ ڪٿان نہ ڪٿان ڪا نہ ڪا شيء کنيو اچيو هن ڏانهن اڇلائن ۔ نہ رمون هاڻي راند بس ڪر توکي تہ ڪجه لڳي ئي ڪون ٿو ۔ هڪ ٻار چويس ٿو ۔ ٻار ٿڪجي پيا آهن چڱو ٻارو ترسو ۔ آئون اچان ٿو ۔ هو مٿي اچي ٿو۔
ٻار رمون جي حالت ڏسي ڊڄي ٿا وڃن۔ گند سان ڀريل منهن مان بہ ٻن ٽن هنڌان رت وهندڙ لونڌڙيء وٽ رت ڄميل عجيب ڀوائتي شڪل ۔ ٻار هيسجي وڃن ٿا۔
”ٻارو ڊڄو نہ. اچي هاڻي بچيل مال اوهان ۾ ورهائي ٿو ڏيان اچي وٺو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هان خميسا هي ٻہ کٽمٺڙا۔عارب توکي بسڪوٽ ٿا وڻن وٺ هي بسڪوٽ ۽ ڪيڏانهن ويو عارب اچي عارب تولاء ۽ هي وٺ ڙي تون ۽ هي توکي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔هو ٻارن کي بچيل مال ورهائي ڏيڻ لڳي ٿو۔“
سج هاڻي لڙي چڪو آهي ۔ سنجها جي مهل جي اونداه هوريان هوريان وڌي رهي آهي تلاء جي ڪني پاڻيء جو رنگ مٿان وهندڙ گٽر جي گندي پاڻيء جو رنگ۔ جهوپڙين ۽ بنگلن تي اونداهي ڇائڻ جو رنگ هڪڙو ٿيندو وڃي جهوپڙين ۾ دونهيون دکڻ لڳن ٿيون پريان بنگلن ۾ بتيون ٻرڻ شروع ٿي ويون رمون گٽر جي مٿان ايئن بيٺو آهي ڄڻ ڪو وڏو ڪم ڪيو اٿس۔ ماڻهو ڪم تان موٽڻ لڳا آهن ۔ پريان خدن پيو اچي ۔ خدن رمون کي ڏسي ڇرڪي وڃي ٿو : اڙي ها ڇا ٿيو اٿئي؟ لڦيو پيو آهين وري انهن ڇورن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
”خدن ڏس تلاء ڀريو آهي نہ“ هو خدن جي ڳالھ ڪٽيندي چئي ٿو۔
”ھا پاڻي پوندس تہ ڇو ڪين ڀرجندو!“
”اڙي پاڻي سان نہ ، اڄ اسان تلاء کي لٽڻ شروع ڪيو آھي. ڏسين ڪونہ ٿو. اسان ھن گندي تلاء کي گند سان ڀري ڇڏيو آھي.“
خدن غور سان ھن ڏانھن ڏسي ٿو. ھن کي ٻيو تہ ڪجھ نظر نہ ٿو اچي پر ڪجھ نارنگين جون کلون، ڪجھ ڪاڳر ۽ دفترين جا ٽڪڙا ترندا نظر ٿا اچن.
رمون، ايئن ٿو لڳي، تون ھاڻي سچ مڃائي چريو ٿي ويو آھين.
ساجن بہ اچي پھتو آھي. ھو بہ رمون کي ڏسي ڇرڪي وڃي ٿو.
ساجن رمون جون ڳالھيون ٻڌيون اٿئي. مڙس تلاء کي ٿو ڀري سو گند ڪچرو ميڙيو ان ۾ پيو وجھي.
ساجن ڪڇي ڪونہ ٿو ۽ رمون ڏانھن ئي نھاريندو رھي ٿو. ڳالھين ڳالھين ۾ ماستر ۽ علو بہ اچي پھچن ٿا. رمون فخر سان انھن ڏي نھاري ٿو.
اڄ ھنن ڇورن کي پادر ھڻڻا پوندا. ماستر تون اھا ڍرائي نہ ڪر، ڇورا سڀ کري ويا آھن. اڙي رمون! ھڪڙو اڳيئي ڌپ، منھن تہ ڌوئي ڇڏ. خدن وري کين سڄي ڳالھ ٻڌائڻ لڳي ٿو.
چئبو تہ رمون تلاء کي لٽيندو! سڀ کلڻ لڳن ٿا. رمون سندن کلڻ تي ڪاوڙجڻ لڳي ٿو.
ڇو نہ ڀربو تلاءُ؟ آئون ان کي ڀريندس، ڀلي اوھان مدد نہ ڪريو. اھو گٽر ابتو نہ وھايم، تہ پوءِ پيءُ جو پٽ ناھيان!
اڙي بابا رمون ، ايئن ڪيئن تلاء ڀربو. ماستر سمجھائيندي چويس ٿو.
ڏسجو، ڪيئن نہ ٿو اھا کڏ ھتان گم ڪريان توھان تہ پيا روز ھتان لنگھو، ڏسجو.
اچي وٺ، ھي ھي تنھنجو وزم، خدن سگريٽ ڏئيس ٿو. ۽ مون بہ تو لاء آندو آهي. اڄ اھڙي دعا ڪيئي، جو واھ جي مزوري لڳي. رمون ھنن جي ھٿن مان وزم پاڻي وٺيو، آھي بہ تلاء ۾ اڇلائي ٿو.
اڙي ھي ڇا ڪيئي! علو رڙ ڪري ٿو.
سڀ ڪجھ ھن تلاء ۾ وجھو. ٺڪر ٺوٻر، ڀتر، مٽي، واري، بجري آئون مري وڃان تہ منھنجو لاش بہ کڏ ۾ اڇلائجو. ايئن چئي ھو پنھنجي اوسي پاسي کان، جيڪي ھٿ لڳيس ٿو، اھو کڻي تلاء ڏانھن اڇلائڻ لڳي ٿو. ھو سڀ اچرج مان کيس تڪڻ لڳن ٿا.
انھيءَ ڏينھن کان وٺي رمون اوسي پاسي کان تہ ٺھيو پر شھر کان گند ڪچرو کڻي اچي تلاء ۾ وجھڻ شروع ڪيو آھي. ھاڻي کيس نہ رڳو ٻار پر ھر ڪو کيس رمون چريو چوڻ لڳو آهي.
پھرين تہ کيس رڳو پنھنجا سڃاڻيندا ھئا پر ھاڻي شھر ۾
بہ کيس ھرڪو بہ سڃاڻڻ لڳو آھي. کيس ردي ۽ بيڪار شيءِ جتان بہ ملي ٿي اھا کنيو، ٻڌيو، گھليو، اچيو تلاء ۾ ڇڏي پر تلاء ھڪ جھوني کڏ آھي اڃا ڀرجي نہ سگھي آهي.
رات وري ڏاڍو مينھن پيو آھي. ماڻھن رات جاڳي گذاري آهي پر پاڻي جھوپڙين ۾ گھڙن بدران پٺتي تلاء ڏي وڃي رھيو آھي!
صبح جو ماڻھو پنھنجيون جھوپڙيون ڀونگيون، ٽڪرا ٽپڙيوڻ لڳائي بلائتيون پيا ڪن. ھي پھريون ڀيرو آھي جو پاڻي جي ايڪڙ ٻيڪڙ دٻن کانسواءِ پاڻي ڪٿي بہ بيٺل نظر نہ ٿو اچي.
ماڻھو ھوريان ھوريان تلاء جي چوڌاري جمع ٿيندا ٿا وڃن . تلاء ٽمٽار لڳو پيو آهي ۽ تلاء جو ڪنو پاڻي گٽر ۾ پئجي ان کي ابتو وھائي رھيو آھي پريان بنگلن ڏانھن.
تلاء جي بچيل سچيل مٿاڇري پاڻي ۾ ٻوڙن جي پويان رمون جو لاش لڌو آهي. لڳي ٿو ھن سڄي رات ويھي تلاء کي لٽيو آھي. ھر ڪنھن جي اکين ۾ ڳوڙھا آھن.
آڪاس تي اڃا ڪارا ڪڪر ڇانيل آھن پر ھاڻي ڪنھن کي مينھن جو ڊپ ھراس ڪونھي.