لطيفيات

اک الٽي ڌار

ھي ڪتاب محترم نذير سومرو جي شاھ لطيف جي ٽن سُرن سھڻي، مومل ۽ کنڀات تي لکيل تجزياتي مضمونن جو مجموعو آھي. ساجد سنڌي لکي ٿو:
منفرد ڪردار جي مالڪ ۽ سهڻي قملڪار سائين نذير سومري هن ڪتاب ” اک الٽي ڌار“ ۾ ٽنهي سرن خاص طور سهڻي ۽ مومل جي تقليدي اپٽار بدران علامتي اظهار جا انيڪ مَٽ اپٽيا آهن، جن کي پڙهندي سچ ته اکيون حيرت جو بت بڻجڻ تي مجبور ٿين ٿيون، سندس قلم جي رواني ۽ اظهار جي لکت ڏند ڪٿائي دور کان هاڻوڪين حالاتن آڌار پروڙڻ ۽ پرکڻ جي گهڻو ويجهو آڻين ٿيون.
  • 4.5/5.0
  • 1034
  • 354
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book اک الٽي ڌار

حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

ڪتاب نمبر 75
حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

ڪتاب جو نالو: اک الٽي ڌار
موضوع: لطيفيات
ليکڪ: نذير سومرو
ڇاپو پهريون: آڪٽوبر 2017ع
ٽائيٽل ڊزائين: شاهزيب ميمڻ
ڇپيندڙ: سمبارا پبليڪيشن
سيد آرڪيڊ آفيس نمبر 8 عبرت گهٽي گاڏي کاتو حيدرآباد
03003513966

مُلهه: -/300
ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت 2020ع
www.sindhsalamat.com

مُلهه: 250 روپيا

AKH ULTI DHAR
(Literature)
By: Nazeer Sommro
Sambara Publication Hyderabad
03003513966

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”اک اُلٽي ڌار“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ھي ڪتاب محترم نذير سومرو جي شاھ لطيف جي ٽن سُرن سھڻي، مومل ۽ کنڀات تي لکيل تجزياتي مضمونن جو مجموعو آھي.ھن ڪتاب تي نذير احمد سومري صاحب کي 2017ع ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين پاران 2017ع ۾ لطيفيات جي بھترين ڪتاب جو اوارڊ مليو. ساجد سنڌي لکي ٿو:
منفرد ڪردار جي مالڪ ۽ سهڻي قملڪار سائين نذير سومري هن ڪتاب ” اک الٽي ڌار“ ۾ ٽنهي سرن خاص طور سهڻي ۽ مومل جي تقليدي اپٽار بدران علامتي اظهار جا انيڪ مَٽ اپٽيا آهن، جن کي پڙهندي سچ ته اکيون حيرت جو بت بڻجڻ تي مجبور ٿين ٿيون، سندس قلم جي رواني ۽ اظهار جي لکت ڏند ڪٿائي دور کان هاڻوڪين حالاتن آڌار پروڙڻ ۽ پرکڻ جي گهڻو ويجهو آڻين ٿيون.
هي ڪتاب سمبارا پبليڪيش، حيدرآباد پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سمبارا پبليڪيشن جي سرواڻ پياري ساجد سنڌيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

اداري پاران

لطيف سرڪار جن ڪردارن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪتب آندو، سي ته امرتا جي سرحدن تي رسيا، اکين جو رستو چيري هيئين سان هنڊائڻ وارن انهن مان ڪي ڪردار اڄ به ۽ شايد هر دور جي ذهنن تي نقش ٿيڻ جي قوت سان سرشار آهن. وقت جي محققن انهن ڪردارن جي مختلف پهلوئن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ وت آهر پنهنجي حصي جو ڪم ته ضرور ڪيو آهي پر اڃان به ڪجهه ڪرڻ واري جستجو تاحال برقرار آهي، سائين نذير سومرو پڻ شاهه چواڻي
تونسپڙ آئون سيڪڙو، تو ڏاتار آئون ڏوهه،
تون پارسآئون لوهه، جي سڃين ته سون ٿيان
جيان پنهنجي ڪرت کي نڀائيندي اکين جو نور نچوڙيندي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ٽن سرن سهڻي، مومل ۽ کنڀات جو تجزياتي جائزو نهايت منفرد ۽ پنهنجي رنگ ۽ ڍنگ سان پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جنهن سان پڙهندڙن لاءِ يقينن دلچسپي ۽ ملهائتي ڄاڻ سميت بحث جا ڪيترائي دروازا کلي سامهون اچن ٿا.
منفرد ڪردار جي مالڪ ۽ سهڻي قملڪار سائين نذير سومري هن ڪتاب ” اک الٽي ڌار“ ۾ ٽنهي سرن خاص طور سهڻي ۽ مومل جي تقليدي اپٽار بدران علامتي اظهار جا انيڪ مَٽ اپٽيا آهن، جن کي پڙهندي سچ ته اکيون حيرت جو بت بڻجڻ تي مجبور ٿين ٿيون، سندس قلم جي رواني ۽ اظهار جي لکت ڏند ڪٿائي دور کان هاڻوڪين حالاتن آڌار پروڙڻ ۽ پرکڻ جي گهڻو ويجهو آڻين ٿيون. لطيفي لات جي هن پانڌيئري جا پنهنجا گس ۽ اصطلاحي روپ پاڻ طرف متوجهه ڪرڻ لاءِ اتساهيندي نظر اچن ٿا، سمبارا پبليڪيشن پاران لطيفيات تي مشتمل ٻين ڪتاب جيان سائين نذير سومري جو هي ڪتاب ” اک الٽي ڌار“ پڻ پڙهندڙن لاءِ نهايت ڪارائتي سوکڙي ثابت ٿيندو، اسان جي دعا آهي ته سندس قلم ڪڏهن به ٿڪجي ۽ هو اسان کي اڃان نت نوان ڪتاب آڇيندو رهي.

ساجد سنڌي
سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
03003513966 / 03163068979

پنهنجي پاران

پنهنجي پاران

منهنجي پيء ماء کي پٽ جي اولاد ڪونه ٿيندي هئي. مون کان اڳ منهنجون ڀينريون ڄايون، ايتري تائين جو منهنجي پيء کان جڏهن به ڪو پڇندو هو ته، ڇا ڄائو؟ ته هو کين ٻڌائيندو هو ته “اهو جيڪو ڄائيندو آهي“.
منهنجي پيء مونکي ٻڌايو ته هڪ دفعي مان ڀٽ شاه ويس ۽ پٽ لاء دعا گهري.
اهي اونهاري جا ڏينهن هئا. مان لطيف سائين جي چوگان ۾ رات جو سمهيو پيو هوس ته مون هڪ خواب لڌو.
خواب ۾ هڪ ماڻهو اڇا ڪپڙا پهري مون ڏانهن ڏسي رهيو هو. مونکي پڪ هئي ته هي شاه لطيف آهي. مون ڏانهن غور سان نهارڻ کان پوء هڪ انب (جيڪو سندس هٿ ۾ هو) مان هڪ ڦار مونکي ڪٽي ڏنائين.
ان کان پوء منهنجي گهر ۾ تنهنجو جنم ٿيو......................
ٿي سگهي ٿو مان اهڙا عقيدا نه رکندو هجان، اها ڳالهه ڪتاب پڙهندي اوهان کي محسوس به ٿيندي.......پر منهنجي هن شخصيت سان انسيت تمام گهڻي رهي آهي.
اسڪول پڙهندي سڀ کان پهرئين دشمني جنهن شخصيت سان منهنجي ٿي هئي اهو هو سقراط....
پنجين درجي جي ڪتاب ۾ هڪ سبق هو هن شخصيت تي.
هن جي ڳالهه مونکي سمجهه ۾ ڪونه ايندي هئي ته، “ماڻهو جيئن ٿا کائڻ ڪاڻ، مان کانوان ٿو جيئڻ ڪاڻ“
مون ان ڳالهه کي هڪ ئي سمجهو،
ماڻهو به کائين ٿا،
هي به کائي ٿو،
ماڻهو به جيئن ٿا
هي به جيئي ٿو......
چريو آهي....
ٻي دشمني ٿي ارسطوء سان، جنهن چيو،
مان ايترو ڄاڻان ٿو ته مان ڪجهه نه ٿو ڄاڻان.......
هڪ ٻيو چريو...
ڄاڻي به ٿو، نه به ڄاڻي ٿو،
ٽين دشمني هئي شاه لطيف سان،
جنهن جي شاعري سمجهه ۾ ڪونه ايندي هئي،
ڪي گانا هجن،
ڪي نغما هجن،
باقي
ڳولهيان ڳولهيان م لهان شال م ملان هوت،
من اندر جا لوچ، ملڻ سان ماٺي ٿئي....
دنيا پرينء سان ملڻ لاء آتي، هي وري........................
ايُ نه مارن ريت، جيئن سيڻ مٽائن سون تي...سون کان ڪا قيمتي شيء ٿيندي آهي ڇا؟
سمجهه کان ٻاهر،
نه وڻندڙ.............
چوٿين دشمني هئي مارڪس سان،
هن همراه جو تعارف هڪ دهرئي طور ڪرايو ويو هو مون سان...
جيڪو خدا کي ئي نه ٿو مڃين ان سان ڪهڙو ڳالهايون؟،
ڪهڙو ان کي پڙهون............
پنجين دشمني ٿي منهنجي رسول بخش پليجي سان.
هن سان منهنجو تعارف ئي هڪ سنڌ دشمن ۽ پنجاب جي ايجنٽ طور ڪرايو ويو هو. اسان دوست اها ته پڪ ڪري ويٺا هئاسين ته هي پنجاب جو ايجنٽ آهي پر گهڻو سيڪڙو آهي ۽ ڪهڙي نموني پنهنجو فرض سرانجام ڏيئي رهيو آهي مون کي ڳولا هئي ته بس اها.
هڪ دفعي هڪ دوست سياسي بحث ڪندي دليل ڏيندي چيو ته هن همراه يعني منهنجي دشمن ۽ پنجاب جي ايجنٽ حيدرآباد ۾ جهيڙو ڪرائڻ جا ساڍا ٻارنهن هزار سرڪار کان (پنجاب کان) معاوضي طور ورتا هئا. (گهڻو وقت پوء مون اها ڳالهه سائين پليجي صاحب سان پڻ ڪئي هئي) اهو دليل ڏيڻ کان پوء اهو دوست مون ڏانهن داد حاصل ڪرڻ لاء تڪيندو رهيو جيڪو پنهنجي پر ۾ سمجهي رهيو هو ته هُن همراه، هن ڪائنات جو هڪ وڏو سوال هڪ ئي ڌڪ سان حل ڪري ورتو آهي. ان وقت الائي ڇو منهنجي ذهن ۾ هڪ سوال آيو جو مون کائنس پڇيو ته پليجي صاحب ايترا گهٽ پيسا ڇو ورتا؟
تنهن تي هن چيو ته جهيڙو به ته ننڍڙو هو نه......( جنهن تي مون کي اڃان تائين کل ايندي آهي).
اها ٻي ڳالهه ته هاڻي منهنجي محبوب شخصيتن ۾ اهي مٿيان سڀ ماڻهو شامل آهن. جڏهن ڪجهه مطالعو ڪيوسين تڏهن سمجهه ۾ آيو آهي ته دنيا جي علمن جا ٿنڀا اهڙن ننڍڙن جملن تي بيٺل آهن ته مان کانوان ٿو جيئڻ ڪاڻ، ٻيا جيئن ٿا کائڻ ڪاڻ.
يا وري مان ايترو ڄاڻان ٿو ته مان ڪجهه نه ٿو ڄاڻان.......
يا وري ڳولهيان ڳولهيان م لهان شال م ملان هوت،
من اندر جا لوچ، ملڻ سان ماٺي ٿئي....
انهن مٿين شخصيتن مان چونڊ ڪرڻ ته ڪير مٿي آهي،
ڪير وڌيڪ آهي، ڪير گهٽ........
اها ڀيٽ ڪونه ٿا ڪريون...
پر مونکي جيڪو وڌيڪ سمجهه ۾ آيو آهي،
وڌيڪ سمجهه ۾ اچڻ ڪري جيڪو منهنجي وڌيڪ ويجهو آهي،
اهو لطيف سائين آهي............
سو هن ماڻهوء جو مون مٿان هڪ قرض هميشهه مونکي چڙهيل محسوس ٿيندو رهيو آهي ته ڪجهه لکجي، هن کي عام ڪجي....
جڏهن نوڪريء مان وقت کان اڳ صرف ان لاء فارغ ٿيم ته جيئن پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪو ادبي ماحول وري جوڙي سگهجي............
(وري جوڙڻ مان منهنجو مطلب هو ته؛
سن اوڻيويهه سو ستهتر ۾ مون هڪ تنظيم العزيز ادبي انجمن جوڙي هئي......(سائين عبدالعزيز شاه، اسان جي ڳوٺ جو هڪ وڏو شاعر، جنهن جي تعارف طور هڪ شعر هتي ڏيان ٿو....
ويٺي چرخو چور، ابرو عجيبن جو
سنهو ٿلهو صفرو، سڳو ويٺي سور،
متان ڇني ڏور، ته آتڻ اچڻ ئي نه ڏيئي...
ڏٺو وڃي ته اسان جي پنهنجي شهر چڪ، (جنهن لاء مان هميشهه چوندو رهيو آهيان ته اسان جي خوش نصيبي آهي جو ان جو نالو ڪنهن مير، پير، وڏيري، مرشد، پيسي واري، (يعني انسان دشمن ٽولي مان ڪنهن هڪ جي نالي تي ٻڌل ڪونهي، پر اهو هڪ پورهيت جنهن جي لاء هن ڪائنات جي سردار الڪاسب حبيب الله چيو هو، ان جي روزيء جي اڏي “چڪ“ (جنهن تي هو مٽيء مان ٿانوَ ٺاهيندو آهي) نالي سان اڏيل ڳوٺ آهي) ۾ پوء ٺهندڙ سمورين تنظيمن جي مدر تنظيم العزيز ادبي انجمن ئي رهي آهي.
مون کي “هي ڪم مون ڪيو آهي بجاء هي ڪم اسان ڪيو آهي” وڌيڪ وڻندڙ هوندو آهي پر هتي تاريخ جي درستگيء لاء هي لفظ يعني “مان” تمام گهڻي ڪرب سان لکيا اٿم.
مان اها ڳالهه انتهائي ايمانداريء سان ڪريان ٿو ته ان جو پايو وجهندڙ مان هوس،
مون سان منهنجو ادبي همسفر رشيد سومرو صلاحي/گڏ هو.
اسان ذهني ۽ عمر جي حساب سان ننڍا هجڻ ڪري ڪنهن جي رهنمائيء جا محتاج هئاسين، جيڪا اڳ ۾ هڪ استادي پيشي سان وابسته ادبي دوست غلام علي چنو مرحوم (جيڪو پوء منهنجو ادبي استاد به بڻيو يعني سائين غلام علي چنو صاحب)
(دنيا جي ٻين سڀني انسان وانگر خوبين ۽ خامين جو مجموعو هوندي هي سائين هڪ خوبيء جو مالڪ هو ته هن سان جيڪو ملندو ان کي مايوس ٿيڻ ڪونه ڏيندو توڙي جو پاڻ هن قفص نما دنيا ۾ رهندي تمام گهڻي محرومين مان گذرڻ ڪري مايوسين کي منهن ڏيندو رهيو.....
اسان کان وڏي عمر جو هوندي به اسان سان اسان جي عمر واري روش هلندڙ هن همراه اسان جي خوب همت افزائي به ڪئي ته رهنمائي به.......
پوء اڳتي هلي اهو سلسلو (تنظيمي رهنمائيء وارو) ٻيو ادبي همسفر محترم هارون چنو اسان جي ئي (ٻنهي رشيد ۽ مان) جي عرض ڪرڻ تي نڀائيندو رهيو.
منهنجي 1982 ۾ نوڪريء جي سلسلي ۾ ٻاهر وڃڻ کان پوء منهنجي شهر سان رشتي واري ڏوري ڪمزور ٿي چڪي...........جنهن ۾ وري ساه وجهڻ لاء مون ڳوٺ جو رخ ڪيو.
ڳوٺ اچي مون اخباري ڪالم لکڻ شروع ڪيا ۽ ليڪچرن جو سلسلو شروع ڪيو.
پهريائين محترم ضمير گهمرو صاحب،
پوء محترم بخشيل ٿلهو صاحب،
ٽيون محترم علي قاضي صاحب جن ليڪچر ڏنا.
مون ان کان سواء گهڻن ئي مهربانن سان ڳالهايو ۽ کين آماده ڪيو ته هو مهرباني ڪري اچن ۽ مختلف موضوعن تي اسان کي اچي ڪجهه ٻڌائين.
(منهنجي پنهنجي ذاتي راء آهي، جيئن ته ليڪچرڪار ليڪچر جي تياريء لاء ڪيترا ڪتاب پڙهي ٿو ۽ اها ڄاڻ اسان تائين پهچائي ٿو نتيجي طور اسان تائين ڄڻ ته ڪيترن ڪتابن جو مطالعو هڪ جاء پهچي ٿو. تنهنڪري مان ليڪچر کي سڀ کان موثر ذريعو سمجهندو آهيان ڄاڻ جو.
(اهو منهنجو ذاتي تجربو به آهي، ڪوئي مون سان متفق ٿئي يا نه، مون جيترو محترم رسول بخش پليجي صاحب جي ليڪچرن مان پرايو ايترو ڪٿان به ڪونه....جنهن ماڻهو هن علم جي سمنڊ وانگر ڇوليون هڻندڙ شخص جا ليڪچر غور سان ٻڌا هوندا ان کي خبر هوندي) جيئن ته اسان وٽان مطالعو موڪلائيندو پيو وڃي تنهنڪري اهو طريقو وڌيڪ ڪارائتو ثابت ٿي سگهي ٿو) اڳتي هلي اهو سلسلو بند ٿي ويو...
(هتي مان پنهنجي سوانح حيات ڪونه پيو لکان، تنهنڪري تفصيل لکڻ مناسب ڪونه ٿو سمجهان.....صرف ايترو ته هتي شاه جو شعر به ڪنهن جي فيور يا مخالفت واري انداز سان ٻڌو ۽ پڙهيو ويندو آهي)
پوء مون پنهنجي شهرواسين دوستن کي گذارش ڪئي ته اسان سڀني کي هي موضوع گهڻو ڪري/چڱيء ريت پڙهڻ گهرجن؛
پهريون: نبي سائين جي زندگي مبارڪ جو مطالعو،
پاڻ ڪريم جن جي حيات مبارڪ مان گهڻي کان گهڻو پرائڻ لاء اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟
ٻيو: زندگيء جو سائنسي انداز سان مطالعو، مارڪس، اينگلس جي تعليم جي روشنيء ۾....هن لاء مون هڪ اسٽڊي سرڪل شروع ڪيو، هڪ ڪتاب انسان بڙا ڪيسي بنا گڏجي پڙهڻ شروع ڪيو ۽ سائنسي انداز سان ان ڪتاب کي پڙهندي بحث ڪيو. مان حيران هوندو هوس ته دوست (نوجوان) اندازي کان وڌيڪ ڳالهين کي سائنسي انداز سان سمجهڻ لڳا هئا............( مونکي الائي ڇو پنهنجي قوم جي نجات سائنسي انداز سان سوچڻ ۾ ئي ملندڙ لڳندي آهي)...ان تي تفصيل سان وري ڪڏهن لکنداسين..
ٽيون: ٻي عالمي جنگ جو گهرو مطالعو، ان کانپوء دنيا جو هڪ منصوبي تحت ورهائجڻ (جنهن تي اڳتي هلي مون هڪ ڪتاب لکيو، آمريڪا هٿيار ڪيئن وڪڻندو آهي).
چوٿون: لطيف سائين جي شاعريء کي ان جي اصلي معنى سان سمجهڻ....يعني مذهبي رنگ، صوفيت واري رنگ کان هٽي ڪري صرف ۽ صرف سائنسي انداز ۾.
آخري موضوع لاء مون تجويز ڏني ته مختلف سُر دوستن کي ورهائي ڏجن (پنهنجو پاڻ ۾) انهن کي گهربل ٽائيم ڏجي ۽ ليڪچر ڪرائجي.
ان جو فائدو اهو ٿيندو ته
اسان ڳالهائڻ سکنداسين،
اسان لطيف سائين جي انقلابي ۽ سائنسي انداز واري شاعريء جو مطالعو ڪري هن عالم مان گهڻو ڪجهه پرائينداسين.
اهو سلسلو پنهنجي ڳوٺ کان وڌائي، ڀروارن ڳوٺن ڏانهن (جيڪو ٿورو گهڻو وڌايو به) ، ۽ پوء پوري سنڌ تائين ڦهلائينداسين.
هن سلسلي جي پهرئين ليڪچر لاء مون پاڻ آڇيو.
سلسلو هلي پيو،اٽڪل ڏهن سرن تي ليڪچر ٿيا.
اهو ڪم اڳتي هلي رڪجي ويو، ڪجهه بدانتظاميء ڪري،
ڪجهه دوستن جي عدم دلچسپيء ڪري،
ڪجهه دوستن جي غير سنجيده هجڻ ڪري.
( اوهان پڙهندڙن کي ان جي دانهن ٿو ڏيان ته هڪ دوست محرم ۾ سر ڪيڏارو تي ليڪچر ڪرڻ لاء چيو. مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي ته محرم ۾ مطابقتي سر تي ليڪچر وڌيڪ لاڀائتو ٿيندو. مون ڪيترا دفعا کيس چيو ته مهرباني ڪري تياري ڪريو، جيڪي ڪتاب کپن، (مون وٽ لطيف سائين جي موضوع تي چڱو ذخيرو موجود آهي مون کان وٺو، تياري ڪريو ۽ واپس ڪريو. سڀني دوستن کي اها آڇ ڪيم) مان ڏيندس. جڏهن محرم ويجهو آيو ته منهنجي بار بار ياد دهانين کان پوء ان دوست چيو ته ٻئي سال به ته محرم ايندو..................اهڙا جملا گهائي ڇڏيندڙ ٿيندا آهن.
هڪ ٻيو دوست جنهن لاء منهنجي دعوى آهي ته اهو اسان سڀني کان سٺو ليڪچر ڪري پئي سگهيو، بار بار ان کي عرض ڪرڻ باوجود هن سدائين نٽايو.
هڪ ٻيو دوست جيڪو پڻ ذهين ۽ مطالعي وارو آهي ان جا دليل مون کي اڄ تائين سمجهه ۾ ڪونه آيا.
مون کيس چيو ته اوهان سٺو ليڪچر ڪري سگهو ٿا اوهان ۾ صلاحيتون آهن. هن وراڻيو منهنجو لطيف سائين جي حوالي سان مطالعو ڪونهي.
پوء پڙهو.............
ٽائيم ناهي.
هڪ مهربان هڪ سُر کنيو، ڪتاب به ورتائين، ڪجهه ڪتابن جو ذخيرو وٽس به موجود هو، ليڪچر به ڪونه ڪيائين، ڪتاب به واپس ڪونه.
هڪ دوست اسان جي ڳوٺ جي سڀني دوستن مان مارڪسي ۽ سائنسي انداز سان ڳالهائن جو سڀ کان وڌيڪ ماهر آهي، هو رسالو کڻي ويو، ليڪچر به ڪونه، رسالو به واپس ڪونه.....
مٿيون بيان ڪيل ڳالهيون ڪرڻ چڱو عمل ڪونهي پر اهي اسان جون قومي بيماريون آهن، جيڪي ٻين سان گڏ مون کي به لڳل آهن پر مون سموري زندگي ٻن شعرن تي عمل ڪيو آهي.
هڪ لطيف سائين جو هي شعر؛
تون جي پهڻ پٻ جا، لڱ منهنجا لوه
ٻيو لطيف ثانيء جو؛
توڙي سگهه نه سير جي، هانء نه هاري هٺ،
جا آهي سان وٺ ارهي سرهي جندڙي.
جيڪو ڪري سگهجي، اهو ته ڪجي،
مائونٽ ايوريسٽ به انسان ئي پيا سَرِ ڪن.
ڪي اسان وانگر ڪک ڀڃي ٻيڻو به ڪونه پيا ڪن.........
رهن ته سڀني قسمن جا ماڻهو ٿا هن ڌرتيء تي...............
هاڻي اچون ٿا هن ڪتاب تي؛
سو مون پاڻ مٿان سنڌ جي وڏي ۾ وڏي انسان جو قرض محسوس ڪندي سوچيو ته ڪجهه ضرور لکجي.
هڪ مهربان سان ڳالهه ڇيڙيم ته لطيف سائين تي ڪجهه لکڻ چاهيان ٿو،
همت افزائيء وارو جواب ڪونه مليو، چيائين گهڻو لکجي چڪو آهي، ٻئي ڪنهن موضوع تي لک...
پوء کيس عرض ڪيم ته اهڙا خيال جيڪي دنيا جي ڪنهن به ٻئي شاعر کان اڳ لطيف سائين ڏنا آهن، يعني هي اينيشيٽر آهي جن خيالن جو.
حيران ٿيو ۽ چيائين ها، ان موضوع تي لکڻ گهرجي.
پهريائين هڪ ڪالم لکيو مون عوامي آواز ۾، ان کان پوء ڪتاب لکڻ ويٺس.
لطيف سائين تمام وڏو فلاسافر قسم جو شاعر آهي، هن وٽ خيال سمنڊ وانگر ڇوليون پيا هڻن، اسان ان کي ڪونه سمجهو آهي،
ڪونه سمجهايو آهي....
ان ڪري هيء ننڍڙي ڪوشش ڪئي اٿم....
سو هي ڪتاب اوهان جي هٿن ۾ آهي،
هن ۾ صرف ٽي سر آهن،
سر کنڀات جا اهي شعر جيڪي خيال سڀ کان پهريائين هن انسان ڏنا آهن،
سر مومل راڻو جا اهي شعر جيڪي خيال سڀ کان پهريائين هن انسان ڏنا آهن ،
سر سهڻي. (سر سهڻي سمورو ئي ڏنو آهي ڇو ته هي سمورو سر ئي اهڙن خيالن سان ٽمٽار آهي).
پنهنجي راء ضرور ڏجو ته جيئن اوهان جي قيمتي مشورن جي روشنيء ۾ ٻيا سر جيڪي به ٿوري وقت ۾ تيار ٿي ويندا انهن کي اصلاحي سگهجي.
آخر ۾ انهن سڀني دوستن جون مهربانيون جن ڪتاب جي ڇپائيء ۾ مدد ڪئي. محترم گوهر سنڌي، محترم رشيد سومرو، محترم سجاد سنڌي (سمبارا پبليڪيشن)، خاص طور تي محترم نويد احمد مهر ڪائونسلر جنهن هڙان مدد ڪئي. انهن مهربانن جي مدد جو نتيجو ئي آهي جو اڄ هي ڪتاب اوهان جي هٿن ۾ آهي.


نذير سومرو
ماڪوڙي ڳوٺ
ضلعو ڪرڪ
ڪي پي ڪي
15.07.2017
رات 11.35

سو ڳالهه جي هڪ ڳالهه

سو ڳالهه جي هڪ ڳالهه

هن ڪائنات جي وسعت جيڪا اڄ تائين تحقيق ٿي آهي ان مطابق سڀني ساهوارن ۾ حضرت انسان سڀ کان وڌيڪ عقل وارو آهي. اڳتي هلي ڪنهن ٻئي سَياري تي ڪا ٻي مخلوق ظاهر ٿئي، ان تي تحقيق ٿئي ان جي فهم جي خبر پوي، اها ڳالهه ٻي آهي.
انسان کي اشرف المخلوقات چيو ويو آهي ۽ هن اهو ثابت به ڪيو آهي. انسان پنهنجي عقل ۽ فهم سان ڪيتريون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. ڪاميابيون ڏسي عقل دنگ رهجي وڃي ٿو. شايد ان ئي ڪيفيت ۾ ته مهان قوي شيخ اياز چيو هو،
“جا خدا کان نه ٿي، جا نه امڪان ۾،
ڳالهه آهي اها اڄ جي انسان ۾”
پر هن اشرف المخلوقات جو اهو هڪ پاسو آهي. ٻيو پاسو وري ايترو ئي ڀيانڪ آهي هن جي ڪردار جو. دنيا ۾ موجود ڪا به مخلوق پنهنجي ذات جي ايتري دشمن ناهي جيترو هي.
ڪنهن هرڻيء کي اوهان ڏٺو آهي، اوهان ٻڌو آهي ڪڏهن، ته ان هڪ لشڪر ٺاهي هرڻين جي لشڪر تي حملو ڪيو، انهن کي قتل ڪيو، انهن مان نر هرڻن کي ماري، ٻارڙن/ٻچن کي غلام بڻائي بازارين ۾ وڪيو؟ عورتن (مادي هرڻين) کي سونهن جي بنياد تي پنهنجي لشڪر ۾ طاقتور/عهدن جي بنياد تي ورهايو؟ جيترو وڏو عهدو ايتروئي هو بڻيو سهڻي هرڻيء جو لائق!!
هرڻي، ٻڪري، رڍ، مينهون، ڳئون ته تمام ٿڌي طبيعت وارا جانور آهن، انهن ته ڪونه ڪيو پر بگهڙ جيڪو پنهنجي ذات جي حساب ۾ تمام گهڻو ايگريسوِ آهي، ويڙهو آهي، انهن لاء اوهان ٻڌو آهي ته انهن اهو سڀ ڪيو آهي جيڪو هن اشرف المخلوقات ڪيو آهي؟
هڪ اندازو آهي ته جڏهن کان وٺي هيء دنيا ٺهي آهي تڏهن کان اٽڪل پنڌرنهن هزار جنگيون ٿيون آهن جن ۾ اٽڪل چار ارب ماڻهو ماريا ويا آهن. اهي انگ اکر انساني تاريخ جيڪا لکت واري دور کان پوء جي آهي، ان جا آهن. ان کان اڳ ڇا ٿيو آهي ان جي ڪا خبر ڪونهي.
انڊيا جي فلم انڊسٽريء ۾ هڪ فلم ٺهيو هو مدر انڊيا. هن فلم ۾ خوبصورتيء جي ماڊل نرگس (فلم جي هيروئن) هڪ ڊائلاگ چيو هو جيڪو تمام گهڻو مشهور ٿيو هو. اهو ڊائلاگ هو “اي ڀڳوان! تون هيء خوبصورت دنيا ته ٺاهي سگهين ٿو، جنهن ۾ سڀ رنگ هجن پر تون هن ۾ انسان ٿي رهي ڏيکار ته خبر پئجي وڃي توکي“
لبن يعني کير جهڙي ملڪ لبنان جي کير جهڙي اڇي خليل جبران چيو هو ته جيڪڏهن تون جيئڻ جو فن سکي ورتو ته پڪ ڄاڻ تون دنيا جو سڀ کان وڏو فن سکي ورتو آهي.
هرڻيء جهڙي نماڻي ملڪ سنڌ جي لطيف سائين چيو هو ته
”جيئڻ ڪارڻ جيڏيون، وڏا وس ڪيام“
...........سو جيئڻ ڪا مزاق ڪونهي،
آتي جاتي سانس ڪا عالم نه پوڇ،
جس طرح دهري ڌار ڪا خنجر چلي،
زندگي هي يا ڪوئي طوفان هي،
هم تو اس جيني ڪي هاٿون مر چلي.
مرڻ لاء ته هڪ دفعو زهر پيئڻي ٿي پوي پر زنده رهڻ لاء روزانو، وک وک تي زهر پيئڻي پوي ٿي.
زندگيء کي ايترو پر تشدد ۽ زهر بڻائڻ به هن حضرت انسان جو ڪارنامو آهي. هن جي ڪردار ئي پنهنجي لاء يعني ٻئي انسان لاء جيئڻ جا سڀ رستا بند ڪيا آهن يا ايترا تنگ ڪيا آهن جو اتان گذرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.
ڪو به ظلم جو طريقو ڪونه بچو آهي جيڪو هن ٻئي انسان تي نه آزمايو آهي. هي صرف انسانن لاء نه پر دنيا ۾ موجود هر ساهواري ۽ غير ساهواري لاء به عذاب جو سبب بڻيو آهي.
هن جا ظلم ئي آهن جو اڄ ڪيترا ئي جيوَ ناپيد ٿي چڪا آهن.
ڪيترا ناپيد ٿيڻ وارا آهن.
هن جبلن جا جبل اُکوڙي ڪائنات جي بيلنسنگ کي آئوٽ ڪيو آهي.
هن ٻيلن جا ٻيلا وڍي ميدان بڻائي ڇڏيا آهن.
هن جي ڪردار جي منفي ۽ مثبت پاسن تي تمام گهڻا ڪتاب لکيا ويا آهن، مزي جي ڳالهه اها ته اهي به هن پاڻ (انسان) ئي لکيا آهن.
انسان ۾ جتي منفي/نيگيٽو خيال پنهنجو وٿاڻ ٺاهيو ويٺا آهن اتي هن ۾ مثبت/پازيٽو خيال به هن کي هر وقت ٿڌو، عقل کان ڪم وٺندڙ، ٻئي جي جيئڻ جا رستا کوليندڙ پڻ موجود آهن. سڀ انسان منفي/نيگيٽو سوچ وارا آهن، ائين به ڪونهي.
سڀ مثبت/پازيٽو سوچ وارا آهن ائين به ڪونهي.
جن انسانن هن جي منفي پاسي کي ماٺو ڪرڻ/مثبت ڪرڻ لاء پاڻ پتوڙيو آهي انهن ۾ اديب شاعر اهم آهن. اديب شاعر ڇاکي چئجي ٿو، اهي ڪير هوندا آهن، ان لاء ته هڪ ٻيو ڪتاب لکجي ته به ٿورو، بس ٿورن لفظن ۾، جيڪي شيخ اياز جا آهن،
...... جي ڪنهن وقت به ڪنهن جو طوق ٽٽو،
مون سمجهيو ڄڻ منهنجي گردن هلڪي ٿي.
يعني اهو انسان جيڪو ڪنهن ٻئي انسان جي گردن مان طوق ٽٽڻ کي پنهنجي گردن هلڪي محسوس ڪري ان کي ئي عرف عام ۾ اديب سمجهيو ويندو آهي. پرايو ڏک پنهنجو سمجهندڙ ئي هن عظيم رتبي کي ماڻي وٺندو آهي.
اسان جي هن سنڌ ڌرتيء جو سڀ کان وڏو انسان يعني شاه لطيف هن رتبي جو سڀ کان لائق انسان آهي. هي پرائي ڳچيء ۾ پيل طوق کي پنهنجي ڳچيء جو بار سمجهندڙ مهان شاعر آهي. هن جي وڏي سوچ ويچار جو وڏو مجموعو آهي هن جي شاعريء جو ڪتاب “شاه جو رسالو“.
هن همراه وڏي سوچ ويچار کان پوء،
انساني ذهن ۽ ان جي سوچ جو مطالعو ڪرڻ کان پوء
هن ڌرتيء جي سڀني عذابن جو سبب معلوم ڪيو، عذابن جون ايڪسري رپورٽون جاچي ڏٺيون ۽ هڪ نسخو لکيو ته،
نه ڪا جهل نه پل، سڀڪو پسي پرينء کي.
هن ڳالهه تي غور تمام ضروري آهي ته لطيف سائينء کي هن دنيا جي سڀني دردن جو دارون ان ۾ نظر آيو ته پيار آزاد هجي،
پيار آزاد،
سڀ مسئلا حل.


پيار غلام
مسئلا ئي مسئلا.

آخري ڳالهه

آخري ڳالهه

ڇا لطيف سائين وارو خواب پورو ٿيڻ وارو آهي؟
ڇا دنيا ان خواب طرف وڌي پيئي؟
ڇا لطيف سائين سمجهي ورتو هو ته اڳي پوء هي سوچيندڙ درندو انسانيت طرف وڌندو؟
پر.......سڀ کان پهريون سوال آهي ته،
ڇا ائين ممڪن آهي؟
اڄ جي دنيا اهڙو ڪو اشارو نه ٿي ڏئي،
اڄ هرانسان هڪ ٻئي جو دشمن ۽ صرف پنهنجي بقا جي جنگ وڙهي رهيو آهي.
جيڪو هٿيار صرف ان لاء ٺاهي ٿو ته انسان پاڻ ۾ وڙهن ۽ اهڙو ماحول به جوڙي ٿو، ته منهنجي پراڊڪٽ وڪامي، مان گهر ويٺي، بنا ڪنهن محنت جي کانوان، ڇا ان کان وڏي درندگي ٻي ٿي سگهي ٿي؟
ان مان ڪا چڱائيء جي اميد رکي سگهجي ٿي!؟.
پنهنجي بقا جي جنگ، انسانيت جي بقا جي جنگ وڙهڻ ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي؟ جيڪڏهن جواب ها ۾ آهي ته پوء لطيف سائين جو خواب پورو ٿي سگهي ٿي.
اچو ته ڏسون ڇا اهو جواب ها ۾ اچي سگهي ٿو؟
اسين زنده ڇو آهيون؟
اسين ماريا ڇو نه ٿا وڃون؟
اسين ان ڪري زنده آهيون جو اسين ڪنهن پراڊڪٽ جا ڪنزيومر آهيون،
ڪا شيء واپرايون ٿا،
ڪنهن جي شيء واپرايون ٿا؟
اها ڪمائي ڪنهن ٻئي جي زندگي آسان/وڌيڪ آسان ڪري ٿي،
ڪنهن کي ويهي کائڻ لاء ماحول فراهم ڪرائيندي،
ويهي کائڻ جو مطلب بنا ڪنهن محنت جي کائڻ.
هي سمورو ماحول سرمائيداري نظام جي عڪاسي ڪندڙ آهي.
جيڪڏهن سرمائيداري نظام جي تباه ڪارين جي خبر پئجي ويئي انسان ذات کي، ته پوء اهو ساڳيو انسان گڏيل صلاح سان اهو به فيصلو ڪري سگهي ٿو ته،
هاڻي هن دنيا جي آبادي ايتري وڌي ويئي آهي جو ڌرتيء جي نظام (ايڪو سسٽم) کي هاڃو رسائيندي انسانيت لاء خطري طرف وڌي رهي آهي ته پوء انساني بقا لاء اهڙو فيصلو به ڪري سگهجي ٿو ته هاڻي دنيا جي آبادي/ آدم شماري صرف ٻه اڍائي ارب هجڻ گهرجي، باقي ڌرتي بحال ڪئي وڃي... ۽ پوء ان سوچ تي عمل ڪندي اهڙا فيصلا ڪيا ويندا.
(ڇا اهو سڀ قابل عمل آهي؟
ها! بلڪل ائين ٿي سگهي ٿو ۽ ائين ئي ٿيندو.
فيصلي کانپوء وس وارا، ٽيڪنالاجي وارا، اهو سڀ ڪندا.
هيئن به ٿي سگهي ٿو ته، هڪ جراثيم ٺاهيو وڃي، ان جي بچاء جا ٽڪا اهڙن ماڻهن کي هڻايا وڃن، باقين کي موت جي رحم ڪرم تي ڇڏيو وڃي.
ڪنهن مذهبي راهب جون خدمتون حاصل ڪري ان کان اهڙي ڳالهه ڪرائي وڃي ته انهن بچاء جي ٽڪن ۾ اهڙي جانور جي رت پيل آهي جيڪا اسان لاء حرام آهي....
بلڪل ائين ٿئي يا نه، طريقو مختلف ٿي سگهي ٿو پر......)
هيء ڌرتي اصل صورت ۾ بحال ڪئي ويندي، گهاٽا جهنگل هوندا، جانور هوندا، پکي هوندا، درياء هوندا، ماحولياتي گدلاڻ ڪونه هوندي.
انسان گهڻو ڪري هر شيء تي وس وارو هوندو، هن لاء صرف ٻه ڪم وڃي بچندا،
علم پرائڻ،
پيار ڪرڻ،
جن لاء ئي هي ٺهيو آهي.
يعني خوابن جهڙي دنيا.
نه ڪا جهل نه پل، سڀڪو پسي پرينء کي
اوهين مون سان متفق هجو يا نه، اهو منهنجو ايمان آهي ته اهو ڏينهن ضرور ايندو.
هي ٻار نيٺ به بالغ ٿيندو.

هڪ وڏو فيصلو

هڪ وڏو فيصلو

اچو ته هڪ شعر پڙهون؛
عاشقن الله جي، محبت رکي منِ
سندي سڪ پرين، تَنَ ۾ آهي تَنِ جي

من = دل، هردو، هيئون، چت، قلب، چيتو، اندر، ضمير، وويڪ، جيء، آتما، روح، لاڙو، جهڪاء، ، رغبت، چاهه، خيال، ويچار، غور، خوض، ڌيان، خواهش، مرضي، نيت، ارادو (جامع سنڌي لغات صفحو 2692 ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سنڌي ادبي بورڊ)
تن = بدن، جسم، سرير، بت، ديهه، قالب
تن پرور = فقط پنهنجي تن کي پاليندڙ، آرام طلب.
تن پروري = جسم جي پالنا، آرام طلبي، آسائش.
(جامع سنڌي لغات صفحو 625 ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سنڌي ادبي بورڊ)
مٿئين وضاحت صرف ان لاء ڪئي آهي ته جيئن اسان کي مٿيون شعر چڱي نموني سمجهه ۾ اچي، ڇو ته اسان وٽ گهڻو مونجهارو هوندو آهي هنن لفظن کي سمجهڻ ۽ ان جي استعمال ۾.
لطيف سائين فرمائي ٿو ته منهنجو من الله لاء آهي ۽ منهنجو تن پرينء لاء آهي.
يعني منهنجو من، دل، هردو، هيئون، چت، قلب، چيتو، اندر، ضمير، وويڪ، جيء، آتما، روح، لاڙو، جهڪاء، ، رغبت، چاهه، خيال، ويچار، غور، خوض، ڌيان، خواهش، مرضي، نيت،
ارادو الله لاء آهي،
منهنجو من مولا جو آهي،
منهنجي سوچ پنهنجي حقيقي خالق لاء آهي....
(منهنجي من تي الله جو حق آهي، ان ۾ ( من ۾) اهو ئي رهڻو آهي)
منهنجو تن، بدن، جسم، سرير، بت، ديهه، قالب منهنجي پرينء جو آهي.
منهنجي بدن تي حق ان جو ئي آهي جيڪو منهنجو معشوق آهي،
جيڪو منهنجو محبوب آهي.
هتي هڪ ننڍڙو سوال ته ڇا پرين من ۾ ويٺل نه هوندو آهي؟
ڀلا جيڪو من ۾ هوندو سو ئي ته تن ۾ هوندو،
(من ۾ الا، سو تن ۾ الا سچل سائين)
من واري کي ئي حق آهي ته تن جو مالڪ ٿئي.
(هڪ ڳالهه ٻي به هتي واضع ڪجي،
من الله لاء آهي، جيڪو ان جو طالب آهي.
جيڪڏهن ٿوري دير لاء ان کي سمجهون ته جيڪو من ۾ اهو ئي تن ۾.... ته پوء فيصلو ٿي چڪو؟
جيڪڏهن ان کي فيصلو مڃجي ته من ۾ ته الله جي موجودگي سمجهه ۾ ايندڙ آهي، پر اڄ تائين ڪنهن جو تن الله سان ملي سگهيو آهي (نعوذبالله منها) اهو ته سوچڻ به ڪفر آهي)....
ته پوء من الله جو ۽ تن پرين جو، اهو ئي فيصلو آهي لطيف سائين جو.
ٿورو جديد لغت جي حوالي سان هن کي سمجهون ٿا.
ٻه شيون آهن
هڪ هارڊ ويئر؛
ٻيو سافٽ ويئر.
هارڊ ويئر ۽ سافٽ ويئر جي لاء وضاحت ڪيترن ئي طريقن سان ڪئي ويئي آهي.
هارڊ ويئر ؛ جنهن به شيء کي هٿ لائي سگهجي، ٽچ ڪري سگهجي.
سافٽ ويئر جو مطلب ٿيو، جنهن کي هٿ لائي محسوس نه ڪري سگهجي،
ٽچ نه ڪري سگهجي.
هارڊ ويئر ڪمپيوٽر جا اهي پارٽس، اهي شيون؛ مثال ڪيسنگ، چِپ، ميمري ڪارڊ، هارڊ ڊسڪ، ريم، ڊي وي ڊي پليئر وغيره اچي وڃن ٿيون.
انهن سڀني کي هارڊ ويئر جي آسان نالي سان سڏيو وڃي ٿو.
سافٽ ويئر ۾، ونڊوز، آفيس، ورڊ، ايڪسل، پاور پوائنٽ، اي ميل وغيره
انساني جسم ۾ دماغ هارڊ ويئر آهي……….
ان ۾ پلجندڙ سوچون سافٽ ويئر آهن.
هاڻي سمجهه ۾ اچڻ گهرجي سموري ڳالهه.
لطيف سائين جيڪا فتوى ڏني آهي اها سوچي سمجهي ڏني آهي.
اهو هڪ وڏو فيصلو آهي.
هو سوچي سمجهي ٻنهي شين کي يعني من ۽ تن کي الڳ رکي ٿو.
هاڻي اچون ٿا پنهنجي اصل مقصد تي؛
اسان گهڻو ڪري هنن ٻنهي لفظن جي استعمال وقت ڪنفيوز رهندا آيا آهيون پر هاڻي واضع ٿي ويو جنهن ڪري سموري رسالي ۾ جتي به من لفظ ايندو ته مٿئين معنى طور سمجهبو.
ساڳيء ئي ريت جتي تن لفظ ايندو ته انساني جسم طور يعني مٿئين مطلب طور سمجهيو ويندو.
هاڻي ساڳيو شعر ٻيهر پڙهو؛
عاشقن الله جي، محبت رکي منِ
سندي سڪ پرين، تَنَ ۾ آهي تَنِ جي
* * * * *
هاڻي وري ڪجهه ٻيا ساڳي ئي من ۽ تن جي گردان وارا شعر،
هن ئي شاعر جا.

سر سهڻي
سانڀارا سيئي، تن جنين جو طالبو،
من پريان نيئي، پڳهيو پاڻ ڳري.

اهڙن سڀني شعرن جي معنى انهن جي لاڳاپيل صفحن ۾ ڏبي.

اختلاف رکڻ جو حق

اختلاف رکڻ جو حق

دنيا جي هڪ باغي اديب والٽيئر چيو هو ته توکي مونسان اختلاف آهي پر مان تنهنجي ان حق لاء پنهنجي کاٻي ٻانهن وڍرائڻ لاء تيار آهيان.
مطلب ته توڙي جو تون مونسان متفق ناهين پر تو کي مون سان اختلاف رکڻ جو پورو پورو حق آهي.
مان به اوهان جي هن حق جو ايترو ئي احترام ڪريان ٿو.
مون جيڪو لکيو آهي اهو مونکي لکڻ جو حق آهي،
توهان کي (هر پڙهندڙ کي) مونسان اختلاف رکڻ جو حق آهي.
مان پنهنجي هڪ هڪ لفظ جو حساب/جواب ڏيڻ لاء ٻڌل آهيان پر هڪ شرط آهي، اُهو اِهو ته اوهان سمورو ڪتاب پڙهو، ڪنهن هڪ جملي جو جواب ڏيڻ لاء مان جوابدار ڪونه آهيان.
ان جملي جو پسمنظر،
ان جملي جو پيش منظر
ٻنهي کي سامهون رکي پڙهيل هر جملي، هر لفظ لاء مان ٻڌل.
مون جيڪو لکيو آهي ان جي پويان منهنجي اندر ۾ ويٺل هن باغين جي سردار شاعر لاء اٿاه محبت آهي.
مون لطيف سائين تي لکيل ڪجهه ڪتاب،
ڪي رسالا (مختلف سهيڙيندڙن جا)
ڪي مضمون پڙهيا آهن.
مون کي انهن جي لکڻين خاص ڪري هر شعر کي الله ڏانهن ڇڪڻ تي اختلاف آهي. (اوهان کي وري مونسان اختلاف جو حق)
مون کي اختلاف آهي ته،
هڪ اهڙي عورت جيڪا نڪاحي مڙس جي بغل مان سُرڪي، دريا ٽپي ڪنهن غير مرد سان ملي............هي شاعر لطيف سائين وري ان جي تمثيل ۾ شاعري ڪري راه ربانيء جو پيغام ڏئي، اهو ممڪن ئي ڪونهي.
اهو چوي ته اها عورت ڇونه فخر ڪري جنهن سهڻيء جهڙي عورت ڄڻي آهي.......
مومل جي مينڌري لاء گلاب جي گلن جهڙا ويس پائي، ڪنوارين ڪڪورڻ کي به مذهبي رنگ ڏجي!!؟؟
سر سامونڊيء ۾ ڳڀ جهلڻ کي به ڪا مذهبي معنى ڏجي!؟
اسان وري ان کي مذهبي رنگ ڏيئي ابتيون سبتيون معنائون ڏيون.
منهنجي نظر ۾ اهڙيون معنائون هن انسان سان منسوب ڪرڻ ايتري ئي زيادتي آهي جو ٻارنهن تيرنهن سالن جي جوان نياڻيء کي لطيف سائين جي مزار جي چانئٺ تي ويهاري وار کولي جهومائجي، (سينو صاف نظر اچي) پوء ڀلي سوين ماڻهو ان نياڻيء ڏانهن ڀڳي نظر سان ڏسن.
اها نظر اسان سيڪس جي فرسٽريشن وارن جي نيڪ هجي، اهو نا ممڪن آهي.
هيء ايڪويهين صدي آهي، چنڊ تي پهچڻ هاڻي پراڻو ٿي چڪو،
دنيا ۾ ٿيندڙ ڪنهن واقعي جي خبر ڪجهه منٽن کان پوء پاروٿي ٿي وڃي ٿي.
اخبار جو مزو پنهنجو آهي پر اهي سڀ خبرون (اٽڪل سڀئي) پراڻيون لڳن ٿيون.
دنيا مريخ کي ڇهي چڪي، ٻئي ڪنهن سياري تي زندگي ڳولجي ٿي، اتي رهڻ جا سانباها پيا ٿين، اسين اڃان تائين رمزن ۾ پيا ڳالهايون.
لطيف جهڙي لاثاني انسان سان ان کان وڏي مزاق ڪهڙي هوندي جو ان جي شاعريء کي زماني/ انقلاب/پيار/سيڪس واري اصل پيغام کي بدلائي، وساري، پاسيرو رکي ان کي طبرق طور سمجهجي. ان مان ڪو دنوي فائدو نه وٺجي......جيڪو لطيفي قانون ۾ وڏو ڏوه آهي.

سڀاڻي جو شارح

سڀاڻي جو شارح

ڇا هر دور ۾ لطيف سائين جي شارحن ساڳي ئي انداز ۾ لطيف کي سمجهو آهي / سمجهايو آهي؟
ڇا هر دور ۾ لطيف سائين کي پٽ ڏيندڙ وليَ طور ئي سمجهو ۽ سمجهايو ويندو رهبو؟
ڇا هر دور ۾ “ڀٽ جا ڀٽائي، منهنجون تو پڄايون“ وارو دور رهندو؟
لطيف سائين جيڪڏهن يونان جو هجي ها ته کيس ايتري ئي ۽ اهڙي ئي شرح نصيب ٿئي ها؟
ڇا سنڌي ان کي ان جي اصل روپ يعني هڪ فلاسافر، هڪ سماجي علمن جو ماهر،
هڪ عاشق، هڪ شاعر، هڪ نظريا ڏيندڙ، هڪ راه ڏسيندڙ، هڪ سياسي ليڊر، هڪ ڌرتيء جو عاشق، هڪ تنظيم ڪار واري حيثيت ڪڏهن ڪونه ڏيندا؟
ڇا لطيف سائين جي شعرن پوء توڙي جو ڳڀ جهلڻ واري سين جوڙيندڙ هجن به کيس مذهبي رنگ ڏيندا رهندا؟
ڇا هي شخص ائين ئي غلط شرحبو رهندو؟
سڀاڻي جو شارح به اهو ڪجهه لکندو جيڪو مونکان اڳ يا مون لکيو آهي........
هوائن جا رخ ڏسي ٻڌائي سگهجي ٿو يقين ڪامل سان ته ائين ڪونه ٿيندو............
سڀاڻي جا شرح هن کي مٿيون سڀ حيثيتون ڏيڻ سان گڏوگڏ ٻيو ڪجهه طور به سمجهندا ۽ سمجهائيندا....................
جيڪو لکڻ هاڻي بداخلاقي طور تعارفجي ٿو.

بغاوتن جو شهنشاه شاعر

بغاوتن جو شهنشاه شاعر

دنيا ۾ زندگيء جي شروعات تي بحث اسان جو موضوع ڪونهي پر جڏهن کان وٺي انسان هن ڌرتيء تي وجود ورتو آهي ان دور کان جيڪڏهن ڏسنداسين ته ماحول اهڙو ڪونه هو جهڙو هاڻي آهي.
عورت کي وڏي اهميت حاصل هئي. مادراڻو معاشرو به رهيو آهي هتي، جنهن ۾ ڪنهن جي پيء جو نالو نه پر ان جي امڙ جو نالو وڌيڪ اهميت رکندو هو ڇو ته سڃاڻپ ماء جي نالي سان ٿيندي هئي. (چيو ويندو آهي ته قيامت جي ڏينهن هر انسان کي ان جي ماء جي نالي سان سڃاتو ۽ پڪاريو ويندو. ڪجهه وقت اڳ جي ڳالهه آهي ته هڪ مرد ڪنهن ٻار جي لاء دعوى ڪئي ته هي منهنجو ٻار آهي ۽ مون کي ڏنو وڃي. ڪورٽ ۾ ڪيس هليو، عورت جج اڳيان دعوى ڪئي ته مون هن ٻار کي جنم ڏنو آهي مون وٽ ان جو ثبوت آهي، اوهان هن مرد کان پڇيو ته هن وٽ ڪهڙو ثبوت آهي ته هي ٻار مون کي هن جو آهي/ هن مان پيدا ٿيو هو. ٿي سگهي ٿو ته مون کي ڪنهن ٻئي منهنجي دوست مان مون کي پيٽ ٿيو هجي ۽ هي ٻار ڄائو هجي. ان وقت اڃان ڊي اين اي جو رواج ڪونه هو).
هڪ عورت کي ڪيئي مڙس هوندا هئا جنهن ڪري اولاد لاء مادراڻه طور ان جي سڃاڻپ ٿيندي هئي. هاڻي وري هڪ مرد کي ڪيئي زالون هجن ٿيون جنهن ڪري اولاد جي سڃاڻ پيء جي نالي سان ٿئي ٿي.
هڪ عورت کي ڪيئي مرد.......
هڪ مرد کي ڪيئي عورتون (زالون).........
اها تبديلي هڪ ڏينهن، هڪ سال يا هڪ صديء ۾ ڪونه آئي آهي ان لاء تمام گهڻو عرصو لڳو آهي. اسان جو موضوع اهو به ڪونهي تنهنڪري ان تي انتهائي مختصر نظر وڌي آهي.
مٿئين تبديليء جو مکيه سبب ڪهڙو هو؟ اسان جو موضوع اهو آهي.
ان سموري صورتحال م جنهن شيء پنهنجو تمام گهڻو ڪردار ادا ڪيو، اهو آهي مرد جو جسماني طور طاقتور هجڻ ۽ عورت جو نسبتا ڪمزور هجڻ. اها جسماني طاقت جي وڇوٽي عورت کي مرد جو بتدريج/ آهستي آهستي پهريائين هيسيل، پوء غلام بڻائڻ جو مکيه ڪارڻ بڻي.
سنڌ ۾ خاص طور سموري دنيا ۾ عام طور اڃان تائين عورت کي ٻئي نمبر جو شهري سمجهيو ويندو آهي.
لطيف سائين جي وقت ۾ اڄ وارو يورپ به عورتن لاء ڪو چڱو رايو رکندڙ ڪونه هو. اتي به اهو سڀ ڪجهه ٿي گذريو آهي جيڪو اڄ هتي ٿي رهيو آهي (ٿوري گهڻي فرق سان)
يورپ جي عورت ته وڃي هاڻي برابريء واري حيثيت جي مالڪياڻي بڻي آهي پر سنڌ سميت اڃان به ڪيئي ملڪ آهن جتي عورت کي حقارت واري نظر سان ڏٺو وڃي ٿو.
اچون ٿا پنهنجي سنڌ تي جتي اڃان تائين (ايڪويهين صدي) عورت وڪرو ٿئي ٿي،
اڃان تائين وني ٿئي ٿي (ڀاء ڪنهن ڇوڪريء سان ڪارو ٿيو ان جي چٽيء طور ڀيڻ يا ڪا ٻي ڇوڪري ڏني وڃي ٿي)
هن جي شادي قرآن سان ڪرائي وڃي ٿي.
پيء کي ٻي شاديء جو شوق ٿئي ٿو ته ڌيء بدر ۾ ڏيئي يا وڪڻي پاڻ ٻي يا ٽين شادي ڪري ٿو.
پيء يا ڀاء قتل ڪري ته به نياڻي ئي عيوضي طور ڏني وڃي ٿي.
( اسلام ۾ مرد کي طلاق جو حق حاصل آهي (توڙي جو اهو حق عورت کي به ڏنل آهي پر نظام اهڙو قائم ٿيل آهي جنهن ۾ ان جو رائج هجڻ اڻ ٿيڻو آهي، بس....)
مرد هڪ عورت کي طلاق ڏني............
ڪجهه وقت کان پوء ان مرد کي پڇتاء ٿيو...........
ٻيو ڪو سبب بڻيو...........
هاڻي اهو ساڳيو مرد ان ساڳي ئي عورت سان نڪاح ڪرڻ چاهي ٿو.......
ان لاء ان ساڳي عورت کي ڪنهن ٻئي سان نڪاح ڪرڻو آهي......
اهو وري ان کي طلاق ڏئي..........
پوء ساڳيو يعني اڳوڻو مڙس ان سان شادي ڪري سگهي ٿو.......
ان کي عام طور حلالو چئبو آهي..........
غور سان ڏٺو وڃي ته
ان حلالي ۾ ڪنهن کي ڀوڳڻو پوي ٿو/ ڪير ڀوڳي ٿو؟....
مرد پاران ڏنل طلاق واري عمل ۾ ڪنهن کي سزا ملي ٿي؟
ان جو فيصلو پڙهندڙن تي ڇڏجي ٿو ته هو انتهائي گهرائي سان سوچي سمجهي، فيصلو ڪري پنهنجي راء ڏيئي پوء اڳتي پڙهن)
جڏهن ايڪويهين صديء ۾ ائين آهي ته سترهين صديء ۾ ڇا هوندو؟.
ڇا ان وقت واري عورت اڄ واري سنڌي عورت کان آزاد هوندي؟
ته پوء سلام آهي هن باغين جي سردار شاعر کي جنهن پنهنجو هيرو،
ڪو مڇن وٽيل جوڌو جوان نه،
پاڻ سڄو ڏينهن نياڻين جي پويان گهمندڙ ۽ پنهنجي ڀيڻ کي ڪارو ڪري ماريندڙ غيرتي ڀاء نه،
پنهنجي ٻي يا ٽين شادي ڪرڻ جي شوق ۾ پنهنجي ڌيء بدر طور ڏيڻ واري پيء کي نه،
پاڻ هوٽل تي ويهي ڏينهن گذاريندڙ ۽ زالن کي خيرات لاء لائين ۾ بيهاريندڙ نه،
پر ڪمزور عورت کي بڻايو آهي ۽ اسان لاء وڏو سبق آهي ته ان تي غور ڪريون ۽ پنهنجي سنڌ کي عزت ڀريو مقام ڏيارڻ لاء پنهنجي عورتن کي غلام بڻائڻ بجاء ان کي برابريء جي حيثيت ڏيئي صلاحي بڻايون.
اها صلاح لطيف سائين سترهين صديء ۾ ڏني، دنيا جي ذهين قومن کي اها ڳالهه ويهين صديء ۾ سمجهه ۾ آئي، انهن عورتن کي جنگي محاذ تي رائيفل کڻي اجگر بلائن کي شڪستون ڏيڻ کان وٺي جنگي ميدان ۾ ڪمانڊر بڻائي فوجن کي وڙهائڻ تائين وارن سڀني ڪمن ۾ آزمايو جنهن ۾ لطيف سائين صحيح نڪتو. اڄ اهي قومون دنيا جي طاقتور قومن سان اکيون اکين ۾ وجهي ڳالهائين ٿيون.
................۽ پنج هزار سال پراڻي تهذيب رکڻ وارا،
پنج هزار سال اڳ ڍڪيل نالين واري تهذيب رکڻ وارا،
ههڙي فلاسافر، سائنسدان، سماجيات جي ماهر، جنسيات جي لاهن چاڙهن کي سمجهڻ واري، قوم پرست، غلام قومن جي نفسيات جي ماهر ۽ پيار جي وڏي ۾ وڏي شارح انسان جي مزار اڳيان نوجوان معصوم ڇوڪريون جن ڪڍڻ لاء جهومائي رهيا آهن............

باغيءَ کي باغي رهڻ ڏيو

باغيءَ کي باغي رهڻ ڏيو

دنيا جي گولي کي ڦيرائي گهيرائي ڏسبو ته سنڌ ساگر ڪناري هڪ ننڍڙو ملڪ سنڌ جي نالي سان ملندو. هتي هڪ قوم رهندي هئي/آهي/سدا رهندي.
هن قوم جا مرد ايڪويهين صديء ۾ به پنهنجي زالن کي پنهنجي اصل نالي يا رشتي سان سڏڻ بجاء “ٻار” سڏيندا هئا/ آهن. مان ٻارن سان آيس پئي/ويس پئي.
هن قوم جون عورتون پنهنجي مڙسن کي اصل نالي ۽ رشتي بجاء “هن“ لفظ سان سڏينديون هيون/آهن. مان هن سان آيس پئي/ويس پئي.
هن قوم جا مرد عورتن کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ “منتقل“ڪرڻ وقت انهن کي ڪپڙي جي پڃري ۾ بند ڪري انهن جي هٿن پيرن کي جورابا پارائي (جيئن سندن ڪو عضوو ظاهر نه ٿئي)، پوء هتان کان هتي وٺي ويندا هئا/وٺي ويندا آهن.
هن قوم جا ماڻهو پنهنجي صوبي جي گاديء واري شهر ۾ داخل ٿيڻ وقت مٿي تي پيل سڃاڻپ لاهي کيسي ۾ وجهندا هئا/ ڪڏهن ڪڏهن هاڻي به وجهندا آهن.
هن قوم جي ڌرتيء تي سدائين ڌاريا حمله آور ٿيندا رهيا آهن/هاڻي به ٿيندا رهن ٿا. دنيا جي سڀني گهوڙن جي سنبن جا نشان هنن جي سيني تي آهن. گهوڙن کان وڌيڪ نشان گڏهن جي کرن جا آهن جيڪي “پنهنجا“ هئا/آهن.
هن قوم سان وڙهڻ جو سڀ کان سٺو ۽ ڪارگر رستو اهو رهيو آهي ته هن کي پنهنجائپ جو احساس ڏياري پوء ڦرجي.
هن قوم جي سنڌ اڳي ڪشمير تائين پکڙيل هئي، جيڪا ڏينهون ڏينهن سڪڙجندي ويئي، اڃان به سڪڙجندي رهي ٿي.
هن قوم جا ماڻهو پنهنجي نياڻين کي “ڪنهن ڏانهن“ نهارڻ جي ڏوه ۾ ڪارو ڪري ماريندا آهن/ ڪڏهن ڪڏهن اڳي به ماريندا هئا.
دنيا جون سڀ گنديون رسمون آخر ۾ هن قوم وٽ اچي گهر ڪنديون آهن.
“زخم زندگيء ۾ نه ڪنهن کي رسائي، وري پاڻ سو بار ڦٽجي ڏٺو سين” هن هڪ شعر ۾ سمورو تعارف آهي هن قوم جو.
پر..........اڄ کان ٺيڪ ٽي سو اٺاويهه سال اڳ هن قوم هڪ ٻار کي جنم ڏنو هو.
اهو ٻار جنهن گهر ۾ پيدا ٿيو، اهو مرشدي گهراڻو هو.
سماجي سائنس طور تي مرشد به هن معاشري کي غلام رکڻ واري ٽولي جو حصو رهيو آهي. “هي پير وڏيرا مير سڀئي هن فوجي جرنل سان، هن ڪوڙي ڪرنل سان“.
سنڌين جي ڪمائيء جو وڏو حصو مرشدن جي نذر ٿيندو رهيو آهي. مرشدن هن قوم سان ڪيس ڪيا آهن، ويل وهايا آهن. جيڪڏهن هيء قوم اڄ حيران پريشان آهي ته ان ۾ هنن مرشدن/پيرن جو وڏو حصو آهي.
اها پڪ آهي ته هن سائينء پنهنجي مريدن کي پنهنجي وڏن جي چرنن ۾ جهڪندي ڏٺو هوندو.
هن پڪ سان ڏٺو هوندو، عورتن (مريدياڻين) کي انتهائي غلامانه “شڪل“۾.
هن ڏٺو هوندو هاري جي انهن هٿن کي، جيڪي رات ڏينهن جي محنتن ڪري پڪا/سخت، ۽ بدشڪلا/بي ڊولا ٿي ويل هوندا.
هن پڪ اهو تصور ڪيو هوندو ته هي هٿ جيڪو ڪجهه مرشدن کي نذرانو ڪري رهيا آهن انهن نٽهڻ اس ۾ هر ڪاهيا هوندا.
مٿي تان وهي آيل پگهر اکين ۾ پيو هوندو. هنن وري پگهريل ابتن هٿن ۽ ٻانهن سان پنهنجي اکين کان پري ڪيو هوندو اهو وهي آيل پگهر.
هن اهو به تصور ڪيو هوندو ته هنن سياري جي صبح جا سيء زمينن تي ڏڪندڙ لڱن سان گذاريا هوندا.
هن دوست ضرور ڏٺيون هونديون اهي اکيون جيڪي نذرانو کڻي اچڻ باوجود ڊنل ۽ هيسيل هونديون آهن، ڇو ته انهن کي سيکاريو ويندو رهيو آهي ته پنهنجي محنتن عيوض اپايل اناج عاجزانه نموني ڏيڻو آهي. پنهنجا ٻار ٻچا، جوان پوڙها مريد (غلام) بڻائڻا آهن اهو به عاجزانه نموني. ڇو ته ضرور ناهي ته توهان جا آندل سڀ نذرانه قبول پون. اهو مرشد جو اختيار آهي ته انهن کي قبولي يا نه.
هن ڏٺو هوندو ته ڪيئن پوئين سال ڏنل نذرانن جي عيوض صرف پٽ ٿيڻ جي دعا تي هو خوش ٿي موٽيا هئا.
.......... سال کان پوء جڏهن کين ڌيء ڄائي هوندي ته به هنن مرشد کي ڪونه چيو هوندو ته اهو نذرانو جيڪو اوهان کي ڏنو هو، تون اهڙا نذرانه کائي، بنا ڪمائڻ جي صحت مند ٿو نظرجين، پر مون پنهنجي ٻچن کي ڪيترا ڏينهن بکون ڏنيون هيون. هي مکڻ ڪيترا ڏينهن ٻارن جي وات تان لاٿل کير مان نڪتو هو، ان مکڻ تي منهنجي اولاد جو حق وڌيڪ هو پر مون انهن کي نه کارايو. گڏ ڪندو/ ميڙينيدو رهيس، ان مان گهه ڪيو ۽ توڏانهن کڻي آيس. تون وري ڌيء ڏني!!
هنن ته ان کي به مرشد جي رضا سمجهيو هوندو ۽ هِن شاعر ۽ حساس دوست ان تي پنهنجا ڳوڙها ڳاڙيا هوندا.
هن سائين جي ڇا حالت هوندي جنهن سموري عمل مان اهو مطلب ڪڍيو هوندو ته اهو ڪجهه ڪيو وڃي ٿو جو مريد سدائين هيسيل ۽ ڊنل رهن،
انهن ۾ ڪو حوصلو رهي ئي نه.
ڪا زندگيء جي چڻنگ به نه ٻري انهن جي اندر ۾.
هيسيل رهن، ڊنل رهن، ....تان جو ڪنڌ کڻي نه سگهن.
هن ڏٺو هوندو اهو سڀ ڪجهه، ته ڪيئن هڪ اميد ۽ آس جي پورائي لاء آيل انسانيت ذليل ٿيندي رهي ٿي ۽ انهن جي سدا ذليل رهڻ لاء نفسياتي حربا هلايا وڃن ٿا.
.............پوء اهو ٻار وڏو ٿيو، جيئن جيئن عمر وڌندي ويس تيئن تيئن سندس مشاهدي جي گهرائي ويئي وڌندي....
آخر هو “وڏو باغي“ بڻيو........
پوء تمام وڏو شاعر بڻيو.....
باغي نڪري پوي ها شاه عنايت وانگر، جهر جهنگ وڃي صوفيت ۽ انسانيت ۽ ڪميونزم جي پرچار ڪري ها.
ڪري ها هاري ڪٺا، پنهنجي حقن جي حاصلات لاء پر........
(هو جڏهن اٺاويهه اوڻٽيهه سالن جو هو ته............سنڌ ۾ هڪ تحريڪ هلندڙ هئي.
شاه عنايت جي تحريڪ. هي همراه وڏو انصاف پسند هو. حضرت ابوذر غفاريء جي سوچن جي سلسلي جي ڪڙي هو. پاڻ نعرو هڻندو هو “جيڪو کيڙي سو کائي“ يعني بغير محنت جي کائڻ حرام آهي جنهن کي حڪمرانن انتهائي مڪاريء سان قتل ڪيو هو. ان قتل تڙپائي وڌو هوندو هِن سائينء کي.
هن نتيجو ڪڍيو هوندو ته سنڌي سازشن کي سمجهڻ کان قاصر رهندڙ قوم آهي تنهنڪري هن کي ڳڙ جي صورت ۾ زهر ملندي رهي ٿي)
هي باغي سوچيندو رهيو ۽ فيصلو ڪري سموري سنڌ ڌرتيء جي سير لاء نڪري پيو.
.................پر ڇو؟
هن سمجهي ورتو هو ته جيسين پنهنجي قوم جي ڪمزورين، طاقتن، خوبين، خامين کي ويجهو کان نه ڏسندو تيسين انهن جو علاج ممڪن ڪونهي.
ڪمزورين کي طاقت ۾ ڪيئن بدلائجي؟،
هن کي اونو هو ته بس اهو .
ڪيترا ئي ڏينهن راتيون، گهمندو رهيو، غور ڪندو رهيو. هو سدائين ان فڪر ۾ هو ته سنڌي هارائن ڇو ٿا؟
ڪا به قوم جڏهن چاهي، سنڌ تي ڪاهي اچي ٿي،
ٿوري گهڻي ويڙه ٿئي ٿي ۽ بس.
سنڌين کي ويڙه جو ڪهڙو انداز “سوٽ“ ڪندو؟
سڌو تلوارن سان يا گوريلا ويڙه وارو؟........
ماڻهن سان مليو، حال احوال ورتائين.
پنهنجي قوم جي ويڙه ۽ وڙهڻ جي نفسيات کي گهرائيء سان سمجهيائين.......
هي ننڍِڙين ننڍڙين ڳالهين مان وڏا سبق سکڻ وارو هو.
مثال هن کي دوستن صلاح ڏني ته هلي حج جي سعادت ماڻي اچون.
گهران نڪتو،
رستي ۾ ٻڪرين جي پاڻي پيئڻ کان پوء پاڻيء مٿان ئي پيشاب ڪرڻ واري ننڍڙي ڳالهه مان وڏو سبق سکيائين.
ساٿين کي چيائين، هلو موٽي هلون.
مون اها ڳالهه سمجهي ورتي آهي ته دنيا جي وڏي ۾ وڏي طاقت “تڙپ“ آهي جيڪڏهن اها ختم ٿي ته زندگي ختم ٿي ويندي.
پوء مئل ۽ جيئري ۾ ڪو فرق نه رهندو.
آخر هن نتيجي تي پهتو ته “هن قوم جي سوچڻ جو انداز غلط آهي“ هن جي سوچڻ جي انداز کي بدلائڻو پوندو........ فيصلو ڏنائين،
”اک الٽي ڌار، ابتو وه عام کان،
لوڪ لهوارو وهي تون اونچو وهه اوڀار“
(ڏيڍ سو سالن کان پوء ڪارل مارڪس جرمنيء ۾ ويهي چيو ته،
اصل خرابي سوچڻ جي غلط ۽ مدي خارج انداز ۾ آهي تنهنڪري شين کي روايتي انداز سان ڏسڻ بجاء سائنسي انداز سان ڏسڻ سکو).
۽ پوء هڪ وڏو فيصلو ڪيائين ته......
پنهنجي نالي عبدالطيف کي احساس ۾ بدلائڻو آهي.
اهو به لطيف احساس.
جيڪو سنڌين جي نس نس ۾ موجود رهي.
هن قوم جي وڏي ۾ وڏي بيماري اها آهي ته هي سڀني کي پنهنجو دوست سمجهي ٿي. هنن جي ذهنن کي مضبوط ڪرڻو پوندو......پر اها ڳالهه سڌي ڪرڻ بجاء رومال ۾ ڍڪي ڪرڻ جو آخري فيصلو ڪيائين ته “وکر سو وهاء، جو پئي پراڻو نه ٿئي“.
سندس اندر ۾ اهو ئي هو ته
ڪا به لڙائي آخري ڪونهي،
هي سلسلو پيو هلندو.
ان لاء تياري ڪرڻي آهي،
قوم کي تلوار بازي سان گڏ ذهني تربيت جي ضرورت آهي.
هن قوم مان سستي، ڪاهليء جو مرض ڪڍڻو آهي. هن قوم ۾ “تڙپ“ جي ڪمي آهي تنهنڪري اها هن جي ذهنن ۾ ڀرڻي آهي...........
هُن قوم جي هر ايڪشن، ري ايڪشن تي غور و فڪر ڪيو.
خاص ڪري هن باغيء پنهنجي قوم جي سوچڻ جي انداز تي غورويچار ڪيو.
هن قوم جي نفسيات مطابق شاعري جو فيصلو ڪيو.
پوء باغي ٿي، پنهنجي شاعريء جي هر سُر ۾ بغاوت جا سبق ڏنائين.
هن هڪ دفعو چيو ته “زندگيء سان دوستي رکڻ وڏي چُڪ آهي، اها دوستي اوهان لاء رنڊڪون پيدا ڪندي، اچو ته موت جي پٺيان هلون.
هن چيو ته جسماني طاقت ڪنهن به ڪم جي ناهي،
اصل طاقت جذبي جي آهي.
مان پنهوء کان وڌيڪ سسئي کي طاقتور ٿو سمجهان. منهنجو هيرو، منهنجي هيروئن سسئي آهي. هن عورت ۾ جذبي جي اهڙي قوت آهي جيڪا جبل جهاڳي سگهي ٿي. چيائين، “منڌ نه منجهان تن، پسي لڪ لڏن جي.. جا پر کاهوڙين، سا پر سکي سسئي”.
هن چيو، ميهر کي عشق جي خبر ئي ڪونهي،
ميهر ٿڪل ٿڪل آهي، هو درياء ٽپڻ جي سلسلي کي جاري رکي ڪونه سگهندو.
منهنجو هيرو، منهنجي هيروئين سهڻي آهي. ميهر اڪيلائيء ۾ سهڻي کي ياد ڪونه ٿو ڪري، پر سهڻي جي عشق کي ڪو وقفو ڪونهي. پرڻيل آهي ته ڇا ٿي پيو؟
جنهن ڏانهن منهن ڪندي ساهن جي خوشبوء هڪ نه ٿئي ان سان سمهي ڇا ڪبو؟.
درياء جي دهشت آهي ته ڇا ٿيو؟
ميهر جي ياد جون ويرون تاروتار آهن.
هن کي ميهر نه ٿو ملي ته “وڇين سين ويٺي، سوروياڇي سهڻي” ميهر جون وڇيون ئي ميهر آهن. هن عورت ئي عشق کي سمجهو آهي، جيڪا “ڪڍيا جي ڪلال، سي پسي خال خوش ٿئي” دلي تي نڪتل چٽ به هن کي وڻن ٿا.
هن چيو ته عمر بادشاه آهي ته ڇا ٿيو؟
عطر ٿو هڻي ته ڇا ٿيو؟
ست رشيون ٿو کائي ته ڇا ٿيو؟
تلوارون ٿو رکي ته ڇا ٿيو؟
هن هڪ ڳالهه مان اندازو لڳائي ورتو هو ته اهو ڪيترو وڏو ماڻهو هوندو جيڪو محل ڏيکاري هڪ ڇانگ ڇيلن جي چارڻ واريء کان مارن جي ياد کي وساري نه سگهيو؟
اها جيڪا لاک جي لوئيء واري آهي اها هن کان ڏاڍي آهي،
منهنجو هيرو، منهنجي هيروئن هي تڙپندڙ مارئي آهي.
هن باغيء جو نالو ته لطيف هو/آهي/رهندو پر هي خود هاڻي لطيف احساس بڻجي سنڌين جي دلين ۾ رهندو پيو اچي.
هن جي دوستي مظلومن سان هئي/آهي/رهندي.
هن سمجهي ورتو هو ته عورت ڏسڻ ۾ ڀلي نفيس هجي پر پٻ ۽ هاڙهي کي شڪست ڏيندڙ به عورت ئي آهي.
هو سمجهندو هو ته عورت هن ڪائنات جي سونهن آهي.
هو سمجهندو هو ته عورت ئي عاشق آهي،
عاشق فنا ناهن ٿيندا
تڏهن ته هڪ شعر ۾ به نه چيائين ته “ادا عبدالطيف چئي”
“سائين عبدالطيف چئي” پر....
اديون عبدالطيف چئي........
اديون عبدالطيف چئي ڇو؟
ادين کان سواء هيء قوم اڌ آهي،
ڄڻ ڪو ماڻهو اڌ رنگ ۾ ورتل هجي، ان جو هڪ پاسو سڪل هجي،
ان هڪ پاسي کي جيسيتائين لائق نه بڻائبو، تيسيتائين جسم ڪنهن ڪم جو نه هوندو،
ادين کي پنهنجا حق حاصل ڪرڻا آهن،
ادن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي جدوجهد ڪرڻي آهي..........
پنهنجو وجود ثابت ڪرڻو آهي.
دنيا لطيف سائينء جي ان ڳالهه کي سچ ثابت ڪيو جڏهن چيني ۽ ويٽنامي عورتن مورچن ۽ ميدانن ۾ ادن جي اڳواڻي ڪئي ۽ اجگر بلا کي شڪست ڏني.
(اهو عبدالطيف پنهنجي اڱڻ ۾ ادين کي وار کولرائي، ڪنڌ جهولائي، لهر ڪرائندي ڏسي سگهندو؟
پاڻ کان پٽ گهرندڙن کي ڇا جواب ڏيندو؟
پنهنجي رسالي / شاعريء سان محبت ڪرڻ کان وڌيڪ پنهنجي قبر سان محبت ڪرڻ کي ڇا سمجهندو؟
اهي سوال ايڪويهين صديء جي سنڌين کان آهن).
روزاني عوامي آواز

لطيف سائين جي گهر جو ماحول

لطيف سائين جي گهر جو ماحول

اسان جي سنڌ دنيا جي ٻين خطن کان وڌيڪ پيري مريديء سان واڳيل رهي آهي. مرشد دنيا مان ناپيد ٿيندا پيا وڃن پر هتي جاه وجلال سان موجود ۽ وڌندا پيا وڃن.
ڪيترن خاندانن جو ذريعه معاش پيري مريدي رهندي پيئي اچي صدين ۽ سالن کان.
ڪيترن دوستن کان، وڏڙن کان اهڙيون ڳالهيون پيا ٻڌون جنهن مطابق ڪنهن انسان پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪو ڏوه ڪيو، ڪو قتل ڪيو جنهن ڪري هن کي اهو ڳوٺ ڇڏڻو پيو. هن اچي پري ڪنهن ڳوٺ ۾ پناه ورتي، ۽ اتي سيد سڏائڻ لڳو.
پراڻي زماني ۾ مواصلات جا ذريعا ايترا ڪي تيز ڪونه هئا. هڪ ڳوٺ، هڪ شهر (شهر ته ڪونه هئا ان وقت، وڏا ڳوٺ کڻي چئون) کان ڪو انسان ٻئي ڪنهن ڏوراهين علائقي ڏانهن لڏي ويو ته پوء شايد ئي وري ڪنهن سان ملي!.
ڪيترن کي پنهنجي ذات بدلائي سيد سڏائڻ ڦٻي ويو.
هتي هڪ سوال آهي ته انهن سيد سڏائڻ ڇو مناسب سمجهو؟
ڇو ته سنڌي مرشدن جا ماريل آهن. پنهنجو سڀ ڪجهه لٽائي به مرشد جي دعا پنن. پنهنجي ٻچن کي بکون ڪٽرائين ۽ مرشدن کي پالين.
سنڌ ۾ اڃان تائين ڪي ماڻهو اهڙا به آهين جيڪي پنهنجون نياڻيون ٻانهيون ڪري مرشدن جي ڪوٽن ۾ موڪلين جتي اها نياڻي عمر جي مختلف حصن ۾ پنهنجي سونهن، جوانيء مطابق پيئي ڪم ايندي رهي ٿي.
ڪيترا وري پنهنجا پٽ درگاهن تي ٻانها ڪري موڪلين جيڪي نه ته ڪو علم حاصل ڪن، نه تا ڪا انهن جي پنهنجي زندگي هجي، پرائي وس.......جيئري ئي موت...جهڙا ڄاوا تهڙا ڪونه....
مرشد سڳورا وري اهڙن عملن جي همت شڪني ڪرڻ بجاء همت افزائي ڪندا آهن ڇو ته جيڪڏهن گهوڙو گاه سان دوستي رکي ته ڇا کائيندو؟.
مرشدن جي گهرن ۾ پنهنجي اولاد لاء به هڪ تربيتي پروگرام هوندو آهي (ساڳئي قسم جو تربيتي طريقو وڏيرن وٽ به هوندو آهي پنهنجي اولاد لاء) ٻيئي انسان دشمن ٽولي جا ميمبر پنهنجي اولاد کي سيکاريندا آهن ته عام ماڻهوء کي جهڪيل ڪيئن رکجي؟
پنهنجو ذهني ۽ جسماني غلام (لائيف ٽائيم) ڪيئن رکجي؟
عام ماڻهو ڪيئن انهن پاران ڏنل گارين کي نظر ڪرم سمجهي؟
ڪيئن انهن سان هٿ ملائجي؟،
ڪيئن انهن کي ادنى درجي جي غلاميء ۾ به سندس ساراه ڪندڙ بڻائجي؟
ڪيئن انهن جي گهرن جون چوريون ڪرائجن ۽ لهي ڏجن (ٿورو گهڻو سامان واپس ڪرائجي) ۽ هو چوري ڪرائڻ واري عمل بجاء چوري لهي ڏيڻ واري عمل جي ساراه ڪندو رهي؟
ڪيئن کين بکيو رکي سدا لاء غلام رکجي...
(ان عمل ۾ اسان جي سرڪار سڳوري ٻه وکون اڳتي آهي انهن سان گڏ..........هي پير وڏيرا مير سڀئي هن فوجيء جرنل سان، هن ڪوڙي ڪرنل سان)
ڇا دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به ائين آهي.......؟
اها بيماري ڪيترن ئي ملڪن جي ماڻهن کي لڳل آهي، هيء بيماري اصل ۾ انساني دماغ ۾ پلجندڙ ڪمزور عقيدن عيوض موجود رهندي پيئي اچي......۽ ڪمزور عقيدا دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ آهن.
توڙي جو سڀني نبين هڪ خدا جي ئي عبادت جو حڪم ڏنو آهي، اهڙي عبادت سيکاري آهي جنهن ۾ هڪ خدا اڳيان سجدو ئي جڳائي پر اسان جي سوچن جي مضبوط نه هجڻ ڪري هي بيماري اسان جي ذهنن ۾ گهر ڪري ويل آهي.
مان هڪ شهر ۾ نوڪري ڪندو هوس، اتي هڪ ماڻهو منهنجي نوڪريء مان فائدو وٺڻ لاء منهنجي خوشامد ڪندي مون کي پيشڪش ڪئي ته جيڪڏهن منهنجي ڪنهن سان دشمني آهي، يا منهنجو ڪنهن سان عشق آهي ٻنهي صورتن ۾ مان هن کي ان انسان (عورت يا مرد) جو نالو سندس والده جي نالي سان ٻڌايان ته هو مون کي ڪو تعويذ لکي ڏيندو جنهن سان اهو انسان، منهنجو معشوق لمحي ۾ منهنجي قدمن ۾ هوندو ۽ منهنجو دشمن ڪجهه ئي وقت اندر چيچلائي چيچلائي مري ويندو.
مون ان ماڻهوء کي ٻڌايو ته ها! برابر مون کي تعويذ ڪرائڻو آهي.
هن انتهائي خوشيء مان پڇيو نالو ٻڌايو....
جارج ڊبليو بش، ولد باربرا بش. ( ان وقت آمريڪا عراق مٿان ويل وهائي رهيو هو، انساني تقاضا اها هئي ته آمريڪا جي مذمت ڪجي. هر انسان دوست ۽ مظلوم دوست وانگر مان به مظلومن جو حامي هوس ۽ خبرون ٻڌي معصومن جي مرڻ تي اداس ٿي ويندو هوس)
(هتي هڪ ڳالهه جيڪا مون کي ڪرڻ نه گهرجي ڇو ته اهو منهنجو ذاتي خيال آهي.... ضروري ناهي ته سڀ مون سان متفق هجن. اُهو اِهو ته مان آمريڪا مخالف هوندي به ان خيال جو آهيان ته بجاء ان جي جو هن دنيا جي ليڊرشپ (هجڻ ته ليڊرشپ به نه گهرجي پر جيسيتائين هر ملڪ پنهنجي پيرن تي بيهي، برابريء جي بنياد تي معاشرو قائم ٿئي) ڪنهن ايشيائي، ڪنهن آفريڪي، ڪنهن لاطيني آمريڪي، آسٽريليائي کنڊ جي ڪنهن ملڪ وٽ هجي مان ان کي وڌيڪ سٺو سمجهندو آهيان ته اها ڪنهن يورپي ملڪ يا آمريڪا وٽ هجي...... نادان دوست کان داناء دشمن ڀلو)
هن تعويذي همراه مسڪرايو ۽ فرمايائين ته سائين تعويذ اُتي ڪم ڪونه ڪندو....
ته پوء مان توکي ڪنهن جو نالو ڏيان؟ هتي ته اٺارنهن/ ويهه ڪروڙ ئي مئل آهن مئلن کي ماري ڇا ڪندس مان!؟
(اها ڳالهه مون سائين امر جليل صاحب سان ڪئي، جيڪو ڏاڍو کليو ۽ چيائين مان ان ڳالهه تي/موضوع تي سنڌ ٽي وي تي پروگرام ڪندس)
سو ڳالهه پئي ڪئي سين تعويذن جي، ٽوڻن ڦيڻن جي....
مرشدن جي....
لطيف سائين وقت ايترو علم ڪونه هو ماڻهن ۾، عقيدي جون ڪمزوريون عام هيون تنهن ڪري مرشد وڌيڪ طاقتور هو.....
پر هي انسان ٻئي ڪنهن ساڳئي ئي طرح جي تخليق (انسان) اڳيان جهڪڻ کي گناه سمجهندي نه صرف هن عمل جو حصو نه بڻيو پر ان کي سخت ناپسند ڪيائين. ( يعني پنهنجي مرشدي عضمتن خلاف پاڻ بغاوت)
پنهنجي طاقت کي استعمال نه ڪرڻ،
پنهنجي طاقت کي پنهنجي ڪمزوري بنائڻ،
اهو صرف لطيف ئي ڪري سگهي ٿو ٻئي ڪنهن جي وس جي ڳالهه ڪونهي.
پنهنجي مريدن کي دوست جو درجو صرف لطيف ئي ڏيئي سگهي ٿو ٻئي ڪنهن جو ڪم ناهي.
پنهنجي مريدن جو ڀرجهلو صرف لطيف ئي ٿي سگهي ٿو ٻئي ڪنهن کي طاقت ڪونهي. ڇو ته هي اک الٽي ڌار وارو ماڻهو هو،
اک الٽي ڌار جا سبق ڏيندڙ هو،
هن مريدن کي ڦري لٽي سگهارو/پهلواني جسم جوڙڻ بجاء انهن جي ذهني رهنمائي ڪري پنهنجو جسم اگهو ڪرڻ ئي چڱو سمجهو.

پرين ڇا کي چئجي

پرين ڇا کي چئجي

دنيا ۾ پڇيا ويندڙ سڀئي سوال، انهن مان هي سڀ کان وڌيڪ ڄٽڪو سوال آهي.
وڌيڪ سچ اهو ته هي سوال ئي غلط آهي.
دنيا جا سمورا علم ملي به هن سوال جو جواب ڏيڻ کان قاصر آهن.
هڪ عورت/مرد جو ڪنهن سان عشق ٿيو،
ڪجهه وقت اڳ اهو معشوق هڪ مرد يا عورت هو.....
هاڻي هو هڪ احساس آهي،
وڻندڙ احساس....
دنيا جا سڀ ذائقا ان احساس ۾ آهن.....
هو مٺو به آهي ته ڪڙو به،
هو راحت ڏيندڙ به آهي ته راحت کسيندڙ به،
هو چين به آهي ته بي چيني به.
اهو احساس ڇهي نه سگهجندڙ آهي،
هاڻي ان کي محسوس ڪري سگهجي ٿو..
هو هر هنڌ گڏ آهي...
پر ائين نه.... عاشق هر هنڌ ان جي محفل ۾ آهي ان جي اڳيان هٿ ادب جا ٻڌي بيٺل هڪ عابد وانگر..... هڪ عبادت گذار وانگر.
ڀلا جيڪڏهن ڪو چوي ته سموري ڪائنات پرينء جي سونهن جي تعريف آهي جيڪو سچ به آهي ته پوء اهو مٿيون سوال انتهائي آسان/ڏکيو ٿي پوي ٿو....
يعني هن ڪائنات ۾ موجود سموريون شيون هڪ جاء تي لکجن، پوء وري انهن مان هڪ هڪ جي وصف پوري پوري لکجي، مثال....
پاڻي ڇا آهي؟
پاڻي هن ڪائنات لاء ڪيترو ضروري آهي، ڪنهن جيو لاء ڪيترو ضروري آهي،
پاڻي ڇا جو ٺهيل آهي؟
پاڻي نه هجي ها ته زندگي هجي ها!؟
پاڻي جا ذائقا،
پاڻيء جا رنگ
وغيره........... هن هڪ شيء جي وصف لاء ڪيترا ئي ڪتاب کپن.
دنيا ۾ موجود سڀ شيون اهڙي نموني وصفجن،
هاڻي ٻڌايو..............
پرينء جي وصف ڪيتري ڏکي يا سولي آهي؟
هيء ڪائنات اڄ تائين جيتري تحقيق ٿي اسان تائين وصف ٿي پهتي آهي تنهن مطابق اها ايتري وسيع آهي جنهن جي ڪا ماپ ڪونهي. اها ڪائنات اڃان وسيع ٿيندڙ آهي.
ڪيتريون ئي ڪهڪشائون هن ڪائنات جو حصو آهن.
صرف اسان جي ڪهڪشان جا سياره ڳڻڻ ۾ اسان کي چار ڪروڙ سال لڳندا.
ايتريون الائي ڪيتريون ڪهڪشائون آهن،
الائي ڪيترا سج آهن،
الائي ڪيترا چنڊ آهن،
الائي ڪيترا ستارا آهن،
الائي ڪيترا ساهوارا آهن انهن ۾ رهندڙ،
الائي ڪيترا گل آهن جيڪي ماحول کي معطر ڪندا رهن ٿا،
الائي ڪيترا جبل آهن
الائي ڪيترا سمنڊ آهن،
الائي ڪيترا آبشار آهن،
الائي ڪيترا چشما آهن،
الائي ڪيترا وڻ آهن،
الائي ڪيترا ٻوٽا آهن،
الائي ڪيترا رنگ آهن،
الائي ڪيترا بادل آهن،
الائي ڪيتريون مينهن جون ڪڻيون آهن،
الائي ڪيترا آواز آهن.
جيڪڏهن ڪنهن هڪ انسان جي ملڻ سان اهي سج،
اهي چنڊ،
اهي ستارا،
اهي سڀ ساه وارا،
اهي سڀ گل،
اهي سڀ جبل،
اهي سڀ سمنڊ،
اهي سڀ آبشار،
اهي سڀ چشما،
اهي سڀ وڻ،
اهي سڀ ٻوٽا،
اهي سڀ رنگ،
اهي سڀ بادل،
وڻندڙ لڳن، ٻهڪندڙ لڳن،
ته پڪ سمجهو ته اهو انسان ئي پرين آهي.
اهو ئي محبوب آهي.
............ جنهن کي ڏسڻ سان
اکيون ٿڌيون ٿين،
حواس ڪم ڇڏي ڏين،
اکيون محسوس ڪن ته اهي ڏسڻ جو حق ادا نه ٿيون ڪري سگهن،
جن جي کلڻ سان،
جنهن جي ڳالهائڻ سان محسوس ٿئي ته ڄڻ ڪن ٻڌڻ جو حق ادا نه ٿا ڪري سگهن،
جنهن کي چمي ڏيڻ سان سمجهه ۾ اچي ته چپ چمڻ جو حق ادا نه ٿا ڪن،
جنهن کي هٿ لائڻ سان سموري جسم جي هر ذري کي،
رت جي هر ناليء کي،
رت جي تنتن کي،
رت جي هر ڦڙي کي،
رت جي هر ڳاڙهي جزي کي،
رت جي هر اڇي جزي کي،
جسم جي هر گوشت جي ٻوٽيء کي،
ٻوٽيء جي هر ذري کي،
فرحت محسوس ٿئي،
ڇهڻ جو احساس پنهنجو حق ادا نه ڪري سگهي
ته اهو پرين ئي آهي.
جنهن ڏانهن پنڌ ڪندي پير نه ٿڪجن،
پيرن جون لڦون،
انهن جي ڦاٽڻ سان پاڻي نڪرڻ،
ان کان پوء انهن تي ساڳي ڇهاء ڪري سور محسوس نه ٿئي ته
سمجهو اهو پرين آهي.
جنهن جي جسم تي پهريل ڪپڙا فخر محسوس ڪن،
دنيا جون خوشنصيبيون حصول ڪيل سمجهن،
سمجهو ته اهو پرين آهي.
جنهن جسم کي ڪپڙا نه پر
ڪپڙن کي اهو جسم ٺهي،
سمجهو ته اهو پرين آهي.
دنيا ۾ وجود رکندڙ سڀني شين جي شروعات ۽ پڄاڻي، ماپ تور ضرور هوندي آهي،
ڪائنات جي به ته هڪ سري کان ٻئي تائين ماپ هوندي/هجڻ گهرجي،
جنهن سان ڪائنات جي شروعات ٿئي ۽ پڄاڻي ٿئي،
پڪ سمجهو اهو پرين آهي.
هڪ اک جي پڄاڻيء کان ٻئي اک جي پڄاڻيء تائين ئي ته ڪائنات جي ڪل وسعت آهي، اهي ئي ته پرينء جون اکيون آهن....
اهو ئي ته پرين آهي.
جنهن جو روئڻ سموري ڪائنات کي روئاري وجهي،
سمجهو ته اهو پرين آهي
جنهن جو کلڻ سموري ڪائنات جي ذري ذري کي کلائي وجهي
سمجهو ته اهو پرين آهي.
جنهن جي هر ادا وڻندڙ هجي،
اندر کي اڌ ڪندڙ هجي،
سمجهو ته اهو پرين آهي.
جنهن جي اکين کي ڏسڻ سان احساس ٿئي ته
انسان کي اکيون به هونديون آهن. (تيري آنکون ڪي سوا دنيا ۾ رکا ڪيا هي)
جنهن جي وجود کي ڏسي اهو باور ٿئي،
اها پڪ ٿئي ته
ها! انسان ئي اشرف المخلوقات آهي.
جنهن جي هڪڙي ادا دنيا جي سڀني ٻولين جي ڊڪشنرين کي شڪست ڏئي،
جنهن جي ان ادا کي ڏسي چئجي ته،
ڳالهائڻ ڪا وڏي تخليق ڪونهي....
ادا ئي سڀ ڪجهه آهي.
سمجهو ته اهو پرين آهي.
جنهن جو ڪو مثال نه ملي،
جنهن جي مثال لاء ڪي لفظ نه ملن،
جنهن جهڙو ڪو اڃان تائين پيدا ڪونه ٿيو هجي،
جنهن جي ساراه لاء لفظ ڇسا محسوس ٿين
سمجهو ته اهو پرين آهي.
جنهن جي چيلهه تي رکيل دلي لاء ڪو شاعر چوي ته،
بخت گهڙي دا، ساڊي عمر گئي اجائي.
سمجهو ته اهو پرين آهي
جنهن جي پار جي،
وطن جي،
مٽيء جي خوشبوء،
گلابن ۽ رابيلن کي شڪست ڏئي،
سمجهو ته اهو پرين آهي.
جنهن کي ڏسي گلابن کي پگهر اچي،
رابيل مرجهائجي وڃن،
گلاب چون ته اسان جو ڪو مقابلو ڪونهي هن سان،
سمجهو ته اهو پرين آهي.
جنهن جي پار جي ڪاريء ڪتيء مٿان ڪو شاعر،
پنهنجي سموري ذات جا مرد عورتون قربان ڪري،
سمجهو ته اهو پرين آهي.
جنهن جي ڀوري ڳٽي تي موجود ڪاري تر مٿان
ڪو شاعر سمرقنڌ بخارا گهوري ڇڏي،
سمجهو ته اهو پرين آهي.
دماغ جي هر سوچ مٿان جيڪڏهن ڪنهن جي ملڻ جي سوچ حاوي هجي،
سمجهو ته اهو پرين آهي.
جنهن کي ڀاڪر پائجي ته سوچجي، کيس ڏسڻ گهرجي
جنهن کي ڏسجي ته سوچجي، کيس ڀاڪر پائجي،
سمجهو ته اهو پرين آهي
جنهن کي ڏسي چئجي ته اڱڻ چمجن يا عجيب چمجن
سمجهو ته اهو پرين آهي
جنهن کي ڏسي ساز شرمندگي محسوس ڪن ته
سندن سڄي ڄمار جي وڄت کان هن جو هڪ ٽهڪ وڌيڪ ميوزيڪل آهي
سمجهو ته اهو پرين آهي
جنهن کي ڏسي احساس گونگا ٻوڙا ٿي وڃن
سمجهو ته اهو پرين آهي
جنهن کي ڏسي سوچون وائڙپ جو شڪار ٿين،
جنهن کي ڏسي زبانون گوشت جا ٽڪرا لڳن،
جنهن کي ڏسي قلم ڪاٺيء جا ٽڪرا لڳن
سمجهو ته اهو پرين آهي
جنهن کي ڏسي باور ٿئي ته
هي ئي آهي جنهن جي ڪري هيء ڪائنات ٺهي آهي
سمجهو ته اهو پرين آهي.
جنهن کي ڏسڻ سان ڏسڻ جا انداز بدلائبا رهجن
سمجهو ته اهو پرين آهي.
جنهن جي ساراه رومي نه ڪري سگهي،
سعدي هٿيار اڇلي،
حافظ لڄي ٿئي،
پشڪن پوئتي هٽي بيهي،
شيڪسپيئر ڳالهائي نه سگهي،
غالب مغلوب ٿي وڃي،
لطيف کان هڪ اکر نه اڄهي
جنهن کي ڏسي چئجي ته
”پرين ڇا کي چئجي“ وارو سوال ئي غلط آهي
سمجهو ته اهو پرين آهي.
۽ اهو ئي ته پرين آهي، جنهن جي ڪا تعريف ڪونهي،
جنهن لاء ئي ته سڀ تعريفون آهن....................

سهڻي

---

سهڻي-1

ڪهڙي سهڻي؟

The Bold and the beautiful
S O H N I

سهڻي ميهار جي قصي تي جيڪا تحقيق ٿي آهي تنهن مطابق سهڻي چناب نديء تي رهندڙ هڪ خوبصورت ڇوڪري هئي.
هن جو پيء ڪنڀر هو.
کيس ٺڪر جي ٿانون جي آوي هئي.
(پراڻي زماني ۾ ڪنهن به پراڊڪٽ جا علحده دڪان ڪونه هوندا هئا، اهي پراڊڪٽس ٺهڻ جي هنڌ تي ئي وڪامبيون هيون. يعني اهي ڪارخانا ۽ دڪان ٻيئي هئا)
هڪ ڏينهن سمرقند بخارا جو هڪ خوبصورت شهزادو، سير سفر کانپوء پنهنجي وطن واپس وڃڻ وقت هنن جي آويء تي ڪجهه ٿانو (سفر جي سوکڙيء طور) وٺڻ آيو.
سهڻي جيڪا پنهنجي پيء جي مددگار هئي تنهن کي جو هن شهزادي ڏٺو ته وڃڻ جا ارادا وڃائي ويٺو ۽ سهڻيء جو ٿي ويو.
جيڪو پهريائين هڪ گراهڪ،
پوء سندن نوڪر ٿيو.
هن قصي کي پنجاب جو قصو چيو ويندو رهيو آهي.............
ٻي روايت اها آهي ته سهڻي ميهار جو قصو اصل ۾ سنڌ جو آهي،
سهڻي ميهار جي قبر شهدادپور ۾ ٻڌائي ويندي آهي................سهڻي ذات جي فلاڻي هئي ۽ ميهار فلاڻو.............
مرحوم قليچ بيگ جو حوالو ڏيندي، گربخشاڻي صاحب ان طرح جو قصو ٻڌايو آهي جنهن جو تعلق ڏاهن جي ڌرتيء يونان سان آهي......................
سهڻي ڪير هئي؟
ميهار ڪير هو؟
اچو ته ان سموري ڳالهه کي قصي واري انداز کان هٽي ڪري لطيفي انداز سان ڏسون ۽ سوچيون.
(لطيف سائين ٻين کان مختلف ٿي سوچڻ سيکاريو آهي ڇو ته هو خود به هڪ يگانو ۽ ٻين کان هٽي ڪري سوچڻ وارو انسان هو.
دنيا ۾ گهڻو ڪري ڪنهن قصي کي بيان ڪرڻ جو رواج داستان گو وارو هو،
قصه گو وارو هو......
اهي قصا گهڻو ڪري رات جو مچ تي بيان ڪبا هئا.
مچ جي چوڌاري ڳوٺاڻا پلال جي موڙين کي کولي، وڇائي، يا وري پلال مان ٺهيل ڦيڙن تي ويهي اهي قصا ٻڌاندا هئا. هر ڳوٺ ۾ اهڙا نظارا شام جو سج لهڻ کان پوء ڏسڻ ۾ ايندا هئا.
(پشاور ۾ اڃان تائين قصه خواني (قصن ٻڌڻ/ٻڌائڻ واري بازار موجود آهي)
ان وقت ڪي سينيمائون، ٽي وي، ريڊيا، ڪمپيوٽر ته ڪونه هئا،.....
ظاهر آهي ته مروج طريقا ئي شاعريء ۾ هلندڙ هوندا هئا).
مثال طور لطيف سائينء جو همعصر شاعر وارث شاه (1722.....1798) جيڪو هير رانجها جو قصو بيان ڪيو آهي اهو بلڪل قصه گوئي طريقي سان ڪيو آهي.
هن قصي ۾ رانجهن (سڀني ڀائرن مان ننڍو، لاڏلو) کي پنهنجي ڀاڄائين پاران اهو مهڻو ته “ جيڪڏهن اسان جو چهرو سهڻو نه آهي ته ڏسنداسين تون جڏهن هير سيالڻ (ذات جي سيال) پرڻجي ايندين“ کان ويندي ان جو ٻيڙي ذريعي درياء پار وڃڻ،
هير جي لاء پيل کٽ (جيڪا ان لاء ان جي پيء هڪ وڏي زمينداريء جي وچ ۾ هڪ باغ ۾ رکرائي ڏني هئي ته جيئن هوء ڪڏهن به هتي آرام جي ضرورت محسوس ڪرڻ وقت آرامي ٿي سگهي)
تي سمهڻ کان وٺي انهن جو نوڪر ٿيڻ،
انهن جون مينهون چارڻ،
هير سان سندس عشق نه لڪي سگهڻ،
ساڙ ۾ ان جي شادي درياء پار ڪرائڻ،
سڀ ڪجهه ٻڌايل آهي.............
(اتفاق جي ڳالهه آهي جو منهنجي نوڪريء جي پهرئين پوسٽنگ ان جڳهه تي ٿي هئي جتان رنگپور (اهو ڳوٺ جتي هير جي شادي ٿي هئي) ڏانهن ويندڙ روڊ گذرندو هو. ان جو نالو ئي رنگپور روڊ هو. مان روزانو شام جومقامي دوستن سان اتي چڪر هڻڻ (واڪ) لاء ويندو هوس ۽ هير جي وڏن وارن مان اٿيل خوشبوء سان واسيل معطر هوا ۾ وڏا وڏا ساه کڻندو هوس)
يعني ا کان ي تائين قصو شاعري رستي بيان ڪيل آهي.
فردوسيء جيڪو لطيف سائين کان اڳي يعني 940 کان 1020 تائين ٿي گذريو آهي.
ان پنهنجي ڌرتيء جي ٻن جوڌن (رستم ۽ سهراب) جو قصو به ا کان ي تائين شاعريء ذريعي بيان ڪيو آهي جنهن جو به قصي گوئيء وارو انداز آهي.
(ان جي مزار جي اندر (عمارت ۾) چوڌاري ڀتين تي ان قصي تي آڌاريل اڇي سنگ مرمر سان بت تراشي ٿيل آهي جيڪا تمام وڻندڙ آهي، ڪڏهن ڪنهن پڙهندڙ کي ايران وڃڻ جو موقعو ملي ته طوس شهر وڃي اهو ضرور ڏسي) (مان سندس عاشق جي حيثيت سان ان وٽان ٿي آيو آهيان، جنهن جي هڪ شعر ( عجم را زنده ڪردم، بزبان فارسي) مونکي ڏاڍو متاثر ڪيو هو ڪنهن دور ۾)
پر لطيف سائين انهن ڳالهين کي اهميت ڏيڻ بجاء ته،
هو/هوء ڪير هو/هئي...........،
ان تي زور ڏنو ته
هو/هوء ڪردار ۾ ڪيئن هو/ هئي؟.........
...............هن ڪهڙيون تڪليفون،
آزمائشون،
عذاب،
ڏکيائون
ڪيئن ۽ ڪهڙيء طرح شڪستون ڏيئي زير ڪيون.
هو/هوء فاتح ڪيئن بڻيو/بڻي،
ان جي حڪمت عملي ڪهڙي هئي.
ان جي ذهني ڪيفيت ڪهڙي هئي ڏکيائن سان جهيڙيندي؟
سو، ............
اسان سهڻي ڪونه ڏٺي هئي،
ميهار به ڪونه.
اسان ڪنڀر جي خوبصورت نياڻي سهڻيء کي ڪونه سڃاڻون،
مان ته اهو به چوندس ته اسين سڃاڻڻ به نه ٿا چاهيون.
اسان ان سهڻيء کي سڃاڻون؛
جنهن کي لطيف سائين پنهنجي شاعريء ۾ ڳائي امر ڪري ڇڏيو آهي.................
.............تنهنڪري اسين سڀ جيڪو هتي پڙهنداسين اهو ان (مٿي بيان ڪيل)سهڻي جي باري ۾ هوندو.
هي قصو مغل شهنشاه شاهجهان جي وقت جو ٻڌايو وڃي ٿو.
لطيف سائين به ان دور جو آهي يعني مغل شهنشاه اورنگزيب جي دور جو.
اورنگزيب شاهجهان جو پٽ هو ۽ سندس (ٻيا ٽي پٽ يعني پنهنجا ڀائر مارائي،
پيء کي جيل ۾ وجهرائي)
سندس جيئري ئي تخت تي ويٺو هو.
سموري ڳالهه ڪرڻ جو مطلب ته هي قصو لطيف سائينء کان ٿورو اڳ ٿي گذريو هوندو/هو.
اچو ڪجهه سوال پنهنجو پاڻ کان ڪريون ته......
ان وقت کليل طور پيار جو اظهار ڪرڻ معاشري ۾ مروج/ رائج هو؟
ان قصي ٻڌڻ ۽ عام ٿيڻ کانپوء ماڻهن ۾
سهڻي لاء،
ميهار لاء،
سٺي (پازيٽو) راء هوندي يا خراب / نيگيٽو؟
اڃان به هيئن ته ماڻهن ان قصي ۾ ڪهڙن ڪردارن تي لعنت ملامت ڪئي هوندي؟
ڪهڙن ڪردارن کي ساراهيو هوندو؟
سهڻي ان لعنت ملامت واري لسٽ ۾ شامل هوندي يا ٻاهر؟
يا سهڻي ساراهيل هوندي؟
هڪ عورت جيڪا عشق ڪري،
اهو عمل مائٽن جي ڪنڌ جهڪڻ جو سبب بڻجي،
جيئن عام طور اسان جي معاشري ۾ رائج آهي/رهندو آيو آهي.
هن عمل ڪري ان جا مائٽ ان کي ناپسند ڪندا هوندا تڏهن ته هن جي زبردستي شادي ڪرائي ويئي هوندي.
ضرور ڪو معاشري ۾ چوٻول هليو هوندي،
تڏهن ته ڏم سان ان جي شادي ڪرائي ويئي هوندي.
هتي اها به پڪ آهي ته ماڻهن جا وات بند ڪرائڻ لاء اها شادي تڙتڪڙ ۾ ڪرائي ويئي هوندي............
...........يعني وَٺ سَٺ وارو ماحول ٺهيو هوندو.
سهڻي جي مائٽن اهو سمجهو هوندو ته شاديء کان پوء پاڻ ئي باز اچي ويندي.
ائين به ٿيندو رهيو آهي ته بک پوري ٿيڻ کانپوء (سيڪس به هڪ بک آهي، پيار جي به بک ٿئي ٿي.....سيگمنڊ فرائيڊ ته اهو به چيو هو ته عشق اصل ۾ جنسي محروميء جو نالو آهي) عشق ماٺو ٿي ويندو آهي،
ڪڏهن ڪڏهن ائين نه به ٿيندو آهي.
پڪ سان اها سين اسان جي ذهنن ۾ اچي ٿي ته سهڻيء نڪاح ۾ نهڪر ڪئي هوندي؟ جيڪڏهن سهڻي مسلمان نه هئي ته پوء به هُن اهڙي قسم جي رشتي جوڙيندڙ (مذهبي) عمل وقت “ها“ ڪونه ڪئي هوندي...........
يا ان کان “ها“ ڪرائي ويئي هوندي؟
ته پوء پاڻ کي اها پڪ ڪرڻ گهرجي ته ان قصي ٻڌڻ کان پوء محڪوم ۽ مفتوح عورتاڻي راڄ ۾ عام ماڻهن سهڻيء جي ڪردار کي سٺو ڪونه ڀانئيو هوندو،
خاص طور ان جي شاديء کانپوء واري ڪردار کي........
اڳتي هلي اهو به چئي سگهجي ٿو ته مردن پنهنجي دماغ جي پري ڪنهن ڪنڊ ۾ پيل،
ان بوء کي سنگهي ورتو هوندو ته متان ٻيون عورتون به هن قسم جي سوچ رکن ۽ ان ڪري به انهن (مردن) پاران سهڻيء تي کلي عام/دٻيل انداز ۾ لعنت ملامت ضرور ڪئي ويئي هوندي.
اها مرد جي قائم ڪيل شهنشاهيت خلاف وڏي ۾ وڏي واردات آهي. مرد عورت کي ذهني طور پنهنجي مفتوحه سمجهندو پئي آيو آهي. رياست ختم ته اقتداراعلى به ختم. هو ڪڏهن به نه چاهيندو ته سندس شهنشاهيت جي ديوار ۾ ڪو کاٽ لڳي. عورت کي پنهنجي پسند جو حق ڏيڻ هن جي هار ۾ شامل رهيو آهي.
تنهن ڪري اها پڪ آهي ته اهو قصو ان وقت تازو هجڻ ڪري هر وات تي هوندو ۽ لطيف سائين کي به ڪنهن نه ڪنهن اهو قصو ٻڌايو هوندو.
اچو! تصور ڪريون ته جڏهن هن جينئس انسان اهو قصو ٻڌو هوندو ته سندس ڪيفيت ڪهڙي هوندي؟.
يا وري جيڪڏهن لطيف سائين ننڍپڻ ۾ اهو قصو ٻڌو هوندو ته سندس ذهن ڪهڙي ولوڙ جو شڪار رهيو هوندو؟
جوانيء ۾ پير وجهڻ تائين اهو قصو هن گلن جهڙي ذهن ۾ واسجي چڪو هوندو ۽ هي گلاب جهڙو ذهن رابيل جهڙي سهڻيء لاء وڪالت جو فيصلو ڪري ئي چڪو هوندو.
............. پوء به فرض ڪريو ته هي قصو لطيف سائين جوانيء واري لُڪ لڳڻ جهڙي عمر ۾ ٻڌو هوندو ۽ هڪ فقير يا ٻئي ڪنهن واتان اهو قصو هيئن ٻڌايو ويو هوندو........
مرشد سائين!
هڪ عورت جنهن جو نالو سهڻي هو،
اها هڪ شهزادي جي عشق ۾ گرفتار ٿي اهڙي ته مست ٿي جو ڳالهه ڪرڻ کان ٻاهر.
......پوء توڙي جو ان جي شادي ڪرائي ويئي هئي ته به هوء ڪونه مڙي ۽ روزانو درياء ٽپي پنهنجي يار سان ملڻ ويندي هئي.
اهو گمان پڪو ڪري سگهجي ٿو ته ٻڌائيندڙ همراه اهو قصو نيگيٽو (منفي) انداز ۾ ٻڌايو هوندو (ڇو ته عام ماڻهوء کي اڄ به اها ڪهاڻي جيئن جو تيئن ٻڌائجي (ان کي ٻڌائجي ته اها ڪهاڻي پرئين / ڀرواري ڳوٺ جي آهي جيڪا ڪجهه وقت اڳ جي آهي جڏهن تون ڄائو به ڪونه هوندئين، ته هو پڪ سان ان عورت تي لعنت ملامت ڪندو، جيڪڏهن لعنت ملامت نه به ڪري ته ان کي غلط ضرور سمجهندو)
ان جو ثبوت اهو آهي ته اڄ به ڪيترائي ماڻهو سوال ڪندا آهن.....
اهڙي قسم جو بحث هلندڙ هوندو آهي ته هڪ اهڙي عورت لاء لطيف سائينء جهڙي وڏي داناء انسان شاعري ڇو ڪئي آهي جيڪا نڪاحي/ قانوني مڙس جي پاسي مان اٿي وڃي يار (غير نڪاحي/غير قانوني) سان ملندي رهي آهي؟.
......................(پر جيڪڏهن غور سان ڏسجي ته هن قصي جي عمر ٿوري ئي هجي ها، عام ماڻهو پنهنجي عورتن اڳيان مڙس کي ڇڏي يار سان نڀائيندڙ جي همت افزائي ته ڪونه ڪن ها پر ٻين ڇوڪرين/عورتن جي همت شڪنيء لاء هن قصي کي نيگيٽو انداز ۾ عام ڪن ها پر وچ ۾ جيئن ته لطيف سائين جهڙي شينهن جي ضمانت اچي ويئي تنهنڪري عام ماڻهن پنهنجي شڪست کي تسليم ڪيو ۽ هن قصي کي پزيرائي ملي)
پر لطيف سائين جيڪو هر ڳالهه کي الٽي اک سان ڏسڻ جو عادي هو/ ماهر هو (اهو گمان نه پر پڪ آهي ته) هُن تنهن وقت ئي سهڻيء جو پاسو کنيو هوندو.
هڪ ٻيو رشتو به هو لطيف سائين جو سهڻيء سان،
اُهو اِهو ته لطيف سائين به عاشق هو،
سهڻي به عاشق،
...................... ته ڇا لطيف سائين جهڙي ماڻهوء اهو رشتو، (ساڳيو ڏک ٻنهي جو، ڏک ڀائي ڪيترو ويجهو ٿئي ٿو اهو ڪڏهن اوهان خود غور ڪجو، وڌيڪ ڪونه ٿا لکون ان تي.) ڪيئن نه نڀائيندو ۽ ڪيئن نه سهڻيء جو طرف کڻي ان کي ساراهيندو!!؟؟.
ته پوء اسين ان سهڻيء کي سڃاڻون جنهن کي لطيف سائين جيئن سمجهو آهي يعني،
THE BOLD AND THE BEAUTIFUL SUHNI
تيئن اسان کي ٻڌايو آهي.
لطيف سائين واري “دي بولڊ اينڊ دي بيوٽيفل سهڻي” ٻي سهڻي آهي.
اها سهڻي پنجاب جي چناب نديء واري سهڻي ڪونهي.
اها سهڻي سنڌو درياء ٽپي پنهنجي سر جي سائين سان ملڻ لاء ويندڙ سهڻي ڪونهي.
اها سهڻي يونان واري ڏند ڪٿائي قصي واري به ڪونهي.
اسان ان سهڻيء کي سڃاڻون/ سڃاڻڻ چاهيون ٿا جيڪا.......
جيڪا هار نه ٿي مڃي،
جيڪا معاشري جون ناجائز پابنديون ڪونه ٿي قبولي.
جيڪا پوئتي هٽڻ بجاء اڳتي وڌي ٿي.
جيڪا سوسائٽيء کي سمجهائي ٿي ته.........
پيار انسان جو بنيادي حق آهي
.......۽ منهنجو به.
”پياري /پياريءَ“ جوانتخاب انسان جو بنيادي حق آهي
........۽ منهنجو به.
پيار ئي ته زندگي آهي
........۽ منهنجي به.
پيار ئي انسان کي امر ڪري ٿو
.......۽ مونکي به.
پيار قيد ناهي ڪري سگهبو
........۽ منهنجو به.
پيار زنجير پائي جي ڪونه سگهندو
.....۽ منهنجو به.
پيار آزاد ٿي جيئندو ۽ جيئڻ جي سگهه ڏيندو
......۽ منهنجو به، ۽ مونکي به.
ته پوء اسان کي سموري ڳالهه سمجهڻ کانپوء اهو فيصلو ڪرڻ گهرجي ته
........هاڻي کان پوء جتي به سهڻيء جو ذڪر اچي ته،
پڙهندڙ دي بولڊ اينڊ دي بيوٽيفل سهڻيء جو من موهيندڙ ، معصوم، سج وانگر جرڪندڙ .....................
۽ جدوجهد جي ميدان ۾ پراعتماد ۽ باوقار چهرو سامهون رکي اڳتي پڙهن.
در عشق غنچه ايم، ڪه لرزد از باد صبح
در ڪارهائي زندگي چون سنگ خار ايم.
(عشق ۾، محبت ۾، اسين اهڙي گل جي مکڙيء وانگر آهيون جنهن کي صبح جي هلڪي هلندڙ هوا به لوڏي وجهندي آهي. زندگيء جي ڪم ڪارين ۾، انقلابن جي جدوجهد جي ميدانن ۾ اسين ان جبل جي پٿر وانگر آهيون جنهن کي دنيا جي ڪابه طاقت لوڏي نه ٿي سگهي پنهنجي جڳهه (مقصد) تان.

اسان وٽ پراڻين ڪهاڻين کي يا وري جن کي شاعرن ڳايو آهي ته ان کي ڪا مافوق الفطرت هستي سمجهي ان کي دين سان ڳنڍي پاڪ سمجهندا آهيون،
اصل ۾ اهي هستيون دين کان ڳنڍڻ کان سواء به ان ڪري پاڪ آهن ته اهي معاشري کان ابتڙ زندگي گذاريندڙ هيون...
باغي شخصيتون،
اک الٽي ڌار...............واريون شخصيتون.

سهڻي-2

انصاف جي تقاضا اها هئي ته هن سدا مست رهندڙ ۽ مست ڪندڙ عورت کي مڙس به ديپڪ راڳ جهڙو ئي ملڻ کپي ها.
(دنيا ته ساڻس انصاف ڪونه ڪيو پر راڳ کي شاباس هجي جنهن هن سان عدالت ڪئي ۽ توڏيء کي ديپڪ راڳ جي پنجن زالن مان هڪ زال قرار ڏنو.
مان راڳي ته ڪونه آهيان پر مونکي پڪ آهي ته ديپڪ راڳ ۾ وري توڏي راڳڻي خطرناڪ هوندي، ڳائڻ ۾ ڏکي هوندي ڇو ته توڏي پاڻ ڪا آسان عورت ڪونه هئي تنهنڪري سندس نالي سان منسوب راڳڻي وري ڪيئن ٿي آسان ۽ سولي ٿي سگهي؟
جيڪڏهن ڪنهن مرد کي هڪ کان وڌيڪ زالون هونديون آهن ته پوء انهن مان هڪ گهر جي وڏي هوندي آهي، جنهن جو عمر سان ڪو تعلق ڪونه هوندو آهي پر کيس مڙس جو قرب ٻين کان مڙئي سرس حاصل هوندو آهي ته اها زال “گهرڌياڻي” سڏبي آهي. مونکي پڪ آهي ته ديپڪ راڳ جي پنجن زالن مان گهر ڌياڻي توڏي ئي هوندي ۽ هجڻ به گهرجي).
زماني سهڻيء سان ڀلا پير ڪونه کنيا.
هن سان ناانصافي ٿيندي رهي ۽ هن باه جهڙيء زال کي پاڻيء جهڙو مڙس مليو.
دنيا جي باه پاڻيء سان وسامندي آهي پر عشق جي باه صرف ۽ صرف باه سان وسامندي آهي. اهو ئي عشق جو دستور آهي، اها ئي سندس ريت آهي.
هڪڙي ڳالهه هتي ٻي به سمجهڻ گهرجي ته عشق انساني سوچ کي ابتو ڪري ڏسڻ سيکاري ٿو. عشق جا سوين هزارين نالا آهن. هي دنيا جو واحد لقاء آهي جنهن کي جنهن به نالي سان سڏجي، پيو ٺهندو پيو سجندو.
ڪنهن موضوع تي ڳالهائيندي زبان نه ٿڪجي ته سمجهو اهو واحد،
دنيا جو نرالو ۽ سهڻو نالو عشق ئي هوندو.
............ڀلا دنيا جي پهرئين شاعر کان وٺي اڄ تائين جي هر شاعر پرين جي تعريف ڪئي آهي، اوهان ڪو ٿڪجندي ڏٺو آهي؟
ايران جي سعديء فرمايو؛
دفتر تمام شد، وبه پايان عمر
ما همچنان در اول وصف تو منده ايم.
(دفتر تمام ٿي ويا، ختم ٿي ويا
دفتر جو مطلب آهي، ڪاغذ، قلم، مس وغيره،
يعني ڪاغذ ختم ٿي ويا، قلم پورا ٿي ويا، مس پوري ٿي وئي
..............۽ عمر به اچي هاڻي آخري ڏاڪي تي آهي، اچي پني آهي، ڪو ٿورو وقت بچو آهي وڃي.......پر منهنجي سر جا سائين! اسان اوهان جي حسن جي تعريف جيڪا لکڻ شروع ڪئي هئي، بيان ڪرڻ جي شروعات ڪئي هئي، ان جي اڃان الف ب ۾ بيٺا آهيون).
هڪ ٻئي ايراني شهزادي شاعر حافظ شيرازي ( مان هن ايراني شهزادي جي مزار تي حاضري ڀري آهي، سندس مزار تي عاشقن کي ضرور وڃڻ گهرجي. جتي وڃي ملندڙ سڪون جو ذائقو نرالو ۽ نه ٻڌائي سگهڻ جهڙو آهي پر شرط اهو آهي ته اوهان جو حافظ جو ٿورو گهڻو مطالعو ٿيل هجي)
فرمايو آهي ته؛
“محبوب جو ادائون!،
ڪهڙي ادا؟
نشيلا نيڻ کڻي ڏسڻ جي ادا؟،
کلي ڳالهائڻ جي ادا؟
اشارن سان ڳالهائڻ جي ادا؟
هلڻ ۽ گهمڻ جي ادا؟
آخر ڪهڙين ادائن جو ذڪر ڪريان؟
اڃان ته ڪيتريون ئي ادائون اهڙيون آهن جن تي نالا ئي ڪونه رکيا ويا آهن”......
انسان چار ڪروڙ سالن کان اڄ تائين سوچيندو رهيو آهي.
هن وڏيون وڏيون ڪاميابيون ماڻيون آهن.
هن چنڊ تي قدم رکيا آهن.
هو قدرت جي ڪيترن رازن کي حقيقتن ۾ بدلائي چڪو آهي.
ستارا ۽ سياره هن لاء هاڻي آئينده جا پروگرام آهن.
اسٽيفن هاڪنگ چيو آهي ته جيڪو سفر هڪ نوري سال (نوري سال جو مطلب آهي ته روشنيء جي رفتار سان هڪ سال جو سفر (روشنيء جي رفتار هڪ لک ڇهاسي هزار ميل في سيڪنڊ آهي) ٽيهه هزار سالن ۾ ڪري سگهبو هو، منهنجي ( اسٽيفن هاڪنگ جي) ٿيوريء کان پوء اهو ٽيهه سالن ۾ ڪري سگهبو.
ڪمپيوٽر جي ايجاد هاڻي ڪا وڏي ڳالهه ڪونه رهي آهي.
هاڻي انسان جهاز جي ايجاد کي پراڻو ڪري چڪو....وغيره
پر پرين جي سڀني ادائن کي نالا ڏيئي ڪونه سگهيو آهي.
ان جو مطلب ته دنيا جو سڀ کان وڏو ڪم اهو آهي جيڪو ٿي ڪونه سگهيو آهي!!؟
ڀلا انسان اهو ڪم ڪري سگهندو؟
جواب اوهان پاڻ ڳوليو..........
جنهن جي تعريف لاء عمريون کپن،
جنهن جي ادائن تي نالا چار ڪروڙ سالن ۾ رکجي نه سگهيا ويا هجن.
جيڪو جيڪڏهن ملي ته ڪائنات جا سڀ رنگ نکري پون،
جنهن اڳيان ستارا، چنڊ، سج ماند ٿي وڃن،
کيس ڏسڻ لاء ٻه اکيون پوريون نه پون،
دل چوي ته سمورو جسم اک ٿي وڃي.
جنهن جي تعريف ڪجي ته لفظ ٿورا لڳن،
جنهن لاء ڪا تشبيهه ڳولجي ته ڳولهي نه سگهجي...........
..................۽ وري جيڪڏهن اهو نه ملي ته اکيون کسجي وڃن،
ديدون ڪم نه ڪن،
اکين ۾ موجود ڳوڙها ٿورا لڳن ان تي وهائڻ لاء
..... ته پوء،
اهو پرين به ته ڪا شيء هوندو؟
.........اچون ٿا پنهنجي موضوع تي،
لطيف سائين فرمائي ٿو،
توڏيء کي تعظيم ٻين سڀئان اڳري،
يعني توڏيء کي،
سهڻيء کي عشق جي تعظيم، (ان جي اندر ۾ عشق جي عزت، قدر، آداب)
(ڪنهن لاء ڪنهن جي اندر ۾ عزت، قدر، تعظيم تڏهن پيدا ٿيندي آهي جڏهن هن کي ان جي اهميت، قدر و قيمت جي مڪمل ڄاڻ هوندي آهي)
توڏي وٽ عشق جي ڄاڻ، سمجهه، قدر و قيمت، ٻين سڀني کان گهڻي آهي.
ڀلا ڪنهن کان؟
نسبت يا ڀيٽ ڪنهن سان؟
جيڪڏهن لطيف سائين ڀيٽي ٿو ته پوء ان جو مطلب اهو وٺڻ گهرجي ته هو سهڻيء کي پنهنجي ٻين سڀني هيروئن سان ڀيٽي ٿو.
سندس مطلب صاف ۽ واضع آهي ته سسئي، سورٺ، مومل، ليلا، نوري، مارئي کان وڌيڪ سهڻيء وٽ عشق جي ڄاڻ، سمجهه، قدر آهي.
اچو ته ٻيو شعر به پڙهون پوء گڏي وري ٿا معنى کي سمجهون؛
سياري سيء رات ۾ جا گهڙي وسندي مينهن،
هلو ته پڇون سهڻي، جا ڪر ڄاڻي نينهن،
جنهن کي راتو ڏينهن، ميهار ئي من ۾.
جيڪا عورت سياري جي رات ۾،
درياء مٿان بيٺي آهي،
ٿڌ تمام گهڻي آهي.
مٿان وري قهر اهو جو مينهن ٿو وسي،
(سياري جو مينهن ٿڌ کي ڪيترو وڌائيندو آهي، اها ڳالهه هر پڙهندڙ ڄاڻي ٿو، جنهن جي لاء وڌيڪ ڪونه ٿو لکجي)
اتي هڪ عورت درياء جي پاڻيء ۾ گهڙي ٿي.
هلو ته سهڻيء کان پڇون، جيڪا نينهن کي ڄاڻي ٿي.
جنهن کي ميهار ئي رات ڏينهن من ۾ وسي ٿو.
هاڻي اچو ته هڪ سوال جو جواب ڳولهيون.
اوهان ڪجهه دوست ميٿاميٽڪ جي هڪ حساب ۾ منجهي پيا آهيو. ڪنهن کان اهو حل ڪونه ٿو ٿئي.
اوهان سڀ دوست هڪ ٻئي ڏانهن نهاريو ٿا، منجهيل آهيو. اتي هڪ دوست يا وڌيڪ دوست چون ٿا ته هي سوال/مسئلو هلو ته فلاڻي کان پڇون.
يا وري اوهين هڪ شعر جي معنى ۾ منجهيا ويٺا آهيو،
شعر لطيف سائين جو آهي،
سڀ دوست مٿي کي هٿ ڏيئي ويٺا آهيو.
هڪ دوست چوي ٿو ته هلو ته فلاڻي کان پڇون.
اوهان ٻڌايو ته ان دوست وٽ اوهين ڇو ٿا وڃون.....
اهو ان ڪري آهي ته اوهان جي نظر ۾ اهو اٿارٽي آهي،
اوهان کان وڌيڪ ان وٽ ڄاڻ آهي ميٿاميٽڪ جي،
اوهان کان وڌيڪ ڄاڻ آهي ان ٻئي دوست وٽ لطيف سائين جي.
تڏهن ئي ته اوهان سڀني جي انتخاب جي نظر ان تي پيئي.
......................ته پوء هاڻي اسان کي سمجهن گهرجي ته لطيف سائين عشق جي اٿارٽي سهڻيء کي ٿو سمجهي تڏهن ته سڀني سورمين، سسئي، مارئي، سورٺ، مومل، ليلا، نوريء کي وٺي ٿو هلي سهڻيء وٽ.
ڀلا هڪ قدم اڳتي وڌو ته ڏسون شاعر اسان تي پنهنجي راء زوريء ٿو مڙهي يا وٽس ڪو پس منظر به آهي.
ڪي دليل به آهن ان وٽ؟
سسئيء جو پنهوء سان نڪاح ٿيو هو.
هو سندس مڙس هو،
هوء وڏي واڪي چئي پئي سگهي ته؛
ماء وهاڻو وار، کڻ پٿراڻي پنهنجي
جيڪي ڏنئه ڏيج ۾ سو سڀو ئي سار،
وڃان ٿي وڻڪار، ڏٺم پير پنهونء جو.
هوء نڪري پيئي علي الاعلان.
سڀني کيس ڏٺو،
پنهنجي حق ڏانهن ويندي.
ڪو گناه ڪونه هو هن سماج ۾.
( ڪا عورت ٻئي شهر گهمڻ خاطر، ڪنهن ڪم سانگي، ڪنهن شاديء ۾ شرڪت لاء پنهنجي مڙس سان ويئي. ان جي هر ساهيڙي چوندي، هر ان جو گهر ڀاتي چوندو...فلاڻي پنهنجي مڙس سان ويئي آهي.....سماج اهو سوال ڪونه ڪندو ته هو پاڻ ۾ ڪيترا ٺهيل آهن؟
هڪ ٻئي کي دل و جان سان قبول ڪيو اٿن يا صرف رسم مطابق/ جڳ کي ڏيکارڻ خاطر قبول ڪيو اٿن؟
................ پر جيئن ته هن بڇڙي سماج جي رسم آهي،
هن رشتي تي تصديقي مهر لڳل آهي تنهنڪري ڪنهن کي به هن جي وڃڻ تي اعتراض ڪونه هوندو.
(مولانا شبلي نعماني سيرت مبارڪ جي جلدن ۾ لکيو آهي ته هن ڪائنات جي سڀ کان خوبصورت انسان ۽ هن ڪائنات جي سڀ کان خوب سيرت انسان محمد ڪريم جن جڏهن پنهنجي نياڻي (جيڪا دنيا جي سڀني عورتن جي سردار آهي) جي شادي حضرت علي سائين جن سان ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو، تڏهن بي بي سانئڻ کان سندن مرضي پڇي هئائون.
..... پر اسان وٽ نرالو طريقو آهي؛
ڄڃ لٿي آهي، عورتون سهرا پيون ڳائين، ٻاهر دهل پيا وڄن،
مرد عورتون پيا نچن، ماني پيئي هلي،
چوطرف گهما گهمي آهي،
ڪي مرد اٿن ٿا،
جن کي سمجهايو وڃي ٿو ته هيئن پڇڻو آهي ڪنوار کان....... هن پوزيشن ۾ ڪهڙي ڪنوار “نه” ڪندي؟ وڌيڪ هن سين جي ڄاڻ هر پڙهندڙ کي آهي پاڻ ئي ان تي سوچين ته اهو جسٽيفائيڊ آهي؟ )
ان جي مقابلي ۾ جيڪڏهن ڪنهن ڳوٺ مان، ڪنهن شهر مان هڪ ڇوڪري پنهنجي دل گهرئي سان،
پنهنجي ڪنهن من گهرئي مشتاق سان،
نڪري ويئي ته چئبو ته هوء ڀڄي ويئي.
اها ڳالهه کلي عام ڪونه پر ڪنن ۾ ٿيندي.
......... ڇو ته، ڀلي هوء هن سان ۽ هو هن سان سر جي سانگي جيترو پيار ڪندو هجي. سندن روح هڪ هجي جسم ٻه هجن پر جيئن ته هن تي سماج جو ٺپو ناهي لڳل تنهنڪري اهو عمل پسند ڪونه ڪيو ويندو ۽ پيو ڪي زمانا ڳائبو).
سماج ڇا آهي؟
لطيف سائين چيو؛
اک الٽي ڌار. ابتو وهه عام کان،
لوڪ لهوارو وهي، تون اونچو وهه اوڀار.....................
اک ڏسڻ جو ڪم ڪندي آهي.
اک اهو سڀ ڏسي دماغ تائين پهچائيندي آهي فيصلو دماغ کي ئي ڪرڻو هوندو آهي. اک سڌو ڏسندي ته دماغ سڌو فيصلو ڪندو، اک الٽو ڏسندي ته دماغ اهڙو ئي فيصلو ڪندو.
آخر لطيف سائين اهو ڇو ٿو چوي ته اک کي الٽو رک؟
جواب آهي ته سماج خود الٽو آهي جيڪڏهن ابتي شيء کي ابتو ڏسبو ته اهو سبتو نظر ايندو.
( شو مين آف دي ملينيم قرار ڏنل راج ڪپور هڪ فلم ٺاهيو هو، نالو هوس شري چار سو بيس، ان ۾ هو سمنڊ ڪناري ابتو ٿي هيڏانهن هوڏانهن نهاري رهيو هو. ڪنهن پڇيس ته هي ڇا پيو ٿو ڪرين؟ وراڻيائين، دنيا ابتي آهي، ابتو ٿي ڏسانس ٿو ته من به سڌي نظر اچي).
لطيف سائين انتهائي سوچ سمجهه کان پوء اهو فيصلو صادر ڪري ٿو ته ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سماج ابتو آهي، ان تي بحث کي هو اجايو ٿو سمجهي.
سماج جي بڇڙائپ جو کيس ڀلي ڀت اندازو آهي.
هو سماجي نفسيات ۽ سماجي تاريخ جو وڏو ڄاڻو آهي.
هو سمجهي ٿو ته ڪنهن جي ڄم کان واقف هجڻ کان پوء ان جا ڏند ڏسڻ جو ڪو فائدو ڪونهي هوندو. هو سماج جو ڪو دليل ٻڌڻ لاء تيار ڪونهي. تنهنڪري چوي ٿو ته تون سماج جي هر عمل کي الٽو ٿي ڏسندو ڪر،
................نتيجي ۾ تون سماج جي سچي تصوير ڏسي سگهندين ۽ ان سموري عمل جو آخري رزلٽ اهو بيهندو جو سماج سڌو ٿي ويندو.........
يوناني ڏاهپن جي سنڌوء جيتري وڏي وهڪري رکندڙ ارسطوء کان جڏهن پڇيو ويو ته اوهان جي ڏاهپن جو ڪو انداز ڪونهي، ڇوليون هڻندڙ سمنڊ آهي اها ڏاهپ.
مهرباني ڪري اهو ته ٻڌايو ته اوهان اهو سڀ ڪٿان سکيو؟
جواب ڏنائين مون اهو سڀ جاهلن کان سکيو آهي.
جاهلن کان؟
ها! جاهلن کان،
جيئن جاهل ڪندا آهن مان ائين نه ڪندو آهيان،
ان جي ابتڙ ڪندو آهيان.
هاڻي لڳي ٿو ڳالهه سمجهڻ ۾ آساني ٿيندي ته لطيف سائين ڪيترو سماجي نفسيات جو پارکو هو.
هاڻي اچون ٿا پنهنجي ان سوال تي ته سماج ڇا آهي؟
سماج گهڻو ڪري گندين رسمن جو مجموعو هوندو آهي ان ڪري سماج جا قانون ٽوڙڻ وڏي ۾ وڏي عبادت آهي. سڀ ئي نبي سڳورا اصل ۾ پنهنجي وقت جي گندين رسمن جا وڏا باغي هئا انهن اهي سماجي آئين ٽوڙي اهڙا نظام پئي ٺاهڻ چاهيا
جتي ڪا سماجي ناانصافي نه هجي.
جتي ڪنهن سان ڪا زيادتي نه ٿئي.
جتي رڳو عدل ۽ انصاف هجي، برابري هجي..........
تنهنڪري بغاوت ئي اصل عبادت آهي جيڪا سماج جي آنڊن ۾ وڪڙ وجهي سندس ساه منجهائي، ماري ٻيو نئون سماج جوڙيندي آهي.
(سونهن ۽ سوڀيا جي ملڪ، شاعريء جي سرزمين ايران جي هڪ ٻئي وڏي شاعر عمر خيام (يورپ وارن ايراني شاعري کي سنهري اکرن (نالي ماتر ڪونه، ڪنهن چوڻيء جي حساب ۾ ڪونه، حقيقت ۾ سنهري لفظن سان پاڻ وٽ محفوظ ڪيو آهي) فريايو آهي ته،
جيڪڏهن منهنجو وس پڄي ته،
منهنجي دل جي تمنا آهي ته،
دنيا جي گولي کي کڻي ڪنهن جبل سان هڻان، جيئن پرزا پرزا ٿي وڃي
۽ پوء.............
هڪ نئون جهان جوڙيان،
هڪ نئون گولو جوڙيان،
جتي ڪوبه ڪنهن سان ناانصافي نه ڪري سگهي،
ڪو ظلم نه ڪري سگهي..................)
هاڻي اچون ٿا مٿين بحث تي؛
سسئيء جو پنهونء سان نڪاح هو ۽ هوء چئي پئي سگهي ۽ هن چيو ته مون کي پنهل ڏانهن وڃڻ ڏيو....
ٻي ڳالهه ته سسئيء کي سامهون موت ايترو ويجهو نظر نه ايندڙ هو.
..........بيهو، صبر سان ان ڳالهه کي پڙهو يڪدم رد نه ڪريو.
پنهونء جي وڃڻ کان پوء جڏهن سسئيء کي خبر پيئي ۽ هوء نڪري پئي ان کي ڳولهڻ ۽ هٿ ڪرڻ.
تنهن وقت ڇا هن کي خبر هئي ته هوء اسي ميل پنڌ ڪندي،
............پوء به پنهل نه ملندو!!
............ ۽ پوء ڇا ڇا ٿيندو؟.
ٺيڪ آهي، اوهان جي ڳالهه به ته ڇا اها وڏي ڳالهه ناهي ته هوء ان پنڌ تي نڪتي جنهن جي هوء واقف ڪونه هئي پر هن کي پنهنجو موت، پنهنجو وجودي خاتمو گهڻو پري نظر آيو هوندو؟............
جواب ۾ شايد اوهان مون سان متفق هجو ته ها اهو پري نظر يا نه نظر آيو هوندو پنهنجي گهران نڪرڻ وقت...........
ڀلا پرينء جي ڪڍ ويندي ڪنهن جو موت ڏانهن خيال به ويندو؟..........
مارئيء جو ساه ٻوساٽبو هوندو محل ۾،
هوء کليل فضا جي هريل هئي.
هوء ويڙهيچن ۾ زندگي گذارڻ جي عادي هئي.
هن جو رشتو مارن سان الست بربڪم جي وقت کان هو
هن جو پيچ مارن سان سنهي سئي سبيل هو.
تڏهن ئي ته هن جي ساه مان هڪ لمحو به نه نڪتا اهي مارو.
اهو رشتو ليگل هو،
هوء کيت جي مڱيندي هئي
ميرو ئي محبوب (کيت) پر هن لاء چنڊ ستارن کان وڌيڪ چمڪندڙ هو.
مارئيء جو رشتو کيت ۽ مارن سان ليگل هو.
سماج جي مهر لڳل هو،
هوء وڏي وات چئي پيئي سگهي ۽ هن چيو ته؛
ڪيم مهاڙ ملير ڏي مٿي ڪوٽ چڙهي،
نت نهاري ڏيهه ڏي، ڳوڙها پيم ڳڙي،
لڱي ڪوڪ قلب مان منجهان روح رڙي،
ويڙهيچن وري، ڪر نه لڌي ڪڏهين.
ان مارئي کي هڪ بادشاه کڻي آيو ۽ هن کي شاديء جي آڇ ڪيائين. (بادشاه قيد ڪيل مارئيء کان هزار دفعا ڏاڍو هو، هو چاهي ها ته گهڻو ڪجهه ڪري پئي سگهيو پر هن ائين ڪونه ڪيو)......
ڪٿي به مارئيء کي سامهون موت نظر نه آيو.
نوري هڪ من موهڻي ڇوڪري هئي جيڪا ڪينجهر ڪناري رهندي هئي سندس مائٽ مهاڻا هئا، مڇيون ماري گذارو ڪندڙ هئا.
هڪ سمو حڪمران هن تي عاشق ٿي پيو.
هن ان جي مائٽن کان سڱ گهريو جيڪو هنن خوشيء سان قبول ڪيو.
هنن جي شادي ٿي، سماجي ٺپي کان پوء هنن جو رشتو قانوني بڻجي ويو.
جنهن لاء هنن ٻنهي مان ڪنهن هڪ يا ٻنهي چئي پئي سگهيو ته؛
لڳي اتر واء، ڪينجهر هندورو ٿئي.
سورٺ جو معاملو ٻيو آهي.
هڪ چارڻ اچي ٿو.
هو چنگ چوري ٿو،
سورٺ جو ور ان جي چنگ تي عاشق ٿي پوي ٿو.
سندس زبان مان بي اختيار نڪري ٿو گهُر جيڪي گهرڻو هجيئي.
ٻيو نه مڱي مور...........، اوهان جو سر کپي.....
سورٺ جي ڪيفيت ڪهڙي هوندي؟
اها بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي.
اها پنهنجي ور جو سر ڪيئن بچائي جو بادشاهي اقرار آهي ضرور پورو ڪرڻو آهي.
هن عورت جي ڪيفيت بيان کان ٻاهر آهي پر ڪا آزمائش اهڙي هجي جنهن مان هوء گذري، ائين ڪونه هو.
هن جو رشتو راء ڏياچ سان قانوني هو جنهن جو اظهار هوء وڏي واڪي ڪري پيئي سگهي....................سماجي ٺپو لڳل رشتو هو.
ليلا چنيسر جي زال هئي.
هن جو رشتو به قانوني هو ۽ سماجي ٺپي وارو هو.
ليلا کان هڪ غلطي ٿي هن هڪ هار تي هرکي کڻي هڪ عرض قبول ڪيو ان هار جي مالڪياڻيء جو.
ڪونروء نالي هڪ شهزادي جيڪا اڪن شڪن هئي چنيسر تي، تنهن ليلا کي چيو ته هي هار جنهن تي تون چري ٿي ويئي آهين اهو تنهنجو ٿي سگهي ٿو جيڪڏهن تون پنهنجو ڪانڌ مونکي هڪ رات لاء ڏئين.
ليلا ائين ڪيو جنهن جي چنيسر کي خبر پيئي ۽ هو ليلا تي ڪاوڙيو.
ليلا جي ڏک ۾ به گهڻي گهرائي آهي پر
هوء اهي سڀ ڳالهيون ڪنهن سان سلي سگهي ٿي.
هوء چئي سگهي ٿي ته؛
وڏيري هياس چنيسر جي راڄ ۾
دهلين دمامين نڪرئين، ٿي پل پل پڇياس

مڙس هارائڻ ۽ هٿان وڃائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي،
دنيا هارائڻ برابر آهي،
اهو تصور ئي دل ڏاريندڙ آهي ته، هاڻي هوء راڻي نه هوندي!؟
اهو سور ڪنهن طور تي تارازيء ۾ توري ڪونه ٿو سگهجي.
پر اها ڳالهه هوء ڪري پئي سگهي،
اهو سور سلي پئي سگهي
............ان کان سواء ليلا کي ڪنهن به طور موت اکئين نظر ڪونه آيو هو.
گلاب جي گلن جهڙا ويس ڍڪيندڙ،
پانن جي پنن جهڙيون شالون اوڙهيندڙ،
پنهنجي سدا جوان،
سدا حيات،
حيات بخشيندڙ،
عطر جي شيشيء جهڙي...
بت تي عطر اوتيندڙ،
گهڻا گهائيندڙ گجري،
من موهڻي مومل
......................ڪيئي امتحانن ۾ پاس ٿيڻ کان پوء مينڌري کي پنهنجي دل ڏني.
مومل پوء ان جي نڪاحي ٿي،
پنهنجي رشتي کي قانوني حيثيت ڏني،
سماجي ٺپو لڳرائي چڪي،
هوء چئي پئي سگهي ۽ هن چيو ته؛
ڏيئا تيل ڦليل جا، ٻاريم تائين ٻانگ،
ڍولو ڍٽ رهائيو، ڪنهن سٽاڻي سانگ،
چانگي چڙهي آء تون، لال ورائي لانگ،
ڪوڙئين ڀتين ڪانگ، اڏايم اچيج تون.
مومل جو امتحان ڏاڍو ڏکيو آهي،
آخر ۾ جڏهن هن جي هڪ به نه ٻڌي، سندس دل کي قابو ڪندڙ راڻي.
تڏهن هن هڪ مچ ٻارايو
ان ۾ ڌوڪي پيئي ۽ عشق جي آگ ۾ پتنگ جيئن پچي ويئي.
موت سان اک اک ۾ ملائي ڏسڻ جو تجربو مومل کي مٿاهون ڪري ٿو،
باه ۾ سڙي مرڻ جو موت،
لڱ ڪانڊاريندڙ موت،
(اهو منظر ڇا هوندو،
جڏهن هڪ وڏو مچ تيار ٿيو هوندو،
اهو سڀ هن اڪيلي سر ڪونه ڪيو هوندو،
ان جي اوڙاه ۾ ڌوڪڻ وقت ڪيئي هي موتمار منظر ڏسڻ لاء موجود هوندا،
سومل هوندي،
ناتر هوندي،
ساهيڙيون هونديون،
ٻانهيون هونديون،
نوڪراڻيون هونديون،
.........................مومل آخري نظر سڀني تي وڌي هوندي،
سڀني آخري نظر مومل جي باه جي ڄڀن جي اولڙي ۾ ڳاڙهونو، لهندڙ سج جهڙو، خوبصورت منهن ڏٺو هوندو................!!!؟؟؟)
مقابلي واري امتحان ۾ ويهاري ٿو پر کٽائڻ جي پوزيشن عطا ڪونه ٿو ڪري
.................جو اها سڀ کان آخر جي ڳالهه آهي.
ان کان اڳ اها صورتحال ڪونه پيدا ٿي هئي.
سهڻيء جي نرالي پوزيشن آهي سڀني کان.
هڪ ته هوء شادي ٿيل هئي (هتي هڪ ننڍڙي ڳالهه سمجهندا هلون ته اسان وٽ ڇڙو هجڻ وقت ڪنهن سان نينهن لڳائڻ ايڏو گناه ناهي ليکبو جيترو شاديء کان پوء اهڙا عمل ڪرڻ. فرض ڪريو ته ڪو شادي ٿيل مرد/عورت ڪنهن سان لنو لائي ٿو ته امالڪ جيڪو مهڻو ملندو اهو اهو هوندو “شادي ٿيل اٿس، پوء به نه مڙيو/نه مڙي. اڃان اڳتي ته جيڪڏهن ڪو پٽ پوٽن، ڏوهٽن وارو/واري ڪو اهڙو ڪم ڪندو/ڪندي ته ان کي مهڻي کان مٿي لفظ چيا ويندا....“شرم ڪونه ٿو اچيس، پٽڻ/پوٽن وارو/واري ٿي ڪري اهڙا ڪم ٿو/ٿي ڪري) ۽ پنهنجي مڙس سان رهاڻيون ڪرڻ بجاء ڪنهن ڌارئي ماڻهوء سان لنو لڳائيندڙ هئي.
اهو رشتو قانوني ڪونه هو.
سماج جو ٺپو لڳل ڪونه هو.
سهڻيء سان جيڪو وڏو قهر هو اهو اهو ته هوء ڪنهن سان پنهنجي نينهن جو ذڪر به ڪونه پئي ڪري سگهي.
ڪا امڙ،
ڪا ڀيڻ،
ڪا ساهيڙي (شاديء کان پوء عورت ساهرن ويندي آهي. هوء پنهنجا سڀ خوني رشتا ۽ ننڍي هوندي جون رازدار ساهيڙيون اتي ئي ڇڏي ايندي آهي).
اچو هن عاشق عورت جي ڏکن کي تورڻ جي ڪوشش ڪريون.
سهڻي به جڏهن سماج جي ڏنل تحفي (مڙس ڏم) جي گهر آئي هوندي ته؛
اهو گهر نئون،
نوان ڀاتي،
گهوٽ جي امڙ (سس، جيڪو ازلي دشمن رشتو آهي ڪنهن به ننهن جو) نڻان (ازلي دشمن/ساڙ ڪندڙ پنهنجي ڀاڄائيء سان ۽ وري سس به پنهنجي ڌيء جي طرفدار)
باقي بچين ٿيون ساهيڙيون.
..............اهي ته پيڪئين ئي رهيون. هتي نئين سر، جيسين ڪا رازدار ٿئي.
هڪ هڪ مان ڳالهه ليڪ آئوٽ ٿيڻ جو خوف،
هڪ هڪ مان نڻان يا سس سان ڳالهه ڪرڻ جو خوف.
وري جيسيتائين نون مٽن مائٽن جي سڃاڻ ٿئي....................
تڏهن ته لطيف سائين هن جي نه ڳالهائي سگهندڙ پوزيشن کي واضع ڪيو ۽ هي شعر چيو؛
وڇين سين ويٺي سور وياڇي سهڻي
آن ڪا ٿي ڏيٺي، مينهن جي ميهار سين.
نئون گهر نئون ماحول،
جيسين ڪا خبر پوي ته گهر جي ڀاتين جي سمهڻ، اٿڻ جو ٽائيم ڪهڙو آهي؟ (تنهن وقت توڙي جو سڀڪو سج لٿي سان ئي سمهي رهندو هو پر هر انسان هڪ جهڙو هوندي به جيئن مختلف آهن تئين ئي سندن عادتون هڪ جهڙيون هوندي به هڪ جهڙيون ڪونه هونديون آهن. هر گهر جي روٽين پنهنجي پنهنجي هوندي آهي)
ڪهڙو ڀاتي پيشاب وغيره لاء ڪڏهن ٿو اٿي.
هي ڳالهه شاهجهان جي وقت جي آهي.
يعني سترهين صدي.
ان وقت شهر يا ڳوٺ ڪي وڏين آبادين وارا ڪونه هئا.
سهڻيء جو گهر به ڪو شهر ۾ ڪونه هو.
ان وقت اڃان دريائن تي بندن ٻڌڻ جو رواج ڪونه پيو هو.
اچو ته سين ڏسون؛


(سهڻي ۽ ميهار جي گهرن جي لوڪيشن)

درياء جي پرين ڀر ميهار ويٺو آهي،
درياء ٽپي ان سان ملڻ وڃڻو آهي.
ميهار جو گهر اتي ڪونه هو، هو عارضي آستانو اڏي ويٺل هو. اهو امڪان قوي آهي ته هو عين درياء جي ڪناري تي دونهين دکائي ويٺو هجي يا پنهنجي لوڪيشن دريائي وهڪري مطابق ٿوري گهڻي بدلائيندو رهندو هجي......
سهڻيء جو گهر آهي،
پيء ماء آهن،
سهراڻو گهر آهي،
مڙس واري گهر ۾ رهي ٿي،
اهو گهر پڪ سان ڪنهن ننڍڙي ئي سهي پر ڳوٺ ۾ هوندو.
اهو ڳوٺ جنهن ۾ گهرن جي لوڪيشن دريائي وهڪري سان تڪڙي بدلائي ڪونه سگهبي هوندي.
دريائن تي بندن ٻڌڻ جو رواج اڃان ڪونه پيو هو.
دريائن تي بيراجون اڏڻ جو رواج به ڪونه هو.
سموري ڳالهه جو مطلب ته درياء مست ٿي، آزاد ٿي وهندڙ هئا.
اهو دور (ٿورو ڪي گهڻو) اسان به ڏٺو،
دريائي وهڪرن جو سڪڻ ناممڪن ڳالهه لڳندي هئي. وڏا وڏا غوراب ڪاٺيون يا ٻيو سامان کڻي هڪ شهر کان ٻئي شهر ويندا هئا.
گهڻو ڪري ڪچي ۾ ٿيندڙ هنداڻا يا گدرا (ٻيو اناج وغيره) ٻيڙين رستي سکر يا ٻين شهرن ڏانهن ويندا هئا، سکر جي بندر تان ٻيڙين مان لهندي اهي منظر اسين پاڻ اکئين ڏسي چڪا آهيون. دريائي وهڪرن جون ڳالهيون عشقيه انداز ۾ ڳائبيون هيون. دريائي وهڪرن جا داستان پيا دهرائبا هئا.
هي قصو ته تمام گهڻو اڳ جو آهي ان وقت موٽر گاڏيون ايجاد ڪونه ٿيون هيون. سموري آمدورفت، واپار جو دارومدار ٻيڙين ۽ غورابن تي هو.
جڏهن درياء تي بند نه هئا تڏهن دريائن جي ڪا به حد مقرر ڪونه هئي
ظاهر آهي ته سهڻي درياء جي ڪپ تي کٽ وجهي ستل ڪونه هوندي.
اها پنهنجي گهر هوندي.
اها اٿي ٿي.
هيڏي هوڏي نهاري ٿي.
(منهنجي عمر هن وقت سٺ سال آهي، اسان پنهنجي زندگيء ۾ ئي ڏٺوسين ته ڪنهن ڪنهن گهر ۾ ماچيس هوندو هو نه ته گهر ۾ اڱر (ٽانڊا) پيو دکندو هو جنهن ۾ ڪجهه ڪاٺيون، سڪل ڇيڻا وجهي پيون ڦوڪون ڏيئي باه کي مچائبو هو.
ڪيتريون ئي عورتون وري پاڙي جي گهرن مان اڱر کڻڻ لاء اينديون هيون.
رات جو روشني ڪرڻ لاء واحد ذريعو ڏيئو هو جيڪو به ڪنهن ڏياٽيء ۾ رکيو ويندو هو ۽ جيڪڏهن ڪو هوا جو جهلڪو آيو ته وسامي ويندو هو جنهن کي ٻيهر ٻارڻ لاء وري باه جو ٻيهر ٻارڻ ضروري هو) (اها اسان کان اڳ جي ڳالهه آهي، اسان وقت لالٽين بتيون، ننڍيون چمني بتيون (بغير شيشي جي) هونديون هيون).
روشني به ڪا ڪونه هوندي.....ڪا اسٽريٽ لائيٽ، ڪنهن گهر ۾ ٻرندڙ بتيء جي رفليڪشن!
بس چنڊ جي چانڊاڻ يا ستارن جي سهائي
هيء عورت گهران نڪتي آهي.
ڳوٺ کان اچي درياء جي ڪنڌيء تي پهچي ٿي.
(منهنجي اندازي مطابق اهو مفاصلو گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪلوميٽر کان مٿي هوندو)
درياء جي ڪناري ان وقت (ڪٿي ڪٿي اڃان تائين) تمام گهاٽا جهنگ هوندا هئا. (جنهن جو مفاصلو به گهٽ ۾ گهٽ اڌ ميل پڪ سان هوندو.
جن ۾ خوفناڪ جانور رهندا هئا. (اهي منظر اسان پاڻ ڏٺا آهن)
رات جو پاڻيء جو خوف پل پل موت جا منظر پيش ڪندڙ هوندو.
ڀلي ڪو ڪيترو به تارو هجي.
رات جو وهڪرن جي ور چڙهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.
هن سموري سين کي اکيون بند ڪري تصور ته ڪريون مهرباني ڪري؛
ڪاري رات آهي،
درياء سامهون،
ان ۾ موجود جانورن جو لڱ ڪانڊاريندڙ تصور،
پويان ڪنهن جي جاڳڻ جو خوف،
ٿڌو پاڻي،
سيء،
هلڪي هوا گهلندڙ،
جسم ڏڪندڙ يعني گهر کان ميهر تائين پهچڻ لاء ويندي ويندي قدم قدم تي موت.... .........................هاڻي اکيون کوليو ۽ ٻڌايو ته لطيف سائين صحيح هو يا ان پنهنجي راء اسان مٿان مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
هڪ سوال ٻيو به؛
آخر لطيف سهڻيء جو طرفدار ڇو آهي؟
ڇا لطيف سائين کي مذهبي راهبن جي فتوائن جو خوف ڪونه هو
(اوهان کي خبر آهي؟
اهو دور اورنگزيب جو هو ۽ قهري دور هو. اهو ماڻهو جنهن پنهنجي پيء کي قيد ڪيو. هن چيس ته مان هت ڇا ڪريان مونکي ٻار ئي ڏيو ته مان انهن کي پڙهايان ته شهانشاه پٽ، پيء کي جواب ڏنو ته تومنجهان اڃان حڪمرانيء جي هوس ناهي ويئي؟ تون ٻارن کي پڙهائڻ جي بهاني انهن تي حڪمراني ڪرڻ چاهين ٿو!!؟؟...
هن پٽ (اورنگزيب) پنهنجي ٽن ڀائرن (دارا، شجاع ۽ مراد) کي انتهائي مڪاريء سان مختلف اذيتن سان مارايو هو.
هن پنهنجي شاعر ۽ عاشق ڌيء کي سزا ڏياري) وغيره
اهو بحث اسين اڳ ئي ڪري آيا آهيون ته هي يعني لطيف سائين وڏو باغي هو.
هن پنهنجي سماج کي الٽيء اک سان ڏٺو هو.
هن چيو شادي ٻن جسمن جو ميلاپ ڪونهي.
شادي ڀري ڄڃ ۾ ڇوڪريء جو پنهنجي پيء ماء جي بدناميء جي خوف کان “ها” ڪرڻ صرف ۽ صرف “حالتن سان سمجهوتو” آهي.
امڙ ۽ بابا سائين جي محبت ۾ انهن جي عزت خاطر خودڪشي ڪرڻي آهي،
ماٺ آهي،
سرينڊر ناهي.
ويڙه جي خاتمي جو اعلان ناهي،
سيز فائر آهي پر ويڙه جي ڪُلهي بدلائڻ آهي.
هوء اندر جي نفرت کي دٻائي ٿي، ختم نه ٿي ڪري، هن جي محبت جو ڏيئو ٻرندو رهي ٿو،
جنهن جي صرف وَٽِ پوئتي ڪري ڇڏي ٿي هوء.........
......پوء جڏهن وري اهو ساه جو سينگار سامهون اچي ٿو تڏهن هوء اها ڏيئي جي وٽ اڳتي سوري ٿي،
قرب جي ڪوٺي وري روشن ٿي پوي ٿي.
ستل امنگون وري جاڳي پون ٿيون.
(دنيا ۾ هن موضوع تي تمام گهڻا ڪتاب/ناول لکيا ويا آهن ته عورت پنهنجو پهريون پيار ڪڏهن ناهي وساري سگهندي. ڪيترائي فلم ٺهيا آهن هن موضوع تي)
لطيف سائين چوي ٿو ته،
فلاڻو پٽ فلاڻي جو،
فلاڻي ڌيء فلاڻي جي،
زباني قبوليت ڪا معنى ڪونه ٿي رکي پر دل چوي پوء آهي اصل ڳالهه.
(مذهبي طور به ايمان جي صورتن ۾ چيل آهي ته “ اقرارم باللسان، و تصديق بالقلب” “مون زبان سان به اقرار ڪيو ۽ ان جي تصديق دل سان ڪئي”)
مذهبي اقرار لاء به زبان صرف ها ڪري ته اها قبول ڪونهي
جيسيتائين دل زبان جي ڳالهه کي تصديق نه ڪري.
هتي هڪ ننڍڙي ڳالهه به چڱي طرح سمجهڻ جي ضرورت آهي.
ڳالهه ڪئي ويئي آهي زبان جي ڳالهه کي دل پاران تصديق جي،
نه ڪي دل جي ڳالهه جي تصديق زبان پاران.
اها ڳالهه تمام وڏي آهي، ڏه دفعا پڙهي، نوٽ ڪري، غور و ويچار ڪري، پوء اڳتي وڌو.
اڄوڪو هي مقابلو ٻن پوائنٽس،
ٻن مقرر ڪيل آڌارن تي ڪيو ويو هو؛
پهريون اهو ته اها هيروئن پنهنجي ڳالهه،
پنهنجو ڏک،
پنهنجو درد،
پنهنجي پيڙا،
پاڻ سان ٿيل وارتا،
پاڻ سان ٿيل قهر کي عام ماڻهن، ماء، ڀيڻ ساهيڙين سان ڪرڻ/سلڻ لاء ڪيتري “کليل” هئي يعني ان جي مٿان ڪيتريون پابنديون هيون.
(ڏک جو هجڻ عذاب آهي،
ڏک سور جو ٻئي سان سلي نه سگهڻ تمام وڏو قهر آهي.
سور نه سلي سگهجي (تصور ڪري ڏسو)
اهو آيل عذاب کي اندر ۾ ولوڙي اندر کي ڳاري ڇڏيندڙ ٿئي ٿو،
اهو به پيار جو سور، محبت جو درد!!! ). قيامت ڪا ٻي ڪونه ٿيندي.
ٻيو اهو ته اها هيروئن پنهنجي موت کي پنهنجي زندگيء ۾ ڪيترو ويجهو کان ڏسندي آئي آهي.
يعني پهريون قدم قدم تي،
ٻيون ڪڏهن ڪڏهن
ٽيون پوري زندگيء ۾ هڪ دفعو؟
هن ۾ به سهڻي اڳتي آهي. هن جون مارڪون سڀني کان وڌيڪ آهن.
پهرئين پوزيشن واري آهي هيء موت جا خطرا کڻي پرينء سان رهاڻيون رچائيندڙ باغي عورت.
............سهڻي قدم قدم تي موت ڏسندي رهي آهي
تنهنڪري باغي قسم جي هن امپائر...........
بيهو بيهو.
(سوال آهي ته هن کي امپائر ڪنهن ڪيو آهي؟
هي امپائر جي لائق آهي؟؟؟
امپائر ڪير ٿيندو آهي؟
ڪرڪيٽ جو امپائر فوٽبال کيڏندڙ رانديگر، فوٽ بال جي سٺي ڄاڻ رکندڙ ٿي سگهي ٿو؟
هاڪيء جو ماهر فوٽبال جو امپائر ٿي سگهي ٿو؟؟
تاس راند جو رانديگر هاڪيء جو امپائر ٿي سگهي ٿو؟
جواب آهي ته نه.
ته پوء ڪرڪيٽ جو امپائر ڪرڪيٽ جي راند جي سٺي ڄاڻ رکندڙ،
هاڪيء جو امپائر هاڪي راند جي سٺي ڄاڻ رکندڙ،
فوٽبال جو امپائر، فوٽبال جي سٺي ڄاڻ رکندڙ ئي ٿي سگهي ٿو.....
.........عشق جو امپائر!؟،
.........عاشقيء جا فيصلا ڪندڙ به ته،
عشق جي سٺي ڄاڻ رکندڙ ئي ٿي سگهي ٿو
ته پوء هن ماڻهوء کان وڌيڪ عشق،
عاشق جي نفسيات،
معشوق جي نفسيات،
کي سمجهڻ وارو ڪير ٿي سگهي ٿو؟.
لطيف سائين جو تعارف سندس ئي هڪ شعر آهي؛
جوڳيء تي جڙاء، نسورو ئي نينهن جو....
لطيف سائين ڏسڻ ۾ ته گوشت،
هڏا،
وار،
چمڙي رکندڙ جسم وارو آهي
.......پر اصل ۾ هي ٺهيل ئي عشق جو آهي.
نسوري نينهن جي جڙاوت وارو آهي اسان جو لطيف.....
(اڳتي به پڙهنداسون ۽ ثابت ڪنداسون)
جنهن کي سنڌي ڀٽائي گهوٽ چوندا آهن
اهو ويڙه جي رِنگ ۾ گهڙي هن باغي عورت جو هٿ مٿي ڪري،
ان جي کٽڻ جو اعلان ڪري ٿو.
اچو هاڻي اهي ٻيئي شعر پڙهي هن شاعر کي سلام پيش ڪريون ته هن مدي خارج سوچ کي پوئتي ڦٽي ڪندي،
ڪنهن فتوى جو ڀَوَ ڀيليندي
هڪ شاديء ٿيل عورت کي پنهنجي هيروئن بڻايو،
پر هيروئنن مان سڀ کان مٿاهون رتبو عطا ڪيو؛

توڏيء کي تعظيم، ٻين سڀيان اڳري،
اوڏي ٿي الف کي، من گڏيائين سين ميم،
جيلان ذات حليم، ملي تي ميهار کي.
* * * * *
سياري سيء رات ۾، جا گهڙي وسندي مينهن،
هلو ته پڇون سهڻيء، جا ڪر ڄاڻي نينهن،
جنهن کي راتو ڏينهن، ميهار ئي من ۾.


ته ڇا هي ٻيئي شعر اهو ڪجهه ثابت ڪن ٿا؟
چوندا آهن ته لطيف سائين کي سسئي وڌيڪ پياري هئي
تڏهن ته ان جي لاء پنج سر چيا اٿس،
مارئيء لاء سڀ کان وڌيڪ بيت چيا اٿس
پر مٿئين مطلب جهڙا شعر نه سسئيء جي حصي ۾ آيا،
نه مارئيء جي حصي ۾ آيا،
نه سورٺ جي حصي ۾ آيا،
نه ليلا جي حصي ۾ آيا،
نه نوريء جي حصي ۾ آيا،
نه مومل جي حصي ۾ آيا..........
پر اهو اعزاز هن باغي عورتن جي سردارڻ جي حصي ۾ آيا آهن.
هڪ ٻيو اعزاز؛
مارئيء چيو،
الست بربڪم، جڏهن ڪن پيوم،
قالو بلى قلب سين، تڏهن تت چيوم،
تهين وير ڪيوم، وچن ويڙهيچن سين.
جڏهن رب تعالى هيء ڪائنات خلقي،
روح خلقيا،
روحن کي چيائين،
ڇا مان اوهان جو رب ناهيان؟
سڀني روحن هڪ آواز ٿي چيو،
بيشڪ تون ئي اسان جو رب آهين.
مارئي چئي ٿي ته
مون ان وقت، الست بربڪم واري وقت پنهنجن ويڙهيچن سان رشتن نڀائڻ جو واعدو ڪيو هو.
اي عمر تون ٻڌي ڇڏ،
منهنجو پيار، منهنجو واعدو ايترو پراڻو آهي.............
سهڻي ٿي چوي ته؛
جيڪڏهن اوهان منهنجو رشتو جيڪو ساهڙ سان آهي ان جي قدامت پڇڻ ۽ ڄاڻڻ چاهيو ٿا ته،
اها ته
الست ارواحن کي، جڏهن چيائون.
ميثاقا ميهار سين، لڌيون مون لائون،
سو موٽي ڪيئن پاهون، جو محفوظا معاف ٿيو.
يعني الست بربڪم کان به پراڻي ڳالهه آهي سهڻيءجي. (وڌيڪ تفصيل هن شعر جي شرح واري صفحي تي)
هي اعزاز صرف ۽ صرف سهڻي من موهڻيء کي ئي بخشيل آهي
ٻئي ڪنهن کي ڪونه.
تنهنڪري اسان سڀني کي لطيف سائين سان متفق ٿي هن عورت جي عظمت جو قائل ٿيڻو پوندو
....ٻيو ڪو چارو ڪونهي.

سهڻي-3

کامان، پچان، پڄران، لڇان ۽ لوچان
تن ۾ تئنس پرينء جي، پيان نه ڍاپان
سمنڊ منهن ڪريان، سرڪيائي نه ٿئي.
کامان، مطلب اندر ۾ سڙان،
پڄران، مطلب ته تمام وڏي باه جي ڀرسان ان جي تَوَ تي ڪا شيء سڙي ته چئبو، پڄري ٿي.
لڇان مطلب تڙپان ۽ لوچان، ان کان بچڻ لاء هٿ پير هڻان، ڪجهه ڪريان.
تن ۾، مطلب پنهنجي تن/بدن/جسم/سرير ۾
تئنس، مطلب تپش، گرمائش، باه جهڙو جسم ٿي وڃڻ، (تپش جي ڪري اڃ)
پيان نه ڍاپان، مطلب ڪيترو به پيئا ته به اڃ نه لهي.
جيڪڏهن سمنڊ کي منهن ڏيان، مطلب سمنڊ پي ڇڏيان ته اهو منهنجي هڪ سرڪ به نه ٿئي.
(هڪ ڳالهه جي وضاحت ڪندو هلجي ته اسان وٽ سهڻيء جي ڪا تفصيلي ڪهاڻي ڪونهي. اڃان تائين اها ڳالهه به تحقيق طلب آهي ته اهو قصو ڪڏهن جو آهي؟
ڪٿان جو آهي؟
سنڌ جو آهي يا پنجاب جو.
هن قصي بابت قياس آرائيون آهن.
ڪيترائي سوال اڃان جواب طلب آهن.
اسان صرف ان تي ٿا لکون ته لطيف سائين هن عورت کي ڪيئن سمجهيو ۽ بيان ڪيو آهي. تنهنڪري سموري لکت ان سان ئي ٻڌل آهي....
(اهو سڀ ڪجهه هڪ ٻئي باب ۾ بحث ٿيل آهي)
هي سائين ايڏو وڏو شاعر آهي جنهن جو ادراڪ اڃان تائين ڪجهه سيڪڙو ڪيو ويو آهي، اسان هن سان انصاف ڪٿي ڪري سگهيا آهيون؟
ان تي به ڳالهائبو حال في الحال اچون ٿا شعر جي معنى طرف).
انسان اڃان تائين ان تي قادر ناهي ته هو لفظن سان احساس چِٽي.
عاشق جا احساس ته وري ڳالهه ئي ٻي آهن.
فرض ڪريو ته ڪنهن ماڻهوء کٽاڻ ڪونه کاڌي آهي، هاڻي ان جو ذائقو لفظن ۾ ڪيئن چِٽي سگهجي ٿو؟ (همين هي وفا ڪي اميد ان سي، جو نهين جانتي وفا ڪيا هي)
يا ڪنهن انسان کي ڪو عشق نه ٿيو آهي، ان کي ڪيئن ٻڌائجي ته تڙپ ڇا ٿيندي آهي؟
ڪنهن وڇوڙو ناهي ڏٺو ان کي ڪهڙا لفظ لکي سمجهائبو ته پرينء جو پري ٿي وڃڻ ڇا ٿيندو آهي؟
لطيف سائين هن فن جو ماهر آهي. هن جون هزارين خوبيون آهن پر منهنجي نظر ۾ وڏي ۾ وڏي خوبي اها اٿس جو هيءُ سين ٺاهڻ جو ماهر آهي.
منظر نگاريء جو ماهر آهي.
وقت بوقت ان تي لکيو به آهي ۽ اڳتي به لکنداسين.
سهڻي ٿي چوي ته؛
مان کامان ٿي، پچان ٿي، پڄران ٿي، لڇان ٿي، لوچان ٿي.....
پر ڇو سهڻي؟
منهنجي تن ۾ تمام گهڻي تپش، گرمي آهي، تن تئنس سبب باه جهڙو ٿي ويو آهي.....
پر سهڻي ڪيتري تپش آهي، ڪو ماپو....؟
ايترو جو، جيترو پيئان ته نه ڍاپان....اها اڃ ختم نه ٿئي.
(تپش جي ماپ ڪيئن ٿيڻ گهرجي؟)
اڄ کان ٽي سو سال اڳ ڪي ڪمپيوٽر، ڪي ٿرماميٽر وغيره ته ڪونه ٺهيا هئا ته ڪيئن سمجهائجي ۽ ٻڌائجي؟
لطيف سائين وٽ ۽ ان وقت جي ماڻهن وٽ رائج طريقو اهو ئي هو ته؛
(هتي بيهو، هڪڙي ڳالهه ٻي ڪريون، اها ڳالهه هيء آهي ته هي شاعر اسان تي پنهنجي راء مسلط ته ڪونه پيو ڪري...... )
سمجهه ۾ نه آيو سهڻي سانئڻ! ته تون ڪيترو پيئين جو تنهنجي اڃ نه اجهامي؟....
ڳالهه کي وڌيڪ واضع ڪر.
سمنڊ منهنجي ان تئنس کي اجهائڻ/ٿڌو ڪرڻ لاء هڪ سرڪ آهي.......
سرڪ کي ڪڏهن به ڍُڪ نه ٿو چئي سگهجي.
سرڪ ڍُڪ جو ڪو حصو آهي.
اندازو هڻو ته جيڪڏهن سمنڊ (زمين تي پاڻيء جو وڏي ۾ وڏو ذخيرو سمنڊ هوندو آهي) ڪنهن جو ڍڪ به ناهي ته ان ڪيفيت کي سمجهڻ ڪيترو ڏکيو آهي.
فرض ڪريو ته ڪو ماڻهو، ساهوارو تمام گهڻو اڃيو آهي ان کي ڪيترو پاڻي ڏجي جو ان جي اڃ لهي وڃي؟
جواب آهي ته ڪي گلاس (ٻه، چار، ڇهه، اٺ).......
ته پوء اها ڪهڙي اڃ آهي جيڪا سمنڊ کي سرڪيائي نه ٿي سمجهي؟
تن ۾ پيدا ٿيل تئونس پاڻيء سان ڪيئن لهي...
( پاڻي، اها پياس لاهڻ لاء پيدا ئي ڪونه ٿيو آهي ته اهو ڪم ڪيئن ڪري سگهندو جنهن لاء اهو (پاڻي) ٺهيو ئي ڪونهي.....)
(ڇا هن کان به ڪا واضع لفظ ٿي سگهن ٿا جيڪي شاه سائين چوي ها ته، هيء پياس، هي اڃ پاڻيء واري ڪونهي.....هيء ڪا ٻي اڃ آهي)
ڇا هي مبالغي واري شاعري چئي نظر انداز ڪرڻ جهڙي آهي؟
اهو چئجي ته شاعريء ۾ مبالغو هلندو رهندو آهي ڳالهه کي اتي ئي ڇڏي ڏجي؟
مونکي پڪ آهي ته اوهان مونسان هن ڳالهه ۾ متفق هوندا ته لطيف سائين مبالغائي انداز سان ڳالهه ڪرڻ کان تمام گهڻو مٿي آهي. مبالغي جي ضرورت انهن کي پوندي آهي جن وٽ ڳالهه کي سمجهائڻ جو ڏانوء نه هوندو آهي هو وڏي تشبيهه جو سهارو وٺندا آهن.
مبالغي جي ضرورت انهن کي هوندي آهي جن وٽ مشاهدي جي کوٽ هوندي آهي ۽ وري مشاهدي کي بيان ڪرڻ لاء لفظن جي اڻاٺ هوندي آهي....
پر هي ته مشاهدي جو به شهنشاه
ته لفظن جو رومن امپائر.....
هي حقيقي ڳالهه کي حقيقي انداز سان ڪرڻ جو قائل آهي ته پوء اها ڪهڙي اڃ آهي جيڪا تن ۾ پيدا ٿيل گرمائش کي اجهائي نه ٿي سگهي.
مٿي اها ڳالهه ڪري آيا آهيون ته عام باه پاڻيء سان وسائي سگهبي آهي پر عشق جي باه اجهائڻ عشق سان ئي ممڪن آهي.
هتي هڪ ننڍڙو سوال حل ڪريون ته پوء ٿا اڳتي وڌون.
سوال هي آهي ته عشق جي آگ صرف تن گرمائيندي آهي يا من به تڙپائيندي آهي؟
هڪ ننڍڙو بحث لطيف سائين جي هڪ شعر جي سمجهاڻي ۾ سمجهي آيا آهيون ته لطيف سرڪار من ۽ تن کي هڪ نه پر ٻه شيون سمجهي ٿو.
ٻنهي کي ڌار ڌار وجود وارو ٿو سمجهي....
ان جو مطلب اهو هرگز ڪونهي ته من ۽ تن جو پاڻ ۾ ڪو تعلق ڪونهي.
پرين لاء من ئي تڙپندو آهي.
من سان ئي تن جي پياس جنم وٺندي آهي،
سوچون ئي نقشو جوڙينديون آهن....
...........۽ نقشو ئي دماغ مان هڪ تحريڪ اٿاري سموري تن جي سمورن عضون کي پرينء جي لاء پيدا ٿيل تڙپ جي تابع ڪندو آهي
.....پوء من پاڻُ ڪڍي ويندو آهي ۽ تن پرينء لاء پيو تڙپندو آهي.....
جنهن جي باه اجهائڻ لاء سمنڊ به هڪ سرڪي ناهي لڳندو....
مطلب صرف هي آهي ته اڳتي هلي من ۽ تن جون گهرجون الڳ الڳ ٿي وينديون آهن. تن جي گرمائش ڪنهن به طور من جي ميلاپ سان ڪونه اجهامندي آهي.
اياز جو هڪ شعر آهي جنهن جو مطلب آهي ته “پرين جو روپ به ته ڪي پروگرام جوڙي اچي ٿو” ڪتاب وڄون وسڻ آيون.
پرينء کي ڏسڻ کان پوء سمورا انساني جذبا ۽ جبلتون عروج تي هوندا آهن.
استاد بخاري چيو آهي؛
تون ڳجهو اشارو، مان ٿڌو شوڪارو،
اٿيون دل مان ڇوليون، مٿان چپ سڪي ويا
تتيء ريت وانگر ٻيئي تن تپي ويا.
هوڏانهن تون اڃارو،
هيڏانهن مان اڃارو،
سيڪس جو مڪينزم هن ٻن ٽن سٽن جي شعر ۾ آهي.
ته پوء ٻنهي جي فرمائش به ڌار ڌار هوندي.....
ضروري ناهي ته پوء......
(هڪ نوجوان ڇوڪرو ڪنهن گهٽيء مان لنگهيو. هڪ گهر جي در جي وٿيء مان چمڪندڙ ڇوڪري نظر آئي...... اهو ڇوڪرو ان گهٽيء ۾ چڪر هڻندو رهيو پر بي خبر چنڊ ڪڪرن ۾ ئي لڪل رهيو.
هتي اوهان کان سوال آهي ته ان ڇوڪري جو ٽارگيٽ ڪهڙو هوندو؟
ڇا هو اها تمنا، اميد رکندو ته من به اڄ اها چمڪندڙ من موهڻي مون سان ڀاڪر پائي؟
ڪڏهن به نه.
ان جو ٽارگيٽ اهو ئي هوندو ته من ڪا جهلڪ وٿيء مان ئي ڏسڻ لاء ملي.
جڏهن اها هڪ دفعو ٻيهر، ٽيهر، گهڻا دفعا نظر ايندي ته هاڻي ٽارگيٽ اهو هوندو ته من هوء به مونکي ڏسي.
جڏهن هوء به ڏسندي ته اهو ٽارگيٽ ٿيندو ته من اها مرڪي پوي.......
.......۽ پوء جيڪڏهن ملاقات ٿي، ته پوء ٽارگيٽ ڪهڙو هوندو....
ان کي اڳتي وڌائيندا هلو).....
اها ڪهڙي قسم جي گرمي آهي جيڪا سمنڊ مان به ڪونه ٿي اجهي، سمجهه ۾ اچي ويندي.
هڪ ڳالهه ٻي به سمجهڻ جي آهي ته من جي من سان ۽ تن جي تن سان ئي اڃ اجهامندي آهي.


اچو هڪ شعر ٻيو پڙهون؛

کامان پچان نه مران، سڙان ساري رات،
ٻن ٻيائيء کي وجهي، ڪر پريان جي تات،
سيخون سنديون سڄڻين، اڀرن آڌيء رات،
نه ڪي هٿ نه ساٿ، ڏيهاڻئون چنگ چڙهان.

اڌ رات جي ڪيفيت،
پرين ياد آيو آهي،،،
پرين وسريو ڪٿي هو!؟
وسريو ڪونه هو ته ننڊ ڪيئن اچي ويئي!؟
اک ڪيئن لڳي ويئي!؟
ننڊ سوريء تي به اچي ويندي آهي،
بک نه پڇي بُسري (مٺي ماني) ننڊ نه پڇي هنڌ (بسترو)
انسان ڇا به چوي پر انساني ڪمزوريون ان جي جان ڪونه ڇڏينديون.
ڪو مائٽ، ڪو پرين پيارو هن دنيا مان ويو هليو.
ڇا ننڊ ڪونه ڪبي؟
ڇا خوشيون ڪونه ڪبيون؟
ڇا شاديون ڪونه ٿينديون؟
سڀ ڪم ٿيندا.........
ننڊ به آخر ڪيتري نه ايندي؟
اک ته ضرور لڳندي ڇو ته جسم جي ضرورت آهي...
جيئن تمام گهڻي بک هوندي جيڪڏهن ٿورو/ڪجهه ئي کائڻ لاء ملي ته هڪ دفعو بک کي ڌڪو لڳي ويندو ۽ جسم ۾ ڪجهه طاقت اچي ويندي، وري زندگي جي لهر ڊوڙندي جسم ۾.
ننڊ به ته بک آهي،
تمام گهڻي ٿڪاوٽ، ننڊ نه ڪرڻ ڪري بيخوديء ۾ اک ضرور لڳندي،
ان دوران به پرين ذهن ۾ ئي واسو ڪريو ويٺو هوندو،
(تنهن جو ثبوت اهو آهي ته جيڪڏهن گهري ننڊ ۾ اوهين پاسو بدلايو ٿا، هڪ لمحي لاء شعور جو وهڪرو هلي ٿو، هڪ سيڪنڊ لاء به اوهان جو ذهن سوچي ٿو ته سڄڻ سائين اوهان جي سوچ ۾ اچي ويندو، ان جي سوچ آئي ته اوهان جي ننڊ جي گهرائي ۽ سوچ جو مقابلو ٿيندو، ٿڪاوٽ سبب گهري ننڊ هوندي ته وري ڪنيڪٽ ٿي ويندي نه ته پرينء جي سوچ حاوي ٿي ويندي ۽ ننڊ ختم....
پرين ڪٿي ويٺل آهي عاشق جي سموري جسم ۾....
پرينء جي سوچ سافٽ ويئر آهي يا هارڊ ويئر.......
پرين ذهن ۾ وهندڙ سوچ جي سنڌونديء مٿان اڏيل اها بيراج آهي، جيڪا اڳتي سوچ کي وڌڻ ئي ڪونه ڏيندي........۽ سوچ ڪوٽڙيء کان اڳتي جو منظر پيش ڪندي آهي... پرين سوچ تي قبضو ڪري ويهندو آهي ۽ پوء بس..........سڀ ڪجهه ان جو).
انساني جسم پرين کان جدا نه ٿيندي به پاسيرو ٿي ننڊ حوالي ٿي ويندو.
پوء.................جيئن ئي جسم جي ٿوري گهڻي گهرج پوري ٿيندي،
سڄڻ جي سوچ اچي واسو ڪندي.
اڌ رات جو به ائين ئي ٿيندو،
الائي ڪهڙي مهل انساني سوچ پرين کان موڪل وٺي جسم کي ننڊ حوالي ڪيو هو،
پر وري ...................
هڪ ڳالهه ٻي...... ڀلا پرين ياد اچي ۽،
ان سان گهاريل گهڙيون ياد نه اچن، اهو ممڪن آهي؟
گهاريل گهڙيون ياد اچن، جيڪي ڳالهايو آهي، جيڪي ڀاڪر پاتا آهن، اهي ياد نه اچن اهو ممڪن آهي؟
پراڻا ڀاڪر ياد اچن ۽ نئين ڀاڪر جي تمنا نه جاڳي اندر ۾، اهو ممڪن آهي؟
ته پوء اهي گهڙيون ياد اچن ته ننڊ ايندي؟
ته پوء،
کامان،
پچان،
وري مران به نه.....ڇا موت ڪنهن طور تي نجات ڪونهي؟
مري به نه سگهجي، جي به نه سگهجي............
اهو ٻواٽو زندگيء جي سڀ کان ڏکي سٽيوئيشن آهي.
ساري رات پرينء جي ياد ۾ سڙجي،
پرينء جي ياد جون سيخون جسم جي لونء لونء ڪانڊاري ڇڏين،
ته ڇا ڪجي.
مٿي هڪ سٽ آهي ......
ٻن ٻيائيء کي وجهي، پرينء جي تات ڪر...
اچو ته ان تي ٿورو بحث ڪريون.
ٻيائي...............دوکو، دغا، مير، کوٽ وغيره
ٻيائي.............. ٻه رستا........؟؟؟
سهڻي ٻن رستن جي سوچ ۾ ڦاٿل...
پرار جي پڪار...............مقابلو............ گهر ۾ مڙس!!
پيار جو رشتو................مقابلو.............سماجي ٺپو لڳل قانوني رشتو!!
وڻندڙ پر غير قانوني.......................مقابلو............نه وڻندڙ پر قانوني !!
ميهار جو لونء لونء ۾ پيهي ويندڙ پيار........مقابلو............ڏم جو مڪروه ميلاپ!!
پرينء تائين پهچڻ جي اميد واري سوچ...... مقابلو............گهر وارن جي جاڳي پوڻ جي خوف واري سوچ!!
ڇا هن کان وڌيڪ ڪو ساه کسيندڙ ٻه واٽو هوندو...!؟
ٻيائي هوندي!!؟؟
پر لطيف سائين سهڻيء کي انتهائي شانت ٿيڻ جي تلقين ڪندي چوي ٿو ته ڪا ڳالهه ناهي جيڪڏهن مرڻ ۽ جيئڻ ٻيئي ڏکيا آهن........تون هڪ رستو وٺ، جيڪو تنهنجي پسند جي انسان تائين پهچڻ جو رستو آهي،
جيڪو ساهڙ جو رستو آهي،
جيڪو رستو تنهنجي دل کان نڪري تنهنجي دل ڏانهن وڃي ٿو.
خوف جا رستا بند ڪر.
* * * * *
تڙ تڪڙ تار گهڙڻ، ائ ڪاڻيارين ڪم،
ڏه ڏه ڀيرا ڏينهن ۾، ڏئي ڏوراپا ڏم،
عقل، مت، شرم، ٽيئي نينهن نهوڙيا.

پڙهندڙ جو ڪم صرف اهو ناهي ته اهو لفظي مطالعو ڪري،
ان کي اندر ۾ نه هنڊائي،
جنهن جي لاء به هن سائين چيو آهي ته؛
گائيڊ لائين ڏني آهي،
پڙهيو ٿا پڙهن، ڪڙهن ڪين قلوب ۾
پاڻان ڏوه چڙهن، جي ورق ورائن وترا.

صرف لفظي مطالعو نه پر ان کي پڙهي، ڪڙهڻ گهرجي.
ان کي سمجهڻ گهرجي، ان کي اندر ۾ لاهجي جيڪڏهن ائين نه ته پوء جيئن اهي وڌيڪ ورق ورائيندا ته اهي وڌيڪ ڏوهي ٿيندا. يعني ڪڙهڻ کان سواء پڙهڻ گناه آهي.
.......تنهنڪري پڙهي ان تي غور ضرور ڪجي ۽ هي سائين ته انتهائي ڳُوڙهو آهي هن جي ڪا به ڳالهه ڏه دفعا پڙهڻ ان تي غور ڪرڻ کانسواء سمجهه ۾ ايندي ئي ڪونهي.
هاڻي اچون ٿا مٿئين بيت تي،
عقل مت شرم......
هتي پڙهندڙن کان سوال آهي ته،
اهو ڪهڙي مذهب جي خدا جو عشق آهي جيڪو شرم به نهوڙي ويندو آهي؟
اڃان هڪ وک ٻي به کڻون....
ڇا اهو گناه ڪونهي ته اسين هن شعر جي معنى،
(مروج معنى...
سهڻيء مان مراد سالڪ،
ميهار اشارو آهي مولى پاڪ ڏانهن،
ڏم مان مراد نفس اماره آهي.
درياء ۽ ان جي خوف مان مراد آهي دنيا ۽ انجا لڳ لاڳاپا ۽ مشڪلاتون)
..............ته الله جي عشق منهنجون هي ٽيئي شيون يعني عقل مت ۽ شرم کسي ڇڏيا آهن، (توبهه نعوذ باالله من شر ذالڪ) خدا شرم کسيندڙ آهي يا ڏيندڙ............؟
پوء ظاهر آهي ته هن شعر جي معنى اها ئي آهي جيڪا سڌي سنئين آهي ته،
ميهر (هڪ مرد) جي عشق ۾ منهنجو عقل، مت ۽ شرم ٽيئي کسجي ويا آهن.
(عشق ۾ عقل ۽ مت (سمجهه) کسجي ويندي آهي ايسيتائين ته اسين متفق آهيون)
لطيف سائين نه ته نعري باز شاعر آهي نه وري ڪا جذباتي ڳالهه ڪري ماڻهن جون وقتي محبتون ماڻيندڙ، تاڙيون وڄرائيندڙ آهي.
هي انتهائي ذميوار،
سوچي سمجهي پوء ڪا ڳالهه ڪرڻ وارو آهي.
هن لفظ شرم ڪنهن لفظي پورائي (جيئن شاعريء ۾ اڪثر شاعر وجهندا آهن) نه وڌو آهي ان جو ضرور ڪو مطلب هوندو. ڀلا اهو ته سوچيو،
ٿوري گهڙيء لاء ئي ته، ڇا عشق پوء اهو مرد جو هجي يا عورت جو، واقعي ئي شرم کسيندڙ آهي؟
ڇا پرينء سان شرم ڪرڻ گهرجي؟....
“شرما ڪي يون نه کودينا، رنگين جواني ڪي گهڙيان”
مونکي پڪ آهي ته اوهان جو جواب نه وارو هوندو (منهنجو مطلب اهو هرگز ڪونهي ته عاشق بي شرما هوندا آهن پر اهي پرينء سان اهڙا ئي لاڳاپا رکندڙ ضرور هوندا آهن).
(ڇا زال مڙس وارا لاڳاپا ڪا شيء (شرم حياء) پوئتي لاء ڇڏيندا آهن؟
هڪڙي بادشاه جي ڳالهه ڪندا آهن ته هن پنهنجي ڪنهن استاد کان پڇيو ته منهنجي بادشاهيء ۾ سڀ منهنجي عزت ڪن ٿا، ڪا بيحجابي، ڪا هُجَ نه ٿا ڪن. مون کان ڊڄن ٿا، بس نه ٿي ڊڄي ته منهنجي زال، ڇا سبب آهي؟.
استاد چيس ان توکي ننگو ڏٺو آهي تنهنڪري هوء توکان ڪڏهن به ڪونه ڊڄندي.
دنيا ۾ ڪيترن ئي شاعرن اهي ڳالهيون ته ڪيون آهن ۽ خوب ڪيون آهن ته محبوب سائين جي عشق ۾ اسان جو عقل ڪم ڇڏي ويو آهي،
مت کسجي ويئي آهي،
اسين ديوانا ٿي ويا آهيون....
............ پر ڪنهن به ائين ڪونه چيو آهي ته منهنجو شرم به مون وٽ ناهي رهيو هاڻي،
اڄ تائين به، ٽي سو سال ته پري جي ڳالهه. اها هن ئي شاعر جي خوبي آهي ته ڳالهه کي ڀلي ڪيترو به لڪائي ڪجي پر ايترو به نه جو ان جو معنى مفهوم ئي بدلجي يا لڪي وڃي.
(خود لطيف سائين به ته اها ڳالهه ڪنهن ٻئي سر ۾ ڪونه ڪئي آهي؛
سسئيء چيو هجي ته منهنجو عقل، مت، شرم پنهونء سان عشق نهوڙيو آهي،
مومل چيو هجي،
مارئي چيو هجي،
ليلا چيو هجي،
سورٺ چيو هجي،
نوريء چيو هجي،
صرف سهڻي ڇو؟؟؟
غور ڪريو هن سوال تي.................)
..........ته پوء سهڻي
جيڪا پنهنجي پاسي ۾ ستل مڙس کي ننڊ سمهاري،
ان جي ستل هجڻ جي پڪ ڪري اٿي ٿي،
سينگار ڪري ٿي،......
پنهنجي پرينء لاء سينگار،
جيء جيئاري لاء سينگار،
ساه جي سينگار لاء سينگار!!
وري ان ڏانهن جلدي پهچڻ جي تڪڙ به.......
ته پرين کي وڻڻ لاء پاڻ ٺاهڻ به......
ڪنهن جي جاڳي پوڻ جو خوف به....
هيء ڪيفيت اميجن ڪري پوء هن عورت کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو.
(ڇا اوهان جي اندر ۾ سوال پيدا ڪونه ٿو ٿئي ته؛
اهو ڪيئن ممڪن آهي ته،
.....................هڪ سهڻي عورت ڪنهن کي نڪاح ۾ ملي هجي ۽ هن کي ننڊ اچي وڃي،
ڇا اهو ممڪن آهي؟
شادي ڪا هن سال يا صديء جي ايجاد ڪونهي،
آدجڳاد کان دستوري آهي.
ڪي سپنا سجائيندڙ هوندا آهن گهوٽ ۽ ڪنوار.
هڪ لائسينس آهي ته
هاڻي هيء تنهنجي،
تون هن جو.
شادي ڪرڻ وارو شاديء کان اڳ پنهنجي پرڻيل دوستن سان زال سان پهرئين رات بابت صلاح ڪندڙ هوندا آهن. ان سان ان تي به بحث ٿيندا آهن ته پهريان ان سان ڪيئن ڳالهائبو؟
رڳو مرد ڇو؟
زالون (ڪنوار) پنهنجي ساهيڙين سان ان بابت صلاحي ڪونه هونديون آهن؟
اسان وٽ ته عورتون پنهنجي پٽن، ڀائرن، جي پهرئين رات بابت بحث ڪنديون آهن.
ادي! زال مڙس خوش آهن، اصلي گهڻو خوش..........(معنى خيز انداز ۾)
مڃون ٿا اڄ جو دور ٻيو آهي، اڳي ائين گهٽ هو.
پر هڪ قانوني رشتو، ان جا سمورا لوازمات نه نڀائبا رهيا هوندا/ آهن؟!!......
ته پوء انساني نسل جي بقا ڪيئن ٿي آهي،
پهرئين کان آدمشماري وڌندي رهي آهي ڏاڪي به ڏاڪي.
جيڪڏهن اهي رشتا ان طرح نه نڀائجن ها ته انسان جو وجود هجي ها؟
ڇا پيغمبر، پير، ولي انهن کي امڙ ڪونه هئي؟
ڇا ڪو پيء ڪونه هو.......؟
پنجابيء ۾ چوندا آهن، “ڊولي نهين چڙهي، ڊولي چڙهدي تي ويکيا اي”
يعني مان پاڻ ته ڏوليء ڪونه چڙهي آهيان (منهنجي شادي ته ڪونه ٿي آهي) پر ٻين کي ته ڏوليء چڙهندي ڏٺو آهي (ٻين کي ته شادي ڪندي ڏٺو آهي)
ڇا اوهان کي لڳي ٿو ته ان جهڙي سهڻي عورت جي مڙس ڏم کي اهڙي ننڊ اچي ويندي هئي جو هو سهڻيء کي سنڀاريندو ئي ڪونه هو؟
عجيب ٿو لڳي...
دل ڪونه ٿي مڃي....
اهو بحث ڪري آيا آهيون ته
سهڻي درياء ڪناري کٽ وجهي ڪونه سمهندي هئي.
هوء پنهنجي گهر ۾ هوندي،
سهرو، سس، مڙس ۽ نڻان جي موجودگي ته تاريخ ۾ لکيل آهي.
(ضرور ٻيا به هوندا، وڏي فيملي سسٽم هلندڙ هو انهن ڏينهن ۾)
اهي چار سمورو وقت ستا رهن....
(پراڻي زماني ۾ ڇا، هاڻي به ڪيترا ئي گهر آهن جن ۾ هر جوڙي کي ڪو علحده ڪمرو مليل ڪونه هوندو آهي،
جوائنٽ فيملي سسٽم هوندو آهي،
هڪ هال هوندو آهي يا وري ڪو آسيرو پاسيرو سسٽم زال مڙس پاڻ ٺاهيندا آهن)
اهو ممڪن آهي؟
............سهڻي ميهار ڏانهن ويندي هوندي،
ڇا پيار هڪ نياپو آهي جو هڪ منٽ ۾ پورو ٿي ويندو هوندو؟
يه بات نهين وه ڪي، مين آتي هي سنا دون
سيني سي لگانا هي، ذرا دير لگي گي............
دنيا جي سڀني شاعرن ان تي تصوير ڪشي ڪئي آهي ته پيار سوادي ٿيندو آهي ۽ پرينء مان هٿ ڪڍڻ وس جي ڳالهه ڪونه هوندي آهي.
(هڪ موت مئي جو ڀوء سهڻا،
ٻيو تو مان نه ٿو ٿئي ڍوء سهڻا)
وري تاريخ ۾ اهو به چيل آهي ته سهڻيء جي نڻان هڪ ڏينهن جاڳي پيئي جنهن سهڻيء کي گهر کان ٻاهر ويندي ڏٺو ۽ ان جي ڪڍ ويئي.
هن ڏٺو ته سهڻي ٻوڙن ۾ لڪايل هڪ دلو ڪڍيو ۽ اهو کڻي درياء جي پاسي راهي ٿي. يعني وري به نڻان کي جاڳ ٿي، مڙس کي ڪونه......!!
قهر ناهي؟؟
خوابي ڳالهه نه ٿي لڳي اوهان کي؟
..........ته پوء اصل ڳالهه ڪيئن آهي؟
اچو ته تصور ڪريون؛
ڳالهه کي هيئن ٿا سمجهون.
ڪا خوبصورت عورت، اها به زال،
پاسي ۾ هجي ته ننڊ ڪونه ايندي.
...................ته پوء ڏم کي ننڊ ڪيئن ايندي؟
..................۽ ان کي ننڊ اچي ته هيء اٿي ۽ پرين ڏانهن وڃي؟
ان لاء هڪ طريقو نشو ڏيڻ وارو آهي....
ته ڇا ان وقت نشي ڏيڻ جو رواج هو؟
جيڪڏهن هو ته عام ماڻهوء جي ان تائين پهچ هئي؟
وري اهو به روزانو!!!
ممڪن ئي ڪونهي ته سهڻي ڏم کي نشو ڏيئي ان کي ننڊ سمهاري پوء اٿي پرين ڏانهن ويندي هئي ۽ وري اچي پنهنجي بيخبر مڙس جي پاسي ۾ ائين ئي سمهندي هئي جو ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي ڪونه هجي؟
ڳالهه سمجهه ۾ ايندڙ ڪونهي...
ته پوء ڇا هو؟
اچو لطيف سائين کان پڇون ته هن ڳالهه کي ڪيئن سمجهيو آهي؟
متان گهڙين سهڻي، اڄ درياء ۾ دم،
ڪاري رات ڪنن ۾ ڪهڙو اٿئي ڪم،
متان جاڳي ڏم، پڇي پاڙي واريون.

پڇي پاڙي واريون ڪوه ڪريندو ڏم؟
ڪاري رات ڪنن ۾ آه ڪاڻيارين ڪم،
هي هڏو ۽ چم، گهوريو محب ميهار تان.

مٿئين شعرن مان ان ڳالهه جي بوء اچي ٿي ته ڏم کي اڳي پوء خبر ضرور هئي (اها ڳالهه تاريخ ۾ به آهي ته سهڻيء جي پيء کي سندس ميهر سان عشق جي خبر پيئي ۽ هن تڪڙ تڪڙ ۾ سهڻيء جي شادي ڪرائي ڇڏي پنهنجي هڪ ويجهي مائٽ سان) قوي امڪان آهي پر نه...................،
پڪ آهي ته
بولڊ اينڊ بيوٽيفل/دلير سهڻيء ڏم تي واضع ڪيو هو ته مان ميهر کانسواء رهي ڪونه سگهنديس.
هڪ امڪان اهو به آهي...........
اهو به ٿي سگهي ٿو...........،
سچ پچ اهو ئي آهي...............
........... ته سهڻي ڏم سان پنهنجو زال مڙس وارو رشتو نڀائي پوء نڪرندي هجي ڇو ته اهڙي بي خبريء واري ننڊ ان عمل کان پوء ئي ايندي آهي.
( اچو ته ڏسون، لطيف سائين ان کي پرينء تائين پهچڻ لاء ڪهڙي صلاح ٿو ڏئي،

جتان گهڙن تئان گهيڙ، ڪپرو پڇن ڪوڙيون،
ڏم سين جسو ظاهرا، من ميهار سين ميڙ،
سا ندي ڀانئي نيڙ، جنهن کي سڪ ساهڙ جي.
ڏم سين جسو ظاهرا، من ميهار سين ميڙ............
اي سهڻي! ظاهر ۾ (دنيا داريء لاء، مڙوئي ڏم کي راضي ڪرڻ لاء، ان جو وات بند ڪرڻ لاء) پنهنجو جسو، جسم، بوتو، پنڊو، بت، تن، بدن ڏم کي آڇ، پرينء سان ملڻ لاء جيڪو ماحول ٺاهڻو آهي ان ۾ اهو ضروري ٿي پيو آهي. پنهنجو بت ان حوالي ڪري ڇڏ..... باقي اندر سان، سورنهن سينگارن سان، پنهنجو جسو، جسم، بوتو، پنڊو، بت، تن، بدن پرينء دل گهرئي، محبتي ميهار سان ملاء..........
جيڪڏهن ساٿي نه چاهي ته ڪير ڪيترو به ان جي بت کي پاڻ ڏانهن ڇڪي، پنهنجي بت سان ملائي سگهي ٿو!؟
ڇڪي ملايل بت ۽ پاڻ ڇڪجي مليل بت جي ميلاپ ۾ ڪو فرق ڪونهي!؟
ڏينهن رات جو فرق آهي، ڇڪي ملايل بت ڪڏهن به مليل نه ٿو چئي سگهجي..... وڌيڪ ڪونه ٿا لکون)
پر ڇا اهو ممڪن آهي؟
سر سهڻي پڙهڻ کان پوء اهو معلوم ٿئي ٿو ته “ سيئي ڍونڍي سانگ، ته ..........” يعني
ديکنا هي ڪسي عنوان تيري صورت مجهه ڪو،
مين اُٺون، يي پردهء هستي اٺ جائي”
ڪجهه به ٿي پوي پرين ڏانهن وڃجي.
ته پوء ڇا سهڻيء کي اهو ڏکيو لڳو هوندو ته هن رشتي کي نڀائڻ لاء ڪجهه به ڪجي؟. هڪ ليگل رشتو،
ان جي اهميت،
ان جي سماجي حيثيت کان انڪار ته اهو رشتو نه نڀائڻ کيس ميهر سان به ملڻ جي راه روڪيندو!!.....
پوء هي سمجهوتو نه ٿو ڪري سگهجي؟
ڇا پيار ۾ سمجهوتو ڪندي اوهان ڪنهن کي ڪونه ڏٺو آهي؟
دل چوي ٿي ته هر پڙهندڙ ائين ضرور ڪيو هوندو....
ڀلا پرينء جو ڪو ملهه آهي؟
ڀلا پرينء سان ميلاپ جو ڪو ملهه آهي؟
پرين اڻ ملهو،
پوء ان کي حاصل ڪرڻ لاء ڪهڙا ڪهڙا مُلهه ڏيڻا پون............،
............ڪونه ڏبا؟؟
(دبئيء ۾ هڪ اهڙي عورت جيڪا مردن جي تمانائن جو پورائو پيسا وٺي ڪندڙ هئي ان سان تمام ڊگهي ڪچهري ٿي. (سوويت يونين جي ٽٽڻ کانپوء اتان جون ڪيتريون ڇوڪريون ڪيترن ئي ملڪن ۾ ويون هيون) جڏهن مون سندس ملڪ جي سمورن شهرن ان جي ڀر وارن شهرن جو ذڪر ڪيو، (مون ماسٽرس ڪئي آهي انٽرنيشنل رليشنس ۾، ٻي جنگ عظيم منهنجو سبجيڪٽ رهيو آهي، مون هن جنگ کي نقشن جي مدد سان پڙهيو آهي، مون کي روس جو سمورو نه ته به گهڻو تڻو نقشو ياد آهي) (مان اڪثر پنهنجي رشين چيٽ فرينڊس کان ان جو شهر پڇي جڏهن يڪدم اهو لکندو رهيو آهيان ته هي شهر ته هن شهر جي ڀر ۾ آهي ته اهي تعجب ۾ اچي مون کي هڪ جملو ضرور چونديون/چوندا آهن ته ڇا تون ڪڏهن روس ۾ رهيو آهي؟)
هن جي ملڪ جي اديبن ۽ انهن جي ڪتابن (ٽالسٽاء منهنجو فيوريٽ آهي، دستووفسڪيء سان به عشق آهي، انهن جا گهڻا تڻا ڪتاب مون پڙهيا آهن) جو ذڪر ڪيو ته هن اعتماد ڪيو ۽ گهڻو ڪجهه ٻڌايائين.
هن مون کي پنهنجي محبوب جو فوٽو ڏيکاريو. چيائين ان جي اجازت آهي ته مان هي ڪم ڪريان باقي جڏهن پنهنجي ملڪ موٽي ويندي آهيان ۽ هُن سان ملندي آهيان ته مونکان سڀ ڪجهه وسري ويندو آهي.
مون کائنس پڇيو ته پيسا وٺي گراهڪ سان سيڪس ڪرڻ
۽
پنهنجي پرينء سان سيڪس ڪرڻ ۾ فرق آهي؟
زبانون خاموش ڪرائڻ وارو جواب ڏنائين،
” لڳي ٿو تون مون سان مزاق پيو ڪرين،
جيڪڏهن نه، ته تون دنيا جو جاهل انسان آهين ۽ تون سيڪس کي سمجهيو ئي ڪونهي؟
تڙپندي/ لڇندي پڇيائين سچ ٻڌاء، مزاق پيو ڪرين نه؟
سندس اکيون آليون هيون ۽ مون هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏي ان کي وڌيڪ ڏکوئڻ نه چاهيو)...... وڌيڪ اوهان تي ڇڏيان ٿو ته پاڻ سمجهي ڳالهه جي تهه تائين وڃو.
ته پوء شرم نهوڙيو جو مطلب ڇا؟
ڀلا عقل، مت، عشق ۽ شرم جو ڪو تعلق جڙي ٿو پاڻ ۾؟
نه ڪڏهن به نه.
عشق جي اچڻ سان......
“عشق نه پڇي زات، عشق نه پڇي دين ڌرم”.
دنيا ڀري پيئي آهي اهڙن مثالن سان ته بادشاهن جي زالن چوڪيدارن سان عشق ڪيو. ڀنگياڻين، باگڙياڻين سان وزيرن وڙن جا تعلق ڪنهن کان ڳجها آهن. (منهنجو مطلب انهن کي گهٽ سمجهڻ هرگز ڪونهي پر عام مروج ڳالهه طور ڪريان ٿو)
مون کي پنهنجي پيء ٻڌايو هو ته اسان جي هڪ مائٽ جو هڪ عورت سان عشق هو، ان زماني ۾ عورتون واه يا واهِين تي ويهي ڪپڙا ڌوئينديون هيون. ان عورت هڪ جڳهه ڪپڙا پئي ڌوتا هُن (اسان جي مائٽ) ان پاڻيء جيڪو ڪپڙا ڌوپڻ کان پوء وهي زمينن ڏانهن پئي ويو، منجهان ٻڪ ڀري پيتو صرف ان لاء ته اهو پاڻي ان جي سهڻن هٿن سان ڌوتل ڪپڙن جو هو.
ته ڇا ڪو ماڻهو بنا ڪنهن عشق جي ڪپڙن جي ڌوپڻ کان پوء وهندڙ پاڻيء مان ٻڪ ڀري پيئندو؟
اهڙا هزارين مثال آهن لکجن ته ڪيترا ئي ڪتاب ڀرجي ويندا ان ڪري پڙهندڙن تي ڇڏي اڳتي ٿا وڌون.
هڪ ٻيو شعر پڙهو؛
جيڏيون ڏٺيان جي، صورت ساهڙ ڄام جي
سک ٿي ستيون ڪينڪي، ڪانڌن پاسي ڪي
مونهان اڳي، گهڙو سڀ گهڙا کڻي
*****
ڏٺي جن هيڪار صورت ساهڙ ڄام جي
سک ٿي ستيون ڪينڪي، ڀري ساڻ ڀتار
گهڙيون گهڙيان ڌار، ڪاهي پئيون ڪن ۾
*****
ساهڙ جيئن سرتيون. جي ڏسو سڀيئي
ته سمهو ڪين سک ٿي، ور پاسو ڏيئي
مونها اڳيئي، گهڙو سڀ گهڙا کڻي

هن سدا حيات من موهڻي باغڻ (باغي عورت) جا ڪم ڏسو.
پاڻ کي مڙس پنهنجي پسند جو نه مليو اٿس،
هوء هن ڪرب منجهان گذري پيئي.
چوڻي آهي ته “هنڌ اهو سڙي جتي باه ٻري”،
پنجابيء ۾ چوندا آهن،
“اگ دي سيڪ دا پتا تي اودو لگدا اي، جدو اپڻي تن نون ساڙي”
سهڻي پنهنجي اندر ۾ ٻرندڙ باه کي محسوس ڪندي سوچي ۽ اندازو هڻي ٿي ته مان جهڙيون ته ڪيتريون ئي عورتون هونديون جن کي سندس من جا مالڪ اهڙا ڪونه مليا هوندا جهڙا هو چاهينديون هونديون.
( ڇا اسلام، هندو مت، ٻڌ مت، عيسائيت يا ڪنهن ٻئي مذهب صرف مرد کي پسند جو حق ڏنو آهي؟،
جواب ڳولي پوء اڳتي وڌجو پليز...)
...........................ته پوء ڇونه انهن کي به هن بغاوت ۾ شامل ڪجي.
اچو پهريائين مٿين شعرن جي گڏيل معنى کي سمجهون پوء ٿا اڳتي هلون.
اي منهنجون سڀ سرتيون!
جيڪڏهن اوهان به ميهار کي ڏسو ته پنهنجي مڙسن، ورن، ڀتارن سان ڪونه سمهون،
مون کان اڳ ئي اوهين سڀ گهڙا کڻي گهڙو ها.

اي منهنجون جيڏيون سرتيون، مان جهڙيون عورتون!!
جن کي به پنهنجي پسند جو مڙس ڪونه مليو آهي تن کي جيڪڏهن سمجهه ۾ اچي وڃي ته بغاوت ڪو گناه ڪونهي،
حق، بغاوت کان سواء ڪونه ملندو آهي
.................................... ته جيڪر اوهان به مون وانگر پرينء کي وساري پنهنجي ناپسند مڙس سان ڪونه سمهو ها.
مونکان اڳي ئي سڀ گهڙا کڻي گهڙو ها.
هتي پڙهندڙن کان هڪ سوال آهي،
ڇا اوهان ڪڏهن سوچيو آهي ته، بغاوتون، حقن جون تحريڪون ڪٿان شروع ٿينديون آهن؟
انسان جي واڌ ويجهه لاء ڪن مسئلن جو هجڻ ضروري آهي.
(ٻار جيڪڏهن هنج تان ڪونه لهندو،
هڪ وک کڻي ڪري ڌڪ نه کائيندو
ته پنڌ ڪونه سکندو.
فرض ڪريو ڪو ٻار ڪجهه سالن تائين هنج تي ويهاري ڇڏجي،
ان کي هيٺ نه لاهجي ته اهو ٻار ڪڏهن پنڌ سکي سگهندو؟
جواب اوهان جو به مون وانگر هوندو ته اهو ٻار شايد ڪڏهن به پنڌ سکي ڪونه سگهندو)
انساني ترقي ڪٿان شروع ٿي آهي
جڏهن انسان وٽ مسئلا هجن ۽ حل نه هجي،
هي اهو ٻه واٽو آهي يا ته اهو انسان اتي دٻجي ويندو
يا ته اتان ڪو گس ڪڍندو. دنيا جا سمورا ڪامياب انسان/انقلابي، نبي ڏکن مان توانائيون حاصل ڪري قومن جا نجات دهنده بڻيا آهي.
(دنيا جو هڪ وڏو انقلاب جيڪو عرب جهڙي بدو، اڻ پڙهيل، اڻ سڌريل قوم ۾ آيو، تنهن جو سرواڻ اسان جو نبي هو ۽ تاريخ گواه آهي ته هن عظيم انسان کي ڏک سڀني کان سرس مليا).
ساڳيو ئي طريقو قومن لاء به آهي.
ڪي ئي دٻجي ختم ٿي ويون.....................
ڪن وري مقابلو ڪري نوان گس ڳولي ڪڍيا.
هتان ئي دنيا جا سڀ روشن دور شروع ٿيا آهن.
هتان ئي نوان سج اڀريا آهن انسانيت جي معراج جا.
اوهان هڪ ننڍڙو تجربو ڪريو؛
ننڍڙا گلر (ڪتيء جا ٻچڙا) جيڪي پنهنجي ڏر (پنهنجي رهڻ لاء، سيء/مينهن کان بچڻ لاء سندن امڙ (ڪتي) پنهنجي ٻچن لاء زمين کي ٿورو کوٽي گهر ٺاهيندي آهي) مان نڪري گهمڻ شروع ڪندا آهن.
ان وٿيء کي وڌائيندا ويندا آهن روز بروز، يعني ٿورو پري تائين چڪر هڻڻ لاء ويندا آهن.
اوهان انهن ڪتڙن کي دڙڪو ڏيو، هو يڪدم ڊوڙي پنهنجي ڏر ڏانهن ڊوڙندا. (ڪابه مزاحمت ڪونه ڪندا) اوهان انهن جي پويان وڃو، اهي ڏر ڏانهن ڊوڙندا ويندا ڪا به مزاحمت نه ڪندا.
هاڻي هو ڏر ۾ داخل ٿي چڪا،
اوهان انهن کي ڪو دڙڪو ڏيندا ته هو ڀونڪڻ شروع ڪندا،
مزاحمت جي شروعات ٿي ويندي.
وڏڙا هوندا ته وڙهي به سگهن ٿا نه ته صرف ڀونڪندا.
.............يعني “جيتري طاقت هوندي انهن جي، ايتري مذاحمت ڪندا”...........
ڪنهن انسان جي سموري جسم تي زور ڏجي، هو مزاحمت نه ڪري ته ڪو عجب ڪونهي پر جڏهن هن جي نڙي تي زور ايندو جيڪو هن جي وجود تي آخري وار هوندو ته هو مزاحمت ڪندو.
سهڻي جيڪا پنهنجي گهر کي دوزخ ٿي سمجهي،
ان مڙس جنهن کي هن دل سان ڪونه قبوليو آهي،
جيڪو سندس “شاني” ڪونهي،
سندس “جوڙ” ڪونهي،
هوء ان کان پاڻ کي ڌار ڪري،
پنهنجي اندر جي ٺار،
نيڻن جي ٺار،
جسم جي ٺار،
هر اندام جي ٺار، (اديون سڀ اندام چڙن منهنجا چوريا)
سان ملڻ واري بغاوت کي ئي عبادت سمجهي ٿي،
فرض سمجهي ٿي،
آخري جنگ سمجهي ٿي،
وجودي ويڙه سمجهي ٿي...........
۽ وڙهڻ جو فيصلو ڪري ٿي،
وڙهي ٿي،
ٻين کي به اهڙي بغاوت ڪري پاڻ جهڙيون گڏ ڪري ٿي،
انهن تي لازم ڪري ٿي ته هو به پنهنجي ڳچيء ۾ پيل اهو ڦاهو اهو ڳٽ ڪڍي ڦٽي ڪري نڪري پون.......
ڇا لاء؟
اهو هڪ وڏو سوال آهي.
يعني جڏهن هر اها عورت (مرد ان ڪري نه، ڇو ته مرد اسان جي معاشري ۾ اهو حق حاصل ڪيل آهي،
هو پاڻ سان ميچ نه ٿيندڙ زال مان سوين طريقن سان جان ڇڏائي ٿو.
ٻي شادي، ٽين شادي، چوٿين شادي.......جتي ۽ جڏهن هو “سيٽسفاء“ ٿئي.......)
پر عورت ذات جيڪا ان پيڙا مان گذري رهي آهي اها پنهنجي پاڻ کي اهڙي مڙس مان جان ڇڏائي ويندي ته پوء ڇا ٿيندو؟...
پوء ڪهڙو معاشرو جنم وٺندو؟
نه ڪا جهل نه پل، سڀڪو پسي پرينء کي.
يعني لطيف سائين جي سمورين جدوجهدن جي حاصلات اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ آهي جيڪا اڳي پوء، نه ڪا جهل..........
(اول آخر آه هلڻ منهنجو هوت ڏي) مصداق.

سهڻي -4 : اڃان هڪ وک اڳتي

هن شاعر جون ڳالهيون ته ٻڌو،
ڪٿي دنگ ڪونهيس،
ڪٿي رڪجي ڪونه ٿو.
اسان سندس هڪ شعر پڙهي سمجهون ٿا ته حد ٿي چڪي،
هاڻي هن کان اڳتي شايد ڪا ٻي دنيا ڪونهي!!
پر هو ٻيو شعر چئي اسان کي غلط ثابت ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته حد!!
اڃان ته اڳتي................
اچو ڪجهه شعر پڙهون پوء ٿا انهن جي معنى سمجهون،

پل پل ٿي پلي، ڏم ڏهاڙي ڪيترو
پسي دور درياء جا، وچان ڪين ولي،
نه ڪنهن جهولَ جهلي، هئي سمن پوري سهڻي.

پيار پرينء جو سهڻي کي ڪيتريون رنڊڪون ٽوڙي سمورا رستا پار ڪري پهچائي ٿو ميهار وٽ.....
هڪ، ڏم جيڪو ڏهاڙي ڪيترا دفعا ٿو روڪي،
ٻيو، درياء جو ڌڌڪو، ڏهڪاء
ٽيون، جهولُ ڪري بيٺل پاڻي، (وهڪري ۾ ترڻ ۽ بيٺل پاڻيء ۾ ترڻ ٻنهي ۾ فرق آهي، وهڪرو ترڻ ۾ مددگار ٿي سگهي ٿو پر بيٺل وڏيون رنڊڪون وجهندڙ هوندو آهي)،
مٿيان سڀ خوف ڏياريندڙ منظر سهڻيء کي روڪي ڪونه ٿا سگهن. هن جا ميهار سان ٻول ٻڌل هئا تنهنڪري هوء ساهڙ سان ڪيل پنهنجي انجام تي پوري لهڻ لاء پهچي ٿي.


جهولُ نه جهلي سهڻي، سائر سٽ سندياس
جنهن اهڙي ڄائي عاجزا، سا مر مرڪي ماس
پسين جي پئاس، ته ڪي عشق آڻئين.

سهڻيء کي ڪو جهولُ ڪيل پاڻي ڪونه روڪي سگهيو،
هن لاء درياء جو تکو وهڪرو به ڄڻ ته سڪي جو پنڌ آهي، اها عاجز (ڪمزور، نٻل عورت، ضعيف ذات) هڪ سٽ سان سمورو پنڌ ڪري وڃي ٿي. پوء ڇو نه ان عورت جي ماء ناز ڪري، فخر ڪري، مرڪي جنهن ههڙي عظيم ڌيء ڄڻي آهي.
ايڪويهين صديء ۾ جڏهن ڪارو ڪاريء جا فيصلا ٿين ٿا،
وڏيري اڳيان ڪاري عورت واري ڌر هيٺ ڪنڌ ڪري ٿي ويهي
ڪاري مرد واري ڌر ڳاٽ اونچو ڪري فخر سان ٿي ويهي.
ڪاريء جا پيء ماء چون ٿا نڪ وڍجي ويو......
پر ٿوري دير لاء تصور ڪريو ته
اڄ کان ٽي سو سال اڳ.................
هي جينئس انسان چوي ٿو ته ڪاريء جي امڙ ڇونه فخر ڪري.
(جهڙيء ريت اڄ کان پنج هزار سال پراڻي موهن جي دڙي جي ڍڪيل نالين جو مثال ڏنو ويندو آهي ۽ ان جي ڀيٽ اڄ ايڪويهين صديء جي شهرن ۾ روڊن تي وهندڙ،نالين (ڄڻ ته سمورو روڊ نالي آهي) سان ٿيندي آهي ۽ چيو ويندو آهي ته ڀيٽي ڏسو. اهڙيء ريت هن انسان ۽ ايڪويهين صديء جي معاشري ۾ رهندڙ جديد علم پڙهندڙ، ڊگرين جون لائينون رکندڙن جي به ڀيٽ ڪريو).
*****
نڪا جهول جهليس، نه تانگهو، نه تار ڪي،
ڏم ڏيهاڙي ڪيترو پَرَ ۾ ٿو پليس،
تان تان جيء جليس، ملي جان نه ميهار کي.

نه ڪو جهول جو پاڻي ٿو جهلي سگهيس، نه تانگهو پاڻي (ننڍو پاڻي) نه تار وهندڙ، (گهڻو پاڻي، وڏو پاڻي). ڏم به ڏيهاڙي ٿو پر ۾ پليس، اڪيلائيء ۾ باز اچڻ لاء کيس چوي ٿو. سهڻيء جو جيء ويتر ٿو جلي جو هوء ميهار کي ڪونه ٿي ڏسي.
*****
سيء سيارو پاڻي پارو، جت جهڙ جهڪ ۽ جهول،
من اندر ميهار جا، هيئنڙي اچن هول،
جيلان ٻڌيس ٻول، تي اڙانگا تار تران.

تمام سخت سيارو آهي،
گهڻو سيء آهي،
پاڻي پارو آهي،
برف جهڙو آهي،
مٿان جهڙ آهي،
ٿڌي هوا جو طوفان آهي،
درياء جو پاڻي ڪٿي جهول ڪريو بيٺو آهي.
من ۾، اندر ۾، هينئڙي ۾ ميهار جا هول اچن ٿا، ان جا خيال اچي اندر ۾ وڍ وجهن ٿا. جيئن ته ساهڙ سان ٻول ٻڌل آهن، واعدا ٿيل آهن، ڪي قول ٿيل آهن تنهنڪري هي اڙانگا پنڌ (سمورا خوف خطري وارا منظر) مون کي تار تري پرين وٽ وڃڻو آهي.
ڪن ملڪن جو آئين اڻ لکيل هوندو آهي جيئن برطانيه جو.
آئين اڻ لکيل ضرور آهي پر اهو اٽل آهي.
ڪي رواج آهن جيڪي اڻ لکيل هجڻ باوجود عمل ۾ رهندڙ آهن.
مثال وٺون ٿا ته برطانيه جو وزيراعظم جڏهن چونڊجي ايندو آهي ته اچي پنهنجي پراڻي وزيراعظم کان چارج وٺندو آهي. چارج وٺڻ جو عمل جڏهن پورو ٿي ويندو آهي تڏهن چارج ڏيندڙ وزيراعظم يعني پراڻو وزيراعظم اچڻ واري دروازي کان ٻاهر ڪونه ويندو آهي پر وزيراعظم هائوس جي پٺيان واري دروازي مان ٻاهر ويندو آهي جيڪو ان وقت کلندو ۽ بند ٿي ويندو آهي. جيسيتائين وري ڪو نئون وزيراعظم چارج وٺي پراڻي کي فارغ نه ڪري. اهو دروازو پنجن سالن کان پوء چند منٽن لاء کلندو آهي ۽ وري بند ٿي ويندو آهي. اهو آئين ۾ لکيل ڪونهي پر صدين کان رائج آهي ۽ ڪنهن به ان جي ڀڃڪڙي ڪونه ڪئي آهي.
پيار جو آئين به لکيل ڪونهي پر ملڪن جي اڻ لکيل آئين وانگر هن تي عمل ائين ئي ٿيندو رهي ٿو،
................. گڏوگڏ هن آئين تي هر دفعي،
هر پيار ڪندڙ ائين جو ائين عمل ڪري،
ائين ڪونهي.
هر پيار جيڪو هن ڌرتيء تي ٻن دلين وچ ۾ جنم وٺندو رهي ٿو ان جو آئين پنهنجو،
شڪل و صورت ۾ هڪ جهڙو/ ساڳيو هوندي به مختلف هوندو آهي.
اهو آئين اڻ لکيل آهي،
ان جي پڇاڻي جو حق ڪنهن کي به ڪونهي.
هر پيار پنهنجا رستا پاڻ جوڙي ٿو.
اهو آئين اهي ٻيئي پيار جي پارليامينٽ جا ميمبر پاڻ ۾ ويهي، وات وات سان ملائي، هڪ زبان ٿي جوڙيندا آهن،
انهن ۾ ترميمون به پاڻ ئي ڪندا آهن،
انهن تي عمل به پاڻ ئي ڪندا آهن،
اڄ تائين ڪنهن پيار کي ڪو زنجير ۾ جڪڙي مجبور ڪري سگهيو ئي ناهي،
زبان بند ڪري سگهجي ٿي،
زبان بند ٿي سگهي ٿي،
(زبان بند ڪرائي ويئي آهي، بند ڪرائي ويندي رهي آهي)
زبان وڍجي سگهي ٿي،
پرين جو نالو کڻڻ کان اڳ ئي ڪتري سگهجي ٿي
(زبان وڍي ۽ ڪتري ويئي آهي)
پر دل پرينء کي ياد ڪونه ڪري،
اهو ممڪن ئي ڪونهي...........چار ڪروڙ سالن ۾ ته ڪو اهڙو مثال ڪونهي.
دل تي پهرا هڻجن،
سوچن مان پرين ڪڍي سگهجي،
اهو ممڪن ڪونهي...........پيار جي آئين ۽ قانون جو گناه ڪبيره.
لطيف سائين پيار جو شارح آهي،
شرح لکندڙ آهي،
پيار جي آئين ۽ قانون جو تشريح ڪندڙ آهي،
پيار جي سپريم ڪورٽ آهي (سپريم ڪورٽ آئين ۽ قانون جي وڏي ۾ وڏي (آخري) شارح هوندي آهي، سپريم ڪورٽ جو سڀ کان اولين ڪم آئين جي تشريح هوندو آهي) ان جا مٿيان شعر ٻڌائين ٿا ته،
نه ته ڪو سيارو،
نه ته ڪو سيء،
نه ته ڪو درياء،
نه ته ڪو جهول ڪري بيٺل پاڻي،
نه ته ڪو ڏم (سندس مڙس، سندس مڙس پَرَ ۾ (يعني لڪ ڇپ ۾ کيس پيو جهلي. اچو هن رمز کي سمجهون پوء ٿا اڳتي وڌون.........
ڏم سهڻيء جو مڙس آهي، جنهن کي سموري خبر آهي ته سهڻيء جي دل ڪنهن سان آهي،
سهڻي ڇا ٿي چاهي؟،
ڇا چاهيندي آهي؟،
ڇا سوچيندي آهي؟،
ڇا ڪندي آهي؟،
هن جي دل ۽ دماغ تي ڪير سوار آهي؟،
هو کيس پرَ ۾ پلي ٿو،
سمجهائي ٿو...........،
” ڏاهي ٿيء،
خلق نه کلاء،
دشمن سڄڻ ڇا چوندا،
اسان جي عزت لهي ويندي،
جيڪو ٿيو سو گذريو،
پراڻيون ڳالهيون توتان معاف،
اڳتي جو خيال ڪر،
مان تنهنجو آهيان،
سڀ ڪجهه تنهنجو آهي،
جيئن تون چوندينء مان ائين ڪندس،
وڏن جي عزت تنهنجي هٿ ۾ آهي،
...................”نه“، سهڻيء جو جواب اچي ٿو
سهڻي ائين نه،.......
نه ڪر ائين...
ڏاهي ٿيء،
مجبور نه ڪر مونکي جو مان تنهنجي مٿان ڪا سختي ڪريان،
.................”نه“،
مان تنهنجو نڪاحي مڙس آهيان،
منهنجو فرض آهي ته مان توکي سمجهايان،
تنهنجو به فرض آهي ته تون منهنجي ڳالهه ٻڌ،
...............”نه“، (نڪاحي محبوب به هجي ضروري ناهي)
برابر مان تنهنجي نڪاحي زال آهيان پر دلي طور ساهڙ جي آهيان،
تون منهنجي سامهون آهين پر هو سامهون نه هوندي به اکين اڳيان آهي،
دلين جو مالڪ آهي،
پرار تي جا پڪار آهي،
مون کي ويهڻ نه ٿي ڏئي،
مان تنهنجي ڪونه ٿي سگهنديس.
منهنجو پهريون
۽
آخري جواب.

هڪ وک (هزار وکن برابر) اڃان اڳتي،
ڇا اوهان ڪڏهن ٻڌو آهي ته ڪا شادي ٿيل عورت پنهنجي مڙس کي ڇڏي،
اُٿي، آڌيء رات جو، درياء ٽپي وڃي
............ ان لاء ڪو چوي ته،
”هن عورت جي ماء ڇونه ناز ڪري،
ڀلا ڇونه مَرڪي، اهڙي امڙ! جنهن ههڙي عورت کي جنميو آهي“.
نه، ڪڏهن به نه.......
اوهان ائين ڪڏهن ڪونه ٻڌو هوندو/ آهي ته،
ڪا اهڙي عورت جيڪا مڙس سان گڏ سمهيل هجي،
مڙس جي ننڊ ۾ وڃڻ جو انتظار ڪري،
جيئن ئي ان جي اک لڳي،
جيئن ئي گهر وارن جي اک لڳي،
هوء اٿي ٿي،
پير پير ۾ ڏيئي،
ڳِلو کولي،
ٻاهر نڪري ۽ پرين جي سڪ جي پورائي لاء ٻوڙن ۾ لڪايل دلو کڻي،
درياء ٽپي پرين وٽ پهچي،
رهاڻيون ڪري موٽي اچي
وري گهر ۾ سمهي رهي....................،
............. وري ان کي نندڻ بجاء،
سندس ڪردار تي لعنت ملامت ڪرڻ بجاء ڪو ماڻهو،
ڪو سيد زادو،
ڪو مرشد،
ان عورت جي تعريف ڪري،
ان جي امڙ لاء چوي ته ڇونه اهڙي ماء فخر ڪري،
مَرڪي،
جنهن ههڙي عورت ڄڻي آهي.................
هي سيد هو،
پراڻي پيري مريديء وارو هو.
ڏاڏي پرڏاڏي کان وٺي سندن مرشدي هلندڙ هئي،
ڪيترن جون دليون سندس ڳالهايل هر لفظ کي دعا سمجهي پيو ٺرنديون هيون.
هن ڳالهه تي ضرور غور ڪرڻ گهرجي ته سيد/ مرشد (مريدن ۾ هڪ وڏي عزت ۽ احترام واري پوزيشن) هجڻ باوجود ڪنهن اهڙي عورت جيڪا ياريون نڀائيندي هجي،
ان جي تعريف ڪري..............
دل مڃي ئي ڪونه ٿي ته بغاوت جي اها حد به پار ٿي سگهي ٿي!!
ڪو پار ڪري سگهي ٿو!!
ڪو پار ڪري ويو آهي!!.
اسان وٽ “ماڻهو ڇا چوندا“ واري ان هڪ جملي ڀينگ ڪئي آهي سدائين.
گهڻا تڻا ماڻهو ڪجهه ڳالهائڻ،
ڪجهه ڪرڻ کان سدائين پيا ڪترائيندا رهيا آهن ته
...........ڪير وري ماڻهن ۾ ڏٺو ٿئي.
..........ماڻهو ڇا چوندا؟
..........عزت خاڪ ۾ ملي ويندي
..........ماڻهن کي سمجهه ۾ ڪونه ايندي
.......... وڏو خطرو آهي جيڪڏهن اها منهنجي ڳالهه سمجهه ۾ ڪونه آئي معاشري کي..
هن ماڻهو اهڙو خيال دل ۾ نه آندو
يا سندس دل ۾ اهو خيال آيو
..................پر
تاريخي ڪردار،
تاريخي فرض کي اوليت ڏيندي باقي سڀ ڪجهه پٺيء پويان اڇلائي ڇڏيائين ۽ هن دلير عورت جي تعريف ڪيائين.
اڄ اسين جڏهن ايڪويهين صديء ۾ بيٺا آهيون ته پيار ڪندڙ عورت،
پياري جو انتخاب پاڻ ڪرڻ جو حق گهرندڙ،
۽ اهڙين ٻين عورتن/ڇوڪرين کي عرف عام ۾ ڪاري ڪوٺيندا آهيون.
هاڻي واري رائج قانون مطابق سهڻي به مٿئين نالي ۽ لقب واري عورت هئي، (معاف ڪجو مان هن عورت لاء مٿيون لفظ لکي ڪونه ٿو سگهان، منهنجي دل ۾ سهڻيء لاء ڪيترو پيار ۽ احترام ويٺل آهي ان جو اظهار مان انتساب واري صفحي تي ڪري آيو آهيان).....
۽ ان لاء دنيا جي هن ارڏي شاعر، دنيا جي سڀ کان پهرئين فيمينسٽ شاعر، ڪهڙن لفظن ۽ عقيدتن جو اظهار ڪيو آهي جو زبان مان بيخود واه نڪريو وڃي.
ڇا لطيف سائين کي مخالفت جو خوف ڪونه هو؟
هن مخالفت ڪونه ڏٺي هوندي؟
پر پيار جي طاقت،
پر پيار جي عظمت،
پر پيار جي پوترتا،
پر پيار جي اهميت،
(دنيا جي وجود کي برقرار رکڻ لاء پيار جو هجڻ ڪيترو ضروري آهي)
تي کيس ايترو ته ڀروسو هو جو هن سڀني خوفن جي پرواه ئي ڪونه ڪئي.
***

سهڻي رڳو دلير هئي يا ٻيو ڪجهه به؟

سهڻيء جي ڪهڙي ادا لطيف سائين کي وڻي جو ايڏا وڏا لفظ ڳالهايائين هن لاء؟
سهڻي دلير هئي،
ته ڇا ٻيون دلير عورتون ڪونه هيون ان وقت؟،
يا رڳو دلير هجڻ جي ڪري کيس هي رتبو بخشيو اٿائين؟
جواب آهي ته نه.
ته پوء باقي ڇا هيو هن عورت ۾؟
............هي اک الٽي ڌار وارو ماڻهو سدائين پيو پنهنجا هم خيال ڳوليندڙ رهيو آهي.
اهڙا ماڻهو جيڪي معاشري ۾ رهندي،
شين کي الٽي اک سان ڏسڻ جا عادي هجن.
هن شاعر جي ياري انهن سان آهي جيڪي
”اک الٽي ڌارين، الٽو وهن عام کان“.
ته پوء سهڻيء کان وڌيڪ ڪير آهي ڳالهه کي الٽي اک سان ڏسڻ وارو؟
هيء عورت پاڻ سان ٿيندڙ انياء تي قسمت جي راند چئي چپ ڪري ويهڻ بجاء بغاوت ڪري ٿي.
ٻين کي بغاوتن تي هرکائي ٿي،
“نه“ ڪري ٿي،
گند جو حصو ٿيڻ بجاء گند کان نفرت جو اعلان ڪندي،
ان سان ويڙه جو اعلان ڪري ٿي،
ته پوء لطيف سائين جو دوست اهڙي ماڻهوء کان وڌيڪ ڪير هوندو
يا ڪير ٿي سگهي ٿو.......
هي دنيا جو پهريون شاعر آهي جنهن اهڙو عمل ڪيو آهي ان کان اڳ ان جو مثال ڪونه ٿو ملي.
***


هڪ وک اڃان اڳتي

ساهڙ ڌاران سهڻي، نسوري ناپاڪ،
نجاست ناه ڪري، انهن جي اوطاق،
هو جي کير پياڪ، پاسي تنين پاڪ ٿئي
* * * * *
ساهڙ ڌاران سهڻي، اڌوتي آهي
ڪنڍيون جو ڪاهي، پاسي تنين پاڪ ٿئي.
ڇا ههڙي وک ڪنهن کنئي آهي؟
ڪنهن اهڙي عورت جيڪا پنهنجي شرعي مڙس کان منهن موڙي ۽ پنهنجي اندر جي بادشاه سان نڀائي.
غير قانوني (مروج قانون) واري کي ساه جو مالڪ سمجهي،
ان ساه جي سينگار سان نڀائي.
ان لاء ڪو شاعر چوي ته،
ساهڙ کان سواء سهڻي نسوري، (سموري، پيرن کان مٿي تائين) ناپاڪ آهي.
دنيا چوي ته يار سان ملڻ سان عورت ناپاڪ ٿي وڃي ٿي،
مڙس سان ملڻ سان پاڪ ٿئي ٿي،
.............پر هي چوي ته اها عورت (سهڻي) ساهڙ سان نه ملڻ ڪري ناپاڪ آهي.
نجاست ( پنهنجي جسم تي لڳل ناپاڪيء واري شيء، اهڙي شي جنهن جي لڳڻ سان جسم ناپاڪ ٿيو وڃي، نجس شيء ان کي چئبو آهي جنهن جو نالو به زبان تي کڻڻ عيب سمجهجي/ عيب هجي) ختم ڪري ٿو ان جو ساهڙ سان ملڻ.
يعني وضوء وانگر ناپاڪ مان پاڪ ڪري ٿو
( اسان وضوء جي نيت هيئن ڪندا آهيون ته،
نيت ڪريان ٿو وضوء جي....
پاڪائي آڻڻ لاء، پليتي وڃائڻ لاء.
(لفظ ٻيا ٿي سگهن ٿا، مقصد اهو ئي هوندو آهي).
يعني پرينء جي ملڻ سان پاڪائي اچي وڃي.
ڄڻ ته پرينء جو ملڻ هن شاعر جي نظر ۾ هڪ وضو آهي)
هو جيڪي کير پيئڻ وارا (وَڇون ۽ ڪونها) انهن وٽ آهن،
(ميهار وٽ آهي) وڃي ٿي ته هيء عورت پاڪ ٿيو وڃي.
هيء تمام وڏي ڳالهه آهي، ڪٿي ڪي لائينون (لمٽس) ڪراس ٿين ٿيون.
وضو ڪرڻ هر مذهب ۾ آهي،
ڪا به عبادت ڪرڻ کان اڳ پاڻيء سان وضو ڪبو آهي،
(هر مذهب، هر فرقي جو طريقو مختلف آهي)
عبادت شروع ڪرڻ کان اڳ وضو تمام ضروري آهي.
ٻيو شعر آهي ته،
ساهڙ کان سواء سهڻي اڌوتي، (يعني ڌوتل نه هجڻ) آهي،
ڌوتل ناهي،
جيڪو ڪنڍيون ڪاهي ٿو (ميهار) ان وٽ وڃي هيء عورت پاڪ ٿئي ٿي.
هڪ شعر ٻيو پڙهو،
ساهڙ ڌارا سهڻي، هي تان جنبي جوء
هن پاڻيء سين پنهنجو، مٿو مور نه ڌوء،
جي پرينء پاسي هوء، ته ڪر توڏيء تڙ ڪيو.
ساهڙ، ميهر کان سواء سهڻي جنبي، مٿي ميري، ناپاڪ، گندي، گدلي آهي،
سهڻي جيڪڏهن ڏم وٽ، ان پاڻي هوندي مٿي ميري آهي، ناپاڪ آهي ته ڇا پوء به ان کي ان ئي پاڻي سان پنهنجو مٿو ڌوئڻ گهرجي؟
جواب آهي ته نه،
ته پوء سهڻي ميهر وٽ، پنهنجي ساه واري وٽ، پنهنجي ساهڙ وٽ ويندي، اتي موجود پاڻيء سان مٿو ڌوئيندي ته پاڪ ٿيندي نه.....
هن جو منهن ڏسڻ سان سڀ ناپاڪيون ختم،
پاڪ ئي پاڪ،
پيرن کان مٿي تائين.
* * * * *
ساهڙ ڌارا سهڻي، هيء تان جهڪي زال،
توڏيء تپ شروع ٿيو، هيء هيڻي جي حال،
جڏي ريء جمال، اگهي ٿي آهون ڪري.
ميهر کان سواء سهڻي، هيء زال، هيء عورت جهڪي، جهڪيل، ڪٻي ٿيل، درد ورتل، هيڻي، بي دلي آهي.......
سنڌيء ۾ چوندا آهن ته ڀڳيء ٻانهن سان ڪم ٿيندو آهي،
ڪم ڪري سگهبو آهي
............پر ڀڳيء دل سان ڪم ڪونه ٿيندو آهي (اوهان به پڪ سان مشاهدو ڪيو هوندو ته شوق سان ٿيندڙ ڪم ۾ خوبصورتي، اڪلاء هوندو آهي پر ڀڳيء دل سان، زبردستي واري ڪم ۾ نه ته اڪلاء هوندو آهي ۽ نه ئي وري ان ۾ ڪا خوبصورتي هوندي آهي)
ساڳي ئي صورتحال کي لطيف سائين هنن لفظن ۾ ٿو چِٽي ته سهڻي ڏم وٽ ڀڳل دل سان موجود رهي ٿي، بي دلي موجود رهي ٿي تنهنڪري هيڻي، جهڪي ويل، بي سونهين، ڪٻي ٿيل آهي.
سهڻيء کي تپ، بخار، ٽيئڙ ٿو شروع ٿئي جڏهن ان کي ڏم جي سامهون وڃڻو ٿو پوي ان ڪري ئي هيء هيڻي حال ٿي ان جي سامهون وڃي ٿي، ان وٽ پنهنجي موجودگي رکي ٿي......
جڏي ريء جمال، هوء سونهن، جمال کان سواء آهي پرينء کان سواء،
هي جملو ڏاڍو دلچسپ آهي اچو ته ٿورو ان تي غور ڪريون.
ڇا پرينء کان سواء سونهن ڪنهن ڪم جي آهي؟
اچو ته ان تي ٿورو غور ڪريون،
گهونگهٽ ڪي آڙ سي دلبر ڪا ديدار اڌورا رهتا هي
جب تڪ نه پڙي عاشق ڪي نظر، سينگار اڌورا رهتا هي....
ڇا مٿي چيل هڪ انڊين گيت جون هي سٽون سچ آهي،
پر سلام ڪريو ان شاعر کي جنهن ٽي سو سال اڳ چيو ته
ساهڙ جا سينگار متان ڏم ڏيکارئين.
سلسلو جاري رکو..........
............. پرين جيسين نظر نه وجهي ته سينگار ئي اڌورا.......
.............سينگار ڇو ڪيو ويندو آهي،
پنهنجي سونهن جي نکار لاء.............؟
ته پوء سونهن ۽ سينگار پرين نه ڏسي ته...................؟
ته پوء.........................
ڇا سونهن ۽ سينگار پرين جي امانت آهي؟
جيڪڏهن ها،،،
ته پوء امانت ڪنهن حقدار وٽ نه پهچي ته...........؟
خيانت..............
هاڻي ته ڳالهه واضع ٿيڻ گهرجي.
* * * * *
ساهڙ ڌارا سهڻي، آهي ۾ آزار،
ڏم پاسي ۾ ڏکندو، صحت وٽ سنگهار،
توڏيء سندي تن جي، دوا ۾ ديدار،
جي پسي منهن ميهار، ته سگهيائي سگهي ٿئي.

ساهڙ کانسواء سهڻي آزار ۾ آهي،
ڏک، تڪليف، پيڙا ۾ آهي،
(هي غور سان پڙهجو جملو)
ڏم جيڪڏهن پاسي ۾ آهي ته پاسو ڏکي ٿو،
اوهان ڪڏهن نئون بوٽ ضرور ورتو هوندو،
نئين بوٽ ۾ پير جيڪڏهن صحيح طرح سان ايڊجسٽ نه ٿيندو آهي
۽ پير ۾ لڳل ڪو سخت چمڙي جو ٽڪر، ڪوڪو، بڪل وغيره ٿورو پنهنجي جڳهه کان ٿڙيل هوندو آهي ته پير ۾ لف ٿي پوندي آهي ۽ وڌيڪ گهمڻ سان اهو وڌيڪ ڏکندو آهي.
سهڻي چوي ٿي ته ڏم جيڪڏهن پاسي ۾ آهي ته اهو ڏکي ٿو،
مونکي ڪنهن پير ۾ پيل لف وانگر گهمڻ، سمهڻ نه ٿو ڏئي،
ان جو وجود منهنجي وجود سان ٺهڪي، ايڊجسٽ نه ٿو ٿئي،
ان جو وجود منهنجي وجود جو ضد ٿي بيٺو آهي،
ضد ڪڏهن پاڻ ۾ ٺهيا آهن؟
يعني جيترو وقت مان ان جي ويجهو،
جيترو وقت ان سان گڏ سمهان ٿي،
تڪليف م آهيان
آخري ڳالهه ته ڏم هڪ لف آهي،
منهنجي وجود تي هڪ وار آهي
منهنجي وجود کي لڳل هڪ بيماري آهي،
ڏم جيڪو مونکي مسلسل ڏکوئي ٿو.
پر ان جي مقابلي ۾ ساهڙ،
منهنجي پسند جو انسان،
منهنجي چونڊ،
منهنجو انتخاب،
مون مٿان نه مڙهيل،
مون پاران پاڻ ڪيل انتخاب،
منهنجي لاء صحت آهي
سڪون آهي،
بلڪل ائين جيئن لف ڪندڙ بوٽ لاهڻ کان پوء سڪون اچي ويندو آهي.
توڏيء جو تن،
سهڻي جو سڊول بت،
سهڻي جو سهڻو بت،
سهڻيء جي سهڻي باڊيء جو علاج اهو آهي ته اهو ساهڙ سان ملي،
ان جو ديدار ئي هن بت ۾ اهڙي توانائي جي لهر اڀاريندو،
هن کي ڏسي ئي اندر ٺري پوندو،
اندر منجهان هڪ اهڙي تحريڪ اڀرندي جيڪا سموري بت کي واسي ڇڏيندي،
(هتي هڪ ڳالهه ڪنداسين........
اوهان ڪڏهن پنهنجي ذات يعني، اوهان جي جسم جا هارڊ ويئر ۽ سافٽ ويئرن تي غور ڪيو آهي ته اهي ڪيئن ٿا ڪم ڪن؟
اوهان ننڊ پيا آهيو، ڪو مڇر، ڪا مک اوهان مٿان ويهي ٿو،
ڏنگ هڻي ٿو،
اوهان جو ڪو دوست مزاق ۾ اوهان مٿان هڪ ڪک رکي ان کي حرڪت ڏئي ٿو،
اوهان محسوس ڪريو ٿا ته ڪو ساهوارو اوهان جي جسم تي گهمي رهيو آهي.
يڪدم، غير ارادي طور تي اوهان جو هٿ ان جڳهه تي پهچي ٿو،
ان جڳهه کي ان مڇر، مک کان محفوظ ڪرڻ لاء ڪجهه نه ڪجهه ڪري ٿو.
اهو عمل اوهان ننڊ ئي ننڊ ۾ ڪريو ٿا.
اچو ته ان عمل جو پيرو کڻون،
پير جي آڱوٺي جي چوٽيء تي مڇر ويٺو،
جسم ۾ بجليء جي تارن وانگر وڇايل اسان جي بت جو تنتي سرشتو حرڪت ۾ اچي ويو، ان آڱوٺي جي چوٽيء تي لڳل تنتي سرشتي جي هڪ تند هڪ پيغام ٺاهيو،
اهو پيغام پهچائيندڙ تندن جي حوالي ٿيو،
جيڪو اسان جي باڊيء جي ڪنٽرول روم يعني دماغ تائين پهتو،
ان ڪنٽرول روم لاء اسان جي جسم جي حفاظت لاء مقرر عضون يعني هٿن کي حادثي واري هنڌ موڪليو ويو،
انهن حفاظتي ڪم ڪري اسان جي باڊيء مٿان ٿيندڙ حملي کي ناڪام بنايو.
اوهان کٽاڻ ڏٺي،
فاروان يا ڪا اهڙي کٽي شيء ڏٺي،
ڪنهن کي کائيندي ڏٺي،
ياد اچي ويئي اوهان کي.
ڇا ٿيندو؟؟؟
اوهان جي اندر ۾ ان کي کائڻ لاء تمنا اٿندي/جنم وٺندي.
اها تمنا تنتي سرشتي تحت هڪ پيغام ڊرافٽ ڪندي/ٺاهيندي،
اهو پيغام ڪنٽرول روم يعني دماغ ڏانهن ويندو،
ڪنٽرول روم مان ان مطابق آرڊر جاري ٿيندا،
اهي آرڊر هاضمي جي سرشتي ڏانهن ويندا،
اتان وري زبان لاء اهڙي ذائقي جي تياريء جا آرڊر جاري ٿيندا.
ڇا کاڌو ڏسڻ ۽ ان جو تصور ايندي ئي بک وڌي ڪونه ويندي آهي؟
ڇا هر قسم جو کاڌو ڏسڻ ۽ تصور ڪرڻ سان هڪ جيتري بک وڌندي (کائڻ جي خواهش وڌندي؟)
جواب آهي ته ڪونه.
ڇا ڪوبه کاڌو ٻيو ڪو کائي رهيو آهي ۽ اسان کي اتان ملڻ جي ڪا اميد ڪونهي،
اسان جو هڪ گهرو دوست کاڌو کائي رهيو آهي، اتان اسان کي صلاح جي اميد آهي،
اسان کي ڪجهه ملڻ جي اميد آهي.......... ته ڇا ٻنهي صورتن ۾ ساڳي ئي بک جي پوزيشن بيهندي؟
ڇا پرين ڏسڻ سان پرينء سان ملڻ جي سڪ (بک) ڪونه وڌندي آهي......
اچو هن سپريم ڪورٽ کان فتوى وٺي پوء هن بحث کي ختم ڪريون...
” جان جان پسن پرينء کي، تان تان نشا نينهن جا“
اوهان ڪنهن روڊ رستي سان وڃي رهيا آهيو،
اتي رڪجو، هڪ ڳالهه ٻي سمجهون ته پوء ٿا اڳتي وڌون.
اوهان ڪڏهن ڪنهن ماڻهوء کي ڏٺو،
اوهان کي لڳي ٿو ته هي چهرو سڃاڻپ وارو آهي، ڏٺل آهي....
پر ياد نه ٿو اچي ته ڪٿي؟
اوهان ذهن تي زور ڏيو ٿا،
ڪڏهن ڪامياب ٿيو ٿا
ڪڏهن ناڪام..........
(سنڌ جي هڪ تمام وڏي اديب محترم نجم عباسي صاحب جيڪو هڪ ڊاڪٽر هو تنهن پنهنجي ڪلينڪ تي لکرائي ڇڏيو هو ته جيڪڏهن تعارف ٿيل آهي به تعارف ٻيهر ڪرايو، جنهن جو مقصد هو ته ڪڏهن ڪڏهن هڪ ته ٻئي کي ياد رهندو آهي پر ٻئي کي هو ياد ڪونه رهندو آهي)
ٿيندو هن ريت آهي،
سکڻ يعني لرننگ جا چار ڏاڪا آهن
سکڻ................. لرننگ
ياد ڪرڻ، محفوظ ڪرڻ...........رٽينشن
دهرائڻ..........ريڪال ڪرڻ
سکيل شيء کي دهرائڻ سان ڀيٽڻ............ريڪگنيشن
هي سڀ عمل ۽ ٻيا اهڙي قسم جا عمل، اهڙيء ريت ٿين ٿا جو اوهان کي خبر ئي ڪونه ٿي پوي.
انساني جسم جو هڪ آٽوميٽڪ سسٽم آهي جيڪو ڪم ڪري ٿو جنهن جي سموري عمل جي خبر ڪونه ٿي رهي.
هاڻي اچو ته پنهنجي مقصد طرف هلون....
اوهان رستي ويندي ڪو سهڻو، خوبصورت چهرو ڏٺو،
پڪ سان اوهان جي اندر ۾ ڪي جذبا جنم وٺندا......
اوهان رستي ويندي ڪو سهڻو/خوبصورت/سيڪسي چهرو ڏٺو،
(سيڪس کي عيب نه سمجهو، اڳتي وڌو)
( ڇا برقعي ۾ بند، صرف ڪپڙن، بت تي ٽائيٽ ڪپڙا پهريل، ڪپڙن ۾ ڪٿان ڪٿان نظر ايندڙ سج جهڙو بت ڏيکاريندڙ ڪپڙا پهريل عورت ڏسڻ سان ساڳيا جذبا جنم وٺندا آهن؟ جواب ڏيئي پوء اڳتي وڌو)
شعر ٻيهر پڙهو ۽ جتان سلسلو ٽٽو هو، اتان شروع ڪريو.....

ساهڙ ڌارا سهڻي، آهي ۾ آزار،
ڏم پاسي ۾ ڏکندو، صحت وٽ سنگهار،
توڏيء سندي تن جي، دوا ۾ ديدار،
جي پسي منهن ميهار، ته سگهيائي سگهي ٿئي.

جيڪڏهن سهڻي ميهار جو منهن ڏسي،
پنهنجي پسند جو منهن ڏسي،
(هتي هڪ سوال اوهان پاڻ کان پڇو)
اوهان هڪ اهڙي معاشري ۾ رهو ٿا جتي هر روڊ سان وڏن وڏن وڻن جا سلسلا آهن،
اتي خوبصورت چهرا اوهان کي ڏسڻ لاء ملن ٿا،
آفيس ۾ ڪي خوبصورت چهرا اوهان سان ڪم ڪندڙ آهن،
روڊن تي ٻنهي طرفن کان گل ئي گل آهن،
سونهن جون سينهريون آهن،
اوهان جا خيال ۽ جذبا ڪهڙا هوندا؟
اوهان جي تربيت ڪهڙي ٿيندي؟
ڇا يورپين ماڻهن، جن کي وڙهڻ به ڪونه ٿو اچي،
ڪميڻائپون ڪرڻ ڪونه ٿيون اچن،
(حڪمران ٽولي کي ڇڏيو، اسين ڳالهه ٿا ڪريون عام ماڻهوء جي،
اڄ جي يورپ جي ماڻهوء جي تربيت ۾ بيٿوون جون ڌنون شامل ڪونه آهن؟)
موزارٽ جون ڌنون شامل ڪونه آهن؟
هاڻي اچو اوهان ٻئي معاشري ڏانهن....
ناليون اٿليل آهن،
هر گهٽيء مان لنگهڻ وقت نڪ تي رومال رکڻو ٿو پوي،
روڊ ڀڳل آهن، پٿر نڪتل روڊ؟
وڻ روزانو پيا وڍجن،
چوريون، ڦرون، ڌاڙا عام آهن،
قتل ڪا وڏي ڳالهه ڪونهي،

سهڻي-5 : بغاوت جو نئون انداز

اچو ڪجهه شعر پڙهون، پوء ٿا گڏيل بحث ڪريون.
وه تک واهڙ تک، جت نينهن تک نرالي،
جن کي عشق عميق جو، سي خلوت خيالي،
وارئين سي والي، هينئڙو جنين هٿ ڪيو.

واه تکو ٿو وهي،
وڏو واه اڃان تکو آهي،
نينهن (عشق) جي تک (تکو وهڪرو) نرالي آهي،
جن کي عشق عميق جو.................،
(اصل ڳالهه هتي آهي، عميق جو مطلب آهي،
گهرائي،
اونهائي،
اندر گهڙي وڃڻ،
ڳالهه جي تهه تائين پهچڻ)
يعني جيڪي ڳالهه کي ان جي اصلي انداز سان سمجهن ٿا، (عربيء ۾ هڪ جملو چيو ويندو آهي، ڪما حق هو، يعني ان جو جيترو حق آهي)
عشق جو ڪيترو حق آهي.........،
پرين تان سموري دنيا گهوري ڇڏجي ته به ٿوري!!
ماني، فروٽ، شربت، سڀ مان ڍوُ ٿي سگهي ٿو،
پرين مان ڍوُ ٿي وڃي، اهو ممڪن آهي!؟
نه ڪڏهن به نه،

هڪ موت مئي جو ڀوُ سهڻا
ٻيو تومان نه ٿو ٿئي ڍوُ سهڻا


واهڙ وهن نوان، اڃان وه اڳي ٿيو،
گهر ويٺي گهڻا ڪريو، سرتيون سڱ سنوان
صورت جا ساهڙ جي، سا جي ڏٺو آن،
هُندَ نه پليو مان، گهڙو سڀ گهڙکڻي.

واهڙ نوان نوان وهن ٿا پر وڏو وهڪرو اڳي آهي،
گهر ويٺي ڪيتريون ئي پنهنجي پرينء سان سڱ سنوان ڪن ٿيون،
پنهنجي ليکي نڀاه ڪن ٿيون،
پاڻ کي مطمئن ڪرڻ لاء نوان نوان دليل گهڙين ٿيون،
پاڻ کي دوکي ۾ رکن ٿيون،
جدوجهد کان فرار اختيار ڪري پاڻ کي ان کان پاسيرو رکن ٿيون،
پر جيڪڏهن اوهان پرينء جي صورت ڏسو، پنهنجي مرضيء سان جيئڻ سکو، پنهنجي پسند جي پرينء سان رهڻ جو مزو چکي ڏسو،
ته پوء جيڪر پاڻ کي پلي، پاڻ کي ڪوڙن دليلن سان مطمئن ڪري، پاڻ کي پلي نه ڇڏيو ۽ اوهين سڀ گهڙا کڻي گهڙي پئو.

* * * * *
انڌيء وڇون، ڪنڌي وڇون، تنگئان لهي نه تک،
صورت جا ساهڙ ڄام جي، ڏيل پنهنجي ڏک،
واهڙ تنين وک، جنين سانڀارا سپرين.
درياء جو وهڪرو تمام گهڻو هجڻ ڪري، خاص ڪري جتي درياء تنگ، سوڙهو آهي اتي وهڪرو حد کان وڌيڪ تکو آهي جنهنڪري وڇون، مينهنون درياء جي وچ ۾ وڃڻ کان لهرائين ٿيون ۽ ڪناري تي ئي گذارو ڪن ٿيون. ايتري وڏي وهڪري هوندي به پرينء جي صورت جڏهن عاشقن جي اکين اڳيان اچي ٿي ته هن سموري وڏي وهڪري کي به هڪ وک جو پنڌ سمجهن ٿا. جن کي پرين ياد آهي انهن کي وڏا وهڪرا به روڪي ڪونه ٿا سگهن.
* * * * *

ڏٺي جن هيڪار، صورت ساهڙ ڄام جي،
سک ٿي ستيون ڪينڪي ڀري ساڻ ڀتار،
گهڙيون گهڙيان ڌار، ڪاهي پيون ڪن ۾.

جن پرين جي صورت ڏٺي آهي اهي پنهنجي مٿان ٿاڦيل مڙس سان گڏ ڪونه ٿيون سمجهن ۽ بغير ڪنهن گهڙي جي ئي گهڙي پون ٿيون، ان دل جي مالڪ سان ملڻ لاء
* * * * *
ساهڙ مون جيئن سرتيون، جي ڏسو سڀيئي،
ته سمهو ڪين سک ٿي، پاسو ور ڏيئي،
منها اڳيئي گهڙو سڀ گهڙا کڻي.

مون وانگر جيڪڏهن اوهين پرينء جي صورت ڏسو ته پرينء سان پاسو ڏيئي ڪونه سمهو ۽ مون کان اڳ ئي اوهين سڀ گهڙا کڻي گهڙي پئو.

* * * * *
جيڪين ڏٺو مان، سو جي ڏٺو جيڏئين،
گهر ورنين سان، هند گهڻن ئي گهوري ڇڏيا.

جيڪو مون ڏٺو آهي، جيڪڏهن اهو سڀ اوهين به ڏسو ته گهر پنهنجي ور سميت گهڻن ئي گهوري ڇڏيا.
گهر گهورڻ،
پر ان جو ڇا مطلب ته گهر سان گڏ ور گهورڻ.
گهوري ڦٽي ڪرڻ.
دنيا جي هر مذهب پنهنجي نڪاحي مڙس سان وفاداريء جو سبق ڏنو آهي هر نڪاحي زال کي.
پتيء جي پريم ۾ هر دم گذارڻ نار کي گهرجي.....ڀڳت ڪنور رام جو ڳايل هڪ گيت.
مرد هميشهه اهڙين مذهبي ڳالهين جي وضاحت ڪندو رهيو آهي معاشري ۾.
جيئن ڪنهن کي ڪنهن به قسم جي غير وفاداري/بغاوت ذهن ۾ به نه اچي،
ان جي هر هنڌ پچار به ڪندو رهيو آهي
ته زوريء ان تي (عورتن تي) تشدد ڪري ان جو نفاذ به ڪندو رهيو آهي.
اهڙيء روش جي نتيجي ۾ هڪ غير تحريري قانوني حق ڏنو آهي پاڻ کي مرد ته،
هو فيصلي ڪرڻ جو اختيار رکندڙ، واحد فرد آهي.
ان جي ڳالهه آخري آهي،
مرضي پويس ته عورت کي گڏ رکي،
مرضي پويس ته ان کان علحدگي اختيار ڪري
اها ڳالهه سمجهڻ جهڙي آهي تنهنڪري ان تي وڌيڪ ڪجهه ڪونه ٿا لکون.

* * * * *

سهڻي ڀيٽ ڪري ٿي،
پنهنجي ساهيڙين کي ڀيٽ ڪري ٻڌائي ٿي،
ته جيڪڏهن اوهان به پنهنجي لاء ٻين پاران ڪيل انتخاب،
پنهنجي مٿان مڙهيل ماڻهوء،
زوري حالتن تحت قبوليل ماڻهوء (جيڪو پوء پرين بڻيو/نه بڻيو)،
جنهن جي پرين بنجڻ ۾ حالتن جو عمل دخل آهي،
حالتن جي عمل دخل ۾ سوچ جو عمل دخل هوندو آهي،
سوچڻ دماغي ڪم آهي،
پيار دلي ڪم آهي،
دماغ جو پيار ۽ پياري جي انتخاب ۾ ڪو به عمل دخل نه هوندو آهي،
پيار جي تحريڪ دل مان جنم وٺندي آهي.
هڪ سوال اوهان کان،
پيار فطري آهي يا نه؟
فطري پيار دل مان جنم وٺندڙ آهي.
دماغ مان جنم وٺندڙ پيار فطري ڪونهي
ته پوء پيار جو غير فطري طريقو قبول ڪرڻ گهرجي؟
جواب آهي ته نه،
ته پوء اوهان به مون وانگر گهڙو سڀ گهڙا کڻي.
اچو هي شعر ۽ اهڙا ٻيا شعر ٻيهر پڙهون ۽ اڳتي وڌون.

جيڏيون ڏٺيان جي صورت ساهڙ ڄام جي،
سک ٿي ستيون ڪينڪي، ڪانڌن پاسي ڪي،
منهان ئي اڳي، گهڙو سڀ گهڙا کڻي.
*****
واهڙ وهن نوان، اڃان وه اڳي ٿيو،
گهر ويٺي گهڻا ڪريو، سرتيون سڱ سنوان
صورت جا ساهڙ جي، سا جي ڏٺو آن،
هُندَ نه پليو مان، گهڙو سڀ گهڙکڻي.
*****
انڌيء وڇون، ڪنڌي وڇون، تنگئان لهي نه تک،
صورت جا ساهڙ ڄام جي، ڏيل پنهنجي ڏک،
واهڙ تنين وک، جنين سانڀارا سپرين.
*****
ڏٺي جن هيڪار، صورت ساهڙ ڄام جي،
سک ٿي ستيون ڪينڪي ڀري ساڻ ڀتار،
گهڙيون گهڙيان ڌار، ڪاهي پيون ڪن ۾.

سهڻي-6 : سهڻيء جي همت افزائي

سهڻيء جي سونهن ته لطيف سائين ڪونه ڏٺي هئي پر اها ڳالهه پڪ سان چئي سگهجي ٿي ته هي مهان شاعر سهڻيء جي ڪردار جو وڏو عاشق آهي.
سندس تصوير تصور ڪري ٿو هي عاشق.
پنهنجي هن محبوب ڪردار کي من ئي من ۾ پوڄي ٿو ۽ ان سان ڳالهيون ٿو ڪري.
.........پر ڇو؟
اچو هڪ ننڍڙي ڳالهه ڪريون.
پيار ڪنهن سان به ڇو ٿو ٿئي؟
هن ۾ ۽ مون ۾ ڪيتريون ئي هڪ جهڙايون آهن.
هي منهنجي عزت ڪري ٿو/ ڪري ٿي،
هي منهنجو خيال رکي ٿو/ رکي ٿي،
هي مون کي ڏسي خوشي محسوس ڪري ٿو/ ڪري ٿي،
هي مون کي خوش ڏسڻ ٿو چاهي/ڏسڻ چاهي ٿي،
مان هن کي ويجهو ڏسي خوش ٿيان ٿي/ ٿيان ٿو،
هو منهنجو آهي/ منهنجي آهي،
مان هن جو آهيان/ هن جي آهيان،
هو مون سان پيار ڪري ٿو/پيار ڪري ٿي،
هو منهنجو مڙس آهي،
هوء منهنجي زال آهي،
هو منهنجي ٻارن جو پيء آهي،
هوء منهنجي ٻارن جي ماء آهي،
هو منهنجو ڊپينڊنٽ آهي،
هوء منهنجي ڊپينڊنٽ آهي،
هاڻي هن عمر ۾ مان هن جو سهارو آهيان،
هوء منهنجو سهارو آهي،
هاڻي مون کي ڪوبه ڪونه قبوليندو.
..........................................
سهڻيء ۾ ۽ لطيف ۾ ڪهڙيون هڪ جهڙايون آهن؟
ٻيئي باغي آهن هن سماج جا،
هن سماج جي گندين رسمن جا،
گسيل پيٺل قانونن جا،
ڌپ ڪري ويل سماج جا،
پيار تي پهرن جا،
انسان جي انسان مٿان حڪم هلائڻ جا،
پنهنجي مٿان يا ڪنهن ٻئي مٿان مڙهيل پيار جا،
پنهنجي مٿان يا ڪنهن ٻئي مٿان مڙهيل ماڻهوء جا،
زوريء “ها“ ڪرائڻ جا.
پيار مٿان پابنديون مڙهڻ جا،
عشق ۾ انتها پسندي ته ڪو هن کان سکي،
انتها تي وڃڻ ته ڪو هن کان سکي،
آخري حد تائين وڃڻ ته ڪو هن کان سکي،
حدون ختم ڪرڻ ته ڪو هن کان سکي،
پاتال تائين پهچڻ ته ڪو هن کان سکي،
ستين آسمان کي ڇهڻ ته ڪو هن کان سکي
عشق ۽ حسن جي وچ ۾ ديوارون ڪيرائڻ ته ڪو هن کان سکي،
سڀ پردا چاڪ ڪرڻ ته ڪو هن کان سکي،
پردا ليڙون ليڙون ڪرڻ ته ڪو هن کان سکي،
چئن اکين جي وچان سڀ مفاصلا ختم ڪرڻ ته ڪو هن کان سکي،
چئن چپن وچ ۾ حائل سڀ ديوارون ڪيرائڻ ته ڪو هن کان سکي،
ٻن ساهن کي هڪ ڪرڻ ته ڪو هن کان سکي،
ٻن ساهن جي آڪسيجن کي پيار ۾ تبديل ڪرڻ ته ڪو هن کان سکي،
ٻن جسمن کي هڪ قالب جو روپ ڏيڻ ته ڪو هن کان سکي،
..............اچو هڪ ڳالهه جيڪا اسان کي سوچڻ گهرجي ان تي ڪي گهڙيون ويچار ڪريون.
اوهان اسان من مست سهڻي ڏٺي آهي؟
سهڻيء واتان چوندي ڪجهه ٻڌو آهي؟
اوهان اسان نماڻي سسئي ڏٺي آهي؟
سسئيء واتان چوندي ڪجهه ٻڌو آهي؟
اوهان اسان نياز نوڙت واري نوري ڏٺي آهي؟
نوريء واتان چوندي ڪجهه ٻڌو آهي؟
اوهان اسان مٽيء جي عاشق مارئي ڏٺي آهي؟
مارئيء واتان چوندي ڪجهه ٻڌو آهي؟
اوهان اسان مڙس وٽ پاڻ وڻائڻ لاء ڪجهه به ڪندڙ ليلا ڏٺي آهي؟
ليلا واتان چوندي ڪجهه ٻڌو آهي؟
اوهان اسان من موهڻي مومل ڏٺي آهي؟
مومل واتان چوندي ڪجهه ٻڌو آهي؟
اوهان اسان سچي سهاڳڻ سورٺ ڏٺي آهي؟
سورٺ واتان چوندي ڪجهه ٻڌو آهي؟
نه........... !!؟؟
ته پوء هي انسان ئي ته سهڻي آهي،
هي انسان ئي ته سسئي آهي،
هي انسان ئي ته نوري آهي،
هي انسان ئي ته مارئي آهي،
هي انسان ئي ته ليلا آهي،
هي انسان ئي ته مومل آهي،
هي انسان ئي ته سورٺ آهي،
ڀلا هيئن ڇو نه سمجهون....
مومل جو شعاعن ڀريو ٻرندڙ منهن (چهرو) کڻو،
مينڌري لاء سندس ڏيئا تيل ڦليل جا ٻاري انتظار ڪرڻ کڻو،
سهڻيء جي تن ۾ لڳل عشق جي باه کڻو،
ان جي پورائي لاء همت کڻو،
سسئيء جي نماڻائي کڻو،
کاهوڙڪو عزم کڻو،
مارئيء جو مٽيء جي مٺ مٺ سان عشق کڻو،
سونا زيور اڪن جي ڦلڙين تان گهوري ڇڏڻ واري سندس ترجيح کڻو،
سورٺ جي سهاڳ کسجڻ جي خوفزده/هيسيل تصوير کڻو،
سر وڍڻ جو پڪو پهه ڪيل ڦوروء اڳيان سندس منٿون ڪرڻ کڻو،
نوريء جي نوڙت کڻو،
پنهنجي صورت اڳيان مجبور ڪيل وقت جي بادشاه پاران مڇي مارڻ وارو تصور کڻو،
ليلا پاران مڙس کي هڪ رات لاء وڪڻي بدلي ۾ ورتل هار کڻي ڳچيء ۾ پائي ناز ڀري نظر وارو نور ڀريل چهرو کڻو،
ليلا جو پنهنجي ور کي پاڻ وڻائڻ لاء ڪيل غلطيء واري احساساتي تصوير کڻو،
انهن سڀني کي هڪ شيڪر مشين ۾ وجهي، هڪ انسان ٺاهيو،
ٻڌايو ته اهو ڪير ٺهندو،
ڇا اهو لطيف پاڻ نه هوندو؟
هي عشق جو انتها پسند،
انتها تائين ويندڙ،
عشق جو مائونٽ ايوريسٽ سر ڪندڙ،
لطيف نه هوندو!؟
جنهن جا عشق جي ستين آسمان کان مٿي به پر نه ٿا سڙن،
هي ٻن جسمن جي وچ ۾ تر جيتري وٿي به ڏسي ڪونه ٿو سگهي،
هاڻي وڃي ايڪويهين صديء ۾ ان وٿيء جي ڀرائيء لاء انتها تائين وڃڻ جون شاعريون ٿيون آهن.
عشق جو هي خودڪش،
ڦول بهي درميان هوئي تو فاصلي هوئي،
يعني ٻن جسمن جي وچ ۾ ڪو گل هجي ته به ان کي مفاصلو سمجهبو،
وٿي سمجهبي
اها وٿي مٽجڻ گهرجي،
اهو فاصلو ختم ٿيڻ گهرجي.
آ سيني نال لگ جا ٺا ڪر ڪي
سيني سان ائين لڳ جو ٻن جسمن جي ملڻ جو آواز اچي،
ٺا، ٺڪاء جو آواز اچي،
دنيا کي خبر پوي ته ٻه جسم مليا آهن،
ڇا جي لڄ !!؟؟
آ سجنا ائنج مليي جيوين ٽچ بٽڻان دي جوڙي....
”هڪ تجويز آهي ته اسان، تون ۽ مان، ائين ملون جيئن ٽچ بٽڻن جي جوڙي ملندي آهي،
هڪ ٻئي جي اندر ويندو هليو“،
ٻيئي هڪ ٿي ويندا،
جيسيتائين ڇڪي ڌار نه ڪجي،
تيسيتائين گڏ هوندا.

سهڻي-7

هڪ نرالو شعر

دائم جا درياء ۾، سا مڇي ڪني ڪوه،
آهيس اي اندوه، ته پاڻي ڪٿي پيئان.
*****
دائم جا درياء ۾، سا مڇي ڪني ڪوه،
آهيس اي اندوه، پاڻي ڪٿي ته پيئان.
(هي ٻيئي پڙهڻيون آهن)

هي هڪ انوکو شعر آهي، بلڪل ئي نرالو شعر.
اها به پڪ سمجهو ته اهڙي ڳالهه ڪنهن ٻئي ڪونه ڪئي لطيف سائين کان اڳ.
اچو اڳ ۾ هن شعر جي معنى سمجهون، پوء ٿا ان جي تشريح ۽ سمجهاڻيء تي اچون،
جيڪا مڇي سمورو وقت پاڻيء ۾ رهي ٿي، سا مڇي ڪني ڇو آهي، (ڪني ان سينس ۾ ته ان ۾ هڪ نه وڻندڙ ڌپ هجي ٿي)........ ڇو ته ان کي اهو اندوه يعني فڪر/ڳڻتي آهي ته پاڻي ڪٿي پيئان.
پاڻي دنيا ۾ موجود اهڙي شيء آهي جنهن سان گند ڌوپجندو رهيو آهي، اهڙو شرف ڪنهن به تخليق کي نصيب ناهي جهڙو پاڻيء کي.
پاڻي دنيا جا گند ڌوئيندڙ آهي پوء اهو ان مڇيء کي ککي هاڻو، ڌپ هاڻو ڇو ٿو ڪري، ان کي ڌوئي صاف ڇو نه ٿو ڪري.
جيئن مون مٿي عرض ڪيو ته هي هڪ نرالو شعر آهي.
لطيف سائين ايتري ننڍڙي ڳالهه ڪري، اهو ممڪن ڪونهي، لازمي هن شعر جو ڪو وڏو مطلب هوندو.
پهرئين سٽ ۾ سوال آهي، ته مڇي پاڻيء ۾ موجود هجڻ باوجود ڪني ڇو آهي؟
ٻي سٽ ۾ جواب آهي ته ان (مڇيء) کي اها ڳڻتي آهي، فڪر آهي، اندوه آهي ته مان پاڻي ڪٿان پيئان؟
جتي مڇي رهي ٿي اهو واه/درياء/سمنڊ/واهي/واهڙ وغيره آهي جيڪو پاڻيء سان ڀريل آهي، ان ۾ پاڻي گهٽ ۾ گهٽ ايترو ضرور هوندو جو مڇي ٻڏل هجي. ٻڏل نه هوندي ته اها مري ويندي. ٻين لفظن ۾ مڇيء جي چوڌاري پاڻي ئي پاڻي آهي يعني اک ديک تائين پاڻي ئي پاڻي آهي پوء به مڇي ان فيصلي ڪرڻ کان قاصر آهي ته پاڻي ڪٿي پيئي؟
ٻين لفظن ۾، هن ۾ فيصلي ڪرڻ جي صلاحيت ڪونهي. گهڻيون شيون ڏسي هوء وڦلي ٿي، ڪو رستو، ڪو گس وٺڻ لائق ناهي.
اندوه .....غم، ڳڻتي، ارمان، فڪر، سوچ.........
دنيا تي بادشاهي ڪنهن ڪئي آهي؟
اهي ڪهڙين خاصيتن وارا انسان رهيا آهن جن سموري دنيا تي بادشاهي ڪئي آهي؟
ڪنهن خطي تي بادشاهي ڪئي آهي؟
دنيا ۾ ڪيترن ئي قسمن جا ماڻهو رهن ٿا،
هڪڙا اهي آهن جيڪي صحيح وقت تي صحيح فيصلو ڪندا آهن.
ٻيا اهي آهن جيڪي صحيح وقت تي صحيح فيصلو ڪرڻ کان قاصر هوندا آهن.
دنيا جي ڪامياب انسانن جي سوانح حيات/ بائيوگرافيز پڙهڻ کان پوء اسان کي انهن جي ڪامياب زندگيء جو وڏي ۾ وڏو سبب اهو ئي لڳندو آهي ته انهن هر وقت صحيح فيصلا ڪيا آهن يعني انهن ۾ وقت سر فيصلو ڪرڻ جي سگهه ۽ صلاحيت هئي.
هيء هڪ خداداد صلاحيت آهي جيڪا تمام ٿورڙن انسانن ۾ هوندي آهي. مثال طور وڏا وڏا جرنيل، جن جي سامهون موت هوندو آهي، جنگ جي ميدان ۾ فيصلا ڪرڻ لاء ڪي سال، ڪي مهينا، ڪي هفتا، ڪي ڏينهن ايتري تائين جو ڪي ڪلاڪ به ڪونه هوندا آهن پر ڪجهه منٽ/لمحا ملندا آهن. انهن کي وڏا وڏا فيصلا ان ئي هنڌ ان ئي ٽائيم تي ڪرڻا پوندا آهن. اهي فيصلا ڪيترا وڏا هوندا آهن اچو ته تصور ڪريون.
هڪ جرنيل جاسوسي رپورٽن جو مطالعو ڪرڻ کان پوء اهو سوچيو هو ته دشمن اتر کان حملو ڪندو ۽ ان مطابق سموري حڪمت عملي ترتيب ڏني هئي، پنهنجي فوج کي اهڙي قسم جون انسٽرڪشنس ڏنيون هيون پر هاڻي هاڻي جاسوسن رپورٽ ڏني آهي ته دشمن اوچتو ۽ تيز حملو ڏکڻ کان ڪندو حملو ٿوري ئي وقت ۾ شروع ٿيڻ وارو آهي. وقت تمام ٿورو آهي جيڪڏهن صحيح ۽ بروقت فيصلو نه ڪيو ويو ته سموري فوج يا ته مارجي سگهي ٿي يا گرفتار ٿي سگهي ٿي. هن جڳهه تي فيصلي ڪرڻ جي سگهه رکندڙ جرنيل ئي ڪامياب رهندا آهن ۽ فاتح هوندا آهن.
اچو هڪ اهڙي ئي قسم جو فيصلو ۽ ان جا نتيجا ڏسون.
مشهور واقعو آهي ته احد جي جنگ ۾ دنيا جي وڏي ۾ وڏي جرنيل، سپهه سالار اعظم نبي سائين پنهنجي فوج جي ڪجهه سپاهين کي حڪم ڏنو هو ته هتان ( جنگ شروع ٿيڻ وقت پنهنجي فوجن جي صف بندي ڪرڻ وقت نبي سائين جن ڪجهه سپاهين کي حڪم ڏنو هو ته، (ٻن پهاڙين/ٽڪرين جي وچ ۾ هڪ لڪ هو جتان حملي جو خطرو هو) اوهان کي ايسيتائن هٽڻو/پري ناهي ٿيڻو جيسيتائين اوهان کي اهڙي قسم جو حڪم نه ڏنو وڃي).
جنگ شروع ٿي حق جي فتح ٿي ۽ ڪافرن جنگ هارائي. انهن جي فوجن ۾ ڀاڄ پيئي اهي بدحواس ٿي ڀڄڻ لڳا.
ان ٽڪرين جي وچ واري لڪ وٽ بيهاريل فوجين اهو سمجهيو ته مسلمانن جي فتح ٿي آهي ۽ مال غنيمت لٽيو پيو وڃي، تنهنڪري اهي اتان هٽي اچي ميدان جنگ ۾ پهچي مال غنيمت گڏ ڪرڻ لڳا.
دشمن موقعي جو فائدو ورتو ۽ اتان ئي حملو ڪيو، يعني انهن ٻن ٽڪرين جتان نبي سائين جن حڪم فرمايو هو ته هتان ڪنهن به صورت ۾ هٽڻو ناهي جيسين اوهان کي اهڙو حڪم نه ڏنو وڃي.
ان اوچتي حملي مسلمانن کي تمام گهڻو جاني نقصان ڏنو، ايتري تائين جو نبي سائين جن جا ڏند مبارڪ به شهيد ٿي ويا.
دنيا جي تاريخ اهڙن مثالن سان ڀري پيئي آهي ته
جنهن انسان،
جنهن قوم،
جنهن فوج،
جنهن گروه وقتائتا فيصلا ڪونه ڪيا اهي قومون يا ته صفحي هستيء تان مٽجي ويون يا وري مٽجڻ طرف وڃن پيون.
لطيف سائين به اهڙي ئي منظر کي نظر ۾ رکي اهو ڪجهه چيو ته، اها مڇي جيڪا پاڻيء ۾ رهي به اهو فيصلو ڪري ڪونه ٿي سگهي ته پاڻي ڪٿي پيئان، اها مڇي ان جي ڪري ئي ککي هاڻين، ڪني آهي. ان جي ڪني هجڻ جو سبب فيصلو نه ڪري سگهڻ واري خامي آهي.

سهڻي-8

اوهان ڪيترن ئي شاعرن کي پڙهيو هوندو، ڀلي ڀلي جو ڪو ڇيهه ڪونهي.
سموريون ٻوليون ٽمٽار آهن شاهڪار ادب سان،
فارسي شاعري دنيا جي آسمانن تي آفتاب وانگر چمڪي پيئي،
روسي ٻولي !
يوناني!
انگريزي!
اردو!!؟
اهڙا خيال لفظن ۾ پوئيل آهن جو عقل دنگ رهجي وڃي ٿو،
انهن کان ڪو انڪار ڪري سگهي ئي نه ٿو.
اهڙيون ئي قهر جون شاعريون اوهان به پڙهيون هونديون پر هن دوست جا خيال،
ڳالهه ڪرڻ ۽ سمجهائڻ سڀ ڪجهه نرالو آهي.
اچو ڪجهه شعر پڙهون ۽ ته پوء ٿا اڳتي وڌون،

نڪو سنڌو سير جو، نه ڪو سنڌو سڪ
عدد ناه عشق، پڄاڻي پاڻ لهي.
درياء جي سير/وهڪرو،
وچ درياء ۾ پاڻي گهڻو هجڻ ڪري ماپي ڪونه ٿو سگهجي.
معلوم نه ٿو ڪري سگهجي.
ساڳيء طرح عشق جو وهڪرو،
ماپ،
ڪو ليڪو،
سنڌو ڪڍي نه ٿو سگهجي
ڇو ته
عشق انگن اکرن ۾ نه ٿو سمجهائي سگهجي،
عشق انگن اکرن سان ماپي ڪونه ٿو سگهجي،
اڃا اڳتي ته، عشق جي ڪا ماپ آهي ئي ڪونه، ته پوء ٻڌائجي ڇا!؟
هو پنهنجي پڄاڻي پاڻ لهي...
يعني پنهنجو جواب پاڻ ڳولي ٿو

*****
عدد ناه عشق جو، سڻي ٿي ساڻي،
ڪانهي پڄاڻي، مهندان منڌ ميهار جي.
مٿان مٿان ڪجهه سمجهون ٿا، اکرن جي ولوڙ ڪريون ٿا. جڏهن سڀني شعرن جي معنى ٿي چڪي هوندي پوء تشريح ڪنداسين.
عشق جي ماپ انگن اکرن ۾ ڪري نه ٿي سگهجي،
انگن اکرن ۾ اهڙو ڪو نقشو چِٽي ڪونه ٿو سگهجي، ڪا زبان ان کي بيان ڪرڻ کان قاصر آهي، ڪو قلم ان کي لکي سمجهائي سگهڻ کان قاصر آهي، ڪو مصور ان کي برش سان چٽي سگهي ئي نه ٿو......
جو ٻڌڻ وارو ٻڌي ۽ اچي مدد لاء پهچي.

*****
سڪ تنهنجي سپرين، جيئن تران تيئن تار،
تون ئي رهين روح ۾، تون ئي اکيان ٻهار،
پرين تنهنجي پار، مون واجهائيندي ورهيه ٿيا.

ها! هاڻي هڪ وک اڳتي وڌيو آهي شاعر.
اي پرين! تنهنجي سڪ ايتري آهي جو جيئن توڏانهن تري ٿي اچان تيئن وڌي ٿي، ٿوري ڳالهه اها سمجهه ۾ آئي آهي ته سڪ جو ڪا عددي تصوير، ڪا شڪلي تصوير ته ڪونهي باقي ايترو ضرور آهي جو جيئن تنهنجي ويجهو ٿي اچان تيئن اها وڌي ٿي، کٽي ڪونه ٿي.
تون ئي روح ۾ رهين ٿو، تون ئي اکين ۾....
حقيقت ۾ به تون آهين ته نظر نه اچي محسوسات ۾ به تون آهي،
اکيون کولي توکي ڏسي سگهان
اکيون بند ڪري به توکي ڏسي سگهان
ان هوندي به مونکي ائين ٿو لڳي ڄڻ توکي ڏٺي ورهيه ڪي سال ٿي ويا هجن.
عشق جي ماپ مون وٽ بس اها ئي آهي.
عشق جي ماپ تور وري به عشق جي تارازيء سان....
ان کان سواء ٻي نه.
اهو آهي اسان جو لطيف.

*****
سڪ تنهنجي سپرين ڪپي ۽ ڪوري،
سگهان نه چوري، ڏاڍو نيئر نينهن جو.
عشق ڇا آهي، عشق انسان جي جسم کي ڪپي ۽ ڪوري ٿو. اهو جملو هن ئي سائين جو آهي.
عشق انسان کي جسماني ۽ روحاني طور تي اهڙو ته ٻڌي سوگهو ٿو ڪري جو هو چُري پُري ڪونه ٿو سگهي، ڄڻ ڪنهن رسي سان مضبوط ڪري ٻڌل هجي.

*****
سڪ تنهنجي سپرين اندر ٿي اجهل،
ٻرڪيو ٻاهر نڪري، کوري کانئي کل،
ريء سيرائيء سل، مون کي ڏنا سڄڻين.
پرين ته وڏي ڳالهه آهي، ڀلا پرين سان لاڳاپيل شيون وصفجي سگهيون آهن اڄ تائين..!؟
عشق ڇا هي؟
وصف ٿي سگهيو آهي؟
سوين ڳالهيون ڪريو، پر ڳالهه اڃان اتي جو اتي.
پرينء جي سڪ اندر کي اجهل، جهلڻ جهڙو ڪونه،
پڪڙجي سگهڻ جهڙو ڪونه،
هڪ هنڌ ماٺ ڪري، پرينء کان غافل ٿي ويهي رهڻ ڪونه.
اندر مان اڪير نڪري ته ڪنهن جهل/ پڪڙ ۾ اچي ڪو انسان؟
جيئن گرم، اڀاميل پاڻي ٿانوَ مان ٻاهر نڪرندو آهي تيئن هي ساڙيندڙ عشق به منهنجي کل کي ساڙي ٻاهر ٿو نڪري.
ڪاٺيء کي ته سيرائي سان سل، سوراخ، ٽُنگ ڪڍبا آهن پر هي ته مونکي سيرائيء کان سواء سوراخ پيو ڪڍي اهو پرين/ پرينء جو عشق.

*****
سڪ تنهنجي سپرين، اندر ٿي اجهاڳ،
منجهئي ڀريا ماڳ، پلٽيا پاريون ڪري.

اي منهنجي سر جا سائين! تنهنجي سڪ اندر ۾ اجهاڳ آهي، جهاڳي سگهڻ جهڙي ناهي، تمام گهڻي آهي. جيئن درياء ڀرجڻ کان پوء ڪنارن کي ٻوري ڇڏيندو آهي تهڙيء طرح.

*****
ڏٺي ڏينهن ٿيام، ڪهه ڄاڻان ڪيها پرين،
نيڻ ڀرجي نينهن، پلٽيا پاريون ڪري.

*****
ڏٺي ڏينهن ٿيام، ڪهه ڄاڻان ڪيها پرين،
سهسين سجن الهي، واجهائيندي ويام،
تن لئه سال ٿيام، جن ريء ساعت نه سري.
جڏهن اوهان اسان ڪو ماڻهو ڏسون ٿا،
ان جا مهانڊا، منهن اندر ۾ نقش ٿي وڃي ٿو. جيڪڏهن انهن کي روز ڏسون ٿا يا وقت به وقت ڏسون ٿا ته انهن جو چهرو تصور ڪرڻ سان سامهون اچي وڃي ٿو.
پرين جنهن کي ڏسڻ سان اندر ۾ اهو نقشو ڄڻ ته اُڪرجي وڃي ٿو. اڪر ٿي وڃي ٿو پر اهو اڪريل، (ڪور ڪيل/ٿيل) نقش به وقت سان ڌنڌلجي وڃي ٿو.
هڪ ڳالهه مونکي بار بار اوهان سان ڪرڻ گهرجي ته هن انسان کي پڙهڻ وقت اوهان اهو دور، يعني ٽي سو سال پراڻو دور ذهن ۾ رکو ۽ هن کي پڙهو، سمجهو.
اهڙا شعر جيڪي اڄ به ائين ٿو لڳي ته ڪنهن پهريون دفعو چيا آهن ته ڇا ٽي سو سال اڳ واري دور کي تصور ۾ رکي پڙهڻ سان اچرج نه اچڻ گهرجي؟
وقت بي رحم آهي، پيارن جو تصويرون به ڌنڌلايو ڇڏي.
منهنجي مطالعي مطابق، جيئن گهڻن هنڌن ڳالهه ڪئي اٿم ته هيء ڳالهه به هن سائينء ئي ڪئي آهي ته وقت سان اندر ۾ اڪر ٿيل تصوير به ڌنڌلائجي وڃي ٿي.
مون کي پرينء ڏٺي ڏينهن ٿي ويا آهن، يعني عرصو گذري ويو آهي. پرينء ڪيئن هو، هاڻي ته تصور ڌنڌلائجي چڪو آهي.
( اوهان جي ذهن ۾ پڪ سوال آيو هوندو ته پرينء جو چهرو ڪيئن ٿو وسري سگهي. لطيف سائين غلط آهي.
ها لطيف سائين غلط آهي، اهو پرين ڪيئن ٿيو جنهن جو چهرو وسري چڪو هجي......
پر اڳ ۾ به ڪيترا دفعا ڳالهه ٿي آهي ته هي شاعر اوهان جي اندر ۾ اٿندڙ سڀ سوال سمجهندو آهي ۽ ڪوشش ڪندو آهي ته اوهان کي ان جا جواب به ڏئي.
عشق به عجب شيء آهي،
عشق پرين کي ڏسڻ جي حرص جو نالو آهي، يعني ايترو حرص جيڪو پورو ڪونه ٿئي.
جنهن انسان کي ڏسڻ سان لڳي ته ان کي ڏسي سگهڻ جو حق ادا ناهي ٿي رهيو.
جنهن انسان کي ڏسي به لڳي ته ڄڻ ڪو سٺو، وڻندڙ خواب ويٺو ڏسجي،
جنهن انسان کي ڏسڻ سان انسان جا حواس ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏين، ان جو تصور اهڙي جو اهڙو تصور ڪيئن ويهندو.
جيڪو جڏهن ملي ته هڪ سال هڪ پل لڳي،
جيڪو جڏهن وڇڙي ته هڪ پل هڪ سال لڳي،
جنهن انسان کي ڏسڻ کانسواء هڪ پل نه گذري ان کان سواء سال گذري ويا آهن.
ان جو تصور به زماني جي ڏکن ۾ ڌنڌلائجي ٿو.
هڪ دوست اسان سان گڏ لاهور ۾ ٽريننگ ڪندو. اهو خطن جو زمانو هو. يعني موبائيل وغيره ته ڪونه، هڪ پي ٽي سي ايل فون، اها به وڏن وڏن ماڻهن جي گهرن ۾، يعني سڀني جي رسائيء ۾ ڪونه.
هڪ ڏينهن ان ڏانهن ان جي امڙ جو خط آيو، جنهن ۾ هن لکيو هوس ته، تون ڪڏهن ايندين، هاڻي ته ذهن ۾ ويٺل تصوير به ڌنڌلائجي چڪي آهي.

سهڻي-9

سونهن،
جنهن کي نه اڄ تائين ڪا زبان بيان ڪري سگهي آهي،
نه ڪو مصور،
نه ڪو شاعر،
نه ڪو رقص جو انداز،
نه ڪو موسيقيء جو ساز،
نه ڪو موسيقار،.....
ڀلا جيڪڏهن ائين چئجي ته
سموري دنيا ۾ ڳالهايون ويندڙ سموريون زبانون ملي محبوب کي ڪا صورت ڏيئي سگهن ٿيون!؟
ان جي تعريف ڪري سگهن ٿيون؟
مان ته جيڪر هڪ جنم ۾ مصور هجان،
هڪ جنم ۾ شاعر هجان،
هڪ جنم موسيقار،
هڪ جنم ناول نگار،
هڪ جنم ڀڳت،
هڪ جنم ڳائڻو،
پوء سمورن جنمن جي تجربن، لکتن، فنون کي وري هڪ شيڪر مشين ۾ وجهي ان مان ڪا نئين ٻولي ايجاد ڪيان ته به پرينء جي تعريف ڪونه ڪري سگهان.
هي سموريون ڪهڪشائون ملي هڪ ٿين،
هي ڪائناتون هڪ زبان ٿي ڳالهائين ته ڪو اکر اڄهندو انهن کان!؟،
سموريون زبانون هڪ زبان ٿي ڳالهائين،
سڀ دليون هڪ وقت ڌڙڪي ڪو ردم جوڙين،
سڀ ڊڪشنريون ملي هڪ ٿي وڃن، سڀ لفظ کڻي اچن.................
پر، پرين اڳيان ته هيء ڪائنات به گونگي آهي.......
هيء هڪ ڪهڪشان ڇا، سڀ ڪهڪشائون ئي ته پرين اڳيان گونگيون آهن.....
ائين آهي يا ڪونه!؟
جيڪڏهن ائين ئي آهي ته پوء
اهڙي انسان جو ملڻ،
ان جي ملڻ جي اميد،
ان جي ملڻ جو واعدو،
ان سان لاڳاپيل شيون،
ان سان لاڳاپيل يادون،
ڪيتريون حسين هونديون.
ته پوء هي شعر پڙهو؛

لهر مڙوئي لعل، وهڻ کٿوريا وترو
اوٻارا عنبير جا، جر مان اچن جال،
ڪنن گهڙي ڪالهه، سڪ پريان جي سهڻي.
اوهان درياء ڪناري بيٺا آهيو،
پاڻيء جو وهڪرو جاري آهي،
پاڻي وهندي مٿاڇري تي ليول ۾ نه هوندو آهي پر هوا ۽ وهڻ جي رفتار ڪري ان جي مٿاڇري تي لهرون اڀرنديون آهي جن کي وري سج جا ڪرڻا ائين جرڪائيندا آهن جو اهي واقعي به هيرا لعل جواهر لڳندا آهن.
پر سهڻيء وارو وهندڙ پاڻي ته پرينء سان لاڳاپيل آهي.....
تنهنڪري هڪ هڪ لهر لعل آهي،
ان جو وهڻ کٿوري خوشبوء کان وڌيڪ آهي،
درياء وهندي جر مان به اوٻارا ايندا آهن، اهي ته وري عنبير جا آهن.
ان سموري سڪ جي ڪري ئي ائين ٿيو آهي جو سهڻي ڪنن ۾ گهڙي هئي.


جي ٻڏان ته ٻن، اولجان ان پار ڏي،
ڪنڌيء اڀا سپرين مان ٻرٻر ڪن،
ميائي سين تن، جيڪر اٿي نڪران.

اهو بحث به وقت بوقت ڪري آيا آهيون ته عشق پنهنجي وجود ۾ انتها جو نالو آهي،
پرينء سان پيار جي انتها،
هي صاحب وري پرين سان عشق جي بيان ۾ به انتها جو قائل آهي.
سهڻي چوي ٿي ته پرينء جي پياس ۾ ان ڏانهن ويندي درياء ۾ ٻڏي وڃان ته ٻَن پوان، خير آهي....پر ٻڏڻ کانپوء...
(پاڻيء جي خصوصيت آهي ته هو پنهنجي اندر ڪجهه نه رکندو آهي، ان کي ٻاهر مٿاڇري تي آڻي ڇڏيندو آهي. پوء لهرون ان کي لپيٽون هڻي هڻي ڪنڌيء تي آڻينديون آهن)
پوء آخر به ته پرين وٽ پهچنديس ۽ پوء (جيڪڏهن) پڪ آهي ته پرين نالو کڻي،
سهڻي/ منهنجي سهڻي!
چئي پڪاريندو ۽ مان جيئري ٿي پونديس، نڪري پونديس.

سهڻي-10

انوکا شعر، انوکيون ڳالهيون
*****
وڇين سين ويٺي، سور وياڇي سهڻي
آن ڪا ٿي ڏيٺي، مينهن جي ميهار سين.
دنيا جي سڀ کان وڏي ناول نگار (ڪي ٽالسٽاء کي وڏي ۾ وڏو ناول نگار چوندا آهن، ڪي وري دوستووسڪيء کي. مون ٻنهي کي پڙهيو آهي، مان ٽالسٽاء کي ٿورو سرس سمجهندو آهيان، جيڪا صرف ۽ صرف منهنجي راء آهي ان سان متفق ٿيڻ ضروري ڪونهي اوهان پڙهندڙن جو) ٽالسٽاء جي هڪ تمام وڏي ناول اينا ڪرنينا (پڙهندڙن کي گذارش آهي ته مهرباني ڪري اهو ناول ضرور پڙهن). دنيا جي سڀ کان وڏي فلم نگري هالي ووڊ ۾ هن ناول تي اٽڪل هر ڏهن سالن کان فلمون ٺهنديون رهيون آهن.
1913 ۾ جڏهن گونگيون فلمون ٺهڻ شروع ٿيون تڏهن پهرئين فلمن ۾ هن ناول تي ٺهندڙ فلم به شامل هو.
1926 کان پوء جڏهن ٽاڪيز فلمن جو دور شروع ٿيو ته به پهرئين فلمن ۾ هن ناول تي آڌاريل ٺهندڙ فلم شامل هو.
ان کان پوء اٽڪل هر ڏهين سال هن تي آڌاريل فلمون ٺهنديون رهيون آهن.
بي بي سي وارن ته هن تي ڏه ڪلاڪن کان مٿي ٽائيم واري فلم ٺاهي. جنهن کانپوء به ڪيترا فملسازن/ هدايتڪارن چيو ته اسين اڃان هن ناول جو حق ادا ناهي ڪري سگهيا آهيون ۽ پوء به ڪيترا دفعا هن ناول تي آڌاريل فلمون ٺهنديون رهيون آهن.......) جو پهريون جملو آهي........
All Happy Families are alike, every unhappy family is unhappy in its own way
سڀ سُکيا گهراڻا ساڳي طرح/ هڪ جهڙا سکيا هوندا آهن
هر ڏکويل گهراڻي جا ڏک پنهنجا آهن.
جيڪڏهن چئجي ته سک هڪ جهڙا آهن ۽ ڏکن جون ورائٽيز آهن، قسم آهن ته غلط ڪونه ٿيندو.
لطيف سرڪار جي سڀني هيروئنن جا ڏک پنهنجا آهن....
ڪنهن کي ڪهڙا ته ڪنهن کي ڪهڙا....
ڏکن جو هجڻ
ڏکن جو هڪ ٻئي سان سلي سگهڻ
ڏکن جو هجڻ
ڏکن جو ڪنهن ٻئي سان سلي نه سگهڻ
ڏکن جو ڪنهن ٻئي سان سلڻ ۾ وجود جو خطرو هجڻ....
منهنجي حساب ۾ هڪٻئي کان مختلف آهن.
سهڻي ان آخري ڊگريء واري ڏک واري آهي.
روس جي هڪ ٻئي شهزادي اديب چيخوف جي هڪ ڪهاڻي هئي........
ان ڪهاڻيء ۾ هڪ گهوڙو گاڏي هلائيندڙ هوندو آهي
ان جي معاشي حالت ڪا سٺي ڪونه هوندي آهي
ان جي گهر واري دنيا جي هر گهر واريء وانگر کيس چوندي آهي،
فلاڻيء جو مڙس ڏس، ڪيترو ٿو ڪمائي اچي،
گهر ۾ سڀ ڪجهه اٿن..........هڪ تون آهين جو ٿورو ڪمائي موٽي ٿو اچين، گهر جو گذارو به مشڪل ٿئي ٿو.
پردو ٿئي، ٽانگا وڌي ويا آهن، اڳي گهٽ هوندا هئا ته چڱو خاصو ملي ويندو هو
ٻيا ڪيئن ٿا ڪمائي اچن.....................
هي خاموش ٿي وڃي ٿو
لاجواب يا وري تنهن اڳيان ڳالهائڻ، جيڪو سور ۽ ڏک کي ڪونه سمجهي اتي ڳالهائڻ وقت جو زيان سمجي خاموش!؟
ٽانگو ڍڪائي/جوٽي اڏي تي اچي ٿو،
سواري کڻي ٿو،
سواريء وارن سان ڳالهائي ٿو
ملڪ ۾ ڏڪر ٿي ويو آهي،
ٽانگا گهڻا ٿي ويا آهن،
گهر جي پورت مشڪل ٿيندي پيئي وڃي.....
ماڻهو چونس ٿا،
اسان کي دير ٿي ٿئي، اسان کي منزل تي پڄاء.
تون وري ڳالهيون شروع ڪيون آهن..........
هي خاموش ٿي وڃي ٿو.....
رات جو گهوڙي کي کولي ٿو
ان سان ان جي ڪڙه ۾ وڃي ڪچهري ڪري ٿو،
ان کي چوي ٿو تون ته منهنجو ساٿي آهين، تون ئي منهنجي ڳالهين ۽ پوزيشن کي سمجهي سگهين ٿو.
تون ئي ٻڌاء ته منهنجو ڏوه ڪهڙو آهي...........
سهڻي به چوطرف نهاري ٿي،
اندر جي باه ڪنهن سان سلي سگهڻ جي ڪوشش ڪري ٿي،
بدنامي جو ڀوء
موت جو ڀوء
ٻڌندڙ ڳالهه کي الائي ڪهڙي انداز ۾ سمجهي..........!!؟؟
تنهنڪري وڇين سين ويٺي آهي،
انهن سان پنهنجا سور وياڇي ٿي،
اهي وڇيون جن لاء پڪ اٿس ته
اهي سندس ڳالهيون ڪنهن سان ڪونه چغلينديون.......
اچو شعر ٻيهر پڙهون؛
وڇين سين ويٺي، سور وياڇي سهڻي
آن ڪا ٿي ڏيٺي، مينهن جي ميهار سين.
وڇين سين ويٺي ٿي سور وياڇي سهڻي،
اهڙي ڪا ڏيٺ ويٺ ٿي، اهڙو ڪو نينهن لڳو پرينء سان،
ميهار سان.
وقت به وقت اسين بحث ڪري آيا آهيون ته سهڻيء جو ڏک ان ڪري سڀ کان نرالو آهي جو؛
اهو ڪنهن سان سلڻ جهڙو ڪونهي
جيڪو کيس سڀني کان مٿاهون ڪري ٿو.

سهڻي-11

گهڙن واريون تڙن تي، گهڙن گهڻيئي،
سڀڪا چئي، آئون سهڻي، لئي پرين پيئي،
سڀان سڀيئي، پسبيون پاتار ۾.
ڪيتريون ئي عورتون گهڙا کڻي، تڙن تي پهتيون آهن،
سڀ ڪنهن جي دعوى آهي ته هوء به سهڻي آهي، هيء به سهڻي آهي،
پر سڀني جو عشق سهڻي جهڙو ڪونهي تنهنڪري سڀاڻي اهي سڀ درياء جي پاتار ۾ پيون هونديون.
لطيف سائين فرمائي ٿو ته گهڙو کڻڻ سان هر عورت سهڻي ڪونه ٿيندي.
سکڻيون دعوائون ڪرڻ سان سڀ سهڻيون ڪونه ٿينديون.
جيئن................
جيڪو گهر کان رُسي، اهو قومي ڪارڪن!!؟؟
پنج جملا ڳالهائي نه سگهڻ وارا اسان وٽ ليڊر ٿيا،
پوء انهن جي افعالن/ ڪرتوتن سنڌ جو ڪهڙو حشر ڪيو آهي؟
هڪ مها قومي ڪارڪن انتهائي جذباتي انداز ۾ تقرير ڪندي دنيا ۾ ڳالهايا ويندڙ هي ناياب لفظ فرمايا “غدار پيدا ڪيا آهن انهن لائبريرين، ساڙيو انهن کي”
لائبريريون سڙيون ته ڇا بچيو؟
ڇا بچندو جيڪڏهن علمن کي باهيون ڏجن!!؟؟
دنيا جي انقلابين علمن کي چميو،
اسين ويٺا باهيون ڏيون!
پوء ڇا بچيو آهي ان جي نتيجي ۾.
علمن کان سواء قومي ڪارڪن، مها ليڊر
روڊن جا نائيٽ ميئر بڻيا.
گاڏيون ڦريون، ماڻهو ماريا ۽ لٽيا!!!
ته ڇا ڪنهن به ڪاز لاء، مقصد لاء،
ڪو نظريو،
ڪا پارٽي نه هجڻ گهرجي؟
ڪو ڊسيپلين نه هجڻ گهرجي؟
لطيف سائين فرمائي ٿو ته
گهڙو کڻڻ سان،
تڙ تي وڃڻ سان،
درياء ۾ گهڙڻ سان
سڀ ڪا سهڻي ٿي نه ٿي سگهي.
سکڻن نعرن سان،
لٻاڙ سان سڀڪا سهڻي ٿي نه ٿي سگهي،
اها ڳالهه ٽي چار سو سالن کان پوء سنڌين ئي ثابت ڪئي ته
لٻاڙن سان صرف قومي ڌاڙيل ئي پيدا ٿيندا،
قومي ڪارڪن نه.

*****

ڪنڌيء اڀيون ڪيتريون، ساهڙ ساهڙ ڪن،
ڪنين سانگو ساه جو، ڪي گهريس ڪيو گهڙن،
ساهڙ سندو تن، گهاگهائي گهڙن جي.
ساڳي ئي ڳالهه آهي ته؛
سڌ ڪرڻ ۽ ڪجهه ڪري ڏيکارڻ ۾ فرق آهي،
چوڻ/دعوى ڪرڻ ۽ ڪجهه ڪري ڏيکارڻ ۾ فرق آهي،
جيڪي ماڻهو دل سان ڪوبه ڪم ڪن ٿا،
خوشيء سان ڪوبه ڪم ڪن ٿا،
انهن جي دل مان تحريڪ اٿي آهي ان ڪم جي، ته پوء اهي ئي ڪامياب آهن،
(ٽي سو سالن کان پوء ميڪسم گورڪيء چيو، گولي بندوق مان نه پر گوريلي جي ذهن مان نڪرندي آهي)
اهي ئي سچا قومي، سماجي ڪارڪن آهن.

* * * * *
وڻن ويٺا ڪانگ، وچين ٿي ويلا ڪري،
گهڙي گهڙو هٿ ڪري، سڻي سانجهيء ٻانگ
سيئي ڍونڍي سانگ، جتي ساهڙ سپرين.
* * * * *
گهڙي گهڙو هٿ ڪري، ٻهون نهاري ٻنگ،
سر در يار فدا شد چه بجا شد، وصل اهو ئي ونگ،
رات جنين جو رنگ، الا سي اڪارئين.
* * * * *
گهڙي گهڙو هٿ ڪري، ٻهون نهاري ٻنگ،
و امامن خاف مقام ربهي، اي لنگهيائين لنگهه،
سڪندين سيد چوي، ڪين جهليندو جهنگ،
رات جنين جو رنگ، الا سي اڪارئين.
* * * * *
گهڙي گهڙو هٿ ڪري، چيلهه ٻڌي چوتو،
منهنجو من ميهار کي پار وڃي پهتو،
گوتي ۾ گوتو مونکي ميهار جو.

ڇا شاعري لفظن جي معنى سمجهڻ،
لفظن جي بيهڪ کي سمجهڻ سان ئي سمجهه ۾ اچي ويندي آهي؟.
ڇا شاعري سمجهائي به سگهبي آهي؟
فرض ڪريو ڪو شعر ڌاري زبان جو آهي،
ڪو انگريزي، فارسي، روسي، عربي زبان جو آهي
انهن جي سڀني لفظن جي معنى اچي ٿي، معلوم ڪجي ٿي/ ڊڪشنريء وغيره جي مدد سان، يا ڪنهن ٻئي طريقي سان.
ته ڇا شاعري سمجهه ۾ اچي ويندي....؟
اچو هڪ تجربو ڪريون.....
لطيف سائين جو ئي ڪو هڪ شعر کڻو، اوهان جي سامهون ڪو انگريز بيٺو آهي،
اوهان ان کي هر لفظ جي معنى سمجهائيو ٿا....
ڇا اهو انگريز شعر جي تهه تائين پهچندو؟
ته پوء منهنجو هي لفظي ترجمو لطيف سائين جي شاعريء ذريعي اوتيل اونهائيء تائين پهچائي سگهي ٿو ڪنهن کي؟
جواب آهي ته نه.
ان لاء اوهان جو ان ڪيفيت مان گذريل هجڻ ضروري آهي،
هڪ ٻئي شعر ۾ به لکي آيا آهيون ته،
هن سائين سان دوستيء لاء صرف ۽ صرف اوهان جو عاشق هجڻ ضروري آهي،
وڍيو آهين ته ويهه، نه ته وٺيو واٽ ونء تون،
هي تنين جو ڏيهه، ڪات جنين جي هٿ ۾.
اوهان جو ميٽرڪ، بي اي هجڻ،
بندوقن هلائڻ جي ٽريننگ وارو هجڻ ضروري ڪونهي پر اوهان جو عاشق هجڻ ضروري آهي. (ڏسو يمن ڪلياڻ ۾ هن شعر تي لکت)
اچون ٿا پنهنجي موضوع تي،
پر ان کان اڳ بيهو ته هڪ سين ڏسون..............؛
هڪ ڳائڻو ڳائي رهيو آهي،
ڪي ٻڌندڙ، پنجاه، سو، ٻه سو ويٺا آهن.
ان ڳائڻي لفظ پرين پڪاريو،
ڇا سڀني ٻڌندڙن، پنجاه، سو، ٻه سون جي ذهنن ۾ ساڳي ئي / هڪ ئي سهڻي جي تصوير ايندي؟
مثال طور هڪ ماڻهوء جي محبوبا جو نالو مومل آهي، ته ڇا سڀني ٻڌندڙن جي ذهن ۾ ان همراه واري محبوبه مومل جي تصوير ايندي؟
جواب آهي ته نه.
ته پوء، ڪنهن جي تصوير ايندي؟
مومل جي عاشق جي ذهن ۾ مومل جي تصوير،
شگفته جي عاشق جي ذهن ۾ شگفته جي تصوير،
شائسته جي عاشق جي ذهن ۾ شائسته جي تصوير ايندي،
سلمى جي عاشق جي ذهن ۾ سلمى جي تصوير.........
ها...............
هاڻي ٻڌايو ته جيڪڏهن ڪو ڪنهن جو به عاشق ڪونهي ته پوء ان جي ذهن ۾ ڪنهن جي تصوير اڀرندي؟
جواب آهي ته ڪنهن جي به ڪونه.
ڇو ته اندر کي روشن رکندڙ ڏيئو اڃان ٻريو ئي ڪونهي....
انساني رڳ رڳ ۾ وسندڙ
(انگ انگ وچ مستي بڻ ڪي نچي تيرا پيار)
انگ انگ ۾،
نس نس ۾،
تند تند ۾،
رت جي ڦڙي ڦڙي ۾،
ڦڙي ۾ موجود ڳاڙهن جزن ۾،
ڦڙي ۾ موجود اڇن جزن،
وهڪري واري مستي پيدا ڪندڙ ته اڃان اکين رستي اندر داخل ئي ڪونه ٿيو آهي..!!)
جيڪڏهن معشوق جي تصوير ذهن ۾ نه اڀرندي ته وصال جي مزي جهڙا/ سموري جسم جي انگ انگ ۾ سڪوني لهر پيدا ڪندڙ خيال ڪيئن جڙندا؟
جيڪڏهن معشوق جي تصوير ذهن ۾ نه اڀرندي ته وڇوڙي جي تصوير ڪيئن ٺهندي!؟،
جيڪڏهن وڇوڙي جي شڪل ڪونه ٺهندي ته وڇوڙو ڇا آهي، ڪيئن سمجهه ۾ ايندو؟.
............ته پوء ڳالهه واضع آهي ته اهو ٻڌندڙ ان ڳائڻي کي ٻڌي ان ڪيفيت ۾ ڪونه ويندو جنهن ڪيفيت ۾ هو ڳائي رهيو آهي،
جنهن ڪيفيت ۾ مومل، شگفته، شائسته، سلمى وغيره جا عاشق پهچي ويندا.
هي ته ان مسافر وانگر هوندو جنهن لاء گاڏي ئي ڪونهي..............
جڏهن پرين جي تصوير ئي ڪونه جڙندي،
ته پوء
ڇا بچندو زندگيء ۾..........
ته پوء لطيف ڪيئن سمجهه ۾ ايندو؟
ته پوء سسئيء جي ڪيفيت ڪيئن سمجهه ۾ ايندي؟
ته پوء ڪيئن سمجهه ۾ ايندو ته،
هزار ڪات ڪهاڙن جي ڀَوَ کان پرينء جي وصال جو تصور، ان تصور جي هڪ جهلڪ وڌيڪ وڻندڙ آهي....
ته پوء ڪيئن سمجهه ۾ ايندو ته مومل ڇو باه ۾ اڇلايو پاڻ کي؟
ته پوء ڪيئن سمجهه ۾ ايندو ته سهڻي ڪاريء رات ۾،
مڙس جي ڀاڪر مان آهستي آهستي سُرڪي،
ڳِلو کولي،
جاڳي پوندڙن تي نظر وجهندي،
انهن تي وري هڪ آخري نظر وجهندي..........
(توهان مان ڪڏهن ڪو ان خوف ۽ وصال جي وچ واري ڪيفيت مان گذريو هوندو ته پڪ سمجهه ۾ ايندس ته آخري نظر کان پوء،
اطمينان ٿيڻ کانپوء،
پهرئين کنيل وک ڪيتري مزيدار،
(هن وچ واري ڪيفيت کي چئبو
” منهنجو من ميهار کي پار وڃي پهتو“
اندر کي راحت ڏيندڙ هوندي آهي)
دلو کڻندي،
درياء جي ڀڪ تي پهچندي،
”منهنجو من ميهار کي، پار وڃي پهتو“ واري ڪيفيت ۾ رواني ٿيندي هوندي؟
هاڻي اچو ته شعر ٻيهر پڙهون....
گهڙي گهڙو هٿ ڪري، چيلهه ٻڌي چوتو،
منهنجو من ميهار کي پار وڃي پهتو،
گوتي ۾ گوتو، مونکي محب ميهار جو.
دلو کڻي،
درياء ڏانهن راهي ٿي آهي،
پيرن کي ٻوڙڻ واري پاڻيء ۾ بيهي،
چوتي کي،
قميص جي ڪنڊ کي،
چيلهه سان ٻڌي ٿي، پهرئين وک کڻي ٿي،
جسماني طور درياء جي هِن ڀر آهي،
پر من وڃي ميهار سان ڀاڪرئين پيو آهي،
ميهار جي ڳَلي لڳو آهي،
ڪوسي ڪوسي سيني سان هي پاڻي ڀنل ڪوسو سينو لڳو آهي،
گوتا پيا اچن پر وصال جي
اميجنري ڪيفيت طاري آهي.
اچو هڪ ٻيو شعر پڙهون ۽ هن عشق جي ايٽلانٽڪ سمنڊ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون.
گهڙي گهڙو هٿ ڪري، الاهي توآهر،
ڄنگهه ڄرڪي وات ۾، سسي نيس سيسار،
چوڙا ٻيڙا چڪ ۾، لڙ ۾ لڙهيس وار،
لکين چهٽيس لوهڻيون، ٻيون ٿيلهيون ٿرئنيون ڌار
مڙيا مڇ هزار، ڀاڱا ٿيندي سهڻي.
هن شعر جي آخري سٽ پڙهي، الائي ڇو منهنجو اندر اجهامي ويندو آهي،
ڇا لطيف سائين کي ٽي سو سال اڳ اسان سنڌين جي افعالن جي خبر هئي؟
ڇا کيس خبر هئي ته دنيا جي گولي تي موجود سندس قوم ايترو پاڻ ڦرائيندڙ ٿيندي؟
ڇا کيس خبر هئي ته ڦيٿي جيڏي وڏي ايجاد ڪندڙ،
پنج هزار سال اڳ ڍڪيل ناليء جو تصور ڏيندڙ قوم،
دنيا ۾ ترقي يافته تهذيب رکندڙ قوم، ڪڏهن پنهنجي گهر لٽجندي رڳو “هوء هوء، ڦر ڦر” ۽ “گهوڙا گهوڙا” به ڪونه ڪندي؟
سندس ڌرتي سهڻيء جي بت وانگر پيئي ورهائبي...........
ڪجهه وقت اڳ هندستان جي ٿڏيل،
انساني روپ ۾ درنده صفت،
بيگناه ماڻهو ماري، پنهنجي جهنڊي ۾ دفنائي،
روئي پٽي، جنسي ڳوڙها ڳاڙي،
پريس ڪانفرنس ڪندي،
مطالبا ڪندا ته قاتل گرفتار ڪريو نه ته...........
وري ان جي آڙ ۾ ٻئي ڏينهن گهر گهر لاش پهچائيندڙن چيو هو ته سنڌ جي گادي ڪراچي سندن آهي،
ٻه هزار سال کان اچي
مزوريء جو ڍونگ ڪري،
گهر گهر هٿيار وڪڻندڙن ڪجهه وقت اڳ چيو، ڪراچي ڪل ڀي همارا ٿا،
آج ڀي همارا هي،
ڪل ڀي همارا رهيگا..
ان سموري سين ۾ اصل رهواسي گم....
ته پوء سهڻي وارو مٿيون شعر پڙهي ڇونه اندر اڳڙيون ٿئي.....
ڪيئن نه من اجهاميل لڳي.....
ته پوء پڪ سمجهو ته هن سائين کي خبر هئي ته سندس قوم رڳو نعرا ئي هڻندي،
نعرن کان اڳي ڪونه وڌندي............!

سهڻي-12

ڏم ڏهاڙي ڏي، سندا ميهر مهڻا،
جهليم ٿي جهوليء ۾، پلئه پايو سي،
مرجان چاليهه چئي، سڱان سپرين جي.

عشق اهو ڏوه آهي هن بدبخت معاشري جو جنهن ۾ مشهور ٿيڻ، بدنام ٿيڻ به ڄڻ ته مزو ڏيندو آهي.
اهو بحث ٻئي هنڌ به ڪري آيا آهيون ته ڏم کي خبر هئي ۽ هو مهڻن سان، طعنن سان پيو سهڻيء کي لوئيندو هو.
پر اڳيان هو ساهڙ، محبتي ميهار جو پيار جنهن جو هڪ خيال به سڀ ناوڪون ڇنائي ويندڙ هو سو ڪيئن ٿو ڏم جهڙي ماڻهوء جي پرواه ڪري... ڀلي پيو ڏي مهڻا.
...............رڳو ڏم ڇو، سڄي دنيا ڏئي، سرتيون به ڏين. سڀ طعنا هڻن اهي پلئه پائي، جهوليء جهلي وٺبا هڪ پرينء لاء.
پرينء جي نالي تي ملندڙ مهڻا به قبول.

سهڻي-13

سانڀارا سيئي، تن جنين جو طالبو،
من پريان نيئي، پڳهيو پاڻ ڳري.

هن شعر ۾ به ساڳي ئي من ۽ تن جي گردان آهي،
خبر ناهي ماڻهن الائي ڇو صرف اهو سمجهو آهي ته شاعرن کي تن هوندو ئي ڪونهي،
هڪ من هوندو آهي اهو به الله سان ڳنڍيل!؟
هڪ ٻي ڳالهه سمجهه کان ٻاهر لڳندي آهي ته،
دنيا جي هر ساهواري جو سڀ کان پسند جو مشغلو،
ڪم،
عمل
سيڪس وارو عمل آهي ...........(هتي بحث سٺي عمل ۽ خراب عمل جو ڪونهي)
پر هن موضوع تي ڳالهائڻ وري ڏوه!!؟؟
ڪنهن به انسان ڪا چوري ڪئي هجي يا نه، عشق جي عمل ۾ هو چور ضرور آهي!؟
جيڪڏهن ڪچهريء ۾ هن موضوع تي ڳالهائجي ٿو ۽ ڪو ٻار اچي ويو، ڪو نوجوان اچي ويو ته سڀ خاموش!
يعني لڪي ڪرڻ وقت هي فخر،
کُلِ عام هن تي ڳالهائڻ به ڏوه/عيب!!؟
وقت ملي ته هن تي ڪڏهن غور ضرور ڪجو....
مٿئين شعر ۾ لطيف سائين چوي ٿو ته،
سارو ڏينهن، سمورو وقت اهڙي قسم جون تياريون هلن ٿيون، سانڀارا آهن جنهن لاء تن تڙپي ٿو، ان جو طالبو آهي.
هتي هڪڙي ڳالهه سمجهون ته پوء ٿا اڳتي وڌون،
سانڀارا سيئي، تن جنين جو طالبو...
من جي من سان ميلاپ لاء ڪو سانڀارو ڪونه ڪرڻو پوندو آهي؛
بس اکيون بند ڪريو، تصور ڪريو، من جو ميلاپ ٿي چڪو...
اکيون ڪي جهروڪون سي مين ني ديکا جو سانوري،
تم دور نظر آئي،
بڙي دور نظر آئي...
...........پوء وري،
بند ڪرڪي جهروڪون ڪو زرا بيٺي جو سوچني، من هي مين تم مسڪائي..
من جي ميلاپ لاء پرين جو سامهون هجڻ،
ويجهو هجڻ ضروري ڪونهي...
پر تن جي ميلاپ لاء سانڀارا ڪبا،
سينگار ڪبا،
سفر ڪبا،
پرين وٽ پهچبو.
ڇو ته تن جي ميلاپ لاء پرين جو موجود هجڻ ضروري آهي.
هي شعر ڪو سطحي شعر ڪونهي وڏي اونهائي رکي ٿو پاڻ منجهه.
سهڻي چوي ٿي ته سمورو وقت سانڀارا آهن جنهن لاء منهنجو تن واجهائيندڙ آهي،
تن تڙپندڙ آهي،
(پر سمورو وقت ڪيئن سانڀارا هلندا؟
دماغ پرينء جي تابع هوندو آهي،
پرين دماغ تي قابض رهندو آهي،
هر وقت سوچبو رهبو آهي،
ان سان هيئن ملبو،
هيئن ڳالهائبو،
هيئن ڀاڪر پائبو
پرينء کي هيئن چمبو (چمي ڏبي) وغيره.....
اها سوچ بنا وقفي جي هلندڙ هوندي آهي من ۾).
اهو انتظام به من ڪيو آهي جو پاڻ کي پرينء سان رسن سان ٻڌي ڇڏيو آهي.
پرين، محبوبن هڪ وڏي اٽڪل ڪئي آهي جو اسان جو من رسن سان ٻڌي ڇڏيو اٿائون، من کي قابو ڪيو اٿائون.................۽ تن!؟
اهو پاڻ ئي پهچندو!؟
سهڻيء جي سُر ۾ تن جو ذڪر مڙوئي سرس آهي.....
ائين ڇو؟
تن ته سڀني وٽ هو،
آهي،
رهندو.
سسئيء کان نوريء تائين سڀني وٽ من به هو ته تن به.
سهڻي کان ليلا تائين لطيف سائين اکئين ته هڪ به ڪونه ڏٺي هئي جو ان سان ان جو ڪو ناتو ٺهي،
ڪو مشاهدو ٿئي............
................ته هيء عورت مڙئي سونهن ۾ سرس هئي؟،
ڪنهن جو تن سڊول هو.
هن شاعر ته انهن هيروئين جا عمل ڏسي، انهن جو سماجي سائنس مطابق جائزو وٺي پرکيو آهي ته هي عمل هن عمل جو ردعمل ٿي سگهي ٿو.
هي ماڻهو هيئن ڇو ٿو سوچي؟.
اچو هن ئي سر جو هڪ شعر پڙهون،
صرف رفرنس لاء........
عقل، مت، شرم ٽيئي نينهن نهوڙيا.
هن شعر تي ٻئي ڪنهن باب ۾ ڳالهائي آيا آهيون ته دنيا جي اٽڪل سڀني شاعرن اهو ته ذڪر ڪيو آهي ته پرين جي حب ۾ عقل ۽ مت (سمجهه، سوچ، دانائي) وڃائجي ويا آهن پر اڄ تائين ڪنهن به شاعر اهو ڪونهي چيو ته پرينء جي عشق منهنجو شرم به کسي ورتو آهي.............
ڇا...............
من جي من سان ميلاپ لاء شرم کسجي ويندو آهي!؟
ها! تن سان تن جي ميلاپ لاء شرم جو کسجي وڃڻ ممڪن آهي....
اتي هڪ سوال ٻيو به............
دنيا جي ڪنهن ٻئي شاعر ته ڪونه، ڇا هن ئي شاعر، ڪنهن ٻئي سر ۾ به چيو آهي ته،
پنهونء جي عشق ۾ سسئيء جو شرم کسجي ويو آهي،
ڄام تماچيء جي عشق ۾ نوريء جو شرم کسجي ويو آهي،
مينڌري جي عشق ۾ رابيل جي مکڙيء جهڙي مومل جو شرم کسجي ويو آهي،
(اتي بيهو............
مومل جي قصي ۾ ٻڌايل آهي ته راڻي کي بادشاه يعني همير سومري قيد ڪري ڇڏيو، ان ڪري ته جيئن هو مومل ڏانهن وڃي ڪونه سگهي............
مومل ايتري ته پريشان ٿي جو هن جي ننڊ حرام ٿي ويئي..........
اها حالت سومل کان ڏٺي ڪونه ٿي......
هن مينڌري وارو/ان جهڙو مرداڻو ويس ڍڪيو ۽ مومل سان سمهي پيئي گڏ...
جيئن مومل کي ان مان راڻي جي بوء اچي،
هوء باور ڪري ويئي،
پاڻ کي دوکي ۾ رکي خوشي محسوس ڪيائين...........
ڪهڙي قسم جي لاڳاپي ۾ پاڻ کي محسوس ڪندي خوشي محسوس ڪيائين....!؟
جيڪڏهن راڻو ئي بڻجڻو هو سومل کي ته اها ڏينهن جو راڻي جو روپ وٺي ها،
سوين نوڪرياڻيون هيون،
سوين ٻانهيون هيون...
انهن مان ڪنهن هڪ کي هن ڊيوٽيء سان لڳايو وڃي ها....
ته ڇا زال مڙسن جو هڪ ٻئي سان سمهڻ واري عمل کي به روحاني معنى ڏيڻ گهرجي؟)
کيت جي عشق ۾ سج جهڙيء اس واري رنگ جهڙيء مارئيء جو شرم وڃائجي چڪو هجي؟
بادشاه چنيسر جي پيار ۾ ليلا، ان جي زال جو شرم کسجي ويو هجي؟
سورٺ جو شرم پنهنجي ور جي عشق ۾ کسجي ويو هجي؟
جواب آهي ته ڪونه....
ته پوء ميهار جي بره جي باه ۾ جلندڙ، باه جهڙي رنگ ۽ باه جهڙي سهڻيء جو شرم ڇو کسجي ويو!؟........
۽ هن شاعر صرف هن جي ئي سر ۾ هن ڳالهه جو ذڪر ڇو ڪيو آهي؟
ڇا هيئن ڪونهي ته تن جو ذڪر ٻين سرن کان گهڻو ڪرڻ پٺيان، لطيف سائين جو سهڻيء جي سموري ڪردار/عمل پٺيان تن جي تڙپ جو اندازو آهي!؟
بلڪل ائين ئي آهي،
سهڻيء جو رشتو ميهر سان تن وارو ٻين کان وڌيڪ هو.
هڪ ڳالهه ٻي به سمجهڻ گهرجي هتي ته؛
لطيف سائينء جي فتوى آخري آهي.
ان کان پوء بحث اجايو آهي.

سهڻي -14

هڪڙو سوال

لطيف سائين هڪڙو سوال اٿاريو آهي ته؛
ته ڪر ڪيئن سئي، جي سير نه گهڙي سهڻي
هت حياتيء ڏينهڙا، هڏهين تان نه هئي،
چڪيء تنهن چري ڪئي، جا ڏنس ان ڏهي،
سهڻيء کي سيد چئي، وڌو قرب ڪهي
هونهن به منڌ مئي، پر ٻڏيء جا ٻيڻا ٿيا.
سوال اهو اٿاريو آهي هن انوکي انسان ته؛
جيڪڏهن سهڻي سير ۾ نه گهڙي ها ته ڪير سڃاڻي ها اڄ سهڻيء کي!؟.
ڪيتريون ئي عورتون روزانو پيون عشق ڪن،
ڪيترا ئي مرد روزانو پيا عشق ڪن،
تاريخ سڀني کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري، چمي ڏيئي پاڻ وٽ جڳهه ڪونه ٿي ڏئي،
تاريخ ۾ پنهنجو نالو لکرائڻ لاء ان عاشق عورت جو پاڻ کي لهرن حوالي ڪرڻ،
سير ۾ گهڙڻ ضروري قرار ڏنو آهي هن تاريخ ساز شخصيت.
هتي هڪ سوال لطيف سائين کان به آهي ته؛
جيڪڏهن تون پنهنجي شاعريء ۾ سهڻيء کي ڪونه ڳائين ها ته ڇا اها عاشق عورت اهڙن لفظن ۾ ياد ڪئي وڃي ها!!
سهڻيء کي سهڻي ته تو بڻايو نه ته اسان سنڌي ان کي به عام عورت وانگر ڪارو ڪري ماريون ها.
ان ڪاري کان ڪو عيوضو وٺون ها.
ان مان ڪي آرائش يا وري ان رقم مان ڪمائيندڙ ڪا مشينري وٺي بازار ۾ اونچي ڳاٽ گهمون ها.
اڄ به اهو سوال بازار ۾ گردش پيو ڪري ته هڪ شادي ٿيل عورت،
نڪاحي ڪنوار، هڪ غير مرد سان رات جو ملي
لطيف سائين اهڙي عورت کي پنهنجي شاعريء جي زينت ڇو بڻايو آهي؟
قبلا سائين! سهڻيء کي امر اوهان پاڻ ڪيو.
وري سوال مان ٻيو سوال ته؛
..........پوء لطيف سائينء کي ڪنهن مجبور ڪيو ته سهڻيء کي ڳائي امر ڪري.
سوال وري اچي اتي ئي بيٺو ته، سهڻيء جي بغاوت هن شاعر کي مجبور ڪيو ته هن کي امر ڪري.
زندگي فنا آهي، ان تي ڪو بحث ڪونهي،
زندگي ختم ضرور ٿيندي،
پر تاريخ ۾ ان کي امر ڪرڻ لاء اهڙو ڪردار ضرور ادا ڪرڻو پوندو جيڪو تاريخدان کي مجبور ڪري ته هو ان لاء ڪجهه لکي..........
پر سهڻيء تي ته ڪنهن تاريخدان سٺا لفظ لکي امر ڪونهي ڪيو؟
تاريخدانن کي بادشاهن جا ڪارناما لکڻ کان ئي ڪٿي فرصت رهي آهي!!؟؟،
جواب آهي ته جتي دنيا خاموش ٿي ويندي،
اتي هن قسم جا حساس ماڻهو ڳالهائيندا،
تاريخ جو قبلو درست ڪندا آهن،
تاريخ جڏهن بادشاهن جي ظلمن کي ٽوپيون سبي گذارو ڪرڻ وارا لفظ لکڻ مان واندي ٿيندي ته هنن گدا نما بادشاهن جون ڳالهيون ضرور لکندي. جيئن سهڻيء کي امر هن سائينء ڪيو.
........... ته ڇا سهڻي صرف اها هڪ هئي؟
ڇا روزانو جي بنياد تي عورت بغاوت طرف ڪونه ٿي وڃي؟
ڇا پيار ڪندڙ عورتون،
عرف عام ۾ ڪاريون تاريخ کي انهن سان انصاف ڪرڻ لاء دٻاء ڪونه ٿيون وجهن.....
جن جو مطالبو صرف اهو آهي،
نه ڪا جهل نه پل، سڀڪو پسي پرينء کي.
ڇا نظر نه ايندڙ بغاوتون نظر ڪونه ٿيون اچن؟.
هڪ سوال جو جواب ڏيو، پوء هلو اڳتي،
اڄ کان هڪ سو سال اڳ،
ٻه سو سال اڳ..........
اهڙو ئي معاشرو هو جيڪو هاڻي آهي......
سوچيو، ۽ اڳتي وڌو.
هتي آءُ هڪ آرٽيڪل جيڪو عوامي آواز ۾ ڇپيو هو، مناسب ٿو سمجهان ته ڏيان.
***

ڪارين جون قربانيون

قرب جي ڪائناتي پيامبر لطيف سائين سنسار جي سڀ کان سهڻي سين هن کي سمجهو آهي ۽ ان سين کي هنن اکرن ۾ چِٽيو آهي،
”کڻي نيڻ خمار مان، جان ڪيائون ناز نظر“...
ان کانپوء ڇا ٿيو.......،
ان تي انتهائي ننڍڙي نظر ته؛
خماريل اکين جڏهن آهستگيء سان کلي،
تڙپندڙ دلين تي محبت جون ڪڻيون وسائڻ لاء تڪيو.
ان هڪ سين جي نتيجي ۾ ڪائنات جي سڀ کان وڌيڪ چمڪندڙ عنصر يعني سج پنهنجون شاخون (ڪرڻا) جهڪا ڪري ڇڏيا/ جهڪا ٿي ويا.
ڪائنات جو ٻيو نمبر سڀ کان وڌيڪ چمڪندڙ عنصر قمر ڪومائجي ويو.
تارا، ڪتيون (اونداهيء رات ۾ واٽهڙو انهن کان سواء واٽ منجهي پوي، ايتري جوت رکندڙ) پرين جي سونهن کان هار کائڻ بعد ٻيهر مقابلي کان توبهه تائب ٿيا.
جوهر( ائٽم جو شعاع/هيرا جواهر) پرين جي چلڪ ۽ چمڪ اڳيان ميرانجهڙو لڳو....
يعني پرينء جي هڪ نظر دنيا جي سڀني روشنين کي انڌو/ماٺو/بي ديد ڪري ڇڏيو.
لطيف سائين اسان کي سمجهائي ٿو ته سموري ڪائنات هڪ ٿنڀي جي ٽيڪ تي بيٺي آهي. ان آر سي سي ٿنڀي جو نالو پيار آهي ۽ وري اهو ٿنڀو پرين جي خماريل نيڻن جي سهاري بيٺل آهي. آخري طور تي هي ڪائناتي ڪهڪشائون پرينء جي ناز ڀري نظر تي بيٺل آهن. اهو پلر/ٿنڀو جيسين موجود آهي تيسين هن سنسار کي لهر نه ڪو لوڏو.
لطيف سائين جو هڪ ننڍڙو عاشق هجڻ جي حيثيت مونکي به حاصل آهي.
مون کي سڀ کان وڻندڙ سين لڳندي آهي جڏهن عورت کلي پوي،
کل گاڏڙ ڳالهائي،
جيڪو آواز مون کي نوشاد، موزارٽ ۽ بيٿوون جي ڌنن کي شڪست ڏيندڙ لڳندو آهي. ابتڙ ان جي منهنجي لونء لونء لرزائي وجهندو آهي انهن نيڻن جو روئڻ،
جيڪي هڪ نظر سان، هڪ پل ۾ دنيا جون فاتح اعظم ٿي وينديون رهيون آهن.
انساني تاريخ جو وڏي ۾ وڏو فاتح پيار ئي رهيو آهي.
هي جرنيل حملي وقت نه ته ماڻهو ماريندو آهي،
نه ته لائبريريون ساڙيندو آهي،
نه ته شهرن کي لٽي انهن کي باهيون ڏيندو آهي.
نه وري مرد ماري نياڻيون اغوا ڪري انهن سان راتيون رنگين ڪندو آهي،
نه ئي وري فاتح ٿي ٽي سو پنجهٺ ڪمرا ٺهرائي انهن ۾ هر رات لاء هڪ لال ڪنوار “واري“ جي انتظار ۾ ويهاريندو آهي.
هي صرف ۽ صرف هڪ خماريل نيڻن جي ديد ڪندو آهي،
دليون دهڪي پونديون آهن، سندس اڳيان سيس نمائي ويهنديون آهن ۽ هڪ گهڙيء جي ٿيل اکين ۽ اشارن جي “جنگ“ جي پڄاڻيء جو طبل وڄي پوندو آهي.
سنڌ پنهنجي تاريخ جون يادگيريون دهرائيندي ڪڏهن به هن فاتح کي ايترو حراسان نه ڏٺو آهي جيترو هن صديء ۾. پيار کي پنهنجو اونچو جهنڊو سرنگو ڪرڻ جا آرڊر ڏيندڙ آهي اڄوڪي اسانجي سنڌ ............
جتي سورنهن سينگار ڪندڙ سورنهن سالن جي به ڪاري
ته سينگار کان اڻ واقف اٺن سالن جي معصوم به ڪاري.
ڄمڻ کان مرڻ تائين هر سنڌياڻي ڪاري...
سندس انگ انگ ڪارو آهي،
هن جا اهي خماريل نيڻ به ڪارا،
سرخيء مائل ڀورا ڳٽا به ڪارا،
اناري چپ به ڪارا،
ڪارا ڪارا ڊگها وار به ڪارا،
پرينء جي پچار هيٺان چيڀاٽجندڙ دماغ به ڪارو،
دماغ ۾ سرجندڙ سوچ به ڪاري...........
ڪارنهن جو مجموعو آهي هاڻي هيء ڪاري....
سنڌ ۾ ڪو ڳاڙهو آهي ته هر ڪاريء جو سڳو ڀاء.
نياڻين جي اسڪولي رستن تي سيٽيون وڄائيندڙ، هر نياڻيء ڏانهن اک ديک تائين تڪيندڙ هي ڀاء ئي ڳاڙهو آهي.
يا وري سورنهن سالن جي ڪجراري نيڻن واريء کي خوابن ۾ لال پري ڏسندڙ، هر وقت ٻين/ٽين/چوٿين شاديء جو تمنائي سندس پيء.
..........ٽيون ڳاڙهو سنڌ ۾ ڪو بچو ئي ناهي.
روزانو اخبارون ڀريون پيون آهن اهڙين خبرن سان ته فلاڻي ڪاري ڪري ماري ويئي.
ٽي وي تي خبرون هلن پيون
........ پر اهي ڪاريون ڇو ٿيون آهن،
اهي پنهنجا گهر ڇو ٿيون ڇڏي ڪنهن اڻ ڄاتل جي ڪڍ لڳن،
هڪ مس ڪال تي سمورو ڪجهه ارپي وجهن ٿيون.
ان تي ڪو به ڪونه ٿو ڳالهائي.
اهو ڪٿي به بحث هيٺ ڪونه ٿو اچي ته اسان انهن جي وقت سر شادي ڪرائي آهي؟
اسان شادي وقت سندن مرضي معلوم ڪئي آهي؟
ڇا سٺ سالن جي ڪراڙي سان شادي ٿيڻ يا ان جو خوف،
ڪراڙي جي منهن ۾ پيل گهنجن جو تصور هانء ڏاريندڙ ناهي؟
ڇا پئسن تي وڪڻڻ يا ڀائرن/پيئرن جي بداخلاقين جي عيوض سڱ چٽيء لاء ئي رب خلقيو آهي هنن کي؟
اهو بحث هيٺ نه ٿو اچي.
مڃيو سين ته ڪچڙا ذهن آهن، جلدي ڪنهن تي اعتبار ڪري وجهن ٿيون، ان جي ڪڍ لڳي پون ٿيون.... پر پيء ماء جي ڪا ذميواري ڪونهي؟
ڪن عورتن کي ڪارو ڪري مارڻ جا ڪارڻ، ٻي ڌر سان ڪا دشمني پاڙڻ، ڪنهن قرض جو تمام گهڻو وڌي وڃڻ به ٻڌڻ ۾ آيو آهي. يعني ٿلهي ليکي عورت ئي هر انا/خواهش جو ٻارڻ بڻجي ٿي.
(هتي هڪ ننڍڙو عرض انهن نياڻين کي به ته، هي معاشرو جانورن جون سموريون صفتون رکندڙ آهي. هتي مرد/ڇوڪرا نياڻين کي رڍ ٻڪري سمجهن ٿا. هتي قدم قدم تي فراڊ جون بارودي سرنگون وڇايل آهي اسان جو ماڻهو اڃان “ننڍڙو“ آهي. بقول منهنجي هڪ رشين چيٽ فرينڊ جي ته “مرداڻي سماجن ۾ هر مرد گهڻي کان گهڻو ڪمائي گهڻي کان گهڻيون محبوبائون رکڻ واري رڪارڊ ٺاهڻ ۾ رڌل آهي“
........تنهن ڪري ڪنهن تي به ايترو جلدي اعتبار نه ڪريو.
پنهنجي تعليم مڪمل ڪريو.
پنهنجي امڙ سان دوستيء وارو مضبوط رشتو رکو.
ان سان هر وقت صلاحي رهو.
ڪتابن جو مطالعو ڪري پنهنجي ذهنن کي مضبوط ڪريو)
ڇا اسلام ۾ صرف مرد کي پسند جو حق ڏنو ويو آهي (مون نبي سائين جن جي سيرت مبارڪ تي ٻين ڪيترن ڪتابن سان گڏ مولانا شبلي نعماني جو ڪتاب پڙهيو آهي جنهن ۾ هن واضع لکيو آهي ته نبي سائين پنهنجي نياڻيء کان سندس رضا معلوم ڪئي هئي) جيڪڏهن اسان جو رهبر اعظم پنهنجي نياڻيء جي شادي ڪرائي ٿو ته اسان ڪير ٿيندا آهيون؟
جيڪڏهن رهبر اعظم نياڻيء کان سندس رضا معلوم ڪري ٿو ته اسان ڪير ٿيندا آهيون جو ائين نه ڪريون.
سنڌ ۾ هڪ قبرستان ڪارين جي قبرستان جي نالي سان مشهور آهي.
پيار ڪندڙ عورتن جو قبرستان،
معاشري جي باغي عورتن جو قبرستان،
گهنجن ڀريل منهن واري سان شاديء کان انڪارين جو قبرستان......
مصنوعي ڏندن سان ڏانهنس کلي نهارڻ جي ڪرب کان انڪارين جو قبرستان......
ڪارن/ٿڌن چپن سان چمي وٺڻ ۽ ڏيڻ کان انڪاري اناري چپن وارين نارين جو قبرستان.
........ ته پوء پڪ چئبو ان کي ڪائنات ۾ موجود سڀني قبرستانن کان خوبصورت قبرستان. هونئن به دنيا جو سڀ کان خوبصورت آهي ئي اهو ماڻهو جيڪو سماج جو وڏو باغي آهي، جيڪو “نه“ ڪري ٿو.
جيئرو ماڻهو هميشهه بغاوت ڪندڙ ٿيندو آهي ۽ مرده ها ۾ ها ملائيندڙ.
باغي ئي ديوار بڻجي ٿو انهن گندين ريتن رسمن اڳيان.
جيڪڏهن ائين آهي ته پوء سنسار جي سڀ کان وڏي عبادت به بغاوت ئي آهي.
کير(لبن) جهڙي ملڪ لبنان جي کري اديب خليل جبران چيو هو ته مونکي ڊڪشنري ۾ سڀ کان لفظ، لو(پيار) وڻندو آهي.
خوشبوئن جي ملڪ فرانس جي جديد ڪلاسڪ سڏجندڙ البرٽ ڪاميو چيو هو ته مونکي ڊڪشنريء ۾ لکيل لفظن مان “نه“ وڌيڪ وڻندو آهي.
انهن ٻنهي لفظن کي جيڪڏهن شيڪر مشين ۾ وجهي ڪو شيڪ ٺاهجي ته ان جو نالو هوندو “ڪاري“.........يعني “پيار“ + “نه“ = “ڪاري“.
ڪاريون روزانو پيون مرن،
روزانو پيون وڌن.
روزانو پيون اڳتي وڌن.
پوئتي پير ناهي هنن جو.
اهي پنهنجي انساني بنيادي حق جون گهرجائو آهن،
آزاديء سان سوچڻ،
آزاديء سان رهڻ.
ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته فرض ڪريو، هي مرڻ جي ان خوف مان نڪري پونديون ته پوء گهڻيون “باقي وڃي“ گهرن ۾ رهنديون؟
ڪاريون پيار جي آزاديء لاء گوريلا ويڙه وڙهي رهيون آهن، سامراج جي صورت اختيار ڪيل سماج ضرور گوڏا کوڙيندو انهن اڳيان. دنيا جي تاريخ اسان کي وڏي آواز ۾ اها پڪ ڏيندي رهي آهي ته سامراج جي پڇاڙي گوڏا کوڙڻ ئي آهي.
تاريخ هاڻي ايتري بيوس ناهي، جو هوء ڪنهن آمر/شهنشاه جي تلواري پاڇي هيٺ لکرائي وڃي. تاريخ پنهنجي بقا لاء تمام وڏي جدوجهد ڪئي آهي، جهد مسلسل جو نتيجو آهي جو اڄ تاريخ پنهنجي دوستي سائنس سان پڪي ڪري ڇڏي آهي، سائنس دنيا جو اهو شينهن آهي جنهن جي ضمانت آخري آهي.
هاڻي ٿيندڙ ڪاريون سڀاڻي جي پيار ڪندڙ ڳاڙهين لاء ئي قربانيون ڏيئي رهيون آهن ۽ سندن قربانيون ائين رائيگان وڃن تاريخ ڪڏهن اهو سبق سکيو ئي ناهي.
رواجن جا انڌيرا ختم ڪرڻ هڪ ڏينهن جو ڪم ڪونهي ان لاء ڪيترا ئي ڏيئا ٻارڻا پوندا هي “ڪاريون“ به هڪ هڪ ڏيئو ثابت ٿينديون.
اها جدوجهد جنهن سوسائٽيء کي جنم ڏيندي اها آهي
“نه ڪا جهل نه پل، سڀڪو پسي پرين کي.“
لطيف جو خواب
آزادي،......... ڇڙواڳي نه.

سهڻي-15

هئي طالب حق جي، توڏي لاڪون توڙ.
نه ملاح نه مڪڙي، نڪي ٻڌي نوڙ،
پاڻي پنيء ٻوڙ، سهڻيء ليکي سير ۾.
سهڻي توڙ کان پنهنجي پرينء جي هئي،
اها ڳالهه ڪا شاديء کانپوء جي ناهي، جو ان تي لعنت ملامت ڪجي،
سهڻيء جو پيار اڳ ۾، يا شادي اڳ ۾؟
سهڻيء جو پيار اڳ جو هو،
اهو ئي ته حق هو جيڪو عالَم کي سمجهه ۾ ڪونه آيو ۽ نهايت ئي غلط ڪم ڪري هن جي شادي ڪرائي ويئي.
هوء ڪنهن انسان جي هجي ها ته بحث ڪجي ها،
هوء ته حق جي هئي،
هوء ته سچ جي هئي،
پرينء کان وڌيڪ ڪهڙو حق؟،
پرينء کان وڌيڪ ڪهڙو سچ؟
پوء جنهن جو ساڻي سچ هجي،
حق هجي،
ان کي ڪهڙي گهرج ته هوء ملاح جي ڪاڻ ڪڍي،
مڪڙيء جي ڪاڻ ڪڍي،
نوڙ ٻڌي ته متان مان ٻڏي نه وڃان!!
جيئن ته هوء سچ سان هئي تنهنڪري دريائي وهڪرو/وهڪرا هن کي پني ٻوڙڻ جيترو پڻي لڳندو هو.
اڳي به ڪٿي بحث ڪري آيا آهيون ته اهو دور (يعني لطيف سائينء وارو دور) سنڌين لاء خاص طور تي ۽ سموري هندستان تي ڏاڍو ڏکيو دور هو.
هڪ طرف ارغون هئا،
ٻئي طرف ترخان،
ٽئين طرف مغل،
سنڌ جو حال اهو هو جهڙو ڪنهن اغوا ٿيل ماڻهوء جو هوندو آهي،
جنهن کي پئسن جي عيوض ڌاڙيلن جو هڪ ٽولو ٻئي کي وڪڻندو آهي. سنڌ سميت پوري هندستان تي مذهبي دهشتگرديء جو راڄ هو.
اورنگزيب مذهبي چوغو پائي ماڻهن مٿان عذاب ٿي ڪڙڪيو هو.
هو سونهن جو دشمن هو،
راڳ جو دشمن هو،
شاعريء جو دشمن هو...
ان جي دور ۾ صوفين سان ويل وهايا ويا. گهٽ ۽ ٻوسٽ جو ماحول هو.

توڏي توڙائين، نينهن نوازي سهڻي،
ڳچيء هار حبيب جو، لائق لڌائين،
سو تڙ سوٺائين، جيڏانهن عالم آسرو.
هڪڙي عورت هئي جنهن جو نالو توڏي هو،
توڙ کان اهو ئي سندس نانُ هو،
نينهن، عشق، پرينء جي تانگهه هن کي سهڻي بڻايو
هاڻي هوء سهڻي آهي.
عشق فنا ٿي وڃڻ جو نالو آهي،
پنهنجي وجودي طور برقرار رهي ختم ٿي وڃڻ جو نالو آهي،
توڏيء مان سهڻي بڻائڻ جو نالو آهي،
توڏيء جڏهن پنهنجي ڳچيء ۾ حقيقي، اندر مان اٿيل پيار مطابق،
پنهنجي لاء پاڻ انتخاب وارو لائق هار ڳچيء ۾ پاتو ته پوء.......
اسين جڏهن گهر ۾ نلڪي هڻائڻ لاء بور/بورنگ ڪرائيندا آهيون ته مستري پاڻ ۾ ڳالهائيندي تڙ جو ذڪر ڪندا آهن، تڙ جو پاڻي شروع ٿيو آهي، اڃان تڙ ناهي، اڃان ٻوڪو هلايو وغيره.
يعني زمين جي اندر سٺ، ستر، سو، ڏيڍ سو فوٽن تائين هيٺ وڃي پاڻي ڪڍڻ،
پراڻي زماني ۾ جڏهن نلڪن کان اڳ کوه کوٽبا هئا تڏهن به اهڙا جملا ٻڌڻ ۾ ايندا هئا.
سموري ڳالهه جو مطلب ته تهه تائين وڃڻ،
ڳالهه کي اصلي حقيقي انداز سان سمجهڻ،
عشق کي حقيقي، اصلي، سچائيء واري انداز سان سمجهڻ،
ڪما حق هو تائين سمجهڻ وارو ڪم سهڻيء ڪيو آهي،
جنهن لاء عام ماڻهو،
سمورو عالم، گهڻائي، اڪثريت آسرو ڪيو ويٺي هوندي آهي....
اهو ئي ته عام عورت ۽ سهڻيء ۾ فرق آهي،
ان ڪري ئي ته سهڻي ٿي سڏجي.
ساڳئي ئي قسم جو هڪ ٻيو شعر پڙهو
توڏي تهائين جي، سي هتين ڇڏ حرص،
ساهڙ ڌاران سهڻي، کوٽيون ڪن کرس،
وڏي ايُ ورس، جيئن ڏم سين ڏينهن گذارئين.
* * * * *
صبر شاڪرن، آهي اوطاقن ۾،
جي وصل ٿيا وصال ۾، ذرو ظاهر نه ڪن،
وييت واهڙ ترن، هينئڙا جن هڄي ويا.
اچو پهريائين بيت جي معنى (لفظي) سمجهون پوء ٿا بحث ڪريون.
شاڪرن جو صبر اوطاقن ۾ آهي.
جيڪي وصل سان وصال ٿيا، اهي ذرو ظاهر ڪونه ٿا ڪن
بنا ڪنهن ذريعي، (ٻيڙي، تنبو، ترهو وغيره جي) ترن ٿا اهي جن پنهنجا اندر ناس/ فنا ڪيا آهن.
صبر ڪرڻ وارن شاڪرن جو اوطاقن ۾ آهي.......
هي جملو چوڻ جي ڪهڙي ضرورت پيئي آخر هن باغيء کي!!!؟؟؟
اچو ته هن کي سمجهون.
هر حال ۾ شڪر، صبر....!!!؟؟؟
سموري زندگي اهو ٻڌاندا پيا اچون، پر هي سائين ته ٻي ڳالهه پيو ڪري.
صبر شڪر اهي ڪن ٿا جيڪي اوطاقن تي رهن ٿا،
جدوجهد جو حصو نه ٿا بڻجن،
پنهنجي حق لاء نه ٿا وڙهن
وڙهي نٿا سگهن.
جن وصال جو مزو ورتو آهي،
وصال سان ملي هڪ ٿيا آهن،
جدوجهد ذريعي پنهنجو پرين هٿ ڪيو اٿن، اهي ته اڃان اڳتي پيا نهارين،
ذرو ظاهر نه ٿا ڪن. ڀلا جيڪڏهن سهڻيء جي پس منظر ۾ چيل هن شعر جي معنى هيئن ڪريون ته اوهان کي ڪيئن ٿو لڳي.................
اهي عورتون جن پنهنجي پسند جي مڙس نه ملڻ باوجود،
پنهنجي پسند مٿان ڪنهن ٻئي/ٻين جي فيصلن کي قبول ڪيو،
پرائي انتخاب تي صبر ۽ شڪر ڪيو
اُهي يا ته،
وصال جي مزي کان، پنهنجي پسند جي پرينء سان وصال جي مزي کان واقف ڪونه آهن
يا انهن ۾ وڙهي پنهنجو حق وٺي سگهڻ جي سگهه/ همت ڪونه آهي.
وڙهي نه سگهڻ، همت جو نه هجڻ انهن ۾ صبر ۽ شڪر کي جنم ڏئي ٿو.
ته پوء..........
ڇا جو شڪر؟،
ڇا جو صبر؟،
ڇا جو سمجهوتو؟
(هن سين کي ڏسو پوء مٿين لفظن کي سمجهو.......
هڪ ماڻهوء جا ٻئي ڏانهن پيسا رهيل هجن،
هو هن کان تقاضا ڪري،
مقروض ماڻهو ڪي ڳالهيون، ڪي عذر ٻڌائي،
پيسا وٺندڙ ان کي چوي، اهي ڳالهيون پنهنجي جاء تي، يعني اهي ڳالهيون اهميت رکن ٿيون پر مونکي رقم گهرجي............
سهڻي به اهو ئي ته پيئي چوي، صبر شڪر پنهنجي جاء تي، اوطاقن ۾، انهن جي اهميت ڀلي هوندي/ آهي پر مونکي اهي ڳالهيون نه ٻڌاء،
منهنجو حق غصب ڪيو ويو آهي مان پوئتي ڪونه هٽنديس)
سموري زندگي هڪ اهڙي سان ڪيئن گذرندي جيڪو مونکي ڪونه ٿو وڻي........
ته پوء اهي جن بغاوت ڪئي،
اٿي پيون،
پنهنجي حق لاء
عشق انهن کي بنا ڪنهن ترهي جي پار ڪندو.

سهڻي-16

اديون سڀ اندام، چڙن منهنجا چوريا
لارن جا لنوَ لائي، سا ڪيئن آڇيان عام،
لڳس جنهن جي لام، سو دوست دلاسا مهي.

انگ انگ وچ مستي بڻڪي،
.................نچي تيرا پيار.....
ڇا پيار ڪو نياپو آهي؟
ڪا رسم آهي جيڪا پوري ڪرڻي آهي،
دنيا جي ڪم ڪار لاء ڪنهن هڪ عضوي کي ڪم ڪرڻو پوي ٿو.
مثال اوهان کي پنڌ ڪرڻو آهي،
اوهان وک کنئي، ٽنگون، پير هلندا رهندا.
هٿن کي به ٿوري گهڻي حرڪت ايندي.
اوهان لکڻ جو ڪم ڪريو ٿا،
هٿ هلندا ٻيا گهڻا تڻا حصا پنهنجي جاء تي آرامي هوندا
يا ڪم کان فارغ هوندا
پيار..............
سموري جسم کي لرزائي ڇڏي ٿو،
پيار وقت سمورو جسم سر بسجود آهي،
پرينء اڳيان بيهڻ جا به ڪي آداب آهن،
پرين ڏانهن راهي ٿيڻ جا به ڪي آداب آهن،
پرينء ڏانهن تڪڻ جا به ڪي آداب آهن..........
پرين سان ڳالهائڻ جا به ڪي آداب آهن.
پرين سان قرب ونڊڻ جا به ڪي آداب آهن
وڏو سچ ته اهو آهي ته سڀ آداب آهن ئي پرين لاء............
اهي آداب پنهنجي آخري نتيجي طور سموري ڪائنات کان ڪٽي، الڳ ڪري، صرف ۽ صرف محبوب سائين جي کاتي ۾ لکن ٿا اوهان کي.
باقي دنيا ڄڻ ته آهي ئي ڪونه،
ڪو وجود ئي ڪونه ٿي رکي.
هونئن ته اکيون هر شيء کي ڏسڻ لاء ڪافي آهن،
پر پرينء کي ڏسڻ لاء سمورو جسم اک ٿي وڃي ٿو،
هن ڪيفيت ۾ ئي ته لطيف سائين چيو هو،
وٽن ويٺي آهيان ڏسيو ڪين ڏسان،
جنهن جيهو ئي ناه ڪو صورت سان سنديان،
ڏسيو ڪين ڏسان، آءُ نه جيئندي ان ريء.
يعني مان ان جي سامهون ويٺو آهيان،
جنهن جهڙو ڪو دنيا ۾ اڃان تائين پيدا ئي ڪونه ٿيو آهي،
پر مونکي لڳي ٿو ته هن جي سامهون هوندي به،
هن کي ڏسندي به مان هن کي ڄڻ ته ڏسان ڪونه ٿو.
هڪ ٻيو شعر آهي جو،
ڪنهن پر روئان پرينء کي روئي نه ڄاڻان،
مٿي کڻيون ڀڻان، هنجن هاڻا هٿڙا.
اچو ٿورو ڳالهه کي هن انداز ۾ سمجهون.....
روئڻ ڇا کي چئجي؟
ڪنهن جو پيء مري ويو،
اهو ساڳيو انسان ڪنهن جو پٽ هو،
اهو انسان ڪنهن جو مڙس هو،
اهو انسان ڪنهن جو ڀاء هو،
ڪنهن جو مامو هو،
ڪنهن جو چاچو هو،
اهو انسان ڪنهن جو دوست هو،
(ڪنهن جو گهرو دوست، ڪنهن جو گهٽ گهرو)
ڪنهن سان هو وڙهيل هو،
هن جا سوين قسم جا رشتا هئا زماني ۾ رهندڙ ماڻهن سان، جيئن عام طور تي ٿيندو آهي.............
ڇا هن جي مرڻ تي سڀ ماڻهو هڪ جيترو روئيندا؟
ڀلا هن جي ڀاء کي جيترو روئڻ گهرجي، (ڀائرن ۾ به هو ڪنهن هڪ کي وڌيڪ پيارو هو، ڪنهن کي گهٽ) ڇا دوست به ايترو ئي روئيندا؟
پاڙي وارا؟
ٿورو پاسيرا؟
جواب آهي ته نه...........
ته ڇا روئڻ جو به ڪو حق هوندو آهي،
يعني جيئن، جيترو، ڪيئن، ڪيترو روئڻ گهرجي؟
پرين جي وڇوڙي جيترو گهاء ڏنو آهي، ان مطابق روئڻ گهرجي؟
ته پوء مڃڻو پوندو ته روئڻ جو به ڪو حق هوندو آهي...
ٿورو ترسو.........
اوهان ڪنهن محفل ۾ دوستن سان ويٺا آهيو....
اتي ڪنهن دوست ڪو لطيفو ٻڌايو،
اوهان سڀ کليا،
سڀ دوست گهڻو ڪري ان لطيفي جيترو کلندا، جيڪڏهن ڪو وڌيڪ کلندو ته ٻيو ان کي ٽوڪيندو ته، خير ته آهي! اهڙي ته ڪا ڳالهه ڪونه هئي هن لطيفي ۾!!؟
ان جو مطلب ته ڪنهن کلڻ جو حق ادا نه ڪيو ڪنهن وري حد کان وڌيڪ......
لطيف سائين فرمائي ٿو ته مونکي منهنجو پرين جيترو گهاء ڏيئي ويو آهي مان ان جيترو ته روئي ڪونه ٿو سگهان/ ڪونه ٿو روئان.
بس، ڄڻ ته رسم ٿو پوري ڪريان.
..............۽ اهو ئي ته پرين آهي جنهن کي ڏسڻ جو حق اسان جي هنن ٻنهي اکين کان ڪونه ٿو پڄي.
ڪونه ٿو ادا ٿئي.
پري پري تائين ڏسڻ واريون سامهون/ ويجهو/پاسي ۾ ويٺل پرينء کي ڏسي نه سگهن ته ڇا چئجي؟
هنن جي دانهن ڪنهن کي ڏجي؟
ڇا اها ڪيفيت بيان ڪرڻ جهڙي آهي؟
ٻڌڻ لاء ڪن ڪافي آهي،
مهين ڀڻڪ به ٻڌن ته وڏي وڏي لائوڊن جا پردا ڦاڙيندڙ آواز به،
پر پرينء کي ٻڌڻ لاء ٻه ڪن ڪٿي ٿا پورا پون.
هي ڪن ته وائڙا ئي رهن ٿا ته ڪيئن ٻڌون، دنيا جي سڀ کان چاشنيء واري زبان مان نڪتل هڪ هڪ اکر، هڪ هڪ لفظ کي ٻڌڻ جو حق ڪيئن ادا ڪريون؟.
ڇا اکيون ڏوهي آهن، پرينء کي ڏسڻ جو حق ادا نه ڪري سگهڻ لاء؟
ڇا ڪن ڏوهي آهن پرينء کي ٻڌڻ جو حق ادا نه ڪري سگهڻ لاء؟
نه............
جنهن کي ڏسڻ سان،
جنهن تي پهرئين نظر پوڻ سان پنج ڇهه ئي حواس جواب ڏيئي وڃن،
سمورو جسم سُن ٿي وڃي،
سموري جسم تي ڪنٽرول ڪندڙ دماغ هوش وڃائي ويهي،
سمورو جسم پنهنجا عضوا وڃايل محسوس ڪري،
سوچون هڪ جاء نه رهن،
جتي اڱڻ چمان يا عجيب چمان واري ڪيفيت هجي
اتي ويچاريون اکيون يا ويچارا ڪن ...............
انهن جو ڪهڙو ڏوه...
ته ڇا مٿيون شعر،
اديون سڀ اندام، چڙن منهنجا چوريا.
عشق جي جسم جي اندر ڪا هڪ جاء آهي؟
يا هو نس نس ۾ وڃي پنهنجا آستانا اڏي ٿو؟
ان مٿئين سوال جو جواب ۾سهڻي چوي ٿي ته نه،
نس نس ۾ پرين وسي ٿو،
ان سان لاڳاپيل هڪ هڪ شيء سڀني حواسن جو ٺار آهي،
مٿي کان وٺي ننهن جي چوٽيء تائين پرينء جو قبضو رهي ٿو،
سڀ اندام، سڀ عضوا، ميهر جي مينهن جي ڳچيء ۾ پيل چڙن چوريا آهن،
پنهنجي جاء تان چوري ڇڏيا آهن، ساز لاء به چيو ويندو آهي، ته ساز کي چور،
ڪو چنگ چور،
يعني وڄاء.............
منهنجو سمورو جسم ميهر جي مينهن جي چڙن وڄائي ڇڏيو آهي.
لارن جا لنوَ لائي،
ميهر جي مينهن کي ڳچيء ۾ پيل گهنڊن،
لار جو مطلب مينهن جا ٻچا، ڦر، وڇون، ڪونهان....
انهن جيڪا اندر ۾ محبت جي لهر پيدا ڪئي آهي اها عام ماڻهوء کي ڪيئن ٻڌايان،
محبت جو مٺاج، ٻڌائي سگهڻ جهڙو آهي ئي ڪونه، اهي سمجهي سگهندا به ڪونه تنهنڪري انهن کي ڪيئن ٻڌايا ته انهن گهنڊن منهنجي اندر ۾ جيڪا لنوَ لائي آهي اها ڪهڙي قسم جي آهي،
ڪيئن آهي؟
ڇا ذائقو ٻڌائي سگهڻ جهڙو هوندوآهي،
لفظن ۾ بيان ڪري سگهجي ٿو؟
انگور کٽا آهن...
انگور مٺا آهن....
ڏوڪا ڦڪا آهن...
ڏوڪا مٺا آهن....
نارنگي کٽي آهي....
نارنگي مٺي آهي....
صوف ڦڪو آهي....
صوف مٺو آهي.....
ڇا انگورن، نارنگين، ليمن جو کٽو ٻڌايو ويندڙ ذائقو هڪ جهڙو کٽو هوندو آهي؟
ڇا انگورن، نارنگين، ليمن جو مٺو ٻڌايو ويندڙ ذائقو هڪ جهڙو مٺو هوندو آهي؟
ڇا کنڊ، کارڪون ۽ مٺيون نارنگيو، مٺا سڏجندڙ انگور هڪ جهڙي ذائقي وانگر مٺا هونديون آهن؟
جڏهن کائي سگهندڙ سڀني شين جي ذائقن تي اڃان تائين نالا رکي نه سمجهايو ويو آهي ته ڇا پرينء جي مٺاڻ جي ماپ ٿي سگهي آهي...
سهڻيء جي اندر جا لنو لارن لائي آهي اها ٻڌائي، سمجهائي سگهڻ جهڙي آهي...؟
***

اچو هڪ ٻيو شعر پڙهون،
چوڌاري چڙا ٻرن ٻيلائين جا،
ستي سنڀارن جو پيم ڪن پڙاء
ويهڻ مون نه وڙاء، سڻيو جهانء، جهڄي هنيون.

تو اس طرح سي ميري زندگي ۾ شامل هي،
جهان ڀي جائون يي لگتا هي، تيري محفل هي.....
سهڻي چوي ٿي ته مونکي چوڌاري صرف ۽ صرف چڙن (مينهن، ڳئون، وغيره کي ڳچيء ۾ ٻڌل گهنڊ) جا آواز ئي ٻڌڻ ۾ اچن ٿا،
جڏهن ننڊ ۾ آهيان ته به منهنجي ڪنن تي پرين جو پڙاء، سڏ، واڪو، پڪار جو آواز ٿو پوي.
............پوء اهڙي حالت ۾، مونکي ويهڻ نه جڳائي،
منهنجو وڙ ناهي، عشق جو وڙ ناهي جو ويهي رهي،
منهنجو ته هانوء ٿو جهڄي، اهڙا اندر ۾ جهير وجهندڙ آواز ٻڌي.
ڇا اوهان کي ڪڏهن ائين محسوس نه ٿيندو آهي ته اڄوڪي ٿيندڙ شاعري سموري نه ته به گهڻي تڻي لطيف سائينء جي شاعري جي سمجهاڻي آهي،
شرح آهي،
مهرباني ڪري جڏهن به ڪو اهڙو شعر پڙهو جيڪو لطيف سائين کان پوء جو چيل آهي ته ان تي غور ڪندا ڪريو ته اها ڳالهه هن سائين ڪنهن نه ڪنهن طور تي ڪئي ته ڪونهي؟
اوهان کي گهڻو ڪري ائين لڳندو ته مان اوهان جي دل جي ڳالهه ڪئي آهي.

چڙن چوري آهيان، سک ٿي سمهان ڪيئن،
ساريان ساهڙ ڄام کي، ڏه ڏه ڀيرا ڏينهن،
ميهار مرڻ سيئن، نير پاتم نينهن جو.

چوڌاري ٻڌڻ وارن آوازن چوري آهيان، (چنگ وانگر چورڻ) (وڄائي آهيان)
پنهنجي ساه ۾ سانڍيل کي، ڏه ڏه ڀيرا هڪ ڏينهن ۾ ياد ڪريان ٿي.......
(هڪ ٻئي شعر ۾ پڙهي آيا آهيون ته،
ڏه ڏه ڀيرا ڏم هڪ ڏينهن ۾ هن تي پيو ڏمربو هو..........مطلب ڪو ڏه ڀيرا ڪونهي،
هڪ، ٻه ، ٽي وغيره پر تمام گهڻا دفعا،
............پر پرين سان ڳڻڻ جا ليکا آهن؟
پرين کي ياد ڪرڻ جي تسبيح به ڪا آهي جنهن جا داڻا ڳڻي سگهجن؟
اهو دم حرام جنهن ۾ نانء نه نرمل جو.....
جو دم غافل، سو دم ڪافر،.....
(جيڪو دم پرينء جي غفلت، ان جي يادگيري کان سواء کڻجي اهو دم، دم ناهي............)
سو پرين ۽ ليکا!؟
اهڙو ڪو ليکو اوهان ٻڌو!؟
آخري سٽ ساه ۾ سانڍڻ جهڙي آهي ته،
ميهار سان ته مرڻ تائين،
يعني آخري ساه تائين منهنجو ساه ٻڌل آهي،
ٻن ساهن کي هڪ نوڙ، رسي سان ٻڌو ويو آهي...........
سلهاڙيل آهي اندر اندر سان،
من من سان،
تن تن سان،
ٻه ساه هڪ ٿي وڃن ته پوء....
اها آهي آخري منزل عشق جي...
پر نه......
عشق جي به آخري منزل ٿيندي آهي!؟
اوهان ٻڌي آهي!؟

ڪارا ڪن ڪاري تُڳي، جت ڪاريهر ڪڙڪا،
مئي متي مهراڻ ۾، اچن دوپارا دڙڪا،
ويندي ساهڙ سامهون، جهول ڏنس جهڙڪا،
کرڪن جا کڙڪا، سامهون ٿيڙس سير ۾.

رات جي اونداهيء ۾ ڪارا ڪن،
ڪاري رات (تڳي)
درياء جا وروڪڙ،
تار وهندڙ مهراڻ ٻنهي پارن جا دڙڪا، (وڃڻ ۽ موٽڻ)
ساهڙ ڏانهن ويندي انهن سان گڏ جيڪو جهول ڪري بيٺل پاڻي آهي،
( ڇا سمورو درياء هڪ ڪرو يعني هڪ جهڙو ٿي وهندو آهي؟
درياء ۾ گهڙڻ کان پوء ڪنارن سان ته ڪجهه پاڻي بيٺل هوندو آهي، پوء جيئن جيئن اڳتي وڌبو تيئن تيئن وهڪرو يعني سير (وچ درياء) تيز ٿيندو ويندو. وري سير کان پوء جڏهن ٻئي ڪناري تائين پهچبو ته وري دريائي وهڪرو گهٽبو ويندو ۽ آخر وڃي انسان بيٺل پاڻي اورانگهي ڪناري پهچندو. ڳوٺاڻن کي ته اها ڀلي ڀت خبر هوندي ته درياء کان پوء يعني ڪنارن جي ويجهو جيڪو جهنگ بيٺل هوندو آهي اهو پاڻي درياء سان گڏ وهڻ ته پري پر ان جو تعلق درياء سان جڙيل هوندو به ڪونهي ڪڏهن ڪڏهن)
جنهن لاء ٻڌ سڌ اها آهي ته وهندڙ کان بيٺل/ جهول ڪيل پاڻي خطرناڪ هوندو آهي،
اهڙي خطرناڪ،
خوفناڪ پوزيشن ۾،
پرينء جي ڌاريل مينهن، وڇين جي ڳچيء ۾ پيل گهنڊن جو آواز سامهون آيو سهڻيء کي،
ان هڪ آواز،
ڪُنن جي آوازن،
ڪاريهري وهڪرن،
جهول واري پاڻيء جي خوف کي ميٽي ڇڏيو
سو ايترن مٿي بيان ڪيل خوفن جي مقابلي ۾،
پرين پاڻ به نه،
پرينء جو آواز به نه
پرينء سان سڌي جڙيل شيء به ڪونه
صرف پرين جي مينهن جي ڳچيء ۾ پيل گهنڊ جو هڪ آواز............
اهو ئي ته لطيف آهي............

* * * * *
کرڪن خوش ڪياس،محبتي ميهار جي،
پسڻ ڪارڻ پرينء جي، آڌي اٿياس،
ستي جاڳاياس، سانڀر سپرين جي.

پرين پاڻ ڀلو،
پرينء سان لاڳاپيل سڀ شيون ڀليون،
پرينء سان لاڳاپيل يادون ڀليون،
پرينء جو پار ڀلو،
پرينء جي پار جي هر شيء ڀلي،
پرينء جي پار کان ايندڙ هوا به ڀلي،
ته پوء پرينء جون ڌاريل مينهون به ڀليون،
وڇون به ڀليون،
انهن جي ڳچي ۾ پيل گهنڊ به ڀلا،
انهن مان نڪرندڙ آواز به ڀلا،
...........انهن آوازن، انهن ڀلن آوازن مونکي خوش ڪيو آهي،
انهن ئي ته آڌيء رات واري مٺڙي ننڊ مان جاڳايو آهي،
جاڳي پوڻ کان پوء پرينء تائين پهچڻ ۽ ان سان ملڻ.

جياريس سنڀار، ڪوه ڪرينديم گڏجي،
ويرو تار وجود ۾، پريان جي پچار،
سي سڄڻ هون نه ڌار، جي هيئنڙي ۾ حل ٿيا.
اهو ئي ته عشق آهي،
پرينء جي ياد اندر کي ٺاري،
پرينء جي ياد اندر کي ٻاري،
(اسي ڪو ديک ڪر جيتي هين، جس ڪافر پي دم نڪلي)،
( ڪاوڙ ڇڏ تون، اها ڪاوڙ تنهنجي ماريندي،............ پر هڪڙي مرڪ جياريندي)
سهڻي ٿي چوي ته،
دنيا مونکي ڀلي روڪي،
پرينء جي ياد جو ڏيئو اندر کي روشن ڪريو بيٺو آهي ته پوء ملڻ کي ڇا ڪبو؟.
پرينء جي يادن جي درياء جون ويرون وجود کي واسو ڪريو ويٺيون آهن،
وجود سمورو ئي ته وار وار کان لونء لونء تائين ان هڪ سر جي سائينء جو آهي،
سي سڄڻ هون نه ڌار، جي هيئنڙي ۾ حل ٿيا.
هيء هڪ سٽ غور طلب آهي.
حل ٿيڻ ڇا کي ٿو چئجي؟
ڇا دنيا جي ٻئي ڪنهن شاعر به ان انداز سان پرينء کي سمجهيو ۽ سمجهايو آهي؟
اوهان جي هٿ ۾ کير ۽ کنڊ آهي،
لوڻ ۽ لسي آهي،
اوهان جي هٿ ۾ رنگ ۽ پاڻي آهي،
اوهان کير ۾ کنڊ وجهي ڇڏي،
لوڻ وجهي ڇڏيو لسيء ۾،
يا صاف پاڻيء ۾ رنگ وجهي ڇڏيو.
ٿوري دير کانپوء اها کنڊ کير سان ملي هڪ ٿي ويئي،
لوڻ لسيء سان ملي هڪ ٿي ويو،
اهو رنگ پاڻيء ۾ گم ٿي ويو.........
هاڻي اوهان ڪوشش ڪريو ته
کنڊ کي کير کان الڳ ڪريو،
لوڻ کي لسيء کان الڳ ڪريو،
رنگ کي پاڻيء کان الڳ ڪريو..........
اوهان ڪونه ڪري سگهندا.
شايد مشين جي ذريعي اهو ممڪن ٿئي پر،
هن همراه جي ڳالهه اڄ کان ٽي چار سو سال اڳ جي چيل آهي،
ان وقت اهڙين مشينن جا تصور به ڪونه هئا انسان وٽ..........(هاڻي به اسان وٽ ته ڪونه آهن باقي انساني ڪارنامن کي ڏسي ٻڌائي سگهجي ٿو ته ائين به ممڪن آهي...
(جا خدا کان نه ٿي، جا نه امڪان ۾،
ڳالهه آهي اها اڄ جي انسان ۾)
منهنجو ارادو اهو هو هن ڪتاب لکڻ وقت ته اهي شعر جيڪي دنيا ۾ سڀ کان اڳ لطيف سائين چيا آهن (منهنجي مطالعي مطابق) يعني جيڪو ڪجهه مون پڙهيو آهي، اهي شعر ڏيندس.......
ته پوء سر سهڻي اٽڪل سمورو ئي ته ان ڪرائيٽيريا تي اچي ٿو
ڇو ته سهڻيء کي هيروئن ڪري پيش ڪرڻ پهريون دفعو آهي.......
ته پوء سهڻيء لاء چيل سموريون ڳالهيون اچڻ گهرجن.
ٻيو ته سهڻيء کي ڇڏي ڪري به هن سر ۾ جيڪو اينيشيٽو ورتل آهي سائينء جو، اهو به ته اچڻ گهرجي نه.
سو عاشق ۽ معشوق جي نفسيات،
پيار جا لاها چاڙها،
جيڪي هن انسان سمجها آهن ۽ سمجهايا آهن اهو ڪو خواب وانگر ٿو لڳي،
اڻ ٿيڻو ٿو لڳي ڄڻ!
پرين منهنجي اندر ۾ ڪيئن آهي؟
اسان ٻه جسم پر هڪ ساه آهيون............
اسان کي بس هڪ ئي سمجهو....
ڳڻپ ۾ ٻه، اصل ۾ هڪ.....
ٿي سگهي ٿو اهو ڪنهن اڳ چيو هجي پر
هيئنڙي ۾ حل ٿيڻ!!؟؟
يعني جيئن کنڊ، لوڻ، رنگ وغيره پاڻيء ۾ کير ۾ حل ٿي ويا،
پنهنجو وجود وڃائي هڪ ٿي ويا..............
عشق چئبو ئي ان کي آهي ته منهنجو وجود ختم، بس تون ئي تون...
ڪهي حسين فقير نماڻا، مين نهين سڀ تون.................
(منهنجو ئي هڪ شعر آهي،
تون، مان،
ڪٽ، ضرب، جوڙ ، ونڊ
پاڇي تون
پرين اندر ۾ حل ٿي ويو،
هاڻي اهو مونکان
مان هن کان الڳ ٿيڻ ناممڪنات ۾ آهي،
هڪ ٿيڻ کانپوء وري واپس ٻه ٿيڻ!!؟؟

سهڻي-17

ميهاران مرڪ، پيتائين پريم جي،
تنهن منڌ متوالي ڪئي، سندي ساء سرڪ،
لڳيس ڪام ڪرڪ، لوهان تکي لطيف چئي.

هن شعر جي معنى مختلف ليکڪن اٽڪل ساڳي ئي (هڪ جهڙي) ڪئي آهي ته؛
شاه صاحب فرمائي ٿو ته
”ميهر وٽان ڪا اهڙي سرڪ پيتائين جو هيء منڌ متوالي ٿي ۽ کيس قرب جو ڪان اهڙو لڳو جيڪو لوه کان به تکو هو“.
انهن کي اها معنى ۽ مطلب ڪڍڻ جو پورو حق آهي.
پراڻي ڳالهه آهي جو هڪَ همراه ته لطيف سائين کي ون يونٽ جو حامي شاعر ثابت ڪيو هو، (پنهنجي ليکي).
لطيف سائين پٽ ڏيڻ،
”منهنجون تو پڄايون“ وارن مطلبن لاء ته گهڻو استعمال ٿيو آهي پر سندس اصلي روپ جيڪو هڪ تمام وڏي عالم، فلاسافر، سماجي نفسيات جي ماهر (نه پر ماسٽر وارو آهي) ۽ ڪيترن ٻين روپن وارو آهي اهو تمام گهٽ سمجهيو ويو آهي.
اسان جي خوشنصيبي اها جو اسان وٽ ايڏي وڏي پايي جو شاعر موجود آهي،
بدنصيبي اها جو ان مان اسان کي جيترو پرائڻ گهرجي ايترو ڪونه پرايو آهي.
اسين هڪ ٻيء جاء تي به بحث ڪري آيا آهيون ته هي همراه؛
تمام وڏي شاعر کان اڳ انسان آهي،
تمام وڏي شاعر کان اڳ مرد آهي،
تمام وڏي شاعر کان اڳ عاشق آهي،
انسان هجڻ ڪري انساني جبلتون ۽ جذبا هن ۾ هوندا/هجڻ گهرجن ۽ آهن.
مرد هجڻ ڪري مرداڻيون جبلتون ۽ جذبا هن ۾ هوندا/هجڻ گهرجن ۽ آهن.
عاشق هجڻ ڪري ان ۾ عاشقن جهڙي تڙپ به هوندي/هجڻ گهرجي ۽ آهي.
ڇا شاعر کي انساني بنيادي جبلت سيڪس جو ذڪر سڌو، اڻ سڌو، لڪائي، ظاهر ڪري ڪرڻ ئي نه گهرجي؟
............عجيب نه ٿو لڳي اوهان کي؟
سيڪس گار گند کان سواء به گهڻو ڪجهه آهي!!؟؟.
سيڪس جي سئيء تي ئي هن ڪائنات جي وجود جا ٿنڀا بيٺل آهن.
اها ٻي ڳالهه آهي ته انسان اڃان تائين اهڙو ادراڪ ڪونه ڪري سگهيو آهي،
اڄ کان ٽي هزار سال اڳ سقراط چيو هو ته ڪو وقت ايندو جڏهن هن دنيا مان بدصورتي ختم ٿي ويندي.
.................هن چيو هو ته جيڪڏهن سهڻي جانور جو نسل وٺي سگهجي ٿو ته سهڻي انسان جو ڇو نه؟
اوهان کي ڪونه ٿو لڳي ته انسان جڏهن جين تي قدرت حاصل ڪري وٺندو ۽ پازيٽو سوچيندو ته اهو پٽ ۽ ڌيء جي فرمائش کان اڳتي سهڻي ۽ صحت مند ٻار جي فرمائش به ڪري سگهندو؟
ان کي حاصل به ڪري سگهندو!.
ڇا ٿيندڙ امڙ کي اهڙي قسم جا ٽڪا ڪونه ٿا لڳن جو ٻار صحت مند ڄمي؟
ته ڇا خوبصورتي انساني ڪمزوري هوندي بابا سائين ۽ امڙ سانئڻ کي سهڻي خدوخال وارو ٻار ڄڻڻ لاء اندر ۾ خواهش ڪونه پيدا ڪندو؟
.......ڇا اوهان/ اسان پنهنجي وڏڙين کان پيٽ سان ٿيندڙ عورت کي اهو چوندي ڪونه ٻڌو آهي ته صبح جو اٿڻ سان آئينو ڏسندي ڪر، ان سان ٻار تي سٺو اثر پوندو آهي...خاص ڪري انهن عورتن کي جن کي ڪوجها مڙس ملندا آهن. (ان جي فلاسافي اها آهي ته جيئن ته مڙس ڪوجهو آهي ۽ عورت سهڻي تنهنڪري آئيني ۾ خوبصورت چهرو ڏسڻ سان ٻار سهڻو ڄمندو آهي)
اچو مٿئين شعر ۾ ڪجهه لفظن جي معنى سمجهون؛
پوء ٿا اڳتي وڌون.
متوالي جو مطلب............مست، بي خود، مدهوش، چريو، مستانو، پاڳل، ديوانو، مجنون، سودائي، خفقاني، دماغ ڦريل، وائيسر ڦريل، جنوني، ڀوڪ، الو، ڇسو، چرٻٽ، نادان، ڄٽ، بي عقل، نشئي، خماريل، مخمور، خماري، موجي وغيره (ڏسو جامع سنڌي لغات ڀاڱو پنجون، صفحو نمبر 2590)
ساء سرڪ...............ساء، مزو، مزي واري سرڪ، مزيدار سرڪ
(هڪ ڳالهه ٻي به اوهان نوٽ ڪندا هلو ته؛
ڇا سسئيء لاء چيل پنجن ئي سرن ۾ لطيف سائين متوالي لفظ ڪم آندو آهي؟
ڇا مارئيء لاء تمام وڏي چيل سر ۾ لطيف سائين متوالي ڪم آندو آهي؟
ڇا نوريء لاء سندس سر ۾ لطيف سائين متوالي ڪم آندو آهي؟
ڇا سورٺ لاء لطيف سائين متوالي ڪم آندو آهي؟
ڇا ليلا لاء لطيف سائين متوالي ڪم آندو آهي؟
ڇا من موهڻي صورت سان متوالو ڪندڙ مومل لاء لطيف سائين متوالي ڪم آندو آهي؟
هيء ڳالهه غور ڪرڻ جهڙي آهي......
ليلا به ته ڪي راتيون پنهنجي ور چنيسر سان گذاريون هونديون!!
هوء هن جي زال هئي،
سڀني قصن ڪهاڻين م آهي ته هو (چنيسر) محفل ۾ شراب پي جيئن ئي گهر موٽيو........
مطلب هو (سندس ور چنيسر) شراب پيئندڙ هو،
پراڻي زماني ۾ بادشاهن جا ڪم ڀلي ڪهڙا به رهيا هجن،
ڀلي هنن ٽوپيون ٺاهي گذارا ڪيا هجن،
رستن تي کوه کوٽرايا هجن،
رستن تي وڻ پوکرايا هجن،
(تاريخ ۾ اهو ئي لکيل آهي)
پر گستاخي معاف..........
ڇا تاريخ ۾ اهو لکيل آهي ته بادشاهن لاء،
انهن جي شهزادن لاء،
دنيا جي ملڪن مان چونڊ سهڻيون ڇوڪريون واپارجي اينديون هيون،
انهن جي خوبين ۾ انهن جو حسين، (چٽو رنگ، قد، بت، بيهڪ وغيره) هجڻ سان گڏ ڪنوارو هجڻ به شرط هو نه ته اهي بادشاهن ۽ شهزادن لاء “ڪئاليفاء“ڪونه ڪنديون هيون.
انهن نياڻين کي وري گهاگهه قسم جون عورتون ٽريننگ ڏينديون هيون،
انهن کي مرد کي وڻڻ لاء گهربل نخرا سيکارينديون هيون،
مرد کي سيٽسفاء ڪيئن ڪجي؟
ان کي پنهنجو ڪيئن ڪجي؟
(ڇا اسان جي معاشري ۾، اسان جي گهرن ۾ پراڻيون عورتون نئين شادي ٿيل عورتن کي ڪونه سيکارينديون آهن ته مڙس جي دل ڪيئن هٿ ڪجي؟)
محلاتن ۾ وري ڪيترا حڪيم صرف ان لاء هوندا هئا ته جيئن اهي بادشاهن، شهزادن، وزير وڙن لاء سيڪس جا نسخا تيار ڪن.
( هن غريب ملڪ جي صدر هائوس، وزيراعظم هائوس لاء ڪڏهن ڪنهن کان بورچين جي لسٽ ته پڇو.
کاڌي جي هر ائٽم لاء علحده ٽيم، مٺائي تيار ڪندڙ علحده ٽيم،
ڪيڪ ۽ بسڪوٽ ٺاهڻ لاء وري ڌار ٽيم،
برياني، ڀاڄين لاء علحده ٽيمون جيڪي هر وقت نوان نوان ذائقا پيش ڪري داد حاصل ڪرڻ لاء آتا هجن ٿا.................)
جيڪڏهن هنن صرف کوه ئي کوٽرايا ته پوء بادشاهي محلاتن ۾ اڄ ٽي سو پنجهٺ ڪمرا ڇو لڌا پيا وڃن!!؟
ٽي سو پنجهٺ ڪمرن جو مطلب هر رات لاء هڪ ڇوڪري. !!!!
اهو ذڪر ڪنهن به تاريخ ۾ ڪونهي يا نه هجڻ برابر آهي....
(مدرسن ۾ هڪ ڪتاب پڙهايو ويندو آهي، جنهن جو نالو آهي نفحتُ اليمن.... ان ۾ هارون رشيد بابت هڪ ڪهاڻي پڙهائي ويندي آهي جنهن ۾ هو هڪ ٻانهيء کي ڪجهه چوي ٿو، (تون ڪٿي آهين، اڄڪلهه تون مون ڏانهن ڪونه پيئي اچين.....يعني هوء تمام سهڻي هئي پر ٻين سهڻين (نين) جي اچڻ ڪري اها وسارجي چڪي هئي) جنهن جي بدلي ۾ هوء کيس ٺهه پهه وارو/ حاضر دماغيء وارو جواب ڏئي ٿي.... جنهن تي هو ڏاڍو خوش ٿئي ٿو.....) (وڌيڪ پاڻ پڙهو ته سٺو)
پراڻن کي ڇڏيو، اڄوڪن وزير وڙن جون نجيون ڪچهريون ٻڌو، ( پڙهو ڪتاب پارليامينٽ سي بازار حسن تڪ)
جيڪڏهن سواء هن موضوع جي ڪو موضوع ملي اوهان کي ٻڌڻ لاء ته..................
اوهان مذهبي راهبن جون نجيون ڪچهريون ٻڌو...................
وڌيڪ ڪونه ٿا لکون،
هاڻي اهي ڳالهيون عام آهن.
اوهان هي ڪتاب پڙهو ٿا،
ان جو مطلب آهي ته اوهان ڪتاب پڙهندڙ آهيو..............
.............۽ جيڪڏهن ڪتاب پڙهندڙ آهيو ته ڪا شعور جي،
ڪا ڏات جي روشني ضرور هوندي اوهان ۾).
...........چنيسر شراب پي موٽيو،
شراب عورت کان پري ڪندڙ آهي يا ويجهو ڪندڙ؟
جواب ڏيئي پوء اڳتي وڌو....
شراب جو نشو جيڪڏهن عورت جي ويجهو ڪندڙ آهي ته جسم اندر شراب جيڪا باه لڳائي ٿو اها تن جي ميلاپ جي آهي يا من جي ميلاپ جي؟
جيڪڏهن اها تن جي ميلاپ جي آهي ته اها تن جي ميلاپ سان اجهامندي يا من جي ميلاپ سان؟
سموري ڳالهه وري اتي ٿا آڻيون تنهن عورت يعني ليلا کان ان جو مڙس کسجي ويو. جنهن لاء هن ڌاڙ گهوڙا ڪئي.
پر پوري سر ۾ متوالي لفظ ڪم آيل ڪونهي،
حقيقت ۾ ان ليلا لاء ته ان جي روئڻ پٽڻ جو سبب ان مڙس جو کسجي وڃڻ آهي جنهن هن کي متوالو ڪيو هو.
....پر هِن ڏاهي انسان سوچي سمجهي ڳالهايو آهي هڪ هڪ لفظ،
هي لفاظي ڪري وقتي داد حاصل ڪندڙ ڪونهي............
هي ته دلين ۾ پڪي عمارت اڏي ويهندڙ انسان آهي.
..................... مومل قهر جي عورت هئي،
سونهن جو مجسمو هئي،
(ڇا سهڻي ۽ ڪوجهي عورت ڏسڻ کان پوء ساڳي ئي قسم جا جذبا جاڳندا آهن من ۾؟
ڇا اوهان حڪمت جي ڪتابن ۾ ڪونه پڙهيو آهي ته سيڪس جو ڀرپور انداز ۾، انساني عضون جي انگيزيء ۾ “ساٿي“ جو ڪوجهو هجڻ ۽ سهڻو هجڻ وڏو عمل دخل رکي ٿو؟
ڇا ڪو سهڻو چهرو ڏسي ڳالهه داد ڏيڻ کان اڳتي ناهي وڌندي،
من موهڻو چهرو ڏسي، من ڪا نينڍ نه ڏيندو آهي تن کي؟)
بادشاه سندس چهري جي هاڪ ٻڌي پري پري کان ايندا هئا،
ان سڀني کي ڦريو، پر مينڌري...........
گجر گهڻا گهائيا، پاڻا لڳس گهاء
لطيف سائين ان لاء ڪٿي ڪونه لکيو آهي ته اها مومل متوالي ٿي هئي،
مينڌري ان کي متوالو ڪيو هو........!؟
ها، اها متوالي ٿي هئي تڏهن ته مينڌري کان سواء،
ان جي نه ملڻ تي، پاڻ کي کڻي ڏهاڳ ۾ اڇلايو هئائين...
ڇا لطيف سائين لکيو؟
نه ڪڏهن به ڪونه.
نوري.............
ڪونه،
مارئي.............!؟
مارئيء جو قصو الڳ آهي ان جو مڱڻو ٿيو هو، شادي ڪونه.
سسئيء ته پنهل سان راتيون گهاريون هيون.............
زال مڙس وارا ناتا نڀايا هوندائين........
ضرور......
سسئيء جي عشق ۾ ڪمال آهي.
لطيف سائين ان کي “عاشق“ سڏيو آهي،
۽ سوچي سمجهي سڏيو آهي..........
پر پنجن ئي سرن ۾ هي لفظ استعمال ناهي ٿيل!؟.
سسئي متوالي نه ٿي!!؟؟
سورٺ ۾ به ڪونه.
ته پوء.............
هِن ۾ ڇو؟؟؟
اهو هڪ وڏو سوال آهي،
ان جا ٻه وڏا سبب ٿي سگهن ٿا؛
پهريون ته، سهڻيء جو پهريون پيار ميهار هو ۽ دنيا جي حقيقت آهي ته ڪا به عورت پهريون پيار وساريندي ڪونهي..........
مرد به ڪونه وساريندو آهي پهريون پيار پر عورت واري ڳالهه وڌيڪ مصدقه آهي، ۽ تجربو ٿيل آهي...
(منهنجي هڪ دوست ٻڌايو ته اسان جڏهن ننڍا هوندا هئاسين ته اسان جي هڪ مائٽياڻي جنهن جا ٽي مڙس هئا، يعني هڪ جي مرڻ کان پوء ٻيو، ٻئي کان پوء ٽيون.....
اتفاق سان هيء مائي جيئري هئي ۽ سندس ٽيون مڙس به.
هڪ ڏينهن ڳالهين ڳالهين ۾ مون مولوي صاحب کان واعظ ۾ ٻڌل اها ڳالهه ته بهشت ۾ مردن کي پنهنجون زالون به ملنديون حورن سان گڏ. اهي زالون انهن سان بهشت ۾ رهنديون، اهي حورن کان سهڻيون هونديون، اهي حورن جون سردار هونديون......ان ڪراڙيء سان شيئر ڪئي ۽ هن کان پڇيو ته تنهنجا ته ٽي مڙس ٿي گذريا آهن، تون ڪنهن سان رهڻ چاهيندينء؟
هن وراڻيو ته پهرئين سان)
سو سهڻيء جو پهريون پيار،
پنهنجي لاء پاڻ ڪيل انتخاب سان پيار ميهار ئي هو.
سسئيء، مومل، ليلا ۽ ٻين سان ته اها ڳالهه لاڳو ئي ڪونه ٿي ٿئي، انهن تي هڪ پيار هوندي ٻيو ڪو پيار مڙهيو ڪونه ويو هو.
ٻيو سبب اهو هو ته سهڻيء وٽ ٻن جي ڀيٽ هئي،
اها ڳالهه تمام وڏي اهميت رکي ٿي....
ٻن مان هڪ جي ڀيٽ.
يعني ميهار جي ڏم سان.
سهڻي ڏم پاران متوالي ڪيل ڪونه هئي،
ميهر سان ٿي هئي............
لطيف سائين جو اهو لفظ صرف هن عورت لاء استعمال ڪرڻ وڏي معنى رکندڙ آهي.
هاڻي اچو ته هن لفظ جي معنى کي سمجهون ۽ اهو سمجهون ته صرف هن ڪام ديو واري شعر ۾ ئي هي لفظ ڇو ڪم آيو آهي.؟
ڇا متوالي ڪئي جو مطلب ڪنهن طور تي ڪام ديو واري عمل سان سلهاڙيل آهي؟
ها بلڪل آهي،
ميهر ئي متوالي ڪئي هئي
۽ ڏم؟؟
سهڻي باه جهڙي عورت هئي،
ڏم پاڻيء جهڙو.
عشق جي زور تي جسم ۾ اٿيل باه پاڻيء سان نه پر باه سان ئي وسندي آهي.
لطيف سائين ڪيترو کلي ڳالهه ڪرڻ لاء آزاد هو؟
معاشري جي رائج قانون کي هڪ انسان ڪيترو ٽوڙي سگهي ٿو؟
انساني ذهن معاشرتي قانون ڪيترو جلدي قبولي ٿو؟
جيڪڏهن اڄ کان هڪ سو سال اڳ ٺهيل فلمون ڏسبيون ۽ اڄ جون!؟.
اڄ واري انسان کي هڪ سو سال اڳ واريون فلمون،
هڪ سو سال اڳ واري کي اڄ واريون فلمون ڏيکارجن ته...........
جواب اوهان جي ذهنن ۾ اچي چڪو هوندو......
اهي ڪجهه سوال آهن جن تي غور ڪري پوء اڳتي وڌجي.
پر هتي هڪ ٻيو سوال به آهي ته اسان ڪيترو آزاد آهيون ڪنهن به شعر جي ڪهڙي به تشريح ڪرڻ وقت....؟
ڇا اڄ کان هڪ سو سال اڳ هيء معنى ڪئي هئي ڪنهن؟
ٻه سو سال!؟
ڇا اڄ کان هڪ سو سال پوء به هيء ئي معنى ڪئي ويندي؟
(ٿي سگهي ٿو ته مان هن کي اڃان کليل طور ڪو مطلب ڏيڻ وارو هجان.......
پر معاشرو ڪونه قبوليندو، ان ڪري اتي ئي بس ڪئي هجي مون!!؟؟؟
ڇا اسپيڊ بريڪر صرف روڊن تي هوندا آهن؟
معاشري ۾ ڪنهن به خيال کي پيش ڪرڻ، ٻڌڻ لاء ڪي اسپيڊ بريڪر ڪونه هوندا آهن؟
وقت جو انتظار ڪريو.....
مولانا روميء جو شعر آهي ته؛
هيسيتائين جيڪي ڪجهه ڳالهايو اٿم اهو تنهنجي سمجهه مطابق،
سدائين ان آس، ان اميد پئي ماريو آهي ته،
تون وڏو ٿيء،
سڀ ڪجهه سمجهڻ جي قابل ٿيء،
معاشرتي پابندين کان ٻاهر ٿي سوچڻ سک،
آزاد ٿي سوچڻ سک،
سوچڻ ۾ ڪڍ لڳڻ واري روايت کان ٻاهر اچ ته
توکي اهو سڀ ٻڌايان جيڪو منهنجي اندر ۾ آهي.
سو سڌي ڳالهه هيء ته هن شعر ۾ سهڻيء لاء چيل آهي ته هوء تن جي پياس کان بيوس ٿي درياء ٽپي ويندي هئي.
تن جي پياس
جيڪڏهن سندس مڙس ڏم اجهائي سگهي ها ته ٿي سگهي ٿو سهڻي...........
۽ جيڪڏهن ڏم ساهڙ کان وڌيڪ ٿابت ٿئي ها ته.....................
اوهان جي چوڌاري معاشرو مثالن سان ڀريل آهي..........

سهڻي -18

ساهڙ جا سينگار، مون اڻ لکيا اڳي هئا،
نڪا ڪن فيڪون هئي، نڪا ٻي پچار،
ملڪنئان مهند هئي، توڏيء جي تنوار،
محبت ساڻ ميهار، لايائين لطيف چئي.

* * * * *

سهڻيء کي سينگار، اڻ لکيا اڳي هئا،
ڪن فيڪون ڪانه هئي، نڪا ٻي پچار،
مرڪي ساڻ ميهار، لايائين لنوَ لطيف چئي.

* * * * *

الست ارواحن کي، جڏهن چيائون،
ميثاقا ميهار سين ، لڌيون سين لائون،
سو موٽي ڪيئن پاهون، جو محفوظا معاف ٿيو.

ساڳي ئي معنى مطلب وارا شعر سر مارئيء ۾ به آهن پر غور سان پڙهڻ ۽ سمجهڻ سان هڪ ڳالهه مختلف لڳي ٿي....
اچو ته هن عورت کي سمجهون؛
مثال طور اوهان سهڻيء جي سامهون ويٺا آهيو، کيس سمجهايو ٿا ته؛
خير آ زندگيء ۾ ائين به ٿيندو آهي،
سموري عمر انسان ڪمائيندو ناهي،
ڪڏهن هارائيندو به آهي،
مڙي وڃ، جيڪي ٿيو توکي بخش آ......
سهڻي ڪونه ٿي مڙي ۽ اوهان کي لاجواب ڪندي ٿي رهي، (ان تي لکي آيا آهيون)
هاڻي اوهان آخري وار ڪريو ٿا...
يعني اهو دليل؛
جيڪو مفتوحن/ محڪومن/مظلومن/لٽيلن/ڦريلن/حق کاڌل ماڻهن کي ڏنو ويندو رهيو آهي،........
ڀلا اچو ته هڪ سين ڏسون....
پوء ٿا موٽي مطلب واري ڳالهه تي اچون؛
هڪ منٽ لاء تصور ڪريو، جڏهن انسان گڏيل طور شڪار ڪري، گڏ کائيندو هو، هڪ جانور پويان ٽولو انسانن جو پٿر، وڻ مان ڀڳل ڪاٺيون (ڏنڊا) کڻي ڪنهن جانور پٺيان پوندو هو، گهڻي گهڻي ويڙه کان پوء ڪو جانور شڪار ٿيندو هو.
سڀ ان کي کائڻ ويهندا هئا.
ڇا هن شڪار جي پويان ويل سڀ انسان هڪ جهڙي ذهني صلاحيت، جسماني طاقت رکندڙ هوندا هئا؟
جواب آهي ته نه....
هڪ ڏينهن ڪنهن ڪمزور/شڪار ۾ گهٽ حصو وٺڻ ڪري/ شڪار ۾ شامل نه هجڻ ڪري ان ماڻهوء کي شڪار ڪيل جانور جي گوشت کان پري ڪيو ويو.
هو نه پيو مڃين،
ويڙه ڪرڻ لڳو،
سوين دليل ٿيا،
ڪنهن نه ڪنهن طور ان هر دليل جو جواب پئي ڏنو.
آخر ان کي چيو ويو ته،
ڪنهن خدائي طاقت تنهنجي نصيب ۾ اهو نه لکيو آهي،
(هن هڪ جملي کي خلقڻ ۾ به انسان کي صديون لڳيون، ان مان جان ڇڏائڻ ۾ به صديون لڳنديون هتي انتهائي مختصر ڪيو ويو آهي ڳالهه کي)
.............ساڳيو دليل سهڻيء کي به ڏنو ويو، (مونکي پڪ آهي ته سهڻيء کي اهو دليل ڏنو ويو هوندو ته هن کي لکيو سمجهي قبول ڪري.
جيڪڏهن مان جهڙي ننڍڙي ماڻهوء کي اهو ذهن ۾ اچي ٿو ته ڇا هن جينئس انسان يعني لطيف سائين کي اهو ذهن ۾ ڪونه آيو هوندو!؟)
سهڻيء جو جواب ٻڌو ۽ پوء ٻڌايو ته اوهان وٽ سهڻيء کي سمجهائڻ لاء ڪجهه بچي ٿو!!؟؟
سو موٽي ڪيئن پاهون، جو محفوظا معاف ٿيو.
جواب ۾ سهڻي چوي ٿي،
ٺيڪ آهي اوهان جي ڳالهه،
برابر اهو لکيو آهي،
جيڪو الست بربڪم وقت لکيو ويو هو،
لوح محفوظ ۾ محفوظ ڪيو ويو هو،
ڀلا جيڪڏهن مان ثابت ڪريان ته منهنجو پيار لوح محفوظ کان اڳ جو آهي ته .....
جيڪڏهن مان/اوهان انهن جي جاء تي هجو جيڪي سهڻيء کي سمجهائڻ لاء لکيو سمجهي قبول ڪرڻ جو دليل ڏيئي رهيا هئا، انتهائي ايمانداريء سان ٻڌايو ته اوهان اڳتي ڪو لفظ ڳالهايو ها!؟
مان اعتراف ٿو ڪريان ته مون وٽ ڪو سوال، ڪو جواب ڪونه هجي ها سواء ان جي ته؛
سهڻي تون ئي سچي ۽ صحيح آهين.

سهڻي-19

سهسين سائر ٻوڙيون، منڌ ٻوڙيو مهراڻ
وه وڃايو پاڻ، هڻي ڪنڌ ڪپن سين.
ڪو پروگرام ست رنگي سڏبو آهي،
ڪو گهڻ رنگي،
هي انسان گهڻ رنگو، گهڻ رخو آهي،
لطيف سائين جون ڪيئي خوبيون آهن، سندس ئي هڪ شعر مطابق ته
ڪوڙين ڪايائون تنهنجو................
هن جا سڀ پاسا رِچ آهن، ڪو پاسو پُوئَر ڪونهي،
پر مونکي هن جو هڪ پاسو باغي هجڻ وارو وڌيڪ رچ لڳندو آهي،
ان تي گهڻو ڳالهائي به آيا آهيون،
اڳتي به ڳالهائينداسين...
هتي هڪ پاسو ٻيو به آهي جيڪو به تمام گهڻو رچ ۽ ڀرپور آهي
اهو آهي منظر نگاري وارو.
هي همراه سين ٺاهڻ جو وڏو ماهر آهي.....
اچو مٿئين شعر جي تناظر ۾ هن کي ڏسون....
اوهان سمنڊ جي ڪناري تي بيٺا آهيو،
ڇوليون اينديون رهن ٿيون،
اوهان انهن کي ڏسندي ڏسندي ڪنهن هڪ ڇوليء کي پري کان ڏسندا ان کي ڪناري سان لڳڻ تائين ڏسندا رهو ٿا،
ائين هڪ ڇولي،
ٻي ڇولي،
ٽين ڇولي.............
ڇولي پري کان تمام اونچو ڳاٽ ڪندي اچي ٿي،
جيئن جيئن ڪناري ويجهو پهچي ٿي،
هيٺ ٿيندي وڃي ٿي،
آخر ڪناري سان ٽڪرائجي پنهنجي موت مري وڃي ٿي.....
درياء تي به ساڳيو نظارو آهي،
ڇوليون اچن ٿيون،
اچي ڪپ سان لڳن ٿيون..........
هڪ طرف......................
سهڻي درياء تي بيٺي آهي،
ساهڙ لاء سينگار ڪيل سهڻي،
هٿن پيرن کي ميندي لڳل سهڻي،
دلو هٿ ۾ کڻي پرينء جي پار وڃڻ لاء پرازم سهڻي،
ٻين هٿان زوريء مڙهيل مڙس جي پاسي مان هوريان هوريا سرڪي نڪرڻ واري سهڻي،
سماج پاران مڙهيل پابندين جي باغي سهڻي،
گهر ڀاتين جي ڀَوَ ۽ پرينء سان ملڻ جي خوشيء جي گاڏڙ تاثر واري سهڻي،
ڀورا ڀورا پير پاڻيء ۾ پسائي بيٺل سهڻي،
سارو ڏهاڙو ڏم جو مڪروه منهن ڏسي پنهنجون اکيون ساڙي، پرار تي ويٺل من موهڻي ميهر جي مورت ڏسي پنهنجون اکيون ٺارڻ جي اميدوار سهڻي،
ساهڙ لاء سورنهن سينگار ڪري آيل سهڻي،
ڳچيء ۾ هار پاتل سهڻي،
ٻانهن ۾ چوڙا پاتل سهڻي،
سر جو سانگو لاهي، پرينء جي پيچري تي هلندڙ سهڻي،
سنهڙن چپن تي فاتحانه مرڪ مرڪندڙ سهڻي،
دلو ٺاهيندڙ ڪنڀر کي دعائون ڏيندڙ سهڻي،
دلي تي ڪڍيل خال ڏسي خوش ٿيندڙ سهڻي،
بنا وک کنئي درياء جي هن ڀر پهتل سهڻي،
پرينء جي ٻانهُن ۾ وڃي، ويڪري سيني ۾ پناه وٺڻ لاء آتي سهڻي،
تصور ۾ ميهر کي ڀاڪر پائيندڙ سهڻي،
ميهر پاران ملندڙ چميء واري تصور تي شرمائيندڙ، هلڪڙي مرڪ مرڪندڙ سهڻي،
ويڪري ڇاتيء واري سهڻي،
وڏي دل گردي واري سهڻي،
درياء تي هڪ فاتحانه نظر وجهندڙ سهڻي.
ٻئي طرف.............
ڪاري رات ۾
دهشت دم درياء ۾ وارو درياء،
ڪنن جي ڪڙڪن وارو درياء،
اجگر بلائن وارو درياء،
سڄا ٻيڙا ٻار ۾ هڙپائيندڙ درياء،
پرزو پيدا نه ڪرڻ وارو درياء،
.............اهو درياء پنهنجي فاتحانه،
اونچي ڳاٽ سان غرور واري نظر وجهي ٿو سهڻيء تي،
سهڻيء جي پرازم، من مهڻي صورت کي ڏسي،
ڇولين کي موڪلي ٿو ته؛
ڏسي ته اچو، ڪير آيو آهي پنهنجي موت کي دعوت ڏيڻ وارو،
هن رات ۾ جتي مهاڻا وڏا وڏا ٻيڙا ڪناري سان ٻڌي وڃي آرامي آهن،
اتي هڪ انسان!
اها به عورت (جسماني طور ڪمزور سمجهي ويندڙ)!!
ڏسي ته اچو......
ڇوليون اچن ٿيون،
وڏي غرور سان،
مٿي ٿيل پاڻيء سان......
ڇوليون سهڻيء جو ازم ۽ حوصلو ڏسي،
سندس ڀورن ۽ ڀريل ڳٽن واري منهن جو جاه جلال ڏسي،
بلڪل هيٺ ٿي وڃن ٿيون
۽ ڪپرن سان پاڻ کي ٽڪرائي پنهنجي پاڻ کي موت حوالي ڪن ٿيون.
ڪپرن جي پاڻيء ۾ سهڻيء جا پير آهن.
پيرن ۾ مئل لهرون.....................
فاتحانه ارادن سان نڪتل ڇوليون، پيار جي فاتح عورت جي قدمن ۾ دم ڏيئي مرن ٿيون.
سموري دنيا بيوس،
پيار ئي وس وارو....
هاڻي اچو ساڳيو شعر وري ٻيهر پڙهون
سهسين سائر ٻوڙيون، منڌ ٻوريو مهراڻ
وه وڃايو پاڻ، هڻي ڪنڌ ڪپن سين.

* * * * *
سهسين سائر گجن، توء سهج نه مٽي سهڻي،
ته ڪيئن نينهن سڄن، پر تنهين پرينء جي؟

اوهان مئل ماڻهو جيئرا ڪندڙ مسيح لاء ته پڙهيو آهي، ٻڌو آهي،
ڇا اوهان مرده دليون،
ڪٽ لڳل دليون وري ٻيهر جيئاريندڙ ماڻهو ڏٺا آهن؟
همتون هاريل،
بنا وڙهڻ جي جنگ هارائي ويٺل،
چيلهه کي هٿ ڏيئي بيٺل ڪنهن ماڻهوء کي وري جنگ جي ميدان ۾ موڪلڻو آهي،
ان کي فاتح بڻائڻو آهي ته پوء هن ڊاڪٽر سان ملو،
هن سان دوستيون رکو،
همتون ڏياريندڙ هي همراه اوهان کي مايوس ٿي ويهڻ ڪونه ڏيندو،
اها منهنجي گارنٽي آهي،
مون هڪ ڏينهن سوچيو،
ڪير آهي جيڪو سنڌ جي وجود کي لهر نه ڪو لوڏو جي خاطري ڪرائيندو؟
جيئي سنڌ جيئي سنڌ، جام محبت پيئي سنڌ جي خالق،
ڊي سيء جي پوسٽ ڇڏي مٽيء ۾ مٽي ٿيل سنڌي هاريء لاء جدوجهد ڪندڙ حيدربخش جتوئيء ڏانهن ويس.
نوجوانن ۾ سڀ کان مقبول ، جنهن سنڌ جي آزاديء جو نعرو هنيو، ڪتابن ۾ تقريرن ۾ اهو چوندو رهيو ته پاڪستان سان رهڻ گناه برابر آهي، سنڌ الڳ ملڪ هجڻ گهرجي چوڻ واري سائين جي ايم سيد ڏانهن ويس،
گهر گهر ۾ پنهنجا چاهيندڙ ماڻهو پيدا ڪندڙ،
ماڻهن ۾ جادو وانگر شعور پيدا ڪندڙ،
شعله بيان مقرر،
سنڌي هجڻ جي ڏوه ۾ ڦاسي تي چاڙهيل،
ذوالفقار علي ڀٽي ڏانهن ويس،
سنڌ جي تاريخ ۾ پيدا ٿيل چند ذهين ترين ماڻهن،
غلام قومن جي نفسيات تي عبور رکندڙ،
پنهنجي سموري آڪهه کي سياست ۾ گهيڙڻ جي روايت وجهندڙ،
پڪو ۽ سچو مارڪس وادي رسول بخش پليجي ڏانهن ويس.
سنڌ جي وڏن شاعرن، شيخ اياز، استاد بخاري، ابراهيم منشي، نياز همايوني، سرويچ سجاولي، ڏانهن ويس.
سنڌ جي داناء اديبن، عبدالواحد آريسر، اعجاز منگي، امر جليل، نسيم کرل، شمشيرالحيدري ڏانهن ويس.
سنڌ جي وڏن ڳائڻن ڀڳت ڪنور رام، ماسٽر چندر، استاد منظور علي خان، استاد محمد جمن، محمد ابراهيم، زرينه بلوچ، الله وسائي مائي، راڳ جي راڻي عابده ڏانهن ويس...
سنڌ ۾ هر ولي الله جي مقبرن تي ويس،
سنڌ جي سڀني قبرستانن تي ويس،
سنڌ جي هر ماڻهو ڏانهن ويس...........
ڪنهن به مون کي اها گارنٽي ڪونه ڏني
پر لطيف سائين جي رسالي ڏانهن منهن ڪري ان کي دانهن ڏنم سنڌ سان ٿيندڙ ڪلورن جي...
هن پنهنجي ويڪري ڇاتيء تي هٿ رکي چيو،
جيڪڏهن سنڌي جاڳيل هوندا ته مان ضامن آهيان سنڌ جي آزادي ۽ بقا جو.
۽ هن جي ضمانت تي مونکي به سڀني سنڌين وانگر پورو پورو يقين آهي.
............... سو ڳالهه پئي ڪئي سين مئل دليون جيئاري،
ختم ٿيل اميدون همتن ۾ تبديل ڪري،
اجهامي ويل ڏيئن کي وري روشن ڪرڻ جيتري صلاحيت رکندڙ همراهن جي،
تاريخ انهن سان ڀري پيئي آهي،
هٽلر چيو هو ته جيڪڏهن شينهن جي فوج جو سپهه سالار گدڙ آهي ته اها فوج گدڙن وانگر وڙهندي،
جيڪڏهن گدڙن جي فوج جو سپهه سالار شينهن آهي ته اها فوج شينهن وانگر وڙهندي، اسان جو هي سپهه سلار شينهن آهي....اسين به پنهنجي وطن لاء شينهن وانگر وڙهنداسين.
اچو ته شعر جي معنى کي سمجهون، پوء ٿا اڳتي وڌون؛
سوين درياء گجگوڙ ڪندا وتن، پر اي سهڻي! تون پنهنجي مقصد، پنهنجي پرينء سان پيار، جدوجهد تان هٿ نه کڻندينء، جيڪڏهن تو عهد ڪيو آهي ته ڪجهه به ٿي پوي پرينء سان پويون پير ناهي ڪرڻو ته پوء اهي ناتا ڪيئن ٿا ختم ٿي سگهن.
ڪنهن به قيمت تي پنهنجي مقصد کان نه هٽڻ،
خطرا ڏسي، پنهنجي حياتي تريء تي رکي به پويون پير ناهي ڪرڻو،
پوء اهو ڪو فرد ڪري يا قوم، ڪڏهن شڪست کائي ڪونه ٿا سگهن.

سهڻي-20

تران تان مران، وران تان وه وترو،
هينئڙي ۾ هوتن جا، اچن گهور گهڻا،
پسئو پاڙي واريون، ڏسيو ڏوه ڏوران،
وچان ڪيئن وران، ڪنڌيء منهنجو ڪارڻي.

وچ سير ۾........،
اڳتي ترڻ جي سڪت ڪونه، پوئتي ورڻ به ڏکيو.
پرين جي ياد جو ڏيئو اندر ۾ روشني ڪريو بيٺو آهي، اڳتي وڌڻ لاء پيو چوي.
پويان پاڙي وارين عورتن جون يادون، ( ڏم پاران سهڻيء جو پڇڻ لاء وڃڻ ۽ انهن جو انڪار ڪرڻ) اهو به اندر کي پيو جهوري... وچ مان ڪيئن وران، پرين پرار تي آهي.
ڪجهه شعر پڙهي اوهان به محسوس ڪيو هوندو ته اهو مفروضو ته؛
(سهڻيء جو عشق ميهار سان هو. پوء لوڪ لڄا کان بچڻ لاء هن جي شادي (زبردستي) ڏم سان ڪرائي ويئي. قدرت خدا جي جو ڏم کي اهڙي ته گهري ننڊ اچي ويندي هئي جو هو سهڻيء کان غافل رهندو هو ۽ سهڻي درياء ٽپي ميهار سان ملي رهاڻيون ڪري واپس اچي سمهندي هئي جو ڪنهن کي ڪل ئي ڪونه پوندي هئي) هي سڀ لکيل آهي سهڻي ميهار جي قصي ۾. اهو مفروضو غلط ائين ٿو لڳي ته ڪيترن شعرن م پاڙي وارين مائين/عورتن جو ذڪر ملي ٿو، ته متان ڏم جاڳي پوي ۽ پاڙي واريون پڇي......
لطيف سائين به جيڪڏهن اسان جهڙو عام رواجي ماڻهو هجي ها ۽ ڳالهه کي عام رواجي انداز ۾ سمجهي ها ته اهڙا ئي شعر لکي ها ته،
رب جو شان ته ڏسو!، ڏم کي اهڙي گهري ننڊ اچي ٿي ويئي جو هو بيخبر سمهي رهندو هو ۽..........
پر هن سائين حقيقت کي سمجهو ته؛
سهڻيء جهڙي عورت ڀر ۾ هجي ۽ ننڊ اچي!!
اهو ممڪنات جي علم ۾ اچي ئي نه ٿو.
سهڻيء جهڙي زال (جنهن کي جڏهن ۽ جيئن چاهي) مڙس استعمال ڪري سگهي ٿو، اها پاسي ۾ سمهيل هجي ۽ مڙس کي ننڊ اچي!!!؟
پر هن سائين سمجهو ته ائين ممڪن ئي ڪونهي...
ڏم ڪيترا دفعا جاڳيو هوندو، ۽ وڃي پاڙي ۾ رهندڙ سهڻيء جي ساهيڙين کان پڇاڻو ڪيو هوندائين....
هنن کيس ٻڌايو هوندو ته ادا! سهڻي ته اسان ڏانهن ڪونه آئي آهي......(پوء هن کي ويٺل شڪ پڪ ۾ تبديل ٿي ويندو هوندو)....
ساهيڙين وري ٻئي ڏينهن سهڻيء کي ڏم پاران سندس لاء پڇيل سوالن جو تفصيلي احوال ڏنو هوندو.............تڏهن ته تمام گهڻن شعر ۾ اهو ذڪر آيو آهي ته متان ڏم جاڳي پوي ۽ پاڙي واريون پڇي...........بدنامي ٿئي.

سهڻي-21

تڙ نه گهڙي تور، توء من ڪاڍو ميهار ڏي،
ڏاڍو دور درياء ۾، سڪڻ وڏو سور،
من ۾ موج ميهار جي، پهس پريان جو پور،
ٻيلي ٻنهي ڪنڌئين، نت نهاري نور،
منجهان جر ضرور، ڪچي کي ڪوم ٿئي.

منهنجي نظر ۾ لطيف سائين سهڻيء کي سڀني مٿان فاتح قرار ڏنو آهي. پوئين ڪجهه بيتن ۾ اهو بحث ڪري آيا آهيون ته عشق جي تعظيم سهڻيء کي ٻين سڀني کان گهڻي آهي.
مان لطيف سائين سان متفق هوندي سهڻيء کي سڀني کان مٿاهون سمجهان ٿو.
سهڻي سڀني هيروئن کي شڪست ڏيئي اڳتي وڌي آهي، هاڻي هوء ميهار کي عشق ۾ شڪست ڏئي ٿي.
پهريائين مٿئين شعر کي سمجهون ته پوء ٿا اڳتي وڌون.؛
درياء ۾ ميهار ڪونه ٿو گهڙي، تور جو مطلب جيڏو، سرتو، پرين، ساهڙ.
اهو ميهار درياء ۾ ڪونه ٿو گهڙي............
ٻن دلين جو نه ملڻ جو مطلب ٿيو ته عشق جو ماٺو ٿيڻ،
عشق جو ماٺو ٿيڻ،.............. تڙپ جو ماٺو هجڻ،
ماٺو هجڻ، .................خاتمي طرف اڳتي وڌيل قدم ظاهر ڪري ٿو.
اڄ ماٺو،
سڀاڻي وڌيڪ ماٺو،
ٻئي ڏينهن،
ٽئين ڏينهن!؟
تڙپ جو ماٺو هجڻ موت برابر....
اهو موت ميهار ته قبولي ويٺو،
اهو تڙ ۾ نه ٿو گهڙي،
..............پر سهڻيء جو اندر ته موت قبولڻ لاء تيار ناهي،
(جو دم غافل............سو دم ڪافر)
(اهو دم حرام، جنهن ۾ نانء نه نرمل جو).
اهو سهڻيء کي قبول ناهي،
هوء نامنظور چئي درياء ۾ گهڙي ٿي.
اچو ته هتي ٿورو ميهار جي پوزيشن ۽ سهڻيء جي پوزيشن جي ڀيٽ ڪريون....
ميهار هڪ شهزادو،
هاڻي ميهار (مينهن وارو)
اڪيلو، ڪجهه مينهن ۽ ڪجهه وڇين سان درياء جي پرين ڀر.
هن کان ڪو پڇڻ وارو ڪونه ته ڪيڏانهن پيو وڃين....
ڪٿان پيو موٽين!
هتي، هُتي ڇو ويٺو آهين؟
مرد ماڻهو........
اهو خطرو ڪونه ته هن جي گهر جا ڀاتي اٿي پوندا،
هن جي زال.........
هن جي ڀيڻ،
ماء پيء.........ڪونه.
هن کي صرف اٿڻو آهي،
درياء ۾ گهڙڻو آهي،
درياء جي ٻيء ڀر پهچي سهڻيء جي پايل واري پيرن جي هلڻ جي (سڀني سازن کي شڪست ڏيندڙ) آواز جو انتظار ڪرڻو آهي ۽ بس.
............. سهڻيء کي جاڳڻو آهي،
جاڳڻ کان پوء ڪجهه گهڙيون خاموش ٿي سمهڻو آهي،
آواز ڪنائڻو آهي،
جڏهن ڪو به آواز نه اچي، تڏهن اها پڪ سمجهبي ته ڪوبه جاڳيل ڪونهي...
پوء اٿڻو آهي،
وري هڪ ڪاوڙ ڀري نظر ڏم جي مڪروه چهري تي وجهڻي آهي،
پير پير ۾ ڏيئي اڳتي وڌڻو آهي،
سينگار ڪرڻو آهي،
ڪالهه هي ڪپڙا........اڄ به!؟
پر ڪپڙا مٽائيندس ته سمجهي ويندا.
ڪپڙا اهي ئي هجڻ گهرجن.
سرمو ڪٿي آهي ،
مساڳ؟
مسي،
ڪجل،
من جي ميت لاء سنڀالي رکيل ڳچيء جو هار،
ٻانهن جا چوڙا،
بيهه بيهه.....، وار ته ٺاهي وٺان.
سورنهن سينگار......
(ان وقت جا رائج سڀ سينگار)
هيڏانهن هوڏانهن وري هڪ نظر
ٻاهر نڪران!!؟
هڪ نظر وري سڀني تي وجهان....
(پرين وڌيڪ يا سينگار وڌيڪ !؟،
ٿي سگهي ٿو ته هوء سوچيندي هجي ته اها گهڙي به ان وٽ وڌيڪ ڇونه ويهان،
سينگار ۾ ڇو وڃايان؟
پر پرينء ڏانهن اڻ سينگاريل وڃڻ به ته گناه عظيم آهي.
فيصلو نه ڪري سگهڻ،
فيصلو نه ڪري سگهڻ ڪري ٽائيم جي وڃائجڻ جو احساس،
پاڻ تي ڪاوڙ،
ٻاهر ڳِلي ڏانهن وڌي ٿي،
پير پير ۾.........،
آهستگيء سان هڪ وک اڳتي....
هڪ نظر پوئتي.....
ڳلو کولي پوء وڏيون وکون کڻي ٿي.
ان زماني ۾ (هاڻي به) ڪتو رات جي جاڳڻ ۽ پهريدار هجڻ واري فرض سان واڳيل هو/ آهي، هو ڪنهن کي به ايندو ويندو ڏسي ڀونڪندو آهي.
ان ڀونڪڻ کي ڀاڳيا چورن جو موجود هجڻ سمجهي جاڳندا آهن،
کنگهندا کڙڪندا آهن،
خبردار ٿي ويهندا آهن، ڪي وري گهر ۾ ئي پنهنجي مال ڍڳي ڏانهن نهاريندا آهن، پڪ ڪندا آهن ته ڪو اندر ته ڪونه آيو آهي،
ڇو ته هنن کي ڪتي جي ڀونڪڻ تي وڏو اعتماد هوندو آهي، ڳوٺاڻا ته ڪتي مٿان ڪتي جي ڀونڪ ۽ مشڪوڪ ماڻهو (چور) مٿان ڀونڪڻ ۾ به فرق محسوس ڪندا آهن..... پڪ سان سهڻيء کي ڏسي به هي عاشقن جا دشمن (ڪتو عاشقن جي دشمن طور به مشهور آهي) ڀوڪندا هوندا.
ان جو خوف به.
گهر کان ٿورو پرڀرو ٻوڙن ۾ لڪايل دلو کڻي ٿي....
( هتي هڪ ڳالهه دوستن سان شيئر ڪجي ٿي...
ڪهاڻي/ قصي موجب سهڻي دلي تي پار اڪري پرين ڏانهن ويندي هئي، رهاڻ ڪري واپس دلو ٻوڙن ۾ لڪائي وري اچي گهر سمهندي هئي. هڪ ڏينهن هن جي نڻان، يعني ڏم جي ڀيڻ هن کي گهر کان ٻاهر ويندي ڏٺو...........
سهڻيء کي واپس ايندي، گهڙو ٻوڙن ۾ لڪائيندي ڏٺو...........
ٻئي ڏينهن اهو پڪو گهڙو اتان کڻي،
ڪچو گهڙو اتي رکي آئي ته جيئن اهو پاڻيء ۾ ڳري وڃي ۽ سهڻي ٻڏي مري وڃي................
اوهان تصور ڪريو ته سهڻي روزانو ساڳيو دلو کڻندي رهي،
ساڳي شيء روزانو کڻڻ ڪري ان جي ماپ تور، خيال نه ڪندي به ذهن ۾ اچي ويندي آهي...........
هن هڪ ڏينهن پڪي جي جاء تي ڪچو گهڙو کنيو........
هن جو خيال دلي جي ماپ تور ڏانهن ڪونه ويو..............
ان سموري ڳالهه جو مطلب ته هن جي خيالن جو سلسلو جيڪو پرينء سان ڳنڍيل هو ان جي ڌارا ڇڄڻ واري ڪونه هئي،
اها ڌارا ڇڄي ته خيال ڪنهن ٻئي طرف وڃي............. !؟
دنيا جي سمورين سوچن کان پرينء جي سوچ طاقتور هوندي آهي..........
هجڻ به گهرجي..............
پرينء جي رتبي تي پهچندو ئي اهو آهي جنهن سان پريت جي ڌارا ڇڄڻ واري نه هجي.............
(هتي هڪ ٻي ڳالهه به ذهن ۾ اچي ٿي،
فرض ڪريو ته سهڻيء کي شڪ پيو، آخر هوء به ته ڪنڀارڻ هئي،
هن جي هٿن به ته پڪا ۽ ڪچا ٻيئي کنيا هوندا، ننڍي هوندي کان
تجربو وڏو استاد هوندو آهي.
هن جا هٿ تُريل هوندا (يعني شيون هٿ ۾ وزن ٿيل هونديون)
هن کي شڪ پيو، هن دلي کي ڪچو سمجهو........
پوء به اڳتي وڌي، پوئتي پير ڪونه ڪيائين،
وقفو نه وڌائين،
هڪ وک به پرينء ڏانهن..........
ته پوء هن سٽيوئيشن ۾ به ته سهڻي بازي کٽيل آهي نه!)
ته پوء اوهان لطيف سائين کي سلام ڪونه ڪندا جو هن جيڪا منظرڪشي ڪئي آهي اها ڪيتري نه حقيقت تي ٻڌل آهي.
اچو هاڻي شعر تي،
تنهنجو جيڏو سرتو، تنهنجي تُور جيترو ته ڪونه ٿو گهڙي،
تنهنجو من وري ميهار سان واڳيل هجڻ ڪري درياء جا دور ڏسي به پوئتي ڪونه ٿو موٽي،
درياء ترڻ ۾ وڏا خطرا آهن، ڏاڍو ڏکيو آهي......
............۽ پرين جو سور سهڻ!!؟؟،
وڇوڙو پرينء جو!!؟
سهڻي ٻنهي کي توري ٿي.
پرينء کان وڇوڙي وارو سور درياء جي دڙڪن کان ڳرو ٿي وڃي ٿو،
تارازيء جو اهو پڙ زمين تي آهي، ٻيو پڙ مٿي،
سڀ دڙڪا، سڀ خطرا ڪجهه به نه آهن
پرينء جي وڇوڙي جو لمحو به ڳرو آهي.
۽ ميهار!؟
نه ٿو اچي سگهي.....
اوهان ڪنهن کي فاتح قرار ڏيندا؟
ميهار جي پوزيشن ۽ سهڻيء جي پوزيشن.......!
ڏينهن رات جو فرق!؟
ميهار ويهي رهي ٿو،
هڪ ڏينهن جي وقفي تي راضي ٿي وڃي ٿو.......
سهڻي.......!!؟
ته پوء عشق جي رِنگ ۾ سهڻيء ۽ ميهار جي ٻانهن ۾ هٿ وجهي، ميهار جي ٻانهن کي اتي ئي پڪڙي بيٺل، سهڻيء جي ٻانهن کي مٿي کڻي کيس فاتح قرار ڏيندڙ هن امپائر جي سوچ!؟
عشق جو هي امپائر اوهان کي دنيا جي سڀني امپائرن کان مٿي ڪونه ٿو لڳي!؟

سهڻي-22

ڳورا ٻيئي پار، هينئڙو حيرت ۾ پيو،
ويهان ته ويرم ٿئي، نينهن ۾ پوي نهار،
وڃان ته واڪو ٿئي، پاڙي پوي پچار،
هت ٿي وعده وار، هت سوٽون ڏينم سرتيون.

ڇا ته انساني نفسيات جي پيچيدگين جي ماسٽري آهي هن ماڻهوء جي!
ٽي چار سو سالن کان پوء ٿيون اهڙيون شاعريون ٿين، واه واه ماڻين.
ايڪ طرف اس ڪا گهر ايڪ طرف مئڪده
مين ڪهان جائون هوتا نهين فيصلا،
هڪ طرف پابنديون، هڪ طرف پرين،
هڪ طرف هڪ دنيا، ٻئي طرف ٻي دنيا.
اڪيلي پرينء جي دنيا، مقابلو سموري دنيا.
ٻه ئي پاسا ڳورا، حيران آهي سهڻي،
(هڪ اعتراف اوهان سان ڪريان ته سهڻيء لاء ٻيو ڪهڙو خوبصورت لفظ لکجي، سهڻيء کي سهڻي کان وڌيڪ ڪهڙي نالي سان سڏجي.....مان نه ٿو لکي سگهان اوهان جي اندر ۾ هن عورت لاء ڪو ٻيو لفظ اچي ٿو ته ان سان کيس پڪاريو)
جيڪڏهن ويهي رهان (پرينء ڏانهن نه وڃان) ته نيهن ۾ نهار پوي ٿي.
هي جملو غور لائق آهي.
اوهان آفيس ڏانهن وڃڻ لاء اٿيا آهيو، تيار ٿيا آهيو،
اوهان بيمار آهيو، طبيعت ۾ مزو ڪونهي،
ويهي رهو ٿا ته دير ٿي ويندي آفيس پهچندي، اوهان جي اندر ۾ هڪ نهار ٿئي ٿي،
اوهان کي لڳي ٿو ته اوهان کي ڪو سمجهائي رهيو آهي، ائين ته دير ٿي ويندي، اوهان کي ڪنهن آفيسر/باس جي نهار (ڪاوڙ واري) اوهان کي محسوس ٿئي ٿي، سامهون اچي ٿي.
خواه مخواه دير (ليٽ) مارڪ ٿيندي حاضري رجسٽر تي،
اوهان کي ڪوبه ڪونه ٿو اهو چوي پر اندر ۾ هڪ آواز جيان محسوس ٿئي ٿو.
سهڻي چوي ٿي ته ويهان ٿي ته نينهن جي نهار ٿئي ٿي،
سهڻي دير ٿي ويندي توکي،
اهي ٻه گهڙيون به پرين وٽ وڃي ويهه،
هتي ڇا پيئي ڪرين،
نينهن جي نهار سڀ کان ڏکي آهي،
ٻيو پاسو اهو ته جيڪڏهن وڃان ٿي ته واڪو ٿئي ٿو،
وڏو آواز ٿئي ٿو...منهنجي پرين ڏانهن وڃڻ جو....گهر گهر پهچي ٿي اها ڳالهه.
هوڏانهن وعده جو وار آهي، ڏينهن آهي، اهو ضرور عزت ڀريو ڪرڻو آهي،
ان کي عزت ڏيڻي آهي.
ٻئي طرف وري سرتين جا مهڻا....

سهڻي -23

ڪهڙي منجهه حساب، هئڻ منهنجو هوت ريء
شاه جي سموري رسالي مان سڀ کان وڻندڙ شعر هي هو سنڌ جي لطيف ثاني سڏجندڙ شيخ اياز جو

من آمد ايم......

من آمد ايم....
مان آيو(ڄائو) آهيان.
ڪه عشق فرياد ڪند.....
جو عشق پڪار ڪئي، سڏ ڪيو
ڪه ناز بنياد ڪند......
جو پرين جي نازن منهنجي اچڻ جو بنياد رکيو.
شاعريء جي تمام وڏي شهنشاهيت جي “رومن ايمپائر“ مولانا روميء پنهنجي ڄمڻ جو مطلب/سبب سمجهائيندي ٻڌايو آهي ته هر انسان تڏهن ڄمي ٿو جڏهن هن جو محبوب پنهنجي نازن نخرن سان عشق جو بنياد رکي ٿو
..........۽ عشق پڪار ڪري،
سڏ ڪري کيس هن دنيا ۾ گهرائي ٿو.
ٻين لفظن ۾ عشق ئي هر انسان جي آمد جو سبب هجي ٿو، ان جو پرين ئي هن کي سڏي ٿو ۽ هو سڏ ورنائي ظهور وٺي ٿو.
پرينء جي پڪار ئي هن جي “ڪن فيڪون“ جو سبب بڻجي ٿي.
اڃان تز لفظن ۾اهو، ته هو آيو ئي ان “هڪ“ لاء آهي نه ته هن کي اچڻ جي ڪا ضرورت ڪونه هئي.
........ ته پوء اها ڳالهه هاڻي سمجهڻ ڪو ڏکيو ڪم ڪونه هوندو ته جيڪڏهن جواز ختم ٿي وڃي ته وجود به ختم ٿيڻ گهرجي.......
ڇو ته سبب ختم....
ته نتيجو به ختم....
ان سموري سين کي لطيف سائين هنن لطيف لفظن ۾ هيئن سمجهايو آهي
“ڪهڙي منجهه حساب، هئڻ منهنجو هوت ريء”....
مون کي ٻڌايو ته هوت کان سواء منهنجو هئڻ ڪهڙي معني ٿو رکي؟
پوء مان ڇو جيئان، جيڪڏهن هوت ڪونهي ته؟
اڇي ڪاغذ تي پينسل جي هڪ ٽٻڪي جو وزن معلوم ڪري سگهندڙ ڪلڪيوليٽر، ڪمپيوٽر به اهو حساب ڪري ڪونه ٿا سگهن ته پرينء کان سواء جيئڻ جو ڪهڙو جواز.
هي سائين اڄ کان ٽي سو سال اڳ پڇي ٿو ته؛
آهي ڪو جيڪو ٻڌائي ته پرين کان سواء جيئڻ ڪا معنى رکي ٿو!؟
آهي ڪو ٻڌائي اهو حساب ڀڃي؟
رڳو عاشقَ ئي اهو ڏکيو/ اڻ ٿيڻو حساب ڀڃي سگهن ٿا.
جيئن سسئيء اهو حساب هيئن ڀڳو هو
“پنهل پڄاڻان، ڏجي باه ڀنڀور کي....”
باقي هي جاهلن وارو وڏيرڪو نظام ان جو جواب ڏيئي سگهندو؟
سرمائيداري نظام؟
ڪميونزم؟
دنيا جا سڀ نظريا ملي ڪري، هٿ هٿ ڪري ان جو جواب ڏيئي سگهندا؟
ان کي ان جو جواب کپي، جنهن کي هن رڃ جهڙي نٽهڻ اس واري سماج ۾ ڪا ڪڪري پرينء کان سواء ڪونه نظري.
فرض ڪريو ته ڪنهن کي ٻڌائجي ته تنهنجو پرين هاڻي هن دنيا ۾ ڪونه رهيو آهي.
ته پوء جنهن جي اکين جي سرت هڪ خبر کسي ورتي هجي ته اکين جي ماڻڪين ۾ ويهندڙ ۽ ويهاري ڇپر واري ڇڏيندڙ هاڻي هن دنيا ۾ نه رهيو آهي.
پهريون پيار پنهنجي وجودي پڄاڻي ڪري چڪو.
باقي يادن جي رڃ........
سموري زندگي پيار کان سواء ته ڪونه جيئبو.
پيار به ڪبو،
ڪپڙا به پائبا،
انڌي منڊي خوشي به ڪبي،
کلبو به،.....
پر ڦوڳ جهڙو پيار اهڙا کيپ ته ڪونه ڏيندو، جهڙو پهريون پيار.
اهي نينهن جا نشا ڪٿي ڏيندڙ هوندو ڪو ٻيو پيار.
جانب کان سواء ڪهڙو چاه... “جانب جڏي جيء جا ، چاه به ڪهڙا چاه”.
پنبڻين ۾ پيهي ويندڙ هاڻي ماضي ٿي چڪو!؟،....
پرينء جو ماضي ٿيڻ ڪيترو نه سراپي ڇڏيندڙ ٿئي ٿو.
ماضي ٿيڻ جو ٻيو نالو خوابن جو کسجي وڃڻ آهي.
خواب کسجي وڃن، پاڇي ڇا بچندي؟
اها سين اڳتي هلي جنهن ٻيء وڌيڪ ڀوائتي سين کي جنم ڏيندي ان کي لطيف سائين هنن لفظن سان هيئن چٽيو آهي.
”سڪڻ ڪيا شهيد، مارو منهنجي ملير جا......“
هوئن ته سڀ شهادتون تڙپائيندڙ ٿين ٿيون پر سڪڻ هٿان شهيد ٿيڻ ڏاڍو خوفناڪ ۽ ازيتن ڀريو هوندو آهي.
ته پوء آهي ڪو..........؟
جيڪو ڪلاڪن جا بحث ٿيڻ کان پوء،
سهڻيء کي سمجهائڻ کانپوء،
ڏينهن جا ڏينهن ڏوراپا، شڪايتون، مار (اسان جي سنڌي سماج ۾ عورت خاص ڪري زال کي مارڻ وارا ئي مڙس ماڻهو سڏبا آهن.
هڪ لک دفعا معذرت کان پوء عرض ته؛
ڪنهن به ٻاهرئين حملي آور جو حملو ناڪام بڻايو آهي اسان سنڌين!؟
ڪا جنگ پنهنجي وطن جي حفاظت ڪندي کٽي آهي اسان!؟
ان تي ڪونه ٿا ڳالهايون پر پنهنجي گهروارين عورتن، امڙين، ڀينرن، زالن خلاف اسان ڪا جنگ هارائي ڪونهي، اهو سچ آهي)
اوهان روزمره جي زندگيء ۾ اهڙا ماڻهو ڪيئي ڏٺا هوندا جيڪي وڏين وڏين محفلن ۾ وڏي آواز فخر سان زال کي مارڻ ڪٽڻ ۽ صفا مارڻ جون ڳالهيون ڪندا آهن. ان سموري سين کان وڏي ۾ وڏي قهر واري ڳالهه اها آهي ته زالون (عورتون) به مڙس هٿان مار کائڻ کي ڪو وڏو عيب ڪونه سمجهنديون آهن ۽ روز مره جو معمول سمجهي نظر انداز ڪنديون آهن، جيڪو سندن ذهنن ۾ ويٺل سَون/هزارن سالن جي غلاميء جي پاڇولي سبب هوندو آهي............پر عورتن جي اندر ۾ ويٺل اها ويڙه کان اڳ شڪست ڪڏهن نه ڪڏهن ويڙه کان پوء شڪست ۾ بدلجي،
۽............ پوء ويڙه کان پوء.............).
سهڻي منجهائي وجهندڙ سوال ڪيو هو انهن کان جيڪي کيس روزانو سمجهائي رهيا هوندا، سمجهائي رهيون هونديون.
سون دليلن کان پوء به هو رضا تي راضي رهڻ جو سبق ڏيندا هوندا سهڻيء کي...
پر آهي ڪنهن وٽ سهڻيء جي هن سوال جو جواب ته؛
ڪهڙي منجهه حساب هئڻ منهنجو هوت ريء.

سهڻي -24

هڪ ٻي وائي پڙهو؛

اکيون پير ڪري وڃجي،
اوو وڃجي.......................
سڀني عضون کي پنهنجا پنهنجا ڪم سونپيل آهن،
اکين کي ڏسڻ جو،
پيرن کي هلڻ جو،
زبان کي ذائقو چکڻ جو......
پوء اکين کان پيرن جو ڪم وٺڻ!؟
آخر هن انسان جي اندر ۾ ڇا هو؟
ڪهڙي ڪيفيت هئي ان وقت هن جي، جڏهن هُن هي شعر چيو هو؟
نيوٽن صوف کي زمين تي ڪرندي ڏٺو،
سندس خيال ۾ آيو ته صوف هيٺ ڇو ڪريو؟
گهڻي سوچ ويچار کان پوء ان نتيجي تي پهتو ته اها ڪشش ثقل آهي جنهن جي ڇڪ سبب اهو صوف هيٺ ڪريو، ...........مٿي نه ويو.
ڇڪ!!
ڪشش!!
صرف زمين کي آهي؟
نه.
سج، چنڊ، ستارا سڀ هڪ مخصوص ڇڪ سبب بيٺا آهن،
اهي هڪ ٻئي ڏانهن نه ٿا ڇڪجن (حد کان وڌيڪ)،
هڪ ٻئي ڏانهن نٿا وڌن،
جيڪڏهن اها ڇڪ توازن واري نه هجي ته؟
سڀني جي ڇڪ ۾ تمام وڏي طاقت آهي،
صوف جيڪڏهن ڇڪ جي ڪري زمين تي ڪريو،
ته ڇا عاشق ائين ئي بنا ڇڪ جي پرينء وٽ پهچي ٿو؟
سڀ طاقتون ڇسيون ٿي وڃن ٿيون،
موت جا منظر پرينء ڏانهن کنيل وک کي روڪي ڪونه ٿا سگهن!
ته اها ڪا ڇڪ ڪونهي؟
هن جو ڪو نالو ڪشش ثقل يا ٻيو (ڪشش پرين) ڪجهه ناهي؟
صوف کي زمين تي ڪرڻ لاء پنج ڏه سيڪنڊ ڇو لڳا؟
ڇا خلا مان ڪا ٻي شيء اڇلجي ته به صوف جيترو ٽائيم وٺندي ڪرڻ ۾!؟
مثال طور جيڪڏهن خلا (خلا جو مطلب تمام مٿي کان، نه ڪي ڪشش ثقل جي حد پار کان) مان ٻه صوف هڪ ئي وقت اڇلائجن، ته ڇا اهي ٻيئي ساڳي ئي وقت زمين تي ڪرندا......
(اهو وري هڪ سائنسي فارمولو آهي، جنهن جي هتي ڏيڻ جي ضرورت ناهي)
چوڻ جو مطلب اهو آهي ته سج، چنڊ ستارا سڀ هڪ ٻئي جي ڇڪ سبب بيٺل آهن، انهن جو هڪ ٻئي جي مدار مان ٿورو نڪرڻ تمام وڏو خطرناڪ هوندو، يعني تباهي ايندي..... پر پرينء جي ڪشش ثقل سڀني ڇڪ رکندڙ عنصرن جي ڇڪ کي مات ڏيندڙ آهي.
اچو پهريائين هن شعر طرف وڌون، پوء گڏيل معنى ڪڍون.
اچو ته اکين کان پيرن جو ڪم وٺندي پرينء ڏانهن هلون.
پر لطيف سائين! اکين کان پيرن جو ڪم ڪيئن وٺبو؟
شاعر هن شعر ۾ هڪ اهڙي ٿيوري ڏئي ٿو جيڪا صرف ۽ صرف (دعوا سان) هن ماڻهوء ئي پهريون دفعو ڏني آهي يعني پيرن وٽ اها اسپيڊ ناهي جيڪا پرينء تائين پهچڻ لاء گهربل آهي،
پير ته پنهنجي مخصوص اسپيڊ سان هلندا،
اکين جي اسپيڊ هلڻ گهرجي انهن کي،
ته ڇا اکين جي رفتار وڌيڪ آهي؟
اکين جي رفتار هن کان اڳ ڪڏهن ماپي ويئي هئي؟
نه ڪونه، ڪڏهن به ڪونه.
اکين جي رفتار گهڻي آهي؟
روشنيء جي رفتار هڪ لک ڇهاسي هزار ميل في سيڪنڊ، يعني ٻه لک نوانوي هزار ٻه سو چوهتر ڪلوميٽر في سيڪنڊ آهي.
ها اها رفتار پرين تائين پهچڻ لاء مناسب ٿي سگهي ٿي.
لطيف سائين کان اڳ شاعرن پنهنجي لاء پکي ٿي اڏامي وڃڻ، يعنى پکيء جي رفتار جي ڳالهه ڪئي............
پکي ٿي اڏامي وڃڻ پرينء ڏانهن، جو مطلب تمام جلدي...
جيترو ٿي سگهي....
(اهو ٻين شاعرن کان ٿي سگهيو..........(سندن ذهني پرواز جيترو....)
لطيف سائين کان جيترو ٿي سگهيو......(سندس ذهني پرواز جيترو......)
اهو آهي روشنيء جي رفتار سان............
ان کان وڌيڪ رفتار اڃان تائين ٺهي ئي ڪونهي، يعني آخر،.....
اوهان ئي ٻڌايو ته آهي ڪو ذهني پرواز جو مقابلو!؟ يعني وري به لطيف سائين ونر / کٽندڙ)
اڳ ڇا؟
پوء به اها ڳالهه ڪونه ڪئي آهي ڪنهن.
ته پوء چئجي ته روشنيء جي رفتار جو تصور ڏيندڙ هي سائين ئي هو!؟
يعني نوري سال جو موءجد!؟
اک جي ڏسڻ (ديد ) جي اسپيڊ جو موءجد!!
ڇا اوهان ڪنهن ٻئي شاعر وٽ اهو تصور ڏٺو آهي!؟
هتي ٻي ڳالهه به ذهن ۾ ٿي اچي،
اوهان ڪڏهن هن ڳالهه تي غور ڪيو آهي ته سياست دانن/ليڊرن وٽ اهي خيال ڪٿان ايندا آهن ته هاڻي هيئن هجڻ گهرجي، يا ملڪ ۾ هي ٿيڻ گهرجي/ هي نه ٿيڻ گهرجي؟ ڀلا اچو ته گڏجي ٿورو ان تي غور ڪريون يا ائين کڻي چئون ته پيرو کڻون.
فرض ڪريو ته اوهان کي ڪنهن چيو ته هي خيال جنهن جو اعلان فلاڻي ليڊر ڪيو اصل ۾ ڪنهن اقتصادي ماهر/واپاري/منافعي خور/پرائي مال تي نظر رکڻ واري جو هو ته اوهان پهرئين نظر ۾ ان کي پڪ سان رد ڪندوُ.
........پر ان کي رد ڪرڻ کان اڳ ٿورو غور ڪريو.
واپاري جي اک پرائي مال تي سياست دان کان اڳ ويندي آهي.
منافعي خور ٽولو اهو خيال خيالن جي مارڪيٽ ۾ اڇليندو آهي ته هن ملڪ جي هيء شيء هيئن واپاري منافعو ڪمائي سگهجي ٿو.
سياست دان اڳتي هلي ان واپاريء کي اها سهوليت پيدا ڪري ڏيندا آهن.
.......جيڪا اڳي پوء ان ملڪ جي پيداوار/ اپت تي قابض ٿيڻ جو بهانو/سبب بڻجندي آهي. پوء ان لاء حيلا هلائيندي مورڳو اهو ملڪ ئي هڙپي وٺندا آهن.
ساڳيء طرح؛
ڇا سائنسدانن کان شاعرن وٽ هن ڪائنات جا اهي تصور اڳ ٿا اچن جيڪي پوء ڪنهن سائنسدان جي نالي، حصي ۾ ٿا اچن؟
ان ڳالهه تي ضرور غور ڪرڻ گهرجي.
منهنجي خيال موجب شاعر دنيا جو اهو ماڻهو آهي جيڪو سڀ کان اڳ اهڙيون ڳالهيون ڪري ٿو...
مڃون ٿا ته جهاز ڪنهن شاعر ڪونه ٺاهيو،
پر سڀ کان اڳ پکي ٿي يا پکيء وانگر اڏامڻ جي ڳالهه سائنسدان ڪئي؟
ڪونه.
اها ته شاعر ڪئي، جنهن کان پوء ٻئي شاعر،..........
اهو تصور سائنسدان جي ذهن ۾ ويٺو،
هن جي ذهن ۾ آيو ته ڇا اهو تصور حقيقي روپ وٺي سگهي ٿو؟
ها.....
پوء ان تي ڪم شروع ٿيو، يعنى ان کي حقيقي روپ ڏيڻ وارو ڪم.
پوء ڪجهه ماڻهن پاڻ کي پکيء وارا وڏا وڏا پر ٺاهي، ٿورو مٿاهين تان هيٺ ڪيرايو،
سلسلو هلندو رهيو....
آخرڪار رائيٽ برادران جهاز ٺاهي ورتو.
ته پوء رائيٽ برادران جي ذهن ۾ اهو خيال وجهڻ وارا شاعر ئي هئا يا ڪو ٻيو، پيرو کڻڻ سان ته اها ئي ڳالهه ٿي ثابت ٿئي ته انسانن جي اڏامڻ جو تصور شاعرن ئي ڏنو.
گراهم بيل ٽيليفون ٺاهي،
ڇا هن جي ذهن ۾ هو ته منهنجي ڪيل ڳالهه پري وڃي سگهي ٿي؟
جيڪڏهن هو ته اهو هن جو پنهنجو تصور هو؟.
ڪنهن عاشق پنهنجي ڀت تي ويٺل ڪانگ کي چيو؛ وڃ وڃي منهنجي پرينء کي سلام ڏي.
اي پره جي هير! وڃ وڃي منهنجي پرينء کي چيءُ تنهنجي ڏاڍي سڪ لڳي آهي.......
..........
اهڙيء طرح پيرا کڻڻ سان سائنسي ايجادن جا تصور، سڀ نه ته گهڻا تڻا ثابت ٿيندا ته اهي عاشقن وٽان ئي آيا آهن ۽ عاشقن جو ترجمان شاعر ئي رهندو آيو آهي..

سهڻي -25

چونم جي هيڪار، مَ وڃ موٽي سهڻي
دونهينء پاسي دوست جي گهاريان سڀ ڄمار،
ٻانڌيڻا ٻيهار، مور نه لڱي لايان.
* * * * *
وڃان ڪين وري، هوند ري چئي رهي پوان،
دونهين پاسي دوست جي ماڳهين پوان مري،
فراقان وصال جي، ٿي سجهي ڳالهه ڳري.
تيلاهين تري، ٿي منهن کڻيو موٽيو وڃان.

جيڪڏهن ميهر صرف هڪ دفعو ايترو چوي ته اي سهڻي! اڄ موٽي نه وڃ،
اتي ئي رهي پوءُ، ته جيڪر پرين جي دکايل دونيهين جي ڀر ۾ ئي سموري ڄمار گذاري ڇڏيان ۽ پوء وري ڪڏهن به ٻانڌيڻا (رڱيل ڪپڙا، سهڻا ڪپڙا، پوشاڪون) وري لڱين نه لايان، نه اوڍيا.
سهڻيء جو اندر ملامت ٿو ڪري،
عشق ۽ ليکو!،
(پيار ڏيئي پوء پيار گهرين ٿو، حيف هجيئي استاد، عاشق ناهين، آهين ڪو يار وڏو واپاري..............دوست ڪياسين)
اي سهڻي!؟
پرين چوي ۽ پوء تون رهي پوين!؟
اهو غلط آهي،
عشق جي آئين ۾ لکيل آهي ته پرين چئبو ئي اهڙي ماڻهوء کي آهي جنهن سان ليکا نه ڪجن.............
سهڻي، غلطيء جو احساس ڪندي چوي ٿي ته مان غلط هئس، معاف ڪجو........
وري واپس ته مان جيڪر ڪونه وڃان، بنا چوڻ جي ئي رهي پوان، پرينء جي دونهين دکايل ڀرسان ماڳهين مري پوان،
پر مونکي هڪ ڳالهه ماري ٿي،
ڪهڙي سهڻي؟
فراق کان پوء جيڪو وصال جو مزو آهي،
اهو وصال کان پوء وصال ۾ ڪونهي،
تنهنڪري ته تري ٿي وڃان ته جيئن وري سڀاڻي پنهنجي اندر ۾ پرينء جي عشق جا شعلا کڻي اچان..............
نئون ڏينهن،
نئون نينهن..................
هڪ سوال پڙهندڙن کان....
مزو ڪٿي آهي؟
” يه تو اپني مستي هي، جس ني مچائي هي هلچل،
نشه شراب ۾ هوتا تو ناچتي بوتل....“
* * * * *
” دل تو ميرا اداس هي ناصر،
شهر ڪيون سائين سائين ڪرتا هي“
عيد جو ڏينهن آهي،
ڪنهن گهر ۾ فوتگي ٿي پيئي آهي،
ڇا انهن کي ماڻهن پاران ملهايل عيد مزو ڏيندي؟
ميلي ۾ ڏاڍو مزو آهي،
هڪ ماڻهوء پيسا هارايا آهن،
ان کي ميلي ۾ مزو ايندو؟
اهو ماڻهو ان مزي جو حصو بڻبو؟
بک ڪونهي
ڇا کاڌو ايترو ئي مزو ڏيندو...
ڇا روزي کولڻ وقت پاڻي پيئڻ ايترو ئي مزو ڏيندو آهي جيترو عام، روزمره جي زندگيء ۾؟
نه.......پڪ سان نه.....
اوهان پڪ سان پرين کي ڀاڪر ضرور پاتو هوندو....
پرين سدائين ڀاڪر ۾ رهي ان ۾ مزو آهي يا ڀاڪر مان نڪري وري ڀاڪر ۾ اچي!؟
عاشق جي نفسيات کي سمجهڻ وارو هي شاعر پوئتي ڪوبه سوال اهڙو نه ڇڏيندو آهي جيڪو اڳتي هلي ڪنٽراڊڪٽري ٿئي.
تنهنڪري ئي سمورا خيال انتهائي نفاست سان هڪ تسبيح ۾ پويا اٿس.
هڪ سوال اسان جي معاشري ۾ هلندڙ هوندو آهي ته ڪنهن مرد جو يا ڪنهن عورت جو ڪنهن سان پيار هجي ۽ انهن جي پاڻ ۾ شادي ٿئي ته اهو پيار، اهو عشق ڪامياب سڏبو آهي..............
ڇا ائين ئي آهي؟
ته پوء ڇا اها ڳالهه غلط آهي ته؛
محبت رنگ لاتي هي بڇڙڪي.......
ڇا اهو عشق ناڪام سڏبو جيڪو شاديء تي منتج نه ٿئي!؟
ڇا عشق صرف وصال جو نالو آهي...........
ڇا پرينء جو وڇوڙو ڪو ذائقو رکندڙ ڪونهي؟
“پي جا ايام ڪي تلخي ڪو ڀي هنس ڪي اي ناصر،
غم ڪو سهني ۾ ڀي قدرت ني مزا رکا هي....
جب سي توني مجهي ديوانه بنا رکا هي.......”
ڇا مٿيون جملو به غلط آهي...؟
اوهان جو ذهن ڇا ٿو چوي ته؛
جن کي پنهنجو محبوب مليو هوندو، اهي دنيا جا وڏا شاعر ٿيا هوندا،
يا جن کي پنهنجو محبوب نه مليو هوندو اهي وڏا شاعر ٿيا هوندا؟
شاعرن شاعري پرينء جي وڇوڙي وقت سرجي هوندي يا
جدائيء وقت...؟
ته پوء صرف ملندو رهڻ ئي مزيدار آهي يا.....
شين جو قدر ان جي هوندي (موجود هوندي) ٿيندو آهي يا ان جي وڇڙي وڃڻ کان پوء.........
“ بهت مل چڪي اب جدا هو ڪي ديکين”
هيء ايڪويهين صديء جي شاعري
هوء سترهين صديء جي شاعري....

سهڻي-26

جي قيام مڙن، ته ڪر اوڏا سپرين،
تهان پوء سڄن، واڌايو وصال جون.

انساني حوصلو ڪيترو هجڻ گهرجي؟
اسان جڏهن ڪنهن به اهڙي ڪم جي انتظار ۾ هوندا آهيون
جيڪو ٿورو ضروري،
گهڻو ضروري،
تمام گهڻو ضروري هوندو آهي.........
جڏهن ان جي مڪمل نه ٿيڻ وارا جملا ٻڌندا آهيون، تڏهن چوندا آهيون ته؛
خير آ،
ڪا ڳالهه ناهي،
سڀاڻي نه ٻئي ڏينهن تائين ٿي ويندو.
ڇا سڀني ڪمن جي ٿيڻ يا نه ٿيڻ وقت اهڙيون ئي ڳالهيون ڪندا آهيون اسين؟
نه...
ان ڪم جي اهميت،
ٽائيم اندر يا دير سان ٿيڻ جي نوعيت وغيره مطابق پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندا آهيون.
هر ڪم جي پنهنجي پنهنجي اهميت آهي،
ڀلا اهو ته ٻڌايو ته پرينء جي ملڻ، دير سان ملڻ جي ڪهڙي نوعيت آهي؟
پرينء سان ملڻ ۽ ايترو جلدي ملڻ بابت هڪ وائي،
اکڙيون پير ڪري،
وڃجي او وڃجي..................
۾ بحث ڪري آيا آهيون ته؛
شاعر پيرن سان هلڻ واري رفتار مان مطمئن ڪونهي،
پير پرينء تائين ايترو جلدي پهچائي ڪونه سگهندا......
تنهنڪري اکين واري اسپيڊ،
اکين جي ديد واري رفتار،
يعني روشنيء جي رفتار (هڪ لک ڇهاسي هزار ميل في سيڪنڊ) سان پرين ڏانهن پنڌ ڪجي..............
۽ جيڪڏهن پرين نه ملي ته؛
اوهان ڪنهن کي چوندي ٻڌو آهي ته،
خير آ سڀاڻي ملندو،
ٻئي ڏينهن ملندو...........!
ڀلا ڪڏهن ته ملندو............
قيامت ڏينهن ته ملندو........
اهي جملا اوهان کي گهٽ ٻڌڻ ۾ ايندا..........
پر هن پوزيشن ۾ جيڪڏهن ڪو اوهان کي چوي ته
جيڪڏهن پرين قيامت ڏينهن ملي ته مان سمجهندس ته هو جلدي مليو آهي،
مون ته سوچيو هو ته قيامت کان به پوء ملندو..............
ته پوء اچو هي شعر پڙهو ۽ هن شاعر جي سوچ ۽ حوصلي جو داد ڏيو؛
جي قيام مڙن، ته ڪر اوڏا سپرين،
تهان پوء سڄن، واڌايو وصال جون.
شاعر اديب قومن ۾ روح ڦوڪيندڙ ٿيندا آهن،
جتي سڀ حوصلا هارائي ويهي رهندا آهن،
جتي سڀ بندوقون خاموش ٿي هارائي ويهنديون آهن،
جتي سڀ تلوارون مڏيون ٿي هارائي ويهنديون آهن،
جتي فوجن جا جرنيل بي حوصلا ٿي هارائي ويهندا آهن،
جتي سڀ انساني همتون ڪارگر ناهن رهنديون
اتي شاعر اٿي پوندا آهن،
قلم کڻندا آهن،
قلم سان هڪ خاموش فوج کي جنميندا آهن،
(اسرائيل جي وزير دفاع موشي دايان جڏهن هڪ فلسطيني شاعر جو شعر پڙهيو ته رڙ ڪري چيو هئائين؛ مار! هي ته پنج گوريلا لهندو آهي، يعني هڪ شعر پنجن گوريلن جي برابر آهي. پنجن گوريلن جيتري طاقت رکندڙ آهي).
شاعر اهڙن ئي شعرن کي جنميندا آهن جيڪا هڪ خاموش فوج هوندي آهي ۽ انسان، غلام قومن ۾ روح ڦوڪي انهن کي وري زنده ڪندي آهي اها نظر نه ايندڙ فوج.
اها خاموش فوج ماڻهن جي مئل حوصلن کي زندگي ڏيندي آهي،
رڳ رڳ ۾ روح ڦوڪيندي آهي،
نس نس کي جوان ڪندي آهي،
ان لفظن جي فوج جي ڇانوڻي ڪتاب هوندا آهن
جيڪي شاعر ۽ اديب نظم ۽ نثر ۾ ترتيب ڏيندا آهن.
جنهن جو لب لباب اهو هوندو آهي ته؛
ڪا به لڙائي آخري ڪونهي،
اوهان جي جسم جو موت ڪا اهميت ڪونه ٿو رکي،
جذبا جوان رکو،
فتح اوهان جي آهي
ڪا ڳالهه ڪونهي اڄ نه ته سڀاڻي،
ٻئي ڏينهن..........
لطيف سائين اها ڳالهه هيئن ڪندو آهي ته؛
قيامت!!
اها ته ويجهڙ جي ڳالهه آهي
منهنجا حوصلا ته اڃا اڳي تائين جا آهن.
اهو ئي فرق آهي دنيا جي ٻين شاعرن ۾ ۽ هن فقير نما شهنشاه ۾،
دنيا جي ٻئي ڪنهن به شاعر ايڏي وڏي ڳالهه ڪانه ڪئي آهي هن کان اڳ..............پر پوء به ڪونه.

سهڻي-27

ور اونداهي راتڙي، چانڊوڻيء چانڊا،
اوري ميهاران، منهن مَ پسان ڪو ٻئو.

اي اونداهي، موٽي آءُ،
چانڊوڪي راتيون نه کپن،
ڇو سهڻي!؟
دنيا روشني پسند ڪري،
تون وري اونداهيون!
سهڻي هميشهه وانگر ڳالهائي ٿي
۽...........لاجواب ڪري ڇڏي ٿي.
چانڊوڪيء ۾ هر ڪو نظر اچي ٿو،
روشني آهي. ٻيا چهرا به نظر اچي وڃن ٿا،
نه چاهيندي به،
اونداهي هوندي ته ميهر کي وڃي ويجهو کان ڏسنديس،
۽ ٻين چهرن جي ڏسڻ واري گناه کان بچي وينديس.
اک الٽي ڌار.........
دنيا کان مختلف ٿيء،
روايتي ٿي جيئڻ کان پاسو ڪر،
دنيا ۾ هڪ بڻجي وڃ،
اهڙو جو هر ماڻهو مثال ڏي،
باقي سڀ جهڙو ٿئين ته،
مٽيء سان مٽي ٿي ويندين...
ڪو ڪونه پڇندءِ.
پاڻ ۾ ويٺا آهيون،
اوهان کي پنهنجي پرينء جي چهري کان سواء ٻيو ڪو چهرو، يا گهڻا ڪيئن لڳندا آهن؟
اوهان جي دل ڪونه چوندي آهي ته؛
يا ته اهو هڪ من موهڻو منهن هجي يا
اکيون بند ڪري...........
پرينء جو وري ساڳيو من موهڻو منهن تصور ڪري ويهي رهجي.
يعني،
ميهار کان سواء ڪو ٻيو ڏسڻو نه پوي،
مون جڏهن پهريون دفعو علامه آءِ آءِ قاضيء وارو رسالو، (لطيف سائين) جو ڏٺو ان ۾ هن انوکي نموني سان رسالو ترتيب ڏنو آهي.
گهڻو ڪري رسالو ترتيب ڏيندڙن ساڳيو طريقو اپنايو.
رسالي جا سر اهميت جي حساب سان،
حمد و ثنا واري ترتيب سان،
سرن جي ڳائڻ واري وقت جي حساب سان، (جيڪي سر صبح، منجهند، شام، رات وغيره ۾ ڳايا ويندا آهن)
جذباتي وابستگيء واري حساب سان،
( جيڪي به قلمي نسخا مليا آهن انهن جي شروعات گهڻو ڪري سر سسئيء ۽ ان سان لاڳاپيل سرن جي حساب سان رکي ويئي آهي. سسئي گهڻو ڪري سنڌين جي نفسياتي ڪيفيت مطابق ويجهي سمجهي ويندي آهي....ڇو!!؟؟ .تفصيل سر سسئي ۾ ڏينداسين)
پر علامه صاحب واحد عالم هو جنهن سرن جي ترتيب ڪنهن ٻئي حساب ۾ رکي.
انسان ڄمي ٿو،
وڏو ٿئي ٿو،
نفسياتي ماهر چون ٿا ته سندس سوچن جو تعين يارنهن ٻارنهن سالن ۾ ٿي وڃي ٿو.
جسماني ساخت، هڏن جو وڌڻ ويجهڻ،
به اٽڪل هن عمر ۾ يا اٺارنهن سالن تائين ٿي وڃي ٿو.
جسماني واڌ هاڻي ڪونه ٿيندي،
ماس وڌي سگهي ٿو،
گهٽجي سگهي ٿو،
باقي پڃرو......... اهو اٽڪل ساڳيو رهندو.
زندگي تجربن مان سکڻ ۽ انهن مطابق عمل ڪرڻ جو نالو آهي،
انسان روزانو سکندو رهي ٿو،
هن ڪائنات جي گڏيل محبوب نبي سائين جن جي حديث پاڪ آهي ته؛
علم حاصل ڪريو، پينگهي کان قبر تائين.
وڏي ۾ وڏو سچ به اهو ئي آهي ته انسان پينگهي کان وٺي قبر تائين شاگرد ئي آهي، سکندو رهي ٿو.
جيئن جيئن سکي ٿو تيئن تيئن سندس سوچڻ جو انداز مضبوط ٿئي ٿو،
چوڻ جو مطلب اهو آهي ته جسماني طور تي ته هو اٺارنهن سالن تائين يا اڳي پوء بلوغت کي پهچي ٿو پر ذهني بلوغت چاليهه سالن کان پوء اچي ٿي.
سنڌي ادب جو هڪ وڏو نالو سائين محمد ابراهيم جويو صاحب جو چوڻ آهي ته اسان جڏهن زندگي گزارڻ جو ڍنگ ڄاڻي بيهون ٿا ته موت اچي در کڙڪائي ٿو.
هن جي ذهني بلوغت وڌيڪ مضبوط ٿيندي وڃي ٿي.
علامه صاحب رسالي جي ترتيب به ان طرح رکي جو جيئن جيئن لطيف سائين جي شاعري بلوغت طرف وڌي آهي انهن سرن کي هن پوئتي يعني پوء جو چيل شعر مڃي ان کي اهڙي ترتيب ۾ رکيو.
اهڙيء طرح سر سهڻيء کي لطيف سائين جي ڪمال واري شاعري سڏي آخر ۾ رکيائين.
جيئڻ ڇا کي چئجي؟
ڀرپور جيئڻ ڇاکي ٿو ڪوٺجي؟
ڇا هر ماڻهو دعوى ڪونه ٿو ڪري سگهي ته هو ئي ڀرپور جيئو آهي؟
ها بلڪل..........
هو ڀرپور جيئو آهي.......
پر ڪيئن؟
ها! پنهنجي ذهن جي مضبوطيء جي حساب سان ته هو ڀرپور جيئو آهي.
هڪ ننڍڙو مثال.....
هڪ ماڻهو هڪ هٿ سان ويهه ڪلو وزن کنيو،
ڇا هن پنهنجي طاقت مطابق پورو وزن نه کنيو،
هن جي حساب ۾ اها ئي آخر هئي.....
هڪ ماڻهو هڪ هٿ سان چاليهه ڪلو،
پنجاه ڪلو،
..........................
ڇا انهن جي پنهنجي پنهنجي حساب ۾ آخر ڪونه هئي؟
ڀرپوريت ڪونه هئي؟
ته پوء ڇا هر انسان جي ذهن جي طاقت،
صلاحيت پنهنجي پنهنجي ڪونهي....
ڇا هو جڏهن سوچي ٿو ته هو ڪونه ٿو سمجهي ته اها ئي آخر آهي.
ڀلي ڪيتري به ننڍي کان ننڍي سوچ ڇونه هجي هن جي حساب سان ته اها ئي آخر آهي، اها ئي ڀرپوريت آهي.
هڪ ماڻهوء هڪڙي ڳالهه ڪئي،
ان تي بيهي رهيو،
ڇو؟
ڇو ته هن کي ئي آخر سمجهيائين...
دليل ڏيو،
هو ٻڌي ئي ڪونه ٿو،
ڇو؟
ڇو ته ڳالهه ڪرڻ وقت وٽس جيڪو ذهن هو،
پوء به ته اهو ئي ذهن آهي نه هن وٽ.
اهڙن ذهنن جي واڌ ويجهه ۾ ڪتاب گنجائش پيدا ڪندو آهي.
دليل ٻڌڻ جي اندر ۾ گنجائش پيدا ڪندو آهي.
کيس سيکاريندو آهي ته تون آخري ڪونه آهين،
ٻين جي به ٻڌ،
تون غلط ٿي سگهين ٿو،
عقل ڪل ڪونه آهين......
زندگيء ۾ اوهان ڪيترا ئي اهڙا ڏٺا هوندا جن اڳيان اوهان جا دليل ڪا حيثيت ئي ڪونه رکندا.
ته پوء ذهني صلاحيتن جي به ڪا حد بندي ضرور هوندي،
اچو ان جي ماپ طور وزن جي حساب سان ٿا ڪريون ته هڪ ماڻهو وٽ هڪ سو گرام جيتري سوچ آهي ته ڇا سڀ هڪ سو گرام جيتري سوچ رکندڙ هوندا؟
نه....
ڪو ٻه سو گرام، ڪو پنج سو گرام، ڪو ڪلو گرام ته ڪي وري گلو گرامن کان به وڌيڪ.........
ته پوء سڀني جي زندگيء جو انداز ساڳيو هوندو؟
سوچن جو انداز ساڳيو هوندو؟
انساني ذهن ئي ته ڊرائيور آهي ان کي هلائڻ جو،
اتان ئي ته سڀ حڪم هلايا وڃن ٿا.
هڪ سو گرام وارو ڳالهه جي تهه تائين هڪ سو گرام جي حساب سان ويندو.....
ڪو ٻه سو،
ڪو پنج سو،
ڪو وري گلو گرامن ۾............
ته ڇا زندگيء جو مزو به سڀ هڪ جيترو وٺندا؟
ڇا زندگيء جو مزو گهٽ سوچ ۽ وڏي سوچ وارن جو ساڳيو هوندو....
ڇا سونهن کي ڏسڻ جو انداز سڀني جو هڪ جهڙو هوندو آهي؟
ڇا سونهن کي محسوس ڪرڻ جو انداز سڀني جو هڪ جهڙو هوندو آهي؟
ڇا ڪنهن جون نظرون اندر کي ٽنگ ناهن ڪڍنديون؟
ڇا ڪنهن جون نظرون نظرن مان پار ٿي دل تائين ڪونه پهچنديون آهن؟
جيڪڏهن نه ته؛
ڇا سونهن مان سڀئي هڪ جيترو مزو ماڻيندا آهن؟
موسيقي سڀ ئي ٻڌندا آهن، ڇا سڀني جي ٻڌڻ جو انداز ساڳيو ئي هوندو آهي؟
هڪ نغمو/غزل/وائي ويهه ماڻهو ٻڌن ٿا،
انهن مان گهڻا تڻا صرف سر/لئه ۾ ئي مگن رهندا؟
گهڻن تڻن جي ته مٿي کان گذري ويندو سڀ ڪجهه.
ڪجهه ميوزڪ کي سمجهندا؟
ڪي وري ڳائڻ واري جي آواز جا لاها چاڙها ٻڌندا، سمجهندا.
ڪي ٿورا وري گائيڪيء جي انداز ۾ محو ٿي ويندا.
تمام ٿورا شاعريء کي سمجهندا/ٻڌندا.
اهو سڀ ائين ڇو؟
ڇا اهو سڀ هر انسان جي ذهني ليول جي ڪري ڪونهي؟

سهڻي-28

متان گهڙين سهڻي، اڄ درياء ۾ دم،
ڪاري رات ڪنن ۾، ڪهڙو اٿئي ڪم،
متان جاڳي ڏم، پڇي پاڙي واريون.

ڇا...........
لطيف سائين کي خبر هئي ته هُن جي شاعريء جا سمجهندڙ مستقبل (قريب/بعيد) ۾ پيدا ٿيندا؟
اهي وڏا وڏا بحث ڪري، انهن مان نتيجا ڪڍندا؟
منهنجي (لطيف سائين جي) قوم کي سجاڳ ڪرڻ لاء هِن مان سبق حاصل ڪندا؟
لڳي ٿو ته اياز چواڻي “مان سڀاڻي جو شاعر آهيان، مون کي مون کان پوء سمجهيو ويندو”،
لطيف سائين به اهو ئي سمجهو هو ته هن جي شاعري جي پرواز اڄوڪي (ان وقت جي) ماڻهن جي ذهني اڏام کان تمام گهڻو مٿي آهي هونئن به شاعر پنهنجي وقت کان اڳ پيدا ٿيندو آهي.
اها ڳالهه ان مان ثابت ٿئي ٿي ته هو ڪنهن به شعر ۾ (ممڪن طور تي) ڪنهن جي منجهي پوڻ کي واضع ڪندو رهي ٿو....
پڙهندڙ جي سوچ ۾ اچي سگهي ٿو ته؛
پڪ سهڻيء جي ذهن ۾ اها ڳالهه ضرور ايندي ته اڌ رات جو،
ڪارن ڪنن ۾،
نه ڪو مددگار،
نه ڪو اهي نه پهي،
(ڪڏهن من ماڪوڙي ڪڏهن ڪيهر شينهن)
ڪيترو به مضبوط انسان هجي، سمورو وقت هڪ جيترو مضبوط ڪونه هوندو آهي. سهڻيء جا ٻه روپ آهن؛
هڪ سهڻي ..........
عام عورت،
شادي ٿيل عورت،
سماج جي ڌڪاريل (عورت کي گهٽ سمجهيو ويندو رهيو آهي)
هيڻي،
ساهيڙين پاران سمجهائي ويندي رهندڙ،
ڏم پاران سمجهائي ويندي رهندڙ،
پيءُ ماء پاران سمجهائي ويندي رهندڙ،
پوء وري سڀني پاران سمجهائي ويندڙ هجڻ ڪري اندر ۾ خوف ۾ ورتل عورت،
چوڌاري دشمن ڏسندڙ،
انساني ڪمزورين پاران غالب ٿيل عورت.
ٻي سهڻي آهي،
عاشق سهڻي،
ساهڙ تان سر گهوريندڙ سهڻي،
درياء جي فاتح سهڻي،
وڏي دل گردي واري سهڻي،
ٻنهي سهڻين ۾ مقابلو،
ڪڏهن هوء حاوي ته ڪڏهن هوء،
پر جڏهن ميهار جي صورت سامهون اچي ته عاشق سهڻي فاتح،
باقي سموري دنيا مفتوح.
سهڻي چوي ٿي ته؛
اي سهڻي متان درياء ۾ گهڙين،
اڄ ته درياء ڌڌڪا پيو ڏئي،
ڪاري رات آهي،
ڪهڙو ڪم اٿئي ڪنن ۾!،
پويان جو به ڪو خيال ڪر،
ڏم جاڳي پيو ته
اٿي وڃي پاڙي وارين کان پڇندو ته
سهڻي هتي آئي؟
وري بدنامي ٿيندءِ،
وري مهڻن جا عذاب.........
ڇڏ سڀ ڳالهه کي...
موٽ، پنهنجي گهوٽ (لانئون واري گهوٽ) سان گهڙيون گهار،
غلط توڙي صحيح کي ڇڏي،
معاشري جي رسمن،
تحت زندگي گذار.................
پر سهڻي!
پير پوئتي ڪرڻ کي گناه ڪبيره سمجهڻ واري سهڻي،
ڀيرو ڀڃڻ کي مها پاپ سمجهڻ واري سهڻي،
وٿي نه وجهڻ واري سهڻي،
عاشق سهڻي،
اونچي ڳاٽ واري سهڻي!!
چوي ٿي ته؛

پڇي پاڙي واريون، ڪوه ڪرندم ڏم،
ڪاري رات ڪنن ۾، آه ڪاڻيارين ڪم،
هيء هڏو ۽ چم، گهوريو محب ميهار تان.

پوء.............
شينهڻ سهڻي جاڳي ٿي،
عاشق سهڻي اندر مان آواز ڪڍي ٿي،
ڇا ٿي پوندو جو ڏم جاڳي پيو،
پاڙي واريون پڇندو،
اهي وري ٻئي ڏينهن مون کي طعنا ڏينديون ته
تو وارو مڙس آيو هو، تنهنجي لاء پڇي پيو
تون وري ڪيڏانهن وئي هئينء سهڻي!؟
يار ڏانهن!؟
ڪهڙو آسمان ٽٽي پوندو.
ڪاري رات ڪنن ۾ پرينء سان ملڻ جي ڪاڻيارين جو وڏو ڪم هوندو آهي،
تنهنڪري ته اهي اچي گهڙنديون آهن ان ۾.
هي هڏ، هي چم، پرينء تان گهوريو،
گهوريو ان جي هڪ گهور تان.
اهو آهي لطيف،
سوال به پاڻ ڪري
جواب به پاڻ ڏيڻ وارو.

* * * * *

ڏهاڙي ڏمر ڪري، مٿي محبت مون،
تنهن کي اچين تون، پرين ڪوه نه پلئين؟
هي شعر پڙهو،
سهڻي ٿي چوي ته
اي! ميهار سائين!
تنهنجي محبت، جيڪا منهنجي من اندر آهي اها مون مٿان ڏمرجي ٿي،
ڪاوڙ ڪري ٿي،
مان درياء ٽپي اچان ٿي توڏانهن،
پوء به....
منهنجي محبت مطمئن ڪونه ٿي ٿئي،
بس ڪونه ٿي ڪري،
تنهنجي صورت
تنهنجي سيرت،
تنهنجون ڳالهيون،
تنهنجو ڪردار،
تنهنجون ادائون........
منهنجي من ۾ جيڪا محبت پيدا ڪري چڪيون آهن،
جنهن جي ڪا ماپ طور ڪونهي،
ان جي بدلي مان ايترو پيار ڪري ڪونه ٿي سگهان،
مان کٽل آهيان،
تنهنجي محبت جو حق ادا ڪري ڪونه ٿي سگهان.
تون ئي قرب ڪر،
مون کي صرف ايترو چيءُ ته
اي سهڻي!
تنهنجو ڏنل پيار مان مطمئن آهيان
پوء منهنجي اندر ۾ تنهنجي لاء ويٺل سڪ وڃي ڪا راضي ٿيندي.

سهڻي-29

جان جان هئي جيئري، ويٺي نه ويساند،
لڙهي لهرن پاند، ميائي ميهار ڏي.

خليل جبران چيو آهي ته جيڪڏهن تو زندگي گذارڻ جو فن سکي ورتو ته پڪ ڄاڻ تو دنيا جو وڏي ۾ وڏو فن سکي ورتو آهي.
محترم محمد ابراهيم جويو صاحب جو چوڻ آهي ته اسين جڏهن زندگي گذارڻ جو فن سکي وٺندا آهيون ته موت اچي دروازو کڙڪائيندو آهي.
يعني زندگي گذارڻ هتي اسان جي معاشري ۾ تمام ڏکي آهي.
ان جا ڪيترا ئي سبب هجن پر وڏو سبب پيار جو قيد هجڻ آهي.
قدم قدم تي پهرا، زندگيء جا رستا روڪيو ويٺا آهن،
ڪاريهر رستن تي قابض آهن.
ٻه گره کائڻ لاء سموري عزت داءَ تي آهي،
سموري قسم جو بکون برداشت ڪري سگهجن ٿيون، انهن جا زندگيء تي تمام گهرا اثر ويهن ٿا پر پيار جي بک انسان کي کوکلو ڪري ڇڏي ٿي.
زندگي ڇا آهي؟
اها مٿئين شعر ٻه سٽي ۾ سمجهايل آهي.
جيسيتائين ساه هوس،
آخري ساه تائين!
خاموش ٿي، هارائي، همتون هاري نه ويٺي،
(لا تقنطو من الرحمت الله) يعني همت نه هارڻ جو حڪم الله سائينء جو آهي،
جڏهن هن دنيا مان ويئي ته به پرينء جي سڪ ۾،
ان ئي نيڪ مقصد ۾،
لهرن ۾ لڙهندي،
وڙهندي، پنهنجي مقصد، پنهنجي نظرئي لاء
دم ڏنائين...

سهڻي-30

نه مون ناناڻئان کٽيو، نه ڪي ڏاڏاڻئا،
پرينء جي پاران مون سين وڏا ئي وڙ ٿيا.

انسان جي سکيا / زندگيء تي ٻه ڳالهيون اثر رکن ٿيون،
پهريون، هيريڊٽي، وراثت، ورثو
ٻيو، انوائرنمينٽ، ماحول، جيڪو ان جي چوڌاري وهي واپري ٿو.
وراثت ۾ ناناڻا، ڏاڏاڻا سڀ اچي وڃن ٿا.
ماحول ۾ ان وقت جو آسپاس هلندڙ رسم و رواج وغيره
ٻار جي سکيا لاء چون ٿا ته پهريان سال وڌيڪ اهم آهن،
ست يا اٺ سالن تائين ٻار جي ذهني رجحانن جو تعين ٿي وڃي ٿو.
هو چوڌاري ٿيندڙ حرڪات سڪنات ڏسي سمجهي وڃي ٿو ۽ اهو ئي گس وٺي ٿو (گهڻوڪري) ڪن حالتن ۾ عمر ٻارنهن کا اٺارنهن سال انتهائي اهم ليکي ويئي آهي.
اڄ جيڪڏهن ڪنهن کي ويگن، بس، گاڏيء ۾ چئجي ٿو ته ٿورو سري ويهو، ته هو وڙهي پوي ٿو.
منهنجو هڪ دوست حسن وساڻ چوندو آهي ته؛
فرض ڪريو هڪ ڇوڪرو ميٽرڪ، انٽر پاس ڪريو ويٺو آهي،
بيروزگار آهي،
گهر ۾ پوڙهو پيء، بيمار امڙ، جوان ڀيڻ ويٺي آهي،
گهر ۾ آيو، پيء چيس، گهڻو ڪمائي آيو آهين جو ماني پيو ٿو گهرين....
ٻاهر ويو ته دوستن چيس اچ ته فلم تي هلون،
هو سينيما تي ويو،
فلم ۾ سلطان راهي هن کي لٺ، هن کي گولي، هن کي باٺو هنيو پئي گهميو...
هي جڏهن ٻاهر آيو ته پاڻ به سلطان راهي بڻجي ويو.
ويهه ڪروڙ جي آباديء واري ملڪ جا ويهه ڪروڙ ئي سلطان راهي.
يورپ اڄ ائين يورپ ڪونه بڻيو آهي ان ۾ ڪتابن، موسيقي، آزاد معاشري جو وڏو عمل دخل آهي.
لطيف سائين فرمائي ٿو ته
مون ناناڻا ۽ ڏاڏاڻا ڪونه کٽيو آهي،
مان جيڪو ڪجهه آهيان پنهنجي سوچ جي ڪري آهيان اها سوچ مون کي پنهنجي پرينء جي عشق جي ڪري آهيان.
پنهنجي نظرئي جي ڪري آهيان.
منهنجي سڃاڻ ڪا ڏاڏاڻي ذات يا ناناڻي ذات ڪونهي،
منهنجو نظريو، منهنجي پارٽي ئي منهنجي سڃاڻ آهي.
منهنجا خيال ئي منهنجي سڃاڻ آهن.
ٽي سو سالن کان پوء مارڪس، لينن، مائو، هوچي منهه، جنرل جياپ چيو ته:
نظريو ئي سڀ ڪجهه آهي

سهڻي-31

گهر، نه ور، نه وٿ ڪا، آهيم من ميهار،
ان اوسيئڙي اٿيان، سنجهي ڪري سينگار،
پرين تنهنجو پار، پسان مان پر ڪنهين.

مون کي نه ته ڪو گهر آهي،
نه ته ڪو ور يعني مڙس آهي،
نه وري ڪا ٻي مال ملڪيت آهي.........
ها باقي منهنجي من ۾ ميهار آهي (جيڪا دنيا جي سڀ کا وڏي دولت آهي)
ان خيال، ان انتطار ۾ اٿان ٿي سنجهي ئي......
( اچو ته ذهن ۾ اٿندڙ هڪ سوال حل ڪري پوء اڳتي وڌون.... اهو سوال اهو آهي ته ان وقت ماڻهن جي سمهڻ ۽ جاڳڻ جا ٽائيم ڪهڙا هئا؟
ان وقت ڪا واچ، ڪي گهڙيال ته ڪونه هئا.
انسان فطري لحاظ کان سوير يعني سج لٿي سمهڻ ۽ پره ڦٽيء جي اٿڻ جو عادي رهيو آهي يعني جيڪا نيچر پکي پکڻ جي آهي اها ئي. سموري ڪائنات جي رات سج لهڻ سان شروع ٿئي ٿي ۽ ڏينهن پره ڦٽي مهل. هاڻي ڪجهه سال ٿيا آهن جو ان ۾ ڦيرو آيو آهي خاص ڪري بجلي جي ٺهڻ کان پوء.
سينيمائون آيون، شهر وڌيا، مارڪيٽون ٺهيون، ماڻهو نوڪريء تي هجڻ ڪري شهر ڏانهن (خريداريء لاء) دير سان وڃڻ شروع ٿيا.
سهڻيء وقت به سج لهڻ سان ئي رات شروع ٿيندي هئي ۽ پره ڦٽيء سان ڏينهن.
ان وقت جي سين تي نظر وجهون ٿا.
سج لهڻ کانپوء سڃ، رستا ويران.
هر ماڻهو آرامي پنهنجي گهرن ۾.
ٻاهر خوفناڪ جانورن جو خوف (ان وقت ڪي وڏا شهر ڪونه ٺهيا هئا، ڳوٺ اهي به ڪجهه گهرن تي مشتمل، پري پري تائين ڪا آبادي ڪونه....ڳوٺ کان ٻاهران، يعني گهرن جي پوري ٿيڻ سان ئي جهنگ..... جهنگ لتاڙي ڳوٺ اچبو.... سهڻي اهو جهنگ به لتاڙيندي هوندي (پڪ سان).
( اسان جي شهر ۾ هڪ ڳوٺاڻو عبدالحڪيم سومرو عرف حاڪو سومرو روزا اٿاريندو هو. ٻين ڳوٺن وانگر ڳوٺ جي آخري گهرن وٽ رات جو (اسُرَ وقت) هن کي هڪ سوئر نظر آيو، جنهن کي هن مينهن جو ٻچو سمجهو. هو ان کي هڪليندو گهر وارن کي سڏيندو رهيو. جڏهن سوئر هڏڪار ڪري جهنگ ڏانهن ڀڳو ته هن به پاڻ کي ان کان پري ڪيو)
درياء جي ڪناري وري گهاٽو جهنگ، سهڻي اهو به لتاڙيندي هوندي..... اسان جڏهن ڪجهه پڙهندا آهيون ته صرف پنهنجي چوڌاري واري ماحول کي نظر ۾ رکندا آهيون........
اوهان کي بار بار اها گذارش تڏهن ٿو ڪريان ته هي شعر پڙهي پنهنجي ذهن ۾ اهو ياد ڪريو ته اوهان اڄ کان ٽي سو سال چيل شعر پڙهي رهيا آهيو، سهڻي ان کان به ڪجهه سال اڳ جي آهي. مطلب جي ڳالهه ته سڀ هيروئنون، مارئي، نوري، سسئي، سهڻي، ليلا، مومل، سورٺ وغيره ٿلهي ليکي چار سو سالن کان به اڳ جون هيون. ان وقت جي ممڪنه ماحول کي نظر ۾ رکي پوء اڳتي وڌو).
سو سهڻي ٿي چوي ته مان سنجهي ئي اٿي، سنجهي جو مطلب سانجهي ڪونه پر گهر ڀاتين جي سمهي رهڻ کان جلدي پوء اٿي سينگار ڪريان ٿي ۽ نڪري پوان ٿي پنهنجي من گهرئي مشتاق سان ملڻ لاء.
هڪ ڳالهه ٻي به اوهان سان شيئر ڪريون ته،
قصي ۾ چيل آهي ته ميهار روزانو تري سهڻيء ڏانهن ايندو هو، پوء جڏهن ميهار بيماريء سبب ڪونه آيو ته سهڻي تري اوڏانهن ويئي....
جيڪڏهن ميهار تري ايندو هو سهڻي ڏانهن ته به ته سهڻيء کي گهران نڪرڻو پوندو هوندو....ڇو ته ميهار ان جي گهر ڪونه پر درياء جي ڪناري اچي ملندو هو...قوي امڪان موجب....
يعني سهڻي تري وڃي يا ميهار تري اچي، سهڻي ٻنهي صورتن ۾ گهر کان ٻاهر نڪرندي.
نڻان کي شڪ پيو....جنهن سهڻيء جو پيڇو ڪيو ۽ ڏٺائين ته هن هڪ لڪايل دلو ٻوڙن مان ڪڍيو ۽ کڻي درياء ڏانهن منهن ڪيائين.....
نڻان کي شڪ ڪيئن پيو....
ان لاء هن پڪ سان ڪجهه دفعا سهڻيء کي گهر ۾ ڳوليو هوندو ۽ ان جي نه ملڻ تي ان کي شڪ پيو هوندو......
شعر ۾ چيل آهي ته
نه گهر،
نه ور...
يعني مون کي گهر به ڪونهي،
پيء ماء جو گهر ته هوء ڇڏي آئي.
ساهراڻي گهر کي هوء گهر تسليم ڪونه ٿي ڪري
نه ور،
مڙس به ڪونهي...
ڏم مڙس ڪونهي، هڪ مرد آهي، هڪ غير آهي، الائي ڪير؟
مرد ۽ مڙس ۾ فرق آهي.
اهو مڙس نه هجڻ برابر آهي جنهن کي دل تسليم ڪونه ڪري،
يعني اقرار م بالسان و تصديق م بالقلب... وانگر.
سهڻيء جي ڪيفيت بيان ڪرڻ جهڙي آهي؟
گهر هن لاء دوزخ،
نظر کڻي نهاري ته ڏم تي پوي جيڪو به ڪرب ڀريو...
سڀ ڪجهه منهنجو ڪونه...
هڪ ميهار..........سموري دنيا.

سهڻي-32

جتي ڀير ڀرن، ڀريون پون ڀراريون،
تانگهه نه لڌي، تارئين مپ نه ماٽيڙن،
ڪنڌيء اڀا ڪيترا، سيڻايا سونڪن،
تون ڪيئن تن تڙن، اچيو آساري گهڙين.

اسان منجهان گهڻا ماڻهو صرف دريائي وهڪري کي ڏسي ان کي عام وهڪرو/پاڻيء جو وهڻ سمجهي ڪنهن سوچ ويچار ۾ ڪونه آڻيندا آهن. اسان مان گهڻن کي اها خبر ڪونه هوندي آهي ته درياء ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ڀرين، پاسن کي اندران ئي اندران کائيندو آهي. ان وقت جڏهن درياء جي ڪناري تي بيهبو ته اسان کي خبر ڪونه پوندي ته درياء اندران ئي اندران ڪجهه ڪري رهيو هوندو آهي. اسان کي خبر تڏهن پوندي جڏهن هڪ وڏي ڀِڪَ اچي پاڻيء ۾ ڪرندي جنهن جو آواز به چڱو ڀلو هوندو آهي. هي وقت درياء جو سڀ کان ڏکيو وقت هوندو آهي، ان وقت ٻيڙيون يا ماڻهو ان جڳهه کان پري ٿي بيهندا آهن ته متان هو ڀڪ مٿان بيٺل هجن ۽ ڀڪ وڃي درياء ۾ ڪري.
لطيف سائين سهڻيء جي اندروني ڪيفيت ڪڏهن من ماڪوڙي ڪڏهن ڪيهر شينهن کي چٽي ٿو ته سهڻي هن حالت ۾ جڏهن درياء ڀريون پيو پائي، وڏيون وڏيون ڀڪون اوچتو ئي اوچتو اچي ڪرن ٿيون...هن وقت ۾ تنهنجو درياء ۾ لهڻ، دريائي ڪناري تي بيهڻ تمام خطرناڪ آهي.
اي سهڻي! درياء جي تانگهه، اونهائي، ان جو وهڻ ڪنهن ماپ ڪندڙ ماهر کي به سمجهه ۾ ايندڙ ڪونهي،
ڪنڌيء تي وڏا وڏا تارو، درياء پار ڪندڙ به پيا سوچين....
پوء تون ڪيئن اچي اهڙن تڙن تي گهڙين ٿي، ڪهڙي آسري.

سهڻي-33

محبتي ميهار جون، دل اندر دونهيون،
آڻيو وجهن آر ۾، لهاڻو لوهيون،
جي ساهڙ جون سونهيون، سير سراڙو تنکي.

ڇا اوهان نوٽ ڪيو آهي ته لطيف سائين ميهار کي ميهار چوڻ بجاء محبتي ميهار ڪوٺيندو رهي ٿو.....
ڇو ته کيس خبر آهي،
کيس خبر آهي ته سهڻيء جي زبان کي مزو ئي ڪونه ايندو رڳو ميهار چوڻ وقت.
کيس خبر آهي ته پرينء جو نالو کڻڻ جا به ڪي آداب هوندا آهن،
جيڪو لفظ زبان کي ٺاريندڙ هجي،
ان جو اچارڻ به ته ائين ئي هجڻ گهرجي....
محبتي ميهار، فقط ميهار به پر گهڻو ڪري محبتي ميهار...
سهڻيء جي اندر ۾ پيهي ويل ميهار جو نالو کڻڻ وقت سهڻيء جي زبان کي مزو ئي ڪونه ايندو ميهار جو نالو کڻندي....محبتي ميهار، محبت ڪرڻ وارو ميهار،
محبت جي بدلي ۾ وڌيڪ محبتون ڏيندڙ ميهار.....
ان ميهار سائينء جون دل ۾ دونهيون دکايل آهن...
دونهين ڇا آهي؟
انسان جڏهن ايترو وس وارو ڪونه هو ته هو خوفناڪ جانورن کان محفوظ به ڪونه هو، خوفناڪ جانور کيس ننڊ ۾ پيل ئي کڻي ويندا هئا.
انسان جيڪو سڀ کان وڏو ۽ سڀ کان پهريون هٿيار استعمال ڪيو پنهنجي بچاء لاء اها هئي باه.
هو باه جي ويجهو ٿي سمهندا هئا، اها باه ڏسي جانور ڊڄي پري ٿي ويندا هئا، ويجهو ڪونه ايندا هئا.
اها باه جيڪڏهن لڳاتار ٻرندي ته ان لاء ڪاٺيون گهڻيون هجن، ٻيو ته ان کي سوريندڙ (جيڪو وري به ڪو انسان هجي) موجود هجي...
ان لاء حل اهو ڪڍيو ويو ته اهڙي باه جيڪا دکندي رهي....گهڻو وقت هلي، اها ٻاري ويئي.
ان باه کي ڄڀي ڪونه ٿيندي آهي، ڪجهه ٽانڊا هوندا آهن جيڪي ڪاٺين خاص ڪري جانورن جي سڪايل ڇيڻن کي دکيل رکندا آهن، ان مان دونهو نڪرندو رهندو آهي جيڪو گهڻي وقت تائين جٽاء ڪري سگهندڙ هوندو آهي.
(اوهان اڪثر ڏٺو هوندو ته جڏهن ڪنهن جو قريب مري ويندو آهي ته ان جي قبر تي ڪجهه ڏينهن دونهين دکائبي آهي جيڪا اٽڪل ساري رات دکندي هئي. هن جي شروعات ته ان مقصد تحت ٿي هئي ته جيئن ڪو جانور قبر کي کوٽي ان مان مردي کي ٻاهر نه ڪڍي..... پر هاڻي جيئن ته آباديء/ شهرن جي وڌڻ ڪري جانور وڃي گهٽ بچيا آهن يا بلڪل ئي ختم ٿي ويا آهن ته اهو رواج به وڃي ٿو گهٽجندو).
گهرن ۾ به ماچيس نه هجڻ ڪري گهڻو ڪري اهڙي دونهين پيئي ٻرندي هئي.
دونهين جيئن ته مسلسل ٻرندڙ/دکندڙ باه آهي تنهنڪري ان کي ڪنهن جي موجودگيء جي علامت به سمجهيو ويندو رهيو آهي. دونهين دکي ٿي يعني اتي ڪنهن جي موجودگيء جي گواهي آهي.
لطيف سائين به اهڙيء دونهينء جو ذڪر ڪيو آهي ته پرينء جي دکايل دونهين پيئي ٿي دکي، يعني ان جي موجودگي سدا لاء آهي اندر ۾.
سهڻيء جي سهڻي اندر ۾ محبتي ميهار جي دکايل دونهين سدا لاء دکندڙ آهي...ان کي پڄاڻي ڪونهي....
اندر کي، من کي پرينء جون اهي يادگيريون ساڙيندڙ هجن ٿيون.
جيڪي ساهڙ جون سونهيون، ساهڙ سان عشق ڪندڙ آهن انهن لاء دريائي سير ته هڪ ڊوڙ آهي.

سهڻي-34

جا هڙ اندر جيء، ساهڙ ڏني ساه کي،
سا هڙ ڇڙي نه ساه جي، ساهڙ ساهڙ ريء،
ساهڙ ميڙ سميع، ته سا هڙ ڇڙي ساه جي.

سهڻي پاڻ سهڻي،
سهڻيء جا خيال به سهڻا،
انهن خيالن کي سهڻي انداز ۾ بيان ڪرڻ وارو سونهن ڀريو لطيف به سهڻو.
اوهان ڪنهن ٻئي وٽ اهڙي لطافت ڏٺي آهي خيالن جي!؟.
دل چوي ته ويهي اهو شعر پڙهجي ۽ ساهڙ ۽ سا هَڙَ جي اها گردان ويهي تسبيح وانگر تنوارجي.
اي ساهڙ جيڪا اندر جي ڳنڍ تو ڏني آهي،
اها ڳنڍ اي ساهڙ تو سواء ڪونه ٿي کلي
اي ٻڌندڙ خدا! اهو ساهڙ مون سان ملاء ته ڪا ساه جي ڳنڍ کلي.
جتي عشق جون لکين ڪروڙين وصفون آهن اتي هيء به هڪ وصف چئي سگهجي ٿي ۽ چئي ويندي آهي ته سڀ ڪجهه پرين جو.
منهنجي زندگيء جي چاٻي تنهنجي هٿ.
پاسورڊ تو وٽ، تون جڏهن کولين.
سهڻيء جي ساه کي ڳنڍ ڏني آهي ساهڙ،
ميهار جي ڏنل ڳنڍ، ان جو پاسورڊ به ساهڙ وٽ آهي،
اهو ان کان سواء ڪونه کلندو.

سهڻي-35

سانوڻ لهرون، ٿر واري، تر وار
انهان ئي اپار، مين سين ڀلي ڀال ڪيا.

اڳ ۾ به ان تي لکي آيا آهيون ته پرين ته مٺو آهي پر پرينء سان لاڳاپيل شيون به مٺيون.
ان جو ڏنل پيار مٺو ته ان پاران ڏنل سور به مٺا.
اچو ته پرينء جي ڏنل پيار جو ملهه ڪريون؛
پرينء سان گهاريل هڪ گهڙيء جو ملهه!،
ايڪا، ڏهاڪا،
هزار، ڏه هزار،
لک ڏه لک،
ڪروڙ، ڏه ڪروڙ،
ارب، ڏه ارب،
کرب، ڏه کرب.
..............بس!؟
ملين، بلين، ٽرلين!
.............بس!؟
پرينء اڳيان دنيا جون سڀ شيون شرمنده
بي ملهيون،
ته هي ٺهيل انگ به!
تنهنڪري لطيف سائين انگي حساب جو قائل ناهي....
پرين انگي حساب سان ليکي سگهجي ئي ڪونه ٿو....
هي انگ ته دنيا داريء واري ڏيتي ليتيء جا آهن، جيڪي حسابي سگهجن ٿا.
ڀلا پرينء جي هڪ ڪرم ڀري نظر گهڻي جي،
ڀلا ان جي سمنڊ بي ڪران حسن جو هڪ ڇهاء گهڻي جو،
ڀلا پرينء جي مٺي زبان مان نڪتل هڪ لفظ گهڻي جو،
آهي ڪو انگ، جنهن سان حساب ڪري سگهجي....
آهي ڪو حسابن جو ڄاڻو، ماهر!؟
ته پوء اچو ته لطيفي انداز سان ڏسون،
پرينء جي هڪ پيار ڀري نظر جو ملهه،
سونهن جي ساگر جي هڪ ڇوليء جو ملهه،
پرينء پاران هڪ دفعو نالو کڻي سڏ ڪرڻ جو ملهه،
سانوڻ واري مند ۾ سنڌوء جون لهرون،
ڪوئي ڳڻي سگهندو!؟
ٿر ۾ موجود واري،
ڪوئي ڳڻي سگهندو!؟
انساني جسم تي جيڪي تر هوندا آهن تن جي چوڌاري وارن جا مچا نڪرندا آهن،
ڪوئي ڳڻي سگهندو!؟
پرينء پاران اسان سان ڪيل قرب، ڀلايون، مهربانيون ان کان وڌيڪ سٺي ۽ بهتر انداز ۾ ڳڻائي سگهجن ٿيون!؟
اڳ ۾ ڪنهن پاران ڳڻايون ويون آهن!؟
ڳڻائي سگهجن ٿيون!؟
اهو آهي منهنجو، تنهنجو،
اسان جو ۽ سنڌ جي وجود جو ضامن لطيف.

سهڻي-36

سائر ٻوڙي سهڻي، نه ڍوري نه ڍنڍ،
اکين منجهه اڪنڍ، ميائي ميهار ڏي.

ڪاگا سب تن کائيو،
سو چن چن کائيو ماس،
دو نينا مت کائيو،
انهي پيا ملن ڪي آس.
* * * * *
مر ڪي ڀي ميري آنکين کلي رهين،
عادت جو پڙي ٿي انتظار ڪي،
مانا ڪي تغافل نه ڪروگي ليڪن،
خاڪ هوجائين گي تم ڪو خبر هوني تڪ.
سنڌيء ۾ چوندا آهن ته مڙسن هٿان مرڻ ۾ ڪو مهڻو ڪونهي، ڪنهن گيدي هٿان مرڻ مهڻ آب ڪندڙ هوندو آهي.
ليطف سائين فرمائي ٿو ته سهڻي جيئري به بهادر عورت هئي ته مئي به ڪنهن گيديء هٿان ڪونه، ڪنهن ڍنڍ، ڪنهن ڍوريء ۾ ڪونه مئي پر شينهن درياء ۾ گهڙي ۽ پنهنجي ساه کي شينهن درياء هٿان ئي پاڻ کان جدا ڪيائين.
پر سندس اکين ۾ اڪير، اڪنڍ، سڪ مرڻ کان پوء به ميهار لاء رهيس.
پرينء لاء،
ڪنهن نيڪ مقصد لاء،
پنهنجي قوم لاء،
پنهنجي ڌرتيء لاء مرڻ موت ڪونهي،
اها ته هڪ اهڙي حياتي آهي جنهن جي ڪا پڄاڻي ڪونهي.

مومل

---

مومل ۾ باغي -1

سنڌ جي هڪ تمام وڏي ڪهاڻيڪار امر جليل جو چوڻ آهي ته منهنجي ڪهاڻين جي ڪردارن ۾ “مان“ ئي جهلڪندو آهيان. ساڳي ئي معنى مطلب وارا جملا دنيا سميت سنڌ جا ڪيترا ٻيا اديب به چوندا رهيا آهن.
......۽ اهو ئي سچ آهي ته هر شاعر، هر ڪهاڻيڪار، هر ناول نگار، هر چترڪار (ان جي آرٽ) ۾ ليکڪ/ سرجڻهار جو ڪردار گهڻو تڻو ئي نظربو آهي، سندس تخليقن ۾، سمورو نه ته ڪا جهلڪ ضرور.
(ان کان هڪ وک اڳتي ته (اها پڪ آهي ته سڀ ئي پڙهندڙ ان ڪيفيت جا هوندا) هر ڪهاڻي، هر شاعريء جي سٽ، هر ناول جي مڪالمي پڙهندي مونکي پنهنجي جهلڪ نظربي آهي. هڪ اعتراف ڪندو هلان ته مون پنهنجي زندگيء ۾ جن ڪتابن کي هڪ کان وڌيڪ دفعا ۽ گهڻو پڙهيو آهي ان ۾ چرين جي زندگين تي لکيل ڪتاب “عبرت ڪده” به شامل آهي. هي ڪتاب محترم محمد ابراهيم خليل جو لکيل آهي جيڪو اتي پارٽيشن (ورهاڱي) واري دور ۾ ڊاڪٽر هو. هن همراه چرين کان وقت به وقت حال احوال وٺي افسانن جي صورت ۾ هي ڪتاب لکيو هو. (مان سمجهان ٿو ته اردو ادب اهڙي صنف کان اڃان تائين محروم هوندو پڪ سان) مون جڏهن اهي چرين جا افسانه پڙهيا تڏهن هر چرئي جي ڪنهن نه ڪنهن ڪرداري پاسي جو اولڙو مون پاڻ ۾ ڏٺو ۽ رڙ ڪري چوندو هوس“ اڙي! هي ته مان آهيان.”
انساني سوچ ئي ان جي ڪردار تي حاوي رهي ٿي، اڃان به هيئن صحيح آهي ته سوچ ئي ڪردار بڻجي عمل ۾ اچي ٿي. دماغ / سوچ مان ئي سمورو جسم/ڪردار ڊرائيوِ ٿئي ٿو. ڊرائيور جي هٿ ۾ ئي هوندو آهي جنهن طرف هو گاڏي ڦيرائي.
چوندا آهن ته اديب (نثر نگار يا شاعر) ٻن زاوين کان لکندو آهي.
هڪ ته هو جيئن معاشري کي ڏسي ٿو، پنهنجي سماج ۾، پنهنجي چوڌاري جيڪو ڪجهه ڏسي ٿو اهو ئي لفظن سان چِٽيندو آهي.
ٻيو اهو،
هو جيئن سماج کي ڏسڻ چاهي ٿو،
جيئن سماج اڏڻ چاهي ٿو،
جيڪو هن جي خوابن/سوچن سوچيو آهي اهو عملا ڪيئن ممڪن آهي هو ان جو ڏس پتو ڏئي ٿو.
اچو؛ سڀ کان پهريائين اهو ڏسون ته جيئن شاعر جي شاعريء مان شاعر جهلڪوندو آهي، لطيف جي شاعريء مان لطيف ڪيئن ٿو جهلڪي/ تجلا ڏئي؟

جوڳيء تي جڙاء، نسورو ئي نينهن جو،
پتنگ جيئن پيدا ٿيو، سامي سج وڙاء،
آيو ڪاڪ تڙاء، ڪنئارِنِ ڪَڪورئو.
هي جيڪو جوڳي آهي،
هيء جيڪو شعر جي صورت ۾ شاعر آهي.
هيءُ نسورو (معنى سمورو، سڄو، تمام) نينهن جو جڙيل آهي يعني هي ڏسڻ ۾ ته هڏا، ماس، وار، چمڙيء جو مرڪب نظر ٿو اچي پر اصل ۾ هي عشق جو ٺهيل آهي/ هي عشق ئي آهي/ هي ئي ته عشق آهي.
هن جا پير،
هن جون ٽنگون،
هن جا هٿ،
هن جو منهن،
هن جو سينو،
هن جي دل وغيره
مطلب ته هر عضوو نينهن جو ٺهيل آهي.
پتنگ جيئن پيدا ٿيو،
پتنگ وانگر پيدا ٿيو،
پتنگ جهڙو پيدا ٿيو،
پتنگ جهڙا نظريا، خيال، ويچار کڻي پيدا ٿيو آهي اهو سامي (لطيف).
پتنگ چمڪندڙ شين جو عاشق هوندو آهي،
ٻرندڙ شين جو عاشق هوندو آهي.
اونداهين کان نفرت ڪرڻ هنن جو دين هوندو آهي،
محبتن ۽ روشنين سان پريت ڪرڻ ئي انهن جو مذهب هوندو آهي،
ان لاء ئي، صرف ان لاء ئي پيدا ٿيو آهي ۽.......
ته پوء ٻرندڙ/ چمڪندڙ شين ۾ ڏيئو، موم بتي، باه، چنڊ، سج، ستارا اچي ٿا وڃن.
صرف شيون، جسم ٻرندڙ، چمڪندڙ، تجلا ڏيندڙ، روشنيون ڏيندڙ، ڪونه هوندا آهن،
ڪي نظريا به چمڪندڙ هجن ٿا،
ڪي خيال به هيرن وانگر جرڪندڙ هوندا آهن،
ڪي ڳالهيون سدا بهار هونديون آهن،
ڪي لفظ پاروٿا ٿيندا ئي ڪونه آهن......
جيڪي سج چنڊ کان وڌيڪ روشن هوندا آهن)
هن سٽ جي ٻئي حصي جو مطلب سمجهون ته پوء ٿا اڳتي وڌون؛
سامي سج وڙاء،
اهو سامي،
اهو جوڳي،
سج جهڙو آهي.
سج هن ڪائنات جو سڀ کان وڌيڪ روشن عنصر آهي،
سج هن ڪائنات جي ضرورت آهي،
سج هن ڪائنات جي ڪمزوري آهي.
سج جو هجڻ ڪائناتي وجود جي ضمانت آهي.
سج ڪائنات جو مرڪز آهي،
سج ڪائناتي سيارن جو معشوق آهي تڏهن ته اهي ان جي چوڌاري ٿا ڦرن.
(هڪ ٻيو شعر آهي ته؛
سج سڀاڻي جا ڪري سائي سامين روء.....
يعني سج سڀاڻي( صبح) جو جيڪو روپ اختيار ڪندو آهي،
صبح جو سج ڳاڙهو ٿي نڪرندو آهي،
پوء ان ۾ اڇاڻ (روشني جو تيک) شامل ٿيندي آهي.
اهو روپ ڳاڙهونو (ڳاڙهيسرو) اڇو،
يا اڇونو (اڇسرو) ڳاڙهو هوندو آهي،
منهنجي ساميء جو منهن، روء اهڙي ئي آهي)
............. ته پوء اهو ڪمال آهي هن شاعر جو جنهن جي هڪ سٽ ۾ هڪ شيء کي (ساميء) کي پتنگ ۽ سج جهڙو ڪوٺي ٿو....
نه ته گهڻو ڪري ماڻهوء جي،
پنهنجي هيري جي،
پرينء جي تعريف رڳو روشنيء وانگر ٿي آهي،
....پتنگ جيئن + سامي سج وڙاء
(پتنگ جهڙو به ته روشنيء (سج) جهڙو به)
عاشق ۽ معشوق ٻيئي هڪ!!!
ٻيئي هڪ جاء تي!!!
اهو ڪمال آهي جيڪو لطيف سائين ئي ڪري سگهي ٿو.
اهو سامي جيڪو سج جهڙو آهي، پتنگ جهڙو آهي اهو ڪاڪ جي تڙ تان ٿي آيو جنهن کي ڪنئارين ڇوڪرين ڪڪوري ڇڏيو آهي.
ڪنئارين ڇوڪرين پاران ڪڪورڻ کي مذهبي معنى ڏيڻ وارا ڪهڙي به معنى ڏين (هر انسان کي پنهنجي ڳالهه ڪرڻ جو حق آهي، انهن سڀني کي مونسان اختلاف رکڻ جو حق آهي ته مونکي به انهن سان اختلاف رکي پنهنجي ڳالهه ڪرڻ جو پورو پورو حق آهي)
پر مان اهو چوندس ته.........اختلاف ئي ته زندگي آهي،
ها ۾ ها موت.
اچو ته سڀ کان پهريان ڪڪورڻ جو مطلب سمجهون ته پوء ٿا ڳالهه کي پورو ڪريون......
اوهان ٻهراڙين ۾ ڏٺو/ٻڌو هوندو ڪيترن کي چوندي ته،
ٻيرن ۾ ڪڪور شروع آهي،
ڪجهه ڪڪوريا آهن...........
کجين ۾ ڏوڪن ۾ کارڪن ٿيڻ لاء ڪڪور شروع آهي،
ڏنگ ٿيڻ شروع ٿيا آهن.
ٻير ڳاڙها ٿي چڪا آهن، ڪڪورجي چڪا آهن.........
...........ڪنهن ٻار کان به جيڪڏهن پڇبو ته ٻير سائو مٺو هوندو آهي يا ڳاڙهو؟
هو هڪدم چوندو ته ڳاڙهو......
ڏوڪو ڪڪور ٿيل يعني ڏنگ ٿيل مٺو هوندو آهي يا ڏنگ کان اڳ واري روپ وارو، يا ان کان به اڳ واري روپ وارو؟
جواب اوهان جي ذهنن ۾ اچي چڪو آهي........
ممممممممممم...........................
ڪڪورڻ جو مطلب ڳاڙهو ٿيڻ ضرور آهي،..........
پر ڪنهن به ماڻهوء جي ڳاڙهي ٿيڻ مان لطيف سائين جو ڪو مطلب آهي؟
۽ جيڪڏهن آهي ته ڪهڙو؟
ڳاڙهي ٿيڻ جو مطلب جوانيء جو نسرڻ/اچڻ،
پنهنجي سموري حياتيء/ زندگيء جي سڀ کان اتم درجي تي پهچڻ.....
هتي هڪ سوال اهو آهي ته ڇا جواني واقعي ئي اتم آهي؟
نه....
انساني دماغ ته سوچن جي لحاظ کان چاليهه سالن کان پوء بلوغت کي پهچي ٿو ته پوء جواني ڪيئن اتم آهي؟
جواني عشق جو ٻيو نالو آهي، عشق جوانيء ۾ ئي ٺهندو آهي/سجندو آهي.
....چوندا آهن ته بهشت ۾ وڃڻ وارن جي عمر جوانيء /نسرڻ واري هوندي.... بحث کي اتي ختم ٿا ڪريون.............
نسرڻ،
ڦٽڻ ۽ ڦاٽڻ لاء تيار ٿيڻ،
بالغ ٿيڻ (ڳاڙهو گهوٽ)....ڇا ڳاڙهو گهوٽ ان مان نڪتل آهي؟
ڪڪوريل.....!!!؟؟؟
ڳاڙهو ٿيل.....!؟
شاديء لائق ٿيل....!؟
پاڻ مان نيون شيون تخليق ڪرڻ جي قابل هجڻ،
يعني ڪنئارين ڇوڪرين انهن کي پاڻ پَسائي، ان جي اندر ۾ ويٺل سائي رنگ (ننڍڙي هجڻ، لائق نه هجڻ) کي ڳاڙهو (جوان/بالغ/لائق) بڻائي ڇڏيو....
(هڪ دفعي محترم رسول بخش پليجي صاحب مونکان ڪجهه ڪتابن بابت پڇيو،
هي ڪتاب اوهان پڙهيو آهي؟
هي ڪتاب؟
هي ڪتاب؟
اتفاق جي ڳالهه جو جن ڪتابن لاء ان پڇيو، اهي سڀ منهنجا پڙهيل هئا.
آخري ڪتاب لاء پڇيائين جيڪو به پڙهيل هو منهنجو، ان کان پوء چيائين “ ٻيهر پڙهو، سورنهن سالن جي عمر ۾ سهڻي عورت کي ڏسڻ سان ڪهڙا جذبا جاڳندا؟“
( مطلب ته بالغ ڇوڪر/مرد جو ڪنهن سهڻي عورت ڏانهن ڏسڻ، ڪنهن نا بالغ جو ساڳي ئي عورت ڏانهن ڏسڻ ٻه معنائون آهن)
هڪ سوال اوهان سان شيئر ڪري ان جو جواب اوهان پاران ڳولهڻ جو مطالبو ڪندي هن ڳالهه کي اتي ختم ٿا ڪريون....
سوال آهي ته...........
ڪو ماڻهو ڇڙو يا اڪيلو ٿو رهي،
ڪو حسن جي سرڪل، ڪنئارين ڇوڪرين جي وچ ۾ ٿو رهي.
اوهان ڪنهن جي لاء ٿا سمجهو ته ٻنهي مان زندگي ڪنهن جي طويل هوندي....
وڻندڙ هوندي......
(ان ۾ اوهان نفسيات جا ڪتاب به رفر ڪري سگهو ٿا)
اوهان جي آسانيء لاء هن سوال جو جواب مٿئين سوال جي حل ۾ مددگار ثابت ٿيندو ته ڇا حسن جلا بخشيندڙ ناهي؟
جواب اوهان کي ڳولهڻو آهي.
...............ته پوء اسان کي سمجهڻ گهرجي ته
” اڄ کان ٽي سو سال اڳ ڪو شخص چوي ٿو ته حسن جي پاسي ۾ رهڻ ئي زندگي آهي، هيء دنيا پيار جي پاڻيء سان ئي ڌوئي گند کان پاڪ ڪري سگهجي ٿي............
ته پوء اوهان ان ماڻهوء کي سلام ڪونه چوندا!؟

مومل -2

هلو هلو ڪاڪ تڙين، جتي نينهن اڇل
نه ڪا جهل نه پل، سڀڪو پسي پرينء کي.

هڪ ڳالهه مٿي ڪري آيا آهيون ته اديب/شاعر صرف اهو ڪجهه نه لکندو آهي جيڪو هن جي سماج ۾ وهي واپري ٿو. هو جيڪو سماج اڏڻ چاهي ٿو ان تي لکڻ به ان جي فرضن ۾ شامل آهي.
اها سوسائٽي ڪهڙي هجڻ گهرجي؟
ان جا خدوخال ڪهڙا هجن؟
هو سمورو نقشو ڪڍي سمجهائي ويندڙ هوندو آهي.
سوال آهي ته لطيف سائين ڪهڙي قسم جو سماج اڏڻ چاهي پيو؟
هو ان وقت پنهنجي چوڌاري ٿيندڙ سماجي عملن سان متفق هو يا هو هن سماج کي بدلائي ٻيو ڪجهه جوڙڻ گهري پيو؟.
اهو سوال پنهنجي جاء تي،
پر هن انسان سماج اندر ٿيندڙ سڀني عملن جو سبب ڪهڙو سمجهيو آهي؟
۽ حل ڪهڙو ڏنو آهي؟
مٿئين شعر کي سمجهون ته پوء ٿا اڳتي هلون؛
”اچو ته سڀ هلون،
سڀني کي دعوت آهي،
ته هلو (مونسان) ڪاڪ تڙ تي،
جتي نينهن جي اڇل آهي،
۽ جتي ڪا جهل پل ناهي،
۽ ڪنهن کي پسڻ تي ڪا پابندي ناهي.
........ ته ڇا ڪاڪ تي اهڙو ڪو ماحول ٺهيو هو جنهن جهڙي نظام بڻائڻ لاء لطيف سائين آتوهو/ آهي؟
هي سوال تمام اهم آهي، ان سوال تي غور ڪرڻو آهي.
(مومل جڏهن پنهنجي پيء جي خزاني کي هڪ فقير کي اهو ڏند ڏيئي لٽائي چڪي جنهن ڏند جي زور تي هو پاڻي سڪائي پنهنجو سمورو خزانو درياء ۾ لڪائي ايندو هو تڏهن راجا (سندس پيء) ڏمرجي پيو.
مومل کي مارڻ لاء اڳتي وڌيو ته سياڻي سومل وچ ۾ پيئي ۽ واعدو ڪيو ته هوء ان کان به وڏو خزانو هٿ ڪري پيء کي ڏيندي.
پوء هوء مومل کي وٺي لڊاڻي آئي، ڪاڪ ڪناري طلسماتي محل جوڙايائين.
اعلان ڪرايائين ته جيڪو سڀ رڪاوٽون/اڙانگايون اورانگهي مومل تائين پهچندو اهو مومل ماڻيندو.
ڪيترائي آيا ۽ پاڻ سان آندل هيرا جواهر لٽائي، ڦرائي واپس ويا.
راڻو نيٺ ڪامياب ٿيو ۽ سڀ ٽلون ۽ چالون ناڪام بڻائي مومل ماڻي ورتائين.
هاڻي جيڪو سوال منهنجي ذهن ۾ آهي ۽ اوهان سان گڏجي ان تي غور ڪرڻو ۽ بحث هيٺ آڻڻو آهي اهو اِهو آهي ته؛
مومل ته راڻي ماڻي ورتي ان کان پوء مومل جو احوال ته آهي باقي ان سان رهندڙ مومل جي ساهيڙين، ٻانهين جو ڇا ٿيو؟
ان جو قصي ۾ ڪٿي ذڪر ڪونهي
............... ته پوء ڇا اتي اهڙو ماحول جڙيو هو جتي هر ڪنهن کي اچڻ وڃڻ جي آزادي هئي؟
ڇا لطيف سائين هن قصي کي ائين ئي ٻڌو هو ته پوء کيس ڪنهن ٻڌايو ته اتي نينهن اڇل آهي ۽ هر هڪ کي ڪنهن کي پسڻ جي آزادي آهي؟
انومان ظاهر ڪري سگهجي ٿو ته مومل جي ساهيڙين (جيڪي سڀ جون سڀ ڪنئاريون هيون (جنهن جو لطيف سائين ڪيترن ئي جاين تي ذڪر ڪيو آهي)
(ٻي ڳالهه پڪ سان چئي سگهجي ٿي ته اهو مومل ڏانهن اشارو ڪونهي ڇو ته مومل سان ملڻ لاء ماحول اوپن، کليل نه هو پر ان ڏانهن هر ايندڙ تي شرط لاڳو هو ته هو اهي اڻانگايون اورانگهي اچي) انهن به مومل جي شاديء کان پوء پنهنجي شاديء جو بندوبست ڪيو هوندو......!؟ هڪ ڳالهه.
ٻي ڳالهه اها ته پڪ آهي ته انهن پاران ڪي آزمائشون نه رکيل هونديون/ نه رکيل هيون ۽ اهڙي طرح جو ماحول جڙيو هوندو...
اچو ٻيهر اهو شعر پڙهون؛
هلو هلو ڪاڪ تڙين، جتي نينهن اڇل،
نه ڪا جهل نه پل، سڀڪو پسي پرينء کي.
ٻيو ساڳئي انداز جو شعر پڙهو؛
هلو هلو ڪاڪ تڙين، جتي نينهن پچار،
ڪانهي ٻي تنوار، سڀڪو پسي پرينء کي.
هلو مونسان ڪاڪ تڙين،
جتي نينهن، عشق جي پچار آهي.
ٻي ڪا پچار ڪونهي،
سڀڪو پنهنجي پرينء کي پسي.
يعني ڪاڪ تڙين، عشق کان سواء ٻي ڪا پچار ڪونهي،
ڪا ٻي تنوار ڪونهي...........
رڳو نينهن آهي،
ان جي محفل آهي،
ان جون ئي ڳالهيون آهن ۽ بس.
ٽيون شعر به ساڳي ئي انداز وارو پڙهو ته اڳتي وڌون؛
هلو هلو ڪاڪ تڙين، جتي گهڙجي نينهن،
نه ڪا رات نه ڏينهن، سڀڪو پسي پرينء کي.
هلو هلو مونسان ڪاڪ تڙين هلو،
جتي نينهن پيو ٿو گهڙجي،
ڪا رات ڪو ڏينهن ڪونهي،
سڀڪو پرينء کي پيو پسي.
هيء شعر وري ڪمال جو آهي
نينهن پيو گهڙجي،
ٺهي،
جڙي،
جنم وٺي،
نينهن جو جنم نفرتن جو موت،
نينهن جو جنم ڏينهن رات، چوويهه ڪلاڪ.......
ساڳي ئي انداز جو چوٿون شعر به پڙهو؛
هلو هلو ڪاڪ تڙين، چرو جت چڙهن
ڪوڙين رنگ رچن، پانوڙي پڪ سين.
هلو هلو مونسان ڪاڪ تڙين هلو،
جتي چرو چڙهن،
(چرو جو مطلب ديڳ لاء کوٽيل کڏ آهي)
ان کڏ تي رنگ جون ديڳيون چڙهيون پيون آهن جنهن ۾ سندن ڪپڙا پيا رڱجن.
(يعني سمورو منظر پنهنجي سونهن وڌائڻ لاء ڪيل سندن ڪوششن کي چٽي ٿو). ڪروڙين رنگ رچين ٿا، پان کائڻ وارن جي پڪ سان.
آخري شعر کي ڇڏي باقي ٽي شعر جن جي پڇاڙيء وارو اڌ ساڳي ئي معنى ۽ مطلب وارو آهي يعني سڀڪو پسي پرينء کي....
اچو ته ڏسون ته؛
انهن مان ٻن شعرن جي آخر آهي، “سڀڪو پسي پرينء کي“.
هڪ شعر جي آخر آهي
”سڀڪا پسي پرين کي“.........
ڏسڻو اهو آهي ته صحيح ڪهڙو آهي؟
سڀڪا يا سڀڪو؟
سر مومل راڻو ۾ شعر هيٺين منظرن کي چٽين ٿا؛
(غلام محمد شهواڻيء مطابق)
پهريون؛ ڪاپڙي فقير جو همير سومري ۽ سندس ساٿين کي گڏجڻ.
ٻيون؛ مومل جي سونهن جي فقير کان هاڪ ٻڌي، يارن جو روح سڪڻ، يارن جو ڪاڪ ڏي وڃڻ ۽ سوڍي جو سوڀارو ٿيڻ.
ٽيون؛ مومل ۽ سندس ساهيڙين جي سونهن سوڀيا جو احوال.
چوٿون؛ مومل جي راڻي لاء انتظاري ۽ بيقراري.
پنجون؛ شاه جي مومل کي تنبيهه ۽ هدايت، مومل جون ڪارون پڪارون.
ڇهون ۽ ستون؛ مومل جو ورلاپ/روڄ راڙو.
اٺون؛ مومل جو پڇتاء، صبر ۽ شڪر.
نائون؛ راڻي وٽان دلداريء ۽ دلاسي جو نئون نياپو.
سوال اهو آهي ته ڪاڪ ڏانهن هر ماڻهو/عاشق ڇو پئي ويا؟
اتي ڪير هو؟
اتي مومل،
ان جون ڀينريون،
انهن سڀني جون ساهيڙيون،
انهن جون ٻانهيون.....
يعني جن کي لطيف سائين ڪنئاريون ٿو سڏي.....
ته پوء ڪنئارين کي ڏسڻ لاء مرد ايندو/ايندا يا عورت/عورتون؟
جواب آهي ته انهن کي مرد ڏسڻ ايندا.
..................ته پوء مرد لاء صيغو سڀڪو استعمال ٿيندو يا سڀڪا؟.
(هتي ڏک ان ڳالهه جو آهي ته ساڳي معنى مطلب وارا ٽي شعر آهن انهن مان ٻن ۾ “سڀڪو پسي” ۽ هڪ ۾ “سڀڪا پسي” آهي.
هنن شعرن کي مون ڀيٽي ڏٺو آهي ته؛
محترم غلام محمد شاهواڻي،
علامه آء آء قاضي،
مرزا قليچ بيگ،
ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ
ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي
۽ ٻيا ڪيترا........
.......۽ پوء جڏهن مون ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ وارو (ڏه جلدن وارو، سمجهاڻي ۽ شرح سان) وارو ڏٺو ته ان ۾ سڀني يعني ٽنهي شعرن جي پڇاڙي هڪ جهڙي هئي يعني “سڀڪو پسي”
(اسان جي تحقيق جي حالت اها آهي ته سمورا رسالا گهڻو ڪري گربخشاڻي مرحوم سان ڀيٽي جوڙيا ويا آهن، ان جو مطلب ته صرف اتارئي ڇپرايا ويا آهن؟
اڃان ڪيتريون ئي ڪميون بيشيون هونديون/ آهن.
هي ته مون جهڙي ڪم علم ڏٺيون آهن.
اڃان اڳتي ته هن کان پوء ڪيتري تحقيق (ڳوڙهي) جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي؟)
هاڻي اچون ٿا پنهنجي اصل مطلب تي ته لطيف سائين ڪهڙو معاشرو اڏڻ جو سوچي پيو.
“ نه ڪا جهل نه پل” .................جو مطلب ڇاهي؟
مان سمجهان ٿو ته ان جو مطلب ڇڙواڳي ڪونهي پر آزادي ۽ صرف آزادي ضرور آهي. “سڀڪو پسي پرين کي”.
اصل ڪهاڻي هيء آهي ته آزادي ڇا جي؟
پنهنجي پسند جي زندگي گذارڻ،
ڳالهائڻ،
گهمڻ ڦرڻ،
سوچڻ جي آزاديء جي ڳالهه ته هر شاعر ڪئي آهي پر پرينء کي ڏسڻ جي آزادي جي ڳالهه هن ئي شاعر پهريون دفعو ڪئي آهي. مطلب اهو آهي ته پرينء کي بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي ڏسڻ وارو معاشرو اڏڻ جو اينيشيئيٽر هي مها انسان ئي آهي.
ڇا ڳالهه واضع ٿي؟
لڳي ٿو ته اڃان ڳالهه ايتري واضع ناهي ٿي.
اچو ته سڀ کان پهريون ان سوال تي غور ڪريون؛
ڇا پيار جو آزاد هجڻ،
۽ پيار جو ڪنهن سماجي ٻنڌڻن ۾ ٻڌل هجڻ.....
وارن ٻنهي معاشرن ۾ فرق آهي؟
اتي (انهن ٻن قسمن جي سماجن ۾) رهندڙ ماڻهو هڪ جهڙو سوچيندا آهن؟
ڇا هڪ اهڙي عورت جنهن کي پسند جو مڙس مليو هجي،
يا جنهن عورت کي پنهنجي پسند جو مرد نه مليو هجي،
هڪ جهڙي “گهر” کي جنم ڏيندو؟
ڇا ڪنهن جوڙي جو ٺهيل هجڻ ۽..........
نه ٺهيل هجڻ وارن گهرن کي بهشت ۽ دوزخ نه ٿو چئي سگهجي؟
ڇا ٺهيل جوڙن جي اولاد ۽...........
نه ٺهيل جوڙن جي اولاد جي سوچ ساڳي طريقي جي هوندي؟
ڇا پيار کي قيد ڪري سگهبو آهي؟
ڇا “جب جب پيار پي پهرا هوا هي، پيار اور بهي گهرا هوا هي” مصداق پيار ٻڌي ڇڏڻ سان ٻڌجي ويندو آهي يا اڃان پاڻ کي آزاد ڪرڻ/ڪرائڻ لاء وڌيڪ هٿ پير هڻندو آهي؟
(لطيف سائين جي وقت ۾ نه پر هاڻي يورپين معاشرو ڇا ٿو سمجهائي؟)
(يورپين معاشرو ٽوٽل ڀلو، هر لحاظ کان فٽ ناهي، مثالي معاشرو ڪونهي، منجهس اڃان ڪيتريون ئي اوڻايون آهن پر دنيا جي سمورن (ڌرتيء تي موجود) ٻين معاشرن، سماجن مان هي وري به مثالي آهي).
لڳي ٿو ته اسين هاڻي جواب جي ويجهو پهتا آهيون.
مذهبي لحاظ کان نه،
پر معاشرتي حساب سان يورپين معاشرو اسان کان سٺو ڪونهي؟
اچو، پاڻ کان هڪ امتحان وٺون.
اوهان هڪ دڪان تي ويا اتي هڪ موٽر جرمنيء جو پيو آهي، اتي ٻيو موٽر پنهنجي ملڪ جو ٺهيل پيو آهي.
دڪاندار چيو جرمنيء واري موٽر جي ڪا گارنٽي ڪونهي، اوهان جي هتان هليووڃڻ کان پوء اسان ٻڌل ڪونه آهيون.
هي موٽر آهي، اسان جي ملڪ جو ٺهيل آهي،
هن جي سال/ٻه سال/ ڪجهه وقت گارنٽي آهي،
ٻيو بدلائي ڏينداسين.................
اوهان يقين سان جرمنيء وارو (مهانگو) موٽر وٺندا ڇو ته اوهان جي اندر ۾ اها ڳالهه ويٺل آهي ته هي سچ ڳالهائڻ وارن جي هٿن جو ٺهيل آهي......
پر هڪ سوال اوهان جي ذهن ۾ ضرور ايندو ته شين جي ڪوالٽي ۽ سچ جو پاڻ ۾ ڪهڙو تعلق آهي؟
........................۽ وري سچ جو پيار سان ڪهڙو تعلق آهي؟
پيار معاشري کي پازيٽو، مثبت بنائيندو آهي ۽ پازيٽوسوچ ئي معاشري کي بهشت نما بڻائيندي آهي ۽ آخر ۾ پازيٽو معاشرا سچ جي حڪمرانيء ۾ رهندي هن اصول کي جنم ڏيندا آهن ته “جيئو ۽ جيئڻ ڏيو”
جيئڻ اهو ئي چاهيندو جيڪو پيار سان واڳيل هوندو.
اڪثر اهي ماڻهو جن کان پيار کسجي ويندو آهي اهي خودڪشيون ڪندا آهن.
يا دنيا تياڳي ڇڏيندا آهن،
گدو بندر ۾ علاج هيٺ رهندڙ اڪثر مريضن مان اوهان کي هن درد جا ماريل مڙوئي سرس ملندا.
ڪنهن کي ڪنهن سان پيار ٿي وڃڻ کان پوء به دنيا ساڳي ئي سواد واري لڳندي آهي؟ جواب آهي ته پيار ٿي وڃڻ لان پوء ڪائنات ۾ موجود هر شيء پياري، وڻندڙ، چمڪندڙ لڳندي آهي،
زندگي پنهنجي لڳندي آهي،
پياري لڳندي آهي،
جيئڻ مزو ڏيندو آهي،
مزو ڏيندڙ جيئڻ ئي اندر کي نرم، سافٽ رکندو آهي،
سافٽ ذهن ئي سافٽ سماج اڏيندا آهن...
ته پوء سسئي جي فتوى آخري آهي....!؟
پنهل پڄاڻان ڏجي باه ڀنڀور کي.
ته پوء لطيف سائين کي ڪهڙي خبر ته ان جي هن دنيا مان وڃڻ کانپوء يورپين معاشرو ايتري ترقي صرف ان ڪري ڪندو ته
هو پيار کي قيد ڪرڻ بجاء سجدو ڪرڻ وارا هوندا؟
ها! اهو سوال ويلڊ آهي؟.
هن دنيا ۾ روزانو ڪيترائي ماڻهو جنم وٺن ٿا انهن مان گهڻائي انهن جي هوندي آهي جيڪي “اڄ” ۾ جيئندا آهن، اڄ ۾ ئي مري ويندا آهن.
ڪجهه وري سڀاڻي تائين ڏسي سگهندا آهن ۽
ڪي ٿورا وري اڃان اڳتي ڏسي سگهندا آهن
..................۽ صدين کان پوء ڪو هڪ اڌ ماڻهو پيدا ٿيندو آهي جيڪو صديون اڳتي تائين ڏسي سگهندو آهي. ان جون ڳالهيون صديون پوء سمجهه ۾ اينديون آهن.
لطيف سائين انهن منجهان هڪ آهي.
لطيف سائين يورپ ڪونه، پر هر ان خطي لاء چيو هو ته جيڪڏهن ڪو معاشرو پيار کي آزاد ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو ته پوء يقين سان اهو مثالي معاشرو هوندو ۽ دنيا ان جهڙو ٿيڻ لاء سڪندي.
هتي آخري عرض ته آزادي، آزادي، آزادي........ نه ڪي ڇڙواڳي.
مٿيون تصور “اک الٽي ڌارڻ واري” صرف هن شاعر ڏنو هو، ڪنهن ٻئي ڪونه.

مومل-3

ڇا دنيا ۾ سموري ٿيندڙ ۽ ٿيل شاعري لطيف سائين جي هن هڪ شعر جي چوڌاري ڦري ٿي؟
يا هن ئي هڪ شعر جي تشريح آهي؟
نه ڪا جهل نه پل، سڀڪو پسي پرينء کي.
ها!
اهو سچ آهي.
اوهان شاعري پڙهڻ يا ٻڌڻ وقت ٿورو به غور ڪندا ته اوهان کي لڳندو ته؛
پيار آزاد ناهي،
پيار کي آزاد هجڻ گهرجي.
پياري سان ملڻ لاء سمورا رستا بند آهن،
اهي کلڻ گهرجن.
پيار ڪيا تو ڊرنا ڪيا،
پيار ڪيا ڪوئي چوري نهين ڪي...........
پيار کان پوء ڊڄڻ ڪهڙو؟
ڇو...........ڇو ته اهو منهنجو حق آهي،
مونکي حق ملڻ گهرجي.....
هر انسان کي حق ملڻ گهرجي....
حق آسانيء سان ملڻ گهرجي...
نه ڪا جهل نه پل.....
ڪهين دو دل جو مل جاتي،
بگڙتا ڪيا زماني ڪا....
جيڪڏهن پيار ڪرڻ واريون ٻه دليون پاڻ ۾ ملي پون ها ته زماني کي ڪهڙو نقصان!؟
دلين جو ملڻ ته فطري آهي،
فطرت کي روڪڻ!
فائدي وارو آهي يا نقصان وارو...
پوء فائدو آهي ته ملڻ ۾ ڇاهي...
اهو ملڻ ته آزاد هجڻ گهرجي..
نه ڪا جهل نه پل.................
هڪ موت مئي جو ڀوء سهڻا،
ٻيو تومان نه ٿو ٿئي ڍوء سهڻا...
توسان ملڻ جي الزام ۾ مونکي موت ملندو.........
پر توسان ملڻ ڪو ڏوه ته ڪونهي.!؟
پوء ائين ڇو...........
ائين نه هجڻ گهرجي...
توسان ملڻ لاء مان آزاد هجڻ گهرجان..
پر هر پيار ڪرڻ وارو آزاد هجي...
نه ڪا جهل نه پل..........
ملتي رهين يهان هم، يه هي يهان لکا،
اس لکاوٽ ڪي زيروزبر ڪو سلام،
ساحل ڪي ريت پر يون، لهرا اٺا يه دل،
ساغر سي اٺني والي هر لهر ڪو سلام،
ان مست گهري گهري آنکون ڪي جهيل ۾،
جس ني همين ڊبويا اس ڀنور ڪو سلام..
سولا برس ڪي بالي عمر ڪو سلام...

اسان جو ملڻ هتي لکيل آهي، ان جي لکت جي زير زبر کي منهنجو سلام..
ڇو ته اسان پيدا ئي هڪ ٻئي سان ملڻ لاء ٿيا آهيون...
پوء پاڻ ۾ ڇو نه ملون...
زماني کي اهو اختيار ڪنهن ڏنو آهي ته اهو اسان جي ملڻ تي ڪا پابندي هڻي!؟
نه ڪا جهل نه پل....

منهنجي اڱڻ تي آءُ سهڻا،
تو لئه نيڻ وڇايان مان،
سهڻيون پتڙيون گلابن جون،
مٿان تنهنجي ڇٽايان مان....
تون منهنجي اڱڻ تي اچ،
مان تنهنجي مٿان گل اڇلايان،
ڇو ته منهنجي اکين ۾ تون ئي ته ويٺل آهين،
تنهنجي ئي راه ته ڏسان ٿو ويٺو...
زماني اسان کي ملڻ کان سڪائي ڇڏيو آهي،
زماني کي اهو اختيار نه هجڻ گهرجي....
نه ڪا جهل نه پل.....
ڪاگا سڀ تن کائيو،
چن چن کائيو ماس،
دو نينا مت کائيو،
انهي پيا ملن ڪي آس...
اي ڪانگ، منهنجي جسم جو سمورو گوشت کائي وڃج،
منهنجي مرڻ کان پوء منهنجو سمورو تن کائي وڃج...
پر هي منهنجون ٻه اکيون نه کائج،
ڇو ته انهن کي منهنجي پيا، منهنجي پرينء کي ڏسڻ جي اميد آهي،
انهن اکين ۾ سڄڻ کي ڏسڻ جي هڪ آس آهي....
اکيون سڪايل آهن،
انهن کي توسان ملڻ، توکي ڏسڻ ڪونه ڏنو ويو آهي،
خدا ڪري هي سموريون پابنديون ختم ٿي وڃن،
هي منهنجو اکيون تنهنجي من موهڻي مورت ڏسڻ لاء آزاد هجن....
نه ڪا جهل نه پل.....
مون کي تنهنجي ياد جيئڻ نه ٿي ڏئي،
سڄڻ ساري رات سمهڻ نه ٿي ڏئي...
منهنجي سوچن مٿان تون قابض آهين،
مان سوچڻ ۾ آزاد ڪونه آهيان،
تنهنجون سوچون منهنجي دماغ کي وٿي ڏين ته مان سمهان،
پر اهي ته هڪ لمحي لاء به ڪونه ٿيون هيڏي هوڏي ٿين، پوء ننڊ ڪيئن اچي!؟
تنهنجو ملڻ ئي منهنجي من ۾ تنهنجي لاء سڪ کي جهڪو ڪري سگهي ٿو،
سڪ جهڪي ٿيندي ته سوچون ڪجهه وقفو ڏينديون منهنجي دماغ کي...
۽ دماغ ٿورو راحت محسوس ڪندي جسم کي تنهنجي سوچن جي قيد مان آزاد ڪندو ۽ ڪا گهڙي ننڊ اچي ويندي.....
پر توکي ۽ مونکي هن سموري عذاب ۾ وجهندڙ آهن اهي پابنديون جيڪي زماني اسان مٿان لاڳو ڪيون آهن...
سموري عذاب جو سبب آهن اهي ئي پابنديون...
نظام اهڙو هجڻ گهرجي جنهن تحت اسين ملڻ لاء آزاد هجون.....
نه ڪا جهل نه پل.....
هتي انتهائي مختصرطور (جيڪي ذهن ۾ آيا) تي نظر وڌي ويئي آهي، باقي اوهان پڙهندڙن لاء ڇڏيان ٿو ته اوهان پاڻ هر شاعري پڙهي/ٻڌي سوچي ڏسندا ته اوهان کي محسوس ٿيندو ته سموريون شاعريون هن هڪ ئي شعر جون تشريحون آهن ۽ بس.

مومل -4

جهڙا گل گلاب جا تهڙا مٿن ويس،
چوٽا تيل چنبيليا ها ها هو هميش،
پسيو سونهن سيد چئي، نينهن اچن نيش،
لالڻ جي لبيس، آتڻ اکر نه اڄهي.

گلاب جي گلن جهڙا سندن تن تي ويس ڍڪيل آهن،
وار، عورت جا وار سونهن جو نرالو انداز آهن، سونهن جي هڪ الڳ دنيا. هونئن ته عورت جي هڪ هڪ انگ جي الڳ دنيا آهي، سونهن جو مجسمو آهي،
حسن جو حيران ڪندڙ جهان آهي سندس هر عضوو.
اکيون!؟
وات!؟
زبان..........
ڇا لکجي...
سو مومل ۽ انهن ڪنئارين ڇوڪرين جا چوٽا تيل سان هميشهه ڳتل آهن.
هي سيد، اوهان کي ٻڌائي ٿو ته هنن جي سونهن ڏسي نينهن کي نيش ٿا اچن.
هتي بيهو...
نينهن ۽ نيش ڇا هوندا آهن؟
هر انسان جي اندر سونهن لاء تڙپ موجود هوندي آهي.
سونهن هر ساهواري جي ڪمزوري آهي
الله جميل و يحب الجمال
هن ڪائنات جو جوڙيندڙ پاڻ به سهڻو آهي، سونهن وارو آهي (جنهن ههڙي سهڻي ڪائنات جوڙي آهي اهو به ته حسن وارو هوندو) ۽ سونهن کي پسند ڪندڙ آهي.
انسان جي اندر ۾ به سونهن لاء تڙپ موجود رهي ٿي،
پوء جڏهن ڪنهن اهڙي سهڻي کي ڏسي ٿو/ ٿي ته اها تڙپ ڪر ڀڃي جاڳي پوي ٿي. صرف هڪ لاء ته هن وٽ عشق جيتري تڙپ رهي ٿي ته ڇا هو ٻئي ڪنهن سهڻي انسان کي ڏسي ان کي پسند ڪونه ٿو ڪري؟
ها! ان کي به پسند ڪري ٿو/ٿي، هن جي اندر ۾ نيش لڳن ٿا جڏهن به ڪا سونهن جي راڻي/ راڻو ڏسي ٿو/ٿي.
پر آخر لطيف سائين جهڙو سونهن جو شارح به چوي ٿو ته، سڄڻ جي سونهن ڏسي هڪ اکر نه ٿو اڄهي مونکان....جتي لطيف جهڙو بليغ ۽ فصيح هٿيار اڇلي، اتي اسان جهڙو ڇا لکندو...پڙهندو!؟ حسن لفظن ۾ بيان ڪري سگهجندڙ آهي ئي ڪونه..... ته پوء ڇا لکون ڇا پڙهون!؟

جهڙا پانن پن، تهڙيون سالون مٿن سائيون،
عطر عنبير سان تازا ڪيائون تن،
مڙهيا گهڻو مشڪ سين، چوٽا ساڻ چندن،
سونهن رپي سون سين، سندا ڪامڻ ڪن،
ڪيائون لال لطيف چئي، وڏا ويس ورن،
منجهه مرڪيس من، سوڍي سين سڱ ٿيو.
جهڙا پانن جا ساوا پن آهن، اهڙيون سايون مٿن شالون آهن، انهن پنهنجي تن کي عطر ۽ عنبير سان تازو ڪري ڇڏيو آهي. ( تن تازو جو مطلب ڇا آهي؟ تن تازو به ڪو مذهبي ڪم آهي؟ تازو تن اصل ۾ هڪ ڪوٺ آهي ڪنهن ٻئي جسماني ميلاپ جي/ ميلاپ لاء) سندن چوٽا چندن سان مشڪ سان مڙهيل آهن. سندن چانديء ۽ سون جهڙو (اوهان ڪڏهن غور ڪيو آهي ته عورت جو رنگ هوبهو سون جهڙو هوندو آهي، تجربي طور سون جو هار پاتل عورت ڏسو، هار نظر ڪونه ايندو، هار ۾ مڙهيل ٻڙا اهو مسئلو حل ڪندا ته سون ڪهڙو آهي ۽ جسم ڪهڙو) جسم سان هو جادو ٿيون ڪن. هي لطيف اوهان کي ٻڌائي ٿو ته ورن لاء، ( ڪنواريون ۽ ور!؟) پيارن لاء، عاشقن لاء اهي وڏا ويس پيون ڪن. جڏهن سوڍي سان سڱ ٿيو اٿس تڏهن سندس من مرڪي پيو.

جنهن تڙ ڌوڙون ڌوُن،چوٽا چندن چڪ ڪيو،
اچن ڀونر ڀنڀوليا، پاڻيء تنهن پون،
راول رتو رون، ڪو وه لڳو واسئين.
* * * * *
جت رانيائين راڻن کي، چندن چڪ ڪري،
هاڻي انهن ڀيڻين، وره وراڪا ڏي،
سوڍو سڃ ڪري، مومل ماري هليو.
* * * * *
روء راڻي جي ناه ڪو، سوڍو سوائي،
لڊاڻيا لطيف چئي، لالي تنهن لائي،
ڪانهي ٻي وائي، ٿيو مڙوئي مينڌرو.
* * * * *
روء راڻي جي ناه ڪو، سوڍو سڀن سونهن،
لاٿائين لطيف چئي، مٿان دلين دونهن،
ڪانهي ٻي ورونهن، ٿيو مڙوئي مينڌرو.
مٿي ڏنل سڀ ئي شعرن ۾ عورتاڻي حسن، سندن انگ انگ جي سونهن بيان ڪيل آهي جيڪي ڪنهن به طور تي ظاهري معنى کانسواء ڪجهه ٿي نٿا سگهن.

کنڀات

---

کنڀات -1: کنڀات ۾ باغي

هيء ڳالهه پراڻي آهي،
تمام گهڻي پراڻي.
ڪيتري؟
سقراط کان به اڳ جي؟
ها ان کان به اڳ جي.
شايد پنج هزار سال پراڻي؟،
نه اڃا وڌيڪ.
ڏه هزار سال؟،
نه....
اڃان به پراڻي.
ته پوء پهرئين انسان جي وقت جي؟.
نه اڃا به پراڻي.
ته پوء انسان جڏهن اڃان باندر هو،
.............چيمپيئنزي جي وقت جي!؟
نه اڃان به پراڻي.
ان کان اڳ ته انسان پاڻيء ۾ زندگي گذاريندو هو ۽ اها شڪل اڃان انساني ڪونه بڻي هئي.
ها اها ڳالهه ان وقت جي آهي جڏهن هڪ عضوو ٺهيو جنهن کي اک چيو ويندو آهي ۽ اهو عضوو اڄ کان ڪروڙين سال اڳ ٺهيو هو.
اک جو ڪم ڏسڻ آهي.
هن جڏهن پنهنجو ڪم شروع ڪيو ته ان کي سڀ شيون هڪ جهڙيون لڳندي به مختلف لڳيون.
ڪجهه نه وڻندڙ هيون ته ڪي وڻندڙ.
ڪي وڻندڙ ته ڪي وري تمام گهڻو وڻندڙ.
ڪي گهڻو وڻندڙ ته ڪي اهڙيون جن کي ڏسندي اکيون نه ٿڪجن.
هن جو سبب اڄ تائين ڪنهن انسان کي سمجهه ۾ نه آيو ته ائين ڇو آهي.
”ڪي چڙهن نه چت تي، ڪي نه وسرن مور“ ......!!
جيڪي شيون تمام گهڻيون وڻيون،
جيڪي انسان گهڻا وڻيا انهن کي اڳتي هلي انسان “پرين/معشوق/محبوب“ جو نالو ڏنو ۽ ان “وڻڻ“ کي عرف عام ۾ عشق جي نالي سان سڏيو ويو.
اڳتي هلي انسانن “عاشقن“ پنهنجي محبوب کي ساراهڻ شروع ڪيو.
تون ڏاڍي/ڏاڍو وڻندڙ آهين.
تنهنجي صورت تمام گهڻي وڻي ٿي.
دل چوي ٿي توکي ڏسجي ويٺو.
تون سامهون ويهه مان ڏسان.
تون کل...........
تنهنجو آواز مٺو آهي،
وڻندڙ آهي.
ڪنن کي ڏاڍو وڻي ٿو.
دل چوي ٿي تون ڳالهاء..... مان ٻڌان.
تنهنجو وات،
تنهنجا ڏند،
تنهنجون اکيون....
..............مطلب ته هر عضوي کي ساراهيو ويو،
ڪيترا سال اهو سلسلو ائين ئي هليو.
پوء اڳتي هلي ڪن وري ساڳئي مطلب وارن لفظن ۾ ترنم پيدا ڪيو
............ ۽ ائين ئي شاعري وجود ۾ آئي.
پهريون شاعر ڪهڙو/ڪير هو؟
پهريون شعر ڪهڙو هو؟،
ان جي ڪا باقاعده تاريخ ته ڪونهي پر شاعرن جي اندر جي ايڪس ري رپورٽ ٻڌائي ٿي ته سندن دل ۾ ڪا مورت نما شيء موجود ڏٺي ويئي آهي جنهن مان اندازو هڻي سگهجي ٿو ته اها سندن محبوب جي مورت هئي جنهن کي ڏسي هن همراه هن سانئڻ لفظن ۾ ترنم پيدا ڪري ان جي ئي تعريف ڪئي هئي.
مطلب سموري ڳالهه ڪرڻ جو ته پهريون شعر
پرين جي صورت اڳيان لفظي سجدو هو.
معشوق جي بيان ۾ چيل هي اهي لفظ هئا جيڪي بيخوديء ۾ شاعر جي واتان نڪتا.
اڳتي هلي هن دنيا جا هي ڏاها ماڻهو،
هي شاعر ماڻهو به منجهي پيا ته هو ڪنهن ٻئي کي پنهنجي پرين جي تصوير ٻڌائيندي ڇا چون؟
ڪيئن ان کي ٻڌائجي ته سندن پرين ڪنهن جهڙو آهي؟
هن جو قد ڪيترو آهي،
سندس رنگ ڪهڙو آهي،
سندس هلڻ ڪيئن آهي،
سندس کلڻ.........؟
سڀ شاعر منجهي پيا........
ڪنڌ هيٺ ڪري سوچڻ ويٺا.
ڪن پنهنجي محبوب لاء چوڻ شروع ڪيو ته هو ڏاڍو سهڻو آهي، تمام حسين آهي.....
ڪيترو؟
اها ته خبر ڪونهي پر هو تمام سهڻو آهي.
آخر ڪيترو؟
ايترو، جو کيس ڏسندي مان نه ٿو ٿڪجان......
پر مان ته اڃان نه ٿو سمجهان تنهنجي ڳالهه، مون کي کولي ٻڌاء ۽ سمجهاء ته تنهنجي سر جو سائين، جنهن لاء ويٺو ٿو سوچين سارو وقت، سڀ گهڙيون.............ڪيترو سهڻو آهي!
ڪيترو ئي وقت اهو قصو ائين هلندو رهيو.
پر پڇڻ وارا مطمئن ڪونه ٿيا.
(پڇڻ وارن کان وڌيڪ انهن عاشقن جو دم پئي نڪتو ته هو پنهنجي سر جي سائين جي واکاڻ ڪندا رهن. هنن جي اندر ۾ اڌمان پئي کاڌا ان من موهڻي جي مورت ته کيس دنيا آڏو عيان ڪن.
اها انساني ڪمزوري رهي آهي ته هو پنهنجون ڪاميابيون ٻين کي ٻڌائي.
(محبوب جو هجڻ به عاشق لاء وڏي حاصلات آهي).
ڇو نه هجي ڀلا؟؟!!
ان کي ئي ڏسڻ سان ته دل جي دنيا آباد ٿي آهي
ڄڻ ڪا ڪلراٺي زمين فصل واري ٿي هجي،
ڄڻ ڪنهن بيابان ۾ ڪو وڻ ڦٽو هجي.
ڄڻ ٿر تي ڪا بوند برسي هجي.....
پرين کان اڳ ته دل هڪ ويران قبرستان هئي.
چمڙن جو آستانو هئي.
چٻرن جو آکيرو هئي.
هن جي اچڻ ئي ته پاڻي جي کوه وارو ڪم ڪيو،
هاڻي چوطرف ساوڪ ئي ساوڪ آهي.
دنيا جا ته سڀ رنگ ئي بدلجي ويا آهن.
دنيا رنگين ٿي ويئي آهي ان کانپوء،
.......................ته پوء سوال آهي ته هڪ انسان جيڪو منهنجي دنيا کي ڦڪي مان مٺو بڻائي ٿو.
ڪائنات ۾ مونکي منهنجي موجود هجڻ جو يقين ڏياري ٿو.
مونکي نه مان ها بڻائي ٿو...................
اهو ڪيترو سهڻو هوندو؟
هنن جي اهڙن سوالن جو سلسلو هلندو رهيو،
..................ته ٻڌاء تنهنجو محبوب ڪيترو سهڻو آهي؟
آخر ڪار، ڪن چوڻ شروع ڪيو ته،
منهنجو پرين چنڊ جهڙو آهي.
ڪن چيو گل جهڙو،
ڪنهن چيو وڻ جهڙو ته سندس قد آهي.
عربي زبان جي هڪ شاعر امراءُالقيس پنهنجي محبوب جي سونهن بيان ڪندي چيو “منهنجو محبوب اهڙو ته سهڻو آهي جيئن ڪنهن جبل جي لاهيء تي هرڻين جو ڦيـڱڻيون پيون آهن“
ايران جي شاعرن پنهنجي محبوب جي ساراه گلن سان ڪئي. ڇو ته ايران ۾ گل هئا.
عربن وٽ انهن شين جي کوٽ/اڻاٺ هئي.
مطلب ته انهن پنهنجي محبوب کي پنهنجي پنهنجي نظر ۾ ڪا شيء (سهڻي نظرايندڙ) سان ڀيٽيو.
اڳتي هلي اٽڪل سڀني شاعرن چيو ته پرين جيئن ته چمڪندڙ آهي،
چمڪندڙ هوندي اکين کي ٺاري به ٿو ته پوء منهنجو پرين چنڊ جهڙو آهي.
قصو هلندو رهيو جيڪو جي شاعر پئي ساماڻو تنهن پئي چيو ته منهنجو معشوق چنڊ جهڙو آهي. اهو قصو اٽڪل اٺارهين صدي تائين هلندو آيو. يعني اٽڪل چار ڪروڙ سالن تائين هن اکين جي ٺار لاء چنڊ هڪ تشبيهه طور استعمال ٿيندو رهيو. ڪنهن کي اهو خيال ڪونه آيو ته
چنڊ ۾ به ته داغ آهي،
چنڊ صرف رات جو ڏسجي.
هو مهيني ۾ ٻه ٽي ڏينهن ته بلڪل نظر ئي ڪونه ايندو آهي.
ائين ڇو؟
ڇو ته انسان گهڻو ڪري “فالوور“ هوندو آهي، انهن ۾ تمام ٿورڙا “اينيشئيٽر“ هوندا آهن. اينيشيئيٽر جو مطلب آهي اهو ماڻهو جيڪو ڪنهن اهڙي ڪم جي شروعات ڪري جيڪو اڳي ڪنهن نه ڪيو هجي.
فالوور وري ان کي چئبو آهي جيڪو ڪنهن جي ڪڍ لڳي اها ئي ڳالهه/ ڪم دهرائي.
مون کي حيرت آهي ته انسان جي وجود جي تاريخ ڪروڙين سال پراڻي آهي ۽ پڪ سان ڪنهن جي وڻڻ جي تاريخ به ايتري ئي (ان کان وڌيڪ، ڇو ته جڏهن انسانَ اڃان انساني شڪل ڪونه ورتي هئي، تڏهن سائنسي ٿيوريء مطابق باندر، چيمپينزي وغيره رهيو آهي، ته پوء باندر کي به ته ڪا باندري وڻي هوندي، باندريء کي به ته ڪو باندر وڻيو هوندو.... باندريء جا ٺينگ ٽپا به ته نخرن وانگر هوندا...) پراڻي هوندي پوء ته پڪ سان عشق ۽ شاعريء جي تاريخ به ايتري ئي پراڻي هجڻ گهرجي/ هوندي.........
.....۽ پڪ سان آهي.
.............ته پوء منهنجي حيران ٿيڻ جو جواز موجود آهي ته ڪروڙين سالن تائين محبوب چنڊ سان ڀيٽبو رهيو آهي. ڪنهن کي ان کان هڪ قدم اڳتي جي سوچ نه آئي!!
.............پر انهن جو ڪهڙو ڏوه،
اڄ تائين به ائين ئي ٿيندو رهيو آهي. اسان جڏهن پنهنجي مطالعي جي شروعات ڪئي ۽ ٽي سو سال اڳ چيل لطيف سائين جا اهي شعر پڙهيا ته حيرت جي حد نه رهي.
اهي شعر ان وقت به نوان لڳا،
اڄ به نوان لڳن ٿا.
هي شاعر صرف باغي ناهي پر وڏو اينيشيئيٽر به ثابت ٿيو آهي.
پيشانيء ۾ پرينء جي، ڀلائيء جا ڀيرَ
اڱڻ اڪنڍين جي، ڏي پاٻوهي پيرَ
قمَرَ پاڙي ڪيرَ، شَمسَ سپرئينء سين!؟
يعني قَمَرَ، چنڊَ،(ڪيترائي چنڊ) (جمع) سجن (ڪيترائي سج) (جمع) سان ڪير ڀيٽي!؟ يعني اڳي جيڪو محبوب کي چنڊ سان ڀيٽبو هو اهو سڀ غلط.
تختي ميساري ڇڏيو.
ڪير آهي جيڪو سج جهڙي سونهن جي توهين ڪري ان کي ان کان گهٽ چمڪندڙ چنڊ سان ڀيٽي......
سج کان خيرات وٺي چمڪندڙ فقير کي ڪائنات جي مالڪ پرينء سان ڀيٽجي......
ايڏو وڏو ڏوه...............
سج جهڙي سپرئين کي قمر سان برابر ڪرڻ، ڀيٽڻ جي ڪنهن ۾ طاقت آهي!؟
ڪجهه ٻيا به شعر پڙهون پوء گڏي ٿا سموري ڳالهه کي سمجهون.

چنڊ تنهنجي ذات، پاڙيان پرينء سين
تون اڇو منجهه رات، سڄڻ نت سوجهرو
* * * * *
چوڏهين چنڊ اڀرين، سهسين ڪري سينگار
پلڪ پريان جي نه پڙين، حيلا ڪرين هزار
جهڙو تون سڀ ڄمار، تهڙو دم دوست جو
* * * * *
چنڊ چئين حق، جي ورهين جي وچرين
ٻه اکيون ٽيون نڪ، تو ۾ ناه پرين جهڙو
* * * * *
چنڊ چئين سچ، جي مٺي نه ڀائين،
ڪڏهن اڀرين سنهڙو، ڪڏهن اڀرين ڳچ
پنهن ۾ ٻريئي مچ، سو پدم پريان جي پير ۾
* * * * *

هي شعر هن ڪائنات جي ٺهڻ کانپوء جا پهريان شعر آهن جن ۾ ڪنهن شاعر گٺل پيٺل، مدي خارج پراڻي ان تشبيهه کي ختم ڪيو ته پرين چنڊ جهڙو آهي. هن همراه دعوى ڪئي ته اها پرينء جي توهين آهي جو ان کي اهڙي شيء سان ڀيٽجي جيڪا ڪڏهن روشن ته ڪڏهن وجودي طور موجود ئي ڪونه.
ڪڏهن سنهڙو ته ڪڏهن ڳچ.
صرف رات جو روشن/ نظر ايندڙ.
پرين جيڪو سدائين پيو چمڪي، سدائين پيو ٻري، سدائين پيو سجي ان کي اهڙيء شيء سان ڀيٽڻ ڏوه هو، آهي ۽ هجڻ گهرجي.
هن همراه جا دليل ڀاري آهن.
هاڻي دنيا دليل وارن جي آهي.
دليل ڏيئي خاموش ڪرايو يا دليل ٻڌي خاموش ٿي وڃون.
هاڻي هر تشبيهه دليل جي پيماني سان پرکبي. هروڀرو ها ۾ ها ڪونه ملائبي.
اهو چنڊ ڀلي چوڏهينء جو هجي پر ان کان ته پدم دفعا (ايڪا، ڏهاڪا، سو، هزار، ڏه هزار، لک، ڏه لک، ڪروڙ، ڏه ڪروڙ، ارب، ڏه ارب، کرب، ڏه کرب، پدم) يعني ڳاڻيٽي سرشتي مطابق آخري انگ، حساب جي پڄاڻي ته پرين جي پير ۾ آهي. يعني چنڊ جي منهن کان پرين جي پير ۾ پدم دفعا وڌيڪ روشني آهي ته پوء پرين جو منهن ڪيترو روشن هوندو!!؟؟
ان لاء ڪي انگي حساب ٺهيا ئي ڪونه آهن. مطلب ته پرين کي چنڊ سان ڀيٽڻ ته ڏوه پر پرين جي پير سان ڀيٽڻ ان برابر ڪرڻ، ان برابر سمجهڻ به ڏوه.
چنڊ چمڪندو رهي ٿو،
ڀلي پيو چمڪي،
وڻي به اٿو،
ڀلي پيو وڻي.......
پوء ڀلا ان ۾ پرين جهڙي پيشاني ( ٻه ڪجراري اکيون، هڪ نڪ) آهي!!؟؟
هتي پڙهندڙن کان هڪ سوال.
اوهين پرينء سان پنهنجي گهر جي ڇت تي ويٺا آهيو،
مٿان چوڏهينء جو چند چمڪي ٿو باقي چوطرف گهگهه اونڌاه آهي.
اوهان هڪ نظر پرين تي وجهو.
اتان نظر هٽائي چنڊ تي هڪ نظر وجهو.
.....وري اتان پنهنجي نظر پرينء جي منهن تي وجهو
........ هاڻي ٻڌايو ته اوهان کي ڪهڙي چهري تان نظر هٽائڻ وڌيڪ ڏکي لڳي؟
جواب يقينن اهو هوندو ته چنڊ کان پوء پرين ڏانهن ڏسڻ سولو آهي،
پرينء جي چهري تان نظر هٽائي چنڊ ڏانهن تڪڻ ڏکيو آهي. جڏهن اوهان سپرين جي منهن مان ديد ڪڍي چنڊ ڏانهن تڪڻ لاء سوچيندا ته دل جي ڪيفيت غم واري هوندي ۽ جڏهن چنڊ کان منهن موڙي پرين ڏانهن ڪرڻ جو سوچيندا ته اندر ٻهڪي پوندو.

سهسين سجن اڀري، چوراسي چنڊن،
باالله ريء پرين، سڀ اونداهي ڀائنيان
هن شعر ۾ انتها آهي.
اچو ته سمجهون انتها ڇا آهي؟
انتها بري آهي يا ڀلي؟
جڏهن ڪنهن به شيء جو مقابلو ڪنهن ٻي شيء سان ٻڌائبو آهي ته انساني فطرت اها آهي ته (اها) ٻن ڇيڙن (آخري حدن) تائين ان کي کڻي وڃبو رهيو آهي.
مثال هُن ڳالهه ۽ هن ڳالهه ۾ “زمين آسمان“ جو فرق آهي.
هڪ ڇيڙو زمين ٻيو ڇيڙو آسمان.
اهڙي طرح، هنن ٻنهي ۾ “ڏينهن رات“ جو فرق آهي.
يعني هڪ ڇيڙو ڏينهن آهي ٻيو ڇيڙو رات.
اچو ٿورو وڌيڪ مثالن سان سمجهون.
ڪبير جو شعر آهي؛
خانه شيشه مين، ديوانه بنا رکا هي
اور يه حڪم هي ڪه شيشه ڪهين پاش نه هو
شيشي جي گهر ۾ چريو ڪري ويهاريو ويو آهي مٿان وري حڪم آهي ته متان ڪو شيشو ڀڃين.....
خبردار رهجانء......
لطيف سائين چيو؛
مونکي مون پرين ٻڌي وڌو تار ۾
اڀا ائين چون، مڇڻ پاند پسائين
مون کي هٿ پير ٻڌي،
تار پاڻيء ۾ اڇلايو ويو آهي.
مٿان وري حڪم ڏنو اٿن ته متان ڪو پاند پسائين. خبردار رهجانء......
(هتي ڀيٽڻ جي انداز ۾ به لطيف سائين ئي وِنر آهي.
ڪيئن؟
ٻنهي شاعرن ڪا اهڙي ڳالهه ٻڌائڻ چاهي آهي جيڪا ناممڪنات ۾ هجي. هڪ ٻڌايو ته شيشي جو ٺهيل هڪ گهر آهي، ان ۾ چريو ويٺو آهي ۽ چريو شيشي کي نه ڀڇي، اهو ممڪن ئي ناهي.
ٻئي شاعر ٻڌايو ته، هڪ تار ڀريل پاڻيء جو واه آهي ڪنهن کي هٿ پير ٻڌي ان ۾ اڇلايو ويو آهي ۽ ان کي حڪم آهي ته پاڻيء ۾ متان ڪو پاند پسائين.
پاڻيء ۾ ڪنهن کي اڇلائجي ۽ ان جو پاند نه پسي، نا ممڪن آهي.
هاڻي سوال جو جواب ٿا ڳولهيون.
شيشي جي گهر ۾ چرئي جو هجڻ ۽ پاڻيء ۾ ڪري پاند نه پسائڻ مان ڪهڙو وڌيڪ نا ممڪن آهي؟
يقين سان اوهان جو جواب هوندو ته شيشي جي گهر ۾ رهي اهو وري به ممڪن آهي ته شيشو نه ڀڄي.
يا وري شيشو دير سان ڀڄي.
ٻئي طرف پاڻي ۾ پاند نه پسي، اهو هڪ پلڪ لاء به ممڪن ڪونهي.
مطلب ته جيڪڏهن ٻيئي ناممڪنات آهن ته وڌيڪ ناممڪنات پاڻيء ۾ رهي پاند نه پسائڻ آهي).
يا وري اهڙو ئي هڪ شعر، تون بادشاه آهين اي پرين مان تنهنجي در جو غلام آهيان.
تون مالڪ مان تنهنجي در جو ڪتو....
حمل فقير چيو؛
پريان سندي پار جي، جي ڪتي اچي ڪاري
هوند سڀ لغاري، تنهن ڪتيء تان قربان ڪيان
حمل فقير پاڻ ذات جو لغاري هو. هو چوي ٿو ته جيڪڏهن سپرين جي پار، ملڪ، علائقي، پاڙي جي ڪا ڪاري (بد شڪلي) ڪتي اچي. هتي صرف ڪتي هجي ها ته ڳالهه انتها تي نه پهچي ها پر ڳالهه ۾ وزن پيدا ڪرڻ لاء ڪاري ڪتي چيو ويو. (ٻين لفظن ۾ ته ڳالهه ٺهي ئي تڏهن جڏهن ڪتي ڪاري چئي ويئي). (اسان وٽ ڪارو رنگ ڪوجهائپ جي نشاني ليکيو ويندو آهي. فلاڻو رنگ جو ڪارو، فلاڻي رنگ جي ڪاري اهڙي جهڙو تئو) جيڪر سموري لغاري ذات جا ماڻهو مان ان تان قربان ڪري ڇڏيان. يعني محبوب جي ملڪ جي ڪاري ڪتي به ماڻهوء کان سٺي آهي/ وڌيڪ آهي.
حافظ جو هڪ شعر آهي ته
اسان غريبن جي هيء ڳالهه بادشاهن تائين ڪير پهچائيندو ته شراب وڪڻندڙ جي گهٽيء ۾ بادشاهن جي تاج جي قيمت هڪ ڪوڏي (ٽڪو) به ڪونهي (يعني ڪجهه به ڪونهي).
اچو هاڻي مٿئين شعر تي،
جنهن ۾ چيل آهي ته، سوين سج اڀرن ۽ چوراسي چنڊ اڀرن (سنڌيء ۾ چوراسي چنڊن جو مطلب آهي ته چوڌاري چنڊ اڀريل هجن يعني ڪيترائي چنڊ) هڪ سج ڪائنات کي ايترو روشن ڪري ٿو جو سئي به نظر اچي ٿي. ڪول به چرندي نظرجي ٿي. ڪولين کان ننڍا جيو به ڏسجن ٿا. ٻاهر ته پري اندر ڪمرن ۾ به ان جي روشني رفليڪٽ ٿي پهچي ٿي. پوء جيڪڏهن ان جڳهه تي سوين سج اڀرن ۽ چوڌاري چنڊ اڀرن ته پوء ڪيتري روشني هوندي!!؟؟
پر هي شاعر ٿو چوي ته ايتري روشنيء هوندي به جيڪڏهن ان سين ۾ پرين ڪونهي ته اونداهي آهي.
اچو، پنهنجي هانو ٿي هٿ رکي هن شعر کي سمجهون.
اوهان ايتري روشنيء ۾ موجود آهيو پر اوهان جو محبوب سائين ڪونهي ته پوء ايتري روشني به اونده آهي يا نه؟
( ڀري دنيا ۾ جي نهين لگتا، جاني ڪس چيز ڪي ڪمي هي اڀي)
پر ان جي مقابلي ۾ گهگهه اونداهيء ۾ آهيو پر پرين گڏ آهي، موجود آهي ته پوء......
جواب پڪ سان اوهان جو به لطيف سائين وارو هوندو.
هنن سڀني سمجهاڻين مان اها ڳالهه ڀلي ڀت نظر آئي ته پرين سج، چنڊ ستارن کان وڌيڪ روشن آهي ۽ معشوق جي ڀيٽ انهن سڀني سان هڪ ڪبيره گناه آهي.
اهو عشق جو گناه چار ڪروڙ سال ٿيندو رهيو.
هن سائين اچي ان کي ڪفر قرار ڏيئي دنيا جي عاشقن کي هن قسم جي وڌيڪ گناهن کان بچايو.

* * * * *
کڻي نيڻ خمار مان، جان ڪيائون ناز نظر
سورج شاخون جهڪيون، ڪوماڻو قمر
تارا ڪتيون تائب ٿيا، ديکيندي دلبر
جهڪو ٿيو جوهر، جانب جي جمال سان.
هن شعر ۾ به ساڳئي ئي مطلب واريون ڳالهيون آهن پر هن شاعر جو هتي به انداز پنهنجو آهي. هي همراه (لفظ همراه تي ڪاوڙ نه ڪجو، هن سان (لطيف سائينء سان) منهنجي محبت ايتري آهي جو مونکي سوچڻ کان سواء، جيڪو اچي ان لفظ سان هن کي پڪارڻ وڌيڪ وڻندو آهي.................۽ عشق جي انتها به اها ئي آهي ته پرينء کي جنهن نالي سان سڏجي اهو نالو (لفظ) پاڻ فخر ڪري ته مان پرينء لاء استعمال ٿيو آهيان ۽ ڊڪشنريء جا باقي لفظ ساڻس ساڙ ڪن) ڳالهه کي ورجائي بور ڪرڻ بجاء ڳالهه ۾ نواڻ پيدا ڪري ان کي دلچسپ بڻائڻ جو ماهر آهي.
هن شعر ۾ چوي ٿو..........،
جڏهن پرين پنهنجي نيڻن کي خمار مان کنيو يعني تڪيو،
سج، جيڪو هن ڪائنات جو سڀ کان وڌيڪ چمڪندڙ عنصر آهي ان پنهنجون شاخون، ڪرڻا جهڪا ڪيا، جهڪا ٿي ويا.
ڪائنات جو ٻيو نمبر سڀ کان وڌيڪ چمڪندڙ عنصر يعني چنڊ ڪومائجي ويو، پنهنجي سموري سونهن وڃائي ويٺو.
ڪائنات جو ٽيون نمبر وڌيڪ چمڪندڙ عنصر تارو (تارن جي جهرمٽ کي، گهڻن تارن جي هڪ هنڌ هجڻ کي ڪتي ڪوٺبو آهي) تائب ٿيا جو مطلب ته توبهه تائب ٿيا، پرين سان مقابلي ڪرڻ کان سدا لاء ٻاهر ٿي ويا (هنن محبوب سان مقابلي کي گناه سمجهيو). جوهر يعني ائٽم (پر جيئن ته لطيف سائين جي وقت ۾ ائٽم جو شعاع ايترو لکت ۾ ظاهر ڪونه ٿيو هو، ان تي ڪا تحقيق ڪونه ٿي هئي تنهنڪري هتي مطلب جوهر معنى هيرا جواهر آهي) جانب جي جمال، سونهن جي جلوي جي ڪري جهڪو ٿي ويو.


هڪ قدم اڳتي

هڪ شعر ٻيو اهو به وري ٻئي انداز وارو پڙهو؛

تو ڏانهن گهڻو نهاريان، تارا تيلاهم
سڄڻ جيڏاهم، تون تيڏاهم اڀرين.
اي ستارا/تارا مون توڏانهن گهڻو نهاريو آهي، توکي گهڻو جاچيو آهي، توتي مون مسلسل نظر رکي آهي، تنهنجي چوري مون پڪڙي آهي ته تون اوڏانهن ٿو اڀرين جيڏانهن سڄڻ آهي. يعني تون به منهنجي سر جي سائين جو عاشق آهين. تون به منهنجو رقيب آهين. تون به عاشقن جي لسٽ ۾ آهين.
هاڻي اچو ته مٿين سلسلي سان ان کي هن شعر جي نظر سان سمجهون.
جيڪو عاشق هجي اهو تشبيهه لاء ڪيئن ٿو استعمال ٿي سگهي؟
ٿورو اڳتي هلو.
ڇا اوهان ڪڏهن ٻڌو آهي ته فلاڻو/فلاڻي ايترو سهڻو/سهڻي آهي جيترو ان جو عاشق؟ جواب آهي ڪڏهن به ڪونه.
لطيف سائين چنڊ ستارن سان پرينء کي ڀيٽڻ واري گناه کي هڪ نئون موڙ ائين ڏئي ٿو ته عاشق کي تشبيهه طور ڪم نه آڻڻ گهرجي.
اهو بحث هن شعر سان هن مانواري شاعر سدائين لاء بند ڪري ڇڏيو.

کنڀات-2 : چنڊ کي سزا

دنيا ۾ جرم ڪرڻ وارن کي سزا ملندي آهي، جيڪا انصاف جي جيت هوندي آهي.
چار ڪروڙ سالن کان ٿيندڙ هڪ جرم،........... ان جي سزا به وڏي هجڻ گهرجي.
پر سوال اهو ته......
جرم شاعرن ڪيو، عاشقن ڪيو......... پوء سزا چنڊ کي ڇو؟
جواب آهي ته اها سزا گهٽ، آئنده اهڙي جرم کان بچڻ جو اپاء وڌيڪ آهي. ان ڪري ئي لطيف سائين چنڊ کي محبوب واري ڀيٽ واري عظيم عهدي تان لاهي قاصد جو عهدو ڏنو.
يعني ان کي محسوس ڪرايو ته تون پرين سان ڀيٽجڻ جهڙو ته نه پر تون عاشقن جا سنيها کڻي وڃڻ جهڙو آهين.
اچو اهڙا ڪجهه شعر پڙهون؛
ناسيندي نگاه، پهرئين ڪج پرينء ڏي
احوال عاجزن جا، آکج لڳ الله،
روز نهاريان راه، اکيون اوهان جي آسري.
ناسيندي نظر پهرئين ڪج پرين ڏي،
قمرَ! ڪهج قريب کي، نست آئون نِٻَرُ،
ٻي ڀيڻي ناهم ڀر، اکيون اوهان جي آسري.
* * * * *
چڱا چنڊ چئيج، سنيها کي سڄڻين،
مٿان اڱڻ اڀري، پرينء جي پئيج
جهيڻون ڳالهائيج، پيرين وجهي هٿڙا.
* * * * *
اُڀرُ چنڊ پس پرين، تو اوڏا مون ڏور،
سڄڻ ستا ولهه ۾، چوٽا ڀري ڪپور،
پيرئين آئون نه پڄڻي، ٻاٻل ڏي نه ٻور
جنهن تي چڙهي اسور، سنجهي سڄڻ سيٽيان.

هتي صرف ڪجهه شعر ڏنل آهن. اصل ۾ گهڻا آهن. هنن ۽ ٻين اهڙن شعرن ۾ هي شاعر چنڊ کي پنهنجو نياپو کڻي ويندڙ سڏي کيس اهو نياپو ٿو ڏئي ته تون جڏهن اڀرين، سڀ کان پهرئين نگاه منهنجي پرين تي وجهجانء. ان کي منهنجو هي نياپو ڏجانء ته مان ۽ منهنجون اکيون اوهان جي آسري آهن.
پرين کي نياپو ڏيڻ وقت تمام جهيڻو ڳالهائجانء،
ان سان ڏاڍيان نه ڳالهائجانء.
ان جي پيرن تي هٿ رکي پوء منهنجا عرض پڄائجانء.
مٿين شعر ۾ آخري شعر وري نواڻ وارو ۽ قهر جي سوچ وارو آهي. اي چنڊ تون اڀر ۽ پرين ڏس. ڇو ته منهنجي سر جا مالڪ مونکان ته پري آهن پر تنهنجي ويجهو آهن.
هي شعر جيڪڏهن ڪنهن سائنسدان جو چيل هجي ها ته جيڪر اسين کيس وڏو سائنسدان ۽ خلا جو ماهر سڏيون ها.
(علامه اقبال جو هڪ شعر آهي ته، ستارون سي آگي جهان اور بهي هين.................هن شعر جي تشريح اسين ان حد تائين به ٻڌي آهي ته ستارن کان اڳي، يعني خلا کان اڳي، يعني ڪائنات جي حد پوري کان به اڳي ڪي دنيائون، ڪي جهان ٻيا به آهن. جڏهن ته هن شعر جو مطلب هرگز هرگز اهو ڪونهي. اقبال ايتري پرواز وارو هو ئي ڪونه… پر سرڪاري طور تي کيس پزيرائي ڪري تقريري مقابلن ۾ کيس اهڙي تشريح ڏني وڃي ٿي ته جيئن مقابلو کٽي ڪي انعام اڪرام حاصل ڪري سگهجن)
پر لطيف سائين جي مٿئين شعر ۾ هڪ معنى خيزي سمايل آهي.
اچو ٿورو مثالن سان سمجهون.
اوهان ٽي وي ڏسو ٿا.
ڊرامو هلي رهيو آهي،
ڪي خبرون هلي رهيون آهن.
ڇا اهي خبرون ٽي وي جي اندر پيل آهن؟
جواب آهي ته نه.
خبرون، ڊراما، فلمون سڀ ٽي وي جي اسٽوڊيو مان نشر ٿيندا آهن ۽ اسان واري ٽي وي انهن کي ڇڪي اسان کي ڏيکاريندي آهي.
..............ته ڇا اسٽوڊيو مان اهي پروگرام سڌا سنوان ٽي وي ڇڪي اسان تائين پهچائيندي آهي؟
وري به جواب آهي ته نه.
هن باب جي آخر ۾ هڪ پيپر تي ٺهيل تصويرن مان اها ڳالهه چڱيء ريت سمجهه ۾ اچي ٿي.
اچو ان کي وڌيڪ مثالن سان سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون.
اکيون بند ڪري تصور ڪريو.
اوهان اڄ کان ٽي سو سال اڳ واري جهان ۾ آهيو.
بجلي ڪونه ٺهي آهي.
ٽيليفون ڪونه ٺهي آهي.
ٽي وي، ريڊيو ڪجهه به ڪونه.
فونو به ڪونه.
ڪو فيس بوڪ،
ڪو ٽيوٽر،
ڪا چيٽنگ ڪجهه به ڪونهي.
ڪي تصور به ڪونه آهن ڪنهن جي ذهن ۾.
اوهان جو پرين ڪنهن ڏوراهين پنڌ تي آهي.
ڪا ريل گاڏي، ڪا ڪار، ڪا بس، ڪا موٽر سائيڪل ڪجهه ڪونه.
ان سدا بهار سونهن جي مالڪ جي خبر به ڪونهي ته هو/هوء ڪٿي آهي؟.
هاڻي اکيون کوليو..........
اوهان مٿي ڇت تي سمهيا پيا آهيو.
ڪو آواز ڪونهي.
ڪو اوهان سان گڏ ڪونهي.
اڌ رات آهي اوهان کي پرينء جي ياد ستائي ٿي.
اوهان پاسا بدلائي بدلائي ٿڪا آهيو.
اوهان سڌا ٿي سمهيا آهيو ۽ مٿي آسمان تي چنڊ اهو به چوڏهئين جو پيو چمڪي.
اوهان کي خيال ٿو اچي ته چنڊ ايترو مٿي آهي جو سڀ هن کي ڏسندا هوندا........
.........۽ وري چنڊ به ته سڀني کي ڏسندو هوندو........،
بس پوء ته پرين به چنڊ کي ڏسندو هوندو ۽ چنڊ به سندس ادائون ڏسي رهيو هوندو.......
پر ماکي کان مٺو ته هن وقت ننڊ ۾ هوندو.
ته پوء اي چنڊ، تون ته وڏو ڪو خوش نصيب آهين جو پرين جيڪو ولهه ۾ ستل آهي. ولهه جو مطلب آهي کليل آسمان هيٺان. يعني پرين جي چهري ۽ چنڊ جي وچ تي ڪجهه به نه هوندو ته پوء چنڊ ولهه ۾ سمهيل پرينء کي ڏسندو هوندو.
سندس چوٽا جيڪي ڪپور (ڪافور) جي خوشبوء سان سندس مٿي هيٺان بستري تي وکريل هوندا انهن مان واس به وٺندو هوندو.
ڀلا پرين به ته مونکي ياد ڪري ننڊ کان پري هوندو....(ممڪن آهي).
اهو به مون وانگر چنڊ ڏانهن تڪيندو هوندو....(اهو به ممڪن آهي)...
ته پوء سڌو نه ته منهنجو رابطو پرين سان چنڊ رستي آهي.
هاڻي لڳي ٿو اسين پنهنجي مطلب جي ويجهو پهچي چڪا آهيون.
اها ئي ڪيفيت لطيف سائين جي هوندي جڏهن هن چنڊ کي نياپو کڻايو هوندو ته وڃ پرين کي منهنجو هي ۽ هي نياپو ڏي.
ٽي سو سال پوء سنڌ جي هڪ ٻئي شاعر (امداد حسيني) به ان سان ملندڙ جلندڙ شعر چيو؛
ڪاش! مان چنڊ هجان
تنهنجي اڱڻ اڀران
ننڊ ۾ ڪيئن ٿي لڳين
ٽڪ ٻڌي ڏسندو ئي رهان.
چنڊ جي سونهن سان به بغاوت.

کنڀات-3

سڌين سيڻ نه هون، نينهن نياپي نه ٿئي،
ڪاري رات رت ڦڙا، جان جان نيڻ نه رونِ
موٽڻ جنين ميهڻو، پڙ تي سيئي پون،
جن مسافر سپرين، سي مر رويو رونِ.

استاد ان کي چئبو آهي جيڪو ڳالهه کي ان طرح سمجهائي جو اها
پهريون ته سٺي نموني، جلدي سمجهه ۾ اچي،
ٻيو ته اها سمجهيل ڳالهه وري زندگي ڀرڪونه وسري.
هي شاعر به ڳالهه اهڙي نموني سمجهائڻ جو ماهر آهي. نقشا ڪڍي سمجهائڻ هن جو ئي وڙ آهي.
عشق ڇا کي چئجي؟
عاشقن جا ڏينهن راتيون ڪيئن گذرندا آهن؟
سيڻ، پيارا سڌون ڪرڻ سان ملندا آهن،
گهر ويٺي ملندا آهن يا ان لاء ڪجهه ڪرڻو پوندو آهي؟
چوي ٿو ته سيڻ سڌ ڪرڻ، رڳو خواهش ڪرڻ سان ڪونه ملندا آهن.
..........۽ نينهن ڪا اهڙي تهڙي شيء ناهي، ڪو نياپو ناهي جو ڏيڻو آهي،
ٻن روحن جو ميلاپ آهي،
ٻن جسمن جو ميلاپ آهي،
جيڪا سڪ ختم نه ٿئي اهو سڪ سندو ناتو آهي.
موٽڻ جنين مهڻو، پڙ تي سيئي پون....
هيء سٽ وڏي معنى واري آهي ۽ اوهان اسان جو توجهه طلبي ٿي.
پرينء سان نينهن جون ڳالهيون ڪندي ڪندي پڙ تي پوڻ، موٽڻ کي مهڻو سمجهڻ جي ڳالهه گهٽ سمجهه ۾ ايندڙ آهي.
پرينء سان نينهن جون ڳالهيون وري پڙ تي پوڻ، جنگ جي ميدان مان موٽڻ کي مهڻو سمجهڻ، اتي ئي دشمن کي ماري ماري مري پوڻ......!؟
وري چوٿين ۽ آخري سٽ ۾ پرينء جون ڳالهيون....
ته جن جا پرين مسافر هوندا، سفر ۾ هوندا، اهي ته سڪي سڪي روئيندا هوندا ۽ انهن جو روئڻ جسٽيفائيڊ آهي.
سو ڳالهه پيا ڪريون، پڙ تي پوڻ جي.
لطيف سائين جي دور تي نظر جي عنوان تحت پنهنجي هن هرڻيء جهڙي نماڻي سنڌ جي صورتحال تي نظر وجهي آيا آهيون.
اهو به ڄاڻو ٿا ته اورنگزيب جو قهاري دور، جنهن ۾ ميوزڪ ۽ شاعري، ٻنهي تي ڳالهائڻ، ٻڌڻ، ڳائڻ.............سنڌڙي تنهنجو نانء کنيو ڄڻ ڪاريهر تي پير پيو مصداق هو.
صوفي انهن مٿئين وصفن کان سواء ڪجهه ڪونهي.
ميوزڪ ۽ شاعري نه هجي ته صوفيء کي پنهنجو وجود به نظر ڪونه ايندو.
ٻي ڳالهه ته اٺاويهن سالن جي عمر ۾ هن سائين، هن حساس انسان، هن فلاسافر جڏهن شاه عنايت جي شهيد جي خبر ٻڌي هوندي ته هي خاموش ويٺو هوندو؟
ڪڏهن به ڪونه، تڏهن ته شاعريء ۾ جتي ڪٿي ملڪ تان قربان ٿيڻ،
ملڪي آزاديء لاء ويڙه ڪرڻ،
لاء همٿائيندو رهي ٿو.....
هن جو ذڪر وري ڪنهن ٻئي سر (لاڳاپيل) ۾ تفصيلي ذڪر ڪنداسين. هتي صرف اوهان جو ڌيان ڇڪرائڻو آهي ته ڪيئن هڪ شعر ۾ پرينء سان گڏ وطن لاء ويڙه جي ڳالهه ڪندڙ آهي هي اسان جو سائين.

کنڀات-4

هن تاري هن هنڌ، هت منهنجا سپرين
سڄڻ ماکيء منڌ، ڪوڙا ٿين نه ڪڏهين.

مون تجربو ڪري ڏٺو آهي، اوهان به تجربو ڪري ڏسو.
مون ايران ۾ مٿي آسمان ڏانهن نهاريو،
دبئيء ۾ مٿي آسمان ڏانهن نهاريو،
ملڪ جي چئن ئي صوبن ۾ رهيو آهيان، جتي ڪٿي مون مٿي آسمان ڏانهن نهاريو،
پوء اها پڪ آهي ته دنيا جي هر ملڪ ۾ وڃي مٿي آسمان ڏانهن نهاربو ته ستارن جي جهر مر ساڳي طرح جي لڳندي.
سندن بيهڪ، ساڳي هوندي،
اسين کڻي ٽيڙو چئون، ڪتي چئون،
انگريز ان کي ڪنهن ٻئي نالي سان سڏين،
رشين ان کي ڪنهن ٽئين نالي سان سڏين،
ته اسپيني زبان ۾ ان جو نالو وري ڪو ٻيو هوندو.....
پر اهي انهن مٿان اهڙي ئي بيهڪ سان اڀرندا آهن جهڙي بيهڪ انهن جي اسان مٿان هوندي آهي.
لطيف سائين هن شعر ۾ هڪ نهايت ئي نئين ڳالهه ڪئي آهي ۽ پنهنجي انداز سان ڪئي آهي ته منهنجو پرين به هن تاري کي ائين ئي ڏسي رهيو هوندو ۽ اهو تارو به، ڇو ته اهو تارو پرينء مٿان چمڪي رهيو آهي.
منهنجو سڄڻ ماکيء کان مٺو آهي جيڪو ڪڏهن به، ڪيتري به ملڻ سان، ڪيترو به گڏ رهڻ سان، ڪيترو به رهاڻ ڪرڻ سان، ڪيترو به ڏسڻ سان ڪڙو نه ٿو ٿي سگهي.
دنيا جي هر شيء ڪجهه دفعا ڏسڻ کان پوء،
دنيا جي هر ڳالهه ڪيترا دفعا ٻڌڻ کان پوء،
دنيا جو هر ذائقو ڪيترا دفعا چکڻ کان پوء،
دنيا جون ڪيتريون شيون سنگهڻ کان پوء،
پنهنجو اصل مزو وڃائي ويهنديون آهن پر پرين ئي دنيا جي واحد شيء آهي جنهن جي ڪا ايڪسپائري ڪونهي.
دنيا جي ڪيترن شاعرن جي شاعري پڙهڻ کان پوء اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته لطيفي ذائقو صرف اسان جي ذائقي دار ڌرتيء جو ئي پيداواري شان آهي.
هي شعر يونانين جي ڪنهن شاعر جو چيل هجي ها ته هو کيس دنيا جو وڏي ۾ وڏو علم هيئت جو شارح قرار ڏيئي دنيا اڳيان تعارف ڪرائين ها ته ڏسو اڄ کان ساڍا ٽي سو سال اسان جي هڪ همراه پنهنجي علم سان ستارن ۽ زمين جي بيهڪ لاء هي فرمايو هو ۽ اسين سنڌي..............
ڀٽ جا ڀٽائي، ڀٽ تي وسيئي نور..... منهنجون تو پڄايون............