مختلف موضوع

عالمي وبائن جي مختصر تاريخ ۽ ڪرونا جا ڪلور

ھن ڪتاب جو ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر سرور خاصخيلي آھي. ڪووڊ 19 دنيا جي سماجي ۽ معاشي ڍانچي کي تباھ ڪري رکيو آھي ۽ ڏسندي ئي دنيا ۾ لکين ماڻھو ھن موتمار وبا جو شڪار ٿيا آھن. ڊاڪٽر سرور لکي ٿو:
”حقيقت ۾ ھي ھڪ دستاويز آھي جيڪي وبائي بيمارين جي تاريخ ٻڌائي ٿي ۽ ڪووڊ جي ڪري، جيڪي ڪلور ۽ اٿل پٿل ٿي آھي ان جي ھڪ تصوير آھي. مستقبل ۾ جڏھن ۽ جيڪو تحقيق ڪندو ته ھي ڪتاب سندس رھنمائي ڪندو. ھي ڪتاب انٽرنيٽ تي موجود وڪي انسائيڪلوپيڊيا، صحت جي عالمي اداري طرفان موجود ڄاڻ ۽ واٽس ايپ تي آيل بھتر مواد کي ترجمو ڪري ھڪ دستاويز ٺاھڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. “
  • 4.5/5.0
  • 965
  • 210
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book عالمي وبائن جي مختصر تاريخ ۽ ڪرونا جا ڪلور

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”عالمي وبائن جي مختصر تاريخ ۽ ڪرونا جا ڪلور“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ھن ڪتاب جو ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر سرور خاصخيلي آھي. ڪووڊ 19 دنيا جي سماجي ۽ معاشي ڍانچي کي تباھ ڪري رکيو آھي ۽ ڏسندي ئي دنيا ۾ لکين ماڻھو ھن موتمار وبا جو شڪار ٿيا آھن. ڊاڪٽر سرور لکي ٿو:
”حقيقت ۾ ھي ھڪ دستاويز آھي جيڪي وبائي بيمارين جي تاريخ ٻڌائي ٿي ۽ ڪووڊ جي ڪري، جيڪي ڪلور ۽ اٿل پٿل ٿي آھي ان جي ھڪ تصوير آھي. مستقبل ۾ جڏھن ۽ جيڪو تحقيق ڪندو ته ھي ڪتاب سندس رھنمائي ڪندو. ھي ڪتاب انٽرنيٽ تي موجود وڪي انسائيڪلوپيڊيا، صحت جي عالمي اداري طرفان موجود ڄاڻ ۽ واٽس ايپ تي آيل بھتر مواد کي ترجمو ڪري ھڪ دستاويز ٺاھڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. “
هي ڪتاب سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد پاران 2020ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آهيون ڊاڪٽر سرور خاصخيلي صاحب جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.

[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ارپنـا

آئون ھي ڪتاب ارپيان ٿو سنڌ جي وڏي وزير"سيد مُراد علي شاهه" کي جنھن ڪووڊ -19 خلاف انقلابي قدم کڻي اڳئين صف تي بيھي ھن وبا خلاف جھاد ڪيو آھي.

ڊاڪٽر سرور خاصخيلي

پنھنجي پاران

جئين ته مان ھڪ غريب ھاري سوڍو خاصخيلي جي گھر ۾ پيدا ٿيس بابا سائين ترجو محنتي، سچو انسان بھترين ملھ ۽ يارن جو يار ٿي گذريو آھي جنھن پنھجي اولاد کي ھميشه محنت ايمانداري ۽ سچائي سيکاري، مونکي اھو ڏينھن ياد ناھي جو اسان جي اوطاق تي مھمان نه ھجي، بابا سائين پاڙي جي ڪيترن ئي برادرين جو وڏو ليکيو ويندو ھو، سوڍو علائقي جي مشھور شخص طور سڃاتو ويندو ھو.
منهنجو وڏو ڀاءُ محمد خان خاصخيلي جيڪو سپاھي کان وڏي صوبيدار جي عھدي تي پھتو مونکي پنھنجي پيءُ جھڙو پيار ڏنو ۽ ان جي ڪوششن سان مان ڊاڪٽر ٿي سگھيس، منھنجو پيءُ زنده نه آھي پر منھنجو ڀاءُ زنده آھي، خدا ڄاڻي ٿو منھنجي لاءِ منھنجو وڏو ڀاءُ پيءُ جي جاءِ تي آھي. جنھن مون کي پنھنجي پيءُ جھڙو پيار ڏنو آهي.
باقي منھنجي پنھنجي زندگي غربت جي ھيٺين لڪير کان گھٽ گذري آھي، ھارپو، مزدوري، ڳاھ ڳاھڻ، مال چارڻ، فصل لڙڻ، کاٽي کڻڻ ۽ بکون ڪاٽڻ جھڙا مڙئي عمل ڪري چڪو آهيان.
غربت جو ھي حال به گذريو آهي جو پائڻ جي لاءِ ڪپڙا نه ھوندا ھئا .اسين ننڍا ھوندا ھئاسين ته يوريا ڪلر ڪپڙي جي ٻوري ۾ ايندو ھو. زمين ۾ ڪلر ڇٽي ڪلر واري ٻوري گھر آڻيندا ھئاسين ته اسان جي جيجل ماءُ ان ڪلر واري ٻوري جي ڪپڙي مان اسان کي ڪپڙا سبي ڏيندي ھئي. پرائمريءَ ۾ اسڪول ويندا ھئاسين ته پيرن ۾ پائڻ جي لاءِ جتي به نه ھوندي ھئي جو اسڪول کان گھر ايندا ھئاسين ته تتل واري مان اڪن جي پنن مان جوتا ٺاھي گھر ايندا ھئاسين. غربت جو اھو دور پرائمريءَ کان ايل.ايم.سي ڄامشورو تائين رھيو. ايم.بي بي.ايس ڪري نواب ولي محمد ۾ ڪلينڪ ھلائي ٻچا تاتيم ۽ پنھنجي اولاد کي پڙھايم، نواب ولي محمد جي دوستن سائين نذير کوکر، مجيب ماڇي، شاھنواز خاصخيلي، بھاول لاکو، منصور لاکو، مرحوم شاھنواز لاکو، يوسف رند جھڙن باشعور ماڻھن سان گڏ رھڻ کانپوءِ ادبي شعور ۽ لکڻ وارو شوق پيدا ٿيو. نواب شاھ ۾ نياڻين جي تعليم جي ڪري ڪشالا ڪري رھيو آھيان.
ڪووڊ-19 تي ڪتاب لکڻ جي پھرئين شروعات آھي، جو چين جي شھر ووھان ۾ ڪووڊ 19 شروع ٿيو ۽ دنيا اندر تيزي سان ھي وبا ڦھلجي وئي جنھن بيدردي سان، رستن تي تڙپندڙ لاش ڏسي، حساس ماڻھون جو جيءُ جھري ٿي پيو، اھڙي پريشاني واري ماحول ۾ ڪا ڳالھ سمجھ ۾ نه پئي اچي ته ڇا ڪرڻ کپي......؟
اُن صورتحال ۾ ھلياسون پئي، پر پوءِ خيال آيو ته خاموشي بجاءِ ڪجھ ڪجي، ائين ڪووڊ جي حوالي سان ڪجھ لکڻ کپي ائين ترجما ۽ ڪھاڻيون لکڻ شروع ڪيم، انھن ڪھاڻين ۽ ترجمن کي شوشل ميڊيا تي ونڊيم ته بھتر رايا ۽ خيال اچڻ لڳا.....!
سائين ارشاد اوٺي سان ذڪر ڪيو ته سائين مون کي ھمٿايو ۽ چيو ته تنھجي لکڻين ۾درد ۽ خيال سمايل آھن ائين لکڻ ۾جنبجي ويس. سائين ارشاد اوٺو سان ھر لکڻي شيئر ڪندو رھيس، سائين جو وڏ ماڻھپو آھي جو ڪڏھن به ناراض نه ٿيو پر ٻار جيان آڱر وٺي رھنمائي ڪندو رھيو. يقين ڪريو ته ھي سڄو ڪتاب مون پاڻ موبائيل تي لکيو آھي.
ھڪ ليکڪ سان گڏوگڏ سائين ارشاد اوٺو جو اھو ڪمال آھي ته موبائيل تي سنڌي لکڻ به سيکاري ڇڏي، سائين جو اھو احسان لاھي نه سگھندس.
سائين احمد مھر جن جو پڻ سچي دل سان ٿورائتو آھيان جو پروف ۽ سنڌي ٻولي جي ترتيب جوڙي ڏني، حقيقت ۾ ھي ڪم سڀني کان ڏکيو ھو جيڪو سائين احمد مھر صاحب ممڪن ڪري ڏنو آهي. ڊاڪٽر آفتاب خاصخيلي ۽ ڊاڪٽر خالد لغاري ٽيڪنيڪل طور مدد ڪئي، ان کانسواءِ محمد ايوب زرداري، شعيب قريشي ۽ رياض حسين ڏاھري منھنجي انٽرنيٽ جي حوالي سان تمام گھڻي مدد ڪئي. ھن ڪتاب کي ڇپائڻ ۾ سائين محمد حنيف سومرو جون ڪوششون ۽ ڪاوشون شامل آھن، سائين جي وڏي مھرباني.
منھنجي ھن ڪتاب جو عنوان” عالمي وبائن جي مختصر تاريخ ۽ ڪرونا 19 جا ڪلور “ آهي.
حقيقت ۾ ھي ھڪ دستاويز آھي جيڪي وبائي بيمارين جي تاريخ ٻڌائي ٿي ۽ ڪووڊ جي ڪري، جيڪي ڪلور ۽ اٿل پٿل ٿي آھي ان جي ھڪ تصوير آھي. مستقبل ۾ جڏھن ۽ جيڪو تحقيق ڪندو ته ھي ڪتاب سندس رھنمائي ڪندو.
ھي ڪتاب انٽرنيٽ تي موجود وڪي انسائيڪلوپيڊيا، صحت جي عالمي اداري طرفان موجود ڄاڻ ۽ واٽس ايپ تي آيل بھتر مواد کي ترجمو ڪري ھڪ دستاويز ٺاھڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.
ھي ڪتاب آئون سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي ارپيان ٿو، جنھن ھن ڪووڊ 19 ۾ سنڌ اندر اڳئين صف جي سپاھي طور ڪم ڪيو آهي۽ انقلابي قدم کنيان آھن، سچائيءَ محنت ۽ جذبي سان ڪم ڪيو آھي منھنجي طرفان سائين سيد مراد علي شاهه کي سلام پيش ڪريان ٿو. آئون پنھنجو ھي پورھيو ڪرونا جي انھن شھيد ڊاڪٽرن جي نالي پڻ ڪريان ٿو. جن ڪرونا جي مريضن کي بچائيندي پنھنجون قيمتي جانيون قربان ڪري ڇڏيون، مونکي اميد آھي ته پڙھندڙن وٽ ھي منھنجو پورھيو قبول پوندو.

ساٿ سلامت سنڌ سلامت

دعائن جو طلبگار
ڊاڪٽر سرور خاصخيلي
نوابشاهه
03003029705
تاريخ؛ 18-7-2020

مهاڳ

ڪرونا سان مقابلو ڪندڙ ھڪ دلير ڊاڪٽر نالي ڊاڪٽر سرور خاصخيلي کي مان ان وقت کان سڃاڻان ٿو جڏھن پاڻ ميڊيڪل ۾ پڙھندو ھو، ميڊيڪل ڪاليج مان نڪرندڙ مئگزين ۾ مضمون لکندو ھو، پروفيسر ڊاڪٽر غلام محمد لاکو وٽ ساڻس ملاقاتون ٿينديون ھيون، دولتپور جا لانگاھ اسان جا گڏيل دوست ھجڻ سبب وڌيڪ ويجھڙائپ ٿي، منھنجو پيارو دوست ڊاڪٽر خليل احمد لاکو ۽ ڊاڪٽر سرور ھڪ ٻئي جا چڳ وڍيا يار آھن، ڊاڪٽر وزير لانگاھ به سندن جوڙ جو آھي، ڊاڪٽر وزير سان منھنجي ڇھين ڪلاس کان دوستي رھي آھي، اڄ کان ويھ سال کن اڳ ڊاڪٽر خليل سان گڏ دولتپور ۾ مفت اکين جي ڪئمپ جي شروعات ڪئي سين، ته ڊاڪٽر سرور سان وڌيڪ ويجھڙائي ٿي، پھريائين دولتپور ۾ لڳندڙ اکين جي ڪئمپن ۾ پاڻ اسان سان ساٿ ڏنائين، اڳتي ھلي نواب ولي محمد اسپتال ۾ ڊاڪٽر سرور جي اڳواڻي ۾ اکين جي ڪئمپ لڳارائي سين. اکين جي ڪئمپ ۾ ھڪ ھفتي تائين اسان گڏجي ڪم ڪيو پر ڪٿي به ڊاڪٽر سرور کي مون ٿڪل ڪون ڏٺو .
صبح جو اٺين بجي کان رات جو دير تائين مسلسل ڪم مريضن جي ماني، دوا، مريضن جي شوگر جون ٽيسٽون چيڪ ڪرڻ، ھيپاٽائيٽس جون ٽيسٽون چيڪ ڪرڻ سندس عملي جي ذميواري ھوندي ھئي، جنھن جي نگراني ڊاڪٽر سرور خاصخيلي ڪندو ھو، ڊاڪٽرن جي رھائش، ٽيڪنيشن جي رھائش انھن جو کاڌو پيتو ان سڄي ڪم ۾ به سندس صلاح مشوري سان سندس دوستن وٽ ٿيندي ھئي، ڪڏھن منصور لاکو قرب ڪندو ھو ته ڪڏھن پيارو حميد ڪلھوڙو ۽ شاھنواز خاصخيلي قرب ڪندا ھئا، ڊاڪٽر خليل صاحب، آپريشڻ ٿيٽر جي نگراني ڪندو ھو ته ڊاڪٽر اجمل صاحب، ڊاڪٽر خضر بشير صاحب مريضن جو آپريشن ڪندا ھئا. ڊاڪٽر حنيف کوکر به اسان سان ساٿ ڏنو انھن سڀني جو تعاون ڊاڪٽر سرور سان ھوندو ھو، اکين جي ڪئمپ ڪامياب ٿي ھڪ به ڪيس خراب نه ٿيو.
پياري دوست محمد حنيف چانڊئي ٽن ڏينھن تائين ڊاڪٽرن جي رھائش ۽ کاڌي پيتي جو بندوبست ڪري ڏنو، سائين دادن شاہه به ٽيڪنيشن جي رھائش ۽ کاڍي پيتي جو بندوبست ڪيو. سائين احمد مھر ۽ سچل ماڇي ورڪرن جا اڳواڻ ھئا، سائين زاھد سومرو، سرور انڙ، خالد ٻرڙو ۽ سليم انڙ مطلب ته سڄي ٽيم اکين جي ڪئمپ ۾ ڪم ڪار ۾ رڌل ھئي. روزانه شام جو مرحوم سائين امير بخش چانڊيو پنھنجي پٽ امتياز چانڊئي سان گڏ اسان جي سار لھڻ ايندو ھو، صبح جو ھڪڙا دوست ۽ ورڪر شام جو ٻيا دوست ۽ ورڪر خدا ڪارڻ مفت اکين جي ڪئمپ ۾ ڪم پيا ڪندا ھئا، دولتپور ڪاليج جي شاگردن ڪم ۾ گھڻو ساٿ ڏنو، ڇا ڳالھ ڪجي سڀني دوستن کي سلام آھي، ڊاڪٽر سرور خاصخيلي جو اصل ڳوٺ کڙ جي ڀرسان آهي، سندس ھڪ ڀاءُ پوليس ۾ محمد خان خاصخيلي صوبيدار رھيو آھي پراڄ تائين مون ان صوبيدار جي ھڪ به شڪايت ڪو نه ٻڌي آھي ته ڪو پاڙي اوڙي جي ڪنھن غريب ماڻھو کي تنگ ڪيو ھجيس ھاڻ ته نوڪري مان رٽائرڊ ڪيو اٿس، ڊاڪٽر سرور جڏھن نواب ولي محمد اسپتال جو ميڊيڪل آفيسر ٿيو ته اسپتال جي پلاٽ ۾ وڻ، ٻوٽا، گل لڳرايائين اسپتال ۾ اندر ۽ ٻاھر صفائي سٿرائي، فرنيچر وغيره، جو انتظام ڪيائين سچ ته ڪڏھن به اسپتال وڃبو ھو ته گلن ۽ ٻوٽن جي خوشبو پئي ايندي ھئي. مريضن جي دوا درمل، ھيلٿ ورڪرس جو خيال رکڻ ڪو ھن کان سکي. ڊاڪٽر سرور جا ٻار به اسان وٽ دولتپور ڪاليج ۾ پڙھندا ھئا، انھن جي پالنا ۽ اٿڻ ويھڻ مان ڪنھن خانداني سڌريل ٻارن جي جھلڪ محسوس ٿيندي ھئي، سندس پٽ ۽ نياڻيون تمام سٻاجھا ۽ محنتي ھوندا ھئا، الله سائين سندس اولاد کي ڪامياب ڪري اسان وٽ ڪڏھن به ڊاڪٽر پنھنجي اولاد جي غلط سفارش لاءِ نه آيو، اھو ڊاڪٽر جي بھترين پرورش جو ئي ثبوت ھيو، جو سندس اولاد محنت سان پڙھيو، نواب ولي محمد ۾ رھندي پاڻ دولتپور تي ھڪ ويب سائيٽ ٺاھيائين جنھن جو اظھار گھڻن ئي دوستن سان ڪيائين، مون کي خبر پئي ته مون سندس ڪم کي ساراھيو، منھنجو مقصد ھوندو آھي ته زندگي تمام مختصر ۽ ٿوري آهي جيڪو دوست ڪم ڪري ان کي ھمٿائجي ان جي عزت ڪجي ته جيئن ھو وڌيڪ بھتر ڪم ڪري سگھي، مون ڳالھ پئي ڪئي ڊاڪٽر سرور جي ان ويب سائيٽ ٺاهڻ جي ان تي پاڻ دولتپور جو تعارف، ملھ پھلوانن جو تعارف عالمن ۽ اديبن جو مختصر ذڪر ڪيائين، اڳتي ھلي کيس شوق ٿيو ته پاڻ نوابشاهه پوسٽنگ وٺي ته جيئن پنھنجي نياڻين کي يونيورسٽي ۾ بھتر تعليم ڏياري سگھي، ان سلسلي ۾ مون سان به صلاح مشورو ڪيائين ته ڪنھن کي چئجي ته منھنجي پوسٽنگ نوابشاهه ڪرائي ڏي مون ڪوشش ڪئي پر مون کان سندس پوسٽنگ ڪونه ٿي سگھي. پاڻ اھڙي قسم جو اظھار وقت جي ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر سان ڪيائين، جنھن کي سندس ڪم جي ڄاڻ ھئي، ان کيس ضلع شهيد بينظير آباد ۾ ھيلٿ ڊپارٽمينٽ ۾ فوڪل پرسن ڪري رکيو. ضلعي سطح تي ٿوري وقت ۾ پنھنجي محنت ۽ جفاڪشيءَ سان پنھنجون صلاحيتون مڃائي ورتيون. ھڪ ڀيرو شام جو ستين وڳي مان ساڻس ملڻ ويس ته ان وقت به پاڻ آفيس ۾ ڪم ڪري رھيو ھو، مون کين چيو ڊاڪٽر گھڻي دير ٿي وئي آھي، چيائين ادا اسين ڪم ڪنداسين تڏھن معاشري ۾ پنھنجي جاءِ ٺاھي سگھنداسين، ان ڪري رات ڏينھن ڪم ڪبو ۽ دير تائين ڪم ڪبو، ڪم کان انڪار ناھي ، مون کي سندس اھا ڳالھ ڏاڍي وڻي.
جڏھن دنيا جي اندر ڪرونا جھڙي خطرناڪ بيماري پيدا ٿي ته ڊاڪٽر جي اندر لڪل اديب جاڳي پيو ۽ پاڻ ڪورونا جي بيماري جي مريضن تي ٻه ٽي اندر کي ڇھندڙ درد واريون ڪھاڻيون لکيون سندس اُھي ڪھاڻيون پڙھي آءُ گھڻو متاثر ٿيس ۽ مون سندس ڪھاڻين تي مختصر راءِ ڏني ۽ کيس لکيم ته اوھان ۾ لکڻ جون صلاحيتون آھن وڌيڪ لکو، ائين ڊاڪٽر صاحب ڪورونا جي بيماري تي قلم ڪڻي پاڻ ھڪ تحقيقي مقالو لکڻ شروع ڪيائين ، روزانو جيڪو لکندو ھو اھو مون کي واٽس ايپ ڪندو ھو جيڪو آءُ پڙھي کيس پنھنجي سمجھ آھر صلاحون ۽ مشورا ڏيندو رھندو ھوئس، ائين سندس مقالو ڪتاب ۾ تبديل ٿي ويو مون کيس چيو ته اوھان ايم فل ۾ داخلا وٺو ۽ ان موضوع تي انگريزي ۾ مقالو لکي ايم فل جي ڊگري وٺو پر ڊاڪٽر صاحب چيو ته سنڌي ۾ مقالو لکي مان عام ماڻھن کي ڪرونا جي بيماري جي باري ۾ مفيد معلومات ڏيڻ ٿو چاھيان مون کي اميد آھي دوستن، عالمن ۽ اديبن کي ڊاڪٽر سرور جي ڪيل ھي محنت وڻندي ۽ سنڌ ۽ پاڪستان حڪومت کي ڊاڪٽر جي ڪتاب مان صحيح نموني سان انگ اکر ملي سگھندا، وقت جو ايندڙ مورخ جڏھن به ڪرونا جھڙي بيماري تي لکندو ته کيس ھن ڪتاب مان ڪارائتي معلومات ملندي .


ساٿ سلامت
ارشاد علي اوٺو. دولتپور
تاريخ 18-7-2020

منھنجي بھترين ٽيم

مون کي نھايت خوشي ٿي آھي ته منھنجي ٽيم جو ھڪ فرد صوفي خيالن سان سرشار، ڊاڪٽر سرورخاصخيليءَ ڪووڊ تي معلوماتي ۽ حقيقت تي ٻڌل ڪتاب "عالمي وبائن جي مختصر تاريخ ۽ ڪرونا جا ڪلور'' لکيو آهي ڊاڪٽر سرور نه فقط اي پي آءِ جي فوڪل پرسن، انفيڪشن ڪنٽرول جي فوڪل پرسن، تعلقه فوڪل پرسن ڪووڊ قاضي احمد جي اھم ذميوارين کي بھتر نموني سان سرانجام ڏنيون آهن ۽ پر ان کانسواءِ ٻيا ٽاسڪ به سچائي ۽ ھڪ ذميوار آفيسر جيان پورا ڪيا آھن. يقين ڪريو ته مون کي اعتبار نه ٿو اچي ته ايترن ذميوارين ھوندي ھن ڪتاب لکيو آھي. مان اھڙن مثبت ڪم جو قدر ڪيان ٿو. ھر ممڪن مدد ڪرڻ جي لاءِ حاضر آھيان. مان ان موقعي جو فائدو وٺندي. منھنجي ٽيم جيڪا ڪووڊ جي ھن Pandemic ۾ رات ڏينھن اڳين مورچي تي وڙھي رھي آھي. جنھن جي ڪري 25 ڊاڪٽر، 54 پيراميڊيڪل اسٽاف ۽ ، 20 ليڊي ھيلٿ ورڪرن ڪووڊ ۾ مبتلا ٿي ويا. جنھن ڪري نه فقط ڊاڪٽر، پيراميڊيڪل اسٽاف ۽ ليڊي ھيلٿ ورڪرن خود ۽ بلڪه سندن خاندان پڻ پريشانن ۾ شامل ٿيا، مالڪ جي مھر جو ڪووڊ جي ڪري ڪو فرنٽ لائين ورڪر جو لاڏاڻو نه ٿيو آھي.
ڊاڪٽر محسن شاهه ڪمشنر صاحب ۽ مسٽر ابرار احمد جعفر ڊپٽي ڪمشنرصاحب، پروفيسر ڊاڪٽر گلشن ميمڻ، وائس چانسلر پمس يونيورسٽي، ڊاڪٽر پروفيسر محمد صالح خاصخيلي، پرووائيس چانسلر پمس ۽ ڊاڪٽر سعيده بلوچ ايم ايس. پي ايم سي نوابشاھ جن جي رھنمائي ۽ شفقت جي ڪري بھتر ڪارڪردگي ممڪن ٿي آھي.
منھنجي ٽيم ڊاڪٽر دولت جمالي اي ڊي ايچ او، ڊاڪٽر محمد عمرجمالي فليڊ سپروائز ميڊيڪل آفيسر، ڊاڪٽر آفتاب خاصخيلي، ڊاڪٽراسداللہ ڏاھري سرولنس آفيسر، ڊاڪٽر امينه بروھي ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر سنڌ ليڊي ھيلٿ ورڪر پروگرام، ڊاڪٽر رياض شاهه پي پي ايز فوڪل پرسن، ڊاڪٽر امجد ڀٽي فوڪل پرسن اينٽي ڪوئڪري، ڊاڪٽر غلام قادر راجپوت، ڊاڪٽر نصير ميمڻ، ڊاڪٽر امداد اوتيرو، ڊاڪٽر اعجاز رند، ڊاڪٽر طاھرہ اسد ۽ ڊاڪٽر جمشيد خا نزادہ جن جي سچائيءَ ۽ مستقل مزاجي سان ڪم ڪري ڪووڊ سان جنگ ۾ سرخرو ٿيڻ وارا آهيون.
ان کانسواءِ ٽيڪنشن، ليڊي. ھيلٿ ورڪرن، پيراميڊيڪل اسٽاف ۽ ڊائيور ٽيمن ۾ ڪم ڪري رھيا آھن جيڪي ڪووڊ جي اول صف جا ورڪر ثابت ٿيا آھن. ھاڻي ٿورو وقت رھيو آھي ته ان وبا مان ڇوٽڪارو حاصل ڪنداسين.(آمين).


ڊاڪٽر آصف رضا بروھي
ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر
شھيد بينظير آباد.

ڪرونا جي وبا لاءِ ٻانھن ٻيلي تيار ڪرڻ

اڄڪلهه دنيا جديد تاريخ جي مشڪل ترين دور مان گذري رهي آهي. ڪرونا ھڪ اھڙي خطرناڪ وبا آھي جنھن معاشرتي، معاشي ۽ نفسياتي اثرات مرتب ڪيا آهن، سڄي دنيا جون معاشي حالتون ته خراب ٿيون آھن پر گڏوگڏ لکين جانيون به ان جو شڪار ٿي ويون آھن ان کان علاوه ذھني صحت ۾ به خلل پيدا ڪري ڇڏيو آھي ۽ ھن بيماري جي خوف، لاڪ ڊائون ۽ قرنطينه جي سبب تنھائي جو شڪار ٿيل ڪافي ماڻهن جي آپگھاتن جا واقعات به ٻڌڻ م اچي رھيا آھن، لاڪ ڊائون ۽ ڪاروبار بند ھجڻ ڪري خاص ڪري ڪجھ آفريڪي ملڪن ۾ماڻھو بک سبب به موت جو شڪار بڻجي رھيا آھن.
محترم ڊاڪٽر سرور صاحب پنهنجي ڪتاب لاءِ ھن موضوع جو انتخاب ڪري ھڪ وڏو جھاد جو ڪم ڪيو آھي. ھن نه رڳو ھن وبا جي ڦهلاءَ ۽ ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوششن تي تفصيلي معلومات ڏني آھي پر ان سان ڳڏ ان کان بچاءُ جي طريقن کي به تمام آسان، عام فھم ۽ سھڻي انداز ۾ بيان ڪيو آھي، ھن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ کي ھن وبا جي خلاف انقلابي قدم کڻڻ ۽ فوري لاڪ ڊائون جھڙن فيصلن جي تعريف ڪندي کيس مرد مجاھد قرار ڏنو آھي-
ڊاڪٽر سرور صاحب پاڪستان جي سڀني صوبن سنڌ، بلوچستان، پنجاب، ڪي پي ڪي، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪرونا وائرس جي ڦهلاءُ ۽ بچاءُ جي کنيل قدمن جي به تفصيلي ڄاڻ ڏني آھي، ملڪ ۾هيلٿ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ تي زور ڀريو آهي ته جيئن معاشري جا سڀ شرڪتڪار، يعني حڪومت، اين جي اوز، سماجي، سياسي، تجارتي تنظيمون ۽ شخصيات سڀ گڏجي ھڪ پليٽ فارم تان ان وبا جو مقابلو ڪن.
ڊاڪٽر صاحب اھا به تجويز ڏني آھي ته ڪرونا جي ٽيسٽ ڪرڻ جي صلاحيت کي به تيزي سان وڌائڻ گھرجي.
ھن وزيراعظم پاڪستان جي احساس پروگرام جو به ذڪر ڪيو آھي ته وزيراعظم اڳتي وڌي بيروزگار ماڻهن لاءِ في خاندان 12 ھزار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن ھن مشڪل وقت ۾ ماڻھو بک ۽ فاقن کان بچي سگھن-
ھنن وينيليٽرن ۽ صحت جي ٻين سهولتن کي وڌائڻ جو به تفصيلي ذڪر ڪيو آهي-
مطلب ته ھن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر صاحب اھا ترغيب ڏني آھي ته ھر شخص ھن وبا سان مقابلي لاءِ ٻانھن ٻيلي ٿي تيار ٿئي، ۽ اھا ئي ان ڪتاب جي اصل روح نظر اچي ٿي ھن ڪتاب جي ھر پڙھڻ واري کي ان مان رھنمائي ملندي-


روبينه راجپوت
شاعره، ڪھاڻيڪار، ليکڪه ۽ اديبه

عالمي وبائن جي تاريخ

چين جي نارٿ ايسٽن مان پنج ھزار سال پراڻا، ماڻھن جا ڍانچا مليا آهن اھڙائي ڍانچا چين جي ھڪ ٻئي ڳوٺ Miaozi Jan ۾ مليا آهن، جن جي عمر نوجوان ۽ اڌڙوٽ آھي، جنھن کي آرڪيالاجيڪل Human Magna سڏيو آھي. ھنن ڍانچن ۾ ھڪجھڙائي آھي، جنھن مان اھواخذ ڪيو ويو آهي ته اھا وبا ھڪ ئي وقت آئي ھئي جو ھو ڪجھه به نه ڪري سگھيا. ان وبا کي تاريخ کان پھريان واري وبا سڏيو وڃي ٿو .

PLAGUE OF ATHENS 430 BC
(اٿينس جو طاعون 430 قبل مسيح)


اٿينس ۽ اسپارٽا جي وچ ۾ جنگ کي ڪو گھڻو وقت نه گذريو هيو جو طاعون جي وبا پکڙي، جنهن کي اٿينس جو طاعون سڏيو ويو آهي. ھن وبا ۾ ھڪ لک ماڻھو موت جي گھري ننڊ ستا ھئا.
عظيم تاريخدان ٿيوسائڊيڊس لکي ٿو ته “ماڻھون سٺي صحت سان ھئا جو اوچتو، گرم Violet ڪرڻا لڳڻ سان اکيون ڳاڙهيون ٿي سُڄي ويون. بعد ۾ سندن ڳلو ۽ زبان رتائتو ٿي ڪري الٽي ٿي پئي ۽ غير فطري ساھ ٿي کنيائون.“ گھڻا ماڻھون ھن وبا کي جنگ جي وبا سڏين ٿا، ڇاڪاڻ ته اسپارٽا وڌيڪ طاقتور ھئا.

ANTONINE PLAGUE
ايٽونائين طاعون


(165کان180 قبل مسيح)
جڏھن رومن امپائر جا سپاھي واپس ٿيا ته ھي وبا ڦهلي. 5 ملين ، رومن امپائر جا ماڻھو مري ويا.
ڪجھ تاريخدان اھو لکن ٿا ته “اھا وبا انهن سپاھين ذريعي ڦھلي، جيڪي جنگ وڙھي واپس ٿيا ھئا.”
پراڻن ذريعن جي مطابق پيشنگوئي ڪئي وئي ته اثرائتن ماڻھن کي ارڙي يا ماتا جھڙيون نشانيون ھيون. ھي وبا 166 قبل مسيح ۾ ختم ٿيڻ کان 9 سال پوءِ ٻيھر شروع ٿي. جنھن ۾ 50 لک ماڻھو دنيا کان رخصت ٿيا. جنھن ۾ روم جي سڄي فوج تباھ ٿي وئي.



PLAGUE of CYPRIAN
سائيپرين جو طاعون


(250کان271 )
ھي طاعون يونان جي شھر ٿيبس مان شروع ٿيو. روم ۾ روزانو 5 ھزار ماڻھون موت جو شڪار ٿيندا هئا. جڏهن آرڪيا لاجسٽ، ليور مئل ماڻھن جي لاش کي کوٽي ڏٺو ته لاش کي سخت ڪپڙي جي تهن ۾ ويڙهي بند ڪيو ويو ھو، جنھن مان اھو ثابت ٿيو ته طاعون جي ڦھلاءُ کان بچڻ لاءِ لاش کي جراثيم ڪش ڪيو ويو ھو. ھن وبا ۾ مبتلا ماڻھن کي ماتا، زڪام ۽ تيز بخار جون نشانيون ھيون.

PLAGUE OF JUSTINAN
جسٽنين جو طاعون


(541کان 542(
ھن طاعون بازنطينيه جي 10 سيڪڙو آباديءَ کي موت جي منھن ۾ ڏئي ڇڏيو هو. طاعون بابت حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو ته، “طاعون ھڪ عذاب آھي، جيڪو پھريائين بني اسرائيل جي ھڪ گروھ تي موڪليو ويو ھو”. پاڻصه جن اهو به فرمايو ته اهڙو طاعون گذريل امت تي به موڪليو ويو ھو. جيڪڏھن ڪنھن جڳھ تان توھان ٻڌو ته (طاعون ڦھلجي ويو آهي) ته اتي نه وڃو. جيڪڏھن ڪنھن جڳھ تي ڦھلجي ويو آھي، اتي اوھان پھريائين موجود آھيو ته اتان نه نڪرو. ھن وچڙندڙ بيماري ۾ ھڪ پرسينياپيسٽس نالي بيڪٽيريا جي ڪري ٿيندي ھئي. ھن وبا ۾ اندروني ميڊيزينيٽ، بيسن، يورپ جا علائقا اثرانداز ٿيا. ھي بيڪٽيريا ڪوئي ان جھڙي ٻين نسلن جي جانورن سان ڦھلجي ٿي.



BLACK DEATH
ڪاروموت


ھن وبا 14 صدي ۾ تمام گھڻو نقصان ڪيو، 47500،000 جانيون ضايع ٿيون. نشانين ۾ (bubonic plague، (Pnenmonic Plague)، (Septicemic Plague) شامل ھئا. 1353ع ۾ ھي وبا ختم ٿي. ڪاري موت جي وبا ايشيا کان ڦھلي، جنھن وڌي وڃي يورپ جي اڌ آبادي کي وڪوڙي ڇڏيو. چون ٿا ته ڪو ماڻھو نه بچيو لاشن کي دفن ڪري ها. ھن وبا يورپ جي تاريخ بدلائي ڇڏي. موت ايترا ٿيا جو ڪو مزدور ملڻ جي لاءِ نه رھيو. ھي وبا يرسنياپيٽس نالي بيڪٽيريا سان ٿي. جنھن ۾ تيز بخار، زڪام جون نشانيون شامل ھيون. ھي دنيا جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ وبا ھئي. ھي وبا ڪُئن ۽ ان جھڙي ٻين نسلن جي جانورن سان ڦھلي.


COCOLIZITI EPIDEMIC
ڪوڪوزائٽي وبا


ھي وبا ڪوڪولائيزٽي انفيڪشن ذريعي خوني بخارطور سامھون آئي، جنھن ميڪسيڪو ۽ وچ آمريڪا جي 15 لک ماڻھن کي متاثر ڪيو. جڏھن ان جي DNA تي تحقيق ڪئي وئي ته اھي مدي جي بخار جا Salmonella جي گروپ paratyphics ھئا. جيڪي مدي جي بخار جي شڪل ۾ ظاهر ٿيا. ان ۾ تيز بخار، پاڻي جي کوٽ ۽ پيٽ جا مسئلا ٿيندا آهن. ان قسم جي وبا کان دنيا اڄ تائين خوفزده آهي.

AMERICAN PLAGUES
آمريڪا جو طاعون


(16صدي)
آمريڪن طاعون ھڪ جهڳٽو (cluster) آھي. يورپ ۽ ايشا ، سياحت ۽ ايزٽيڪ رھائش پزيرن جو، ھڪ اندازي مطابق يورپي آبادي جو 90 سيڪڙو خود ساختا موت جو شڪار ٿي ويا.
GREAT PLAGUE OF LONDON
لنڊن جو وڏو طاعون


(1)665کان1666)
ڪاري موت برطانيا ۾ گھڻو ڪجھ وڃايو. 1665ع ۾ ھڪ دفعو طاعون جي وبا ڦھلي جو لندن جي15سيڪڙو آبادي مري وئي.
ھن وبا جي ڪري لنڊن جي 460،000 جي آبادي مان 100،000 ماڻھو فوت ٿيا. ھي وبا يرسنياپيٽس نالي بيڪٽيريا سان ٿي، جيڪو ڪُئن ذريعي انسانن ۾ منتقل ٿيندو ھو. ھن جو علاج اسٽريپٽومائيسن، جينٽامائيسن ۽ اينٽي بايوٽيڪ سان ڪيو ويو.
بغير علاج 30 کان 90 فيصد ماڻھو موت جو شڪار ٿيا. ھن وبا جي نتيجي ۾ ملڪ جي معيشت کي تمام گھڻو نقصان رسيو. لنڊن جي ملڪ کي ٻيھر ساڳي حالت ۾ پھچڻ لاءِ ڏھه سال لڳا. لڌل لاشن جي (DNA) ۾ (Yersinia Peshis) مليو. جنھن سان اھا پيشنگوئي ڪئي ته انھن جي موت (Bubinic Plague) جي ڪري ٿي.

GREAT PLAGUE Of MARSEILLE
مارسيلي جو وڏو طاعون


1720ع ۾ فرانس جي شھر مارسلي جي شھر اندر وڏو طاعون شروع ٿيو.ھن وبا۾ ھڪ لک ماڻھون موت جو شڪار ٿيا. پھرين سال 50 ھزار ماڻھو مري ويا، باقي ٻن سالن ۾ 50 ھزار موت جو شڪار ٿيا. اھو طاعون ھندوستان تائين پھتو. ھن طاعون ۾ لاشن جا ڍير لڳي ويا. ڪو ماڻھون نه بچيو جو لاشن کي دفن ڪري. ھي وبا 1720ع کان 1722ع تائين ڦھلي.

RUSSIAN PLAGUE
روس جو طاعون


(1770 کان 1772)
ھي طاعون موسڪو شھر کان شروع ٿيو. ھن وبا ۾ ھڪ لک ماڻھو موت جو شڪار ٿيا. حاڪم ڪيٿرئن حڪم نامو جاري ڪيو ته سموريون فيڪٽريون ميڪسيڪو شھر کان ٻاھر ڪڍيون وڃن. ھن طاعون کي 1771ع جو طاعون سڏيو ويندو آھي. ھي روس جي آخري وڏي ۾ وڏي وبا ھئي. ھن وبا ۾ روس جا 1500 سپاھي مبتلا ٿيا، جنھن مان صرف 300 بچيا. ھن وبا سان September 1771ع ۾ 20،401 موت ٿيا، October 1771ع ۾ 16،651 موت ٿيا، November 1771ع ۾ 5،235 موت ٿيا، December 1771ع ۾ 805 موت ٿيا ۽ January 1772ع ۾ 330 موت واقع ٿيا. 1772ع ۾ وبا ختم ٿي.


CHOLRA
ڪالرا


ھن بيماري کي اسان جا وڏڙا ساٽي جي بيماري جي نالي سان سڏيندا ھئا. ھي وبا نيويارڪ سٽي مان 1820ع ۾ شروع ٿي. ھن وبا چين، جاپان، ڀارت، ڪينيا، جاوا، ڀوٽان، سريا، مورس، ٿائيلينڊ، فلپائين، انڊونيشيا ۽ ٻين ملڪن جي 30 لک ماڻھن کان جئيڻ جو حق کسيو.
ھندستان ۾ ھي وبا بنگال کان ڦھلي، جنھن ۾ 10 ھزار ماڻھو ته برطانيا جا فوت ٿيا. ھندستان ۾ 1817ع کان 1860ع تائين 15 ملين ماڻھو ھن وبا ۾ مري ويا. 1865ع کان 1917ع تائين 25 لک ماڻھو روس جا مري ويا. 1832ع کان 1834ع تائين آمريڪا مان 1 لک 50 ھزار ماڻھو اجل جو شڪار ٿيا 1848ع ۾ انگلينڊ ۾ 52 ھزار ماڻھو، ڪالرا سبب فوت ٿيا. 1854ع کان 1855ع ۾اسپين جا 2 لک 36 ھزار ماڻھو موت جي ور چڙهيا. 1863ع کان 1875ع ، يورپ مان 30 ھزار جانيون ضايع ٿيون ۽ 90 ھزار ڪالرا ۾ مبتلا ٿيا. 1866ع ۾ روس اندر90 ھزار ماڻھن موت کي چمي ڏني.
سائوٿ آفريڪا ۾ 50 هزار ماڻھو فوت ٿيا. 1892ع ۾ روس جا ٻه لک ستهٺ هزار اٺ سئو نوي (267890) ماڻهو مري ويا. 1883ع کان 1887ع دوران يورپ جا ٻه لک پنجاھ هزار (250000) ماڻھو مري ويا. اسپين جا 1 لک 20 ھزار ماڻھو فوت ٿيا. 1891ع کان 1895ع تائين روس جا 5 لک ماڻھو ڪالرا وگھي مري ويا . 1902ع کان 1909ع تائين ھندستان جا 8 لک ماڻھون ڪالرا عيوض فوت ٿي ويا. فلپائين جي 2 لک ماڻهن موت سان ملاقات ڪئي. 1961ع کان 1965ع دوران هي وبا انڊونيشيا کان ڦھلجي، بنگلاديش، ڀارت، سويت يونين، آفريڪا، سائوٿ آمريڪا ۽ سينٽرل آمريڪا پھتي. انگلينڊ جي ڊاڪٽر جان 1954ع ۾، رھائش جي حساب سان نلڪن جي نقشا بندي ڪئي، جنھن نلڪي مان ڪالرا ڦھلي ان کي بند ڪرائي جديد دنيا اندر ايپڊيميالوجيءَ جي ابي جو اعزاز ماڻيو. ھن بيماري جو سبب (Vibrio Chollerae) آھي. ھن جو علاج (ORS, Antibiotics and Zinc Supplements) سان ڪيو ويندو آھي.

FLU PANDEMIC
زڪام جي وبا


جديد تجارتي دنيا م انفليونزا وائرس، ٿورن مھينن اندر ڦھلجي ويو صرف پنجن ھفتن ۾ سڄي دنيا کي وڪوڙي ويو. هن وبا ڏھ لک ماڻھن کي موت جي ور چاڙهيو.

AMERICAN POLIO
آمريڪن پوليو(1916ع)


نيويارڪ سٽي کان شروع ٿي27 ھزار ٻارن ۾ پوليو جا ڪيس ٿيا جن مان 6 ھزار ٻار موت جو شڪار ٿيا. 1921ع تائين ... ڪيس ٿيا.

SPANISH FLU
اسپنش فلو


(1918 ع کان1920ع)
19صدي جي شروعات ۾ اسپينش فلو دنيا اندر ٿرٿلو مچائي ڇڏيو. ھن وبائي بيماري ذريعي دنيا جا 5 ڪروڙ ماڻھو، لاڏاڻو ڪري ويا. ڀارت ۽ پاڪستان جي ويجھن علائقن ۾ 8 لک ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا. ايترا ماڻھو عالمي جنگ ۾ ڪونه مئا ھئا جيترا ھن وبا سبب فوت ٿي ويا. ھي وبا HIVI نالي وائرس جي ڪري ٿي. ھي وائرس ڪنھن اثرانداز مريض سان لاڳاپي ۾ اچڻ تان يا نڇ يا کنگھ جي ڪري ڪنھن ٻئي مريض تائين منتقل ٿئي ٿو. 1918ع ۾ ان وبا جي ويڪسين ٺاھي وئي. ھي وائرس 1918ع ۾ ڳوليو ويو، ھن وائرس سان گھڻي ڀاڱي مرندڙن جي عمر 5 سالن کان گھٽ ھئي. 1918ع کان 1919ع تائين ھي وبا دنيا جي مختلف علائقن ۾ ڦھلي. ھن وبا جي ڪري پنجاھ لک ماڻھن جو موت ٿيو. جنھن مان 675،000 صرف موت آمريڪا ۾ ٿيا.

ASIA FLU
ايشيا فلو


(1957ع کان 1958ع)
ھي فلو ايشيا مان ڦھلجي سنگاپور،ھانگ ڪانگ ۽ آمريڪا تائين پھتو. دنيا ۾1.5 ملين ماڻھو موت جو شڪار ٿيا. ھي وبا 1956ع ۾ چائنا مان ڦھلجي. ھي وبا انساني ۽ جنگلي بدڪ جي (Mutakonstrain DNA) سان ٿيو. 1957ع ۾ ان جي ويڪسين ٺاھي وئي.


AIDS
ايڊز


(1981ع)
HIV ھڪ اھڙو وائرس آهي جيڪو انساني جسم ۾ داخل ٿي، قوت مدافعت جي نظام کي ڪمزور ڪري ٿو. ھڪ اندازي مطابق دنيا اندر 35 ملين ماڻھو HIV جي وائرس سبب موت جي ور چڙھيا آھن. وائرس پنھنجا رستا ٺاھيندي دنيا جي 64 سيڪڙو يعني ڳڻيل آباديءَ جا 40 ملين ماڻھو ايڊز جي وائرس جا شڪار ٿيا آھن.
HIV جي بيماري ايڊز وائرس جي ڪري ٿئي ٿي. (HIV) انسان جي جسم ۾(T-Cells) تي حملو ڪري قوت مدافعت کي ختم ڪري ڇڏيندو آھي. ھن وقت تائين ھن جي ڪا به دوا يا ويڪسين نه ٺھي آھي. پر ڪجھه دوائون ڏئي ڪري وائرس جي ڦھلجڻ جي رفتار گھٽ ڪري سگھجي ٿي. ھي وائرس انساني جسم جي رطوبات (Body fluids) ۾ موجود ھوندو آھي.

SWINE FLU
سوائن فلو



(2009ع کان2010ع)
ھن وبا آمريڪا، برازيل، انڊيا، ميڪسيڪو، چائنا، ترڪي، ارجنٽينا، رشيا، انگلينڊ، اٽلي، ڪولمبيا، يوڪرين، جاپان، آسٽريليا، پولينڊ، سائيبيريا، گريس، ايران، ھنگري، سعودي اربيه، يوروگائي، رومانيا، زيچ، ريپڊي، اسرائيل، سائوٿ آفريڪا، ملائيشيا، بيلارس، سيريبيا، ھانگ ڪانگ، ڪوريا، موروڪو، نيڌرلينڊ، بوليويا، ويتنام، الجيريا، فنلينڊ، پارگئي، نيوزيلينڊ، تائيوان، سريلنڪا، اراق، آسٽريا ۽ بلگيريا ملڪ شامل ٿيا. سوائن فلو جي وبا 2009ع کان شروع ٿي ۽ دنيا کي پنھنجي وڪڙ ۾ ويڙھي ڇڏيو. سڄي دنيا ۾ 1.4 ملين ماڻھو موت جي ور چڙھي ويا. سڄي ڌرتيءَ جي گولي تي پنج لک پنجهتر هزرا چارسئو (575400) ماڻھو موت جو شڪار ٿيا. ھي بيماري چاليهن ڏينھن جي اندر اثر ڪري ٿي. ھي وبا (Flu) وانگر اثر ڪندي ھئي. ھي سڀ کان پھريان سور مان ٿي ۽ پوءِ انسانن ۾ نظر آئئ ھي بيماري 2009ع ۾ وبا جي شڪل ورتي ۽ سڄي دنيا جي مختلف علائقن ۾ ھلي.

(2009ع کان2010ع)
ھن وبا آمريڪا، برازيل، انڊيا، ميڪسيڪو، چائنا، ترڪي، ارجنٽينا، رشيا، انگلينڊ، اٽلي، ڪولمبيا، يوڪرين، جاپان، آسٽريليا، پولينڊ، سائيبيريا، گريس، ايران، ھنگري، سعودي اربيه، يوروگائي، رومانيا، زيچ، ريپڊي، اسرائيل، سائوٿ آفريڪا، ملائيشيا، بيلارس، سيريبيا، ھانگ ڪانگ، ڪوريا، موروڪو، نيڌرلينڊ، بوليويا، ويتنام، الجيريا، فنلينڊ، پارگئي، نيوزيلينڊ، تائيوان، سريلنڪا، اراق، آسٽريا ۽ بلگيريا ملڪ شامل ٿيا. سوائن فلو جي وبا 2009ع کان شروع ٿي ۽ دنيا کي پنھنجي وڪڙ ۾ ويڙھي ڇڏيو. سڄي دنيا ۾ 1.4 ملين ماڻھو موت جي ور چڙھي ويا. سڄي ڌرتيءَ جي گولي تي پنج لک پنجهتر هزرا چارسئو (575400) ماڻھو موت جو شڪار ٿيا. ھي بيماري چاليهن ڏينھن جي اندر اثر ڪري ٿي. ھي وبا (Flu) وانگر اثر ڪندي ھئي. ھي سڀ کان پھريان سور مان ٿي ۽ پوءِ انسانن ۾ نظر آئئ ھي بيماري 2009ع ۾ وبا جي شڪل ورتي ۽ سڄي دنيا جي مختلف علائقن ۾ ھلي.

WEST AFRICA EBOLA

اولھ آفريڪا ايبولا



(2014ع کان 2016ع)
ھي وبائي بيماري اولھ آفريڪا کان شروع ٿي جنهن ۾ ابتدائي طور اٺاويھ هزار ڇھ سئو ماڻھو متاثر ٿيا. يارهن هزار ٽي سئو پنجويھ ماڻهو مري ويا. ھن وبا ۾ پڻ تيزيءَ سان اضافو ٿيو. ليبريا، سيرياليون، نائجيريا، سينگال، سوئيڊن ۽ عوامي جمھوريه ڪانگو ۾1976ع رپورٽ ڪيون. ھي وبا گائينيا مان شروع ٿي پوءِ لبيريا، سيراليون، سنيگل، نائيجيريا، مالي، انگلينڊ، اٽلي، اسپين، آمريڪا به شامل ھئا.
SMALLPOX
ماتا



ھن بيماري ۾ متاثر ماڻھن جي مرڻ جو شرح 30% ھيو. جنھن مان صحتياب ٿيندڙ کي به نشان بيھي ويندا ھئا. ھن بيماري جي ويڪسين 1796ع ۾ E.Jennar ٺاھي. 1977ع ۾ ماتا جو آخري ڪيس سوماليا مان رپورٽ ٿيو. 1980ع تائين اھا بيماري ختم ٿي وئي. ماتا تيزيءَ سان ڦهلجڻ واري بيماري جيڪا viriola virus ذريعي ٿيندي ھئي. ارڙھين صدي جي ختم ٿيڻ وقت ھن وبا 4 لک ماڻھن کي موت جي گھاٽ اماڻيو. 20 صدي تائين ماتا 300 کان 500 ملين ماڻھو ماريا. 1950ع جي رپورٽ مطابق 50 ملين ماڻھن ۾ ماتا ظاھر ٿي. اوڻويهين ۽ ويهين صدي ۾ ڪامياب ٽڪن جي مھم کان پوءِ هي بيماري دنيا مان ختم تي وئي. 3 صدي کان ماتا جي شروعات ٿي. 6 صدي ۾ ماتا جاپان تائين ڦھلي. 7 صدي ۾ ماتا اتر آفريڪا، اسپين ۽ پرتگال ۾ ڦھلي. 11 صدي ۾ اھا يورپ ۾ ڦھلي. 15 صدي ۾ اولھ آفريڪا ۾ ڦھلي. 16 صدي ۾ آمريڪا، 17 صدي ۾ اترآمريڪا ۽ 18 صدي ۾ آسٽريليا ۾ ڦھلي.

MEASLES
ارڙي



ارڙي تيزيءَ سان ڦهلجڻ واري وبا آھي. آمريڪا جي رپورٽ مطابق 15 سال عمر جا 40 سيڪڙو ٻار ھن بيماري ۾ وڪوڙجي ويا آھن. ارڙي دنيا ۾200 ملين ٻارن کي ماريو آھي. سڄي دنيا مان 150 سالن جي اندر 40 ملين ٻارن مان 7 لک 77 ھزار ٻار مري چڪا آھن.
ھي بيماري (Measles Morbillivirus) جي ڪري ٿئي ٿي. جنھن جي نشانين ظاھر ٿيڻ جو وقت 7 کان 9 ڏينھن آھي. جنھن ۾ کنگھه، بخار، زڪام، نڪ وھڻ شامل آھن. ھنن نشانين جي ظاھر ٿيڻ جي 3 کان 5 ڏينھن کانپوءِ جسم تي ڳاڙھا داڻا نظر اچي ويندا آھن.

TUBURCLOSIS
ٽي بي

[url href=https://drive.google.com/file/d/1aDzlW1ZqRram9DtpepmetrsF_ev4Keuh/view?usp=sharing][/url]

14 مارچ 1882ع ۾ ڊاڪٽر رابرٽ ڪاڪس مائيڪوبيڪٽيريم ٽيوبرڪلوزز کي ڳوليو. ان وقت آمريڪا ۾ TB ھر ستن مان ٽن ماڻھن کي موت جو منھن ڏيکاريو. ھي (Airborne) ھوا جي ذريعي ڦھلجندڙ بيماري آھي. دنيا جي آباديءَ جو ھڪ ڪوارٽر حصو مائيڪو بيڪٽيريم ٽبر ڪلوزز ۾ مبتلا ٿي چڪو آهي. اوڻويهين صدي ۾ آبادي جو ھڪ حصو ٽي بي جي ڪري فوت ٿي ويو. ويهين صديءَ ۾ ٽي بي 10 ملين ماڻھو ماريا.

ZIKA VIRUS
ذيڪا وائرس



ذيڪا وائرس مڇر جي ايڊيزجينس جي ذريعي ڦھلجي ٿو. هيءَ وبا اولھ آمريڪا ۽ وچ آمريڪا مان ظاهر ٿي. هيءَ وبا جنسي لاڳاپن ذريعي به ڦھلجي ٿي. ھي وائرس وڏن تي نه پر 40 ڏينھن کان گھٽ ٻارن ۾ ساه کڻڻ ۾ مونجھه پيدا ڪري ٿي. ذيڪا وائرس سڀ کان پھريان آگنڊا ملڪ جي ڀولڙن ۾ 1947ع ۾ ٿيو. پوءِ 1952ع ۾ انسانن ۾ به لڌو. ھي بيماري ايڊيزجينس جي ڪري ٿئي ٿي. جيڪو ڏينھن جي وقت چڪ ھڻندو آھي. ھن بيماري ۾ مٿي جو سور، جوڙن جو سور، بخار، جسم تي داڻا، ٿيندا آھن. ھي وائرس 2 کان 7 ڏينھن تائين نشانيون ظاھر ڪندو آھي. ھن بيماري آفريڪا، آمريڪا، ايشيا ۽ پيسفڪ ۾ 1960ع کان 1980ع تائين وبا جي شڪل ورتي. 2007ع ۾ ھي وبا پيپ جي جزيري کان شروع ٿي. 2013ع ۾ اھا فرينچ بولينيا تائين ڦھلي. 2015ع ۾ اھا برازيل تائين ڦھلجي وئي. ذيڪا وائرس (Blood Transfusion) يا جسماني عضوي جي تبديلي سان به ڦھلجي سگھي ٿي.

LEPORSY
ڪوڙهه

[url href=https://drive.google.com/file/d/1t2_CLSX_dqWFAW7KO7kz9MR4NDZvE3VA/view?usp=sharing][/url]

ڪوڙھ جي بيماري 6 سئو قبل مسيح کان دنيا اندر سن 1000ع تائين ڦهليل هئي. تيرهين صدي ۾ ويسٽرن يورپ ۾19 ھزار ڪوڙھ جا ڪيس ھئا. 1985ع ۾ ڪوڙھ جي بيماري جو علاج شروع ڪيو ويو ۽ هن وقت تائين 15 ملين ماڻھو صحتياب ٿي چڪا آھن. ڊاڪٽر جرھرڊ ھفرڪ ناروي جو پھريون شخص ھو جنھن ھن بيماري جي جراثيم کي ڳوليو. 1940ع ۾ ڊاڪٽرن (Chanlmoogrant) جي تيل سان متاثرب جو شروع ڪيو. 1921ع ۾ (Public Health Service) ھڪ ادارو ٺاھيو. جتي ليپروسي تي ريسرچ ۽ علاج ڪيو ويندو ھو. 1941ع ۾ شلفون دوا ٺاھي وئي. 1950ع ۾ ڊينوز گوريون ٺاھيون ويون. 1970ع ۾ MDT (Multi Drugs Therapy) ٺاھيو ويو، جنھن کانپوءِ اڄ تائين اھو طريقو استعمال ڪيو ويندو آھي. ھي بيماري مائيڪوبيڪٽيريم ليپراءِ سان ٿيندي آھي. ھي بيماري ڪنھن اثرائتي ماڻھو سان لاڳاپي ۾ اچڻ سان ڦھلجي ٿي.


MALARIA
مليريا

مليريا جي ڦھلاءُ دنيا خاص ڪري آمريڪا جي ڪجھ حصن، ايشيا ۽ آفريڪا ۾ ھرسال 350 کان 500 ملين مليريا جا ڪيس ظاھر ٿين ٿا. ان کانسواءِ انفلوئنزا وائرس آمريڪا ۾ ڦھليو، جنھن جي ڪري 17 ھزار ماڻھو موت جو شڪار ٿيا. اهو وائرس پکين ذريعي ڦھليو. سفيلس يورپ کان دنيا ۾ داخل ٿيو 1602ع کان 1796ع تائين يورپ ۾ موت جو وڏو سبب ھو.
ٽائيفس جنھن کي ڪيمپ بخار ۽ گول بخار جيڪو جھازن ۽ جيلن ۾ ڦھليو ھو .
دنيا ۾ ميڊيسن رزسٽنس جي وبا ڦهليل آھي جو ھاڻي دوائون MDR (Multi Drug Resistance)۽XDR (Extensively drug- Resistance) ٿي ويون آھن.

COVID-19 ڪرونا



ڪرونا وئرس سڀ کان پھرين 1960ع ۾ ڦھليو. تنھن وقت ٽيڪنالاجي گھٽ ھجڻ ڪري ڪجهه سالن کانپوءِ انھي وائرس تي ليبارٽري ۾ تجربا ڪيا ويا. جنھن ۾ يونيورسٽي آف ٽيڪساس جي ھڪ ٻارن جي ماھر جيفري ٻڌايو ته ھن ٻن قسمن جي ڪرونا وائرس کي ڏٺو ۽ تجربو ڪيو (او سي فور ٿري OC43) ۽ (ٽو ٽو نائين اي 229E) ۽ 2003ع ۾ SARS ( Severe Acute Respiratory Syndrome) ، COV جي وبا جيڪو وائرس ڪري رھيو ھو، اھو 229E ۽ OC43 وانگر ھو. ھن وبا متاثر ماڻھن ۾ ڏھه فيصد ماڻھو موت جو شڪار ٿيا. يونائيٽيد ڪنگڊم جي نيشنل ھيلٿ سروس جي مطابق اھو وائرس چمڙن مان انسانن ۾ منتقل ٿيو. 2004ع ۾ نيڌرلينڊ مان رپورٽ ڏني وئي. ھڪ ٻار کي نمونيه آھي ۽ انھي جي جسم ۾ 229E ۽ OC43 نما ھڪ وائرس آھي. جنھن کي پوءِ NL63 جو نالو ڏنو ويو. متاثر کي ذڪام جون نشانيون ھيون. NL63 جي ڳولا کان پوءِ ھانگ ڪانگ مان ھڪ ٻيو ذڪام ڪندڙ ڪرونا وائرس مليو. جنھن کي HKU1 جو نالو ڏنو ويو ۽ انھي وائرس کي آسٽريليا، آفريڪا ۽ فرانس ۾ ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. 2004ع واري ڪرونا جي وبا کانپوءِ 2012ع تائين ڪو به ڪيس نه مليو. 2012ع ۾ سعودي اربيه ۾ ھڪ ڪيس مليو، جنھن کانپوءِ اتي 2500 ڪيس مليا، جنھن ۾ 35 فيصد ماڻھو مُئا. 2003ع ۾ اٽلي جي فزيشن ڪارلو ارباني سارس کي ھڪ نئين خطرناڪ وچڙندڙ بيماري طور تشخيص ڪيو. بعد ۾ھو ھن بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي فوت ٿي ويو.

ڪرونا 19


ڪرونا 19 جي شروعات چين جي ووھان شھر ۽ حبائي صوبي کان ٿي. ڊسمبر 2019ع جي آخر ۾ ھڪ جھڳٽي (ڪلسٽر) مان ARI جا ڪيس رپورٽ ٿيڻ شروع ٿيا. جنھنجي ڪووڊ ۱۹ نالي طور سامھون آئي. جو ڏسندي ڏسندي چين، ويسٽرن يورپ، ايران، آمريڪا کان ٿيندو، دنيا جي 218 ملڪن ۾ تيزي سان ڦھلجي ويو.
صحت جي عالمي اداري 11مارچ 2020ع تي عالمي وبا طور اعلان ڪيو. 19 مارچ تائين 1990811 ڪرونا 19 جا ڪيس ٿي چڪا ھئا. جن مان 320189 ماڻھو موت جو شڪار ٿي چڪا ھئا. جڏھن مان ڪتاب پريس ۾ ڇپائي لاءِ موڪلي رھيو آھيان ته دنيا اندر 4799061 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن ۽ انھن مان 568053 موت جو شڪار ٿيا آهن ۽ 7496724 مڪمل صحتياب ٿي ويا آھن. اڄ جڏهن هي آئون سٽون لکي رهيو آهيان تاريخ 9 آگسٽ 2020ع ته دنيا اندر ٽوٽل ڪيس 19817575 ٿيا جڏهن ته صحتياب 12729896 ٿيا، ۽ 729748 ماڻهو لاڏاڻو ڪري چڪا آهن.
ڪرونا 19 وائرس جي وڏي فيملي آھي ،عام طور تيSARS-COV ۽ SARS-COV 2 ڪرونا 19 جا وڏا سبب آھن، ڪرونا جا ڪجھ وائرس جانورن مان انسان ڏانھن منتقل ٿيندا آھن. سارس ڪوو به ٻلين ذريعي منتقل ٿيو آھي. مارس ڪوو، اٺن مان انسان ڏانھن منتقل ٿيو آهي.
ھن بيماريءَ جون نشانيون، زڪام، کنگھ، ساهه ۾سوڙھ ۽ ساھ کڻڻ جي تڪليف بعد ۾ نمونيا، ساھ جي شديد بيماري (Sever Respiratory Syndrom)، گردا فيل ۽ موت واقع ٿيڻ آھي.
ھن بيماريءَ کان بچڻ لاءِ چند ھدايتن تي عمل ڪرڻ ضروري آھي. جن مان مکيه هي آهن.
مسلسل ھٿ ڌوئجن؛
ڇڪ يا کنگهه ٿئي ته منھن ٻانھن ڏانھن ڪجي؛
منھن ماسڪ (ٻوٿاڙو) سان ڍڪجي؛
انھن ماڻھن سان ملڻ ڇڏي ڏجي جنهن کي کنگھ يا ساھ جي بيماري ھجي؛
ھڪٻئي جي وچ ۾ ڇھ فٽ وٿي ھجڻ گھرجي.
ڏسندي ڏسندي جيڪا وبا ووھان جي شھر کان شروع ٿي، دنيا جي 218 ملڪن ۾ وائرس پھچي ويو. کلندي کلندي روشنين، رنگن سان ڀرپور، چمڪندڙ، صاف سٿرا خوبصورت شھر ويران ۽ خاموش ٿي ويا. ائين ٿو لڳي ڄڻ ڪو واسينگ نانگ سماج کي ڪکي ويو آهي يا وري ڪو ديو يا راڪاس گھمي ويو آهي.
ماڻھو خوف وچان غارن ۾ لڪي ويا آھن. عمارتون ته موجود آھن پر عمارتن ۾ رھڻ واراخوف ۾ وٺجي ڪُنڊن ۾ لڪي ويھي رھيا آھن. گھٽين، شھرن، واھڻن وستين، اوطاقن ، اوتارن، خانقاهن، اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين، بازارن، محفلن، مدرسن، مسجدن، امام بارگاھن، ھوٽلن، ڪلبن، ڊسڪو ڊانسنگ جي ھجومن، راندين جي ميدانن، ائيرپورٽن، بسن، ريل گاڏين وغيره ۽ دنيا جي هر هڪ جاءِ تان زندگيءَ جي رونقن جو پکي اڏامي ويو آهي.
اظھار جا سڀ ھنڌ بند گلي جيان وائڙا ۽ نراس آھن. ٽڙندڙ گلن تي ۽ مکڙين مٿان شبنم به اڏامي وئي آهي. پيار جون رس ڀريون چميون به فلائينگ ڪس ٿيڻ لڳيون آھن. ڪوبه ڪنھن جو نه رھيو آھي. ماڻھو، ماڻھوءَ کان لڪي پيو. ھڪڙو ننڍڙو جيو، آدم بوءِ، آدم بوءِ! ڪندو پيو گھمي. ان هڪڙي نه ڏسڻ ۾ ايندڙ جيوڙي اڳيان عالمي طاقتون بيوس ۽ لاچار آھن. دنيا جا ميزائيل، ائٽم بم، ڪروز ميزائيل، جنگي ٻيڙا ۽ جديد ھٿيارن سان ليس فوجون به ڪجهه نه پيون ڪري سگھن.



7 مارچ 2020ع کان مالڪ سائينءَ جي گھر خانه ڪعبه جو امام به اڪيلو روئي رڙي رھيو آھي، ۽ عمري جي سعادت پڻ روڪي وئي آھي. ۽ نبي آقا حضرت محمدصه جي روضي جي زيارت پڻ بند آھي، نه ڄاڻان خبر نه آھي ته ھن سال محدود ماڻھن کي حج جي سعادت نصيب ٿي.
الله سائين جي ناراضگي پنھنجي ڪمزور بندن تان ڪڏھن ختم ٿيندي.



پوپ پڻ اڪيلو خطاب ڪري رهيو آهي. ڪليسائن ۽ مندرن جا گھنڊ وڄائيدڙ ڀڄي ويا آھن. ائين ٿو لڳي ته دنيا جو گولو سڪتي ۾ اچي ويو آهي ۽ سڄي دنيا جي سونھن ۽ سوڀيا کي نظر لڳي وئي آهي.
اھڙي وبا جي باري ۾ هڪ سئو سال پھريائين ڪنهن ڏاهي ھن طرح لکيو آهي، “جڏھن ٻه عدد برابر ٿي ويندا، ان زماني ۾ بيماري ڦهلجي ويندي، حج ڪرڻ رڪجي ويندو، ھنگامو ٿي ويندو، تڏيون ماري ڇڏينديون، روم جو بادشاھ مري ويندو، ڀاءُ ڀاءُ کان ڊڄي ويندو، بازارن ۾ ٻاڙائي ھوندي، گناھ گھڻا ٿي ويندا، بنياد کوکلا ٿي ويندا، خوف مارچ جي مھيني ۾ عروج تي ھوندو، ٽيون حصو ماڻھو مري ويندا ۽ ننڍڙا ٻارذھني طور جوان ٿي ويندا!”.


1981ع ۾ لکيل ناول The Eyes of the Darkness ۾ ڊين ڪونٽس، ووھان اندر بايولاجيڪل ھٿيارن کي استعمال ٿيندي ڏيکاريو آھي. جنھن ۾ ووھان 400 وائرس کي هڪ حياتياتي ھٿيار طور ڏيکاريو ويو آھي.
چين، آمريڪا مٿان الزام به لڳايو ھو ته آمريڪا، بايو لاجيڪل ھٿيار ذريعي ڪرونا 19 جو حملو ڪيو آھي. جنھن جي لاءِ چين وڊيو جاري ڪئي ھئي. پر ان جي آمريڪا ترديد ڪئي هئي.
آمريڪا پھريائين ڪرونا کي اھم نه سمجھيو، پر جڏھن آمريڪا اندر ھزارن جي تعداد ۾ ائين ماڻھو مرڻ شروع ٿيا، جو وڏو سپر پاور بي يارو مددگار ٿي پيو ته هن سپر پاور دنيا ڏانھن مدد جو ھٿ ڦھلايو.







مسلمانن جو سخت مخالف آمريڪا جو صدر ڊونلڊ ٽرمپ اجلاسن ۾ قرآن شريف جي تلاوت ڪرائڻ لڳو. نبي ڪريم حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي حديث جا وڏا بورڊ جوڙائي چوراھن تي لڳرائي ڇڏيائين. سڀ کان وڏي ڳالھ ته موھن جي دڙي جي ڪک مان جنم وٺندڙ سنڌي ثقافت وارو قرب ڀريو ٻانھن ٻڌڻ وارو سلام دنيا اندر مشھور ٿيو, جو آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کان وٺي برطانيا جي شهزاديءَ تائين ۽ ٻين عالمي آڳواڻن عملي مظاهرو ڪيو.
آمريڪا صحت جي عالمي اداري کي خط لکي 2021ع تائين جدا ٿيڻ جو اعلان ڪيو آھي، ۽ پنھنجي الڳ اداري ٺاھڻ جو اعلان ڪيو آھي.
چين ۽ دنيا اندر ڪيترائي ماڻھو مسلمان ٿي، آذانون چوڻ لڳا. چين اندر قرآن مجيد جا نسخا ورھايا ويا.
ھن وبا جي باري ۾ ھڪ ٻئي ڪتاب ۾ ھن طرح لکيو ويو آهي ته "2020ع جي اندر ھڪ نمونيا جھڙي بيماري ايندي، جيڪا سڄي دنيا ۾ ڦھلجي ويندي. اها بيماري ساھ واري نظام کي سخت متاثر ڪري نقصان پهچائيندي، جنھن جو ڪوبه علاج نه ھوندو. ھيءَ بيماري ڪنھن جي سمجھ به نه ايندي ۽ اچانڪ ختم ٿي ويندي“.
دنيا اندر سڀ کان وڌيڪ جيڪي ملڪ متاثر ٿيا ان ۾ چين، اٽلي، آمريڪا ۽ ايران، جتي ڪرونا 19 جي ڪري انسانن جي لاشن جون سٿيون سٿجي ويون. لاش ايترا گھڻا ٿي ويا جو کين اجتماعي قبرن ۾ دفن ڪيو ويو يا کين Incinator ۾ ساڙيو ويو.




دنيا جي اھم عھدن تي فائز ماڻهو ۽ سياستدان جيڪي ڪرونا 19 ۾ مبتلا ٿيا يا موت جو شڪار ٿيا انھن جو وچوڙ ڪجھ ھن طرح آھي.
ڪواڪو ايگ منگ مانو ھيلٿ منسٽر گھانا جي ڪرونا وائرس ٽيسٽ مثبت آئي.
رئيڪ مارچر ڏکڻ سوڊان جو وائيس پريزيڊنٽ ۽ ان جي ذال انجلينا ٽيني ڊفينس منسٽر جي ڪرونا ٽيسٽ مثبت آئي.
فيروز دين فيروز افغانستان جي ھيلٿ منسٽر جي ڪرونا ٽيسٽ آئي. جيڪو ٻن ھفتن کانپوءِ صحتياب ٿي ويو.
برطانيه جي پرنس چارلس ۽ وزيراعظم بورس جانسن جي ٽيسٽ مثبت آئي.
اسپين جي ڊپٽي وزيراعظم ڪارمين ڪالوو جو ٽيسٽ مثبت آيو، ۽ وزيراعظم جي گھر واري پيڊرو سينچز جي رپورٽ مثبت آئي.
ڪوزو تاشما جاپان جي فٽ بال ايسوسيئيشن ھيڊ جو ڪرونا ٽيسٽ مثبت آيو.
آمريڪا جي شھر ميامي جي ميئر فرانسز سيورز جي ڪرونا ٽيسٽ مثبت آئي، ھيليني وينسٽين ۽ چارلس برون، نيويارڪ جو گورنر ايڊريو ڪيومو، سينيٽر رينڊپال، ماريو ڊياز بلارٽ ۽ اٽاھه بن ميڪ ايڊمس جون رپورٽون به مثبت آيون.
برطانيه جي ھيلٿ منسٽر ناڊائين ڊوريز جي ٽيسٽ مثبت آئي.
آسٽريليا جي گھرو کاتي جو وزير پيٽر ڊيوٽن ڪرونا ۾ مبتلا ٿيو، جيڪو واشنگٽن ۾ اٽارني جنرل وليم ببئر، ٽرمپ جي ڌيءَ ۽ وائيٽ ھائوس جي ٻين لاڳاپيل عملدارن سان مليو ھو.
سينيٽر سيوستان مي ڊونالڊ لبرل پارٽي جو ھن وبا ۾ مبتلا ٿيو
انڊدويو برگ لبرل پارٽي جي اڳواڻ جي ڪرونا ٽيسٽ مثبت آئي، ۽ ان کانسواءِ ريڪس پيٽرڪ سياستدان ڪرونا جي وڪڙ ۾اچي ويو.
برازيل جي صدر جيئربولسونارو جو پريس سيڪريٽري ڪرونا 19 جي رپورٽ ۾ مثبت آيو.
برازيل جي قومي سيڪريٽري جي صلاحڪار آگسٽو ھيلينو ڪرونا 19 جي ٽيسٽ ۾ مثبت آيو.
ان کانسواءِ برازيل جي انرجي ۽ معدنيات جي وزير بينٽو البو ڪورينٽو ۾ پڻ ڪرونا تصديق ٿي.
برڪنينا ڦيسو جا چار وزير عمرئو اڊيني، سٽينلس اورو، سائيمن سواڊوگو ۽ الفا بيري ڪرونا 19 جي ٽيسٽ ۾ رپورٽ ٿيا.
ھن ملڪ جي نائب صدر،قومي اسيمبليءَ روزماري ڪمپوري ڪرونا سبب مري وئي.
ڪيناڊا جي وزيراعظم جي زال سوپيلي ٽريڊيو ڪرونا 19 ۾ مبتلا ٿي.
اٽليءَ جي ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي مرڪزي عهديدار نڪولازنگارٽي تائين ڪرونا پھچي ويو، ۽ ٻيو ليڊر رابرٽ سيسيلا به ڪرونا ۾ مبتلا ٿيو.
پراڻن ڊاڪٽرن جو صدر روبرتو اسٽيلا ھن وبا وگھي مري ويو.
اٽليءَ جي سننس ميونسپلٽي جو مئير جيئوروگو ولوٽو ڪرونا سبب حياتي وڃائي ويٺو.
موناڪو جي پرنس البرٽ ٻڌايو ته مونا اريچ ڪرونا 19 جي ٽيسٽ ۾ مثبت آيو آهي.
نائيجيريا جي صدر محمدو بخاري جي چيف آف اسٽاف ابا قاري ڪرونا 19 جي ڪري فوت ٿيو. ان کانسواءِ بلا محمد بخاري اسٽيٽ جي کي پڻ ڪرونا جي تصديق ٿي ھئي.
ناروي جي وزير مزدور ۽ سماجي ٽربجورن روئياساڪسن ڪرونا جي ٽيسٽ ۾ مثبت آيو هو.
ايران ڪرونا 19 جي جي حوالي سان سخت متاثر ٿيو، جنھن ۾ سياسي ۽ مذهبي اڳواڻ سرفهرست ھئا. ايران جي پارليامينٽ جي 24 ميمبرن ۾ ڪرونا 19 وائرس جي تصديق ٿي ان مان محمد علي رمضاني ۽ فتيح رھبر موت جو شڪار ٿيا. اراج ھراريچي صحت جو ڊپٽي وزير، مئسومي ابتڪار نائب صدر عورتن ۽ ڪٽنب جي افئير، علي اڪبر ولاعتي خارجا پاليسي جو صلاحڪار، مجتبي رحمان زادھ ميجر، محمود سديگھي، مثنود رضا، ڪم ھي ميڊيڪل ايمرجنسي جو ھيڊ، پرگوسينڪوليوند ڊائريڪٽر ايمرجنسي ميڊيڪل سروسز، اسحاق جھنگيري، پھريون نائب صدر، اسماعيل نجرر، ڪرائيسس منيجمينٽ جو آرگنائيزر، مصطفيٰ پورو محمدي وزير جسٽس منسٽر ۽ انفيرر، رضا رحماني، انڊسٽري ۽ بزنس ھو وزير علي اصغر مونسان وزير ثقافت، ھٿرادو ھنر، ۽ سياحت، رضاصلاھي آمري صدر اولمپڪ ڪاميٽي، مجتبيٰ زنور چيرمين نيشنل سيڪيورٽي ۽ فارين پاليسي، مئسوميا گھاپور پارليامينٽ جو ۽ زورالاھان ميمبر پارليامينٽ کي ڪرونا 19 وائرس جي تصديق ٿي.
آئرلينڊ جي آئرش پارٽي جي ميري ليوڊونالئڊ کي ڪرونا 19 جي تصديق ٿي.
اسرائيل جي صحت جي وزير ياڪو لٽزيمين کي ڪووڊ-19 مثبت ٿي.
يورپين يونين جو چيف نگوٽيٽر سائيڪل برئر ڪرونا ۾ مثبت ٿيو.
فرانس جي ثقافت جو وزير ڪرونا ۾ مبتلا ٿيو،
سوماليا جو سابق وزيراعظم يورپ ۾ڪرونا وگھي فوت ٿي ويو.
جرمني ۾ اسرائيل جو سفارتڪار جرمي اساچوراف ڪرونا 19 جي رپورٽ مطابق مثبت آيو، ۽ ڪرسچن ڊيموڪريٽڪ يونين پارٽي جو سربراھه فرينڊرچ مرز جو ٽيسٽ مثبت آيو.
پاڪستان ۾ اسد قيصر قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي سڄي فيملي کي ڪرونا 19 جي تصديق ٿي.
فيصل ايدھي (پاڪستان جي سڀ کان وڏي بيت المال جي ھيڊ) جو ڪرونا ٽيسٽ مثبت آيو.
گورنر سنڌ اسماعيل کي ڪرونا 19 جي رپورٽ مطابق مثبت آئي.
ريلوي جو وزير شيخ رشيد جي ڪرونا جي ٽيسٽ مثبت آئي.
وفاقي وزير شاھ محمود قريشي جي ڪرونا جي ٽيسٽ مثبت آئي.
ان کانسواءِ، سنڌ جي پھرين صف ۾ ڪم ڪندڙ وزير تعليم سعيد غني خاصخيلي جي ڪرونا 19 جي رپورٽ مثبت آئي، ان کانسواءِ ٻه سابق ايم پي. اي ميان جمشيد دين ڪاڪا خيل، ۽ شوڪت منظور چيمه ڪرونا 19 جي ڪري موت جو شڪار ٿيا آهن.
سنڌ ڪابينا جي غلام مرتضيٰ بلوچ ڪرونا سبب حياتي وڃائي ويٺو.

ڪووڊ 19 جا دنيا جي معيشت تي اثر

ڪرونا وائرس جي نتيجي ۾ بين الاقوامي معيشت تي تمام گھڻو اثر پيو. آمريڪا ۾ 10% کان وڌيڪ ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻھو بيروزگار ٿي ويا. وڏين ڪمپنين جيئن نائيڪي وئوجونز ۽ ايف ٽي ايس ٽي سڀ کان وڌيڪ نقصان کاڌو. ڪروڊ آئل جي قيمت ڪري پئي. پاڪستان جي تعليم جو نظام تمام گھڻو اثرانداز ٿيو آھي. يونيورسٽي، ڪاليج ۽ اسڪول بند ٿيڻ کانپوءِ ڪافي شاگرد تعليم کان محروم آھن. تعليم سان گڏ سياست، معيشت، صحت، رانديون، مذھب ۽ بيروزگاري جا مسئله پيش آيا آھن.دنيا ۾ آيل بحران جنھن ۾ فلو (1968ع)، سارس، (2003ع)، مارس(2012ع)، ايبولا (2014ع) ۽ ذيڪا ( 2016ع) جي آيل عالمي وبائن جي ڪري به دنيا ۾ معيشت تي بين الاقوامي طور وڏا اثر ظاھر ٿيا ھئا. انھن سڀني عالمي وبائن کان وڌيڪ ڪرونا 19 تمام وڏا ڪلور ڪيا آھن. ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشين جي رپورٽ مطابق معاشي بحران جي ڊي پي 2.5 سيڪڙو تائين گھٽجي وئي آھي، جن ۾غربت جي ھيٺان 8 سيڪڙو. مان گھٽجي%1.5 تي گھٽي آھي. ٽن مھينن جي موجوده COVID 19 جي صورتحال % 3 کان گھٽجي % 27 تائين ڪري پئي آھي. 520 ملين ماڻھو ھيٺين سطح تي پھتا آھن.
خاص ڪري درآمد جي لحاظ کان ايشيا ۽ اتر آمريڪا وڌيڪ متاثر ٿيا آهن. ڏهاڙيدار مزدورن جي بيروزگاريءَ جي شرح خاص ڪري يورپ، آمريڪا ۽ وچ ايشيا اندر ٻن ھفتن ۾ 68 کان 81 سيڪڙو تائين پھتي. گذريل ٻن ھفتن ۾%118 کان %124 تائين پھتي آھي.
ڪاروباري شعبو بري طرح سان متاثر ٿيو آهي جنهن ۾48 ملڪ، 30 مٿين سطح وارا پيداوار ڏيندڙ ملڪ، وچين سطح وارا پيداوار ڏيڻ وارا 15 ملڪ ۽ ھيٺن سطح وارا پيدار ڏيندڙ ملڪ بري طرح سان متاثر ٿيا آھن. تازو آمريڪا ۾ شروع ٿيل ڦرلٽ ۽ وائٽ هائوس جي اڳيان لکن جي تعداد ۾ ڌرڻا ان جو تازو مثال آهي.
چمڙي ۽ پوشاڪ جي مصنوعات ۽ موٽر گاڏين واري صنعت هيٺ ويهي وئي آهي، پر ان جي برعڪس کاڌي، دوائن ۽ سگريٽن واري انڊسٽري وڌيڪ اپت حاصل ڪئي آهي. صرف آمريڪا اندر ڇھن ھفتن ۾ 30 ملين ماڻھو بيروزگار ٿيا آھن.
لاڪ ڊائون دوران بين الاقوامي منڊيءَ ۾ تيل جي قيمتن 150 ڊالر في بيرل مان گھٽجي، 25 ڊالر في بيرل تائين پھتي آھي. پھريون دفعو آمريڪا جي في بيرل منفي حد تائين قيمتون گهٽ ٿيون آھن. ڪيترن ملڪن جي GDP(Gross Domestic Product) جو گراف منفي ٿي ويو آھي. جنھن ۾ ڪيناڊا، فرانس، جرمني، اٽلي، جاپان، يوڪي ۽ آمريڪا شامل آهن.
هڪ سئو ملڪن اندر سفري سھولتون مڪمل طور تي بند ڪيون ويون آهن. چين جيڪو دنيا ۾ پنھنجون مصنوعات برآمد ڪرڻ ۾ ٽيون نمبر امير ملڪ آھي، اھو به منفي گراف ۾اچي ويو آھي. صرف مارچ ۾ ڪارن جي وڪري جو واھپو گھٽجي منفي 48 سيڪڙو ٿي ويو آهي.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ھن جيو سان مقابلو ڪرڻ وارو، دنيا جو ڪو جديد ھٿيار ميزائيل، جنگي جھاز نه پر معاشري جا نازڪ ۽ نفيس ڊاڪٽر، نرسون ۽ ان سان لاڳاپيل عملو آھن. جن کي دنيا فرنٽ لائين ورڪرن جي رتبي سان سڏي ٿي، جو روزانو سرخ سلامن، عزتن ۽ خوبصورت خيالن سان نوازيو وڃي ٿو.
جڏھن چين جي ووهان شھر جي گھٽين ۾ لاشن جون قطارون ھيون، ۽ چيني حڪومت ڪرونا 19 متاثرين کي گولين سان اڏائڻ جو سوچي رھي ھئي، تڏھن چين جي ڊاڪٽرن سيني تي ھٿ ھڻي چيو “ ته اسان ان جيو سان مقابلو ڪري رھنداسين“ ٿيو به ائين جو ٽن مھينن جي سچائي، بھادري ۽ محنتن سان چين جي ڊاڪٽرن ناممڪن کي ممڪن بڻائي ڏيکاريو. چين ، جيڪي واعدا ڪيا ته دنيا جا شاگرد تعليم خاطر آيا آهن انھن جو ھر ممڪن بچاءُ ڪنداسين. ڊاڪٽرن جي محنتن رنگ لاتو، جوچين جي ڊاڪٽرن ۽ نرسن کي سلاميون، ڀيٽائون ڏيڻ جي لاءِ وڏيون تصويرون لڳائي، سندن مڃتا ڪئي وئي.
اھڙي طرح دنيا اندر فرنٽ لائين ورڪرن کي عزت ۽ مان بخشيو پيو وڃي. حيرت جھڙي ڳالھ اھا آھي ته آئرلينڊ جو وزيراعظم لوئي وراڪر ڊاڪٽرن جي کوٽ محسوس ڪندي، وزيراعظم جو عھدو ڇڏي ڊاڪٽرن جي ٽيمن ۾ شامل ٿي ويو. نيويارڪ سٽي جي ميئر ڊاڪٽرن جي کوٽ جو اعلان ڪيو ته 30 ھزار رٽائرڊ ڊاڪٽر ۽ نرسون ميدان ۾ پھچي ويا. باوجود ان جي ته وڏي عمر ھئڻ ڪري وائرس ۾ مبتلا ٿيڻ جو خطرو موجود ھو. پوءِ ٿيو به ائين جو وڏي عمر جي ڊاڪٽرن کي اسپتالن ۽ ايمرجنسي ۾ جلد وائرس وڪوڙي ويو ۽ ھو موت جي گھري ننڊ ۾ سمھي پيا. اھڙي قسم جي ھڪ وڊيو به وائرل ٿي ھئي جنھن ۾ان اسپتال ۾ وڏي عمر جي ڊاڪٽرياڻي کي ويل چيئر تي ڏيکاري ويو ھو .سندس اھا خواھش ھئي ته منھنجي ڪوششن ۽ ڪاوشن سبب جي مريض صحتياب ٿي ويا آھن انھن سان ملايو ۽ جڏھن ھو انھن مريضن سامھون ويل چيئر تي گذري رھي ھئي. سمورا مريض سندس لاءِ تاڙيون وڄائي رھيا ھئا. ان منظر ۾ ڊاڪٽرياڻي جي زندگيءَ جي جيڪا آخري خوشيءَ واري مرڪ ھئي، اھا محسوس ڪرڻ جھڙي ھئي.......!!
دل ڏاريندڙ ڳالهه جيڪا ان ايمرجنسي ۾ سامھون ھئي ته سون جي تعداد ۾ ماڻهو انھن اڳيان مري ۽ تڙپي رھيا ھئا. سندن جان به جوکم ۾ ھئي. اھا حالت جُڙي جو اھا خبر نه پئي پوي ته آخري ساه جي تند، ڪڏھن ٿي ساٿ ڇڏي......!!؟
جڏھن ھي سٽون لکي رھيو آھيان ته دنيا اندر تاريخ .... تائين ڊاڪٽر.....،نرسون....عملو ... ھن وائرس ۾ مبتلا ٿي چڪو آهي. انھن مان ڊاڪٽر. .. نرسون.... عملو ...... موت جي گھري ننڊ ۾ سمھي رھيا آھن.
اھڙن سچن ۽ بھادر ڊاڪٽر ۽ ڊاڪٽرياڻين جي ڪھاڻين جيءُ جھوري وڌو آهي. جو سندن اين 95 ماسڪ پائي، خوبصورت چھرن تي ڪارا داغ چٽجي ويا آھن. رت جون سيڙھون ڪندي نظر اچن ٿيون ۽ گرم موسم ۾ ٽائيوڪ سوٽ پائي جيڪي ڊاڪٽر ۽ نرسون ڊيوٽيون ڪن ٿيون سندن پگھر پاڻيءَ جيان ٽمي پوي ٿو...... !!
اھڙيون سچيون ، درد ۽ خوف ڀريون ڪھاڻيون ڏسي اکين مان ڳوڙها ڳڙيو پون ٿا. اھڙين سورن ڀرين ڪھاڻين پٺيان ،سچائي ۽ بھادريءَ جا وڏا داستان آهن.
اھڙي ھڪ درد ڀري ڪھاڻي ھڪ نرس جي آھي، جيڪا پنھنجي معصوم ڌيءَ کي ٿڃ به نه پئي ڏئي سگھي صرف شيشي جي ٻاھران ننڍڙي جي خيريت معلوم ڪري پئي. هڪ ٻيو ڊاڪٽر ڊيوٽي ڪري پنھنجي گھر کان ٻاهر فوٽ پاٿ تي ويھي چانھ پيئندي نظر اچي رھيو آھي، عجيب حسرتن سان ڏسي سوچي رھيو آھي ته اڄ منھنجو پنھنجو گھر به اوپرو ۽ اجنبي آھي جو منھنجي ڪري گھر جي ڀاتين کي ڪرونا 19 وائرس نه وڪوڙي وڃي.......!!
جتي دنيا جي عظيم انقلابين پنھنجي ريٽي رت سان تاريخ جوڙي آھي، اھڙي نموني فرنٽ لائين ورڪرن پنھنجن عظيم جذبن سان ھڪ وڏي تاريخ رقم ڪئي آهي. اھڙو ھڪ ڪردار ڊاڪٽر دولت جمالي پڻ آھي جنھن ڪرونا 19 جي خلاف جنگ وڙھندي 3 مھينن کان ڏينھن رات ھڪ ڪري پنھنجي گھر کان به لاتعلق ٿي، اڳين مورچي تي وڙھي رھيو آهي.
ڪرونا 19، دنيا جي نقشي تي جيڪي ڪلور چٽيا آھن انھن ۾ غربت وڏو سانحو ٿي اڀريو آھي جو 40کان 60 ملين ماڻھو غربت جي ھيٺين لڪير تي پھچي ويا آھن . غير اعتمادي ۽ ان کان وڏو چيلينج گلوب (دنيا) اڳيان اھو آيو ته ھاڻي توازن ڪيئن برقرار رکجي.
فلورش چارٽ مطابق 632 ملين کان 665 ملين ماڻھو غربت جي ھيٺن لڪير تي پھتا آھن. ڪووڊ 19 ڪري 49 ملين ماڻھو اڃا وڌيڪ غربت جي ھيٺين سطح تي ڌڪجي ويا آھن. سڀني کان وڌيڪ صحارا آ فريڪا جا 230 ملين ماڻھو ڌڪجي ويندا ۽ ان سان ڏکڻ ايشيا جا 16 ملين ماڻھو پڻ غربت جي ھيٺين سطح تي پھتا آھن. ڀارت ۾ 12 ملين، نائيجيريا 5 ملين ۽ عوامي جمھوريا ڪانگو ۾ 2 ملين ماڻھو غربت ڏانھن ڌڪجي ويندا.
ڪرونا 19 وائرس، جنهن دنيا کي تيزيءَ سان وڪوڙيو آھي. جو وڏو خوف ۽ پريشانين وڏي آباديءَ کي جھوري وڌو آهي خاص ڪري، وڏين عمر وارا اھي ماڻهو، جيڪي صحت جون سھولتون ڏيندڙ ۽ اھي ماڻھو جن جي صحت اڳئي سٺي نه آھي .
جنھن جي ڪري نفسياتي طور ذھني دٻاءُ ۽ فڪر وڌي ويو آھي. اھي ماڻھو جيڪي تنھائي ۾ ڪرونا جي ڪري قرينطينه جي سينٽرن ۾ رکيا ويا آھن ، ذھني دٻاءُ ۾اچي گھڻو شراب پيڻ، آرام جون دوائون استعمال ڪرڻ ۽ پنھنجي پاڻ کي نقصان ڏيڻ، خودڪشيون ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رھيا آھن جو دنيا اندر... ماڻهو خودڪشيون ڪري چڪا آهن.
سڄي دنيا اندر ڪووڊ-19 جي ڪري، تعليمي نظام بري طرح متاثر ٿيو آھي. اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون بند آھن. جنھن جي ڪري تقريباً 1725 ملين سکيا وٺندڙ ٻار متاثر ٿيا آهن. يونيسيف مطابق دنيا جي 153 ملڪن مڪمل طور تي اسڪول بند ڪيا آھن. ان جي ڪري دنيا جي% 98.6 شاگردن جي تعليم متاثر ٿي آهي. ان جي ڪري دنيا جي اڪثر ٻارن جا امتحان ملتوي ڪيا ويا آهن. ان کانسواءِ پرائيويٽ اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون بند ڪرڻ سبب انھن ادارن ۾ ڪم ڪندڙ استاد ۽ ٻيو عملو بيروزگار ٿي ويو آھي. انھن مان ڪيترن جي PHD ڊگري ٿيل آھي. ان جي باوجود ڪجھه به نه ڪري پيا سگھن. جنھن جي ڪري بيروزگاري کان تنگ ٿي ڀاڄيون ۽ ميوا کپائي رھيا آھن.
اسڪولن جي بند هئڻ جا اثر نه صرف شاگردن، استادن ۽ گھرن تي پيا آهن پر ان جا گھرا اثر سماجي ۽ اقتصادي پڻ ٿيا آھن. وڏو نقصان اھو به ٿيو آھي ته تعليم جي وچ ۾ وقفو اچي ويو آهي جو ٻارن جي کاڌ خوراڪ ۽ انھن کي سنڀالڻ جا پڻ وڏا مسئلا سامھون آيا آهن.
جڏھن کان ڪووڊ-19 جي وبا دنيا ۾ ديرو ڄمايو آھي، صحت جون سهولتون پڻ اڻلڀ ٿي پيون آهن. جنيوا جي بچاءَ ۽ علاج واري اداري مطابق اڻ وچڙندڙ بيمارين تي نه وسرڻ وارا برا اثر ٿيا آهن. مئي 2020ع جي ٽن ھفتن جي سروي مطابق 155 ملڪن ۾ ان بيمارين تي وڏا اثر ٿيا آهن. خاص ڪري گھٽ آمدني وارا ملڪ وڌيڪ متاثر ٿيا آهن.
صورتحال نھايت ڳڻتيءَ جوڳي آهي جو ھڪ طرف اڻ وچڙندڙ بيمارين جي ڪري ماڻهو وڏي خطري ۾ آهن ته ٻئي طرف ڪرونا 19 جي ڪري بيماري ڦهلجڻ جو خدشو ۽ موت آھن.......!!!؟
صحت جي عالمي اداري جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر ٽيڊروس مطابق “جڏھن کان ڪووڊ-19 شروع ٿي آھي ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ماڻھن کي خبر آهي ته ڪينسر، دل جون بيماريون ۽ شگر جي بيماريءَ وارن بيمارن کي علاج جي ضرورت آھي ان جي لاءِ ملڪ ڪو اھڙو ايجادي طريقو اختيار ڪن ته جيئن انهن جو علاج جاري رھي سگھي. باوجود ان جي ته ڪرونا 19 سان ويڙھ جاري ھجي.
دنيا اندر صحت جي سھولتن جي فراهمي ۾ رڪاوٽون ٿيون آھن. سروي مطابق %53 ملڪن ۾ بلڊپريشر، %49 شگر, %42 ڪينسر ۽ %31 دل جي بيماري جي علاج ۾ رڪاوٽون پيون آھن.
دنيا اندر %94 ملڪ جي صحت جو عملو مڪمل طور يا ڪجھ گھٽ ڪووڊ-19 جي مريضن جي علاج ۾ رڌل آھي. اھو ئي سبب آھي ته ھڪ طرف نه وچڙندڙ بيمارين جي موت ۾ شرح وڌي رھي آهي ته ٻئي طرف ڪرونا-19 سبب موتن ماڻھن جو ساھ مٺ ۾ ڪري ڇڏيو آھي.



دنيا اندر، ھن وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ سخي مردن ۽ عورتن ٽجوڙين جا تالا کولي ڇڏيا آھن. سڀ کان وڏي سخاوت جيڪ ڊورسي ڪئي جنھن 1 بلين ڊالر, ڪووڊ-19 خلاف جنگ جي گلوبل فنڊ ۾ ڏنا. بل گيٽس ۽ سندس گھرواريءَ ميلنڊيا طرفان 2.35 ملين ڊالر گلوبل فنڊ ۾ جمع ڪرايا ويا. اعظم پريم جي 1.32 ملين ڊالر، بلين آري 1.30 ملين، امانزيئو 68 ملين ڊالر، جيفريا سڪال 1 سئو ملين ڊالر، ايڊيريو فارسٽ 1 سئو ملين ڊالر، بلين آري 1 سئو ملين ڊالر، بلونگ برگ 74.5 ملين ڊالر ۽ لين ۽ اسٽيسي 70 ملين ڊالر، جيف بوزس 1 سئو ملين، مائيڪل ڊيل 1 سئو ملين، نڪي اوپين ھيمر 54.5 ملين، جوھن ريوپرٽ 54.5 ملين ھن وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ گلوبل فنڊ ۾ عطئي طور ڏنا. ان کانسواءِ ملڪن جي فائونڊيشن، بينڪن، ايمرجنسي فنڊن، ادارن طرفان ھن درد ڀرئي نوحي ۾ تمام گھڻي مدد ۽ تعمير نوع جي لاءِ قدم کنيا آھن.
صحت جي عالمي اداري جي طرفان روزانه بنياد تي ھزارن جي تعداد ۾ ڪلينيشن، ايپيداملاجسٽ، تعليمدان، تحقيق ڪندڙ، ليب ٽڪينيشن، انفيڪشن جي بچاءَ جا ماھر ۽ ٻيا ڪيترائي پاڻ ۾ ھڪٻئي سان ڪووڊ-19 جي حوالي سان ويچار ونڊين ٿا ۽ وائرس تي ھرروز تحقيق ڪئي وڃي ٿي. اھڙي ڄاڻ دنيا کي پھچائي وڃي ٿي. اھڙا آن لائين ڪورس ڪرايا وڃن پيا. جو 1.5 ملين ماڻھو آن لائين ڪورس ڪري چڪا آهن. تازو صحت جي ورڪرن کي PPES ڪيئن استعمال ڪجن تي ھڪ ڪورس ڪرايو ويو آهي. وقتن فوقتن دنيا جي لاءِ ڪرونا جي بچاءَ جي رھنمائي ڏني پئي وڃي. تازو صحت جي عالمي اداري جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر ٽيڊروس تجربي ۽ تحقيق جي بنياد تي رھنمائي ڏني آھي.
جتي ڪووڊ-19 جو ڦھلاءُ آهي، ڪلينڪ يا صحت جون سھولتون ڏنيون وڃن پيو اتي موجود صحت جي ورڪرن ۽ مريضن کي ميڊيڪل ماسڪ ضروري استعمال ڪرڻ گھرجن.
جتي ڪميونٽي ۾ ڪووڊ-19 جو ڦھلاءُ ھجي.اتي 60 سالن کان وڌيڪ عمر جا ماڻھو يا جيڪي پنھنجو پاڻ کي بھتر نه سمجھن ۽ اتي شخصي فاصلو ممڪن نه ھجي اتي ميڊيڪل ماسڪ ضروري استعمال ڪن.
جتي ڪووڊ-19 جو ڦھلاءُ سماج ۾ ھجي اتي حڪومت وقت جي ذميواري آھي ته عام ماڻھن کي ھمٿائين ته ميڊيڪل ماسڪ ضرور پائين. خاص طور جتي شخصي فاصلو (وٿي) ممڪن نه ھجي.
ميڊيڪل ماسڪ، شخصي فاصلو جي، پنھنجي صفائي جي ۽ ھٿ ڌوئڻ واري عمل جو نعمل بدل نه آھن.
فائبر ماسڪ گھٽ ۾ گھٽ ٽن تهن تي مشتمل ھجي.
ڪرونا جي لاڪ ڊائون جي ڪري دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن مان عورتن ، سندن مڙسن طرفان جنسي عمل دھرائڻ جي ڪري شڪايتون ڪيون ھنيون. ان جو سبب ته، نه ھو نوڪري تي ويا ۽ نه روزگار تي ٿي ويا. رڳو جنسي عمل ۾ رڌل رھيا جو يونيسيف پنھجي رپورٽ ڪجھ ھن طرح بيان ڪئي آھي. “لاڪ ڊائون جي ڪري دنيا جي آباديءَ ۾ 1 ارب 16 ڪروڙ جو اضافو ٿيندو. جيڪي ٻار مارچ کان ڊسمبر جي وچ ۾ پيدا ٿيندا. ڪيتريون ملين عورتون ۽ ٻار سخت خطري ۾ ھوندا، جن مان بيمار نون ڄاول ٻارن کي موت جو وڏو خطرو ھوندو. ڀارت ۾ 2 ڪروڙ 10 لک ٻار پيدا ٿيندا. نائيجريا ۾ 64 لک، انڊونيشيا 40 لک ۽ پاڪستان ۾ 50 لک ڪرونا 19 جي دنيا جا ٻار ھوندا.“
1945ع ۾ جڏھن اقوام متحده ٺھيو هيو، ته ان جي طرفان ھڪڙي آرگنائيزيشن جوڙي وئي هئي جنھن جو ڪم اھو ھو ته اها دنيا جي ماڻھن کي صحت جي حوالي سان بچائيندي ۽ ترقي وٺرائيندي.
ھر ماڻھو جو اھو بنيادي حق آھي ته، بنا, نسل، مذھب، سياسي خيالن، معاشي ۽ سماجي ڪنھن به صورت ۾ سٺي معيار واري صحت جي سهولت مھيا ڪئي وڃي.
صحت جي عالمي اداري جي طرفان 30 مارچ 2020ع تي پريس رليز جاري ڪئي وئي ھئي ته , ڪووڊ-19 جي وبا صحت جي نظام تي گھرا اثر ڇڏي رھي آھي ان جي ڪري صحت جي سھولتن ۽ صحت جي سارسنڀال ڪندڙن جي کوٽ جو خطرو آهي ۽ صحت جو نظام موثر طريقي سان ھلڻ کان قاصر آهي.
صحت جي عالمي اداري جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر ٽيڊروس ادھانومگبيرس چيو ته ڪنھن وبا خلاف، صحت جو مضبوط نظام بھتر دفاع آھي. ان جي لاءِ ملڪن کي عوام جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ، صحت جو بھتر نظام چونڊڻو آهي. جھن جي لاءِ اھو به ضروري آهي ته خدمتن کي برقرار رکڻ جي لاءِ ، آباديءَ جي لحاظ کان وڌ ۾وڌ فائدو ڏيڻ جي سلسلي ۾ صحت جي سارسنڀال ڪندڙن جي لاءِ سندن بچاءُ جي سامان PPEs جو ھجڻ ضروري آهي. حڪومت ۽ صحت جي سھولتن ۽ انھن جي وچ ۾ مضبوط منصوبابندي جي ضرورت آھي. ان سان گڏوگڏ حفاظتي ٽڪا، پيدا ٿيندڙ ٻار ۽ حمل وارين عورتن، ننڍڙن ٻارن ۽ وڏي بالغن جي صحت جون خدمتون برقرار رکڻ لاءِ انتهائي ضروري آهن. ھڪ سٺو منظم صحت جو نظام ئي ايمرجنسي ۾ لازمي سروس پھچائڻ کي برقرار رکي سگهي ٿو. جيڪو سڌي ۽ اڻ سڌي موت کي وڌائڻ کان بچائي ٿو.
حقيقي صورتحال اها آهي ته ڪورونا 19 جي ڪري اھڙو لڳو واءُ جو ڀاءُ، ڀاءُ جو نه رھيو آھي. ماڻھو، ماڻھوءَکان لڪندو پيو وتي. سونھن ۽ سوڀيا جا سڀ وکرملڻ محال ٿي ويا آهن. محبوب جي زلفن جي ڇانوَ، نيڻ نيڻن سان ملائڻ جي لاءِ ڪو نه رھيو آھي. چپن جي چمڻ جي چسڪي ملڻ محال ٿي پئي آھي.
وڏي ڳالھ اھا آھي ته معصوم ٻار، پنھجي ماءُ کي چون ٿا ,,No kiss ۽ No Touch جو ڪرونا آھي،،. مطلب ته ٻيو ته ٺهيو پر فطراڻي شفقت جي لاءِ به سڪ ڀريو ٿڌو شوڪارو ڀرڻو ٿو پوي. اھڙي قسم جون دل ڏاريندڙ ڪھاڻيون وائرل ٿيون آھن.


ھڪ نرس جي ڪھاڻي، جنھن جي شاديءَ کي ھڪ مھينو ٿيو جو ڪرونا 19 شروع ٿي ويو، نرس جي ڊيوٽي اسپتال ۾ آھي. جڏھن سندس مڙس ملڻ اچي ٿو ته جيڪا ھو ھڪٻئي کي چمي ڏين ٿا ان جي وچ ۾ شيشو ھجي ٿو. دلن جي ڌڙڪن، ڪھڙي ھوندي! احساس ڪھڙا ھوندا....!!؟ ,جذبن ڪھڙي ھار کاڌي ھوندي....!!؟.
اھڙي ٻي ڪھاڻي جو ھڪ دوست پنھنجي محبوب ڇوڪري سان ملڻ لاءِ اسپتال ۾ اچي ٿو، ڇوڪري کي ڪرونا ھجي ٿو. دوست کي بچاءُ جا ڪپڙا پھريل ھجن ٿا. جڏھن پنھنجي محبوب جي اکين ۾ ڳوڙها ڏسي ٿو ته ھو بچاءُ جا ڪپڙا ڦاڙي پنھجي محبوب سان ملي ٿو......
اھڙيون درد ڀريون ڪھاڻيون لکن جي تعداد ۾ سرجن ۽ پڄرن ٿيون . جيڪڏھن انھن ڪھاڻين تي لکبو ته وڏو داستان جڙي سگھي ٿو. “تون چؤ چانڊوڪي ۽ چوڙيون توکي چڪ نه پائينديون ھونديون.....”


دنيا اندر دلچسپ ڳالهه اھا آھي ته جن ملڪن جون سربراه عورتون آھن اتي ڪرونا 19 جو ڦھلاءُ ۽ نقصان گھٽ ٿيو آهي. آمريڪا جي اندر 2 ملين ماڻهو ڪرونا جو شڪار ٿيا، 1 لک 12 ھزار 469 ماڻھو موت جو شڪار ٿيا آھن. ان جي ڀيٽ ۾ جرمني اندر 8776 ماڻھن لاڏاڻو ڪيو، ان جي چانسلر انجيلا سارڪر عورت آھي. نيوزيلينڊ ۾22 ماڻھو مئا، ان جي عورت وزيراعظم جينڊارآرڊف آھي. تائيوان جي صدر عورت سائيبنگ آتي جتي 7 ماڻھو ڪرونا 19 وگھي موت جو شڪار ٿيا آھن. ناروي جي وزيراعظم ايراناسوبرنگ عورت آھي جتي 268 ماڻھو مئا آھن ۽ انھن ۾ اھڙا به ملڪ آھن جتي لاڪ ڊائون به نه ڪئي وئي ھئي، اتي صرف سماجي وٿي (Social Distance) تي عمل ڪيو ويو ھو. اھڙي طرح ٻيا به ڪيترا ئي ملڪ آھن جن جون سربراھ عورتون آھن اتي ڪرونا 19 جا ڪلور گھٽ نظر آيا آهن. مجموعي طور اھا ڳالھ سامھون آئي آهي ته جتي عورت حڪمران آھي ان جي عوام سان سندن ھمدردي ۽ سچائي وڌيڪ ڏٺي وئي آهي. شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جو مثال اسان سامھون آھي....

صحت جي سھولتن مھيا ڪرڻ ماحول صفائي ۽ جراثيم ڪشي

فيوميگشن: اھو طريقو جنھن سان، کليل يا بند ھوا ۾ دونهون يا دنڌ ڦھلائي جراثيم ڪشي ڪبي آھي.
مائڪرو بيڪٽريل ايجنٽ: اهو مادو جيڪو مڪمل جراثيم کي ماري ڇڏي.
صفائي : ھن ۾ نظر ايندڙ مٽيءَ کي پاڻيءَ ذريعي صاف ڪيو ويندو آھي.
ڊس انفيڪشن: ھي عمل سمورين بيمارين جا ڦھلائيندڙ جراثيم ختم ڪري ٿو.
غيرنازڪ شين جي صفائي :ھن ۾ طبعي سامان جي ٺاھيندڙکي سارسنڀال جون ھدايتون فراهم ڪرڻ گھرجن.
جيڪڏھن ٺاھيندڙ جون ھدايتون موجود نه ھجن ته پوءِ غير نازڪ سامان مثال طور اسٽيٿو اسڪوپ، بي پي ايپراٽس جو ڪف، گردا صاف ڪرڻ جي مشين کي صاف ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته ايٿائيل الڪوحل، 60 % کان 90% صاف ڪيو وڃي. رٻڙ، اسٽاپر ۽ ٿرماميٽر کي، ان کانسواءِ ، وينٽيليٽر جي مٿي سطح کي، مريضن کي دستانه پائي پوءِ چيڪ ڪرڻ کپي.
گھر جي رھڻ جي جڳھ: گھر جي رھڻ جي جڳھن کي صاف ڪرڻ لاءِ، ٻن گروپن ۾ورهائجي ٿو.
جنهن سان گھٽ رابطو ٿئي، مثال طور ڇت ۽ فرش
جنھن ساڻ گھڻو رابطو ٿئي، مثال طور دروازو، ٽيبل، ڪرسي دري ڪڙو، بسترو، پردا ۽ ڪموڊيز جي صفائي جا طريقا موجود آهن.
تيز رابطي واري جڳھن جي صفائي لاءِ جھڙوڪ دروازن ڪڙن، بسترن ۽ ڪمري جي پردن جي ڪنارن کي Disinfect (جيوڙن کي ختم ڪرڻ) ڪيو.
سخت سطح رکندڙ جاين کي روزانو بنياد تي صاف ڪرڻ گھرجي.
گھر جون شيون پاڻي ۽ صابڻ سان صاف ڪرڻ گھرجن.
ان کانسواءِ گندگيءَ کي وڌ کان وڌ صاف ڪرڻ گھرجي.
آلودگي جي قسم ۽ درجي جي لحاظ کان ان تي منحصر ڪري ٿو ته Disinfect جي جوڙجڪ سوڊيئم ھائپوڪلورائيڊ (بليچ) 5000- 6150 ppm سان ھجي، يا وري الڳ ڪلورائيڊ سان ماحولياتي آلودگي کي صاف ڪجي، جنھن جي لاءِ ضروري آهي ته ان جي قيمت، اثر، بچاءُ ۽ گھريلو عمل ڪرڻ جي صلاحيت کي نظر ۾ رکيو وڃي.
ٻن منٽن جي لاءِ ھائيپوڪلورائيڊ (بليچ) 4000 ppm سان ڪپڙا، درين ۽ گندگي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ صلاح ڏني ويندي آهي.
مريضن واري جڳھ جي لاءِ ضروري آهي ته سيمپل دوران رت نڪري ته ڊٽرجنٽ، پاڻي ۽ Disinfect سان صاف ڪجي.
ڪرونا وائرس ڪنھن به جڳھ تي 2 ڪلاڪن کان 9 ڏينھن تائين رھي سگھي ٿو. اڪثر مريض 2 ھفتن ۾ ٺيڪ ٿي ويندا آھن. گھڻو بيمار ھجي ته 3 کان 6 ھفتن ۾ صحتياب ٿي ويندا آھن.
ھاڻي اھا ڳالھ واضح ٿي وئي ته ڪرونا کان بچڻ ممڪن ڪونھي. جلدي يا دير ھر ماڻھو متاثر ٿيندو، لاڪ ڊائون جي ڪري ڪرونا جي ڦھلاءُ کي آهستي ته ڪري سگھياسين پر روڪي نه سگهيا آھيون.
ھاڻي ته تيزيءَ سان ڦهلجڻ لڳو آھي ۽ هاڻي اسان جي اڳيان ٻه رستا آھن. پھريون ته وائرس کي جسم اندر گھٽ ۾ گھٽ داخل ٿيڻ ڏيون. جنھن جي لاءِ ماسڪ پائڻ واري اصول تي سختي سان عمل ڪرڻو پوندو. گھر کان ٻاهر ماسڪ کان سواءِ نه نڪرون، ڪنھن جي گھر وڃون ته ماسڪ پائي پوءِ ملاقات ڪريون حڪومت کي به کپي ته ان تي سختي سان عمل ڪرائي.
ان کانسواءِ اسان جو قوت مدافعتي نظام اھڙو بھتر ھجي جو جسم ۾ بيماري پيدا ڪرڻ کان پھريائين وائرس تي قابو پائجي. پنھجي قوت مدافعت جي نظام کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ ٽن ڳالهين کي ذھن ۾ رکجي.
پهريون ته، ست کان اٺ ڪلاڪ ننڊ ضروري آھي. جنھن جي لاءِ سمھڻ ۽ جاڳڻ جو وقت مقرر ٿيل ھجي.
ٻيون ته، پروٽين واري کاڌي جو اضافو ڪريو جنھن ۾ ھر گوشت شامل ھجي، مڇي ۽ داليون به پروٽين مھيا ڪن ٿيون.
ٽيون ته، فروٽ کي پنھنجي کاڌي جو حصو ٺاھيون. اڄڪلھ آڙو ۽ انب بازار ۾ عام جام پيا ملن. اهي جيترا به خريد ڪري ۽ کائي سگھو ضرور کائو.
ان کان علاوه سڪل ميوہ بيهي مڱ، ڪاجو، انجير، بادام ۽ اخروٽ، ٻه کان ٽي داڻا اوھان جي قوت مدافعت وڌائڻ لاءِ مفيد آھن. ڌونئري يا دهيءَ کي پنھنجي کاڌي جو حصو ٺاھيو. ٿوم جي ڳڙي بطور کاڌي ۾ وجھو. ان کانسواءِ حسب استطاعت هي تدبيرون پڻ اختيار ڪري سگھجن ٿيون.
کاڌي ۾ زيتون جو تيل ڪجهه چمچا وجھو.
دالچيني، لونگ ۽ ھيڊ، پيھي پائوڊر ڪري، ھر کاڌي ۾ وجھو.
ليمي جو شربت ٺاھي روزانو استعمال ڪريو.
سُنڍ، دالچيني ۽ لونگ مان ڪھو ٺاھي ھڪ کان ٻه ڪوپ روزانو استعمال ڪريو.
ادرڪ پيھي ماکي سان ملائي استعمال ڪريو.
کنڊ جو استعمال ختم ڪري ڇڏيو.
وٽامن ڊي، وٽامن سي ۽ اي جي استعمال کي وڌايو.
ھلڪي، ڦلڪي ورزش ڪريو.
پنھنجو واندو وقت سٺن ڪم ڪارن ۾ گذاريو.
ڪتاب پڙھو، ٻوٽن کي سنڀاليو، پکي رکو، جانور پاليو، ڦوٽو گرافي ڪريو، ڪپڙا ڊزائين ڪريو ۽ گھر کي سينگاريو.
ڪرونا 19 جي موتن کي نظر انداز ڪيو. ڪرونا جي موتن کي پنھنجي مٿان سوار ٿيڻ نه ڏيو.
پنھنجي رب سان تعلق وڌايو، پرسڪون رھو. پنھنجي اعصاب تي قابو رکو. سماجي رابطا وڌايو. اوھان جو اعتماد اوھان کي ڪرونا جي خلاف تيار ڪندو. اسان سڀئي ڄاڻون ٿا ته اسان هڪ تمام مشڪل وقت مان گذري رهيا آهيون پر جلدي ان وقت مان گذري وڃڻو آهي.

بنيادي صحت جي حفاظتي اپائن متعلق فيصلا

تازو، صحت جي عالمي اداري ۽ اقوام متعده جي ٻين ذيلي ادارن جي پاران حفاظتي ٽڪن واري پروگرام کي برقرار رکڻ لاءِ رھنمائي جوڙي وئي آهي. جنھن رھنمائي تي سختيءَ سان عملدرآمد ڪرڻو آهي. رھنمائي جا مکيه نقطه هيٺ پيش ڪجن ٿا.
حفاظتي ٽڪا لڳرائڻ واري پروگرام کي جاري رکجي ته جيئن ٽڪن لڳڻ وارين بيمارين، خاص ڪري ارڙي جو، ڦھلاءُ روڪجي ۽ ان سان گڏ سھولتون ڏيڻ دوران ڪرونا-۱۹ جي ڦھلاءُ کي به روڪجي.
ڪٽنبن ۾ حفاظتي ٽڪن جو اجراع وڌائجي. جيئن مسجدن ۾ اعلان ڪجي، علائقن جي معززن کي شامل ڪجي، سماجي رابطو رکجي ۽ ذريع ابلاغ ذريعي آگاھي ڏجي پر ان ۾ سماجي وٿي (Social Distance) کي سختي سان بر قرار رکجي.
شخصي وٿي کي برقرار رکندي ھڪ وقت ۾ فقط ھڪ ٻار ۽ عورت کي ويڪسين ڪئي وڃي.
ماڻھن کي ڪرونا کان بچاءَ لاءِ ضروري آگاهي ڏني وڃي.
انھن ماڻھن تي وڌيڪ ڌيان ڏجي جن ۾ ٽڪن جي بيمارين جي ڦهلجڻ جو وڌيڪ انديشو ھجي يا وري گھٽ حفاظتي ٽڪن جي ڪوريج جي ڪري آئوٽ بريڪ جو خدشو ھجي.
حفاظتي ٽڪن هڻڻ واري جاءِ جي باري ۾ رھنمائي
مھم ھوادار جاءِ تي ڪئي وڃي.
پڪ ڪئي وڃي ته داخل ٿيڻ واري دروازي تي ھٿ ڌوئڻ لاءِ صابڻ يا سينيٽائيزر موجود آھي.
مھم واري جاءِ تي مجموعو محدود ھوئڻ کپي ۽ انتظار واري جاءِ تي رش نه ھجي.
ان ڳالھ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ته ويڪسين زيان نه ٿئي، ڇاڪاڻ ته ڪرونا جي وبا جي ڪري دنيا ۽ ملڪ ۾ ويڪسين جي کوٽ آھي.
ليڊي ھيلٿ ورڪر پروگرام فوڪل پرسن اي پي آئ ضلعي جي صحت جي ٽيم ۽ ڊسٽرڪٽ پوليو ڪنٽرول روم سان مائيڪروپلان (ھيٺين سطح جي منصوبابندي) شيئر ڪيو وڃي ته جيئن ضرورت مطابق ۽ عمل جوڳو مائيڪروپلان جڙي سگھي.
حفاظتي ٽڪن جو ڪم صحت جي ٻين سھولتن کان جدا ھئڻ کپي.
ٽڪا ھڻندڙ باربار پنھنجا ھٿ صاف ڪري.
مريض کي ھٿ لائڻ کان اڳ.
ڪو به صاف يا گندو پروسيجر ڪرڻ کان پھريائين
ڪلائينٽ (گراھڪ) کي ڇهڻ کان پوءِ
جسم جي ڪنھن به رطوبت جي لڳڻ کان پوءِ
ڪلائينٽ (گراھڪ) جي ماحول کي ڇهڻ کان پوءِ
ھٿن جي صفائي ڳنڍيل آھي صابڻ ۽ پاڻي سان يا وري سينيٽائيزر جنھن ۾ 60 کان 80 سيڪڙو الڪوحل ھجي ۽ جڏھن اوھان جا ھٿ صاف نظر ايندا ھجن.
کنگھڻ يان ڇڪون ڏيڻ دوران پنھنجو منھن ٻانھن ۽ ٺونٺ جي وچ ۾ ھجي يا ٽشو ۾ ۽ پوءِ فورن ٽشو کي ڪنھن ڍڪيل جاءِ تي خارج ڪجي.
جڏهن ڪنهن ٻار سان يا ڪمري ۾ موجود ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ سان معاملا طع ڪجن ته ان وقت ميڊيڪل ماسڪ پائڻ گھرجي.
جيڪڏھن اوھان محسوس ڪيو ته اوھان کي کھنگھ ۽ بخار ٿي پيو آھي ته پاڻ کي isolate (الڳ ڪرڻ يا ڌار ڪرڻ) ڪيو ۽ پنھنجي آفيسر سان رابطو ڪري کيس ٻڌايو ته آئون ڪم نٿو ڪري سگھان.
جيڪڏھن اوھان پنھنجي گھر آئسوليشن (الڳ ٿلڳ) ۾ آھيو ته ڪھڙيون تدبيرون اختيار ڪرڻ گهرجن.
پنھنجي اچ وڃ محدود ڪريو.
ملاقات ڪرڻ وارن سان ھرگز نه ملو.
گھر جي ماڻھن کان به حتيٰ الامڪان وٿيرڪا رھو.
هوادار ڪمري ۾ وقت گذاريو.
پالتو جانورن کان پري رھو.
ڪوشش اھا ڪريو ته پنھنجي ڪمري ۾ کاڌو کائو.
ھٿ ھر ھر صابڻ سان 20 سيڪنڊ ڌوئي صاف ڪيو.
جيڪڏھن ھٿ گندا نه ھجن ته 70% الڪحل مليل سينيٽائزر جو استعمال ڪيو.
ڇڪ يا کنگھ اچي ته منھن ٻانھن ۾ وجھو.
مريض ۽ مريض جي خدمت ڪندڙ PPEs (پنھجي حفاظت جو سامان) يعني ذاتي بچاءِ جو سامان ماسڪ ۽ دستانا استعمال ڪن.
خراب ماسڪ ۽ پسيل ماسڪ جلدي تبديل ڪريو. ماسڪ لاھڻ وقت اڳئين حصي کي ھٿ ھرگز نه لڳايو.
مريض جي خدمت لاءِ اھڙي ماڻھوءَ کي نه لڳايو جنھن جي قوت مدافعت ڪمزور ھجي مثال طور ضعيف، حامله عورت، شگر، بلڊ پريشر جي بيماري جو مريض يا دل جو مريض ھُجي.
ڪوشش اھا ڪجي ته مريض واشروم، ليٽرن، ڪپڙن ۽ ذاتي سامان جي پاڻ صفائي ڪري.
مريض جي استعمال جون شيون صابڻ ۽ پاڻي سان صاف ڪري سگھجن ٿيون.
مريض جا ڪپڙا گرم پاڻي ۽ صابڻ سان ڌوئي سگھجن ٿا پر ڌوئڻ کان پوءِ ڪپڙا اس ۾ چڱيءَ طرح سڪائڻ گھرجن.
آلودا مادي (زڪام، خراب مادو) وارين شين کي بليچ جي سوليشن (چار چمچا بليچ ھڪ لٽر پاڻي) سان جراثيم ڪش ڪريو.
رومال، قلم، ميز، دريون، نلڪو وغيره صاف ڪريو.
ٿيلھي لڳل ڊسٽبن جو استعمال ڪيو ۽ مريض جي لاءِ ان کي وقف ڪري ڇڏيو.
جيڪڏھن ممڪن ھجي ته مريض جي لاءِ الڳ واش روم جو انتظام ڪيو وڃي يا وري مريض ھر دفعي پاڻ صفائي ڪري. يا وري خدمت ڪندڙ جيستائين ممڪن ھجي، انتظام ڪري واش روم جي صفائي ڪري.
مريض جي خدمت ڪندڙ يا مريض پاڻ، ھر ڀيري صفائي ڪرڻ کانپوءِ، پنھجا ھٿ صابڻ سان ڌوئي.
زڪام، کنگھ ۽ ساھ ۾ تڪليف وغيره ٿئي ته صحت کاتي سان رابطو ڪريو.
اٽلي جي ڊاڪٽرن ھڪ ٻيو انڪشاف ڪيو آهي ته ڪرونا 19 وائرس ناھي پر بيڪٽيريا آهي جيڪو جسم جي رڳن ۾ رت کي ڄمائي ٿو، جنھن کي ميڊيڪل جي زبان ۾ ,,Thrombosis'' چئبو آھي. ان جي ڪري سوڄ ۽ آڪسيجن جي کوٽ (Inflammation & Hypoxia) ٿئي ٿي جو آڪسيجن جي کوٽ ڦڦڙن، دل ۽ دماغ ۾ پيدا ٿئي ٿي ماڻھو جلدي ۾ مري وڃي ٿو.
پيٿالالجسٽ مطابق ته ڪرونا 19 جي بيمار وينٽيليٽر ۽ انتھائي نگھداشت جي وارڊ جي به ضرورت ناھي. ڪرونا 19 جي علاج ۾ اينٽي بائيٽڪ، ايٽي انفلامينٽري ۽ اينٽي ڪوگولنٽ واريون دوائون آھن. اٽلي صحت جي عالمي اداري جي ڪرونا 19 جي ھدايتن کان انحرافي ڪندي پنھنجي علاج جو پروٽوڪول شروع ڪيو آھي. هڪڙي ڏينهن جي علاج سان 14 ھزار مريضن جو علاج ڪري ڪرونا 19 جي مريضن کي اسپتال مان موڪل ڪرائي آھي. اٽليءَ جي ڊاڪٽرن ايسپرين 100 ملي گرام سان علاج شروع ڪيو آهي.
آمريڪا جي ڊاڪٽر ڊيوڊ سماڊي جيڪو مينس اسپتال جو ڊائريڪٽر آھي اھم انڪشاف ڪيو آهي ته ڪرونا 19 جو مثبت مريض آھي جنھن ۾ علامتون نه آھن اھو ڪرونا جي بيماري نه ٿو ڦھلائي. "ھن چيو آمريڪا ۾ ھڪ ئي وقت 300 ملين ماڻھن جون ٽيسٽون ڪرائي ھڪ ئي وقت ماڻھن کي آزادي سان گھمڻ ڦرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.
آڪسفورڊ يونيورسٽي جي پروفيسر ايمرجنسي ۽ ڦھلجندڙ بيماري پيٽرھربي پنھنجي تازي تحقيق مان ٻڌايو ته Injection Dexamethasone جي 6 ملي گرام روزانو ڏيڻ سان جيڪي مريض وينٽيليٽر تي آھن انھن جو ٽيون حصو حياتيون بچائي سگھجن ٿيون. آمريڪا جي Injection Dexamethasone جي ڪووڊ جي وينٽيليٽر واري مريضن مان ٽيون حصو موت جي شرح گھٽائجڻ کي 16 جون 2020ع تي صحت جي عالمي اداري ڀليڪار ڪيو آھي.
يونائيٽيڊ ڪنگڊم حڪومت جي چيف سائنسدان صلاحڪار سرپارسڪوالينڊس اھا زبردست خبر ڏني آهي ته ڪرونا 19 جي صورتحال ۾ Dexamethasone جي استعمال سان موت شرح گهٽائي سگهجي ٿي.
دنيا اندر ھن وقت تائين صرف ھڪ ٽيسٽ پي سي آر منظور ٿيل آھي جنھن ۾ وات يا نڪ مان ڪپھ جو ٻڙو ورتو وڃي ٿو. سيرالاجي ٽيسٽ اينٽي باڊيز (IgM/IgG ) کي منظور نه ڪيو ويو آهي. ٽيسٽن ڪرڻ جي لاءِ ٻن قسمن جا پيمانا 1 ۽ پيمانا 2 مقرر ڪيا ويا آهن. پيمانو1 ۾ گھڻي شڪي کي ضروري ٽيسٽ ڪيو ويندو. جتي بخار، کنگھ ۽ ساہ ۾ ٻوسٺ جا ڪيس ھجن.
14 ڏينھن اندر بين الاقوامي سفر ڪيو ھجي.
مثبت ڪيس سان ويجھو تعلق ھجي.
صحت جون سهولتون مهيا ڪندڙ نمونه جي خبر نه ھوندڙ کي ڏٺو ھجي.
گراھڪن سان مصروف جئين (بينڪ، درزي ۽ جنرل فزيشن).
وڏي مجموعي ۾ شامل ٿيو ھجي.
جتان مريض جي داخل ٿيڻ واري جاءِ جئين (اوپي ڊي، ايمرجنسي، رجسٽريشن ۽ استقبال جي ھنڌ) اسپتال ۾ نه خبر ھوندڙ نمونيه يا ساھ جي ناڪامي (Failure) وارو مريض آيو ھجي.
گھر جي اندر ڪووڊ 19 جو مثبت موجود ھجي.
پيمانو 2 ۾ ڪووڊ 19 جا گھٽ شڪي ھجن پر Isolate مريض ھجن. بخار، کنگھ ۽ ساه ۾ ٻوسٽ ھجي.
شھرن جي اندر 14 ڏيھن جو سفر ڪيل ھجي.
ويجھو 15 منٽن جو منھن جو منھن سان تعلق ھجي.
گاڏين ۾ روزانو سفر ڪيل ھجي.
ان مريض سان جنھن کي منھن جي مٿين حصي جو انفيڪشن (جسم ۾سور، وغيرہ) ڪووڊ 19 جي مريضن کي علامتون نه ھجڻ. (Asymptomatic). ھن ۾نڪ مان ورتل پي سي آر ٽيسٽ مثبت ھجي پر ڪابه علامت نه ھجي.
ھلڪيون علامتون(Mild)
مريض ۾ ھلڪيون علامتون، بخار، ٿڪاوٽ، جسم ۾سور، ڳلي ۾خارش، ساھ ۾ تڪليف، نڪ ۾ رڪاوٽ ۽ مٿي ۾ سور ھونديون آھن.
مناسب علامتون (Moderate).
ھن ۾مريض کي آڪسيجن جي کوٽ %95 سيچوريشن گھٽ ٿي ويندي آھي. ڇاتي جي ايڪسري ۾ھلڪي Infiltrate نظر ايندي آھي، تيز بخار ٽن ڏينھن کان مسلسل ھوندو آھي.
شديد علامتون (Severe).
ھن ۾ مريض کي ساه ۾ ٻوسٽ ۽ آڪسيجن جي کوٽ مناسب کان شديد نمونيه ھوندي آھي.
نازڪ علامتون (Critical).
ھن ۾مريض کي ھيٺين ڪي به ٿي سگھن ٿيون.
ساھ جي رفتارفي منٽ 30کان مٿي ٿي ويندي آهي.
ساه تمام وڏي موجب (جو لفظ به ڳالھائي نه سگھي).
سينٽرل سائنوسس (سڄو نيرو) ٿي وڃي.
بي آرامي ۽ بي خبر ٿي وڃي.
ڪيورب جو اسڪور 3 يا 4 ٿئي.
ڪيوسوفا (QSOFA) اسڪرو 2 يا 2 کان مٿي ٿئي.
ڇاتي جي ايڪسري ۾ تمام ڦھليل Infiltrates ھجن ٿا.
PaO2/FiO2 جي شرح 300کان گھٽ يا PaO2 جي 65 کان گھٽ يا PaCo2 وڌي.
دل جي فيل ٿيڻ جي شاھدي ٿئي ٿي (جي وي پي، گلوپ رڌم).
شاڪ جون نشانيون ديرسان ڪيپيلري ري فل، جسم ٿڌوٿئي. سائنوٽڪ (نيروٿئي) بلڊ سسٽولڪ پريشر 90 يا 40کان گھٽ ۽ پيشاب جو ,0.5 ملي لٽرفي ڪلو ۽ في ڪلاڪ کان گھٽجي وڃي.

ڪووڊ 19 جي مريضن کي اسپتال ۾داخلا جا شرط Criteria.

علامتن جو نه ھجڻ وارا ۽ معمولي بيماريءَ وارن مريضنِ کي گھر ۾ Isolation ڪيو وڃي. پر انھن جي لاءِ اھو ضروري آھي ته الڳ ڪمرو ۽ الڳ باٿ روم ھجي.
ھو ائسوليشن ۾ رھڻ لاءِ راضي ھجي. پر انھن مريضن کي اسپتال ۾داخل ٿيڻ لاءِ سوچيو ويندو ته گھڻو وقت اسٽوراڊس جي استعمال ڪرڻ جي ڪري يا ٻين سببن جي ڪري قوت مدافعت گھٽ آھي.
جنھن جي عمر 65 سال کن وڌيڪ آھي.
بيماريون دل جو فيل، جيري جون بيماريون، ڪنٽرول نه ٿيندڙ شگر ۽ پراڻي گردي جي بيماري ھجي.
مناسب، شديد ۽ نازڪ بيماري واري ڪووڊ 19جي مريض کي ھاءِ ڊپينڊسي يونٽ (جتي 24 ڪلاڪ آڪسيجن موجود ھجي) يا آئي سي يو ۾ داخل ڪرڻ کي ترجيح ڏبي. جيڪڏھن مريض نازڪ بيماري ۾ آھي ته ڪوشش اھا ڪجي ته ان کي منفي پريشر واري ڪمري ۾ رکجي.
انتظام (Management)
ڪلوروڪئين يا ھائڊرو آڪسي ڪلوروڪوئين ڪنھن به صورت ۾ ڪووڊ 19 جي بچاءُ جي دوا ناھي، ان ڳالھ کي وڏي پيماني تي نديو وڃي ٿو.
ڪووڊ جي معمولي بيماريءَ کي مدد گار طريقي سان علاج ڪيو وڃي ٿو. بخار جي لاءِ acetaminophen , جيڪڏھن دست آھن ته وات وارن Hydration (نمڪيات ۽ پاڻياٺ) ۽ نڪ وھي ته antihistamine سان علاج ڪيو ويندو آهي.
مناسب علامتن وارا مريض.
ڪووڊ جي مناسب مريض جو علاج پڻ مددگار طريقي سان ڪيو ويندو. آڪسيجن، بخار کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ نڪ مان نلي لڳائي acetaminophen ڏني ويندي، رڳ ذريعي پاڻياٺ ڏنو ويندو. جيڪڏھن ڇاتيءَ جي ايڪسري ۾ لوبار انفلٽريشن ھوندي ته Antibiotic خاص ڪري جڏھن رت ۾وڌيڪ اڇن جزن جي ڳڻپ ٿئي.
علاج دورن خاص ڪري QT انٽرويل جانچيو وڃي. خاص ڪري جڏھن دوائون ڏنيون پيون وڃن.
تشخيصون (Investigations)
سي بي سي، ايڪٽرولائيٽ، سيرم ڪرٽنين ڇاتيءَ جو ايڪسري، ڊبليو بي سي ڪائونٽ، لمفوسائيٽ ڪائونٽ، سي آر پي، سي ريئڪٽو پروٽين، پروڪيلسيٽيونن، ليڪٽ ڊي ھائيڊريجنيز، ايسپارٽيٽ امائينو وٽانفرز، الائين امائينوٽارنفريز، ٽوٽل اليورو بن، ڊي ڊمر، اي سي جي، ڪارڊيڪ ان سائين ۽ جيري جو فنڪشن.

نازڪ بيماريءَ واري مريض جو علاج.

ڪووڊ جي شديد ۽نازڪ بيماريءَ واري مريض جي علاج لاءِ صحت جي سنڀاليندڙن جو گروپ ڪندو .جنھن ۾ ڦڦڙن جو ماھر، انفيڪشس بيمارين جو ماھر ۽ نازڪ بيماريءَ جو ماھر گڏجي علاج ڪندا .
تشخيصون (Investigations)
اھي سموريون بنيادي ٽيسٽون جيڪي مناسب علاج دوران ڪيون وينديون آھن. باقي تشخيصون مريض جي ساه جي بنياد تي ڪيون وينديون، جنھن ۾ آرٽيل بلڊ گيس ۽ ليڪٽيٽ ليول شامل آهن.

علاج

امپارٽڪ ايٽي بايوٽڪ ان صورت ۾ استعمال ڪبا، جيڪڏھن سيڪنڊري بيڪٽريل نمونيه جو شڪ هجي.
ڊبليو بي سي وڌيل ھجن يا پروڪيلسيٽنان ايلويٽ ھجي.
مريض ARDS اھو اٽيبيو ٽيٽ ھجي. استعمال ڪيو ڪنزرويٽو فليوڊ مينيجمينٽ.
دل جي امپئرمينٽ ٻڌايا ويا آھن ان سان گڏ ڊائيوريٽڪ لاءِ به سوچي سگھجي ٿو.
ڪارٽيڪواسٽورائڊس جو وڏو ڊوز نه ڏنو وڃي.
مڪينيڪل وينٽيليشن لڳائي وڃي.
آخر ۾ جيڪڏھن سھولتون موجود، نوجوان شديد اي آر ڊي ايس ۾ ھجي پرو وينٽيليشن 12 کان 16 ڪلاڪ مقرر ٿيل آھي.
ٻيون دوائون اڃا تشخيص ( انويسٽيگيشن ) تي آھن.
انجيڪشن Remdesivir پھرين ڏينھن 200 mg ۽ پوءِ 100 mg روزانو 5کان 10 ڏينھن تائين.
انجيڪشن Tocilizumab 4کان 8 ملي گرام في ڪلو ۽ 800 ملي گرام کان وڌيڪ نه ھجي. جيڪڏھن پھرئين ڊوز جو اثر نه ٿئي ته 12 ڪلاڪن کان پوءِ وري ورجايو..
Lopinavir/ritonavir 400 ملي گرام ۽ 100 ملي گرام صبح شام 14 ڏينھن لاءِ.

ڪرونا وائرس لاءِ احتياتي اپاءُ

بار بار ھٿن کي پاڻي ۽ صابڻ سان ڌوتو وڃي.
سماجي فاصلو رکيو وڃي، خاص طور تي جڏھن ڀر ۾ ڪو بيمار شخص ھجي ته.
پنھنجي نڪ، اکين، ۽ منھن کي ھٿ نه لائجي.
ماسڪ پائجي خاص طور تي جڏھن ڪنھن جڳھه تي سماجي فاصلو ممڪن ناھي ته، يا ڪو بيمار شخص ڀر ۾ آھي.
جيڪڏھن طبيعت سحيع نه ھجي ته گھر ۾ رھجي.
کنگھه يا نڇ ڏيڻ وقت پنھنجي منھن کي ٺوٺ ۾ لڪائجي.
جيڪڏھن بخار، ذڪام ۽ ساھه جي تڪليف ھجي ته ڊاڪٽر سان رابطو ڪجي.

فرنٽ لائين ورڪرن جي بچاءُ جو سامان (PPEs)

ڪووڊ 19 جي ڪري فوت ٿي ويلن کي دفن ڪرڻ لاءِ رھنمائي.

ڪووڊ 19 جي وبا ماڻھو کان ماڻھو تائين واري ڦھلاء، دنيا کي ڀڃي ڀور ڪري ڇڏيو آھي، باوجود ان جي ته %98 سيڪڙو معمولي بيماريءَ آھي ۽ بچڻ جا امڪان آهن. جنھن مان %80 مڪمل ٺيڪ ٿي وڃن ٿا % 14 شديد بيمار ٿين ٿا. انھن مان % 5 نازڪ بيمار ٿين ٿا. اھي اسپتالن ۾ انتھائي نگھاشت جون سھولتون گھرن ٿا.
فوت ٿي ويل ماڻھن مان ڪووڊ 19 جي ڦھلاءُ جي سائنسي شاھدي موجود نه آھي، پوءِ به ورلڊ ھيلٿ آرگنائيزيشن جي رھنمائي تحت ممڪن ڦھلاءُ جي روڪڻ جي لاءِ عمل ڪرڻ گھرجي.
جيڪو ماڻھو فوت ٿيل جي جسم سان لاڳاپيل آھي ان کي ائين ڪرڻ گھرجي ته ھو پنھنجي بچاءُ جا سمورا بھتر اپاءَ جنھن ۾ ھٿ ڌوئڻ ۽ پھريائين ۽ بعد ۾ جسم کي جراثيم ڪش ڪري.
پنھنجي بچاءُ جو سامان، گائون، گلوز، ماسڪ، عينڪ يا اکين جي شيلڊ پائي.
پيشاب جي نالي ۽ ٽيوبن کي ھٽائي، ۽ جسم تي موجود پاڻياٺ کي ختم ڪري.
فوت ٿيندڙ جي جسم جي محدود چرپر ڪري.
فوت ٿي ويل جي جسم کي ڪپڙن سان ڍڪي.
فوت ٿي ويل جي جسم ۾وات، نڪ ۽ ڪاڪوس واري جاءِ کي بند ڪري.
فوت ٿي ويل کي ايمبولنس يا ٻئي ڪنھن گاڏي ۾ کڻي سگھجي ٿو. ان لاءِ ڪنھن خاص بندوبست جي ضرورت ناھي.
جيڪو ماڻھو قبر ۾ ھيٺ لھي ان کي گلوز پاتل ھجن. دفن ڪرڻ کان پوءِ گلوز کي خيال سان لاھي پوءِ صابڻ ۽ پاڻي سان ھٿ ڌوئجن.
مائٽن ۽ دوستن جو خيال ھوندو آھي ته جسم کي ظاھر ڪيو وڃي ان کي ڇھيو يا چمي ڏني وڃي ان کي روڪجي.
فوتگي جي اجتماع يا جنازي جي مجموعي کي محدود رکيو وڃي.
جيڪو فوتي کي تيار ڪري ٿو ان جا ڪپڙا 60 کان 90 سيٽي گريڊ جي گرمي سان ڊٽرجنٽ سان ڌوتا وڃن.
جيڪو ماڻھو 60 سال جي عمر يا قوت مدافعت جي گھٽ ھئڻ وارو آھي اھو فوتي جي جسم کي نه ڇھي.
گھر کي % 0.5 ڪلورين يا %0.1 بليچ سوليشن سان صاف ڪيو وڃي.

پاڪستان جي صورتحال


فيبروري 2020ع تي ھڪڙو شاگرد جيڪو ايران کان ڪراچي واپس ٿيو ھو، جنھن کي ڪرونا جي ٽيسٽ مثبت ٿي. 18 مارچ 2020ع تي ملڪ جي مڙني صوبن مان ڪووڊ-19 جا مثبت ڪيس اچڻ لڳا، ۽ 17 جون 2020ع تائين ملڪ جي ھر ضلعي مان ڪووڊ-19 جا مثبت ڪيس رپورٽ ٿيا. پاڪستان ايشيا ۾ ٽئين نمبر تي ڪووڊ-19 جا وڌ ۾ وڌ ڪيس رپورٽ ڪيا آھن. ان کانپوءِ انڊيا ۽ ايران ڏکڻ ايشيا ۾ ٻئين نمبر تي ۽ دنيا ۾ ٻارھين نمبر تي مثبت ڪيس رپورٽ ڪيا آھن. ان جي باوجود پاڪستان ۾ موت جي شرح گھٽ آھي. جيئن دنيا ۾ 19 جولاءِ 2020ع تائين موت جي شرح 4.1% آھي. پر پاڪستان ۾ 2.12% آھي. 14 جون 2020ع تي پاڪستان ۾ وڌ ۾ وڌ 6825 ڪيس رپورٽ ٿيا. پر ان کانپوءِ مثبت ڪيسن جو تعداد گھٽجڻ لڳو، 3 جولاءِ 2020ع تي 8929 ڪيس صحتياب ٿيا جيڪي مثبت ڪيسن جو 50% آھي، ۽ 9 جولاءِ 2020ع تائين 60% تي پھتي. 23 جولاءِ 2020ع تائين تقريباّ 266،000 مثبت ڪيس رپورٽ ٿيا، جنھن مان 208،000 صحتياب ٿي ويا، ۽ 5600 ماڻھو موت جو شڪار ٿيا. سنڌ 114،000 ڪيس رپورٽ ڪيا، پر پنجاب ۾ 2090 ماڻھو موت جو شڪار ٿيا.
24 مارچ 2020ع تي ايران جي بارڊر کان تافتان کان آيل 640 زائرين کي سکر جي ليبر ڪالونيءَ ۾ ڏھن ڏينهن جي لاءِ ڪورنٽائين ڪيو ويو جن جي حالت تمام خراب ھئي. 25 مارچ 2020ع تي مڪمل طور ٽريفڪ کي شھر ۾،ضلع اندر ۽ صوبي کان صوبي تائين بند ڪيو ويو ۽ ان کان سواءِ عام جاين تي ۽ پرائيويٽ جاين تي مڪمل طور مجموعن تي پابندي لڳائي وئي. 28 مارچ 2020 ع تي چين جي فائونڊيشن چائينزبلينيئر جيڪ ما ۽ علي بابا گروپ طرفان ٻيو ھوائي جھاز ڪراچي ۾ ورتو ويو. جنھن ۾ 50 ھزار ٽيسٽنگ ڪٽس، فيس ماسڪ، وينٽيليٽر ۽ PPEs تقريباً 67 ملين جي ماليت جا مھيا ڪيا ويا.
پنجاب حڪومت 10 بلين جو رليف پڪيج، 2.5 ملين خاندانن لاءِ روزانو بنياد تي مزدوري ڪندڙن لاءِ اعلان ڪيو. ھاڻي مقامي سطح تي وائرس جو ڦھلاءُ شروع ٿي ويو.
پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل طرفان اين، اي، ڊي (NED) يونيورسٽي جي مدد سان وينٽيليٽر ٺاھيو ويو.
31 مئي 2020 ع تي ملڪ ۾ 82 ٺيڪ ٿي ويا. 26 کي موت جي گھري ننڊ ۾سمھاري ڇڏيو ۽ 174 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا.
1 اپريل 2020 ع تي 2291 تائين انگ پھچي ويو. 7 اپريل 2020ع تائين 45 ماڻھو موت جو شڪار ٿيا.
14 اپريل 2020 ع وڌيڪ ٻن ھفتن جي لاءِ لاڪ ڊائون کي وڌايو ويو.
16 اپريل 2020 ع تائين وائرس% 58 مقامي آبادي تائين ڦھلجي ويو.
وفاقي حڪومت ھڪ دفعو ٻيهر لاڪ ڊائون ۾ وڌيڪ 9 مئي 2020ع تائين اضافو ڪيو.
19 مئي 2020ع تي حيدرآباد ۾ 64 سال جي پوڙھي جو ڪامياب علاج پلازما ٿراپي ذريعي ڪيو ويو
21 مئي 2020ع تائين پاڪستان ۾ مثبت ڪرونا 19 جو تعداد 48 ھزارن تي پھچي ويو ۽ فوت ٿيندڙن جو تعداد 1 ھزار سترھن تائين پھتو.
ان دوران پاڪستان جي ائير لائين فلائيٽ 8303 22 مئي 2020ع ڪراچي ۾ ڪري پئي جنھن ۾ 97 ماڻھو مري ويا.
رائيونڊ لاھوراندر دين اسلام جي وڏي ۾ وڏو تبليغي جماعتي اجتماع ٿيندو آهي جنھن جي لاءِ اسڪالر بربرامطلف جو چوڻ آهي ته 2 ملين ماڻھوگڏ ٿيندا آھن.
ان ڪرونا 19 جي صورتحال ۾ 539 ڪرونا 19 جي مثبت ٽيسٽن جو تعلق تبليغي جماعت جي دين جي خدمت ڪندڙ بزرگن مان ٿيو. پنجاب جي اسپيشل برانچ مطابق 70 کان 80 ھزار ماڻھو سڄي ملڪ مان ۽ 3 ھزار ماڻھو دنيا جي 40 ملڪن مان ھن اجتماع ۾شريڪ ٿيا.
رائيونڊ لاھور جي سينٽر کي ڪورنٽائين ڪيو ويو پنجاب جي 36 ضلعن ۾ 10263 بزرگن کي ڪورنٽائين ڪيو ويو. ايستائين جو حيدرآباد ۾ 38 تبليغي جماعت جا بزرگ ڪرونا 19 جا مثبت سامھون آيا.
20 مارچ 2020ع تي فلسطين جي اندر ٻه ماڻھو ڪرونا ۾ مثبت آيا جيڪي پاڪستان کان سفر ڪري مصر کان غزا پھتا.
28 مارچ 2020ع تي پاڪستان جو اسڪوائش رانديگر اعظم خان لنڊن ۾ ڪرونا 19 سبب لاڏاڻو ڪري ويو.
وفاقي حڪومت طرفان 30 جنوري تي پي آئي اي پنھنجو فلائيٽون چين ۽ پاڪستان وچ ۾ معطل ڪري ڇڏيون. پي آئي اي اسلام آباد، ڪراچي، لاھور ۽ پشاور ايئر پورٽ تي اسڪريننگ ٽيسٽ شروع ڪئي وئي جيڪي ماڻھو چين کان آيا پئي ان کانسواءِ ڪراچي ۾ جيڪي ملڪ اندر فلائيٽ ھليون پئي انھن جي به اسڪريننگ ڪئي وئي.
13 مئي 2020ع تي ملڪ جي صدر مملڪت عارف علوي عوام کي صلاح ڏني ته وڏين گڏجاڻين ۾ ھڪٻئي کي ھٿ ڏيڻ کان پاسو ڪن ۽ ان کان سواءِ جيڪڏھن اوھان محسوس ڪريو ته زڪام يا ڪرونا جون علامتون ظاھر ٿيون آھن ته وڌيڪ ڌيان ڏيو.
پاڪستان بين الاقوامي فلائيٽ کي مڪمل بند ڪري ڇڏيو.
13 مارچ 2020ع تي نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي گڏجاڻي وزير اعظم عمران خان جي صدارت ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سڀ اسڪول ۽ يونيورسٽيون 5 اپريل 2020ع تائين بند ڪيون وڃن، ڪلاسز آن لائين ھلايا وڃن.
وفاقي حڪومت پاران، سنڌ حڪومت کي 10 ملين جي گرانٽ ، مريضن جي خاندانن کي راشن ڏيڻ لاءِ ورلڊ بئنڪ جي ترقياتي پروگرام مان ڏنا ويا.
23 مارچ 2020ع تي قومي ڏينھن کي بنا مجموعي ۽ ملٽري پريڊ کانسواءِ ملھايو ويو.
25 مارچ 2020ع تي قومي اسيمبلي جو اسپيڪر گڏجاڻي پارليامينٽ جي اھم اڳواڻ ۽ سينٽ ميمبر جي ھن وبا جي تي بحث ڪرايو ويو.
31 مارچ 2020ع تي ھن ايمرجنسي کي منھن ڏيڻ جي لاءِ 10 بلين جو اضافي معاشي پيڪيج ڏنو ويو.
پاڪستان ۽ چين SINO Pharma ڪمپني سان گڏجي ڪووڊ جي ويڪسين جو ٽرائل اپريل 2020ع ۾ شروع ڪيو، جيڪو مڪمل ٿي ويو آھي.
24 مارچ 2020ع تي چيف آرمي اسٽاف جنرل ملٽري جي ميڊيڪل ڪور کي حڪم ڪيو ته سڄي ملڪ ۾، پنھنجا ذريعا استعمال ڪري ھن وبا سان وڙهو.
اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان پنھنجي بيان ۾ چيو ته سڀني بئنڪن مان ڪرونا 19 جي وائرس کان پاڪ رقم ملندي ۽ سمورين بئنڪن کي ھدايت ڪئي جيڪي پيسا، اسپتالن ۽ ڪلينڪس کان اچن انھن جي به ڪورنٽائين ڪئي وڃي.،،
26 مارچ 2020ع تي پاڪستان فيصلو ڪيو ته ھن وبا کي منھن ڏيڻ لاءِ 3.5 بلين جا قرض ورتا ويندا. وزيراعظم جي صلاحڪار حفيظ شيخ پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته ورلڊ بئنڪ ۽ ايشين ترقياتي بئنڪ قرضن کي وڌايو ويو آهي.،،
27 مارچ 2020ع وزيراعظم نوجوانن جي ,, ڪرونا جي بچاءِ جي ٽائيگر فورس ٺاھڻ جو اعلان ڪيو.،،
وفاقي حڪومت 29 مارچ 2020ع تي فيصلو ڪيو ته وڏا روڊ کليل رهندا ته کاڌ خوراڪ ۽ ٻين شين جي کوٽ نه پيدا ٿئي. ان سان گڏ مال گاڏين جي آمدورفت وڌائي وئي.
وزيراعظم صوبائي حڪومتن کي ھدايتون جاري ڪيون ته ذخيرہ انداز ۽ منافعي خور تي سختي سان ايڪشن کنيو وڃي.
30 مارچ 2020ع تي سپريم ڪورٽ طرفان حڪومت کي چيو ويوته حڪومت اھڙو حڪم جاري ڪري ته جيڪي قيدين تي ڪيس ھلندڙ آھن انھن کي آزاد. ڪيو وڃي.
30 مارچ 2020ع تي وفاقي حڪومت جي وزير ظفر مرزا چيو ته جيڪو اسڪالر ،سائنسدان، ٽيڪنشن، سامان ٺاھيندڙ ڪووڊ 19 جي جنگ ۾ گورنمينٽ کي مدد ڪندا ته ان کي حڪومت طرفان فنڊ مھيا ڪيا ويندا.
وفاقي وزير فهميده مرزا چيو ته جيڪو رانديگر ڪووڊ مثبت ٿيندو، ان جي علاج جو خرچ حڪومت ڀريندي.
وزيراعظم جي اسپيشل صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ 1 اپريل 2020ع تي اعلان ڪيو تي جيڪي صحافي، غير محفوظ علائقن ۽ ڪورنٽائين سينٽرن جي رپورٽنگ ڪندا، انھن کي بچاءَ جو سامان فراھم ڪيو ويندو. ھن اھو به ميڊيا کي ٻڌايو ته حڪومت COVID19 CARE جي نالي سان آن لائين لنڪ جوڙي آهي. اھو به چيو ته صحافين جي مدد لاءِ احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام ۾ انھن صحافين کي رجسٽر ڪيو ويندو، جيڪي ڪووڊ مثبت ھوندا.
اسد عمر وفاقي وزير پلاننگ ۽ ڊيولپمينٽ چيو ته وبا کي ڦھلڻ کان بچڻ لاءِ، لاڪ ڊائون کي 14 اپريل 2020ع تائين وڌايو ويو آھي.
پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن ۽ پاڪستان بار ايسوسيئشن گورنمنٽ کي وارننگ ڏني ته جيڪڏھن لاڪ ڊائون کي ختم ڪيو ته ملڪ ۾ ڪووڊ جي ڪيسن جو ڪوڪو ٺوڪجي ويندو.
وزيراعظم طرفان ,1.2 ٽريلين جو معاشي پيڪيج جاري ڪيو ويو. گھٽ آمدني وارن گروپن خاص ڪري مزدورن کي 150 بلين ڏنا ويا. 280 بلين ڪڻڪ وٺڻ لاءِ رکيا ويا. زراعت ۽ ننڍين فيڪٽرين جي لاءِ فنڊ ڏنا ويا. پيٽرول ،گئس ۽ بجلي جي بلن ۾ صارفين کي رعايت ڏني وئي. حڪومت طرفان احساس پروگرام تحت غريبن ۾5.2 ملين ورھايا ويا، بعد ۾ ان ۾ اڃا به واڌارو ڪيو ويو. اسپيشل معاوضو ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل جي لاءِ منظور ڪيو ويو ته جيڪو ڊاڪٽر يا پيرا ميڊيڪل اسٽاف ڪرونا جي ڪري فوت ٿيندو ان کي شھيد جو رتبو ڏنو ويندو.ان خاندان کي شھيد وارو معاوضو ڏنو ويندو.
31 مارچ 2020ع تي وفاقي ڪابينه طرفان ھڪ دفعو ٻيھر معاوضي تي وري نظرثاني ڪري 100 بلين جي سپليمينٽري ڪووڊ جي ايمرجنسي گرانٽ ڏني وئي. ان کانسواءِ 12 ملين غريب خاندانن جي لاءِ ڪفالت پروگرام تحت 12 ھزار ڏنا ويا. ھن پروگرام جي ھلڻ سان 1.77 ملين ماڻھو 22 بلين 4 سئو ۽ 66 روپيه کڻي چڪا آھن. اڄ جڏھن ھي سٽون لکي رھيو آھيان ته پاڪستان ۾ 9 آگسٽ 2020ع تائين ڪووڊ۱۹ جا 284,121مثبت ٿي چڪا آھن. انھن مان 260,248 صحتياب ٿي چڪا آھن. بدقسمتي سان 6082 لاڏاڻو ڪري ويا آهن.
اڳين صف جي، صحت جون خدمتون ڏيندڙ ڊاڪٽر، نرسن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف جا ورڪر%15 کان %18 ورڪر مبتلا ٿيا آهن، ڪنھن ھنڌ ان کان به وڌيڪ مبتلا ٿيا آھن. ڪووڊ جي ھن صورتحال ۾، ميڊيا ۽ حڪومت طرفان سلام پيش ڪيا ويا آھن پر حقيقي طور رڳو سکڻا دلاسا ۽ ڪوڙا سلام آڇيا ويا آھن.
سڀ کان وڌيڪ ۽ سچو سلام 16 جون 2020ع تي ھن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويل طارق عزيز جو سلام جيڪو ھن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪرڻ کان پھريان اردوءَ ۾ ڏنو آھي .جنھن سچائيءَ ۽ جذبي سان وڊيو رڪارڊنگ ڪئي آھي
,,دیکھتی آنکھوں، سنتے کانوں، پاکستان کے عظیم ڈاکٹر، پیرامیڈیکل اسٹاف اور نرسز، آپ سب کو طارق عزیز کا سلام پھچے، آجکل جھاں بھی جائو تو ایک بات سننے کو آتی ھے کے کووڈ کب ختم ھوگا۔ اس کے بارے میں کوئی بتا نہیں سکتا۔ لیکن جس جواں مردی سے ڈاکٹر، پیرامیڈیکل اسٹاف اور نرسز مقابلا کر رھے ھیں وہ قابل داد ھے۔ انشاء اللہ یے وبا پاکستان سے ختم ھو جائے گی۔ آپ سب مبارک باد پیش کرتا ھوں، آپ جس دل و ججان سے لڑ رھے ھو سلام پیش کرتا ھوں۔

سنو اے مسیحا نفسا سنو۔۔۔۔!
رنگوں میں بھیگی تمام موسم گواھی دینگی
وفا کے راستے کے سب مسافر گواھی دینگی۔
کے تم کھڑے تھے، تم کھڑے تھے،
سھر کا سورج گواھی دیگا کے جب اندھیروں کی کوکھ سے نکلنے والے یے سوچتے تھے کے سب مسیحا مر چکے ھیں ،تم کھڑے تھے،
تمھاری آنکھوں کے تابچوں میں ایسی آنکھیں بھی تو ان آنکھوں نے کم دیکھی ھیں۔
روح کے درد بھی ھوں اور پردہ درد بھی ھوتے ھیں ۔ ایسی آنکھیں بھی تو ان آنکھوں نے کم دیکھی ھیں۔
تمھاری آنکھوں کے تاگچوں میں جلی چراغوں کی روشنی نے کئی مناظر ھمیں دکھاۓ۔ نۓ دیئے ھم نے جلائے سنو اے ھم نفسا اے مسیحا سنو۔


پاڪستان ۾ اڳئين صف جي ورڪرن، ڪووڊ شروع کان ئي پنھنجي بچاءُ جي سامان جي جي گھر ڪئي پر حڪومت انھن کي بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو، جو پھريون ڊاڪٽر اساما رياض گلگت بلتستان نوجوان ڊاڪٽر شھادت جو جام پيتو. ائين اھو سلسلو شروع ٿي ويو جو ڊاڪٽر زبيده گائينالاجسٽ، ڊاڪٽر عبدالقادر سومرو، ڊاڪٽرفرقونل ريڊيولاجسٽ، ڊاڪٽر نواز ڳاھوٽي، ڊاڪٽر طاھر عالماڻي، ڊاڪٽرزھير اسد شيخ، ڊاڪٽر يونس چنا، ڊاڪٽرعلي نذر، ڊاڪٽر ميمونا رانا، ڊاڪٽررابعه طالب، ڊاڪٽر اڪرم قريشي، ڊاڪٽر اعجاز احسان فزيشن، ڊاڪٽرثنا فاطمه، ڊاڪٽر سلمان طاھر، ڊاڪٽر نديم اختر، ڊاڪٽر حفيظ مسعود، ڊاڪٽر منور جاويد ميان، ڊاڪٽر غزاله شاھين، ڊاڪٽر سلمان علي، ڊاڪٽر راحت مسعود، ڊاڪٽر تنوير اڪرم ڀٽي، ڊاڪٽر آصف رائو، ڊاڪٽر اعجاز خواجه، ڊاڪٽر ضياءُ الحسن، ڊاڪٽرعمر دراز، ڊاڪٽر وسيم مشتاق، ڊاڪٽر محمد جاويد، ڊاڪٽر عظيم خان ٻارن جي ماھر، ڊاڪٽر خانزادہ شنواري، ڊاڪٽر اورنگزيب خٽڪ، ڊاڪٽر فنگ چند سنگھ، ڊاڪٽر شاھه ولي، ڊاڪٽر نعيم آغا، ڊاڪٽرمحمد اسلم مگسي، ڊاڪٽر زبير احمد، ڊاڪٽر ولايت گوپانگ، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ شيخ، ڊاڪٽر پروين مفتي، ڊاڪٽر محمد حسن اعواڻ، ڊاڪٽر فيصل، ڊاڪٽر ارم ظھور، ڊاڪٽر ظھور، ڊاڪٽر شفيق منگيو، ڊاڪٽر عبدالرزاق ڪنمڀر، ڊاڪٽر آصف اسلم، ڊاڪٽر مصطفيٰ ڪمال پاشا، ڊاڪٽر عبدالقيوم سومرو، ڊاڪٽر يونس حيدر سومرو، ڊاڪٽر شفيع الله شيخ، ڊاڪٽر فرخ انلحق، ڊاڪٽر وسيم، ڊاڪٽر فرقان الحق، ڊاڪٽر سيد نثار علي، ڊاڪٽر محمد اخلاق خان، ڊاڪٽر انور فيصل، ڊاڪٽر فيصل قريشي، ڊاڪٽر خالد قريشي، ڊاڪٽر نصير حيدر، ڊاڪٽر خالد محمود، ڊاڪٽر سڪندر، ڊاڪٽر حيات الله، ڊاڪٽر سيف الرحمان، ڊاڪٽر گلزار احمد، ڊاڪٽر نعيم خالد، ڊاڪٽر رمضان ڀٽي، ڊاڪٽر شاھه عالم، ڊاڪٽر باسط غفور، ڊاڪٽر راحت مسعود، ڊاڪٽر وسيم مشتاق، ڊاڪٽر فلق شير، ڊاڪٽر نعيم آغا، ڊاڪٽر اسلم مينگل، ڊاڪٽر نوشاد حيدر، ڊاڪٽر ثناءَ فاطمه، ڊاڪٽر شمس سيال، ڊاڪٽر ارشاد نبي، ڊاڪٽر خالد چودري، ڊاڪٽر گل مرجان ۽ ڊاڪٽر سبطين انور، ۽ نرس مسرت، نعمان احمد، ظفر اقبال، عارف ۽ اڪبر ڪووڊ سان وڙھندي شھادت ماڻي. جو ھن وقت پاڪستان جي اندر فرنٽ لائين ورڪرس ڪووڊ 19 جي ڪري 253 شهادت ماڻي چڪا آهن.
پاڪستان ۾ پھريائين غربت جا انگ اکر ٻڌائين ٿا ته 1.7 بلين آدم بنيادي سھولتن کان وانجھيل آهن. ان جو وڏو سبب آباديءَ جي واڌ، ھڪ جيترا وسيلا نه ملڻ ۽ بيروزگاري آھي. ڪووڊ جي اچڻ کان پوءِ ڊاڪٽر حفيظ پاشا مطابق، چئن مھينن اندر انڊسٽري جي ٻيڙي گهٽتائي ٿي آهي،،
ٽيڪس جو حدف.5 .5 ٽرئلين مقرر ٿيل ھو اھو حاصل ڪرڻ ناممڪن ٿي پيو آهي. پاڪستان ۾ مارچ جي پھرين ھفتي اندر 16 ملين ڊالر جو گھاٽو کاڌو. جي ڊي پي% 1.57 رھي. پاڪستان پلاننگ ڪميشن ظاھر ڪيو ته وائرس جي ڪري 0.8 کان 1.3 سيڪڙو جي ڊي پي گھٽجي وئي آھي . غربت 5 .23 سيڪڙو کان وڌي 59 سيڪڙو ٿي وئي آھي. وزارت براءِ پلاننگ جي، پاڪستان اندر ھن وبا دوران. 12.3 کان 18.5 ملين ماڻھو بيروزگار ٿيا آھن. پاڪستان جي اندر بيروزگاري ۽ لاڪ ڊائون جي ڪري 11 ماڻھن خودڪشيون ڪيون.
حڪومت 15 سيپٽمبر 2020ع کان اسڪول کولڻ جو فيصلو ڪيو آھي.

پنجاب


12مارچ 2020ع تي پنجاب حڪومت جي ڪابينه جي گڏجاڻي ۾ صحت جي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي. 22 مارچ تي پنجاب حڪومت طرفان ٻن ڏينھن جي لاءِ دوڪان، شاپننگ مال، مارڪيٽون، پارڪ ۽ عوامي اجتماع کي بند ڪيو ويو.
پنجاب جي وزير اعليٰ سردار عثمان بوزدار چيو ته ماڻھو پنھنجي گھرن ۾ رھن، سماجي وٿي برقرار رکن ۽ غير ضروري سفر کان پاسو ڪن. ميڊيا جي رپورٽ مطابق لاھور جا لوڪل ماڻھو اھا پريڪٽس نه ڪري سگھيا. 23 مارچ 2020ع تي وزيراعلي 14 ڏينھن جي لاءِ لاڪ ڊائون جو اعلان ڪيو. ھن اھو به ٻڌايو ته ھڪ ھزار بسترن جي اسپتال لاھور ۾ قائم ڪئي ويندي. ان کانسواءِ پنج ٻيون اسپتالون صوبي ۾ قائم ڪيون وينديون. ايران کان موٽي آيل زائرين کي ديرا غازي خان ۾ ڪورنٽائين ۾ رکيو ويندو.
بسن ۽ گاڏين کي جراثيم ڪش ڪيو ويو. بس سروس ٿوري وقت لاءِ معطل ڪئي وئي. گھرو کاتي پاران آرٽيڪل 245 تحت خط لکي فوج کان مدد گھري وئي.
پنجاب يونيورسٽي وڏي پيماني تي بچاءُ جون ڪٽون، سينيٽائزر، جراثيم ڪش ۽ پسيل اينٽي سيپٽڪ ٽشو عوام جي لاءِ ٺاھيا.
تافتان کان 150زائرين فيصل آباد پھتا جن کي فيصل آباد ۾ ڪورنٽائين ڪيو ويو 450 ٻيا زائرين زرعي يونيورسيٽي ۾ ڪورنٽائين ڪيو ويو.
حڪومت پنجاب ملتان جي انڊسٽري واري علائقي وڏي ۾ وڏو ڪورنٽائين سنيٽر قائم ڪيو ويو آھي، جنھن ۾زائرين لاءِ ٽي ھزار ڪمرن تي مشتمل سينٽر قائم ڪيو ويو. 1247 زائرين ڪورنٽائين ڪيا ويا.
صوبائي حڪومت فيصلو ڪيو ته موٽروي کي بند ڪيو ويندو سواءِ اھي گاڏيون جن ۾ ٻه ماڻھو سوار ھوندا.
اين آئي ايڇ طرفان ھاءِ ڊپنڊيسي يونٽ قائم ڪيا ويا. آئيسوليشن ۽ ڪورنٽائين اسٽاف کي تربيت ڏني وئي.
28 مارچ 2020ع تي وزير اعليٰ اعلان ڪيو ته صوبي ۾ 2.5 ملين روزانو مزدوري ڪندڙن کي 10 بلين ڏنا ويندا.
پنجاب حڪومت 90 ڏينھن جي قيدين کي رعايت ڏيڻ جو اعلان ڪيو .جنھن سان ٽي ھزار ھڪ سئو قيدين کي فائدو پھتو.
وزيراعليٰ وڌيڪ چيو ته پنجاب حڪومت پاران انفيڪشس بيمارين جي بچاءُ ۽ ڪنٽرول لاءِ ھڪ آرڊيننس 2020 جاري ڪيو ويو آھي. ھڪ مھيني جي وڌيڪ پگھار صحت جي ورڪرن کي ڏني وئي آھي.''
انصاف امداد پروگرام آندو ويو آھي جنھن تحت زڪوات فنڊ مان ھڪ لک ستر ھزار غريب خاندانن جي اٺ سئو ستر ملين روپيا جاري ڪيا ويا.
ھڪ ھزار بسترن جي اسپتال ايڪسپو سينٽر مڪمل ڪئي وئي جنھن جي لاءِ 620 ملين لڳايا ويا آھن. جنھن ۾ 8 نئيون ليبارٽريون قائم ڪيون ويون آهن.
اپريل 2020ع جي شروع ۾ روزانو واريون عبادتون معطل ڪيون ويون.
پنجاب جي چيف سيڪريٽري ٻڌايو ته ٻه اسپتالون ھڪ راولپنڊي ۽ ٻي جھلم ۾ شروع ڪئي پئي وڃي.
10 اپريل 2020ع تي بصرت راجه وزير قانون، پارليامينٽ افيئر ۽ سماجي چيو ته 35 سئو قيدين کي جتي وڌيڪ قيدي آھن انھن کي ٻين جيلن ڏانھن منتقل ڪيو ويندو.
پنجاب جي انفارميشن جي وزير فضل احسن چيو ته جيڪو صحافي ڪووڊ جي ڪري فوت ٿيندو ان کي ھڪ ملين ڏنو ويندو ۽ سندس گھرواريءَ کي 10 ھزار ماھوار سندس جيري ھجڻ تائين پينشن ڏني ويندي. جيڪڏهن ڪو ميڊيا جو ماڻھو ڪووڊ مثبت ٿيو ته ان کي ھڪ لک روپيا ڏنا ويندا.
ھڪ ھزار ست سئو ماڻھو مختلف علائقن مان آيل ملتان ۾ ڪورنٽائين ڪيا ويا، جڏھن ھي سٽون لکي رھيو آھيان ته پنجاب ۾ 9 آگسٽ 2020ع ڪووڊ جا 94,223 ٿي چڪا آهن.جنھن مان 86266 صحتياب ٿي چڪا آھن.
آدم 2169 فوت ٿي چڪا آهن.

بلوچستان


بلوچستان حڪومت 14 ماڻھن تي مشتمل ٽيڪنيڪل ڪاميٽي جوڙي جيڪا ھن وبا کي منھن ڏيندي. اسڪولن کي 31 مارچ 2020ع تائين بند ڪيو ويو.
بلوچستان جي وزير سردار يار محمد رند چيو ته اُنھن اسڪولن تي ايڪشن کنيون ويندو جيڪي ان فيصلي تي عمل نه ڪندا. ميٽرڪ جي امتحان کي پوئتي هٽايو ويو.
ٻين صوبن جيان آرميءَ جي ڊيوٽي لڳائي وئي. 24 مارچ 2020ع تي7 اپريل 2020ع تائين بلوچستان حڪومت مڪمل لاڪ ڊائون ڪيو . عام ماڻھن جي گڏجاڻين، سماجي ۽ مذھبي اجتمائن تي پابندي لاڳو ڪئي وئي. صرف ھڪ ماڻھو کي اجازت ڏني وئي ته ھو پنھنجي گاڏي ۾ سفر ڪري سگھي ٿو. ميڊيا جي ماڻھن کي مڪمل ڇوٽ ڏني وئي. بئنڪن، کاڌي پيتي جون شيون ٺاھيدڙ، بچاءُ جو سامان ٺاھيندڙ، دوڪاندار، پيٽرول پمپ ۽ سماجي ڪم ڪندڙ تنظيمن کي مڪمل اجازت ڏني وئي. 24 مارچ 2020ع کان پنجن ضلعن ۾ ايمرجنسي لڳائي وئي جن جا باڊر ايران سان مليا ٿي. 30 مارچ 2020ع تي سينٽرل جيل ڪوئٽا ۾ اسپري ڪيو ويو. جراثيم ڪش مشينون سمورن ضلعن ۾ ورهائيون ويون. 31 مارچ 2020ع تي حڪومت پنج سئو ملين روپيا ڪورنٽائين سينٽر ڪوئٽا، چمن، تافتان ۽ ٻين ھنڌن تي ٺاھڻ لاءِ ڏنا. 2 اپريل 2020ع کان لاڪ ڊائون کي 14 کان 21 اپريل 2020ع تائين وڌايو ويو.
فنانس وزير ظھور بليدي ڏيڍ ملين ٽيڪس جي رعايت ڏيڻ جو اعلان ڪيو.
جڏھن ھي سٽون لکي رھيو آھيان ته بلوچستان ۾ 9 آگسٽ 2020ع ڪووڊ جا 11884 ڪيس ٿي چڪا آھن انھن مان 10326 صحتياب ٿي ويا ۽ 137 ماڻھن پنھنجون زندگيون وڃايون آھن.

خيبرپختونخواهه


حڪومت خيبرپختونخواهه تعليمي ادارا 5 اپريل 2020ع تائين بند ڪري ڇڏيا عوامي گڏجاڻيون معطل ڪري ڇڏيون 22 مارچ 2020ع تائين ضلعن اندر ستن ڏينھن لاءِ پبلڪ ٽرانسپورٽ کي بند ڪري ڇڏيو. محدود لاڪ ڊائون ٽن ڏينهن لاءِ لڳايو ويو. 24 مارچ 2020ع تي پشاور ھاءِ ڪورٽ فيصلو ڏنو ته 28 مارچ 2020ع تائين سڀ ڪورٽون بند رھنديون. 27 مارچ 2020ع تي داخل ۽ ٻاھر نڪرڻ واري رستن تي اسڪريننگ ٽيمن کي مقرر ڪري ھر ايندڙ ويندڙن جون ڪووڊ اسڪريننگ ٽيسٽون شروع ڪيون ويون.
صوبائي وزير علي محمد خان اعلان ڪيو ته ھڪ ھزار ٽي سئو ڊاڪٽر ڪانٽريڪٽ جي بنياد تي مريضن جي نگھداشت لاءِ ڀرتي ڪيا ويندا . خيبرپختونخواھ ۾ پبلڪ سروس ڪميشن 635 ڊاڪٽر ڪميشن ذريعي ڀرتي ڪيا، جيڪي پڻ صحت جي ورڪ فورس ۾ شامل ٿي ويندا.
29 مارچ 2020ع حڪومت 32 بلين رپيا ھن ڪووڊ جي ڪرائيسس ۾ ماڻھن ۽ بزنس ڪميونٽي کي ڏنا. انفارميشن جي وزير اجمل وزير اعلان ڪيو ته اڻويھ ملين غريب خاندانن ۾ ساڍا يارهن بلين رپيا ڏنا ويندا. ٽي ھزار احساس پروگرام ۾ ڏنا ويندا. ٻه ھزار KP حڪومت ورھائيندي ۽ بزنس ڪميونٽي کي پنج بلين جا ٽيڪس معاف ڪيا ويندا.
3 مارچ 2020ع تي آڪسيجن ڪارڊيڪ مانيٽر، انفيوين پمپ، ڊاليسس ڪيٿٽر ۽ ٻيون PPEs سڀني ضلعن ۾ ھڪ جيتريون ورهايون ويون.
صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ جي طرفان 50 ھزارN-95 ماسڪ، 8 ھزار سرجيڪل ڪٽ، 750 لٽر سينٽائيزر ۽ پنج ھزار ٽيسٽنگ ڪٽ اپريل 2020ع ۾ مھيا ڪيا ويا.
ھي سٽون جڏھن لکي رھيو آھيان ته ڪووڊ جا اڄ تائين 9 آگسٽ 2020ع ۾ 34635 ڪيس رپورٽ ٿيا جنھن مان 31542 مڪمل صحتياب ٿي ويا ۽ 1230 ماڻھو لاڏاڻو ڪري ويا.

گلگت بلتستان


حڪومت 12مارچ 2020ع کان ميڊيڪل ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي، تعليمي ادارا 5 اپريل 2020ع تائين بند ڪري ڇڏيا ساڳئي طرح اسلام آباد ۾ قلم 144 لڳائي ڇڏيو. حڪومت 23 مارچ 2020ع تائين لاڪ ڊائون ڪري ان تي عمل ڪرڻ لاءِ پيراملٽري فورس جو استعمال ڪيو ويو. 27 مارچ 2020ع تي چين گلگت بلتستان حڪومت کي 5 وينيلٽر، 2 ھزار N-95 ماسڪ، 2 لک فيس ماسڪ ۽ 2 ھزار ٽيٽنگ ڪٽ مھيا ڪيون پر پوءِ. به وڌيڪ ڪيس ظاھر ٿيڻ لڳا. 21 مارچ 2020ع تي قلم 144 لاڳو ڪيو ويو.
حڪومت فيصلو ڪيو ته تافتان کان موٽندڙ زائرين جون ٽيسٽون ڪيون وينديون. لوڪل حڪومت 5 اپريل 2020ع تائين اسڪولن کي بند ڪري ڇڏيو. عالمي اداره صحت جي طرفان وفاقي حڪومت جي ھدايتن تي ڊيٽا مينيجمينٽ ضلعي سطح تي شروع ڪئي وئي.
وفاقي حڪومت ھدايت ڪئي ته 2 اپريل 2020ع جا 14 اپريل 2020ع تائين لاڪ ڊائون برقرار رکيو وڃي. ان لاڪ ڊائون کي وڌايو 21 اپريل 2020ع تائين وڌايو وڃي.
جيستائين 9 آگسٽ 2020ع تاريخ تائين ھي سٽون سرجي رھيو آھن ڪووڊ جا 20321 مثبت ڪيس ٿيا آھن
انھن مان 1902 صحتياب ٿي ويا آھن ۽ 55 فوت ٿيا آھن.

آزاد ڪشمير

مارچ 2020ع جي نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي گڏجاڻي ۾ صحت جي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي.
تعليمي ادارا بند ڪيا ويا ۽ سيڪنڊري جا امتحان ملتوي ڪيا ويا وزيراعظم راجا فارق حيدر اعلان ڪيو ته 11 پوئنٽن تي ٽيسننگ جون سھولتون ڏنيون پيون وڃن. جيڪي 10 ضلعن ۾ موجود ھونديون. ٽن ڏينھن جي لاءِ لوڪل ٽرانسپورٽ ملتوي ڪيون ويون. 21 مارچ 2020ع تي صوبي اندر ۽ ٻاھر ٽريفڪ کي مڪمل بند ڪيو ويو. 23 مارچ 2020ع کان ٽن ھفتن جي لاءِ لاڪ ڊائون جو اعلان ڪيو.
عباس انسٽيٽوٽ آف ميڊيڪل سائنسز مظفرآباد ۾ ڪووڊ جون ٽيسٽون شروع ڪيون.
وفاقي حڪومت جي ھدايتن سان 14 اپريل 2020ع تائين لاڪ ڊائون ڪيو.
جنھن تاريخ 9 آگسٽ 2020ع تي ھي سٽون لکي رھيو آھيان ڪووڊ جا 2134 پازيٽو ٿيا، انھن مان 1883 صحتياب ٿي ويا ۽ 58 جنم تان ھٿ کنيو.

اسلام آباد وفاقي دارالحڪومت


اسلام آباد ۾ 21 مارچ 2020ع تي 15 ڏينھن لاءِ قلم 144 لڳايو ويو ۽ اهو اعلان پڻ ڪيو ته ان جي جيڪو خلاف ورزي ڪندو، ان کي قانوني ڪاروائيءَ کي منھن ڏيڻو پوندو. 23 مارچ 2020ع تي لوڪل يونين ڪائونسل بارا ڪئو کي سيل ڪيو ڇو ته اتان 11 شڪي ڪيس ظاهر ٿيا ھئا. اسلام آباد جون ھوٽلون ۽ شاپنگ مال بند ڪيا ويا. اسلام آباد جي ڊپٽي ڪمشنر حمزا شفيع نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ته لوڪل شھر اندر ۽ ٻاھر مڪمل طور ٽريفڪ بند ھوندي. پر سماجي وٿيءَ جي اصول سان ميٽرو بس ھلنديون. ان سان گڏ عوامي ۽ سماجي گڏجاڻيون مڪمل طور تي بند ھونديون. 25 مارچ 2020ع تي وفاقي دارلحڪومت سمورين اسپتالن جي او-پي-ڊي بند ڪرائي ڇڏي..
لاڪ ڊائون 2 اپريل 2020ع کان 14 اپريل 2020ع تائين وفاقي حڪومت جي ھدايتن تي لاڪ ڊائون لڳايو ويو.
ڪووڊ 19 جڏهن آئون هي سٽون لکي رهيون آهيان جيڪا تاريخ 9 آگسٽ 2020ع ۾ مثبت ڪيس 15241 ٿيا، صحتياب ڪيس 12914 ٿيا جڏهن ته 171 ماڻهو لاڏاڻو ڪري ويا آهن.

سنڌ


سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صاحب ڪووڊ جي ھن عالمي وبا ۾ اڳئين صف جي مسيحا جھڙو ڪردار ادا ڪيو آھي. پھريون ڪيس ڪراچي ۾ ظاھر ٿيو ته ھن مرد مجاهد ھر طرف کان ھن وبا جي بچاءَ جا ھيلا ھلائڻ شروع ڪري ڏنا. سڀني کاتن جي عملدارن، سياسي تنظيمن، مذھبي رھنمائن، سماجي تنظيمن، واپاري تنظيمن، لوڪل گورنمنٽ چئرمين ۽ ٻين لاڳاپيل ماڻھن سان گڏجاڻيون ڪري، سڄي سنڌ کي ڪووڊ جي وبا کي منھن ڏيڻ لاءِ، ھڪ آواز ڪري ڇڏيو. 1 مارچ 2020ع تي سڄي سنڌ جي اسڪولن کي 13 مارچ 2020ع تائين بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
سنڌ جي وزير اعليٰ پنھنجي ڪابينه خاص ڪري، ڊاڪٽر عزرا فضل پيچوهو، سعيد غني خاصخيلي ۽ سيد ناصر شاھ، کي متحرڪ ڪري ڇڏيو. ايم. پي. ايز، ڊويزن ۽ ضلعن اندر ڊپٽي ڪمشنر سان گڏجي متحرڪ سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون. ھوائي جھازن ذريعي آيل ماڻھن کي پتي (ايڊريس) ذريعي ڳولڻ ۽ انھن کي محدود ڪرڻ جي لاءِ صحت کاتي ذريعي ريپڊ ريسپانس ٽيمن کي فعال ڪري اھا ڪوشش ڪئي ته وبا لوڪل ليول تي نه ڦھلجي. 12 مارچ 2020ع تي سنڌ حڪومت PSL جي رھيل ميچن جي لاءِ اعلان ڪيو ته اھي بند دروازي ۾، نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ ڪيون وينديون. تعليمي ادارا 30 مئي 2020ع تائين بند ڪيا ويا عارضي طور شادي ھالن، مزارن ۽ ميلن تي پابندي لڳائي وئي. 20 مارچ 2020ع تي سنڌ حڪومت ھڪ ھزار بسترن تي آئيسوليشن وارڊ ۽ ٽريٽمينٽ فليڊ اسپتال ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ قائم ڪئي.
21 مارچ 2020ع تي سنڌ حڪومت، سڄي سنڌ ۾ 14 ڏينھن جي لاءِ لاڪ ڊائون جو اعلان ڪري 24 مارچ 2020ع تي سموري ٽرانسپورٽ، مارڪيٽون، آفيسون، شاپنگ مال، ھوٽلون ۽ عوامي ھنڌ بند ڪري ڇڏيا.
سنڌ حڪومت اھو به اعلان ڪيو ته جيڪي ملازم لاڪ ڊائون دوران موڪلن تي ھوندا انھن کي پگھارون ڏنيون وينديون. 24 مارچ 2020ع تي سنڌ حڪومت جي ھدايتن تي پاڪستان جو پهريون ڪورنٽائين سينٽر ليبر ڪالوني سکر ۾ قائم ڪيو، جنھن جي ذميواري ڪمشنر سکر شفيق مھيسر کي ڏني وئي، جنهن جي ٽيڪنيڪل مدد ڊاڪٽر علي اڪبر گھانگھري ڪئي. ھن ڪورنٽائين سينٽر تي بسن ذريعي تافتان کان 1137 سئو زائرين آئسوليٽ ڪيا ويا. مڙني جا سيمپل ورتا ويا جيڪي ھوائي جھاز ذريعي ڪراچي موڪليل ويا. جنھن مان 273 مثبت آيا. بھترين انتظامن ذريعي سڀ جا سڀ زائرين مڪمل صحتياب ٿي پنھجي گھرن ڏانھن موڪليا ويا. ھن وقت ليبر ڪالوني ۾ ڪووڊ جي علاج جي اسپتال موجود آھي جتي ڪووڊ جي مريضن جو علاج ڪيو پيو وڃي ۽ سکر ۾ ڪووڊ جي ٽيسننگ پڻ ڪئي پئي وڃي.

سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ميڊيم ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو صحت جي وزير سان گڏ آغا خان يونيورسٽي جي انفيڪشن ڪنٽرول جي پروفيسر ڊاڪٽرفيصل آگاھي جي پريس ڪانفرنس ڪئي ته پنھنجي وزيراعليٰ جي سيٽ پروفيسرکي ڏني ۽ پاڻ پاسي ۾ ويھي عظيم انسان جو ڏيک ڏنو.
سنڌ جي وزير اعليٰ جو ڀيڻيويو سيد مھدي شاهه سابق ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز ڪووڊ ۾ مبتلا ٿي ويو ۽ لاڏاڻو ڪري ويو.
صحت جي عالمي اداري ووھان کان پوءِ سنڌ جي وزير اعليٰ سيد مراد علي شاهه جي ڪيل انتظامن کي مڃيو جو چين جي حڪومت ٻه جھاز، بچاءُ جي سامان، وينٽليٽر ۽ ميڊيڪل جو سامان فراهم ڪيو جنھن جي ماليت 67 ملين ھئي.
25 مارچ 2020ع تي سنڌ حڪومت جي ٽاسڪ فورس جي گڏجاڻي وزير اعليٰ جي صدارت ھيٺ ٿي گذري جنھن ۾وڌيڪ اثرائتا قدم کنيا ويا. پرچون جا دڪان، فارميسي، ميڊيڪل جو سامان ۽ ضرورت وارين شين جا دڪان صبح جو 8 بجه کان شام جو8 بجه تائين کليل رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
چيف سيڪريٽري ۽ ڪراچي جي ڪمشنر حڪم ڏنو ته وڏيون فيڪٽريون بند رھنديون ۽ بئنڪن جون ضروري برانچون کليل رکن ته جئين لاڪ ڊائون کي برقرار رکيو وڃي.
جناح پوسٽ گريجوئيٽ سينٽر ۾ 8 ڪلاڪن اندر مفت ٽيسٽون شروع ڪيون ويون.
سنڌ جو وزير اعليٰ سيد مراد علي شاهه روڊ رستي سکر پھچي، اتي گڏجاڻي ڪري، آفيسرن کي سخت ھدايتون ڏنيون. ائين پئي لڳو ڀٽ جي گهوٽ شاهه صاحب جي ھن بيت جي سراپا تعبير ٿي رهي هجي، جنهن ۾ فرمايو اٿن ته،
تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويھڻ جي،
متان ٿئي اونداھ، پير نه لھين پرين جو.
(شاهه)
سيد مراد علي شاهه ڪووڊ جي خلاف سينو تاڻي رات ڏينهن ھڪ ڪري ڇڏيو آهي. سيد جي سچائي جو اھو وڏو مثال آهي جو سندس ساٿي تعليم جو وزير سعيد غني خاصخيلي ڪرونا ۾ مبتلا ٿي پيو.
25 مارچ 2020ع تي صحت کاتي جي طرفان وزير اعليٰ جي ھدايتن تي ڪووڊ جي ڪيسن جي نقشابندي ڪئي وئي. ان سان اھو به حڪم ڏنو ويو ته سيمپلن وٺڻ جو صحيح طريقو ڪيو وڃي. انڊس اسپتال جون 18 گاڏيون مفت ۾ گھران سيمپل گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا.
گمبٽ ميڊيڪل ۽ سائنس انسٽيٽوٽ طرفان پڻ ٽيسٽون شروع ڪيون ويون ھن اداري ۾ ٽريٽمينٽ ۽ آئيسوليشن وارڊ قائم ڪيو ويو.
لمس حيدرآباد ۾ پڻ ڪووڊ جي ٽيسٽ جي سھولت مھيا ٿيڻ لڳي..
وڏي وزير 341 ملين زائرين کي بھتر سھولتون ڏيڻ لاءِ ضلعي عملدارن کي جاري ڪيا.
14 اپريل 2020ع تي آمريڪا جي بين الاقوامي ڪميشن اعتراز واريو ته ھندو ۽ ڪرسچن واري اقليتن تي ڌيان نه پيو ڏنو وڃي. جنھن کانپوءِ ايڌھي فائونڊيشن، JDC ويلفيئر آرگنائيزيشن ۽ جماعت اسلامي اڳتي وڌيا ۽ اقليتن تي توجه ڏيڻ لڳا.
10 اپريل 2020ع تي سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار اجمل وزير ٻڌايو ته سنڌ حڪومت بزنس ڪميونٽي کي ٽيڪس کان آجيو ڪيو آھي ۽ نوڪري پيشه جي نوڪرين کي بچائڻ لاءِ 17.5 ملين رکيا آھن. 8 بلين ضلعي اسپتالن جي بھتري لاءِ ڏنا ويا آھن.
29 مارچ 2020ع 4000 قيدين کي ڪووڊ جي ڦھلاءُ جي بچڻ لاءِ ضمانت تي آزاد ڪيو ويو.
30 مارچ 2020ع تي سنڌ جي وڏي وزير عام ماڻھن کي فائدو ڏين لاءِ موبائيل گاڏين ذريعي سندن درن تي راشن پھچايو.
ڪراچي جي ميئر ڪووڊ جي فوت ٿيندڙ ماڻھن جي تدفين لاءِ 5 سينٽر قائم ڪيا.
31 مارچ 2020ع تي اھو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته جيڪي ملازم فيڪٽرين ۽ پرائيويٽ ادارن ۾ ڪم ڪن ٿا انھن ۾ پگھارون ورھايون وڃن.
ڊاڪٽرن ۽ صحت سان لاڳاپيل ڪووڊ ۾ مبتلا کي بھتر سھولتون ۽ سفر لاءِ گاڏيون مھيا ڪيون وينديون.
صحت کاتي سنڌ طرفان پھرين انفيڪشن بيمارين جي اسپتال ۽ ريسرچ سينٽر ڊائو يونيورسٽي ھيلٿ سائنس جي گڏيل تعاون سان گلشن اقبال ويجھو نيپا چورنگي ۾ اسپتال قائم ڪئي وئي آھي، جنھن ۾ ڪووڊ 19 جي نازڪ مريضن جو علاج ڪيو ويندو. ھن اسپتال ۾ 400 بسترن جي سھولت موجود ھوندي. شروعاتي طور 16 بسترا ICU، 34 بستراHDU (High Depandecy Unit) ۽ 8 بسترا ER (Emergency Room) لاءِ شروع ڪيا ويا آھن، ۽ جولاءِ جي آخر ۾ ان کي وڌائي 32 بسترا ICU ، 88 بسترا HDU (High Depandecy Unit) ڪم ڪرڻ شروع ڪندا.
پروفيسر ڊاڪٽر طاھر شمسي جيڪو ھيماٽالاجسٽ نيوز ڪانفرنس ۾ ٻڌايو آھي ته ڪراچي جي 40% آبادي جولاءِ 2020ع جي آخري ھفتي تائين ڪووڊ 19 ۾ مبتلا ٿي چڪي ھوندي ۽ سيپٽمبر جي پھرين ھفتي ۾ ڪراچي جي 65% کان 70% آبادي ۾ ڪووڊ 19 جا انٽي باڊيز موجود ھوندا. ان جو مطلب پاڪستان تيزي سان Herd immunity ڏانھن وڌي رھيو آھي، جنھن جي ڪري پاڪستان ۾ ڊرامائي انداز ۾ ڪووڊ 19 جا مثبت ڪيس گھٽيا آھن، ۽ اسپتالن ۾ ڪووڊ 19 جي ڪري موت پڻ گھٽيا آھن. جنھن جي لاءِ ھي ٻڌائي ٿو ته سارس ڪووڊ 2، جي انٽي باڊيز ٽيسٽ 2200 کان 2300 ماڻھن جي مختلف ھنڌن تان ورتي وئي جنھن مان 40% ماڻھن ۾ ڪووڊ 19 جا انٽي باڊيز موجود ھئا.

شھيد بينظير آباد جي پي ايم.سي.ايڇ اسپتال ۾ ھڪ سئو بسترن تي مشتمل آئيسوليشن وارڊ ۽ ليبر ڪالونيءَ نواب شاھ ۾ فليڊ اسپتال ۽ آئيسوليشن سينٽر ڊاڪٽر محسن شاھ ڪمشنر شھيد بينظيرآباد مسٽر ابراراحمد جعفر ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد ، ڊاڪٽر معين الدين شيخ سابق ڊي. ايڇ. او جي گڏيل ڪارشن سان ڊاڪٽر گلشن ميمڻ وي سي پمس، پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چئيرمين غلام قادر چانڊيو ۽ ڊاڪٽر دولت جمالي فوڪل پرسن ڪووڊ جي ڪري بھترين اسپتال قائم ٿي. ڊاڪٽر سڪندر ميمڻ ٽيڪنڪل آفيسر صحت کاتو ۽ ڊاڪٽر عاشق شاهه ھي فليڊ اسپتال وزٽ ڪئي ۽ نھايت خوشيءَ جو اظھار ڪيو.
ھن فيلڊ اسپتال ۽ آئيسوليشن ۾ تبليغي بزرگن کي ڪورنٽائين ڪيو ويو جو ھو صبر ۽ تحمل سان پنھنجو ٽائيم ڪڍي ويا پر لوڪل پازيٽو ماڻھن کي رکيو ته انھن احتجاج ڪرڻ شروع ڪيو. سنڌ حڪومت کي خيال آيو ته پازيٽو ڪيسن کي گھرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو وڃي.
موجوده ڊسٽرڪٽ ھليٿ آفيسر شھيد بينظيرآباد ڊاڪٽر آصف رضا بروهي سيمپل ڪليڪشن جون ٽيمون وڌايون ۽ هيلٿ ٽيڪنشن جي ٽريننگ ڪرائي. ان کانسواءِ ڪووڊ جي ھن صورتحال ۾ جديد موبائيل ڪلينڪ پڻ قائم ڪئي وئي آهي ۽ پي ايم سي ايڇ ۾ ھاءِ ڊپنڊيسي يونٽ قائم ڪيو آھي.
سنڌ جو واحد وزير اعليٰ سيد مراد علي شاهه صاحب آھي جو روزانو وزيراعلي هائوس ۾ ڪووڊ جي بريفنگ ڏيندو آهي ھڪ ڏينھن ڪووڊ جا ڪيس ۽ موت گھڻا ٿيا جو اکين مان ڳوڙها ڳڙي پيس ۽ ھٿ ٻڌي عوام کي ايلاز ڪرڻ لڳو......


غريب خاندانن کي جيڪي روزانو روزي ڪمائڻ وارا ھجن ٿا انھن کي معاوضو ڏيڻ لاءِ راشن جا ڪٽا ورھائڻ جي لاءِ سڄي سنڌ ۾ بندوبست ڪيو ويو. ڪنھن حد تائين غريبن ان معاوضي مان فائدو حاصل ڪيو پر سفيد پوش ماڻهو فوٽو سيشن کان لنوائين پيا ان ڪري هو فاقا ڪشي واري زندگي بصر ڪرڻ لڳا. لوڪل گورنمينٽ طرفان موبائيل وين سروس سڄي سنڌ لاءِ ھلائي وئي.
سنڌ جي وزير اعليٰ 3 سئو 41 ملين ضلعي حڪومتن ۾، زائرين کي بھتر سھولتون ڏيڻ لاءِ ڏنا.
لوڪل گورنمينٽ جي چئيرمينن کي احڪام ڏنا ويا ته ھو يونين ڪاؤنسل جي آبادين ۾ مفت صابڻ ورھائين پر چئيرمينن صاحبن اڌ صابڻ ڪري ٻن ٽن ماڻھن کي اڌ صابڻ ڏئي تصوير ڪڍرائي سوشل ميڊيا تي شئير ڪيا.
گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل ۽ ھليٿ سائينس ۾ ڪووڊ جي ٽيسٽ جي سھولت مھيا ڪئي وئي. ان سان گڏ ھتي ڪووڊ جي علاج ۽ وينٽيليٽر جون سھولتون پڻ مھيا ٿيڻ لڳيون آھن.
ڪراچي ۾ ڊاڪٽر اديب رضويءَ جي ايس آءِ يو ٽي اداري طرفان مفت ڪووڊ جون ٽيسٽون ۽ علاج شروع ڪيو ويو آهي.
سول اسپتال ڪراچي ۾ پڻ ڪووڊ جون ٽيسٽون ۽ علاج شروع ڪيو ويو آھي.
انڊس اسپتال ۾علاج ۽ ٽيسٽن جون سھولتون موجود آهن.
ڪراچي جي پرائيويٽ اسپتالن ۾، وينٽيلٽر جي روزاني فيس ھڪ لک 50 ھزار تائين مقرر ڪري ٻنھي ھٿن سان ڦريو پيو وڃي. سائوٿ سٽي اسپتال ۾ وينٽيليٽر جو معاوضو 25 لک مقرر آھي.
27 مارچ 2020ع تي سنڌ حڪومت بزنس ڪميونٽي کي 17.5 بلين رپيا ڏنا، جيڪي ڪڻڪ جي خريداري لاءِ رکيل ھئا، ته جئين ملازمن کي پگھارون ڏين ۽ 8 بلين جي ماليت ضلعن جي اسپتالن کي ڏنا.
لاڪ ڊائون کي وڌايو ويو. سنڌ حڪومت کي چين طرفان 5 لک N-95 ماسڪ مھيا ڪيا ويا.
29 مارچ 2020ع تي جيلن ۾ ڪووڊ جي ڦھلجڻ کان بچڻ لاءِ چار ھزار قيدين کي آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
ليکڪ ۽ دانشور ڊاڪٽر سيد ارشاد ڪاظمي ايم ايس چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال لاڙڪاڻو، ڪووڊ جي ھن صورتحال ۾، تمام وڏا ڪارناما سرانجام ڏنا آھن. 80 بسترن تي آئيسوليشن وارڊ، 22 بسترن تي وينٽيليٽرن سان گڏ وارڊ، 60 بسترن تي ھاءِ ڊپنڊيسي يونٽ ۽ ڪووڊ جي پي سي آر ٽيسٽ کي ممڪن بڻايو آھي.
ڪووڊ جي حوالي سان سنڌي چينلن تي روزانو ٽي وي ٽاڪ شو، خبرون، اخباري ڪالمن ۾ شاعرن جون پنھنجون نڪور لکڻيون شايع ٿينديون رھن ٿيون. ڊاڪٽر مشتاق ڦل جي شاعري، رخسانه پريت چنڙ ۽ بيوس علي بخش چانڊيو، لاڪ ڊائون کان وٺي اڄ تائين ڪووڊ جي حوالي سان نڪور شاعري شئير ڪندا رھن ٿا.
سنڌ جي صحافت ۾ مزاحمت ۽ سنڌ جي ثقافت اجرڪ جو پٽڪو ٻڌي سنڌ جي سڃاڻپ، ٽن ڪتابن جو ليکڪ سيد علي محمد شاهه لڪياري ڪووڊ ۾ مبتلا ٿي لاڏاڻو ڪري ويو.
ان کانسواءِ ڪيترن سنڌي فنڪارن ڪووڊ جي حوالي سان گيت پڻ ڳايا آهن.
تاريخ 9 آگسٽ 2020ع ھي سٽون لکجن پيون ته سنڌ ۾ 123546 جا ڪيس ٿي چڪا آهن.انھن مان 115415 صحتياب ٿي چڪا آهن۽ 2262 اسان کان ھميشه جي لاءِ وڇڙي ويا آهن.

خواھشون (ڪھاڻي)

ڪرونا وائرس جي پسمنظر ۾ لکيل ھڪ پر اثر تحرير
"نزلو اچانڪ اچي ٿيو آهي ھاڻي تـه مٿي ۾ بـه سور شروع ٿي ويو آهي "
خير آھي شينھن ڇاپ گوري کائي ڇڏ " مڙس چيس
"بخار سان گڏ کنگھ بـه شروع ٿي پئي آهي "
ڪاڙھو آڻي ٿو ڏيان" مڙس ڪڇيو
“ھاڻي تـه تيز بخار کنگھ سان گڏ سيني ۾ سور بـه ٿي پيو آهي.”
ٻنيءَ تان ڪم ڪري توکي ڏاھي ڏانهن وٺي ٿو ھلان" مڙس چيو
چار ڏينھن ٿي ويا آھن بخار نٿو گھٽجي سڪي کنگھ سمھڻ نه ٿي ڏي٠ ڇاتي ۾ سور بـه آهي ۽ ھاڻي تـه ساھ کڻڻ ۾ بـه تڪليف پئي ٿئي منھنجو ڪجهه ڪر.
تنهنجي ننڊڙي نينگر روئي باھ ٿي پئي آهي ٠
“پرواهه نـه ڪر ٻڪري کپائي وڏي ڊاڪٽر ڏي ھلون ٿا پر خبر پئي آهي ' ڪرونا جيوڙو آيو آءِ جو شھر بند آھن.”
مڙس ڳالھايو•
وڏي شھر ۾ ڊاڪٽرن وٽ مشڪل سان پھتا'
ڊاڪٽر تپاسي پڇيوتـ "تون ويجھر ۾ ڪنهن ٻاھرين ملڪ مان آيل ماڻهوءَ سان تـه نـه ملي آھين "
"ھا منهنجو بابا عمرو ڪري آيو ھو کيس مبارڪ ڏيڻ لاءِ وئي ھيس سڄو ڏينهن بابي جي گھر رھي ھيس "
"جلدي ڪيو ھن مريض کي آئيسوليشن وارڊ ۾ داخل ڪرايو مريض کي ڪرونا جو شڪ آهي"
سندس مڙس جا پير نڪري ويا ھوش خطا ٿي ويس فيصلو نـه پيو ڪري سگھي تـه ھاڻي ڇا ڪريان ـــ
"جلدي ڪريو ھيءَ بيماري وچڙندڙ آهي ٻين کي بيمار نـه ڪري وجھي ھن کي اسپتال ۾ داخل ڪرايو"، ڊاڪٽر ڇڙٻ ڏيندي چيس.
ڪرونا جو مريض آيو آهي پري ٿيو ڄڻ تـه ڪو راڪاس اچي ويو ھجي
مريض کي آئيسوليشن وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو ھاڻي ھوءَ دنيا جھان کان ڪٽجي وئي
سندس علاج تـه پري جي ڳالھ آهي پر کيس پاڻي ۽ ماني ڏيڻ لاءِ بـه ڪير تيار نـه ھو ھڪ ڪمري ۾ کيس قيد تنھائي ۾ رکيو ويوـ مڙس کي ھدايت ڪئي وئي آھي تـه تون ۽ تنهنجي گھر جا فرد ھڪڙي جاءِ تي محدود ٿي وڃو ٻي صورت ۾ سڄو ڳوٺ ھن بيماريءَ ۾ وچڙي ويندو
ھن جي ھاڻي ڪو ويجھو اچڻ لاءِ تيار نـه ھوـ ھڪ طرف بيماريءَ جي تڪليف ٻي طرف ھر ماڻهو کيس نفرت سان ڏسڻ لڳا ھن سوچيو تـه ھل اھي بـه ڏينهن ھوندا ھئا جو منهنجي سونهن ڏسڻ لاءِ ماڻهو واٽون نھاريندا ھئا اڄ تـه ڪير اک کڻي نھاري بـه نٿو، سندس تڪليف وڌڻ سان گڏ رپورٽ ۽ ايڪسري اچي وئي تـه ڦڦڙ بـه ختم ٿي چڪا آهن ساھ بـه نه پئي کڻي سگهي.
آڪسيجن لڳائي علاج شروع ڪيو ويس ھن جي ويتر طبيعت خراب ٿيندي پئي وئي.
ٻئي طرف سندس مڙس کٽ اونڌي ڪري ويھي رھيو کين ڪوبـه آٿت ڏيڻ وارو نـه رھيو ـ ھر ماڻهو کين گھر واريءَ جي موت جو پيغام ڏيندو رھيو ھاڻي تـه کيس وينٽيليٽر تي رکيو ويو ھن ھڪ نرس کي چيو" مان ڀڄي نـه سگھنديس منهنجي مرڻ کان پھريان ڪجھ خواھشون آهن اھي پوريون ڪيون وڃن" ـ نرس ساڻس اکيون ملائي نـه سگهي.
منهنجي پھرين خواهش آهي تـه مونکي ھتان آزاد ڪيو وڃي تـه جيئن صبح ساجھر پکين، جھرڪين ۽ تترن جا ٽھوڪا ٻڌان
منهنجي جيڪا مينهن کٽراڳ ڪري ٿي ان کي ڏھي پنهنجي ٻچڙن کي کير پياريان.
"اھو ممڪن ناھي، ان سان بيماري ڦھلجي ويندي"
نرس ڳالھايو.
ڀلاھي خواهش پوري ڪيو مون کي آزاد ڪيوـ منھنجو مڙس لاباري تي ھوندو آ سندس اک منهنجي رستي ۾ ھوندي آهي مان سندس لاءِ ماني کڻي ويندي آھيان.
"اھو بـه ممڪن ڪونهي"، نرس جواب ڏنو.
ھڪڙي خواهش پوري ڪئي وڃي جو مان ۽ منھجو مڙس لاباري کان ٿڪجي پوندا آھيون تـه ٻير جي ڇانو ۾ ساھ پٽيندا آھيون تـه مون کي پـنھنجا ٻار ياد ايندا آھن مڙس کي ٻير ڌوڻڻ لاءِ چوندي آھيان ۽ ھو ٻير ڌوڻيندو آهي ٻيرن سان پٽ ڳاڙهو ٿي ويندو آهي مان ڳاڙھا ٻير ميڙيندي آھيان ھڪ دفعو ٻير ميڙڻ ڏنا وڃن ھڪڙي ڳالهه منهنجي بـه رکو موت تـه منهنجي ويجهو آهي مان ۽ منهنجو مڙس لابارو ڪري ڪري جڏنھن شام جو ول جا گڏا ٻڌندا آهيون تـه ڪڏنھن ڪڏنھن ٽڪرائجي ويندا آھيون ۽ پوءِ منهنجو مڙس مون کي پيار وچان ھڪڙي چمي ڏيندو آهي جنهن سان اسان ٻنهي جا ٿڪ لھي ويندا آھن مون کي ھڪڙي چميءَ جي اجازت ڏيو
"اھو بـه ممڪن ناھي ان سان بيماري ڦھلجي ويندي"
ڊاڪٽر جي اکين مان ڳوڙھا وھڻ لڳا ـ
منهنجي آخري خواهش پوري ڪئي وڃي جو مان پنهنجي آخري ٿڃ پنهنجي ڪونج کي ڏيان .
ماحول ڏکارو ٿي ويو اتي موجود ماڻھن جي اکين مان لڙڪ وھڻ لڳا
ھن ھڪ دفعو مٿي نھاريو ۽ اٻاسي ڏئي ھميشھ جي لاءِ اکيون ٻوٽي ڇڏيائين ـ

چري (هڪ سچي ڪهاڻي)

مان آفيس کان موٽيو هيس. جيئن ئي گھر ۾ داخل ٿيس ته ڏٺم ته منھنجي زال ۽ ڌيءُ روئي رهيون هيون.
“ڇاڳالھ آهي؟ اوھان روئي ڇو رھيون آھيو؟” ڪو به جواب نـه مليو.
روئڻ ۾ شدت وڌي وئي.
“ڳالھ ڪيو آخر ٿيو ڇا آهي،؟.”
ٻئي ڄڻيون اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳيون.
''آخر ڪھڙي ڳالھ تي اوھان روڄ راڙو مچايو آهي.؟!!!''
منھنجي زال سڏڪندي ٻڌايو “سيمي جي ماءُ چري ٿي وئي آهي!”
“بابا! توهان کي ته خبر آ ته سيمي منھنجي دوست آهي. اسين يونيورسٽيءَ ۾ گڏ پڙھنديون ھيون سين. سندن گھر ۾ پيءُ اڪيلو ڪمائڻ وارو ھو. گذريل سياري ۾ کيس دل جو دورو پيو ھو ۽ ھو ھن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. سندن ڪو به سھارو نه رھيو، ان ڪري سيمي مجبورن يونيورسٽيءَ مان پڙھائي ڇڏي گھر ويھي رھي. سندس ماءُ گھرن ۾ مزدوري ڪري پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالي رھي ھئي.” منھنجي ڌيءُ ٻڌايو ۽ وري ٻئي وڏيون اوڇگارون ڏيڻ لڳيون.
”توهان کي ته خبر آهي ته هاڻي سندن گھر ۾ ڪو بـه مرد ڪمائڻ وارو نه ھو. ھن کي ننڍڙيون معصوم ٻارڙيون آھن. مٿان عيد پئي اچي. سندن ڪپڙا ڪٿان ايندا؟ ھاڻي ته گھر ۾ کائڻ لاءِ به ڪجھ ڪونه اٿن!” منھنجي ڌيءُ سڏڪندي ڳالھ ڪئي.
“الله ڀلي ڪندو! جيڪواسان وٽ آھي اھو کين ڏئي ڇڏيو. پر ھوءَ چري ڇو ٿي؟” مون تعجب مان پڇيو.
“بابا مڙس جي مرڻ کان پوءِ ھو غمگين رھندي ھئي. مار پوي ڪرونا کي جو ھن جي اچڻ کانپوءِ ماڻھن کيس گھرن ۾ مزدوري ڪرڻ کان به روڪي ڇڏيوـ هوءَ گھر ۾ ويھي وئي، ٽي وي تي ڪرونا 19 جي موتن جو خبرون ٻڌي ٻڌي، پنھجا حواس وڃائي ويٺي!” ڌيءُ ڏک واري انداز ۾ ٻڌايو.
“اوھان کي ڪئين خبر پئي ته ھوءَ چري ٿي وئي آهي؟”
“ابو، سيمي ٻڌايو ته، سٺ ڏينهن جي لاڪ ڊائون دوران ڪڏھن ڪڏھن امڙ جلان ڦلان ڳالھائيندي ھئي. اڄ آڌي رات جو امان رڙيون ڪيون ته مون کي بچايو...بچايو.. ...مون کي ڪرونا ٿي وئي آهي. پوليس، رينجرس ۽ ڊاڪٽر مون کي کڻي وڃي گولي ھڻي ماري ڇڏيندا..... مون کي بچايو..... بچايو..... منھنجا ننڍڙا ٻار بک مري ويندا..... مري ويندا..... پوءِ ھوءَ ڪپڙا ڦاڙڻ لڳي.... امان جي ھي حالت ڏسي، اسان به ريھون ڪرڻ لڳيون سين. پاڙي وارا گڏ ٿي ويا. امان کي پڪڙي ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيائون ۽ اسان جي مٿي تي هٿ رکيائون” منھنجي زال ۽ ڌيءُ اوڇگارون ڏئي روئڻ لڳيون.
“ابو سيمي ٻڌايو ته امي ھاڻي به رڙيون ڪري ٿي ته مان مري ويندس ته منھنجي لاش کي پلاسٽڪ ۾ بند ڪري بنا غسل ۽ جنازي جي نماز جي دفنايو ويندو ڪو مون کي بچائي...“.منھجي ڌيءَ ٻڌايو.
منھنجي اکين مان به ڳوڙها اوتجي پيا. “مون کي حڪم ڪريو مان سيمي وارن جي لاءِ ڇاڪيان؟”
“اسان اوھان کان پوري زندگي ۾ ڪڏھن به ڪجھ نه گھريو آهي، بس سيمي کي نوڪري وٺي ڏيو.“ منھنجي زال ڳالھايو.
“ھا دل سان ڪوشش ڪيان ٿو ۽ اهو منهنجو فرض به ٿئي ٿو.“ مون وراڻيو.
مون ان ئي وقت فون گھمائي ڪيترن صاحبن مون کي کتو جواب ڏنو. مون کي ھڪڙو مسيحا دل رکندڙ آفيسر سجھندو ھو. کيس مون ھيءَ سورن واري ڪھاڻي ٻڌائي ۽ مدد جي لاءِ واڌو ھٿ ادب جا ٻڏي عرض ڪيو.
ٻئي ڏينھن تي سيميءَ جو انٽرويو ڪرايو.
مون کي ان عظيم مسيحا تي پڪو ايمان. آھي ته ھو عيد کانپوءِ سيميءَ کي روزگار سان لڳائيندو. جو هوءَ پنھنجي چري ماءُ جو علاج به ڪرائيندي، معصوم ننڍڙن کي پيٽ ڪوت به ڪرائيدي ۽ ايندڙ عيد تي نوان ڪپڙا به وٺي ڏيندي.....

مسيحا .........! (ھڪ معصوم گڏڙيءَ جي ڪھاڻي)

“چاچا ايران کان زيارتون ڪري آيو آهي. ھلو ته کيس مبارڪون ڏئي اچون. ميارون پيو موڪلي.”
"ھا امان به فون ڪئي آ ته ڇو نه ٿا اچو؟"
زال وراڻيو.
"تيار ٿي وٺو، مان گاڏي ۾ تيل وجھرائي اچان ٿو."
“بابا ،ناني ڏي مون کي به وٺي ھلو.“ پري ضد ڪرڻ لڳي.
"پري تون ڏاڏي وٽ رھ، تنهنجي لاءِ شيءَ وٺي اينداسين."
پڻس ڳالھايو.
“نانو منھنجي لاءِ رانديڪا وٺي آيو آهي مان ضرور ھلنديس.”
" پري تون ضد نه ڪر." ماڻس سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي.
"نه امان نه مونکي نانيءَ به چيو آ." پري روئڻ لڳي. زال مڙس بيوس ٿي ويا.
“ٺيڪ آهي پري تون به تيار ٿي.” پڻس نيٺ مجبور ٿي چيو.
پري خوشيءَ ۾ نه پئي ماپي. ھوناني جي گھر پھچي ويا.
پري ناني ۽ ناني کي چنبڙي پئي "نانا .. منھنجي لاءِ ڪھڙا رانديڪا وٺي آيو آهين؟ جلدي جلدي ٻڌاء!.... " پري ناني کي ڳراٽڙي پائيندي چيو.
"اڙي! جلدي پري کي گڏي ۽ جھاز کڻي ڏي." ناني زال کي چيو.
"ھا بس ماني ٺاھي وٺان ٻچڙا بکيا آيا آهن." نانيءَ جواب ڏنو.
پريءَ کي ماني ئي نه پئي وڻي رانديڪن جي خوشيءَ ۾.
"ناني مون رانديڪا ڏيکار!" هوءَ نانيءَ کي تنگ ڪرڻ لڳي.
"ان جي ڪري ته توکي وٺي ڪونه پئي اچان." پريءَ جي ماءُ ڳالهايو.
"امان پريءَ کي ڪجھ به نه چؤ ھوءَ منھنجي دادلي آ." نانيءَ ڳالهايو.
نانيءَ گڏي ۽ جھاز پري کي کڻي ڏنو. پري خوشيءَ مان جھومڻ لڳي. .... "واه جي گڏي آ. گانا به ٻڌائي ٿي....۽.. ڳالهائي به ٿي.....جھاز ته ان کان سٺو آ ناني ريموٽ تي اڏامي به ٿو..... ناني مان راجو کي ھٿ به نه لائڻ ڏينديس. ...."
پريءَ نانيءَ کي مخاطب ٿيندي چيو.
"تنھنجي ناني راجوءَ جي لاءِ الڳ رانديڪا آندا آھن." نانيءَ ڳالھايو.
"اڇا ته پوءِ راجو ۽ مان گڏجي کيڏنداسين. "پري چيو.
شام تائين ناني جي گھر ويٺا رھيا. شام ٿي ته نياڻي ۽ ڌيءَ موڪلايو. پر سس چانھن پيئڻ کانسواءِ نه ڇڏيو.
"پري ھاڻ گھر ھلون؟" ماڻس چيو.
" پريءَ کي رات ڇڏي وڃو. ٻئي ڏينھن مامس کي چونديس، ته ڇڏي وينديس " نانيءَ ماڻس کي چيو.
"ٺيڪ آ ڇڏي ٿا وڃونس." پڻس موڪلائيندي چيو.
پري سڄي رات ناني کان پري نه ٿي .سندس پيٽ تي ۽ ڪڏھن پيٽ مٿان ڦرندي رھي.
صبح ٿيو ڊاڪٽر جون ٽيمون اچي ويون. “چاچا تون ايران مان ٿي آيو آھين. تو ۾ ڪرونا جو شڪ آهي. تنھنجي ٽيسٽ ٿيندي.”
ڊاڪٽر ٽيسٽ وٺڻ کانپوءِ، کيس ھدايت ڪئي “ھاڻي پاڻ کي گھر تائين محدود رک ڪنھن سان به ملڻ جلڻ ڇڏي ڏي. جيستائين رپورٽ اچي.”
اھا خبر اچڻ کانپوءِ سڄي ڳوٺ ۾ مايوسي ڇانئجي وئي ٻئي ڏينھن سندس رپورٽ اچي وئي ڪرونا جي تصديق ٿي ويئي. پوليس جي گاڏي اچي وئي. "جلدي ڪر توکي ڪرونا ٿي پيو آهي توکي آئيسوليشن وارڊ ۾ د اخل ڪرڻو پوندو." ڊاڪٽرن کيس چيو ۽ ٽيم کيس کنڀي وارڊ ۾ وڃي ڦٽو ڪيو. سڄي ڳوٺ ۾ پوليس جو ڪڙو چاڙهيو ويو ته ڳوٺ ۾ ڪير نه اچي. باقي رھيل گھر ۾ رھندڙ ۽ جن سان سندس ملاقات ٿي هئي، انھن جي ٽيسٽ ڪرڻ لاءِ ٻئي ڏينھن وري ڊاڪٽرن جي ٽيم آئي. سندس گھروارن، ڌيءُ، پريءَ ۽ نياڻي جون ٽيسٽون ورتيون ويون. کين پابند ڪيو ويو ته سندن چرپر مڪمل بند آھي. چوٿين ڏينھن ڪيل ٽيسٽن جون رپورٽون آيون ته پريءَ جي رپورٽ ۾ تصديق ٿيو ته ڪرونا آهي. سڄي گھر جا ڀاتي اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳا... ھي اسان سان ڪھڙو ظلم ٿي ويو.....
"پري بابا ڇا ٿيو آهي.....!!"؟ پوليس جي گاڏي اچي ويئي. “پري اسان جي حوالي ڪريو ته جيئن آئيسوليشن وارڊ ۾ داخل ڪري سگھجي.” پوليس واري ڳالھايو.
صحت کاتي جي ٽيم، ھدايتون ڏيندي چيو ته " نينگر کي ماسڪ پھرايو."
“ھيءَ معصوم ٻارڙي آسوليشن وارڊ ۾ ڪئين رھندي؟” پريءَ جي پيءَ ڳالهايو.
"اسان مجبور آهيون. بالا آفيسرن جو حڪم آھي." پوليس آفيسر ڳالهايو.
"ڪجهه به ٿي پوي، اسان پريءَ کي اڪيلو ڪونه ڇڏينداسين." پريءَ جي چاچي جواب ڏنو.
"اسان جو اھومقصد ھرگز نه آھي ته اوھان کي پريشان ڪيون. اسان جو مقصد اھو آھي ته ھن موت مار بيماري کان اوھان کي، ڳوٺ کي، علائقي کي ۽ سماج کي بچايون." ڊاڪٽر سمجھائيندي چيو.
"ننڍڙو ٻار آهي. اڪيلو وارڊ ۾ ڪيئن رھندو." پيءَ ڳالهايو.
"اوھان پرواه نه ڪريو. وارڊ ۾ ٻيا ٻار به داخل آهن ۽ عملو چوويھ ڪلاڪ موجود آهي." ڊاڪٽر سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي.
"ٻار اڪيلو وارڊ تائين ته ڪونه ھلندو."
"ان جو به حل ڪيون ٿا. اسان اوھان کي ھڪ خاص قسم ڊريس ڏيون ٿا. اھا پائي، پريءَ جو پيءُ ساڻس گڏ ھلي. وارڊ ۾ ڇڏي پوءِ شئي وٺي اچڻ جو بھانو ڪري، نڪري اچي. وڌيڪ اسان پاڻ ڏسنداسين." ڊاڪٽر کين تجويز ڏيندي چيو.
"اسان جو دادلو ٻار آهي. وڌيڪ لاءِ اوھان کي پارت آهي."
پيءُ غمگين ٿيندي چيو.
"اوھان مطمئن ٿي وڃو مريض اسان کي اولاد کان به وڌيڪ پيارو ھوندو آ."ڊاڪٽر چيو.
پريءَ جي ماءُ ۽ پيءُ خاص ڊريس پائي، پريءَ سميت ايمبولينس ۾ ويٺا. سڄي ڳوٺ جا ماڻهو اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳا.
"امي ڇا ٿيو آ؟ سڄي ڳوٺ جا ماڻهو اوڇنگارون ڏئي روئن پيا ۽ اوھان به روئو پيا؟"
پريءَ عجيب محسوس ڪندي چيو....!!؟
"بس ڪجھ به نه ٿيو. اسان جو مقدر خراب ٿيو آ....." ماءُ سڏڪا ڀريندي چيو.
ايمبولينس ھلڻ لڳي، سندس پيءُ جي ذھن ۾ ھزارين سوال، وسوسا، پريشانيون ۽ خيال ڊوڙڻ لڳا...... ايمبولينس، آئسوليشن وارڊ تي پھچي وئي. پريءَ جي ماءُ ۽ پيءُ جون اوڇنگارون تيز ٿيڻ لڳيون. ايمبولنس ۾ ويٺل ڊاڪٽر ۽ عملو به روئڻ لڳو.
"آءُ خدا! تون ھيٺ لھي آ، پنھنجو جوڙيل ڏيھ ڏسي وڃ.......!!؟“ پريءَ جو پيءُ چپن ئي چپن ۾ ڀڻڪڻ لڳو.
”پري! راڻي! تون ھن ٻارن سان کيڏ، اسان تنھنجي لاءِ رانديڪا وٺي اچو ٿا......“ پڻس روئيندي چيو.
"نه ابو نه! مونکي ھتي ڊپ ٿو لڳي.....مون کي پاڻ سان گڏ وٺي ھلو...."پريءَ روئڻ لڳي."
جلدي واپس ٿجو منھنجي لاءِ سٺا رانديڪا وٺي اچو......" پريءَ راضي ٿيندي چيو.
ڊاڪٽر، پريءَ کي وارڊ ۾ وٺي ويو. پري، وارڊ ۾ ٻين ٻارن سان راند کيڏڻ لڳي.... ٻن ڪلاڪن کان پوءِ پريءَ کي بک لڳي. " مون کي بک لڳي آهي ابو ۽ امان ڪاڏي ويا. منھنجا رانديڪا به نه آندا اٿن. مون کي منھنجو بابو ۽ امان ڳولي ڏيو "
پري ڪيترن ڪلاڪن تائين وارڊ ۾ پنھنجي ماءُ ۽ پيءُ لاءِ روئندي رھي. آخرکيس ننڊ اچي وئي. پري رات جو جاڳي ته کيس اڇي رنگ جا جبا پهريل ھڪ عورت ۽ مرد نظر آيا.....خوف وچان دانھون ڪرڻ لڳي ته " بچايو .... بچايو... جن اچي ويا آهن."
"پري، اسان جن ناھيون اوھان جي حفاظت جي لاءِ مقرر ٿيل ڊاڪٽر ۽ نرس آھيون. تنھنجي لاءِ ماني کڻي آيا آهيون."
" ابو ۽ امي ته نه آهيو. مون کي ڊيڄارڻ جي لاءِ ھي ويس ڪيو اٿو...."پري خوف وچان ڳالهايو.
"ھا اسان تنھنجا ابو، امان آهيون تنھنجي لاءِ ڪيترو فروٽ وٺي آيا آهيون."نرس ڳالهايو."
منھنجا رانديڪا.ڪٿي آھن؟".پري پڇيو.
"رانديڪا وارن جا دڪان بند ٿي ويا هئا جو نه مليا. "ڊاڪٽر ڳالھايو.
پري کي ننڊ اچي وئي.
صبح ٿيو پري ڊاڪٽر کي ابو ڪري سڏيو.
"پري ڇا کپي.؟ "نرس پڇيو.
"امي، بسڪٽ ۽ چانھ ..!!"
"ديرنه ٿيندي." ڊاڪٽر جواب ڏنو
پري چانھن ۽ بسڪٽ کائي ٻارن سان راند ۾ مشغول ٿي وئي. پري وارڊ ۾ رلي ملي وئي ھئي. جيڪي شئي کتيس ٿي ته ڊاڪٽر ۽ نرس کي امي، ابو چئي گھرڻ لڳي.
سندس ماءُ ۽ پيءُ فروٽ ۽ رانديڪا روزانو وٺي، ڊاڪٽر ذريعي پھچائڻ لڳا ھئا. پري جو حال احوال وٺڻ لڳا. ڊاڪٽر، پريءَ جي وڊيو ٺاھي، مائٽن ڏانھن موڪلڻ لڳو.
پري ڊاڪٽر ۽ نرس کي پنهنجي ماءُ، پيءُ سمجھڻ لڳي ھئي. روزانو ٽافين، چيگمن ۽ آئيس ڪريم جون فرمائشون ڪرڻ لڳي ۽ ھو سندس فرمائش پوريون ڪرڻ لڳا. جئين ڊاڪٽر ۽ نرس وارڊ ۾ آيا، ته پري ضد ڪرڻ لڳي، "جيڪڏھن منھنجا ابو ۽ امي آھيو ، ته پنھنجي منھن تان، ٻوٿاڙو لاھيو ؟."
ڊاڪٽر ۽ نرس ھڪٻئي ڏانھن نھارڻ لڳا.
"اسان کي اجازت ناھي.“ نرس جواب ڏنو.
مون کي پنھنجي جھولي ۾ ڇو نٿا ويھاريو. مونکي ڪلھي تي چاڙھي ڇو نٿا گھمايو ۽ مونکي گڏ ڇو نٿا، سمھاريو. توھان منھنجا ابو ۽ امان ناھيو....."
ڊاڪٽر نرس ڏانھن نھاريو. نرس اشارن جواب ڏئي ڇڏيو.
ڊاڪٽر ٿوري دير لاءِ سوچڻ ۾ گم ٿي ويو. ممڪن آ ٻار جي ويجھو ٿيان ته مون کي به ڪرونا ٿي وڃي. ....!!؟...!!؟
ڊاڪٽر جو مسيحا وارو جذبو جاڳيو.
"پري تون آچ آئون توکي جھوليءَ۾ ٿو ويھاريان. اچ ته توکي سيني سان لڳايان. زندگيءَ ۾ بس تنھنجي زندگيءَ ۽ خوشيون آھن. جيڪڏهن تون ٺيڪ ٿي وئين ته مون سڄي ڪائنات کٽي ورتي."
پريءَ کي پنھنجي سيني سان لاتو ۽ پريءَ کي ننڊ اچي وئي. پري ڊاڪٽر جي آگوش ۾ سمھي پئي.
پري کي وارڊ ۾ اڄ چوڏھن ڏينھن پورا ٿيا. ٽيسٽ ورتي وئي. جنھن ۾ ٻڌايو ويو ته پريءَ مان ڪرونا ختم ٿي ويو آهي.
اھا خبرمائٽن، ڳوٺ، سماج ۽ خصوصن ڊاڪٽر لاءِ خوشي جي وڏي خبر ھئي. ٻن ڏينهن کان پوءِ وري پريءَ جي ٽيسٽ ٿي جنھن ۾ به ٻڌايو ويو ته پري مان ڪرونا مڪمل ختم ٿي ويو آهي.
آڄ آئسوليشن وارڊ اڳيان خوشيءَ وارو سماع ھو. وڏي خوشي ڊاڪٽر کي ھئي.
پري جا مائٽ ڊاڪٽر ۽ عملي جي لاءِ سوکڙيون ۽ مٺايون کڻي آيا ھئا.

لاڪ ڊائون (ڪھاڻي)

" سڄي گھر جو راشن ختم ٿي ويو آهي ۽ پاڻيءَ کانسواءِ ڪجھ به نه بچيو آھي. ڪجھ ڪر، مھراڻ کي به آٿت ڏئي سمھاريو اٿم، جاڳي پيو ته روئيندي بس ڪونه ڪندو. پاڻ ته وڏا آھيون، بک سھي وينداسين، پر مھراڻ ته چپ ئي نه ڪندو"
" توکي خبر آهي ته شھر ۾ لاڪ ڊائون آهي، ڪٿي به مزوري نه ٿي ملي. مان ڇا ڪريان، ڪو رستو نظر ئي نٿو اچي "مڙس ڳالهايو.
"ڪوشش ڪر ڪٿان راشن وٺ؟"
"توکي خبر آهي ته آئون صبح مزدوريءَ جي لاءِ نڪري ويندو آھيان، پر سڄو شھر بند آهي ۽ وري نه مون کي چاپلوسي ايندي آ، نه ئي ڪو ڪائونسلر، چئيرمين يا تپيدار مونکي راشن ڏيندو. مڙس جواب ڏنو.
"وري به ڪوشش ڪر، مٿي وارو مدد ڪندو".
"ڪالھ مان چئيرمين ۽ تپيدار ڏي ويو ھئس، ٻنھي جواب ڏنو". مڙس وراڻيو.
"ڪارڊ تي پيئسا ملن ٿا، ان جي ڪوشش ڪر".
"اھا به ڪوشش ڪري چڪو آھيان، ڪوبه کڙتيل نه نڪتو آهي" مڙس جھيڻي آواز ۾ ڪڇيو.
"پاڻيءَ چڪو ڏي بک ۽ اڃ ۾ پاھ ٿي ويو آهيان"..... مڙس زال ڏانھن نھاريندي چيو.
مھراڻ کي بک جي ڪري، پيٽ ۾ ولھوٽا پوڻ لڳا. روئڻ شروع ڪيائين.”امان بک لڳي آهي، ماني ڏيو.....ساھ ٿونڪري... او بابا.... ڪجھ ڪريو نه ته مان مري ويندو سانءِ..."
ماڻس ۽ پڻس جي اکين مان ڳوڙها شروع ٿي ويا.
"ماريا ھمٿ ڪر مون کان ته مھراڻ جي حالت برداشت نه ٿي ٿئي. پاڙيواري کان ڪو سڪل ٽڪر وٺي اچ.
ھن پاڙيواري جو دروازا کڙڪايو، پر ڪنھن به دروازو نه کوليو.
ائين محسوس ٿي رھيو ھو ڄڻ ماحول کي ڪو نانگ سراپي ويو هجي... مھراڻ سڄي رات ماني ماني ڪندو رھيو... سڏڪا ڀريندي....بيھوشي طاري ٿي ويس.....!!!؟ سندس ماءُ ۽ پيءُ بيوس ۽ لاچار ھئا. ڪجھ ڪري نه سگھيا ھئا...
فجر جي آذان جو وقت ٿي ويو.
"مھراڻ جي ماءُ منھنجي نظر ۾مھراڻ ۽ اسان جي بچڻ جو ھڪ رستو رھيو آھي ته شھر ڇڏي ڳوٺ ۾ ھلون...،!!؟ اتي ڇپري ٺاھي ويھي رھنداسين ۽ ماني ڳڀو گھري وٺنداسين. ڳوٺ وارا ڏئي ڇڏيندا. ھن شھر جا واپاريءَ ماڻھو ته انسان کي انسان نه ٿا سمجھن". مڙس ڳالهايو.
"ها، بلڪل صحيح فيصلو ڪيو اٿئي ، جئين ئي روشني ٿئي نڪري ٿا ھلون....."
"مھراڻ کي ڪلھي تي کڻ مان رڳو ڪپڙا ئي کڻان ٿي".
شھر جون گھٽيون ويران لڳيون پيون هيون. انسان ميلن تي نظر نه پئي آيو. ھر طرف ويراني ڇانيل ھئي. ائين ٿي لڳو ڄڻ واسينگ نانگ سراپي ويو هجي.
"ٿوري ساھي پٽيون ھاڻي ته جسم ۾ طاقت ئي ناھي رھي". "بس اسٽاپ ٽي ميل پري آھي. ڪا سواري به نظر نه پئي اچي. گھٽيون سنسان آهن. رستن تي ماڻھو پوءِ به نه آهي. گھلجي سھلجي بس اسٽاپ تي پھتا. بسن جون قطارون ڏسي،کين اميد پيدا ٿي.
مھراڻ جي ماءُ مون کي پاڻي چڪو پيار ۽ مھراڻ کي به پاڻي پيارڻ جي ڪوشش ڪر.
ھن مڙس کي نادي مان پاڻي جو گلاس ڏنو، جيڪو گندو ھو پر پوءِ به ھڪ ساھي ۾ پاڻي گلاس پئي ويو، ۽ زال به پاڻي پيتو. مھراڻ جيڪو نيم بيھوشي واري حالت ۾ ھو واڇن مان پاڻي وھي ويو ھوس.
ڪيترا ڪلاڪ انتظار ڪرڻ کانپوءِ سندن اميد ھار کاڌي جو لاڪ ڊائون جي ڪري گاڏيون مڪمل بند ھنيون. ھاڻي ڇا ڪرڻ کپي....!!!؟
مڙس زال کان سواليا نشان ۾ پڇيو.
ٻنھي جي مٿي تي هٿ اچي ويا. جياپي جا رستا سوڙها ڏسڻ ۾ اچڻ لڳا......
"مھراڻ جا پيءُ ھڪڙي ٻي ڪوشش ڪري ڏسون ٿا. ھتان پنڌ ھلون ٿا من ڳوٺ تائين پهچي وڃون."
"ھاڻي ته جسم ۾ ساھ ئي نه رھيو آھي".
"مھراڻ جي صدقي ڪوشش ڪر ".
مھراڻ کي ڪلھي تي کڻي روانا ٿي ويا. اڌ ميل ئي پنڌ ڪون ڪيائون جو مھراڻ جي پيءُ کي چڪر اچي ويو مھراڻ ھٿن مان ڇڏائجي ويس. مھراڻ روڊ تي ڪريو. واتان رت اچي ويس .. ھڪڙي رڙ ڪيائين او بابا.. او امان ...ماني ڏيو، بک.....بک...لڳي....آ ۽ دم ڌڻي حوالي ڪيائين. ماءُ ۽ پيءَ رڙيون ڪرڻ لڳا ته مھراڻ کي بچايو.... بچايو ..
پوليس جي گاڏي اچي وئي .
پيغام شروع ڪري ڏنا ته ٻار ڪرونا جي ڪري مري ويو آهي.
ماءُ ۽ پيءُ دانھون ڪرڻ لڳا ته ٻار بک جي ڪري مري ويو آهي.
پر ھنن جي ڪنھن نه ٻڏي. ايمبولينس ۽ اسپري جي مشين اچي وئي لاش کي پوليس پنھنجي تحويل ۾ وٺي اڻ ڄاتل ھنڌ وڃڻ لڳا. ماءُ ۽ پيءَ رڙيون ڪندي بيھوش ٿي ويا.
“اسان سچ پئي چيو ته ٻار ڪرونا جي ڪري فوت ٿيو آهي ھاڻي ھي ٻئي زال ۽ مڙس به ڪرونا جي ڪري بيھوش ٿيا آهن. انھن کي به ايمبولينس ۾ وجھو.”
پوليس آفيسر ڳالهايو.
ٿوريءَ دير کان پوءِ چينلن تي تصويرن سان خبر ھلڻ لڳي ته ڪرونا جي ڪري ٽي ماڻھون فوت.....!!؟؟

سنڌ جي واليءَ کي، ٻالڪ جا ھٿ ادب جا ٻڏي عرض تاثر

سونھاريءَ سنڌ جا واليءَ مرشد سائينءَ مراد علي شاهه صاحب.
مان طالب علم سومر خان ڪورائي جتي 500 سئو طالب علم پڙھندا آھن، فيبروريءَ کان اسان جو اسڪول بند آھي. پنھنجا پتڪڙا هٿ ادب جا ٻڏي عرض ٿو ڪريان ته مان گھر ۾ ويھي، بور ۽ نراس ٿي ويو آهيان
منھنجا مرشد......
منھنجي ٻالڪپڻ جون رانديون، اٽي ڏڪر، بلور، لڪ لڪوٽي راند کيڏڻ جي لاءِ ڪو به ناھي، اسڪول واري گرائونڊ ۾ پڻ ڪو به ڏسڻ نٿو اچي، گھر جا ڀاتي مون مان تنگ اچي ٿيا آهن. مون جھڙيون شرارتون ڪرڻ تي، شيلا کي چاچي گوليون ھڻي، قتل ڪري ڇڏيو آهي، مون رڳو باغ مان انبڙيون ڇاڙيون ته باغائي، ڪيترن ڪلاڪن تائين مون کي، ابتو ٽنگي ڇڏيو هو.
وحشي وڏيري، ھڪ معصوم کي ڪٽي رتو رت ڪري ڇڏيو آھي. ھر ڏينهن تي اسڪول ويندو آھيان ڪلاس رومن جا در بند ڏسي، مايوس ٿي، واپس گھر موٽي ايندو آھيان، گھر ۾ ڪو ٻار مون سان راند ڪرڻ وارو ناھي.
آڄ آئون نٽھڻ اس تي ويهي، ڪتاب کولي لکڻ شروع ڪيو آهي، ڪوئي ناھي جو مون کي سبق پڙھائي. مون کي ڪٽ، ونڊ، ضرب ۽ پاڇي ٻڌائي، انگ ۽ کوڙا ٻدائي. مون به اھو وچن ڪيو آ ته ھن نٽھڻ اس تان نه اٿندس، جيستائين منھنجي اسڪول جو در نه کلندو.....
سائين سھڻا اوھان آل رسول آھيو، ھٿ کڻي ٻاڏايو ته پنھنجي آقا جي صدقي، شھيد ڪربلا جي صدقي. سڄي عالم تي رحم فرمائي، ھن وبا مان جان آجي ڪرائي.....
سائين سھڻا...
مالڪ مھر جو مينھن وسائي، جو وري ھر گھر، ڪٽنب، واھڻ، وستن، ڳوٺن، شھرن ۽ عالم خوف جي ڪيفيت مان جان آجي ڪرائي.....
اسان جھڙن پتڪڙن هٿن تي مالڪ رحم فرمائي. جو اسان جو اسڪول کلي پوي پوءِ پنھنجن، دوستن سان رانديون ۽ تعليم پرايون، خوش ٿي اچاريون الف ۽ بي اسڪول ۾."

واڌوھٿ ادب جا
عرضدار طالب علم

بئڪ ٽائيٽل پيج

[img]https://i.imgur.com/SbU1Skd.jpg[/img]