مذهب

غير سامي مذهبن جا باني

ھي ڪتاب اوڀارين وڏن مذهبن جي وڏن رهنمائن جي حياتين، افڪار ۽ انساني سڌاري لاءِ سندن ورتل ڪوششن جو مجموعو آھي جنھن جو ليکڪ الطاف جاويد آھي ۽ سنڌيڪار جاويد ميمڻ آھي. الطاف جاويد ھڪ اھم موضوع تي ڪتاب لکيو آھي. ھو لکي ٿو:
”مون آرين ۽ زرد قومن ۾ آيل، مختلف مذهبن جي بانين، سندن حالتن ۽ تعليم تي لکيو آهي. قرآن حڪيم ۾ صرف سامي قوم سان تعلق رکندڙ نبين جو ذڪر آهي پر قرآن چيو آهي ته اسان هر ڳوٺ (قريه) ۾ پنهنجو پيغمبر موڪليو آهي پر مسلمان عالمن ۽ دانشورن عملي طور قريه يا وسنديءَ کي صرف عرب ۽ فلسطين تائين محدود ڪري ڇڏيو. جڏهن هندستان، يونان، ايران ۽ چين وغيره جهڙا وسيع خطا ۽ اُتي رهڻ وارا ڪروڙين انسان موجود آهن ته پوءِ ڇا انهن ڏانهن ڪو به پيغمبر نه موڪليو ويو هوندو؟ يا قريه لفظ جو لاڳاپو انهن ملڪن ۽ قومن تي نه ٿو ٿئي؟
قرآن جا لفظ آهن ته: ”ڪو به ڳوٺ يا امت اهڙي نه آهي جنهن ۾ ڊيڄارڻ وارو نه موڪليو هجي.“
وَ لِكُلِّ اُمَّۃٍ رَّسُوۡلٌ ۚ (يونس: ٤٧) ”هر امت (يا قوم) جي لاءِ رسول آهي.“
ته ڇا هندستان چين، يونان، ايران وغيره جي قومن ڏانهن هادي نه آيا؟ ڇا انهن کي تسليم نه ڪرڻ قرآني حڪم جي خلاف نه آهي؟“
  • 4.5/5.0
  • 725
  • 314
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book غير سامي مذهبن جا باني

ڇپائيندڙ جا سڀ حق ۽ واسطا محفوظ

ڪتاب نمبر
271
ڇپائيندڙ جا سڀ حق ۽ واسطا محفوظ

پهريون ڇاپو: 2010ع
ڪتاب جو نالو : غير سامي مذهبن جا باني
ليکڪ: الطاف جاويد
ايڊيٽنگ: علي حسن چانڊيو
سنڌيڪار: جاويد ميمڻ
ڇپيندڙ: آزاد ڪميونيڪيشنز، ڪراچي
ڇپائيندڙ : سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
قيمت : 175/= رپيا

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت 2020ع
www.sindhsalamat.com


“GHER SAAMI MADHABAN JA BAANI”
By: Altaf Javed
Translted by: Javed Memon
Published by: Sindhica Academy,
B-24, National Auto Plaza, Marston Road,
Karachi-74400 Phone:021-32737290
www.sindhica.net
Email:sindhica_academy@yahoo.com
اسٽاڪسٽ
سنڌيڪا بوڪ شاپ، 19 بلديه پلازه گهنٽا گهر چوڪ سکر فون: 071-5628368،
سنڌيڪا بوڪ شاب، جتوئي منزل حيدر چوڪ حيدرآباد فون: 03013594679 –
سنڌيڪا بوڪ شاپ، روم نمبر1، مهراڻ هوٽل، اسٽيشن روڊ، لاڙڪاڻوفون: 03468960942
العماد بوڪ سيلرز، اردو بازار، ڪراچي فون: 0212214521 ، 0300-343115
ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، عزيز ڪتاب گهر بئراج روڊ، سکر- ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور اردو بازار ڪراچي- سنڌي ادبي بورڊ بوڪ شاپ، تلڪ چاڙهي حيدرآباد- شاهه لطيف بوڪ شاپ، ڀٽ شاهه- عثمانيه لائبريري، چنيهاڻي ڪنڊيارو، قاسميه لائبريري ڪنڊيارو - نيشنل بوڪ اسٽور، نوراني بوڪ ڊپو بندر روڊ، رابيل ڪتاب گهر اسٽيشن روڊ، رهبربوڪ اڪيڊمي رابعا سينٽر بندر روڊ لاڙڪاڻو- رحيم ڪتاب گهر مهراڻ چوڪ بدين-جنيد بوڪ اسٽور ۽ رشيد بوڪ اسٽور نئون چوڪ دادو-حافظ بوڪ اسٽور مسجد روڊ، خيرپور ميرس - سعيد بوڪ اسٽور، گل ڪتاب گهر لکي در شڪارپور- المهراڻ ڪتاب گهر، زاهد بوڪ ڊپو، سانگهڙ- سيد ماس ميگا اسٽور، جيڪب آباد- سرتاج ۽ گلزار بوڪ اسٽور، ڪنڌڪوٽ- ميمڻ بوڪ اسٽور، شاهي بازار نوشهروفيروز- ڪنول ڪتاب گهر، مورو- حافظ اينڊ ڪمپني، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه- ٿر ڪتاب گهر، عمر ڪوٽ- ديدار بوڪ ڊپو، ٽنڊوالهيار- رفعت بوڪ هائوس، ماتلي- مرچو لال پريمي، بدين- مڪتبه يوسفيه، ميرپورخاص. فون. 0300-3319565، عطار ڪتاب گهر، بدين، جنيد بوڪ اسٽور، دادو، مهراڻ ڪتاب گهر، عمر ڪوٽ، حافظ ڪتاب گهر، کپرو، سنڌ ڪتاب گهر، مورو،

لکپڙهه ۽ وي پيءَ ذريعي گهرائڻ لاءِ
سنڌيڪا اڪيڊمي
B-24، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ
ڪراچي74400

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”غير سامي مذھبن جا باني“ اوهان اڳيان پيش آهي. ھي ڪتاب اوڀارين وڏن مذهبن جي وڏن رهنمائن جي حياتين، افڪار ۽ انساني سڌاري لاءِ سندن ورتل ڪوششن جو مجموعو آھي جنھن جو ليکڪ الطاف جاويد آھي ۽ سنڌيڪار جاويد ميمڻ آھي. الطاف جاويد ھڪ اھم موضوع تي ڪتاب لکيو آھي. ھو لکي ٿو:

”مون آرين ۽ زرد قومن ۾ آيل، مختلف مذهبن جي بانين، سندن حالتن ۽ تعليم تي لکيو آهي. قرآن حڪيم ۾ صرف سامي قوم سان تعلق رکندڙ نبين جو ذڪر آهي پر قرآن چيو آهي ته اسان هر ڳوٺ (قريه) ۾ پنهنجو پيغمبر موڪليو آهي پر مسلمان عالمن ۽ دانشورن عملي طور قريه يا وسنديءَ کي صرف عرب ۽ فلسطين تائين محدود ڪري ڇڏيو. جڏهن هندستان، يونان، ايران ۽ چين وغيره جهڙا وسيع خطا ۽ اُتي رهڻ وارا ڪروڙين انسان موجود آهن ته پوءِ ڇا انهن ڏانهن ڪو به پيغمبر نه موڪليو ويو هوندو؟ يا قريه لفظ جو لاڳاپو انهن ملڪن ۽ قومن تي نه ٿو ٿئي؟
قرآن جا لفظ آهن ته: ”ڪو به ڳوٺ يا امت اهڙي نه آهي جنهن ۾ ڊيڄارڻ وارو نه موڪليو هجي.“
وَ لِكُلِّ اُمَّۃٍ رَّسُوۡلٌ ۚ (يونس: ٤٧) ”هر امت (يا قوم) جي لاءِ رسول آهي.“
ته ڇا هندستان چين، يونان، ايران وغيره جي قومن ڏانهن هادي نه آيا؟ ڇا انهن کي تسليم نه ڪرڻ قرآني حڪم جي خلاف نه آهي؟

ھي ڪتاب 2010ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سنڌيڪا اڪيڊميءَ جي سرواڻ نور احمد ميمڻ ۽ فضل الرحمان ميمڻ جا جن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.



[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

وحدت انسانيت

منهنجن بزرگن ئي مون کي ٻڌايو ته، قرآن صرف مسلمانن جو ڪتاب نه آهي پر سمورن انسانن جو صحيفو آهي ۽ مون کي ان جو مطالعو ڪندي پنجاهه، سٺ ورهيه ٿيڻ وارا آهن، پر مون کي انهن بزرگن جي انهيءَ ڳالهه تي اڄ تائين ڪڏهن به شڪ نه ٿيو آهي.
قرآن شريف سموري انسانيت جي بنيادي فڪر جو ترجمان آهي ۽ اهو بنيادي فڪر نه ڪڏهن بدليو آهي ۽ نه وري ڪڏهن بدلبو. سمورن دينن، مذهبن ۽ فلسفن جو بنياد اهو ئي فڪر آهي، اُن بنيادي فڪر کي ’فطرت الله‘ چئو، ان کي ’دين‘ جو نالو ڏيو يا ’انساني ضمير‘ سان تعبير ڪيو. اُنهيءَ انساني ضمير جي ترجماني نبي سڳورا، ڏاها ۽ بزرگ ڪندا آيا آهن. زماني گذرڻ سان گڏ اُن اصلي فڪر ۾ ٻاهران کان ڪينو، رنجشون ۽ دل جو غبار سمائبو ويو ته نتيجي ۾ وري وري نئين ’نذير‘ (ڊيڄاريندڙ) ۽ ’بشير‘ (خوشخبري ڏيندڙ) جي ضرورت پئي. قرآن حڪيم (انسانيت جي) اُنهيءَ بنيادي فڪر جو ترجمان آهي. ۽ اهو بنيادي فڪر عالمگير، ازلي، ابدي ۽ لازوال آهي. قرآن ۾ بيشڪ اُن فڪر کي عربي ويس پهريل آهي. ۽ ’اُم القريٰ‘ ۽ ’من حولها‘ کي سمجهائڻ جي لاءِ ماحول جي لوازمات کي سمجهائڻ جو خيال رکيو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته حق جي مشاهدي بيان ڪرڻ لاءِ هميشه کان ’ساغر ۽ مينا‘ جي ضرورت پوندي رهي آهي. اهل نظر ڄاڻن ٿا ته چوڻ واري ڇا چيو آهي ۽ کين اها به ڄاڻ هوندي آهي ته لفظن جي سرحدن کان پري معنيٰ جو اصل مقصد ڇا آهي؟
قرآن شريف انهيءَ ضمير جو ترجمان آهي. ’گيتا‘ (هندن جي مذهبي ڪتاب) به پنهنجي زماني ۾ انهيءَ حقيقت جي ترجماني ڪئي هُئي. ’توريت‘ ۽ ’انجيل‘ به انهيءَ انساني ضمير جي سمجهاڻي ڏيندڙ هئا ۽ ڏاهن به ڪٿي گهٽ ڪٿي وڌ، اُنهي راز تان پردو کنيو آهي. گيتا حق آهي، پر ان جو جيڪو غلط تعبير ڪيو ويو آهي اُهو ڪفر آهي. توريت ۽ انجيل حق آهن، پر اُنهن جي لفظن کي جيڪي غلط معنائون پهرايون ويون آهن، اُهي باطل آهن. اهڙي طرح سان قرآن حق آهي پر جنهن طرح مسلمان عام طور تي اُن کي مڃين ٿا ۽ جيڪو تفسير هو ڪن ٿا، اُهو حق نه آهي. جيڪڏهن گيتا ۽ انجيل کي غلط طور مڃڻ وارن کي ’ڪافر‘ قرار ڏئي سگهجي ٿو، ته قرآن کي غلط مفهوم ۾ مڃڻ وارن کي ڪيئن ’مؤمن‘ چئي سگهبو!؟
قرآن کي ان جي اصل شڪل ۾ ڏسو ته معلوم ٿيندو ته نج ۽ صاف ’انسانيت‘ ئي قرآن جو صحيح ۽ مڪمل نصب العين آهي. جيڪو نصب العين، عام انسانيت جي ترقي ۽ اڳتي وڌڻ ۾ ٻانهن ٻيلي ٿئي ٿو، اُهو ئي حق آهي ۽ جيڪا تعليم انسانيت جي ارتقا ۾ رڪاوٽ بڻجي، اُها تعليم حق ٿي نه ٿي سگهي. قرآن جي اصول تي هن دنيا ۾ نج انسانيت جو قيام اصل عقيدو آهي. نج ۽ خالص انسانيت ئي ’فطرت الله‘ جي سنڀاليندڙ آهي ۽ سچو دين جيڪڏهن آهي ته اِهو ئي آهي.....
قرآن اهو ڪيو ته انهن سڀني قومي مذهبن کي جيڪي انسانيت کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جو سبب بنجي ويا هئا، رد ٿيل ۽ مُدي خارج قرار ڏنو ۽ هيءَ تلقين ڪئي ته خدا جو سچو مذهب اهو آهي جيڪو خدا جي تمام گهڻو ويجهو هجي، ۽ خدا سان ويجهڙائي جي معنيٰ اها آهي ته اهو ٽولن ۽ قومن کان مٿانهون ٿي ڪري، سموري انسانذات کي پنهنجي ڀاڪر ۾ وٺي. قرآن سمورين قومن جي دينن ۽ مذهبن جي مرڪزي نقطن تي جيڪي سڄي انسانيت لاءِ هڪجهڙا مفيد ٿي سگهيا پئي، هڪ هنڌ گڏ ڪيو ۽ سڄي دنيا کي هيءَ دعوت ڏني ته صرف اهو ئي هڪ بنياد آهي جنهن تي صحيح انسانيت جي تعمير ٿي سگهي ٿي......
قومن جي زندگيءَ ۾ هڪ دور اهڙو اچي ٿو، جڏهن رسمون، قانون ۽ مذهب پردا بڻجي ڪري، ڪُل ۽ جز جي وچ ۾ رڪاوٽ بنجي ويندا آهن. اُن وقت انساني فطرت ان جي خلاف بغاوت ڪندي آهي ۽ نئين دور جو ظهور ٿيندو آهي، جنهن ۾ هر ماڻهوءَ جو رشتو وري نئين طرح سان روح ڪُل سان ڳنڍجي ويندو آهي. ان وقت ڇا تمدن، ڇا تصوف، ڇا شريعت، ڇا ڪلام، سموري جا سمورا بت بڻجي ويندا آهن ۽ حقيقت ويڳاڻپ بنجي ويندي آهي. مذهب فقط روايت جو ڳٽڪو بنجي ويندو آهي.....
قرآن جي تعليم جو مقصد اهو آهي ته انسانن ۾ وحدت جو قيام عمل ۾ اچي ۽ فرد، جماعتون يا گروهه ۽ قومون اڳتي وڌي، علمي ۽ عملي طرح مُوَحد (هيڪڙائي پسند) بڻجي وڃن.

[b] (مجدد العصر امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي، مذهب جو فلسفو- 14-19)
[/b]

پيش لفظ

مون آرين ۽ زرد قومن ۾ آيل، مختلف مذهبن جي بانين، سندن حالتن ۽ تعليم تي لکيو آهي. قرآن حڪيم ۾ صرف سامي قوم سان تعلق رکندڙ نبين جو ذڪر آهي پر قرآن چيو آهي ته اسان هر ڳوٺ (قريه) ۾ پنهنجو پيغمبر موڪليو آهي پر مسلمان عالمن ۽ دانشورن عملي طور قريه يا وسنديءَ کي صرف عرب ۽ فلسطين تائين محدود ڪري ڇڏيو. جڏهن هندستان، يونان، ايران ۽ چين وغيره جهڙا وسيع خطا ۽ اُتي رهڻ وارا ڪروڙين انسان موجود آهن ته پوءِ ڇا انهن ڏانهن ڪو به پيغمبر نه موڪليو ويو هوندو؟ يا قريه لفظ جو لاڳاپو انهن ملڪن ۽ قومن تي نه ٿو ٿئي؟
قرآن جا لفظ آهن ته: ” ڪو به ڳوٺ يا امت اهڙي نه آهي جنهن ۾ ڊيڄارڻ وارو نه موڪليو هجي.“
وَ لِكُلِّ اُمَّۃٍ رَّسُوۡلٌ ۚ (يونس: ٤٧) ”هر امت (يا قوم) جي لاءِ رسول آهي.“
ته ڇا هندستان چين، يونان، ايران وغيره جي قومن ڏانهن هادي نه آيا؟ ڇا انهن کي تسليم نه ڪرڻ قرآني حڪم جي خلاف نه آهي؟

[b]وحدت انسانيت :
[/b] قرآن اهو به چيو آهي ته انسان واحد نفس مان پيدا ڪيو ويو آهي.
یٰۤاَیُّہَا النَّاسُ اتَّقُوۡا رَبَّكُمُ الَّذِیۡ خَلَقَكُمۡ مِّنۡ نَّفْسٍ وَّاحِدَۃٍ وَّخَلَقَ مِنْہَا زَوْجَہَا وَبَثَّ مِنْہُمَا رِجَالًا کَثِیۡرًا وَّنِسَآءً ۚ (النساءِ: ١)
”اي ماڻهؤ! پنهنجي رب جي تقويٰ اختيار ڪيو، جنهن توهان کي هڪ ئي اصل مان پيدا ڪيو آهي ۽ ان مان ئي جوڙا پيدا ڪيا، ٻنهي مان گهڻا مرد ۽ عورتون ڦهلايون.“
قرآن ان آيت ۾ وحدت انسانيت جو نظريو پيش ڪيو آهي. وحدت اوستائين قائم ئي نٿي ٿي سگهي جيستائين سڀني قومن ۾ نبين جي اچڻ کي تسليم نه ڪيو وڃي.
قرآن چيو آهي ته وحدت انسانيت جي نه مڃڻ وارن لاءِ عظيم عذاب آهي.
وَلَا تَكُوۡنُوۡا کَالَّذِیۡنَ تَفَرَّقُوۡا وَاخْتَلَفُوۡا مِنۡۢ بَعْدِ مَا جَآءَ ہُمُ الْبَیِّنٰتُ ؕ
وَ اُولٰٓئِکَ لَہُمْ عَذَابٌ عَظِیۡمٌ﴿۱۰۵﴾ۙ (آل عمران: ١٠٥)
” ۽ انهن وانگر نه ٿي وڃو جيڪي تفرقي ۾ پيا ۽ اختلاف ڪيائون، ان جي باوجود ته انهن وٽ کليل ڳالهيون اچي چڪيون هيون ۽ انهن جي لاءِ وڏو عذاب آهي.“
وحدت انسانيت جي قيام لاءِ محمد عربيﷺ جن کانپوءِ نبوت ختم ڪئي وئي ۽ رسول الله ﷺ جن کي سموري انسانيت ڏانهن موڪليو ويو.
وَمَاۤ اَرْسَلْنٰکَ اِلَّا کَآفَّۃً لِّلنَّاسِ بَشِیۡرًا وَّ نَذِیۡرًا وَّ لٰکِنَّ اَكْثَرَ النَّاسِ لَا یَعْلَمُوۡنَ ﴿۲۸﴾ (السبا: ٢٨)
” ۽ اسان توکي سڀني قومن جي لاءِ خوشخبري ڏيڻ ۽ ڊيڄارڻ وارو بڻائي موڪليو آهي، پر اڪثر ماڻهو نٿا ڄاڻن.“
وري فرمايو:
قُلْ یٰۤاَیُّہَا النَّاسُ اِنِّیۡ رَسُوۡلُ اللہِ اِلَیۡكُمْ جَمِیۡعَۨا الَّذِیۡ لَہٗ مُلْكُ السَّمٰوٰتِ وَالۡاَرْضِ ۚ (اعراف: ١٥٨)
” چئي ڇڏ، اي لوڪو! مان توهان ڏانهن اللهه جو رسول آهيان، اهو جنهن جي لاءِ زمين ۽ آسمان جي بادشاهت آهي.“
وَمَاۤ اَرْسَلْنٰکَ اِلَّا رَحْمَۃً لِّلْعٰلَمِیۡنَ ﴿۱۰۷﴾ (الانبياءَ: ۱۰۷)
” ۽ اسان توکي سڀني جهانن لاءِ رحمت بڻائي موڪليو آهي.“
هڪ حديث ۾ آهي ته:
”هر نبي پنهنجي خاص قوم ڏانهن موڪليو ويو ۽ مان سڀني ڪارين، ڳاڙهين قومن ڏانهن موڪليو ويو آهيان، (مسلم، باب المساجد).
ان مان معلوم ٿئي ٿو ته محمد ﷺ جن جي بعثت عالمگير آهي، انڪري ان کان پوءِ ڪو به نبي يا رسول نه ايندو، نه ته عالمگير بعثت ۾ فرق اچي ويندو .
قرآن چيو آهي:
شَرَعَ لَكُمۡ مِّنَ الدِّیۡنِ مَا وَصّٰی بِہٖ نُوۡحًا وَّ الَّذِیۡۤ اَوْحَیۡنَاۤ اِلَیۡکَ وَمَا وَصَّیۡنَا بِہٖۤ اِبْرٰہِیۡمَ وَ مُوۡسٰی وَ عِیۡسٰۤی اَنْ اَقِیۡمُوا الدِّیۡنَ وَ لَا تَتَفَرَّقُوۡا فِیۡہِ ؕ کَبُرَ عَلَی الْمُشْرِکِیۡنَ مَا تَدْعُوۡہُمْ اِلَیۡہِ ؕ اَللہُ یَجْتَبِیۡۤ اِلَیۡہِ مَنۡ یَّشَآءُ وَ یَہۡدِیۡۤ اِلَیۡہِ مَنۡ یُّنِیۡبُ ﴿۱۳﴾ (الشوريٰ: ١٣)
”هن تنهنجي لاءِ دين جو اهو ئي رستو مقرر ڪيو آهي، جنهنجو نوح کي حڪم ڏنو هو ۽ جيڪو اسان توڏانهن وحي ڪيو ۽ جنهن جو اسان ابراهيم، موسيٰ، عيسيٰ کي حڪم ڏنو هو ته دين کي قائم رکو، ان ۾ تفرقو نه وجهو. مشرڪن تي اهو دين بار آهي، جنهن ڏانهن انهن کي سڏيو ٿا. اللهه پنهنجي لاءِ جنهن کي چاهي ٿو چونڊي ٿو ۽ پنهنجي طرفان هدايتون ڏئي ٿو ۽ ان ڏانهن رجوع ڪري ٿو.“
ان ئي دين جي وحدت واري تصور کي ٻي هنڌ هيئن بيان ڪيو ويو آهي:
قُلْ یٰۤاَہۡلَ الْکِتٰبِ تَعَالَوْا اِلٰی کَلِمَۃٍ سَوَآءٍۢ بَیۡنَنَا وَبَیۡنَكُمْ اَلَّا نَعْبُدَ اِلَّا اللہَ وَلَا نُشْرِکَ بِہٖ شَیۡئًا وَّلَا یَتَّخِذَ بَعْضُنَا بَعْضًا اَرْبَابًا مِّنۡ دُوۡنِ اللہِ ؕ فَاِنۡ تَوَلَّوْا فَقُوۡلُوا اشْہَدُوۡا بِاَنَّا مُسْلِمُوۡنَ ﴿۶۴﴾
(آل عمران: ٦٤)
”چئو ! اي اهل ڪتاب، ان ڳالهه ڏانهن اچو جيڪا اسان ۽ توهان جي وچ ۾ هڪ جهڙي آهي ته اسين اللهه کان سواءِ ٻئي جي عبادت نه ڪريون ۽ نه ان سان ڪنهن کي شريڪ بڻايون ۽ نه اسان مان ڪوئي ڪنهن کي اللهه کانسواءِ رب بڻائي ۽ جيڪڏهن هو ڦري وڃن ته توهان چئو گواه رهو ته اسان فرمانبردار آهيون.“
جيڪڏهن سڀني عالمي مذهبن جو مطالعو ڪيو وڃي ته اها ڳالهه صاف ٿي وڃي ٿي ته اللهه جي ذات ۽ اللهه جي ذات جو عقيدو سڀني مذهبن ۾ گڏيل آهي. قرآن چئي ٿو ته
وَ مَاۤ اَرْسَلْنَا مِنۡ قَبْلِکَ مِنۡ رَّسُوۡلٍ اِلَّا نُوۡحِیۡۤ اِلَیۡہِ اَنَّہٗ لَاۤ اِلٰہَ اِلَّاۤ اَنَا فَاعْبُدُوۡنِ ﴿۲۵﴾(الانبيا: ٢٥)
”۽ توکان پهرين اسان ڪوئي رسول نه موڪليو پر ان ڏانهن اسان وحي ڪندا هياسين ته مونکان سواءِ ڪوبه معبود نه آهي ۽ منهنجي ئي عبادت ڪريو.“
ٻي جڳهه آهي ته
وَلَقَدْ بَعَثْنَا فِیۡ كُلِّ اُمَّۃٍ رَّسُوۡلًا اَنِ اعْبُدُوا اللہَ وَ اجْتَنِبُوا الطَّاغُوۡتَ ۚ(النحل: ٣٦)
”۽ پڪ ڄاڻو ته اسان هر قوم ڏانهن رسول موڪليو ته اللهه جي عبادت ڪريو ۽ ڪوڙن معبودن کا ن بچو.“
اهڙي نموني قرآن حڪيم وحدت دين جي بنيادي اصول کي زوردار لفظن ۾ بيان ڪيو آهي، ڇو ته اهو ئي عقيدو انساني وحدت جو بنياد بڻجي سگهي ٿو. جيڪو ماڻهو ان عقيدي کي تسليم نٿو ڪري ان جي لاءِ عظيم عذاب آهي.
گذريل امتن زماني جي لاهن چاڙهن دران پنهنجي دينن ۾ تحريفون ڪيون ۽ تفرقا پيدا ڪيا، جنهن سان دين جي شڪل بدلجي وئي، قرآن چوي ٿو :
اِنَّ الَّذِیۡنَ فَرَّقُوۡا دِیۡنَہُمْ وَکَانُوۡا شِیَعًا لَّسْتَ مِنْہُمْ فِیۡ شَیۡءٍ ؕ اِنَّمَاۤ اَمْرُہُمْ اِلَی اللہِ ثُمَّ یُنَبِّئُہُمۡ بِمَا کَانُوۡا یَفْعَلُوۡنَ ﴿۱۵۹﴾ (الانعام: ١٥٩)
” اهي ماڻهو جن پنهنجي دين کي ٽڪرا ڪيو ۽ (ڪيترائي) فرقا ٿي ويا، تنهنجو انهن سان ڪو به تعلق نه آهي، انهن جو معاملو الله ڏانهن آهي، هو انهن کي ٻڌائيندو جيڪو هو ڪندا هئا.“
صحيح بخاري جي ڪتاب الانبيائ ۾ حديث آهي ته حضرت ابو هريره روايت ڪري ٿو ته رسول الله ﷺ جن فرمايو : مان سڀني ماڻهن کان، عيسيٰ ابن مريم کان دنيا ۽ آخرت ۾ ويجهو آهيان ۽ سڀ نبي پاڻ ۾ ڀائر آهن، انهن جون ڳالهيون جدا جدا آهن پر دين هڪ آهي.
الله تعاليٰ رسول الله کي ان ئي راهه تي هلڻ جي هدايت ڪئي، جنهن تي پهريان نبي سڳورا هليا. قرآن ۾آهي ته :
اُولٰٓئِکَ الَّذِیۡنَ ہَدَی اللہُ فَبِہُدٰىہُمُ اقْتَدِہۡ ؕ (الانعام: ۹۰)
”هي اهي آهن جن کي الله هدايت ڏني، سو، سندن هدايتن جي پيروي ڪريو.“ ٻي جڳهه تي الله چيو آهي ته:
یُرِیۡدُ اللہُ لِیُبَیِّنَ لَكُمْ وَیَہۡدِیۡكُمْ سُنَنَ الَّذِیۡنَ مِنۡ قَبْلِكُمْؕ (النساءِ: ٢٦)
”الله چاهي ٿو ته توهان جي لاءِ کولي بيان ڪري ۽ توهان کي اهي راهون ڏيکاري جيڪي توهان کان پهرين ڏيکاريون هيون.“
اهي آيتون ظاهر ڪن ٿيون ته رسول الله ان راهه تي وک وڌائي جنهن تي پهريان نبي سڳورا هليا ۽ هيءَ اها ئي راهه آهي جيڪا بني نوع انسان جي فلاح جي ضامن آهي. قرآن حڪيم ۾ به اها ئي تعليم آهي جنهن جي تبليغ مختلف زمانن ۾ مختلف نبين ڪئي. اها ئي تعليم آفاقي انداز ۾ مڪمل طور تي قرآن ۾ بيان ڪئي وئي آهي. قرآن چوي ٿو ته:
مَا یُقَالُ لَکَ اِلَّا مَا قَدْ قِیۡلَ لِلرُّسُلِ مِنۡ قَبْلِکَ ؕ(حم السجده: ٤٣)
”توکي (ٻيو) ڪجهه نه پيا چئون پر اهو ئي ڪجهه جيڪو توکان اڳ وارن رسولن کي چيو ويو آهي.“
وَ اِنَّہٗ لَفِیۡ زُبُرِ الْاَوَّلِیۡنَ ﴿۱۹۶﴾ (الشعراءَ: ١٩٦)
”۽ اهو پهرين صحيفن ۾ موجود آهي.“
اِنَّ ہٰذَا لَفِی الصُّحُفِ الْاُوۡلٰی ﴿ۙ۱۸﴾ صُحُفِ اِبْرٰہِیۡمَ وَ مُوۡسٰی ﴿٪۱۹﴾ (الاعليٰ: ١٨-١٩)
” اهو پهرين صحيفن ۾ آهي، ابراهيم ۽ موسيٰ جي صحيفن ۾.“
انهن آيتن مان واضح ٿئي ٿو ته رسو الله کي اها ئي تعليم ڏني وئي جيڪا پهرين پيغمبرن کي ڏني وئي هئي. ان معنيٰ ۾ رسول الله ڪا نئين دعوت کڻي هن دنيا ۾ نه آيو هو بلڪه اها ان اڳوڻي تعليم ۽ دعوت جي بحالي هئي، جيڪا دنيا مان مٽجي چڪي هئي. مختلف مذهبن جي پيروڪارن هٿچراند ڪري ان دعوت جي حقيقت کي تبديل ڪري ڇڏيو هو. اسلام ان ختم ٿيل تعليم کي تفصيل ۽ تڪميل سان بيان ڪيو آهي. ان ڳالهه ڏانهن هيءَ آيت اشارو ڪري ٿي:
اَلْیَوْمَ اَكْمَلْتُ لَكُمْ دِیۡنَكُمْ وَاَتْمَمْتُ عَلَیۡكُمْ نِعْمَتِیۡ وَرَضِیۡتُ لَكُمُ الۡاِسْلَامَ دِیۡنًا ؕ(المائده: ٣)
”اڄ مان توهان جو دين توهان جي لاءِ مڪمل ڪيو ۽ توهان تي پنهنجي نعمت کي پورو ڪيو ۽ توهان جو دين اسلام ٿيڻ تي راضي ٿيس.“
مذڪوره آيتن مان پتو پوي ٿو ته هر وسندي ۾ خدا پنهنجي پيغمبر موڪليو ۽ سڀني نبين ۽ قرآن جي تعليم ساڳي آهي. پر قرآن جي حفاظت جو ذمو خدا پاڻ کنيو آهي، انڪري تحريف کان محفوظ رهيو. صرف ترتيب نزول بدران سورتن جي ترتيب ڪجهه ضرورتن ماتحت اجتهادي آهي پر متن بلڪل محفوظ آهي. جڏهن ته قرآن کان اڳ اچڻ وارن مقدس ڪتابن ۾ ڪجهه جڳهن تي تحريف يا هٿچراند ڪئي وئي آهي.

[b]هٿچراند وارو معاملو :
[/b] هٿچراند جي باري ۾ اهو خيال بلڪل غلط آهي ته سڄي ڪتاب کي بدلايو ويو آهي. قرآن جي لفظن ”یُحَرِّفُوۡنَ الْکَلِمَ“ؕ(النساءِ: ٤٦)مان به اهو ئي پتو پوي ٿو ته ڪجهه جملن ۾ تبديلي آئي آهي، سڄي ڪتاب ۾ نه. جيڪڏهن سڄو ڪتاب بدلايو ويو هجي ها ته انهن اڳين ڪتابن ۾ رسول الله ﷺ جن جي اچڻ بابت جيڪا اڳڪٿي موجود آهي، اها به قائم نه رهي ها. انڪري ڏسڻو اهو آهي ته تحريف جو مطلب ڇا آهي؟
تحريف يا هٿچراند جي سڀ کان پهرين ۽ بنيادي شڪل اها آهي ته مفسرن پنهنجا تفسيري خيال متن ۾ ملايا هجن! ڪجهه نبين پاڻ ڪو مرتب ڪتاب پيش نه ڪيو هجي پر سندن لکڻيون، کانئن پوءِ سندن شاگردن مرتب ڪيون. ان عمل ۾ انتخاب ڪرڻ وقت شاگردن پنهنجا تفسيري خيال به نبين جي لکڻين ۾ ملائي ڇڏيا، ان جي باوجود نبيءَ جي بنيادي تعليم انهن لکڻين جي مجموعي ۾ پنهنجي اصل شڪل ۾ قائم رهي.
ان سلسلي ۾ پيغمبر جي وحي الاهي تي ٻڌل تعليم ۽ مفسرن جي خيالن کي سڃاڻڻ لاءِ قرآن حڪيم هڪ معيار يا ڪسوٽي جو ڪم ڏيئي سگهي ٿو. قرآن آخري ڪتاب آهي، ان ڪري ان جي حيثيت سڀني مذهبن جي تعليم کي ڄاڻڻ لاءِ نگران جو ڪم ڏئي ٿي.
اها ڳالهه بلڪل غلط آهي ته الهامي ڪتابن ۾ بدديانتيءَ سان ڄاڻي واڻي تحريف ڪئي وئي. مثال طور : يوناني لفظ Son جو ترجمو ”پٽ“ ڪيو وڃي ٿو. جڏهن ته ان يوناني يا عبراني لفظ جو ترجمو”سٺو“ يا ”الله وارو“ به آهي. اهڙي نموني ابن شيطان جي معنيٰ خراب ماڻهو آهي. انجيل ۾ حضرت مسيح عليه السلام جي حقيقي تعليم موجود آهي. شاگردن حضرت مسيح کانپوءِ ان جي فڪر کي مرتب ڪرڻ وقت غلطيون ڪيون آهن، ان ڪري ئي انجيلن ۾ اختلاف آهي. مختلف نبي مختلف ٻوليون ڳالهائڻ وارين قومن ۾ آيا. هڪ ئي تعليم يا عمل کي مختلف ٻولين ۾ بيان ڪيو ويو جنهن سان اڻڄاڻائيءَ جي ڪري مذهبن ۾ اختلاف پيدا ٿيا. ان حقيقت کي سمجهائڻ جي لاءِ مولانا روم هڪ مثال ڏنو آهي ته چار مختلف ٻوليون ڳالهائڻ وارا ماڻهو هڪ جڳهه تي گڏ ٿيا. هڪ ماڻهو کيسي مان رپيو ڪڍيو ته جيئن انگور گهرائجن. هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي ٻوليءَ ۾ انگورن جو نالو کڻي پيو، انڪري اهي اختلاف ۾ پيا. هڪ ماڻهو جيڪو چارئي ٻوليون ڄاڻي پيو، تنهن کين انگور آڻي ڏنا. هاڻي سڀ حيران هئا ته هو هڪ ئي شيءِ جا مختلف نالا ڏيڻ جي ڪري پاڻ ۾ اختلاف رکن پيا.
تحريف جي هڪ شڪل عبادتن ۽ رسمن جي ظاهري شڪل ۾ اختلاف آهي. مختلف مذهبن پنهنجي دور ۾ عبادتن ۽ ٻين رسمن جي ادائگيءَ جي شڪلين کي متعين ڪيو آهي پر اهو اختلاف ٻوليءَ وانگر عالمي مذهبن وچ ۾ اختلاف جو باعث بڻجي ويو آهي. قرآن حڪيم ان ئي سبب جي ڪري چيو آهي ته خدا هر قوم جي لاءِ عبادت يا شريعت جي شڪل جو تعين ڪيو آهي.
قرآن چيو آهي ته هن ڪجهه نبين جا نالا کنيا آهن ۽ ڪن جا نالا نه کنيا آهن، اهڙي نموني قرآن ۾ ڪجهه ڪتابن جا نالا آهن، ڪن جا نه آهن. قرآن ۾ آهي ته
لِكُلٍّ جَعَلْنَا مِنۡكُمْ شِرْعَۃً وَّمِنْہَاجًا ؕ وَلَوْ شَآءَ اللہُ لَجَعَلَكُمْ اُمَّۃً وَّاحِدَۃً وَّ لٰکِنۡ لِّیَبْلُوَكُمْ فِیۡ مَاۤ اٰتٰىكُمۡ فَاسْتَبِقُوا الۡخَیۡرٰتِ ؕ اِلَی اللہِ مَرْجِعُكُمْ جَمِیۡعًا فَیُنَبِّئُكُمۡ بِمَا كُنۡتُمْ فِیۡہِ تَخْتَلِفُوۡنَ ﴿ۙ۴۸﴾
(المائده- ۴۸).
” اسان توهان مان هر هڪ جي لاءِ هڪ شريعت ۽ طريقو مقرر ڪيو آهي ۽ جيڪڏهن الله چاهي ها ته توهان کي هڪڙو ئي گروهه بڻائي ها پر هو چاهي ٿو ته جيڪو ڪجهه توهان کي ڏنو اٿس ان ۾ توهان جا جوهر پرکي. پوءِ نيڪين ۾ اڳتي وڌو. توهان سڀني کي الله ڏانهن موٽڻو آهي. پوءِ جن ڳالهين ۾ اختلاف ڪندا هيئو اهي، توهان کي ٻڌائيندو.“

[b]نبيءَ جي سڃاڻپ جو مسئلو :
[/b] هاڻي سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا قرآن حڪيم نبي يا رسول جي سڃاڻپ جي لاءِ ڪي اصول ڏنا آهن؟ پڪ سان قرآن اهي اصول ڏنا آهن:
1. نبي دعويٰ ڪندو آهي ته هو خدا جو پيغمبر آهي، ڪن واضح طور تي اعلان ڪيو، پر ٻين آثارن مان پڻ پتو پوي ٿو ته اهو نبي يا الله جو پيغمبر آهي.
2. ان دعويٰ جي ڪري انهن کي اذيتون ڏنيون وينديون رهيون، ڪي ته قتل به ڪيا ويا آهن. قرآن مجيد ۾ آهي ته مالدار طبقو سڀني نبين جو انڪار ڪري ٿو.
وَمَاۤ اَرْسَلْنَا فِیۡ قَرْیَۃٍ مِّنۡ نَّذِیۡرٍ اِلَّا قَالَ مُتْرَفُوۡہَاۤ ۙ اِنَّا بِمَاۤ اُرْسِلْتُمۡ بِہٖ کٰفِرُوۡنَ ﴿۳۴﴾(السبا- ٣٤)
”۽ اسان ڪنهن ڳوٺ ۾ ڊيڄارڻ وارو نه موڪليو پر ان جي مالدار ماڻهن چيو: جيڪو توهان کي ڏيئي موڪليو ويو آهي، اسان ان جا انڪاري آهيون.“
انهن کي قتل به ڪري ڇڏيندا هئا.
ذٰلِکَ بِاَنَّہُمْ کَانُوۡا یَکْفُرُوۡنَ بِاٰیٰتِ اللہِ وَیَقْتُلُوۡنَ النَّبِیّٖنَ بِغَیۡرِ الْحَقِّ ؕ (البقره:٦١ )
” اهو انڪري ٿيو ته هو الله جي ڳالهين جو انڪار ڪندا هئا ۽ نبين کي ناحق قتل ڪندا رهيا(هتي قتل مان مراد اذيتون ڏيڻ آهي).
3. نبي اجر نه گهرندو آهي:
قُلْ مَا سَاَلْتُكُمۡ مِّنْ اَجْرٍ فَہُوَ لَكُمْ ؕ اِنْ اَجْرِیَ اِلَّا عَلَی اللہِ ۚ وَ ہُوَ عَلٰی كُلِّ شَیۡءٍ شَہِیۡدٌ ﴿۴۷﴾
(السبا:۴۷).
” چئه ته مان جيڪو اجر گهران ٿو اهو توهان جي لاءِ آهي، منهنجو اجر صرف الله تي آهي ۽ هو هر شيءِ جو گواهه آهي.“
4. انساني عقل محدود ۽ ناقص آهي. ان ڪميءَ کي پورو ڪرڻ جي لاءِ الله پنهنجي پيارن بندن تي وحي نازل ڪرڻ شروع ڪئي جيئن اها انساني عقل جي رهنمائي ڪري ۽ انسان تباهيءَ کان بچي وڃي.
اهڙي نموني جن تي وحي نازل ٿي، جن کي نبي يا رسول به چيو ويندو آهي، پنهنجي خيال سان وحيءَ تي ٻڌل حڪم ۽ هدايتون آهن جن سان انسان پنهنجي غلطين مان پيدا ٿيل نقصان جو ازالو ڪندو آهي. قرآن حضرت آدم جي باري ۾ فرمايو آهي ته جڏهن هن کان غلطي ٿيندي هئي هو ته الله جي وحيءَ سان اُن نقصان جو ازالو ڪندو هو.
فَتَلَقّٰۤی اٰدَمُ مِنۡ رَّبِّہٖ کَلِمٰتٍ فَتَابَ عَلَیۡہِ ؕ اِنَّہٗ ہُوَ التَّوَّابُ الرَّحِیۡمُ ﴿۳۷﴾ (البقره : ۳۷)
”پوءِ آدم پنهنجي رب کان (ڪجهه) ڳالهيون سکيون. بس ان سان ان تي (رحمت سان) توجه ڏني. بيشڪ هو (رحمت سان) توبه قبول ڪرڻ وارو رحم ڪرڻ وارو آهي.“
ان کانپوءِ قرآن وحي نازل ڪرڻ جي باري ۾ قاعدو بيان ڪيو:
قُلْنَا اہۡبِطُوۡا مِنْہَا جَمِیۡعًا ۚ فَاِمَّا یَاۡتِیَنَّكُمۡ مِّنِّیۡ ہُدًی فَمَنۡ تَبِعَ ہُدَایَ فَلَا خَوْفٌ
عَلَیۡہِمْ وَلَا ہُمْ یَحْزَنُوۡنَ ﴿۳۸﴾ (البقره: ۳۸).
اها آيت ظاهر ڪري ٿي ته الله جي وحيءَ جو نازل ٿيڻ عام آهي، ان سان انسانن جي رهنمائي ٿيندي آهي، اهڙي نموني قرآن ٻڌايو آهي ته:
(1 ) حضرت موسيٰ جي والده کي وحي ٿي ته موسيٰ کي دريائ ۾ وجهي ڇڏي، اهو واپس ڏانهس اچي ويندو.
(2 مسيح  جي حوارين کي وحي ٿي ته الله ۽ مسيح تي ايمان آڻين.
(3 ) ماکيءَ جي مک کي وحي ٿي ته هو مختلف گلن جو رس چوسي ماکي ٺاهي.
(4 ) آسمان ۽ زمين کي وحي ٿي.
اهڙي نموني قرآن زندگيءَ جي سڀني شعبن ۾ وحي عام ٿيڻ جو بيان ڪيو آهي.
(5 ) توحيد جي تعليم ڏئي ٿو، يعني بت پرستي، جنسي عضون، سج ۽ چنڊ پرستي، جبل، وڻ، باهه، هوا، حيوان ۽ اڪابر جي پرستش کان هٽي خالق خدا ۽ معلم جي وحدت جي تعليم ڏئي ٿو.
(6 ) انساني عظمت ۽ شرف کي واضح ڪري ٿو ۽ ان کي سڄي ڪائنات تي برتريءَ جي نويد ٻڌائي ٿو. ڇو ته انسان شرڪ جي ڪري پاڻ کان گهٽ درجي جي شين جي پرستش ڪري پنهنجي عظمت ۽ شرف کي نظر انداز ڪري ٿو:
وَلَقَدْ کَرَّمْنَا بَنِیۡۤ اٰدَمَ وَحَمَلْنٰہُمْ فِی الْبَرِّ وَ الْبَحْرِ وَرَزَقْنٰہُمۡ مِّنَ الطَّیِّبٰتِ وَفَضَّلْنٰہُمْ عَلٰی کَثِیۡرٍ مِّمَّنْ خَلَقْنَا تَفْضِیۡلًا ﴿٪۷۰﴾ (بني اسرائيل:۷۰)
”۽ پڪ ڄاڻو، اسان بني آدم کي بزرگي ڏني ۽ اسان بر ۽ بحر ۾ سواري ۽ انهن کي سٺين شين مان رزق ڏنو ۽ اسان گهڻن تي جن کي اسان پيدا ڪيو آهي وڏي فضيلت ڏني آهي.“
ٻي جڳهه تي فرمايو ته زمين، سج، چنڊ ، تارا، دريائ، سمنڊ وغيره هر شيءِ کي انسان جي آسائش ۽ فائدي جي لاءِ پيدا ڪيو ويو، نه ڪي انهن جي پرستش جي لاءِ.
وَہُوَ بِكُلِّ شَیۡءٍ عَلِیۡمٌ ﴿٪۲۹﴾ (البقره:۲۹ ).
”اها ئي ذات آهي جنهن سڀ ڪجهه زمين ۾ اوهان جي لاءِ پيدا ڪيو.“
(7) انساني نسل جو اتحاد: انسان مختلف قوميتن، قبيلن، ذاتين، برادرين ۾ ورهايل آهي ۽ اهو پاڻ ۾ فساد ۽ جنگ ۾ مبتلا رهندو آهي. نبي ان جنگ ۽ فساد جي ازالي لاءِ الله جي وحيءَ جي زبان سان اتحاد جي تعليم ڏين ٿا ۽ ٻڌائين ٿا ته سڀ انسان خدائي عيال آهن. الخلق کلهم عيال الله (الحديث) قرآن چوي ٿو ته
کَانَ النَّاسُ اُمَّۃً وَّاحِدَۃً ۟(البقره:٢١٣). ”سڀ انسان هڪڙي امت آهن.“
(8) نبي الله جي وحيءَ جي ذريعي سڀني لساني، قومي، نسلي ۽ گروهي وڇوٽيون کي ختم ڪري انهن ۾ اتحاد ۽ مساوات پيدا ڪري ٿو. اهڙي نموني انسان هڪ واحد امت جي حيثيت اختيار ڪري ٿو. قرآن چوي ٿو ته :
اِنَّ اَكْرَمَكُمْ عِنۡدَ اللہِ اَتْقٰكُمْ ؕ (الحجرات:۱۳)
”توهان سڀني مان وڌيڪ معزز اهو آهي جيڪو وڌيڪ متقي آهي.“
انساني مساوات جي اهميت هيءَ آهي ته رسول الله ﷺ جن حجة الوداع جي خطبي ۾ فرمايو ته:
” اي ماڻهؤ! ها بيشڪ توهان جو رب هڪ آهي، بيشڪ توهان جو پيءُ هڪ آهي، ها عربيءَ کي عجميءَ تي ۽ عجميءَ کي عربيءَ تي ۽ ڳاڙهي کي ڪاري تي ۽ ڪاري کي ڳاڙهي تي ڪابه فوقيت نه آهي. فضيلت تقويٰ جي ڪري آهي“. (مسند احمد)
(9 ) رواداري: هر مذهبي ڪتاب ۽ هر رسول کي تسليم ڪيو وڃي. مذهب جي نالي تي رت نه وهايو وڃي ۽ پاڻ ۾ فساد نه ڦهلايو وڃي. قرآن ۾ آهي ته
لَاۤ اِكْرَاہَ فِی الدِّیۡنِ ۟ۙ (البقره: ٢٥٦) ”دين جي باري ۾ ڪوبه جبر نه آهي.“
ٻي جڳهه تي آهي.
وَلَا تَسُبُّوا الَّذِیۡنَ یَدْعُوۡنَ مِنۡ دُوۡنِ اللہِ (انعام : ١٠٨)
” ۽ انهن کي خراب نه چئو جن کي اهي الله کانسواءِ سڏيندا آهن.“
(10) عالمي امن: نبي عالمگير قوت ۽ اتحاد، محبت ۽ مساوات جي تعليم ڏئي ٿو، نفرت، عداوت ۽ تعصب بلڪل ختم ڪرڻ جي تلقين ڪري ٿو. جيڪڏهن دنيا مان تعجب ۽عداوت ختم ٿي وڃي ته امن قائم ڪرڻ ڏکيو نه آهي، پنهنجو پاڻ قائم ٿي ويندو، ڇو ته انسانن ۾ فساد ۽ جنگ صرف نسلي، گروهي ۽ لساني تعصب جي ڪري آهي.
(11) نفس جي پاڪائي : هر نبي خدا کي مڃڻ جي انڪري تلقين ڪئي آهي ته انسان جي اندر جيڪا اخلاقي بلندي ۽ ڪمال جي صلاحيت ڏني وئي آهي، اها خدا ۽ ان جي صفتن کي تسليم ڪرڻ ۽ ان کي پنهنجي اندر سمائڻ سان عمل ۾ اچي وڃي. اهي صفتون عملي شڪل اختيار ڪن. قرآن ۾ آهي ته ”وَ لِلہِ الۡاَسْمَآءُ الْحُسْنٰی“ (الاعراف-١٨٠) (ان جا سڀ نالا سٺا آهن.) اهڙي نموني الله تي ايمان صالح عمل کانسواءِ ڪنهن ڪم جو نه آهي. ان ڪري قرآن جتي جتي الله تي ايمان جو ذڪر ڪيو آهي، ان سان گڏ صالح عمل جو به ذڪر ڪيو آهي. رسول الله ﷺجن فرمايو: ”الله جا اخلاق اختيار ڪريو.“
الله جا اخلاق الله جون صفتون آهن ۽ انهن جي روشنيءَ ۾ زندگي گذارڻ جو حڪم آهي.
(12) علم جي ترقي : مذهب علم ۽ سائنس جي ترقيءَ جو ضامن آهي. انسان اشرف المخلوقات آهي ۽ ڪائنات جي هر شيءِ ان جي فائدي لاءِ پيدا ڪئي وئي آهي. قرآن چوي ٿو ته آدم کي سڀني شين جا نالا ٻڌايا ۽ رسول الله تي پهرين وحي ۾ چيو آهي ته خدا قلم جي ذريعي علم سيکاريو. ان سبق انسان کي ڪائنات جي هر شيءِ جي کوجنا ڪرڻ ۽ ان کي فتح ڪرڻ ڏانهن ڌيان ڏياريو. اهڙي طرح انسان ڪائنات جي عنصرن جي اصل حقيقت معلوم ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويو، جنهن سان مختلف علمن ۽ سائنس ترقي ڪئي. قرآن رسول الله کي اها دعا سيکاري ته: رب زدني علما. ”اي الله منهنجي علم کي ترقي ڏي.“ ان سان علم حاصل ڪرڻ جي اهميت وڌي وڃي ٿي.
(13) انساني فلاح: انساني فلاح جا ٻه پهلو آهن، هڪ مادي ۽ ٻيو روحاني. نبي انهن ٻنهي پهلوئن جي فلاح لاءِ تعليم ڏئي ٿو. عبادت تي زور وڌيڪ ڏنو ويندو آهي، مادي پهلوئن ۾ به اهڙي تعليم ڏني ويندي آهي، جنهن جو تعلق عبادت جي مقصدن سان هوندو آهي.
وَلَقَدْ بَعَثْنَا فِیۡ كُلِّ اُمَّۃٍ رَّسُوۡلًا اَنِ اعْبُدُوا اللہَ وَ اجْتَنِبُوا الطَّاغُوۡتَ ۚ (النحل:٣٦)
” ۽ يقين سان اسان هر قوم ۾ رسول موڪليو ته الله جي عبادت ڪريو ۽ ڪوڙن معبودن کان بچو.“ انساني زندگيءَ جو مقصد ئي الله جي عبادت آهي:
وَمَا خَلَقْتُ الْجِنَّ وَ الْاِنۡسَ اِلَّا لِیَعْبُدُوۡنِ ﴿۵۶﴾ (الذاريات: ٥٦)
(14) عقل جي رهنمائي: انسان جو عقل اڻپورو آهي. انڪري ان جي رهنمائيءَ جي لاءِ نبي، سياسي، سماجي ۽ معاشي اصول ڏئي ٿو ته جيئن هر مسئلو انهن جي روشنيءَ ۾ حل ڪري سگهجي. انهن اصولن مطابق عقل ۽ فهم کان ڪم وٺڻ جو تاڪيد ڪيل آهي. انهن اصولن کانسواءِ انساني عقل کوجنا ته ڪري سگهي ٿو پر زندگيءَ جا معاملا نٿو سلجهائي سگهي. دنيا ۾ جنگ ۽ فساد صرف انڪري آهي جو صرف عقل کان ڪم ورتو ويندو آهي ۽ الله جي وحيءَ جي ٻڌايل اصولن کي نظرانداز ڪيو ويندو آهي.
قرآن انڪري عقل ۽ فهم کان ڪم وٺڻ تي زور ڏنو آهي ڇو ته عقل کانسواءِ الله جي وحيءَ جي اصولن ذريعي زندگيءَ مان فائدو نٿو وٺي سگهجي. قرآن عقل جي لاءِ گهڻا لفظ استعمال ڪيا آهن، ڪٿي حڪمت، ڪٿي شعور، ڪٿي بصيرت ۽ڪٿي تدبير وغيره جا لفظ آيا آهن. پر اهو ياد رهي ته صرف انساني عقل مسئلن کي مڪمل طور تي حل نٿو ڪري سگهي. انڪري نبي ان جي رهنمائيءَ جي لاءِ مادي ۽ روحاني اصول ڏئي ٿو. گذريل انساني تاريخ توڙي موجوده تهذيب ۾ جتي صرف عقل کان ڪم ورتو ويو آهي، اتي صرف فساد ۽ تباهي آئي آهي.
(15) موت کانپوءِ زندگي: خدا جي هستيءَ تي يقين ته انساني فطرت ۾ آهي پر موت کانپوءِ زندگي ۽ سزا جزا جو تصور صرف نبي ڏئي ٿو. جيڪو ان اصول تي ايمان آڻي پنهنجي زندگي ان ۾ ڍالي ٿو، اهو انعام جو حقدار ٿيندو، نه ته سزا ملندي.
اهو به ياد رهي ته آخرت تي ايمان کانسواءِ اخلاق جا بنياد قائم ٿي نٿا سگهن، انڪري قرآن ان تي گهڻو زور ڏنو آهي.
ڪوبه ماڻهو انهن نشانين ۽ تعليم کانسواءِ نبي يا رسول نٿو سڏائي سگهي ۽ انهن نشانين بغير نبيءَ جي سڃاڻپ نٿي ٿي سگهي.

[b]الله جي وحيءَ بابت:
[/b] مسلمان اڪابرن عام طور تي اهو سمجهي ڇڏيو آهي ته وحي نازل ٿيڻ جي شڪل صرف اها ئي آهي جنهن شڪل ۾ اها حضور ﷺ جن تي نازل ٿي. اهي ان کان هٽي ڪري وحي نازل ٿيڻ کي تسليم ئي نه ڪندا آهن پر قرآن حڪيم وحي نازل ٿيڻ کي صرف نبي يا رسول تائين محدود نه رکيو آهي. ان کي زندگيءَ جي حقيقت بڻايو آهي. يعني هر اها شيءِ جيڪا زندگيءَ کانسواءِ هجي، جيئن زمين ۽ آسمان، حيوان، ماکيءَ جي مک، نبيءَ جا حواري جيئن حضرت مسيح جا، حضرت موسيٰ جي والده، ٻوٽن جو وڌڻ وغيره. اهڙي طرح شعور نبوت ۽ شعور ولايت جي شڪل ۾ وحي جاري و ساري آهي. شعور نبوت کي وحي متلو چيو ويندو آهي، جيئن قرآن ۽ ٻيا الاهي ڪتاب. شعور ولايت کي غير متلو وحي چيو ويندو آهي.
انسان جي اندر ظاهري حواسن سان گڏ باطني حواس به آهن. ظاهري حواسن جي لاءِ ٻاهر سامان موجود آهي، جن جي تحقيق سان علم جڙن ٿا ۽ ايجادون وجود ۾ اچن ٿيون. اهڙي نموني باطني حواسن جي لاءِ به سامان موجود آهي، جيڪو انهن جي تربيت ۽ پرورش ڪندو آهي.
الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا وَکَانُوۡا یَتَّقُوۡنَ ﴿ؕ۶۳﴾ لَہُمُ الْبُشْرٰی فِی الْحَیٰوۃِ الدُّنْیَا وَفِی الۡاٰخِرَۃِ ؕ لَا تَبْدِیۡلَ لِکَلِمٰتِ اللہِ ؕ ذٰلِکَ ہُوَ الْفَوْزُ الْعَظِیۡمُ ﴿ؕ۶۴﴾ (يونس:63-64)
”جن ايمان آندو ۽ تقويٰ اختيار ڪئي، انهن جي لاءِ دنيا جي زندگيءَ ۾ ۽ آخرت ۾ خوشخبري آهي، الله جون ڳالهيون بدلجي نٿيون سگهن، اها وڏي ڪاميابي آهي.“
البشري جيڪا هڪ متقي انسان کي زندگيءَ ۾ ڏني ويندي آهي، ان کي رسول الله روياءِ صالحه صادقه چيو آهي. حديث ۾ آهي ته ” نبوت ۾ سواءِ مبشرات جي ڪجهه باقي نه رهيو، اصحابن پڇيو ته ”مبشرات ڇا آهن؟“
پاڻ ڪريم جن فرمايو: روياءِ صالحه. بخاري ۾ ابو سعيد خداريءَ کان روايت آهي ته روياءِ صالحه نبوت جو چاليهون حصو آهي.
جهڙي نموني الله تعاليٰ جون ٻيون صفتون جاري و ساري آهن، اهڙي نموني صفت ڪلام به جاري آهي. انسان پنهنجي روحاني طاقت کي روياءِ صادقه ۽ مبشرات کانسواءِ قائم نٿو رکي سگهي. ڏٺو وڃي ته انسان جي پيدائش ان روحاني طاقت جي پرورش جو مقصود آهي. امت جا سڀ اوليائ ۽ عالم ان ڳالهه تي قائم آهن ته رسول الله جي ڪامل پيروي سان انسان کي ڏاتر جي ڏات حاصل ٿئي ٿي.
وَالَّذِیۡنَ یُؤْمِنُوۡنَ بِمَاۤ اُنۡزِلَ اِلَیۡکَ وَمَاۤ اُنۡزِلَ مِنۡ قَبْلِکَ ۚ وَ بِالۡاٰخِرَۃِ ہُمۡ یُوۡقِنُوۡنَ ؕ﴿۴﴾ (البقره: 4 )
” ۽ جيڪي ايمان آڻيندا آهن ان تي جيڪو تو ڏانهن لاٿو ويو آهي ۽ جيڪو توکان پهريان لاٿو ويو آهي.“

وحي نبوت (ڪتاب الاهي) تي ايمان آڻڻ ديني فرض آهي.
وحي ولايت قابل حجت نه آهي ۽ نه ان جي پيروي فرض آهي. حضرت مجدد الف ثاني  ان تي تفصيل سان بحث ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن وحيءَ جو الهام شريعت جي ڪنهن ظاهر حڪم جي خلاف هجي ته شرعي حڪم کي تسليم ڪيو وڃي.
قرآن حڪيم ڪلام الاهي جون ٽي صورتون ٻڌايون آهن:
1 . وحيا
2 . من وراءِ حجاب
3 . جبرائيل جي ذريعي وحي
وحياً جو مطلب ”القافي الروح“ آهي ڇو ته وحيءَ جي معنيٰ سريعه اشارو (هلڪو تيز اشارو) آهي. الله تعاليٰ جي طرفان هڪ خيال ڪنهن غور ۽ فڪر کانسواءِ اوچتو دل ۾ وڌو ويندو آهي. اهو هڪ نئون علم هوندو آهي جيڪو دل ۾ بجليءَ وانگر ايندو آهي، جنهن سان سڀ مسئلا حل ٿي ويندا آهن. ان کي وحي خفي به چون ٿا، ان ۾ نبي ۽غير نبي ٻئي شامل آهن. ڊاڪٽر سوروڪن تحقيق ڪئي آهي ته 80 سيڪڙو سائنسدانن اعتراف ڪيو آهي ته انهن ايجادن وقت تيزيءَ سان ان ايجاد جو خيال سندن دل ۾ آيو آهي جنهن جو کين وهم ۽ گمان به نه هو، پوءِ ان غيبي اشاري جي باري ۾ تحقيق شروع ڪئي ويئي ته ايجاد سامهون اچي وئي.
وحيءَ جي ٻي صورت من وراءِ حجاب آهي. ان ۾ رويا، ڪشف ۽ الهام شامل آهن. ان صورت ۾ باطني حواس جي ذريعي علم سامهون اچي ٿو. ان صورت ۾ به نبي ۽ غير نبي ٻئي شامل هوندا آهن.
ٽين ۾ جبرائيل جي ذريعي وحي انسان تائين پهچائي ويندي آهي. ان جو نزول به ٻاهران باطني حواسن تي ٿيندو آهي. اها وحي صرف نبين تي ايندي آهي، ان ۾ غير نبي شامل نه هوندا آهن. سڀ آسماني ڪتاب ان وحيءَ سان ڀريل آهن. ان کي وحي متلو چون ٿا، يعني اها وحي جيڪا لفظن ۾ پڙهي ويندي آهي. ان کي ڪتاب به چيو ويندو آهي. ان کي وحي نبوت به چيو ويندو آهي. ڪتاب اصل ۾ هڪ شاهي فرمان آهي جيڪو الله تعاليٰ جبرائيل جي ذريعي نازل ڪري ٿو.

[b]وحي نازل ٿيڻ جا طريقا:
[/b] رسول الله ﷺ هڪ طريقو ته صلصلته الجرس ٻڌايو آهي. جيئن گهنٽيءَ جو آواز. ان صورت ۾ وحيءَ جو نازل ٿيڻ رسول الله ﷺ جن کي وڏو بار ۽ڏکيو محسوس ٿيندو هو. ٻي صورت تمثل ملڪ جنهن ۾ فرشتو انساني شڪل ۾ سامهون اچي ويندو هو. وحي نازل ٿيڻ جو اهو طريقو تمام سولو هو. حديثن ۾ انهن ٻن طريقن کان علاوه به وحي نازل ٿيڻ جا طريقا ٻڌايا ويا آهن.
جيئن (1) روياءِ صادقه (2) ڪنهن آواز، ڪنهن فرشتي کانسواءِ نبيءَ جي دل تي وحي نازل ٿيڻ (3) ڪا ڳالهه دل ۾ ويهارڻ (4) الله سان سڌو سنئون ڳالهائڻ (5) ڪشف جي ذريعي ڪنهن کليل شيءِ کي ڏيکارڻ (6) تفهيم غيبي. علامه علاءُ الدين چيو آهي ته علم وارا ان کي وحي تسليم ڪن ٿا. اها وحي غير متلو آهي، ان ۾ غير نبي به شامل هوندا آهن.

[b]وحي نازل ٿيڻ جي جاءِ :
[/b] قرآن ۾ آهي ته:
قُلْ مَنۡ کَانَ عَدُوًّا لِّجِبْرِیۡلَ فَاِنَّہٗ نَزَّلَہٗ عَلٰی قَلْبِکَ بِاِذْنِ اللہِ (البقره : ٩٧)
”چئه! جيڪو به جبرائيل جو دشمن آهي، اهو بيشڪ ان الله جي حڪم سان تنهنجي دل تي لاٿو،“
يعني وحي الاهي دل تي نازل ٿيندي آهي.
1 . جڏهن الله تعاليٰ وحي نازل ڪندو آهي ته ظاهري حواس معطل ٿي ويندا آهن.
2 . هڪ ئي وقت ۾ مختلف باطني حواسن تي وحي نازل ٿيڻ يعني قلب جيڪو هڪ ئي وقت ۾ڏسي به ٿو، ٻڌي به ٿو ۽ چکي به ٿو.
3 . باطني ۽ ظاهري حواسن ۾ اشتراڪ : اهو اشتراڪ گڏيل حس سان ٿيندو آهي يعني باطني شيءِ کي ظاهري شڪل ۾ ڏسڻ جو احساس.

[b]وحي الاهي جا مقصد :
[/b]1 هدايت ۽ فلاح
2 خدا جي معرفت حاصل ڪرڻ
3 علم جو ذريعو
4 انسان کي بلند مقام تي آڻڻ
ان تفصيل جو مقصد اهو آهي ته انسان مذهب جي ماهيت، ان جي ضرورت ۽ صاحب وحيءَ جي سڃاڻپ کي سٺي نموني سمجهي وٺي.
اهڙي نموني مسلمان عالمن ۽ دانشورن جو فرض آهي ته اهي سڀني مذهبن جي بانين جي تعليم کي قرآن جي مدد سان غلطين کان پاڪ ڪن ته جيئن انساني وحدت قائم ٿي سگهي.

آريا قوم جي مذهب جو تاريخي پس منظر

آريا وچ ايشيا کان هندستان آيا ۽ هنن وچ ايشيائي ديوتائن ۽ شيطانن جو تصور به پاڻ سان آندو. هنن ۾ پهريان ذاتيون نه هيون، جيڪو ماڻهو جيڪو به پيشو اختيار ڪندو هو، اهو ئي ان جي سڃاڻپ جو حوالو هو، پر آهستي آهستي يهودين وانگر هنن مان برهمڻن يا پروهتن جي ذات پيدائش سان لاڳو ٿي ويئي ۽ وڙهڻ يا حفاظت ڪرڻ واري ذات کتري سڏائڻ لڳي. واپارين ۽ مزدورن جون به ذاتيون بڻجي ويون ۽ هندي آرين جي معاشري جي ترقي محدود ٿي ويئي.
ٻه هزار قبل مسيح ۾ هندي آرين خدا جي باري ۾ بلند ترين تصور قائم ڪيو هو. هو روح کي غيرفاني ۽ روح اعظم (پرماتما) کي ڪائنات جو خالق مڃيندا ها پر اُتي فطرت جو بحث عام هو، انڪري مفڪر به ڪثرت سان پيدا ٿيا ۽ روح ۽ روح اعظم جي باري ۾ايترا بحث ڇڙي ويا هئا جو ڪنهن ملڪ جو فيلسوف به هتان جي هڪ عام ماڻهوءَ جو مشڪل سان مقابلو ڪري سگهندو هو.
بعث الموت جي تصور کي هنن منطقي طور تي تناسخ (جُوڻ مَٽ) جي خيال سان ظاهر ڪيو هو يعني هر عمل جو ڪو نه ڪو نتيجو ضرور نڪرڻ گهرجي ۽ ان نتيجي کي حاصل ڪرڻ لاءِ روح جو ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ پيدا ٿيڻ اڻٽر آهي. سٺا عمل ڪرڻ وارو شخص بهتر انسان يا ديوتا جي صورت ۾پنهنجي عملن جو انعام حاصل ڪندو آهي. خراب عمل وارن کي جانورن جي شڪل ۾ پيدا ٿيڻو پوندو آهي! مطلب ته وچ ايشيا جي آرين جنت ۽ دوزخ جي تصور ذريعي ماڻهن کي سمجهايو هو، جڏهن ته هند جي آرين ان کي تناسخ ۽ ڪرم ڦل (عملي نتيجن) جي ذريعي سمجهايو. مقصد ٻنهي جو هي هو ته نيڪ زندگي گذاري وڃي (جيڪا سماجي برابري يا مساوات کانسواءِ ناممڪن آهي).
اهي خدا پرست شرڪ کان ايترو پري ڀڳا جو هو چوندا ها ته باري تعاليٰ جي حقيقي وجود کانسواءِ ڪجهه نه آهي. انهن مان ڪي وحدت الوجود کان علاوه وحدت الشهود جا به قائل هئا ۽ چوندا هئا ته خالق مخلوق کان جدا آهي. روح ۽ مادو ٻه الڳ شيون آهن.

[b]اوتار جو تصور :
[/b] اوتار جو تصور قديم آرين ۾ موجود هو ۽ جيڪو ماڻهو خدائي ڳالهيون ٻڌائيندو هو، ان کي خدا يا اوتار مڃيندا هئا. ويدن ۾ انهن کي رشي يا مُني چيو ويو آهي. هي بزرگ برهم گيان يعني خدا جي ذات جو علم ڦهلائيندا هئا ۽ آئينده جي زندگيءَ کان ڊيڄاري، موجوده زندگيءَ ۾ نيڪ عملن جي تعليم ڏيندا هئا. اها تعليم شري ڪرشن جي ڀڳوت گيتا ۾ گڏ ڪئي وئي آهي. هو فرمائي ٿو ته جيڪي ماڻهو منهنجي عبادت، مونکي لاشريڪ مڃي ڪن ٿا، آءٌ انهن متوازن ماڻهن کي مڪمل سلامتي بخشيان ٿو.
(مڪالمو 9، شعر22).

[b]ڇوٽڪاري جو هندي تصور :
[/b] هند جي مذهبن ۽ فيلسوفن هڪ بنيادي اصول هي ڄاڻايو آهي ته جڏهن دنيا ۾ ڪفر ۽ اونداهي عام ٿي ويندي آهي ته خدا پنهنجو اوتار موڪليندو آهي، هو سچي دين (قديم آريه ڌرم) ڏانهن هدايت ڪندو آهي ۽ ٽن رستن مان ڪنهن هڪ رستي تي هلڻ وارو ڇوٽڪارو ، جنت يا گيان حاصل ڪري وٺندو آهي. هڪڙو (پرماتما) جو آهي ۽ ٽيون رستو محبت (ڀڳتي) جو آهي. کتري، برهمڻ ۽ عام ماڻهو پنهنجي عمل، علم يا محبت جي رستي خدا تائين پهچي سگهن ٿا ۽ اهڙي نموني هو جنت ۽ دوزخ جي چڪر مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهن ٿا.

[b]اسلام جي ظهور تائين سناتن ڌرم ۾ هٿچراند:
[/b] ان زماني ۾ خود پرست پروهتن پنهنجون جدا جدا ذاتيون جوڙي ڇڏيون هيون. هو پنهنجو پاڻ کي برهما جي مٿي مان پيدا ٿيل برهمڻ ديوتا سمجهندا هئا ۽ ماڻهن کان پنهنجي پرستش ڪرائيندا هئا. صرف اهو ئي نه پر پرستش ۽ قربانيءَ جي علم کي پنهنجي ميراث سمجهندا هئا يعني سندن سفارش کانسواءِ ڪوبه ماڻهو خدا يا ديوتا کي سڏي نه سگهندو هو. ان جو نتيجو هي نڪتو ته غير برهمڻ علم ۽ عمل کان محروم ٿي ويا ۽ جمهوري نظام جيڪو آريا قوم جي ايران، يونان ۽ ٻين ملڪن ۾ سڃاڻپ هو، ختم ٿي ويو. عورتن جو درجو تمام پست ٿي ويو، ايستائين جو اهي پنهنجي مئل مڙسن سان گڏ سڙي مرڻ (ستي ٿيڻ) پسند ڪرڻ لڳيون. انساني مساوات ختم ٿي وئي ۽ ڪروڙين انسان اڇوت يا پيدائشي غلام قرار ڏنا ويا.
معاشري جي ان اڻ برابريءَ کي ختم ڪرڻ جي لاءِ هند ۾ هر هر ٻڌ (عقلمند انسان) پيدا ٿيا. رام ڪرشن، مهاوير، گوتم ٻڌ، شنڪر آچاريه مسلمانن جي اچڻ کان اڳ ۽ دائود جي، ڀڳت ڪبير، نانڪ، تلسي داس، گنج بخش علي هجويري، خواجه چشتي، فريد شڪر گنج، خسرو، مجدد سرهندي، شاهه ولي الله ۽ تمام گهڻا مصلح مسلمانن جي دور ۾ پيدا ٿيا. انگريزن جي دور ۾ سيد احمد بريلويءَ جون جي ڪوششون هندي ويدانت ۽ اسلامي تصوف جي ميلاپ سان شروع ٿيون ۽ آخر ۾ مهاتما گانڌي ۽ قائد اعظم محمد علي جناح جي ديني سياست غلام هندستان جو سونهري ڪارنامو آهي. اهي سڀ مصلح هند جي ماڻهن کي ذات پات جي قيد کان ڇوٽڪارو ڏياري انسانيت ۽ محبت جو مذهب رائج ڪرڻ چاهين پيا. دانائي ۽ حڪمت سان ماڻهن ۾ عدل جي مڃتا ۽ معاشي مساوات جو روح ڦوڪڻ چاهين پيا. سڀني جو اهو چوڻ هو ته صرف برهمڻن تائين سچائيءَ کي محدود نه هجڻ گهرجي. مسلمان صوفي ته هندو مصلحن کان به اڳتي نڪري ويا هئا ۽ چوڻ لڳا هئا ته ”العلم حجات الاڪبر!“ يعني اهي برهمڻ يا ملان جيڪي سطحي عقيدن کي اصل دين چون ٿا ۽ مندرن ۽ مدرسن ۾ ويهي فرقيواريت پکيڙين ٿا، اهي اصل ۾ مذهب جي حقيقت کي نٿا سمجهن.

[b]رام، ڪرشن، مهاوير ۽ ٻڌ :
[/b] رام ۽ ڪرشن، مهاوير ۽ ٻڌ، اهي سڀ مصلح کتري هئا ۽ برهمڻن جي جوڙيل بندشن کان دنيا کي آزاد ڪرائڻ چاهين پيا. مهاوير ۽ ٻڌ کان پهريون رام جي ڪهاڻي رامائڻ ۾ ۽ ڪرشن جي تعليم ڀڳوت گيتا ۾ موجود هئي. هي مهاڀارت جي ڪهاڻيءَ جو هڪ حصو آهي. رام جي تعليم جو خلاصو هي آهي ته جان وڃي ته ڀلي وڃي پر زندگيءَ ۾ جيڪو واعدو ڪيو آهي اهو نه ٽٽي. واعدي وفائي ان وقت سڀ کان وڏي تعليم هئي. ڪرشن نجات ۽ گيان جو طريقو ٻڌايو ۽ علم، عمل ۽ محبت (ڀڳتي) جي طريقن سان انسانيت جو سبق پڙهايو. اهي ٻئي سڌارڪ کتري هئا ۽ برهمڻن جي تنگ نظري ۽ ذات جي بندشن، عدم مساوات ۽ بي عمل زندگيءَ جا دشمن هئا. دنيا مان عدل ۽ حق ختم ٿي ويو هو، هنن خدا پرستي ۽ انساني مساوات قائم ڪرڻ جي تلقين ڪئي.

[b]مهاوير(599 -526 ق- م) :
[/b] مهاوير جي باري ۾ چيو ويندو آهي ته هو ايشور (خدا) جي وجود جو قائل نه هو پر روح جو قائل هو ۽ روحاني وحدت الوجود کي مڃيندو هو، انڪري اهو چوڻ صحيح ناهي ته هو ملحد هو. هو فنا في الڪائنات کي تناسخ روح کان ڇوٽڪاري جو رستو مڃيندو هو. پر هو ويدن(يعني قديم برهمڻن جي تعليم کي الهامي نه سمجهندو هو ۽ نه وري ان کي ايشور جو ڪلام سمجهندو هو. هو سچائي ۽ محبت جي ذريعي نفس ڪشي ۽ روحاني ترقيءَ کي ڇوٽڪاري جو ذريعو سمجهندو هو. ان جو نتيجو هي نڪتو ته ٻڌ مت ۾ اهڙا زاهد ۽ سنياسي پيدا ٿيا، جن دنيا جي هر شيءِ کي ترڪ ڪيو ۽ ننگا رهڻ لڳا. اسان جي خيال ۾ سندس اها تعليم محبت ۽ ايثار سان پيدا ٿي آهي پر ناقابل عمل آهي. اعتدال کان هٽي وڃڻ جي ڪري انهن راهبن ۽ سنياسين جو تعداد تمام ٿورڙو وڃي آهي.

ويدڪ مت (هندو مذهب)

هندو مذهب ۾ عام طور تي ويدڪ مت سان گڏ ٻڌ مت ۽ جين مت کي شامل ڪيو ويندو آهي پر ٻڌ مت ۽ جين مت برهمڻن جي خلاف هيا، اهي کتري مذهب هئا، جن برهمڻن جي اقتدار کي تسليم نٿي ڪيو. اهي ذات پات ۽ ويدن جا مخالف هئا.

[b]ويدڪ مت:
[/b] ويدڪ مت ويدن تي ٻڌل آهي ۽ ان کي ئي اصل ۾ هندو مذهب چئجي. سڀ کان پهرين ڳالهه هيءَ آهي ته هندو مذهب جي ڪا مرتب ۽ منظم تاريخ نه آهي جنهن مان اها قطعي طور تي خبر پوي ته هندو مذهب ڇا آهي؟ بمبئي جي اڳواڻن گورنر الفنسٽن پنهنجي ڪتاب ”تاريخ هند“ ۾ لکيو آهي ته ”جڏهن هيئن سمجهيو ويندو آهي ته ڪا ڪهڙي به جاهل قوم ڇو نه هجي، پنهنجي وڏڙن جي باري ۾ ڪونه ڪو ڪتاب رکندي آهي، ته ان ڳالهه تي تعجب ٿيندو آهي ته باوجود ان جي ته اها قوم نهايت تربيت ۽ شائستگيءَ جي درجي تي پهتي هئي پر وٽس تاريخ سان ملندڙ جلندڙ ڪوبه ڪتاب نٿو ملي. هندن جي حالت جيڪا تحرين ۾ موجود آهي، اها ڪوڙين ڪهاڻين ۽ حد کان وڌايل تاريخي واقعن سان ڀريل آهي، سو ان ۾ سچي ۽ مسلسل تاريخ جي اميد نٿي ڪري سگهجي ۽ نه ئي ڪنهن عام واقعي جي تاريخ سڪندر جي پورس تي حملي کان اڳ جي جوڙي سگهجي ٿي ۽ نه وري ڪو مسلسل بيان هندن جي حالت جو هندستان تي مسلمانن جي حاڪميت تائين لکي سگهجي ٿو.“
پنڊت جواهر لال نهرو پنهنجي ڪتاب ”The Discovery of India“ ۾ لکي ٿو ته چيني ۽ يوناني عربن جي ابتڙ قديم هندستان جا ماڻهو تواريخدان نه هئا، اها اسان جي وڏي بدقسمتي آهي ۽ اها ئي ڏکيائي آهي جو اسان گذريل دور جي واقعن جو زمانو يا تواريخ متعين نٿا ڪري سگهون. اهي واقعا ڪجهه اهڙي نموني پاڻ ۾ گڏ وچڙ آهن جو انهن مان عجيب خلفشار پيدا ٿي رهيو آهي...
اسان وٽ هڪ ڪتاب يعني ”ڪلياڻ جي راج ترنگي“ اهڙو دستاويز آهي جنهن کي اسان تاريخي ڪتاب چئي سگهون ٿا. اهو ڪتاب ڪشمير جي تاريخ تي آهي ۽ ٻارهين صدي عيسويءَ ۾ لکيو ويو هو. باقي واقعن لاءِ اسان کي سوچ جي دنيا ۾ وڃڻو پوي ٿو يا ٻاهرين تواريخدانن مثال: يونانين، چينين ۽ عربن جي شاهدين تي... مثال طور وڪرمي سن کي وٺو، اهو 7 5 ق - م کان شروع ٿئي ٿو پر ان زماني جي اڳين پوئين تاريخ ۾ اسانکي وڪرما جيت جو پتو نٿو ملي.
هڪ وڪرما جيت چوٿين صدي عيسويءَ ۾ ٿي گذريو آهي پر هيءُ چوٿين صدي عيسويءَ جو وڪرما جيت ان سن ۾ ڪئين موجود ٿي سگهي ٿو جيڪو 57 ق- م کان شروع ٿئي ٿو. ان وڪرما جيت کي ان سن جي متعلق ثابت ڪرڻ جي لاءِ پڙهيل لکيل طبقي جهڙي نموني تاريخ سان کيڏيو آهي، ان تي حيرت ٿي ٿئي! هو ان ڳالهه تي به زور ڏيندا رهيا آهن ته، هي اهو ئي وڪرم آهي جنهن ٻاهران اچڻ وارن جي خلاف جنگ برپا ڪئي هئي ۽ ان ڳالهه جي لاءِ وڏيون ڪوششون ورتيون ته هندستان متحد رهي ۽ هڪ قومي حڪومت جي ماتحت هجي، پر وڪرم جي سلطنت اتر ۽ وچ هندستان کان اڳتي نه هئي... اها حقيقت آهي ته هندستاني (هندو) پنهنجي قديم روايتن کي ئي تاريخ تسليم ڪندا آهن ۽ ان تي ڪنهن به قسم جي تنقيدي نظر نه وجهندا آهن. کين ان قسم جي غير ذميوارانه فڪري طريقي ۽ نهايت سولائيءَ سان نتيجن تائين پهچڻ واري مسلڪ کي نيٺ ڇڏڻو پوندو. (77،79).
مشهور فرانسيسي عالم ڊاڪٽر ليبان لکي ٿو ته انهن هزارين جلدن ۾ جيڪي هندن پنهنجي 3 هزار ورهين جي تمدن ۾ تصنيف ڪيا، هڪ به تاريخي واقعو صحت سان (صحيح طور) لکيل نه آهي. ان زماني جي ڪنهن واقعي کي پيش ڪرڻ لاءِ اسان کي ٻاهرين سهارن تي ڀاڙڻو پوندو هو. سندن تاريخي ڪتابن ۾ عجيب خاصيت (يعني هر شيءِ کي غلط ۽ غيرفطري صورت ۾ ڏسڻ جي) جا بجا ملي ٿي ۽ انسان کي ان سوچ تي مجبور ڪندي آهي ته ان جو دماغ ئي ٽيڙو آهي...
قديم هندن جي ڪا تاريخ ئي نه آهي ۽ نه عمارتن ۽ يادگارن سان ان جي تلافي ٿئي ٿي. هندستان جو تواريخ وارو زمانو مسلمانن جي فوج ڪشيءَ کان پوءِ شروع ٿيو ۽ هندستان جا پهريان تواريخدان مسلمان آهن.
(تمدن هند147،144 ).
ڀائي پرمانند لکي ٿو ته هندستان ۾ عام طور تي جيڪي تاريخي ڪتاب رائج آهن، انهن جا ٽي حصا آهن قديم زماني ۾، جيڪو بلڪل نامڪمل آهي، بدقسمتيءَ سان اسان جي بزرگن کي پنهنجا حالات صحيح نموني قلمبند ڪرڻ جو شوق نه هو، جيڪي حالات لکيل ملن ٿا اهي شاعرانه ۽ وڌاءَ سان ڀريل آهن، جن جي مدد سان صحيح واقعن تي پهچڻ ڏکيو آهي. گهڻو ڪري شوريٰ جي اندر اهڙيون تبديليون ٿيون ئي نه هونديون جن کي قلمبند ڪرڻ جو انهن کي خيال اچي. (رسالو ”زمانو“ ڪانپور سيپٽمبر، آڪٽوبر 1914ع مضمون: تاريخ هند جو مطالعو).
انهن بيانن مان پتو پوي ٿو ته رامائڻ ۽ مهاڀارت ۾ جيڪي ديومالائي ڳالهيون لکيل آهن، اهي تاريخ کي منظم طريقي سان لکڻ بدران من گهڙت ۽ غير فطري انداز فڪر جو نتيجو آهن. شري رام چندر هڪ عظيم رهنما جي حيثيت سان هڪ ديومالائي شخصيت بڻجي ويو آهي جنهن سان ڪا به رهنمائي حاصل نٿي ڪري سگهجي. جيترو ٿي سگهيو سندس شخصيت کي هڪ اوتار جي حيثيت سان پيش ڪيو ويو آهي.
ٻي ڳالهه هيءَ آهي ته آرين جي وطن جي باري ۾ صحيح معلومات نٿي ملي. پروفيسر ميڪس ملر ۽ مسٽر بينزي روس جو اوڀر وارو حصو ٻڌائين ٿا، ڪي ڪشمير ۽ تبت ٻڌائين ٿا. سندن اچڻ جي زماني جو تعين به نه ٿي سگهيو آهي. گهڻو ڪري انهن جو پهريون گروهه ٻه هزار ورهيه ق - م هندستان آيو، ان کانپوءِ انهن جا قافلا اچڻ لڳا. هنن قديم لوڪن دراوڙن کي ڏکڻ ۽ اوڀر ڏانهن ڌڪيو ۽ اهڙي نموني اتر هندستان آريه ورت جي نالي سان مشهور ٿيو.
آريه لفظ جي اصل معنيٰٰ آهي غلام آهي. هندو سنسڪرت نه پر فارسيءَ جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ چور ۽ غلام آهي، انڪري سوامي ديانند سرسوتي آريه سماج جي باني ۽ پنڊت ليکرام ”هندو“ نالي جي خلاف وڏي غصي جو اظهار ڪيو آهي. هنن چيو آهي ته اسانکي اهي نالا ترڪ ڪري صرف آريه سڏائڻ گهرجي.
آريه لفظ ويدن ۽ شاسترن ۾ موجود آهي، پر اهو ڌرم جو نه بلڪه هڪ قوم جو نالو آهي. آريه قوم پنهنجي مسلڪ ۽ روايتن جو خزانو کڻي هندستان آئي. وقت سان گڏ قديم لوڪن دراوڙن جا عقيدا به ان سان ملي ويا. اهڙي طرح آرين جو مذهب ويدن تي جڙي ويو. دراوڙ قوم رومي سمنڊ کان آئي هئي. •
ان قوم جي باري ۾ هڙاپا ۽ موئن جي دڙي جي کوٽائيءَ مان جيڪا معلومات ملي آهي، ان مان پتو پوي ٿو ته هي ماڻهو وڻن، جانورن مثال طور: هاٿي، ڏاند، هرڻ ۽ چيتي وغيره جي پرستش ڪندا هئا. وشنو ۽ شِوِ دراوڙي ديوتا هئا ۽انهن جي مجسمن جي پرستش ڪندا هئا.
ويدن جي شروعاتي زماني ۾ آريه قوم توحيد پرست قوم هئي. البيروني هندستان بابت پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته هندن جو عقيدو هي آهي ته خدا واحد آهي، غير فاني آهي. نه ان جو ڪو آغاز آهي، نه انجام. هو نج مختيار ۽ نج حڪيم آهي، حيءُ القيوم ۽ احڪم الحاڪمين آهي، هو رب آهي، پنهنجي سلطانيءَ ۾لاثاني آهي. نه ڪا شيءِ هن سان ملندڙ آهي، نه هو ڪنهن شيءِ سان ملندڙ آهي. (البيروني جلد-1 ص 27- ”مسلم ثقافت هندستان“ مصنف : عبدالمجيد سالڪ).
ويدن ۾ بتن جو رواج ۽ پرستش جي شين جا ظاهري نشان ۽ علامتون قائم ڪرڻ جو رجحان ثابت نٿو ٿئي. (الفنسٽن جي تاريخ باب توحيد).
هندو قوم کي هندستان ۾ بت پرست ثقافت سان واسطو پيو ته آهستي آهستي هيءَ قوم به بت پرستي ۽ مظاهر پرستيءَ ۾ مبتلا ٿي وئي. هندن ۾ تريمورتيءَ جو تصور ايشور، وشنو ۽ شو جو آهي، جنهن ۾ شِو ۽ وشنو دراوڙي ديوتا آهن. اهڙي نموني ٻيون به بي شمار غير ويدي رسمون هندو ڌرم جو نه ٽٽندڙ حصو بڻجي ويون.

[b]ويد :
[/b] لفظ ويد جو مطلب معنيٰ جاچڻ، سوچڻ، غور ڪرڻ ۽ حاصل ڪرڻ آهي. ويد لفظ مشهور ڪتابن جي لاءِ استعمال نه ٿيو آهي پر هي اهو ادب آهي جيڪو ٻه هزار ورهين جي عرصي ۾ هند وارن مختلف علمن ۽ رسمن جي باري ۾ گڏ ڪيو ۽ ان جو نالو ”ويد“ رکيو.
ڊاڪٽر سريندر ناٿ گپتا پنهنجي مشهور ڪتاب A History of Indian Philosophy جي پهرين جلد ۾ لکي ٿو ته :
”هڪ نئين پڙهندڙ کي پهرين سنسڪرت ادب پڙهايو وڃي ته هو اهو ڏسي پريشاني محسوس ڪندو ته تضاد سان ڀريل مطلبن ۽موضوعن تي مستند مختلف ڪتاب آهن ۽ سڀني جو نالو ويد يا سرتي آهي. اهو ان لاءِ ته ويد پنهنجي وسيع مفهوم جي لحاظ کان ڪو خاص ڪتاب نه پر اهو ٻه هزار ورهين جي ڊگهي عرصي تي ڦهليل ادب جو نالو آهي ۽ اهو ادب مظهر آهي ان علمي ڊڪ ڊوڙ جي حاصلات جو جيڪو هندستان جي رهڻ وارن مختلف رخن کان ان ڊگهي عرصي ۾ گڏ ڪيو. ان ڪري ضروري طور تي ان کي متضاد عنصرن جو مجموعو هجڻ کپي.“ (صفحو 11-12 ).

[b]مختلف ويد :
[/b] هونئن ته ويد مختلف ڪتابن جو نالو آهي جيئن ايور ويد (طب)، سرپ ويد (نانگ جو ويد)، پشاج ويد(چڙيلن جو ويد)، آگر ويد (شيطانن جو ويد)، ڌر ويد (تير ڪمان جو ويد)، اتهاس ويد (تاريخ)، پران ويد(قصن ڪهاڻين جو ويد).

[b]ويد جو موضوع :
[/b] مستند ترين لغت ”نرڪت“ ۾ لکيل آهي ته جنهن مقصد کي جنهن ديوتا جي ذريعي رشي پورو ٿيندي ڏسي ان جي تعريف ڪئي آهي، اهو ئي ديوتا ان جو منتر آهي. اهڙي نموني ڪيترن ئي مقصدن لاءِ رشين جا منتر لکيل آهن (نرڪت- اڌپاءُ کنڊ).
31 هين ويد ۾ لکيل آهي ته رشي مقصد کڻي ديوتائن ڏانهن ڊوڙيا. اهڙي نموني ويدن جو موضوع پنهنجي ضرورت ۽ مقصد جي لاءِ ديوتائن جي تعريف ۽ منٿون ڪرڻ آهي. خود ويد ۾ لفظ ويد دنيوي مال متاع جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيو آهي، اهڙي نموني ويد انهن کي حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي.

[b]سوڪت = باب ويدن جا قسم
[/b]
1- رگ ويد: ان جا ڏهه هزار منتر آهن. هي 128 بابن ۽ 10 منڊلن ۾ ورهايل آهي. سڄو ويد نظم ئي آهي. ان ۾ خدائن جي تعريف ۽ سندن وڏائيءَ جا گيت آهن ۽ ديوي ديوتائن کي مخاطب ٿي انهن کان دعائون گهريون ويون آهن. رگويد سڀني ويدن کان آڳاٽو آهي، پراڻن جي مطابق سڀ کان اڳ يجر ويد هو، ان کي ٽوڙي چار ويد جوڙيا ويا.(هندو ازم- مصنف پروفيسر گووند داس) ان تي سائين آچاريه سنسڪرت ۾ ڀاشيه (تفسير) لکيو آهي. ولسن ۽ ميڪس ملر انهن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي.
2- يجر ويد : سڄو رگويد تان ورتل آهي، قربانين جي موقعي تي ڳايو ويندو آهي. هن ۾، يگيه ۾ استعمال ٿيڻ وارين شين کي مخاطب ڪيو ويو آهي.
3- سام ويد : ان ۾ صرف راڳ ۽ گيت آهن، رگويد جي اڌ جيترو آهي. ڪيترائي منتر رگويد تان ورتل آهن. يگيه جي رسمن تي ڳايو ويندو آهي. تاريخي لحاظ سان هن ويد جي ڪا خاص اهميت نه آهي.
سائين آچاريه لکيو آهي ته انهن ٽنهي ويدن کي ”تري وديا“ يعني ٽن علمن جو نالو ڏنو ويو آهي
4- اٿر ويد : ان ۾ ڪل 6 هزار منتر آهن جيڪي تقريبن 4 2 حصن ۾ ورهايا ويا آهن. اٽڪل هڪ هزار ٻه سوَ منتر رگويد تان کنيا ويا آهن. تقريبن اڌ نثر ۾ آهن، انهن جو گهڻو حصو جادوءَ جي باري ۾ آهي. اهي ويد قديم آرين جي تمدن جو آئينو آهن، انهن ۾ همه اوست (وحدت الوجود) جي تعليم ڏنل آهي.
هر ويد کي هيٺين ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي:
پهريون حصو: سنگيتيه ڀاگ يا منتر ڀاگ، جنهن ۾ ديوي ديوتائن کي مخاطب ٿي انهن کان دعائون گهريون وينديون آهن.
ٻيو حصو: برهمڻ ڀاگ، هن حصي ۾ منترن جي تشريح ۽ استعمال جي جڳهه بيان ڪئي وئي آهي. هر ويد جا هڪ يا ٻه برهمڻ آهن. گهڻو ڪري برهمڻن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ لاءِ اٺين ۽ پنجين صدي ق - م لکيا ويا.
ٽيون حصو: ارنيڪ، جيڪو جهنگن ۾ لکيو ويو ۽ اُتي ئي وڃي پڙهيو ويندو آهي. نرڪت (نرڪت= ويدن جي ڊڪشنري) مطابق ويدن جا صرف ٻه حصا آهن يعني سنگيتيه ڀاگ ۽ منتر ڀاگ. ارنيڪ صرف برهمڻن جو حصو آهي.

[b]ويدن جو مقصد :
[/b] چئني ويدن جي شروعات اگني (باهه)، وايو (هوا)، سوريه(سج) ۽ آپه (پاڻي) سان ٿئي ٿي.
رگويد اگنيءَ کان شروع ٿئي ٿو ۽ اهو باهه جي پرستش سيکاري ٿو. ان جي پهرين باب ۾ حمد ۽ ثنا کانپوءِ منتر 3 ۾ لکيل آهي ته اگني جي مهربانيءَ سان پرستش ڪرڻ واري کي دولت ملندي آهي، جيڪا ڏينهون ڏينهن وڌندي ويندي آهي.
اگنيءَ کانپوءِ ٻئي نمبر تي اندر ديوتا جي تعريف آهي. اندر ديوتا آرين جي لاءِ سندن مخالفن جي دولت هڙپ ڪري ايندو هو. سوريه سندن ساون فصلن کي پچائيندو آهي. پاڻي فصلن جي اڃ اجهائيندو آهي. اهڙي نموني ويدن جي جوڙڻ جو مقصد باهه، هوا، سج ۽ پاڻي جي پرستش ڪرڻ ۽ پوءِ انهن جي ذريعي دنيوي فائدا حاصل ڪرڻ هو.

[b]ويد گم ٿي ويا هئا:
[/b] مهاڀارت شليه پروا (Shalya Parva) ۾ لکيل آهي ته هڪ دفعو ملڪ ۾ ڏهن ورهين تائين برسات نه وُٺي ۽ ان جي ڪري ڏڪار پيو. سڀ رشي گذر سفر جي ڳولا ۾ ملڪ ڇڏي ٻين جڳهن ڏانهن هليا ويا ۽ ويد سندن ذهنن مان ميسارجي ويا پر سرسوتي درياهه جو پٽ سرسوت پنهنجي ملڪ ۾ رهيو پيو هو. هو هڪ مڇيءَ تي گذارو ڪندو رهيو جيڪا سندن ماءُ سرسوتي ندي کيس روزانو کائڻ لاءِ ڏيندي هئي. سرسوت ويدن کي ٻيهر قائم ڪيو ۽ رشين جي واپس اچڻ تي کين ويدن جي تعليم ڏني (هندو ازم صفحو 83 ) ٻڌ چرتر ۾ لکيل آهي ته اهي ويد مڪمل طور تي وساري چڪا هئا.
ويدن جي گم ٿيڻ تي ايشور جي واويلا جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ”ويد منهنجي اعليٰ طاقت آهن. ويدن کانسواءِ مان ڇا ڪندس. ويد دنيا ۾ اعليٰ وجود آهن.“ نه صرف پراڻن ۽ مهاڀارت ۾ انهن جو ذڪر آهي پر ديانند رگويداري ڀاشيه ڀومڪا جي مهاڳ ۾ لکيو آهي ته جيڪو زمانو ويدن جي تعليم جو عالم بيان ڪن ٿا اهو اصل ۾ ويدن جو رواج ۾ نه رهڻ جو زمانو آهي. ان مان واضح ٿئي ٿو ته ويدن جو تسلسل تاريخي طور موجود نه آهي. اصل ۾ ويدن جي صحت جو ڪو به هاڪاري ثبوت نه آهي. منجهن واڌارو ٿيندو رهيو، ويدن ۾ توحيد موجود آهي پر ان سان گڏ ٻيون شيون ۽ عقيدا ملايا ويا آهن.

[b]ڇا ويد الهامي آهن ؟
[/b] حقيقت ۾ صورتحال اها آهي ته مختلف الهامي شخصيتن آهستي آهستي پنهنجا الهام گڏ ڪيا ۽ انهن کي چئن ويدن جي شڪل ڏني پر انهن الهامن سان ٻيا عقيدا به شامل ٿيندا رهيا. مختلف هندو عالمن به ويدن ۾ اضافن بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو آهي. اهڙن عالمن ۾ سوامي هري پرشاد، لڄپت راءِ، ڀائي پرمانند ايم اي، پنڊت راڌا ڪرشن پروفيسر هندو فلاسافي بنارس، پنڊت ستيه ورت شام سري، پنڊت نرديوشاستري وغيره شامل آهن. لفظ ”رشي“ جو ڪو مخصوص استعمال ناهي، اِهو غير اوتارن ۽ ساڳئي وقت اوتارن لاءِ به استعمال ٿئي ٿو، هندو ادب ۾ ان جي وضاحت نٿي ملي.

[b]ويدن جي جڙڻ جو زمانو :
[/b] سناتن ڌرمي ۽ آريه سماجي عالم ان ڳالهه تي متفق آهن ته ويد دنيا ۾ شروع کان ئي آهن. پنڊت ديانند سرسوتي جي خيال ۾ دنيا جي شروعات کي هڪ ارب نَوَ ڪروڙ ورهيه گذري چڪا آهن، اهڙي نموني ويدن جي نازل ٿيڻ کي به ايترو عرصو گذري چڪو آهي. اهو نهايت ئي مبالغي تي ٻڌل خيال آهي. ان جي ابتڙ ڊاڪٽر هاگ (Haug) جي راءِ 1400 کان 2000 ورهيه ق- م آهي. پروفيسر ابناس چندر ورت 8000 کان 10000 ورهيه ق- م ٻڌايو آهي. مهاتما تلڪ جي راءِ مطابق 4000 ورهيه کان 5000 ورهيه آهي. پروفيسر ميڪس ملر جي کوجنا مطابق 800 کان 1000 ورهيه ق- م آهي. پروفيسر مونير وليم(Monier William) پنهنجي ڪتاب ”هندو ازم“ ۾ لکيو آهي ته اسان اهو فرض ڪرڻ ۾ حق بجانب آهيون ته ويدن جا اهي حمديه گيت گهڻو ڪري 500 ۽ 1000 ق- م جي وچ ۾ مختلف شاعرن مختلف تاريخن ۾ لکيا (صفحو 9 1 ). اهڙي طرح ابناس چندر رگويدڪ انڊيا ۾ لکي ٿو ته” رگويد جي حمديه گيتن جي ٻولي ڏهين منڊل جي ڪجهه گيتن کي ڇڏي اٿر ويد جي ٻوليءَ کان آڳاٽي آهي ۽ ان مان اِن ڳالهه جو پتو پوي ٿو ته رگويد جي جڙڻ جو زمانو گهڻو آڳاٽو آهي. يجر ويد ۽ اٿر ويد ۾ اهڙا جاگرافيائي حوالا ۽ اندروني شاهديون موجود آهن جيڪي ثابت ڪن ٿيون ته اهي رگويد جي زماني کانپوءِ جوڙيا ويا ۽ ٻنهي زمانن ۾ هزارن ورهين جو وقفو موجود آهي ۽ ان زماني ۾ گهڻيون طبعي ۽ موسمي تبديليون اچي چڪيون هيون.
ويدن ۾ ڪجهه فنن، تکن اوزارن، واڍڪي سامان ۽ ٿانون جو ذڪر آهي. موجوده کوجنا سان پتو پوي ٿو ته اهي اوزار 10 هزار ورهيه پهريان موجود نه هئا.
ويدن ۾ ڪجهه ڪتابن جو ذڪر آهي جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اهي ويدن کان اڳ موجود هئا. مثال اتهاس (تاريخ)، گاٿا عناراشنسي، اهي ڪتابن جا نالا آهن جيڪي ويدن جي منترن ۾ موجود آهن.

[b]ويدن جو وطن :
[/b] ويدن جي وطن جي باري ۾ هندو عالمن ۾ شديد اختلاف موجود آهي. سناتن ڌرم جي نظرئي مطابق ويدن جو وطن اتر هندستان يعني آريه ورت آهي، جنهن جي حدن ۾ هڪ طرف سنڌ ته ٻئي طرف جمنا ندي، ٽئين طرف ڪشمير ۽ چوٿين طرف راجپوتانه کان بنڌياچل کان هيٺ وارو ملڪ آريه ورت کان ٻاهر آهي. آريه سماج جو خيال آهي ته ويد تبت ملڪ ۾نازل ٿيا پر زميني کوجنا مطابق هماليه ۽ تبت جا جبل بنڌياچل جي ڀيٽ ۾ بلڪل نوان آهن. ويدن ۾ ڪنهن به جڳهه تي تبت جو ذڪر نه آهي. ديانند سرسوتي لفظ ”تروشٽپ“ جو مطلب تبت ورتو آهي. اهو لفظ گوپٿ برهمڻ ۽ مهاڀارت ۾ به استعمال ٿيو آهي پر ڪنهن به جڳهه تي ان جو مطلب تبت نه آهي.
انهن ٻنهي نظرين کان علاوه عالمن جي اها دعويٰ به آهي ته آريه وچ ايشيا کان هندستان آيا ۽ ويد، وچ ايشيا ۾ رهائش دوران ئي جڙڻ شروع ٿي ويا هئا، جيڪي پنجاب ۾ اچي مڪمل ٿيا. پروفيسر ابناش چندر واس ان نظرئي جو مخالف آهي. هو زميني کوجنا سان ثابت ڪري ٿو ته وچ ايشيا ان وقت پاڻيءَ هيٺ هو، هماليه جو نالو نشان ئي نه هو. راجپوتانه ان وقت سمنڊ هو. اهڙي نموني ويدن جو وطن (رگويدڪ انڊيا) پنجاب آهي.
مهاتما تلڪ جو نظريو آهي ته ويد اتر قطب ۾ جڙڻ شروع ٿيا (آرڪٽڪ هوم ان دي ويدار) هندو يونيورسٽي بنارس جي پروفيسر پراڻ ناٿ جو نظريو آهي ته ويد هندستان جو ڪتاب نه آهي. رگ ويد جو مطالعو ڪرڻ مان پتو پوي ٿو ته ان ۾ جن شهرن، قومن ۽ راجائن جو ذڪر آهي انهن جو تعلق شام ۽ ٻين اولهه جي ملڪن سان آهي. هن السٽريٽيڊ ويڪلي جي ڪيترن ئي نمبرن ۾ پنهنجي مضمون ۾ ثابت ڪيو آهي ته موجوده رگويد جو پنجون حصو شام جي علائقي سان واسطو رکي ٿو، اهڙي نموني ويد بابل ۾ جڙڻ شروع ٿيو ۽ هندستان ۾ اچي مڪمل ٿيو.

[b]ويدن جي تعليم :
[/b] ويدن جي تعليم ۾ انتهائي ظالماڻا حڪم ملن ٿا. منجهن ٻين جي مال ۽ دولت تي نظر رکڻ جي تعليم آهي. عورت جي باري ۾ وڏا ذلت آميز لفظ آهن. ڀڳت رام وڪيل (سيڪريٽري انجمن تحفظ حيوان فيروز پور ڇانوڻي) لکيو آهي ته ”جهڙي نموني وڻ پنهنجي ميوي مان سڃاتو ويندو آهي، اهڙي نموني قومن جي سڀيتا تي انهن جي رسم و رواج جو اثر هوندو آهي. هندو ڌرم ۾ مردن جا حق نهايت احتياط سان سڀني معاملن ۾ محفوظ ڪيا ويا آهن. تمام ڏک جي ڳالهه آهي ته قديم هندو ڌرم ۾ عورتن کي ملڪيت سمجهيو ويندو هو يا هڪ اهڙي هستي جيڪا مرد کان عقل ۽ اخلاق ۾ گهٽ درجو رکي ٿي. انڪري هندو شاسترن جو زور عورت جي فرضن تي آهي حقن تي نه. عورت کي ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين هر قسم جي ڏک سک واري صورتحال کان ويندي معمولي شين کائڻ، پيئڻ، جاڳڻ، سمهڻ، وهنجڻ توڙي ٻاهر جي معمولي ڪاروبار ۾ به مرد جي رحم و ڪرم تي ڇڏيو ويو. مرد کي عورت جي لاءِ خدا بڻايو ويو آهي. اهڙي نموني هندو معاشري جي جوڙجڪ ۾ عورت جو ڪو به حصو نه آهي.
رگويد جي ڏهين ڪتاب، باب 129 ۾ ڪائنات جي تخليق کان اڳ جي حالت هن ريت بيان ڪئي وئي آهي.


[b]تخليق جو گيت
[/b]1 . ان وقت عدم هو نه وجود.
نه عالم بالا، نه آسمان جيڪو ان کان پري آهي.
ڪهڙي شيءِ سڀني کي کهيريو بيٺي هئي ۽ سڀ ڪجهه ڪٿي قائم هو.
ڇا اهو پاڻي انتهائي عميق ۽ بي انت هو!
2 . ان وقت فنا ۽ بقا جو ڪو به وجود نه هو
هو ”هڪ“ پنهنجو پاڻ ۾ بغير هوا جي ساهه کڻي رهيو هو
۽ ان کانسواءِ ڪا ٻي شيءِ نه هئي.
3 . شروع ۾ تاريخ تي اونداهه ڇانيل هئي
سڀ ڪجهه (ڪائنات) پاڻي ئي پاڻي هو
هو ”هڪ“ خلا ۾ عدم جي پوشاڪ پهريو ويٺو هو
حرارت هن کي پنهنجي طاقت سان پيدا ڪيو.
4 . هن ۾ اولين خواهش ظاهر ٿي
اها خواهش عقل يا روح جو پهريون تخم هئي.
جنهن کي رشين پنهنجي دل ۽ دماغ جي ڪاوش سان معلوم ڪيو ته
عدم ۽ وجود ۾ ڳانڍاپي جو ذريعو آهي.
5 . اها نور جي لاٽ جيڪا ڪائنات ۾ ڦهليل آهي
ڇا اها پاتال مان ظاهر ٿي يا عالم بالا مان!
پوءِ ٻج ڇٽيا ويا ۽ قوتون پيدا ٿيون
قدرت جو ڪارخانو پاتال ۾ ۽ اقتدار ۽ ارادو عالم بالا ۾.
6 . حقيقت جي ڪنهن کي پروڙ آهي؟ ان جو اعلان ڪير ڪري سگهي ٿو؟
ڪائنات (عالم مخلوقات) جي پيدائش ڪٿي ۽ ڪنهن کان ٿي؟
ڇا ديوتا به ان جي ظهور ۾ آيا؟ (يا ديوتا پوءِ جي پيدائش آهن)
ته پوءِ ڪير ڄاڻي ته ڪائنات ڪٿان ظاهر ٿي آهي!
7 . هي عالم مخلوقات ڪٿان ظاهر ٿيو،
اهو به ته اِهو پيدا به ٿيو آهي يا نه؟
هو جيڪو بالا ترين آسمان تان سڀ ڪجهه ڏسي ٿو
هِن حقيقت جو علم صرف ان کي آهي يا شايد اهو به نٿو ڄاڻي!
برهمڻ ان ايشور جو منهن آهي. ايشور جي ٻانهن مان کتري پيدا ٿيا، رانن مان وئش ۽ پيرن مان شودر ۽ زمين ۽ ڪن مان طرف پيدا ٿيا. چنڊ من (دل) مان پيدا ٿيو ۽ اک مان سج پيدا ٿيو. وات مان اندر، باهه ۽ ساهه مان پيدا ٿيا (رگويدڪ منڊل باب 1 9 ، منتر 4 1 -2 1 ).

[b]برهمڻيت يا برهما :
[/b] ويدن جي زماني کانپوءِ برهمڻن کي مذهبي قيادت حاصل ٿي، هنن پنهنجي مذهبي قيادت جي جواز ۾ ڪتاب لکيا جن کي برهمنا چئجي ٿو. اهي ڪتاب هندو مذهب جي نمائندگي نٿا ڪن ڇو ته اهي هڪ خاص طبقي سان لاڳاپيل آهن، اهو به ذاتي غرض ۽ مذهبي پيشوائي حاصل ڪرڻ جي لاءِ. انهن ڪتابن جي مطالعي مان اهو تاثر پيدا ٿئي ٿو ته برهمڻن کي قديم زماني کان ئي مذهبي مٿڀرائپ حاصل هئي.

[b]برهما جو دور :
[/b] آرين جي گنگا ۽ جمنا جي وچ ۾ آباد ٿيڻ وارو زمانو برهمڻ يا برهمنا سڏجي ٿو. برهمڻ اصل ۾ ويدن جون رسمون ۽ دينيات آهن. برهمڻ جو دور 0 80 ق- م کان شروع ٿي 500 ق- م تي ختم ٿئي ٿو.
ويدن جو زمانو رجائيت ۽ مسرت جو زمانو هو پر برهمڻا واري دور جي شروعات ۾ هندو ذهن تي مايوسي ۽ نااميدي ڇانئجي وئي، ان جو هڪ سبب ته آرين جو پنجاب کي ڇڏي گنگا ۽ جمنا جي علائقي ۾ آباد ٿيڻ هو جتان جي آبهوا گهميل هئي. ٻيو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته هندو آَرين جي مرڪزيت ختم ٿي ننڍين ننڍين خودمختيار رياستن ۾ ورهائجي وئي ۽ اهي رياستون هڪ ٻئي سان ٽڪراءَ ۾ آيون.
ان دور ۾ هندو مذهب زوال جو شڪار ٿيو، ماڻهن ۾ مذهب سان لڳاءُ نه رهيو ۽، ظاهر پرستي عام ٿي وئي هئي. هڪ پيشه ور طبقو جڙي چڪو هو جنهن کي سڀني مذهبي رسمن ۽ عبادتن ۾ پيشوا جي حيثيت حاصل هئي. آريه ديوتائن جو وقار گهٽجي چڪو هو. قرباني جي رسم به ڪليشي بڻجي چڪي هئي. ويدڪ دور ۾ قربانيءَ جو مقصد صرف دنياوي مصيبتن کان نجات حاصل ڪرڻ هو پر هن دور ۾ قربانيءَ جي افاديت ٻي دنيا تائين وسيع ٿي وئي هئي.
منو شاستر ذات پات جي ويڇن کي جنم ڏنو ۽ برهمڻن جي مٿڀرائپ قائم ڪئي. هندو رهنمائن جي راءِ ۾ ملڪ جي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ صرف ذات پات آهي. ان جي خاتمي کانسواءِ ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي. (ايم- سي راجا ميمبر اسيمبلي) ذات پات جي تقسيم هندن جي تباهي جو باعث بڻجي رهي آهي (نارائڻ سوامي دهلي) معاشري جي جسم تي برهمڻ ذات پات ڌپارا ڪيڙا آهن. (سر هري سنگهه ميمبر اسيمبلي) جيڪڏهن اسان هندو قوم کي جيئرو رکڻ چاهيون ٿا ته ذات پات کي ختم ڪرڻو پوندو. (منارڌن ڀٽ ايم اي) هندو قوم کي سمجهڻ گهرجي ته ذات پات جو مسئلو يقينن تباهيءَ جو رستو آهي (لاله لڄپت راءِ ايم اي) ڄم کان پيدا ٿيل اوچ نيچ ڪوڙي ۽ غلط آهي. انسان سڀ برابر آهن (ڀائي پرمانند ايم- اي).

[b]اپنشد:
[/b] ويدن کان پوءِ سڀ کان اهم تحرير اپنشد آهن. اهي ٽن لفظن تي ٻڌل آهن: اپ (ويجهو) ني(هيٺ) شد(ويهڻ) ويجهو ٿي هيٺ ويهڻ، يوني گرو يا استاد جي پيرن ۾،جيڪو شاگرد سان گڏ بحث ۾ هستيءَ جي بنيادي معاملن تي غور ڪري ٿو. سنسڪرت جي ڪتابن ۾ ڪيترن ئي نامعلوم بزرگن جي زباني دانشورانه روايت جو ڏس ملي ٿو ۽ انهن ۾ مختلف مڪتبه فڪر جا بحث ۽ خيال پيش ڪيا ويا آهن. اهڙا تيرهن ڪتاب پنهنجي قدامت ۽ اپنشدي جوهر تي ٻڌل هجڻ ڪري ”بنيادي اپنشد“ قرار ڏنا ويا آهن.
”باطني تعليم“ جي مجموعن ۾ 200 وڌيڪ ڪتاب شامل آهن، انهن کي به اپنشد چيو ويندو آهي پر انهن جو دور وچون آهي. ان کانپوءِ وارين لکتن يوگا جي مشقن، تپسيا، ڳجهارت ۽ ايشور جي مختلف اوتارن جي معاملي ۾ اصلي اپنشدن جي روايت پيدا ڪئي آهي.
هندستاني (هندن جي) فلسفياڻي فڪر جو وسيع بنياد پيدا ڪرڻ وارن ”بنيادي اپنشدن“ کي ويدانت به چيو ويندو آهي. ويدانت جي طور اپنشد ويدڪ مذهبي وظيفن جو حقيقي ۽ لڪل مفهوم پيش ڪندي نظر اچن ٿا. اپنشدن حقيقت ۾ قديم هندومت ۾ هڪ انقلابي تبديلي آندي.

[b]اپنشد ۽ ويد ۾ فرق :
[/b] 1500 ق- م جو انتهائي قديم ڪتاب رگويد 1017 ڀڄنن ذريعي قدرتي ۽ انساني دنيا جي حوالي سان ديوتائن کي ڏنل وظيفا بيان ڪري ٿو. الوهي طاقت ۽ فضيلت جو اعتراف ڪرڻ لاءِ ويد انسانيت کي ”يگيه“ يعني عبادت ۽ اطاعت جو درس ڏين ٿا.
اپنشدن ۾ ديوين ديوتائن کي ٻاڏائڻ بدران واحد ڪائناتي سچائيءَ لاءِ شديد جستجو نظر اچي ٿي جيڪا وجود جو وهڪرو جاري رکندي آهي. اپنشدن ۾ فڪر جي تبديلي يونان ۾ سقراط کان اڳ هومر جي ڪثرت پرستي واري متضاد هڪ ڪائناتي اصول جي سوچ سان هڪ جهڙائي رکي ٿي. اپنشد اصل ۾ تبديل ٿيندڙ شين ۾ غير تبديل ٿيندڙ جي دريافت ڪندي آرنيڪا اپنشد جي هن ڀڄن جي تشريح ڪن ٿا ته ”مونکي غير حقيقي کان حقيقي، اونداهيءَ کان روشني ۽ موت کان ابديت ڏانهن وٺي هلو.“
اپنشدن جي رسوماتي مذهب خاص ڪري ويدن جي هن دعوا تي تنقيدي مواد موجود آهي ته زهد ۽ تقويٰ جي هاڻوڪن طريقن ۽ رسمن سان حتمي نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا. حقيقت ۾ ويدڪ رسمون پنهنجو پاڻ کي سمجهڻ کان روڪي هن سمجهه ۾ ايندڙ دنيا ۾ وڌيڪ ڦاسائڻ جو باعث بڻجن ٿيون. اپنشد دنيا کان ٻاهر حرڪت ڪرڻ بجاءِ ذات اندر سفر ڪرڻ جي هدايت ڏين ٿا. ويدڪ تعليم ڪائنات جي زندگيءَ جي سگهه ۾ لڪل هئي، جڏهن ته اپنشد انساني موضوع ڏانهن ڀرپور رجوع ۽ جهڪاءَ سان گڏ انساني شعور ۽ ذات جي سڀني عملن کي پرجوش طريقي سان پيش ڪن ٿا. اهڙن عملن جي ذريعي خود شناسي حاصل ڪرڻ وارو ماڻهو اهو محسوس ڪري ٿو ته انسان جي شديد ترين تمنا مقصد ۽ ارادي جي لاءِ آهي. انسان جي بيچينيءَ جو خاتمو مستقل سڪون ۽ راحت ۾ آهي. جنهن دنيا ۾ نظر اچڻ واري هر شيءِ فاني هجي، اتي ڳولا وارو ماڻهو محدود ۾ لامحدود يا اضافيءَ ۾ مطلق جي خواهش ڪندو آهي. سڀني اپنشدن جي متن ۾ ان آرزو جي تڪميل کي ”ايشور“ چيو وڃي ٿو.
اپنشد اصل ۾ تصوف آهي. هر مذهب ۾ ان جي ظاهري رسمن مان تصوف جي روايت اڀري ٿي، يعني مذهبي رسمون ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهن. جڏهن ته تصوف پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻ جو نالو آهي. ظاهري رسمن جو ڪو به فلسفياڻو بنياد نه هوندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو تصوف مذهب ۾ فلسفياڻي عنصر جي حيثيت رکندو آهي ۽ اهو مذهبي پيشوائيت جي ابتڙ آهي.

[b]ايشور (خدا)
[/b] ويدن ۾ ايشور (خدا) جو تصور منترن، مناجاتن، دعائن ۽ علم جي تصور سان جڙيل آهي. اهڙي نموني اهو اصطلاح پروهتن جي طبقي ڏانهن اشارو ڪري ٿو، جن کانسواءِ ڪوبه ويدڪ يگن جا طاقتور منتر نٿو ڄاڻي. يگن کان هٽي ڪري رياضت ۽ تپسيا ڏانهن اپنشدي رجحان جي تبديلي ”ايشور واري“ اصطلاح جو مفهوم پڻ پروهتن جي وظيفن ۽ ان جي طاقت سان گڏ تبديل ڪري ڇڏيو، جيڪا تخليق ڪندي، قائم رکندي ۽ سموري ڪائنات تي قادر ۽ حڪمران آهي. سموري مخلوق وانگر ديوتا پڻ هڪ قادر مطلق يعني پرميشور جي ماتحت آهن. (پرميشور جو لفظ پرم ۽ ايشور جو مرڪب آهي، پرم جي معنيٰ اعليٰ، خاص ۽ آخري آهي، جڏهن ته ايشور مالڪ ڪُل آهي) هيءَ ڳالهه رگويد ۾ هيئن بيان ڪئي وئي آهي ته ”اهو جيڪو اڪيلو وجود آهي، مختلف حڪمت ڀرين نالن وارو آهي.“
ڄار اُڻندڙ ڪوريئڙي وانگر، جيڪو پنهنجي اندر جو لعاب ڪڍي ڄار اُڻي ٿو، يا چڻنگون پيدا ڪرڻ واري باهه وانگر ايشور سموري موجودات جو ماخذ آهي. هو عارضيءَ (فاني) کي تخليق ڪرڻ وارو دائمي آهي. گهڻن جو واحد سرچشمو جيڪو سمنڊ وانگر بي شمار لهرون پيدا ڪري ٿو. پنهنجي اظهار جي محرڪ قوت قادر مطلق جو جوهر آهي، هو لازمي عمل آهي جيڪو ڪائنات جي سڄي قوت حيات ۾ موجود آهي.
ڪائنات جي تخليق کانپوءِ ايشور سڀني موجودات کي پاڻ ڏانهن مائل ڪري ٿو ۽ قائم رکي ٿو. ايشور فنا جو باعث به آهي، هر شيءِ ايشور ۾ سمايل آهي. ايشور حقيقت جو گهرو ترين جوهر ۽ سموري ڪثرت ۾ جلوه گر آهي.
ايشور هر شيءِ ۾ سمايل هجڻ جي باوجود سڀني موجودات کان بلڪل مٿانهون آهي (وحدت الوجود جي ابتڙ) ڇو ته اهو ئي ان جو سرچشمو ۽ پڇاڙي آهي. ڇاندوگيه اپنشد جي لفظن ۾ ايشور ”شڪل وارو ۽ غير شڪل وارو، فاني ۽ لافاني، مستقل ۽ عارضي، موجود ۽ وجود کان مٿانهون آهي.“
قادر مطلق زمان ۽ مڪان جي بندشن کان آزاد ۽ قدري علت آهي، هو لازوال نظر نٿو اچي پر سڀ ڪجهه ڏسي ٿو. هو سڀ شيءِ جو فهم رکي ٿو، جڏهن ته سڀ ان کي سمجهڻ ۾ ناڪام آهن. لامحدود ايشور کي محدود توانائين جي ذريعي نٿو حاصل ڪري سگهجي. اسان جي زمان ۽ مڪان جون عقلي ڪيفيتون ۽ علتون قادر مطلق جي آڏو حقير آهن. ايشور زمان ۽ مڪان ۽ علت سان واسطيدار هوندي به انهن حدبندين ۾ قيد نه هوندو آهي. سموري تجرباتي ۽ حسياتي علم جي باقيات ۽ اهڙي نموني تخليق جي کوجنا ۽ جستجو مان اعليٰ ترين توثيق اها ئي ٿي سگهي ٿي ته ايشور ”اهو ناهي!“ ”اهو ناهي!“- پر اپنشد قادر مطلق جي باري ۾ ڄاڻ نه هجڻ کي تسليم نٿا ڪن. اپنشرن جو چوڻ آهي ته ايشور جي ادراڪ جي بهترين واٽ پاڻ سڃاڻڻ آهي.

[b]ايشور جي آتما، روح يا انساني ذات واري حيثيت:
[/b] ڪائنات جو قادر مطلق ايشور ذات يا روح جو بنياد به آهي يعني ايشور ۽ روح هڪ آهن. برسيه آرنيڪا جو مشهور قول ”مان ايشور آهيان“ ان ڳالهه جي توثيق آهي ته فرد ۽ ڪائنات ٻئي مطلق خدا جو عڪس آهن، سڄي وجود جو بنيادي اصول بني نوع انسان ۾ ملندو. ٻاهر جو لامحدود ۽ عظيم اسان جي اندر جو لامحدود ۽ عظيم آهي. وسيع پئماني تي ڪائناتي نظم و ضبط ننڍڙي پئماني جو قاعدو به آهي. هندو مت اپنشدن جي ذريعي ان ڳالهه جي توثيق ڪري ٿو ته هر انسان جي لاءِ انساني حياتيءَ ۾ موجود ڪامل انسانيت ۽ الوهيت حاصل ڪرڻ ممڪن آهي.
قديم هندستان جا بزرگ فطرت، انسانيت ۽ الوهيت جي وچ ۾ ٻيائيءَ جو پرچار نه ڪندا هئا. اپنشدن ۾ وحدانيت جو تصور هي آهي ته ڪائنات جي پُرجهه پروڙ ۽ مسرت ۾ ايشور ئي نظر اچي ٿو. ”تت توام اسي“ (تون ئي تون) اڪثر دهرائجندڙ اهو منتر انفرادي ڪردار جي پست درجي کان هم گيريت جي اعليٰ درجي تائين سوچ جي حرڪت کي ظاهر ڪري ٿو.
ان منتر ۾ ايشور نج سچائي ۽ خالص شعور آهي ته پوءِ ذات جي شعور مان حاصل ٿيڻ واري هر شيءِ هڪ حد تائين ايشور جو احساس آهي. جڏهن ڪو ماڻهو دوربينيءَ جي عمل ۾ ذات کي ڄاڻي ۽ ان کي پروڙي به رهيو هجي ته ان وقت آگهي ۽ هستي هڪ ئي قادر مطلق جو ناقابل امتياز پهلو آهي. اصل ۾ سچائي (حق) ڄاڻڻ خود سچائي بڻجي وڃي ٿو، ڇو ته شعوري الوهيت ذات جو جوهر آهي. اهڙي نموني خود شناسي خاص ڪري وجداني يا الهامي خود آگهي انسان کي قادر مطلق جي گهراين تائين وٺي وڃي ٿي. ڇو ته روح ايشور آهي. هستيءَ جي اها بصيرت سڄي حقيقت جي وحدانيت کي محسوس ڪرڻ ۾ معروض ۽ موضوع جي ٻيائيءَ تي غالب اچي وڃي ٿي. هڪ اپنشدي نظريو هي آهي ته ” پوري وجود جي خبر تصور تي ٻڌل عقل جي تجلي ۽ عقل سان ئي پوي ٿي.“
اپنشد روح ۽ ايشور جي تعلق کي”پرش“ جي اصطلاح ۾ بيان ڪري ٿو. پرش جو مطلب انفرادي خود آگهي، انا، شخصيت ۽ بدن وارو ڪو مخصوص شخص آهي. زبردست قوت سان گڏ پنهنجي ذات کان مٿانهون هجڻ جي معاملي ۾ پرش کان ايشور جي روح ۾ وڃڻ، انا کي ٻي انا ۽ خدا کان جدا ڪرڻ وارين ذاتي حالتن تي غالب اچڻ آهي، ڪو به ماڻهو صرف ان طريقي سان ئي برئين/ اواگون جي چڪر کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهي ٿو.

[b]اپنشدن جو مقصد: مايا کان نجات
[/b] ايشور نه صرف مطلق قوت ۽ ڏاهپ آهي پر ڪامل روحاني مسرت ۽ هر نيڪيءَ جو جوهر به آهي. ڪو به ماڻهو هِن ڪري ڏک ڀوڳي ٿو ڇو ته جنهن جي هو ڳولا ۾ آهي، اهو مڪمل طور الوهي نه آهي. سڀني اپنشدن جي پس منظر ۾ سڀ کان وڏ مسئلو زندگيءَ جي سڀني برائين ۽ ڏکن ڏاکڙن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جي جدوجهد آهي. ڇوٽڪارو يا نجات (موڪشا) مايا (سراب) سان گڏ سڀني رڪاوٽن کي ختم ڪري قطعي روحاني مسرت سان تعلق جوڙڻ آهي.
مايا (ظاهري دنيا) قادر مطلق کي لڪائڻ وارو پردو آهي. مايا ان لحاظ کان سراب نه آهي ته محدود جو وجود ئي ڪونهي بلڪه بجاءِ اِن جي هِن ڳالهه جو فريب آهي ته محدود (يعني ظاهري ڪائنات جي هر شيءِ) اصلي هجڻ جي باوجود حقيقت جي حقيقت نه آهي. ان مطابق سڄو وجود (ڪائنات ۽ ان جي هر شيءِ) ايشور مان ظاهر ٿي ۽ مايا خدا کي پاڻ کان لڪائڻ آهي. اپنشد ان ڳالهه جي کوجنا نٿا ڪن ته خدا پنهنجي چهري تي پردو ڇو وڌو آهي، پر هو صرف ان جي توثيق ڪن ٿا ته سڀ وجود الوهي جلال کي ظاهر ڪن ٿا ۽ ان سان گڏ جلال جو جوهر ڳجهو به رکن ٿا. مطلق ڪامليت جي ڪسوٽي مطابق جيڪو ڪجهه به ايشور نه آهي اهو غير ڪامل آهي ۽ ان کي مايا يعني پاڇولو ۽ سراب قرار ڏنو ويو آهي. مايا وجود رکندي آهي، پر اها پنهنجي اندر عدم وجود رکي ٿي. انهن فريبن ۽ دوکن جي جستجو ... مثال : دولت، اقتدار يا خوشين جي خواهش ڪرڻ جي صورت ۾، مايا ۾ ڦاسائي ٿي. اهڙي نموني ڪنهن لاءِ پنهنجي انا کي جدا ڪرڻ به مايا آهي. ابديت کان محدوديت ڏانهن وڃڻ جا اهي سڀ قدم زندگيءَ کي لاعلمي ۽ ڏک پهچائين ٿا.

[b]ڪرم ۽ تناسخ يا جُوڻ مَٽ روح جو قانون
[/b] هندومت ۾ ايشور سڄي انسانيت کي انسان جي مرضيءَ مطابق پاڻ ڏانهن گهرائي ٿو. جيڪو ماڻهو پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪامل بصيرت حاصل ڪري ٿو وٺي، اهو تناسخ جي عمل کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري ٿو، نه ته ٻيهر ڪنهن ٻئي روپ ۾ پيدا ٿي ڪامل بڻجڻ جي جدوجهد کي جاري رکڻ جي لاءِ مايا ۾ واپس اچڻو پوي ٿو.
”ڪرم“ جو مطلب آهي عمل. ڪرم ئي ٻيهر جنم وٺڻ جو سبب آهي. ڪرم جي دعويٰ آهي ته اسين جيڪو ڪجهه پوکيون ٿا اهو ئي لڻڻو پوندو. تناسخ جو نظريو ڏک جي واضح غير منصفاڻي ورهاست جي وضاحت ڪري ٿو. اپنشدن مطابق هر هر ڄمڻ جو ڏک باطن کي سڌارڻ جي لاءِ آهي جيڪو ڏکويل کي مايا جا سڀ ٻنڌڻ ٽوڙڻ جي دعوت ڏئي ٿو. سڀ کان اهم ڳالهه هي ته ڪرم جو قانون ان ڳالهه جي دعويٰ آهي ته سموري ڪائنات تي هڪ همه گير اخلاقي قانون نافذ آهي جيڪو عمل ڪرڻ واري حقيقت جي سڀني همه گير قانونن جهڙو آهي. سڀني واقعن جو ڪو نه ڪو مقصد هوندو آهي، جيئن ڪٿ اپنشد ۾ چيو ويو آهي ته ”جيڪو آگهي حاصل نٿو ڪري، جيڪو غافل ۽ گنهگار آهي، اهو ڪڏهن به مقصد حاصل نٿو ڪري سگهي پر روحن جي جُوڻ مَٽ جو شڪار ٿي وڃي ٿو، جڏهن ته آگهي حاصل ڪرڻ وارو آگاهه ۽ هميشه پاڪ رهڻ وارو ان منزل مقصود تائين پهچي وڃي ٿو، جتان ٻيهر جنم نٿو وٺڻو پوي.“
اهڙي نموني ڪنهن فرد جو مقدر عقل ۽ عزم سان ٺهندڙ ڪردار تي منحصر آهي، ڇو ته هر شيءِ علم (وديا) ۽ عمل (ڪرم) تي ٻڌل آهي، اهڙي نموني روح کي ڄاڻڻ وارو شخص ڏک تي قابو پائي ويندو آهي. ( ڇاندوگيه اپنشد) حتمي ڇوٽڪاري جي حالت ۾ انفراديت جون ذاتي حدون به ختم ٿي وينديون آهن. جدا ذات جي ان آخري فريب کي اورانگهڻ، جتي بي زماني زمان جي جڳهه وٺي ٿي، يوگ جو مقصد آهي.

[b]يوگ ۽ عملي تصوف
[/b] آگهي کي حاصل ڪرڻ، ”اپنتا“ ۾ ”لا اپنتا“ کي ڄاڻڻ لاءِ مشق جي ضرورت آهي. نفسي لذت، آرزو ۽ انفراديت جي دنيا کان پاسو ڪرڻ لاءِ باقاعده مشق انٽر آهي. يوگ لفظ جو ماخذ ”يج“ آهي جيڪو جڙڻ يعني نظم و ضبط ۽ ملائڻ يعني ايشور سان الحاق، ٻِئي مفهوم ڏئي ٿو (يوگ جو تلفظ جوگ به آهي جنهن مان يوگي ۽ جوڳيءَ جا لفظ جڙيا. يوگ ”دل ۽ عقل“ کي گڏ ڪري حقيقت تائين پهچڻ جو عمل آهي ۽ فلسفي، ذات مطلق جي عبادت، اطمينان مشق ۽ رياضت جو نالو آهي. يوگي اطمينان ۽ رياضت سان جسماني ضابطي جي ڪيترين ئي مشقن ذريعي پنهنجي ذات کي ٻاهرين دنيا کان الڳ ڪرڻ جي جدوجهد ڪندو آهي. يوگي پنهنجي باطن ۾ ذات جي اندر جهاتي پائي جذبن ۽ احساسن، لذت جي خواهش ۽ ان خواهش ۾ ان حد تائين گهرو هليو ويندو جتي سڀ تجربا گڏجو وڃن. يوگ جي مشق جو مقصد مايا کان مڪمل پاسو ڪرڻ ۽ روح ۾ ڀرپور طريقي سان سمائجڻ آهي. اهي مشقون فڪر ۽ ذات تي لاڳو زمان، مڪان ۽ انا جي تنگ حدن کي وسيع ڪرڻ جي ڪوشش آهن، ايستائين جو سڀ ڪجهه بي مثال اڪيلي مطلق خدا ۾ تحليل ٿيندي نظر اچي ٿو. مطلق خدا جيڪو سڀني هستين کان مٿاهون آهي. يوگ هن تهه در تهه ڪائنات جي فريبن جي فنا واري منزل تائين پهچڻ جي جستجو آهي. ان ڪري اپنشد هڪ بي خواب ننڊ جي تجربي کي عام جاڳيل شعور جي تجربي کان مٿاهون ڄاڻائين ٿا.

[b]اپنشدن جو اخلاقي ضابطو
[/b] بهرحال اسان کي مايا ۽ فريب جي دنيا ۾ جاڳندي رهڻو پوي ٿو، انڪري اپنشد زندگيءَ جي سفر ۾ پنهنجي عملن جي نوعيت جي حوالي سان رهنمائي ڪن ٿا. اپنشدي ضابطه اخلاق جو مثالي تصور هي آهي ته ذات جي تڪميل ذات جي خود غرضيءَ تي مڪمل ضابطي کانپوءِ ئي حاصل ٿيندي آهي. اپنشدي اخلاقيات اندروني تحريڪ ڏانهن ڌيان ڏئي ٿي ڇو ته عمل جو ٻج نيست آهي. اهڙي نموني عمل جو معيار ڪنهن شخص جي اندر جي پاڪائي ۽ خواهشن کي ترڪ ڪرڻ جي شدت مان ڄاتو ويندو آهي. ڪفايت شعار، پارسا، يقين ۽ علم جي ذريعي روح جي ڳولا ڪرڻ وارا، واپس نه ايندا آهن. (پرشن اپنشد) ذات جي نفيءَ سان اهي ماڻهو مهربان، باعمل، تشدد کان پري ۽ رحم ڪرڻ وارا هوندا آهن. پاڙيسرين سان به پنهنجي ذات وانگر محبت ڪرڻ جو بائبلي درس اپنشدن ۾ اپنشدي مابعد الطبعيات جو بنياد آهي، صحيح معنيٰ ۾ ذات پاڙيسري ئي آهي، ڇو ته ٻنهي جو ماخذ روح ئي آهي. پاڻ کي ڪنهن ٻئي کان جدا سمجهڻ ۽ ڊيڄارڻ پنهنجو پاڻ کي دوکو ڏيڻ آهي.
ڪنهن فرد جي فرضن يا ذميدارين جو دارومدار سندس زندگيءَ جي حالت ۽ ڪوشش (آشرم) تي آهي. اپنشد مونجهاري جي چئن مرحلن جي نشاندهي ڪن ٿا، جتان خود غرضيءَ جون پاڙون آهستي آهستي اکڙن ٿيون.
1 - شاگرد طور پنهنجي استاد جي تعظيم ۽ فرمانبرداري ڪري پنهنجي غرور تي غالب اچڻ.
2- گرهستيءَ (دنيوي زندگي) ۾ ماءُ ۽ پيءُ پاڻ ۾ توڙي ٻارن جي لاءِ پالنا ۾ خود مرڪزيت جو جذبو ختم ڪن (يعني اهي پاڻ کي ٻارن کان مٿاهون نه سمجهن ۽ ٻارن تي پنهنجي مٿڀرائپ کي ترجيح نه ڏين).
3 - پوڙهائپ ۾ خانداني فرضن کان پاسيرو ٿي رياضت ۽ عبادت جي لاءِ اڪيلائي اختيار ڪرڻ.
4 - موت کان پهرين آخري مرحلي ۾ سنياسي بڻجي ان سموري محدود دنيا جو تجربو ڪرڻ کانپوءِ ان کي مڪمل طور تياڳي پارسائي، غربت، صداقت ۽ درد منديءَ جون اخلاقي فضيلتون ۽ اخلاق ۾ ڪمال لاءِ جستجو ڪجي. ان جو مقصد مايا کان سمورو تعلق ٽوڙي سنسار تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ آهي، ان جو مطلب آهي لڳاتار هڪ حالت کان ٻي حالت ۾داخل ٿيندو رهڻ (هر هر پيدا ٿيڻ جي سلسلي ۾ آواگون (تناسخ) زندگيءَ لاءِ جنجال دنيا آهي).

[b]اپنشدن جو اثر
[/b] جُز ۽ ڪُل جي وچ ۾ تعلق ۽ ان جو مطلب سمجهڻ لاءِ اپنشدن جي دليلن پنهنجي دور جي عوام کي وسيع پيماني تي متاثر نه ڪيو (تصوف وانگر) هوندو. پروهتي (مذهبي پيشوائيت)، يگون (قربانيءَ جون رسمون) ۽ ذات جي نظام جي قوت اڪثريت ۾ بدستور قائم رهي. اپنشدن جو اعليٰ پائي جو تصوف، عوام ۾ وڌيڪ مقبول ديومالائي ڪهاڻين جو مقابلو نه پيو ڪري سگهي. ويدن جي ڪثرت پرستي (بي شمار ديوتائن جو نظام) اپنشدن جي وحدانيت (توحيد) پرستي کي جاءِ ڏيڻ واري معاملي ۾ ٻڏتر ۾رهي. اهڙي نموني ٻڌمت کي ويدڪ ڪثرت پرستيءَ جي روايت جي خلاف بطور عوامي احتجاج وڌيڪ ڪامياب قرار ڏئي سگهجي ٿو.
اپنشدن جي فوري عوامي اثر گهٽ هجڻ جي باوجود، انهن گهڻو ڪري ڏکڻ ايشيائي فڪر جي سرچشمي جي حيثيت سان فلسفيانه ۽ مذهبي خيالن جي تاريخ تي تمام گهڻا ۽ ڏور رس اثر ڇڏيا. حاضر ۾ غائب جي ڳولا ڪرڻ کان پوءِ واريو ن سموريون ڪوششون اپنشدن جي روايت سان لاڳاپيل هيون. پوءِ واري مذهبي ادب ۾ خالق، قائم رکڻ ۽ فنا ڪرڻ واري جي حيثيت ۾ ايشور جو تصور وشنو ۽ شِوِ جي نالن ۾ سمائجي ويو. روح جي ثابت قدمي ۽ لافانيت کي رد ڪرڻ وارو ٻڌمت به ذات جي تڪميل، مايا جي تياڳ، خواهشن ۽ خود پرستيءَ جي جذبن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ اپنشدي روايت جي پوئواري ڪندي نظر اچي ٿو. جين مت جي بي انتها تصوف جو سلسلو به نفساني لذتن جي معاملي ۾ اپنشدي لاتعلقيءَ جو ٻيو رخ آهي. بعد ۾ اچڻ وارن يوگي نظامن پنهنجي اپنشدي ماخذ کي ڪائنات جي اتحاد ۽ سالميت جي سڀني تصورن جي حيثيت ۾ ڏٺو.
ڀڳوت گيتا (چوٿين صدي عيسوي) جنهن کي اپنشدن جو خلاصو تصور ڪيو وڃي ٿو، مطلق خدا کي ذاتي ۽ مجسم طور تي پيش ڪري ٿي. گيتا ۾ هڪ اپنشدي چوڻي آهي ته ”پنهنجي ذات ۾ پنهنجي دشمن کي سڃاڻو.“ (يعني نفساني خواهشن کي جيڪي انسان جون دشمن آهن) انهن سڀني نظامن ۾ ذات جي تڪميل ۽ پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ ڇوٽڪاري جي چاٻي آهي. قول ۽ فعل حتمي ڇوٽڪاري جي معاملي ۾ حقيقي اهميت رکن ٿا. بردباريءَ واري جذبي جو ماخذ پڻ ويد جي روايت جي اپنشدي روحاني ڪيفيت کي قرار ڏئي سگهون ٿا ڇو ته سڀني مذهبي ڳالهين جو قدرو قيمت هِن ڳالهه ۾ آهي ته اهي انسانيت کي ”لافاني“ جي ڳولا ۾ مدد ڏين ٿيون.

[b]شنڪر آچاريه ۽ اپنشد
[/b] نائين صدي عيسويءَ ۾ اپنشدن جو اثر تمام گهڻي اهميت اختيار ڪري ويو. حقيقت ۾ انهن کي هندو صوفي عالم شنڪر آچاريه (780کان 820 عيسوي) جي ڪوشش سان ڄڻ نئين زندگي ملي. هن اپنشدن جي بنيادي خيالن جو باقاعدي هڪ اصول تحت لکت ۾ جائزو پيش ڪيو. سندس تحريرن جي غير ثنائي (Non Dual) ڪردار جي ڪري انهن تي ادويت (توحيد) جو ٺپو لڳي ويو. ادويت جو مطلب وحدت ۽ هيڪڙائي آهي. شنڪر آچاريه مادي ۽ روح جي برابر حيثيت کي رد ڪيو هو (يعني مادي جي نفيءَ کانپوءِ صرف روح ئي بچي ٿو) ۽ اهو روح خدا جي هستي (ايشور) جو پاڇو آهي. شنڪر جي تبصرن دنيا جي حوالي سان اپنشدن جي رياست پسنديءَ کي واضح ڪيو پر حتمي ڇوٽڪاري جي معاملي ۾ هن رجائيت پسنديءَ جو اظهار ڪيو (جيئن اسلامي تصوف جي سلسلي ۾ به آهي) هيءَ روايت هندو مت ۾ بدستور بنيادي حيثيت رکي ٿي.

[b]فلسفياڻو فڪر
[/b] هندو فلسفي جو سرچشمو ويد ئي آهن. ويدن جي تفسير ۾ ٻه گروهه بڻجي ويا. هڪڙا صرف عمل يعني عبادت ۽ رسمن جي ادائگيءَ جا قائل هئا ۽ ٻئي گروهه فلسفياڻي فڪر کي اڳتي وڌايو، ان فڪر جا تقريبن 6 حصا آهن، انهن جو مختصر تعارف هيٺ ڏجي ٿو:
1 - نيايا فلسفو: ان جو باني گوتم آهي، جيڪو هڪ فلاسافر ۽ مفڪر ٿي گذريو آهي، جنهن جي تصنيف نيايا سوترا (Nayaya Sutra) آهي جيڪا پنجن جلدن ۾ آهي. نيايا منطقي مذهب آهي جنهن تي مابعد الطبعيات جو اثر آهي، انڪري ان جي پوئلڳن لاءِ منطق جي تعليم لازمي آهي ته جيئن انسان پنهنجي عملن جو حساب ڪري برن ڪمن کان محفوظ رهي ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهي. ان فلسفي مطابق صرف تخيل ۽ عارفانه رغبت سان حقيقت تائين نه ٿو پهچي سگهجي، ان ڪري حقيقت تائين پهچڻ لاءِ هيٺين وسيلن جي ضرورت آهي: (1) پنج حواس. (2) سڃاڻڻ جي طاقت. (3) ڏاهپ ڀري گفتگو.(4) هڪجهڙين شين ۾ ڀيٽ.
محسوسات ٻن قسمن جون آهن، ڪجهه محسوسات ظاهري عضون سان ڄاتيون وينديون آهن جيئن اک، ڪن ۽ نڪ وغيره. ڪجهه محسوسات باطن نفس سان تعلق رکن ٿيون جن کي باطني عضون سان سمجهيو ويندو آهي، مثال : نفرت، خوشي يا ڏک ۽ معرفت وغيره. نيايا جي ڏانهن عالمن جا تخليقي مسئلا هي آهن. زندگي، نفس، پنج حواس، ڏک ۽ خوشيءَ جي احساس جو نتيجو، هر قسم جي ڏکن کان ڇوٽڪارو. هر شخص کي مستقل جان حاصل آهي جيڪا ناقابل فنا آهي ۽ زمان مڪان کان آزاد آهي.
هي فلسفو خدا کي مسبب الاسباب ۽ نگهبان سمجهي ٿو. اهو ئي شين کي تباه ۽ برباد ڪرڻ وارو آهي پر اهو خدا ڪنهن شيءِ کي عدم کان وجود ۾ نه ٿو آڻي پر موجودات کي صرف ترتيب ۽ صورت ڏئي ٿو. جان جوهر آهي جنهن جي صفت علم يا عقل آهي، جڏهن جان جو نفس سان تعلق پيدا ٿئي ٿو ته ان تي علم جي روشني پوي ٿي. نفس علم جي روشنيءَ سان زنده ٿي وڃي ٿو ۽ حواسن کي روشن ڪري ٿو. حواس نفس جي نور سان روشن ٿي ويندا آهن ۽ شين کي تاباني بخشيندا آهن.

[b]وليشڪا جو فلسفو
[/b] دينيات ۾ ان جو موضوع طبعيات آهي. ان ۾ مادي ۽ روح جو فرق تسليم ڪيو ويو آهي. مادو غير فاني، غير مرئي، بي صورت ۽ ذرڙن تي ٻڌل آهي. انهن جي جڙڻ سان ئي ڪائنات جي تخليق ٿي آهي. برهم قيامت جي ڏينهن هڪ ٻئي کان جدا ٿي ويندا دنيا تباهه ٿي ويندي آهي، ڪن ماڻهن ان کي نيايا فلسفي جو هڪ حصو ڄاڻايو آهي.
ان فلسفي جي شرح الوڪا ڪناڊا (Kanada) پنهنجي تصنيف وليشڪا سوترا ۾ ڪئي آهي، اهو ڪتاب 10 جلدن تي ٻڌل آهي.
وليشڪا ۽ نيايا ان ڳالهه تي متفق آهن ته انساني مصيبتن ۽ تڪليفن جو سرچشمو جهالت آهي. جيڪڏهن انسان جهالت کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري ته مصيبتون پاڻمراديون ختم ٿي وينديون.
ڄاڻايل ٻنهي فلسفن ۾ فرق اهو آهي ته نيايا ۾ عقل جا ذريعا چار آهن ۽ وليشڪا ۾ ٻه آهن يعني ادراڪ ۽ استدلال. ادراڪ پنجن حواسن جي زيور سان ۽ استدلال سڃاڻڻ جي طاقت سان حاصل ٿيندو آهي. نيايا ۾ چئن عنوانن تي بحث ڪيو ويندو آهي پر وليشڪا ۾ ٻن تي بحث ڪيو ويندو آهي، اهي هيٺ ڏجن ٿا.
جوهر پنهنجي ذات ۾ مستقل آهي، ان ۾ فعل لڪل هوندا آهن. جيڪڏهن جوهر نه هجي ته عرض ۽فعل به نه هوندا آهن. جوهر نَوَن قسمن جا آهن: (1) مٽي (2) پاڻي (3) روشني (4) آسمان (5) هوا (6) زمان (7) مڪان 8 - جان 9 - نفس.


[b]سانکيه فلسفو
[/b] هي فلسفو سڀ کان پراڻو آهي. اٽڪل 800 ۽ 550 ق- م جي وچ ڌاري متعارف ٿيو. ان فلسفي جو باني ڪپيلا نالي فلاسفر آهي سندس تصنيف جو نالو تت وسماس (Tat Aivasmas) آهي، جيڪو تمام مختصر آهي، انڪري ڪپيلا پاڻ ان جي شرح لکي آهي. ان کانپوءِ سندس شاگرد آسوري (Asuri) ۽ آسوريءَ جي شاگرد پنڪا سيکا (Pancasikha) ان جي شرح لکي. هي نظام گوتم ٻڌ ۽ مهاوير جي فلسفي کان اڳ ظاهر ٿيو. سانکيه فسلفو ڪائنات کي ٻن مستقل جزن ۾ ورهائي ٿو (1) روح يا پروشه (2) پراڪرتي يعني اها قوت جيڪا عام ماديت جو سبب آهي.
سانکيه اها تعليم ڏئي ٿو ته روح تمام گهڻا آهن ۽ هميشه جدا رهندا آهن. ان ڪري هن فلسفي کي انفراديت جو فلسفو به چوندا آهن. پروش (روح) غير ظاهري آهي، انڪري پراڪرتي (مادي) وانگر ظاهر نه ٿو ٿئي، اهڙي نموني بي حس مادي جون شيون روح کان بهتر رهنديون آهن انڪري اهي حس واريون ٿي وينديون آهن ۽ غير عامل روح عامل لڳندو آهي.
مادو ٻن قسمن جو هوندو آهي: هڪڙو اعليٰ، هم جنس ۽ هڪجهڙو ۽ ٻيو معمولي، تبديل ٿيڻ جوڳو، ۽ تابع هوندو آهي، اعليٰ ان جي ابتڙ آهي.
سانکيه نتيجي کي علت کان جدا نٿو ڄاڻي. هو چوي ٿو ته علت نتيجي جي صورت ۾ ظاهر ٿيندي آهي. سبب ۽ نتيجا گهڻا ئي آهن. جتي هي سلسلو ختم ٿئي ٿو اتان سببن جو نتيجو جسمانيت مان نڪري قوت بڻجي ويندو آهي جنهن کي مادو چون ٿا. ڪارڻ ۽ عمل يا زندگيءَ جي جوهر جو سلسلو روح ۽ مادي سان جڙيل آهي. روح نه علت آهي نه معلول، صرف علم آهي جيڪو مادي سان لاڳاپي ۾ آهي. روح جو مادي سان واسطو روح جي اونداهين کي علم جي نور سان روشن ڪري ٿو ۽ مادي ۾ حرڪت پيدا ٿئي ٿي. ان حرڪت جو نتيجو شين جي تخليق ۽ ڪائنات جو ظاهر ٿيڻ آهي. مادي ۾ ٽي صفتون آهن: (1)ستوه (Sattava) (2 رجس (Rajas) (3)تمس (Tamas)
ستوه جسم کي روشني ۽ مسرت ڏئي ٿو، رجس شين کي متحرڪ ڪري ٿي ۽ تمس نفس تي جمود طاري ڪري ٿو. اهي ٽيئي صفتون هر جسم ۾ موجود آهن. جڏهن ستوه رجس ۽ تمس تي غالب اچي وڃي ته انسان نيڪ بڻجي ويندو آهي، جيڪڏهن رجس غالب اچي وڃي ته شجاعت ۽ حرڪت پيدا ٿيندي آهي ۽ جيڪڏهن تمس غالب اچي وڃي ته انسان تي جهالت، غفلت ۽ جمود طاري ٿي ويندو آهي. ٽيئي هڪ ٻئي جي لاءِ لازم ملزوم آهن پر جدا به آهن. جيستائين ٽيئي صفتون پيدا نه ٿين روشني پيدا نه ٿيندي. درياءَ جي لهرن وانگر ڪڏهن هڪ لهر مٿي اچي ويندي آهي ڪڏهن ٻي لهر. دنيا جي حرڪت مٿاهين ۽ هيٺاهين انهن سان ئي ٻڌل آهي. انهيءَ فلسفي ۾ روح ۽ مادو به مستقل حقيقتون آهن ۽ ٻئي ازلي ۽ ابدي آهن ۽ پاڻ ۾ هم شڪل ۽ هم جنس آهن. انهن جو پاڻ ۾ قرب مادي زندگي ۽ پري رهڻ موت آهي. سانکيه فلسفي ۾ خدا جو تصور تمام اهم آهي. ڪي چون ٿا ته توڙي جو خدا خالق نه آهي ته به مخلوق جو محافظ ۽ نگهبان ضرور آهي. هي فلسفو روح کي حقيقي، ابدي ۽ ازلي قرار ڏئي ٿو ۽ سڀني عيبن کان پاڪ تصور ڪري ٿو.

[b]يوگ جو فلسفو
[/b] هن فلسفي جو باني پت نچلي آهي جنهن جي تصنيف ”يوگ سوترا“ آهي. هن فلسفي کان هندستان جا سڀ مذهب متاثر ٿيا. سانکيه فلسفو نظري آهي، جڏهن ته هي فلسفو عملي آهي. هن کي عملي تصوف به چيو ويندو آهي. ان ۾ خدا جو تصور به ملي ٿو. يوگ ۽ سانکيه فلسفي ۾ حقيقي روح پاڪ ۽ بي نقص آهي روح عقل، نفس ۽ حواس جي ذريعي جسم سان تعلق پيدا ڪيو آهي. عقل پراڪرتي جو معلول آهي جنهن تي ستوه صفت لاڳو آهي. جيڪي تبديليون ظاهر ٿينديون آهن انهن کي ذهني اعمال يا ذهني ڪيفيتون چيو ويندو آهي، اهي بي شمار آهن، انهن کي يوگ فلسفو هن طرح ورهائي ٿو:
1 - پرماڻ (Parmana) شين جي صحيح سڃاڻپ
2 - وپريائ (Viparyaya) شين جي غلط سڃاڻپ
3 - ويڪلپه (Vikalpa) تصور يا خيال
4 - ندر (Nidra) غفلت جي حالت
5 - سمرتي (Smirti) حافظي جو محفوظ هجڻ.
پنجن حواسن جي مدد سان سڃاڻپ يعني عقل، استدلال، تجربي جون شهادتون حاصل آهن.
وپرپاءِ- شڪ شبها هوندا آهن ۽ کوجنا کانپوءِ صحيح ثابت ٿيندا آهن. خواب ۾ تمس جو عنصر نفس تي غالب هوندو آهي ۽ انسان گهڻو ڪجهه سکندو آهي. سمرتي مان مقصد معرفت جو ذخيرو، جيڪو ذهن تي نقش ٿي ويندو آهي ۽ جڏهن توجه ڪبو ته ڏسي سگهبو آهي ته اهي ڪيفيتون بنا ڪنهن ساهيءَ جي پنهنجو پاڻ اکين آڏو گذرنديون آهن. جان انهن کي عقل جي تختيءَ تي ڏسي پنهنجو پاڻ کي متحرڪ ڪندي آهي ۽ ان کي خبر پوندي آهي ته زندگي جي شروعات ٿي ۽ ماءُ جي پيٽ مان ڄائي. هاڻي ٻار آهي، هاڻي جوان ٿي ۽ آخرڪار مري وئي. پر حقيقت ائين نه آهي ڇو ته نه ان جو آغاز آهي نه انجام. يوگ فلسفو ٻڌائي ٿو ته ان مغالطي کان ڪيئن بچجي؟ ان جا ٽي اصولي بنياد هي آهن.

[b]پهريون اصول
[/b] جسماني صحت، ڇو ته صحيح روح جسم ۾ هوندو آهي، جيستائين جسم صحيح نه هجي ان وقت تائين صحيح فڪر پيدا نه ٿيندو آهي. جيستائين فڪر صحيح نه هوندو تيستائين صحيح حقيقتون پيدا نه ٿينديون.
جسماني صحت جا اصول هي آهن :
1 - فڪر ۽ ذهن جي صحت: بيهودو فڪر هميشه جسماني صحت تي اثر انداز ٿيندو آهي، انڪري مفڪر کي بيهودي سوچ کان پرهيز ڪرڻ گهرجي.
2 - ورزش: ان جا ٻه حصا آهن، پهريون: مادي ورزش، ان سان عضوا ۽ اعصاب مضبوط ٿيندا آهن ۽ رت جو دورو صحيح ٿيندو آهي، ٻيو حصو معنوي ورزش آهي، جيڪا يوگ فلسفو سيکاريندو آهي، ان ورزش سان انسان ۾ اعليٰ گُڻ ۽ سٺا اخلاق پيدا ٿيندا آهن.

[b]ٻيون اصول:
[/b] مراقبو: هتي پهچڻ لاءِ خدا جو عقيدو لازمي هوندو آهي ڇو ته ڌيان جو مرڪز اهڙي ذات هجڻ گهرجي جيڪا بي عيب ۽ ڪامل هجي ۽ سڀ خوبيون ان ۾ هجن. مراقبي ۾ مستقل مزاجي ۽ پاڪ ارادو ضروري آهي. مراقبي لاءِ ڪامل رهنما جي سخت ضرورت آهي.

[b]ٽيون اصول :
[/b] اهو پهرين ٻن اصولن جي تفصيل تي ٻڌل آهي.
1 - ياما (Yama) تحمل ۽ ان جا تعلقات يعني عدم تشدد، ڪنهن به روح کي نقصان ۽ تڪليف نه پهچائڻ.
2 - ستيه (Satya) قول ۽ فعل ۾ سچائي. ڪنهن کان بخشش قبول نه ڪئي وڃي.
3 - استيه (Asteya) چوريءَ کان بچڻ
4 - نياما (Nyama) يعني جسم جي صفائي. ان جو مطلب جسم ۽ باطن جي صفائي ۽ پاڪيزگي آهي. جيڪڏهن جسم صاف سٿرو رکيو ويندو ته ان سان خيالن کي صاف رکڻ ۾ مدد ملندي. جسم جي صفائي ته وهنجڻ سان حاصل ٿيندي آهي پر باطن جي صفائي پاڪيزه خيالن کي جڳهه ڏيڻ ۾ حاصل ٿيندي آهي.
5 - آسن (Asana) يعني نشست. يوگ فلسفي ۾ نشست جي طريقي کي تمام گهڻي اهميت حاصل آهي، ان جي لاءِ مخصوص نشست جو تعين ضروري آهي. آسن اهڙي نشست آهي جنهن ۾ رت جي وهڪري ۾ڪوئي خلل نه اچي ۽ عضوا اهڙا پرسڪون ٿي و ڃن جو اهي صحيح نموني ڪم ڪري سگهن. صحيح نشست رکڻ وارو ڪيترين ئي بيمارين کان بچي ويندو آهي ۽ نهايت ئي اطمينان سان ذڪر ۽ فڪر ڪندو رهندو آهي. صحيح نشست جي لاءِ ڪامل استاد جي ضرورت آهي.
6 - پرنيام (Parnayam) يعني ساهه روڪڻ جو طريقو. يوگ فلسفي ۾ ساهه روڪڻ سخت ترين ورزش آهي.مقرر وقت تي پاڪ ۽ هوادار جڳهه تي جڏهن معدو خالي هجي ته نڪ جي هڪ ناس مان ڊگهو ساهه کڻي سيني ۾ جمع ڪري پوءِ نڪ جي ٻئي ناس مان ساهه آهستي آهستي ڇڏجي. غلط طريقي سان ڪرڻ ۾ ماڻهو چريو به ٿي سگهي ٿو. ورزش ۾ ڪمال حاصل ڪرڻ کانپوءِ مراقبو شروع ڪري. (مسلمان صوفين ۾ اهو طريقو آهي ته جڏهن ساه مٿي کڻجي ته الله آهي ۽ جڏهن ساهه ڇڏجي ته تون آهين چوندا آهن).
7 - پرتي هار (Partyahara) پنجن حواسن تي تسلط : انسان تمام ڪمزور آهي ۽ حواسن جي ماتحت اچي ويندو آهي جنهن ڪري هو هر قسم جي ڏکن ۽ تڪليفن جو شڪار ٿي ويندو آهي. پنج حواس ان کي ذلالت ۽ گهمراهيءَ ۾ وجهي ڇڏيندا آهن جنهن ۾ هو حيران ڦرندو رهندو آهي. جڏهن انسان مٿن تسلط حاصل ڪري انهن کي صحيح رستي تي هلائي ته دل اطمينان ۽ راحت سان ڀرجي ويندي آهي. تسلط جي لاءِ حوصلو ۽ وڏو عرصو گهرجي.
8 - دارن (Darana) ذهني مشق : شروع ۾ هڪ نقطي تي نظر ڄمائڻي پوندي آهي، جڏهن ان جي عادت ٿي وڃي ته تصور باطن ۾ مشغول هجڻ گهرجي. حقيقي شيءِ تائين پهچڻ جي لاءِ ضروري آهي ته انسان جو ظاهري ۽ باطني تصور هڪ نقطي تي بيهي وڃي. اسلامي تصوف ۾ شيخ جي تصور جو بنياد اهو آهي.
9 - ڌيان يعني مراقبو (Dhiana) اڪيلائپ ۾ ويهي سڀني مادي شين کان رشتو ٽوڙي خدا ۾ مصروف ٿيڻ جو نالو مراقبو آهي. حقيق تائين پهچڻ جي لاءِ مراقبو ضروري آهي.
0 1 - سماڌي (Samadhi) رهبانيت جي اعليٰ ترين صورت هيءَ آهي ته انسان ايشور جي محبت ۽ عشق ۾ ايترو محو ٿي وڃي جو هو پنهنجي ذات کي به وساري ڇڏي. هي اهو اعليٰ درجو آهي جتي پهچي انسان خدا جو مظهر بڻجي ويندو آهي. اهو مقام هر ماڻهوءَ کي حاصل نٿو ٿي سگهي.

[b]ميماسه جو فلسفو(Mimasa)
[/b] ان فلسفي جو باني جئه مني آهي. اهو انسان کي عملي گس (ڪرم يوگ) ڏيکاري ٿو. ان جي مصنفن ويدن جي عظمت ۽ حقانيت ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ حد کان وڌيڪ وڌاءَ کان ڪم ورتو آهي، هو ويدن کي مقدس ۽ هر نقص کان پاڪ سمجهن ٿا ۽ انهن جي تعليم تي بغير ڪنهن سوچ جي عمل ڪرڻ چاهين ٿا. سندن خيال ۾ ويدن جي ٻڌايل طريقن سان ئي مذهبي رسمون ادا ڪرڻ گهرجن ۽ جن ڳالهين کان ويد منع ڪن ٿا انهن کان پري رهڻ گهرجي. ان فلسفي مطابق علم روح ۽ جسم کي متحد رکي ٿو. جيڪڏهن روح جسم کان جدا ٿي وڃي ته اهو علم جو محتاج نه رهندو آهي ڇو ته روح جي معنيٰ حياتي آهي ۽ زندگيءَ جو عقل هيٺين وسيلن سان جڙيل آهي:
1 . پرت يڪشا (Part Yaksha) محسوسات سان ڳولا
2 . انومان (Anumana) قياس ۽ استدلال
3 . اپامان (Upamana) هڪجهڙائي
4 . شبد (Shbada) مفڪرن جي فڪر جي تصديق
5 . ارتاپيتي (Arthapati) پرستش •
هڪجهڙائي مان مراد صرف اها آهي ته هڪ شيءِ کي ٻي اهڙي شيءِ سان برابري ڏني وڃي جيڪا هن پهريان ڏٺي هجي، جيئن ڪبوتر کي ڏسي هن جي ذهن ۾ ڪا صورت چٽجي وڃي ته اهو پکي ته هن پهريان ڏٺو آهي. ائين ذهن جلدي ڀيٽ ڪري چوندو ته هي اهو ئي ڪبوتر آهي.
آڳاٽن مفڪرن جا فڪر ۽ تجربا بلڪل صحيح آهن، ان لاءِ عقل جي گهوڙي کي ان ئي رستي تي هلائڻ گهرجي. جيڪڏهن انسان جون فطرتي صلاحيتون ۽ حواس صحيح ڪم ڪن ٿا ته قياس ۽ استدلال سان جيڪي به نتيجا نڪرندا اهي صحيح هوندا.

[b]ميماسه جا بنيادي عقيدا
[/b] (1) دنيا ۽ ان ۾ موجود هر شيءِ حقيقي آهي. (2) روح بي شمار، ازلي ۽ ابدي آهن. (3) اهو قانون به ازلي ۽ ابدي سمجهڻ گهرجي جيڪو سڄي ڪائنات ۾ جاري و ساري آهي. (4) جيڪو ماڻهو ويدن جي تعليم مطابق زندگي گذاريندو ته ان جو روح تازو ٿي ويندو آهي،۽ کيس ابدي جنت ۽ برڪت نصيب ٿيندي آهي. (5) ويدن جي تعليم تي عمل نفعي ۽ نقصان جي خيال کانسواءِ فرض سمجهي ڪرڻ گهرجي. (6) ان فلسفي جا پيروڪار خدا کي نه مڃيندا آهن. بعد ۾ اهو فلسفو ويدانت ۾ ضم ٿي ويو.

[b]ڪرم جو فلسفو :
[/b] ايشور جي عقيدي ٻن فلسفن کي جنم ڏنو: (1) ڪرم جو فلسفو (2) شمشار جو فلسفو.
ڪرم جي معنيٰ آهي اعمال. رگويد جي زماني ۾ اهو لفظ قربانيءَ جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو هو. هندو عقيدي مطابق سٺن عملن سان جنت ملندي ۽ برن عملن سان ڪيڙن مڪوڙن جي صورت ۾ پيدا ٿيڻو پوندو. ان جي لاءِ هو خدا کي نه پر پنهنجي اعمالن کي ذميوار قرار ڏين ٿا.

[b]شمشار جو فلسفو
[/b] شمشار جي معنيٰ ”هيڏي هوڏي ڀڄڻ“ آهي، پر هندو اصطلاح ۾ ان جو مطلب هي آهي ته انسان پنهنجي عملن جي ڪري هن دنيا ۾ ڪيترائي دفعا مختلف شڪلين ۾ پيدا ٿئي ٿو. ان چڪر کي ختم ڪرڻ جو صرف هڪڙو طريقو آهي ته ايشور سان مڪمل اتحاد حاصل ڪجي. اهو اتحاد گيان ۽ معرفت سان هجڻ گهرجي. حقيقي معرفت، داخلي تجربي يا رياضت سان حاصل ٿيندي آهي. معرفت جي ذريعي انسان ايشور جو جز بڻجي ويندو آهي.

[b]ويدانت جو فلسفو يا اتر ميماسه :
[/b] ويدانت جي معنيٰ ويدن جي تعليم جو نچوڙ آهي. ان جو بنياد اپنشدن جي فلسفي تي آهي، ويدانت جو فلسفو چوي ٿو ته هر شيءِ خدا ۾ آهي ۽ خدا هر شيءِ ۾ آهي. سانکيه جو عقيدو آهي ته روح خود شعور آهي. ويدانت جو فلسفو چوي ٿو ته روح نه صرف پاڻ شعور آهي پر سڀني ساهه وارين شين ۾ به آهي. روح ۽ خدا به هڪ ئي آهن. روح جهالت سان دنيا ۾ ايندو آهي ۽ مصيبتن جو شڪار ٿيندو آهي. مصيبتن مان ڇوٽڪارو جهالت بدران صرف اصل حقيقت کي سڃاڻڻ ۾ آهي.
ويدانت جي فلسفي جو اثر صرف هندن تي ئي نه پر مسلمان صوفين تي به آهي. شيخ محي الدين عربي ”فصوص الحڪم“ ۾ فرمائي ٿو ته ”
”خدا کي مخلوق کان جدا ڪري نه ڏسو ۽ نه خدا کي غيريت جو لباس پارائي ڏسو. ان جي صفتن جي هڪجهڙائي ۽ عيبن کان پاڪ هئڻ ۾ ايمان رکو ۽ صدق جي جڳهه تي بيهو. جيڪڏهن توهان چاهيو ته گڏيل جڳهه تي اچو يا جدا جڳهه تي. جيڪڏهن تون ان جو غير آهين ته نه توتي ان جي وحي اچي سگهي ٿي ۽ نه ان سان ملاقات ٿي سگهي ٿي.“
ويدانت جي فلسفي کي وحدت الوجود به چون ٿا. ان مطابق هر شيءِ خدا جو عڪس آهي. خالق ۽ مخلوق وچ ۾ فرق ختم ٿي وڃي ٿو ۽ توحيد شرڪ سان مڪروه ٿي وڃي ٿي.

[b]هندن جا غلط عقيدا
[/b]1- يفوگ: ان جي معنيٰ آهي ته بيواه عورت يا اهڙي عورت جنهن کي اولاد نه هجي پر جيڪڏهن اولاد جي خواهش هجيس ته هوءَ ڪنهن به مرد سان همبستر ٿي اولاد حاصل ڪري سگهي. اهو عقيدو سناتن ڌرم ۾ نه آهي. ان کي آريه سماج جي باني سوامي ديانند وڏي زور شور سان پيش ڪيو آهي. سندس تصنيف ”ستيارٿ پرڪاش“ ۾ اهو بحث موجود آهي.
اسلام ۾ نڪاح کي عصمت جي حفاظت جو ذريعو قرار ڏنو ويو آهي. نڪاح کانسواءِ ٻئي ڪنهن به طريقي جنسي تعلقات قائم ڪرڻ جائز نه آهي.
ڏسو (البقره 187 /النساءِ 4 2 ).
2 - مادي ۽ روح جي ازلي ۽ ابدي هجڻ جو نظريو: سوامي ديانند ٽن شين کي ازلي قرار ڏنو آهي: خدا، روح ۽ مادو (ستيارٿ پرڪاش ص 274 ) ان جي ترديد ۾ تمام گهڻا دليل موجود آهن (ڏسو: الرعد 16- فرقان-2، طور 36 -35، حشر-24)
3 - تناسخ يا جُوڻ مَٽ جو عقيدو : انسان جي مرڻ کانپوءِ ان جي حشر جون ٽي صورتون آهن:
1 - جسم سان گڏ روح به هميشه لاءِ فنا ٿي ويندو آهي.
2 - هن کي پنهنجي اعمالن مطابق جزا ۽ سزا ملندي آهي.
3 - هن کي پنهنجي عملن مطابق روپ بدلائڻا پون ٿا. پهريون خيال ماديت پسندن جو آهي. ٻيو خيال عيسائين، يهودين ۽ مسلمانن جو آهي ۽ ٽيون هندن ۽ ڪجهه ٻين قومن جو آهي. تناسخ کي سنسڪرت ۾ آواگون چيو ويندو آهي. گناهن ۽ نيڪين جي ڪري هر هر جنم وٺڻ وارو عقيدو سائنس، ارتقا ۽ انساني فطرت سان گڏوگڏ الله جي صفتن جي به ابتڙ آهي. قرآن ڏک سک جو ذميوار انسان کي قرار ڏنو آهي (الشوريٰ -30).

[b]هندو مت تي اسلام جو اثر
[/b
[b]]شنڪر آچاريه :
[/b] بت پرستيءَ جي جڳهه تي توحيد الاهي جو تصور ڏنو. دنيا مايا آهي، ان جي حقيقت خدا آهي ۽ ماڻهو ان جا جز آهن. هن، حيواني خواهشن ۽ حواسن کي رحماني نفس جي تابع رکڻ جي تلقين ڪئي آهي. هن ويدانت واري فلسفي، اپنشد ۽ ڀڳوت گيتا جا تفسير لکيا.

[b]رامانج:
[/b] هيءُ ڀڳتي تحريڪ جو باني ليکيو وڃي ٿو. هن، شنڪر آچاريه جي ”مايا“ واري نظرئي جي مخالفت ڪئي، شنڪر خدا جي صفتن جو قائل نه هو. رامانج سڀني صفتن سان خدا کي مختلف قرار ڏنو، هن شرڪ جي هر صورت کان انڪار ڪيو ۽ قادر مطلق جو تصور ڏنو جيڪو روح ۽ مادي جو خالق آهي. هن اوتارن کي مڃيو ۽ شودرن ۽ چنڊالن جي عبادت واري حق کي تسليم ڪيو ۽ انهن لاءِ مندر کولي ڇڏيا. هن جي شاگردن نظام، اشعري ۽ غزاليءَ وانگر بحث مباحثا ڪيا.

[b]لنگائيت:
[/b] هن جو باني ”بسائو“ آهي. هي توحيد الاهي جو قائل آهي ۽ خدا جي سڀني صفتن جو جامع تصور پيش ڪري ٿو. هن مسلمانن وانگر پيري مريدي ۽ بعيت جو سلسلو رائج ڪيو. هڪ شودر چنڊال به ان ۾ داخل ٿي سگهي ٿو. طلاق جي اجازت آهي. بيواهن کي ٻئي نڪاح جو حق به حاصل آهي. هن عقيدي جا پيروڪار مئلن کي ساڙيندا نه آهن پر دفن ڪندا آهن. تناسخ جي عقيدي کي غلط سمجهندا آهن. هي ماڻهو پرهيزگار ۽ مزاج ۾ مجاهد آهن. هي بلگام، بيجاپور ۽ ڌاوا جي ضلعن ۾ 35 سيڪڙو آهن. ميسور ۽ ڪولهاپور ۾ به آباد آهن. بسائو جا ڪجهه احوال ڊاڪٽر تاراچند پنهنجي ڪتاب ”هندو ثقافت تي اسلام جو اثر“ ۾ لکيا آهن يعني خدا هڪ آهي ۽ سموري ڪائنات تي غالب آهي. توبهه ۽ پشيمانيءَ کانسواءِ نذر، نياز، قرباني ۽ گناهن جو ڪفارو نه ٿو ٿي سگهي. عمل ڪيو ۽ جزا جي توقع نه رکو. سڀ روح خدا ڏانهن موٽايا ويندا.

[b]رامانند :
[/b] هيءُ زبردست مبلغ 1299ع ۾ پرياگ الهه آباد ۾ پيدا ٿيو هي رامانج جو پيروڪار هو، هن پنهنجي شاگردن يا پوئلڳن کي زاهد ۽ دنيادار ٻن حصن ۾ ورهايو. زاهدن جي تربيت رامانج جي طريقي تي ڪيائين. هن شنڪر آچاريه وانگر ست مَٺ قائم ڪيا ۽ هر پيروڪار جو ڪنهن نه ڪنهن مٺ سان تعلق ضروري هو. رامانند ذات پات جو سخت مخالف هو، هن جي گروهه ۾ سڀني ذاتين جا ماڻهو شامل هئا. هن جا ٻارهن شاگرد هئا جيڪي برهمڻ کان وٺي چنڊال ۽ شودرن جي هيٺين ذات سان به تعلق رکندا هئا، جن رامانند جي وفات کانپوءِ سندس فڪر جي اشاعت ڪئي. انهن ٻارهن شاگردن ۾ ناراجي، تلسي داس، سورداس، جئي ديو ۽ ڪبير مشهور آهن.

[b]ناراجي :
[/b] ناراجي ادنيٰ خاندان ۾ جنم ورتو. ڏڪار جي زماني ۾ ماڻس کيس جهنگ ۾ ڇڏي آئي، جتان ٻه وشنو زاهد هن کي مَٺ ۾ کڻي آيا. جڏهن جوان ٿيو ته رامانند جو پيروڪار ٿيو ۽ پنهنجي مرشد جي فرمائش تي پنهنجو ڪتاب ”ڀڳت مال“ لکيائين.

[b]سور داس:
[/b] هو نابين هوندي به مشهور شاعر هو. سندس آخري آرامگاهه بنارس ويجهو شب پور ۾ آهي.

[b]تلسي داس:
[/b] چتر ڪوٽ جي جبل (جتي رام چندر رهيو هو) ويجهو حج پور جي هڪ برهمڻ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هو بنارس جي راجا جو ديوان رهيو پر بعد ۾ زاهدانه زندگي اختيار ڪري بندرا بن هليو ويو. پوءِ بنارس اچي رامائڻ جي شرح لکيائين، پنهنجي وقت جو مشهور شاعر هو.

[b]جئي ديو :
[/b] اولهه بنگال جي ڳوٺ ڪيندابل ۾ پيدا ٿيو. مشهور شاعر هو. هن جو ڪلام وجد ۽ سماع جي محفلن ۾ ڳايو ويندو هو.

[b]ڪبير :
[/b] 1425ع ۾ هڪ برهمڻ بيواهه جي گهر ۾ پيدا ٿيو، جيڪا ٻار کي جهنگ ۾ ڇڏي آئي. ان وقت هڪ ڪوري ۽ سندس زال جو اتان گذر ٿيو، جن کيس کڻي آڻي پاليو. جڏهن ڪبير وڏو ٿيو ته هن روحاني سکيا لاءِ ڪنهن مرشد جي ڳولا شروع ڪئي. گهڻن ئي مسلمان عالمن ۽ ساڌن سان مليو پر کيس مڪمل اطمينان حاصل نه ٿيو آخر ۾ ڪنهن کيس رامانند برهمڻ جو ڏس ڏنو جيڪو تمام گهڻو روشن دماغ شخص هو. هو رامانند جي صحبت ۾ سير سفر ۾ مصروف ٿي ويو سندس عقيدو هو ته حقيقي عبادت کانسواءِ ڇوٽڪاري جو ڪو ذريعو نه آهي. هن جي تعليم مطابق خدا هڪ آهي، ان جو ڪو به شريڪ نه آهي، بت پرستي گمراهي آهي. ذات پات انسانيت جي پيشانيءَ تي ڪارو داغ آهي، پاڻ ۾ محبت سان رهڻ گهرجي.

[b]جئي تنيه:
[/b] 1485ع ۾ بنگال جي نويت علائقي ۾ ڄائو. 25 ورهين جي عمر ۾ سنياسي بڻجي ويو. هن ملڪ ۾ امن ۽ محبت جو پرچار ڪيو، سندس تعليم هيءَ آهي ته خدا هر روح ۾ موجود آهي، انڪري هر ذرو قابل تعظيم آهي. هو، ذات پات جو شديد مخالف هو. خدا جي آڏو برهمڻ ۽ شودر ۾ ڪو به فرق نه آهي، صرف خدا جي محبت ۽ عبادت جي ذريعي ڇوٽڪارو ممڪن آهي. بنگال ۾ هن کي شري ڪرشن جو اوتار تصور ڪيو ويندو آهي.

[b]ساڌو :
[/b] هو، مهاراشٽر ۾ ڪنهن هيٺين ذات جي خاندان ۾ پيدا ٿيو، هن توحيد جو پرچارڪيو ۽ بت پرستيءَ جي مخالفت ڪئي، ذات پات جو شديد مخالف هو.

[b]بابا نانڪ:
[/b] 1466ع ۾ لاهور ويجهو تحصيل پور جي هڪ ڳوٺ تلونڊيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو مهتا ڪالوچند هو. پهرين هڪ پنڊت کان هندي پڙهيو. پڙهائيءَ ڏانهن ڌيان نه ڏيندي هر وقت سوچ ويچار ۾ رهڻ لڳو. ملان قطب الدين کان فارسي پڙهيائين. جڏهن نانڪ جي ڀيڻ نواب دولت خان لوڌيءَ جي ديوان جيرام سان پرڻائي وئي ته هن کيس نواب جي خيرات خاني ۾ ملازمت وٺي ڏني. نانڪ هتي 1499ع تائين رهيو. ٽيهن ورهين جي عمر ۾ تلونڊيءَ جي هڪ مسلمان دردانه ۽ ڀائي ڀالا کي ساڻ وٺي تيرٿن، خانقاهن ۽ ٻين مقدس جڳهن جي زيارت ڪندو رهيو. ساڌو، سنتن ۽ صوفين جي صحبت ۾ فيض حاصل ڪيائين. بعد ۾ هن پنهنجي نظرين ۽ مسلڪ جي تبليغ شروع ڪئي.
پنجاب جي مشهور صوفين شيخ اسماعيل بخاري، سيد علي هجويري، بابا فريد الدين، علاءُ الدين، جلال الدين بخاري، مخدوم جهانيان ۽ ٻين بزرگن جي صحبت ۾ فيض حاصل ڪيائين. ان جي ڪري نانڪ جي مسلمان هجڻ جو عقيدو مسلمانن ۾ هلندو اچي ٿو. نانڪ درويش جي نالي سان مشهور هو ۽ حاجي درويش بڻجي حج جي لاءِ مڪي ويو. گياني گيان سنگهه لکيو آهي ته مڪي شريف ۾ نانڪ جو گهر مسجد جي شڪل تي ٺهيل هو ۽ هند جي ولين طور مشهور هو.
وفات تي کيس ساڙڻ يا دفن ڪرڻ تان هندن ۽ مسلمانن ۾ جهڳڙو ٿيو. سردار خزان سنگهه به مسلمانن جي اصرار جو سبب هيءُ ٻڌايو ته هو پڪو مسلمان هو. گورڌ وارا ٽربيونل جي ججن نانڪ جي فيصلي ۾ لکيو آهي ته ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته بابا نانڪ پنهنجا خاص اصول اسلام تان کنيا آهن. نانڪ پنهنجو پاڻ کي اسلام جو مخالف ظاهر نه ڪيو. هن هڪ مسلمان فقير جي شڪل ۾ مڪي جي ياترا ڪئي.
مسٽر ڪننگهام جي کوجنا آهي ته نانڪ جي پاڙيسري سيد ميرحسن صاحب جيڪو پنهنجي علائقي جو وڏو پير هو، ديني ۽ دنياوي علم نانڪ کي پڙهايو ۽ حق جي راهه جا اهم راز کيس ٻڌايا. نانڪ خواجه عبدالشڪور جي مزار تي چلو ڪڍيو. هن جي تعليم هيءَ آهي:
1- توحيد الاهي: ڌڻيءَ جي توحيد جو علم گروءَ کان ئي ملي سگهي ٿو (گرو گرنٿ صاحب، راڳ گوڙي 1825 ).
2- رسالت جو اقرار: هر هڪ انسان جي لاءِ خدا جي توحيد ۽ رسالت کي مڃڻ ضروري آهي (جنم ساٿي ولايت والي 247).
3- اسلام جا رڪن: گرو گرنٿ صاحب مان واضح ٿو ٿئي ته نانڪ اذان ڏني، نماز پڙهي، ماڻهن کي زڪوات ڏيڻ ۽ روزو رکڻ جي تلقين ڪئي ۽ حج به ڪيو.
4- قرآن مجيد: قرآن مجيد جي لاءِ فرمائي ٿو ته ڪل يگ (عالم) ۾ خدا دنيا جي هدايت لاءِ قرآن شريف کي منظور فرمايو. هڪ ماڻهوءَ جي سوال تي جواب ڏٺائين ته قرآن تي عمل ڪريو، ان سان روشني پيدا ٿيندي ۽ خدا ملندو. نانڪ فرمايو ته”مون انجيل، توريت، زبور ۽ ويد پڙهيا ۽ ٻڌا. خدا قرآن ئي دنيا ۾ هدايت جي لاءِ موڪليو آهي.“
قرآن مجيد جو اهو نسخو جنهن کي بابا گرونانڪ سفر ۾ پاڻ سان رکندو هو، ضلع فيروزپور واري هرسهاءِ گورد واري ۾ اڄ تائين موجود آهي.
5 - قيامت جي باري ۾ عقيدو: بابا صاحب جو قرآن جي باري ۾ اهو ئي عقيدو آهي جيڪو مسلمانن جو آهي. ان حوالي سان قيامت جي باري ۾ سندن چوڻ آهي ته هڪ ڏينهن زمين، آسمان، سج، چنڊ، تارا سڀ فنا ٿي ويندا، صرف الله جي ذات باقي رهندي. هو بهشت ۽ دوزخ جو قائل هو. فرمائي ٿو ”قيامت جي ڏينهن جن جا اعمال سٺا ۽ نيڪ هوندا، اهي بي فڪر هوندا. اهي ئي ماڻهو ڇوٽڪارو حاصل ڪندا جيڪي حضور ﷺ جن جا امتي هوندا.
6 - بابا صاحب جو چولو: بابا نانڪ جي آسڻ تي هن جي اولاد وٽ اڄ به يادگار طور تي اهو چولو موجود آهي جنهن تي قرآن مجيد جون آيتون لکيل آهن. بابا صاحب وهم ۽ عقيدي جي ڪمزوري، رسم پرستي ۽ ذات پات جو شديد مخالف هو. کانئن پوءِ سک گروئن جو سلسلو هلندو آيو جن بابا صاحب جي ٻڌايل اصولن ۽ تعليم کي جاري رکيو. جيڪڏهن سک قوم بابا نانڪ جي تعليم کي صحيح نموني سان جاري رکي ها ته مسلمانن کان جدا نه هجي ها ۽ سندن سياسي زندگي هندن جي هٿن ۾ نه هجي ها. جيڪڏهن سک قوم غور ۽ تدبر کان ڪم وٺي ته کين پتو پئجي ويندو ته بابا گرو نانڪ اسلام جي ڪيترو ويجهو هو ۽ هندو مذهب کان ڪيترو پري هو ۽ اهو به ته سندن سياسي زندگي مسلمانن سان الحاق ڪرڻ ۾ آهي.
بابا نانڪ کانپوءِ به ڪجهه ماڻهو اسلام کي پسند ڪندا هئا، انهن ۾ ڌنا، پيپا سائين، راءِ داس دادو ديال ۽ ملوڪ داس شامل هئا.
ڀير ڀان ۽ ست نامي فرقو
دادو ديال جو هڪ همعصر ڀيرڀان هو جنهن ساڌن يا ست نامي فرقي جو بنياد رکيو. هي وڏو خدا پرست هو ۽ خدا کي ست (حقيقت) سان سڏيندو هو. هو ڏکڻ اوڀر پنجاب ۾ نارنول وٽ بجير ڳوٺ ۾ 1523ع ڌاري پيدا ٿيو. ست نامي فرقي جا اهم مرڪز دهلي، آگري، رهتڪ، فرخ آباد (مرزاپور يوپي) ۽ راجپوتانه، جئپور ۾ آهن.
هن فرقي جي تعليم هندي ٻوليءَ ۾ آهي ۽ ان جي مذهبي ڪتاب کي پوٿي چون ٿا. ان جا ٻارهن حڪم هن ريت آهن:
1 صرف هڪ خدا کي مڃو جنهن توهان کي ٺاهيو ۽ توهان کي بڳاڙي به سگهي ٿو، جنهن کان وڏو ٻيو ڪو به ڪونهي. صرف (الله) عبادت جي لائق آهي. زمين، ڌاتو، پٿر، ڪاٺ يا ڪا ٻي مخلوق نه آهي. مالڪ صرف هڪ آهي ۽ ان جو ڪلام هڪ آهي، جيڪي ڪوڙ ڳالهائيندا يا عمل نه ڪندا انهن جي لاءِ دوزخ جي باهه آهي.
2 حليم ۽ نماڻا رهو، دنيا سان لڳاءُ نه رکو، پنهنجي عقيدن تي وفاداريءَ سان قائم رهو، انهن ماڻهن سان ميل ميلاپ نه رکو جيڪي ان عقيدي جا نه آهن. ڌارئي جي ماني نه کائو.
3 ڪڏهن ڪوڙ نه ڳالهايو، ڪنهن شيءِ جي وڏائي نه ڪريو، جيئن پاڻي، وڻ، هوا وغيره. زبان کي هميشه الله جي تعريف ۾ مصروف رکو. چوري نه ڪريو، نه پئسن جي، نه زمين جي، نه جانور جي. پنهنجي ملڪيت کي ٻين جي ملڪيت کان جدا رکو ۽ جيڪو ڪجهه توهان وٽ آهي ان تي قناعت ڪريو. غيرمناسب شيءِ تي نظر نه وجهو، پوءِ اهو مرد، عورت ، ناچ يا تماشو ئي ڇو نه هجي.
4 برائيءَ جي ڳالهه نه ٻڌو، سواءِ خالق جي تعريف جي، نه ڪهاڻيون نه گلا، نه موسيقي ڀڄن کانسواءِ (موسيقي دماغ جي اندر هجڻ گهرجي.)
5 ڪنهن شيءِ ۾ حرص نه رکو پوءِ اهو جسم هجي يا دولت. ٻئي جو مال نه وٺو، خدا سڀ شيون ڏيڻ وارو آهي، جيترو توهان ان تي ڀروسو ڪندا اوترو توهان کي ملندو.
6 جڏهن توهان کان پڇيو وڃي ته توهان ڪير آهيو ته پاڻ کي ساڌو ٻڌايو، ذات جو نالو نه وٺو. بحث ۾ نه الجهو، عقيدي تي مضبوطيءَ سان قائم رهو. ٻين ماڻهن مان اميد نه رکو.
7 سفيد ڪپڙا پايو، ڪو به رنگ يا ميندي استعمال نه ڪريو، پنهنجي جسم تي ڪوبه نشان نه بڻايو، پيشانيءَ تي ذات جو نشان نه لڳايو، تسبيح يا مڻيا نه پايو.
8 نشي واريون شيون ڪڏهن به استعمال نه ڪريو، پان نه کائو، تماڪ نه واپرايو. آفيم نه چوسيو، مورتين ۽ انسان جي آڏو هٿ نه ٽنگيو ۽ نه وري سر جهڪايو.
9 ڪنهن کي قتل نه ڪريو، ڪنهن سان زبردستي نه ڪريو، نه ملامت آميز شاهدي ڏيو نه زبردستي ڪنهن کان ڪا شيءِ وٺو.
0 1 هڪ مرد صرف هڪ زال ڪري ۽ عورت صرف هڪ مڙس! مرد عورت جي اوبر نه کائي پر عورت مرد جي اوبر کائي سگهي ٿي، عورت مرد جي تابع رهي.
1 1 فقيراڻو لباس نه پايو، نه پنو، نه تحفو قبول ڪريو. جادوءَ جو خوف بلڪل نه ڪريو. راز ٻڌائڻ کان اڳ سوچي وٺو.
2 1 ساڌوءَ کي ڏينهنِ، چنڊ جي گردشن يا مهينن، جانورن يا پکين جي ڳالهائڻ يا نظر اچڻ جي توهم پرستيءَ ۾پوڻ نه گهرجي، هن کي صرف مالڪ جي رضا ڳولڻ گهرجي.

[b]لال داس ۽ بابا لال :
[/b] بابا لال جي کتري هو. جهانگير جي دور ۾ پيدا ٿيو. هو پنهنجي مذهب جي باري ۾ لکي ٿو ته عاشق جو عقيدو ٻين عقيدن کان مختلف آهي. خدا انهن ماڻهن جو ايمان ۽ عقيدو آهي جيڪي ان جا عاشق آهن، باقي نيڪ ڪم ڪرڻ هر مذهب ۾ بهتر آهي.
لال داس سترهين صدي عيسويءَ جي وچ ڌاري پيدا ٿيو. سندس تعلق پيپو برادريءَ سان هو ۽ هو لال داسي فرقي جو باني هو.
ارڙهين صدي عيسويءَ جي هندو سڌارڪ بزرگن مان ڪي هي آهن: جگ جيون، بولا صاحب، ڪيشو داس، غريب داس، شوِ نارائڻ، رام چرن، سهونند، دولن داس، گلال ۽ پلٽوداس. پلٽو داس فيض آباد جو رهواسي هو. هن ذات پات جي فرق خلاف آواز اٿاريو ۽ ڀڳتيءَ جو بنياد وڌو. سندس هڪ نظم هيٺ ڏجي ٿو. هو چوي ٿو:
مان ناسوت ۽ جبروت کي ڄاڻي ورتو،
هاڻي لاهوتي جي لذت چکيم.
هي ستارو اهو آهي جنهن جي دل روشن آهي.
جيڪو پنهنجو مڪان لامڪان ۾ ٺاهي،
آسمان جو دروازو کلي ويو
۽ روح دل جي اندر پڪاري ٿو حق حق
پلٽو چوي ٿو ته هو هر پاسي مڪي (شريف) کي ڏسي ٿو.
هندن ۽ مسلمانن جي باري ۾ چوي ٿو :
”هو چون ٿا ته رام اوڀر ۾ آهي ۽ خدا اولهه ۾، ته پوءِ ڏکڻ ۽ اتر ۾ ڪير ٿو رهي؟“
مالڪ ڪٿي آهي ۽ ڪٿي ناهي:
هندن ۽ مسلمانن ڇو کڻي طوفان کڙو ڪيو آهي.
ڇو کڻي هڪٻئي جون ڳچيون پڪڙيون اٿن!
۽ ڇو ٻنهي مذهبن هڪٻئي خلاف محاذ کڻي جوڙيا آهن،
پلٽو بندو چوي ٿو ته مالڪ سڀني ۾ آهي
هو هرگز ورهايل نه آهي، اها حقيقت آهي.

[b]مهاتما گانڌي:
[/b] مهاتما گانڌي سن 1860ع ۾ پيدا ٿيو. سندس نالو موهن داس ڪرمچند گانڌي هو. هو تشدد جو مخالف هو، اسلام کان گهڻو متاثر هو. هن احمد آباد ۾ پنهنجي آشرم ۾ اڇوتن کي اچڻ جي اجازت ڏني هئي. هن ”ينگ انڊيا“ ۾ لکيو آهي ته خدا جو ڪوبه شريڪ نه آهي، ان کان سواءِ ڪوئي موجود نه آهي ۽ اها ئي حقيقت توهان اسلام ۾ نظر ايندي.

[b]هندن ۾ مذهبي تحريڪون :
[/b] ان حوالي سان ٻه تحريڪون مشهور آهن، هڪ ”برهمو سماج“ جيڪا اسلام دوست هئي ۽ ٻي” آريه سماج“ جيڪا اسلام دشمن هئي.

[b]برهمو سماج :
[/b] ان تحريڪ جو باني راجا رام موهن راءِ هو. هو، بردوان جي هڪ معزز برهمڻ گهراڻي ۾ پيدا ٿيو، ننڍي عمر ۾ ئي عربي ۽ فارسي پڙهيو. سنسڪرت بنارس ۾ پڙهيو. پندرهن ورهين جي عمر ۾ بت پرستيءَ جي خلاف بنگالي ٻوليءَ ۾ پمفليٽ لکيائين، جيڪي پوءِ لڳاتار شايع ٿيندا رهيا. سندس دليل اهو هو ته بت پرستيءَ جي تصديق ويدن سان نٿي ٿئي. ان کانپوءِ هن انگريزي، فرانسيسي، لاطيني، يوناني ۽ عبراني ٻوليون پڙهيون. سڀني مذهبن جي مقدس ڪتابن جو پاڻ مطالعو ڪيائين. سندس گذر سفر سرڪاري نوڪريءَ تي هو. 39 ورهين جي عمر ۾ سرڪاري نوڪريءَ کان الڳ ٿي ويو ۽ ڪلڪتي ۾ رهي. پنهنجي مذهبي خيالن جي اشاعت شروع ڪيائين. هن مذهبي ڪتابن جا سنسڪرت مان انگريزي ۽ بنگالي ٻوليءَ ۾ ترجما ڪيا.
1831ع ۾ دهليءَ جي مغل بادشاهه مالي حقن جي وڪالت جي لاءِ کيس انگلينڊ موڪليو. 1832ع ۾ برسٽل هليو ويو ۽ ساڳئي سال سيپٽمبر ۾ اتي ئي بخار ۾ فوت ٿي ويو. هن جي قبر نوز ويل قبرستان ۾ آهي.
پهريون دفعو توحيد تي فارسيءَ ۾ ڪتاب لکيائين ۽ ان جو مهاڳ هن عربيءَ ۾ لکيو. 1820ع ۾ هن پنهنجو ڪتاب ”يسوع جا حڪم“ بنگالي ٻوليءَ ۾شايع ڪيو، جنهن ۾ هن حضرت مسيح عليه السلام جي الوهيت جو انڪار ڪيو ته سيدامپور جي مشنرين هڪٻئي پٺيان حملا شروع ڪيا ۽ بحث مباحثي جو سلسلو جاري رهيو. 1828ع ۾ هن ”برهمو سماج“ جو بنياد وڌو.

[b]نظريو :
[/b] هن جا خيال 1830ع جي امانت نامي ۾ هيئن لکيل آهن:
”پرستش ان ذات جي ٿيڻ گهرجي جيڪا غيرفاني هجي، جنهن جو پتو لڳائڻ کانپوءِ به نه ملي، جيڪو تبديلين کان محفوظ سموري ڪائنات کي پيدا ڪري ۽ قائم رکي ٿو.“
رام موهن راءِ ذات پات جي فرق جو سخت مخالف هو. ستيءَ جي رسم جو خاتمو هن جي ڪوششن سان ئي ممڪن ٿيو. هن گهڻين شادين ۽ ٻاروتڻ ۾ شادين جي مخالفت ڪئي.


[b]مها رشي ديوندر ناٿ ٽئگور :
[/b] ٻارهن ورهين تائين هيءَ جماعت (برهمو سماج) ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ رهي، رام موهن راءِ جيڪو ان ۾ روح پيدا ڪيو هو اهو ختم ٿيندو پئي ويو، تان جو 1842ع ۾ مها رشي ديوندر ٽئگور (رابندر ناٿ ٽئگور جي والد) هن جماعت جي اڳواڻي سنڀالي. امانت نامي مطابق عام وهنوار بااثر ۽ سمجهدار امينن کي سونپيا ويا ۽ روحاني معاملا دين جي خادم حوالي ٿيا جنهن جي باري ۾ امانت نامي ۾ لکيل آهي ته ”اهو نيڪ نام هجي، هن جو عمل پاڪيزه ۽ اخلاق اعليٰ درجي جو هجي.“
ديوندر ناٿ جي تربيت ۽ پرورش ڪنهن خاص فرقيورانه ماحول ۾ نه ٿي هئي، انڪري هن ۾ تنگ نظري نه هئي. هن 1839ع ۾ ”تتوا بوڌني سڀا“ (حق جي تبليغ جي تنظيم) جو بنياد وڌو. ان جي ٻي سالگره جي موقعي تي ديوندر ناٿ چيو ته ”انگريزي تعليم جي اشاعت جي ڪري جاهلن وانگر ڪاٺ ۽ پٿر کي خدا سمجهي انهن جي پرستش نٿا ڪري سگهون.“
هو، 1842ع ۾ برهمو سماج ۾ شامل ٿي هندو ازم جي تجديد ڪرڻ لڳو ۽ ان تحريڪ جي خدمت جي لاءِ هڪ رسالو جاري ڪيائين.

[b]عقيدا:
[/b] ديوندر ناٿ ٽئگور ويدن کي غلطين کان پاڪ نه سمجهندو هو. ڌڻي سائينءَ جي عبادت جي طريقي جي باري ۾ فرمائي ٿو ته منهنجي خواهش آهي ته سڀئي انسان جن ۾ هيٺين طبقي جا ماڻهو به شامل هجن برهم (ايشور) جي پرستش ڪن. ان لاءِ مون فيصلو ڪيو آهي ته جيڪي ماڻهو گائتريءَ جي مدد سان پرستش ڪري سگهن ٿا ڪندا رهن، پر جيڪي نٿا ڪري سگهن انهن کي ان ڳالهه جي آزادي هجي ته ڪو به سولو طريقو اختيار ڪن، جنهن مطابق هو ”خدا جي ڌيان ۾ محو ٿي سگهن.“

[b]ڪيشب چندر سين
[/b] چندر ڪيشب 7 5 8 1 ع ۾ برهمو سماج ۾ شامل ٿيو. ديوندر ناٿ هن کي ڪلڪتي ۾ برهمو سماج جو ”خادم دين“ مقرر ڪيو. ٻئي نوجوان برهمو سماج جي ترقي ۽ نوجوانن جي تربيت ۾ اڳڀرا رهيا.

[b]نظريا
[/b]1 ذات پات ۾ ڪوبه فرق نه آهي
2 ننڍپڻ جون شاديون غلط آهن
3 بيواهن جي ٻيهر شادي ٿيڻ گهرجي
4 مختلف فرقن سان واسطيدار ماڻهن جون پاڻ ۾ شاديون ٿيڻ کپن.
(1864ع ۾ ڪيشب هڪ موقعي تي مختلف فرقن وچ ۾ شاديءَ جي رسمن ۾ شريڪ ٿيو )
5 خدا جي وحدانيت

[b]برهمو سماج ۾ اختلاف
[/b] ڪيشب ۽ ديوندر ٻئي برهمو سماج جي واڌاري جو باعث هئا پر ٻنهي جي مزاج ۾ اختلاف هو، ان جي ڪري برهمو سماج ۾ ڏڦيڙ پيو. فيبروري 1865ع ۾ ڪيشب ديوندر ناٿ جي نظام کان علحدگي اختيار ڪئي ۽ پنهنجي نظرين جي اشاعت ڪرڻ لڳو.

[b]ڪيشب جا اصول
[/b] 1864ع ڌاري هڪ جلسي ۾ برهمو سماج جي باري ۾ هن چيو ته ”اسان جي مقدس جڳهه سڄي دنيا آهي. اسانجو مذهبي ڪتاب صحيفه فطرت جي ڏاهپ ۽ حڪمت آهي، اسان جي ڇوٽڪاري جو ذريعو عبادت آهي. اسان جو حاصل دلين جي پاڪيزگي آهي، اسانجو استاد ۽ رهنما هر ديندار ماڻهو آهي. هيءُ سڄو عالم ايشور جو پاڪ مندر آهي، صاف ۽ پاڪيزه دل مقدس ترين عبادت آهي. سچائي هميشه رهڻ وارو مذهبي صحيفو آهي. ايمان سڀني مذهبن جو بنياد آهي. محبت سچو روحاني تمدن آهي، نفس کي مارڻ حقيقي زهد ۽ تقويٰ آهي.“

[b]تبليغي سرگرميون
[/b] برهمو سماج کان علحدگيءَ کانپوءِ ڪيشب هڪ نئين جماعت قائم ڪئي. هن هند اندر ۽ ٻاهر مبلغ موڪليا. پرتاب چندر (1905- 1840ع) مشهور مبلغ ٿي گذريو آهي. هن 1870ع ۾ سڄي هند جو دورو ڪيو، ان کانپوءِ ٻه دفعا انگلينڊ ۽ آمريڪا به ويو. 1893ع ۾ شڪاگو ۾ مذهبن جي پارليامينٽ جو اجلاس ٿيو. 1870ع ۾ ڪيشب پاڻ به انگلينڊ جو دورو ڪيو، اتان واپس اچي هن هڪ انجمن قائم ڪئي جنهن جو ڪم پنجن حصن ۾ ورهايو ويو: عورتن جي فلاح ۽ بهبود، گهٽ قيمت تي علمي ڪتابن جي اشاعت، نشيدار شين کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ۽ فلاحي تنظيم جو قيام. 1872ع ۾ ڪيشب سول ميريج ايڪٽ پاس ڪرايو، جنهن سان مذهبي رسمن کانسواءِ عيسائي ۽ برهمو سماجي جوڙن جي شادي ڪرائي سگهجي پئي. هن جي اها دعويٰ هئي ته مٿس وحي نازل ٿئي ٿي ۽ هو پنهنجي مذهب جو نبي آهي.
بنگال کان ٻاهر برهمو سماجي تحريڪ
بمبئي جي پرارتنا سماج (1868ع) جي مشهور اڳواڻن ۾ مسٽر رام جي رانادي (1842ع - 1901ع) ۽ مسٽر جيچند اورڪرهي (1855ع-1922ع) شامل هئا. اهي ٻئي سماج سڌارڪ تحريڪ جا حامي هئا.

[b]برهمو سماج جا بنيادي عقيدا
[/b]1 اصلي ۽ ابدي هڪ برتر خدا آهي، ان جي شان ۾ جيترو ڪجهه چيو وڃي ٿورو آهي ۽ هو نيڪ ۽ رحيم آهي.
2 مبارڪ خدا سڄو روح آهي، ان ڪري هن جي ڪابه شڪل شبيهه نه آهي.
3 صرف ان جي پرستش ۽ اطاعت سان هن دنيا ۾ توڙي اچڻ واري جهان جي خوش بختي حاصل ٿيندي آهي.
4 بندگي ان جي پرستش آهي ۽ نيڪي ۽ ڀلائي ڪرڻ ان جي عبادت ۽ اطاعت آهي.
5 انسان جو روح جيڪڏهن گناهن کان پاڪ نه هجي ۽ خدا جي عنايت شامل نه هجي ته اهو ڀٽڪندو رهندو آهي.
6 اصل مذهب معرفت آهي، جيڪي ماڻهو عقلمند ۽ تجربيڪار آهن اهي ان جي ذريعي ڇوٽڪارو حاصل ڪندا آهن.
نوٽ : برهمو سماج جا ڪجهه خيال مسلمانن جي جديد فرقي ”نيچريه“ سان ملن ٿا. برهمو سماج الله جي وحدانيت جو ضرور قائل آهي، پر الهام، دعا جي قبوليت ۽ ڪرامتن جو انڪاري آهي، اهڙي طرح اهي رسالت جي سلسلي کي به نه مڃيندا آهن. هن تحريڪ جو بنياد عقلي دليلن تي آهي.
جيستائين اخلاقي اصولن ۽ عبادت جي طريقي جو تعلق آهي ته راجا رام موهن عيسائي مذهب جي اصولن کي اختيار ڪيو هو. برهمو سماج کي عيسائي ”بي عيسيٰ مذهب“ چوندا آهن.

[b]ڀڳتي ۽ گيتا جون تحريڪون
[/b] عقلي دليلن سان روحاني اڃ ختم نٿي ڪري سگهجي، تنهن ڪري ان جي خلاف ردعمل شروع ٿي ويو. اهو رد عمل بنگال ۾ ڪيترين ئي شڪلين ۾ ظاهر ٿيو. پنڊت مجوجي ڪرشنا گوسوائي ڀڳتي فلسفي جو گهڻو پرچار ڪيو ۽ ڀڳتي يوگ ان جي زندگيءَ جو طريقو هو. ان کان علاوه ايشور چند، وديا ساگر ايشوني ڪمار دت ۽ مانو رنجن گوهاٽا ڪرتا به ڀڳتي اصولن جا پرجوش حامي ۽ مبلغ هئا. اهي ماڻهو گيتا کي ئي هدايت جو سرچشمو سمجهندا هئا. ڊاڪٽر رابندر ناٿ ٽئگور به انهن ئي خيالن جو حامي هو.

[b]آريه سماج
[/b] آريه سماج جو باني سوامي ديانند سرسوتي (1834- 1833ع) هو. هو ڪرودي رياست جي هڪ برهمڻ خاندان ۾ پيدا ٿيو. اها رياست اولهه هند جي ڪاٺياواڙ علائقي ۾ آهي. ديانند جو والد ۽ ٻيا ماڻهو شِو جي پرستش ڪندي سمهي پيا پر هيءُ جاڳي رهيو هو. هن ڏٺو ته هڪ ڪوئو يشوِجي مٿي تي ويهي چانور کائي رهيو آهي. هن سوچيو ته جيڪا مورتي ڪوئي کي نٿي ڀڄائي سگهي ته ان جي پرستش جو ڪهڙو فائدو؟ ان واقعي کي ڏسي هن مورتيءَ جي پوڄا کان توبهه ڪئي ۽ عالمي مذهبن جي ڪتابن جو مطالعو شروع ڪيو. هن جي شادي طئي ڪئي وئي پر هو بنارس هليو ويو ۽ پندرهن ورهين تائين (1845ع-1860ع) اتي مطالعي ۽ يوگ ۾ مصروف رهيو. ان کانپوءِ تبليغي دورن تي هليو ويو. 1875ع ۾ بمبئي ۾ جڏهن هو 1 5 ورهين جو ٿيو ته هن آريه سماج جو بنياد رکيو جنهنجو مقصد بت پرستي ۽ شرڪ کي ختم ڪري ويدڪ مذهب کي جيئرو ڪرڻ هو. ٻن ورهين کانپوءِ هن لاهور ۾ آريه سماج شاخ جو افتتاح ڪيو ۽ پنهنجي باقي زندگي پنهنجي نظرين جي ڦهلاءُ، ڪتاب لکڻ ۽ آريه سماج جي شاخن جي نظرداريءَ ۾ گذاري.
هن، هر مذهب جي عالمن سان مناظرا ڪيا ۽ 9 1 ڪتاب لکيا جن ۾ رگويد آدي، ڀاشيه ڀومڪا ۽ ستيارٿ پرڪاش گهڻا مشهور آهن، پهريون ڪتاب چئني ويدن جي تفسير جو مقدمو آهي. ستيارٿ جي چوڏهين باب ۾ اسلام تي حملا ڪيا ويا آهن، ان کانسواءِ هن ڪتاب ۾ سکن، جينين ۽ عيسائين جي مقدس هستين تي چٿرون ڪيون ويون آهن. ان جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي.

[b]تعليم [/b]
هن، هندن جي سڀني شاسترن کي سواءِ چئني ويدن کي رد ڪيو. ويدن جي موجود شرحن تي سخت تنقيد ڪئي ۽ ان جي ڪيترين ئي معنائن جو انڪار ڪيو. هن برهمڻن جي ان خيال جي سخت ترديد ڪئي ته ويد صرف برهمڻ پڙهي سگهن ٿا. هن ويدن جي علم جو دروازو هر ماڻهوءَ تي کولي ڇڏيو ۽ ذات پات جي فرق کي رد ڪيو. هن بت پرستي ۽ گهڻن ديوتائن جي پوڄا، ويدانت جي مسئلي، وحدت الوجود ۽ اوتار جي مسئلن کي ناقابل قبول قرار ڏنو ۽ اگني، وايو، جل، سج ۽ چنڊ وغيره جا بيان ڪيا.
هي توحيد جي دعويٰ ڪن ٿا پر انهن جي توحيد ناقص آهي ڇو ته اهي روح ۽ مادي کي ازلي ۽ ابدي مڃين ٿا. ستيارٿ پرڪاش ۽ آدي ڀاشا ڀومڪا ۾ لکيل آهي ته پرميشور (خدا) جيو (روح) ۽ پراڪرتي (مادو) قديم آهن. پرميشور گيان سان روح ۽ مادي تي ضابطو آڻي دنيا قائم ڪئي.

[b]سماج ۾ داخل ٿيڻ جا شرط
[/b] هر رڪن پنهنجي آمدنيءَ جو هڪ سيڪڙو سماج کي ڏئي ۽ ڏهن اصولن کي قبول ڪري. پهريان ٽي اصول ته خدا ۽ ويدن جي صفتن جي باري ۾ آهن. ڇهن اصولن جو تعلق اخلاق سان آهي ۽ ڏهون اصول ذاتي معاملن ۾ آزادي ڏيڻ بابت آهي پر سماج جي مفاد خلاف ڪوبه ڪم ڪرڻ جي سخت منع ٿيل آهي.

[b]آريه سماج جا ٽي غلط نظريا
[/b] پهريون غلط نظريو هيءُ آهي ته مادو ۽ روح الله وانگر ازلي، ابدي ۽ دائمي آهن ۽ مخلوق نه آهن. ٻيو نظريو تناسخ آهي ۽ ٽيون نظريو نيوگ آهي. ڄاڻايل ٽنهي نظرين تي مسلمان عالمن کانسواءِ سڀ کان وڌيڪ تنقيد مرزا غلام احمد قاديانيءَ ڪئي آهي. هن سناتن ڌرم کي آريه سماج تي ترجيح ڏني.

[b]هندو مت ۽ اسلام
[/b]1 . قرآن مجيد جي دعويٰ آهي ته هر قوم ڏانهن نبي آيا ۽ انهن سڀني قومن ڏانهن انهن جي ٻوليءَ ۾ وحي نازل ٿي (الفاطر24 - يونس 47 ) پر هندومت جا پيروڪار صرف آريه قوم ۾ الهام، وحي ۽ هدايت جا قائل هئا.
2 اسلام سڀني قومن ۽ انسانن کي مساوات جو درجو ڏنو. (النساءِ1 - الحجرات 11)
3 اهي ماڻهو جيڪي الله تي ايمان رکندا آهن پاڻ ۾ ڀائر آهن.
ويدن برهمڻ، کتري، وئش، شودر، راڪش ۽ مليڇ وغيره جي ورهاست ڪري انسانن ۾ فرق جو بنياد رکيو، اهو معاشرتي زندگيءَ جو نهايت ڀيانڪ پهلو آهي.
4 اسلام ڪنهن قوم سان قوم جي حيثيت ۾ نفرت نه سيکاري (لقمان 18 ) (الحجرات 11) سڄي مخلوق الله جو عيال آهي ۽ الله سڀ کان وڌيڪ محبت ان سان ڪندو آهي جيڪو الله جي مخلوق کي سڀ کان وڌيڪ چاهيندو آهي.
5 اسلام ڪنهن ٻوليءَ کان نفرت نٿو سيکاري، ويدن ڪيترن کي ڌاڙيل جو خطاب ڏئي نفرتون وڌايون ۽ غيرآرين جي ٻوليءَ سان نفرت جي تعليم ڏني.
6 اسلام انسان کي واحد خالق ۽ پروردگار تي ايمان جي تلقين ڪئي آهي. جڏهن ته هندو مت ڪيترن ئي ديوي ديوتائن تي ايمان کي لازمي قرار ڏنو آهي.
7 اسلام غيرفاني خدا جي پرستش ۽ عبادت سيکاري ٿو ته جيئن انسان ڪردار جي اعليٰ منزل تائين پهچي ۽ خدا پرستيءَ جي زندگي اختيار ڪري هدايت حاصل ڪري. هندومت واضح طور تي بت پرستيءَ جي تعليم ڏئي ٿو.
8 اسلام هڪ اخلاقي، معاشي، معاشرتي ۽ روحاني ضابطو پيش ڪري ٿو، هندو مت رسم پرستيءَ کانسواءِ ڪنهن منزل جي نشاندهي نٿو ڪري.
9 اسلام هڪ آفاقي ۽ عالمگير مذهب آهي (يوسف 4 1-104 /السبا 24)
0 1 اسلام جو نيوگ جي مسئلي سان شديد اختلاف آهي.
نيوگ مسئلي، مادي ۽ روح جي ازلي ۽ ابدي هجڻ جي عقيدي، تناسخ جي عقيدي تي تنقيد ۽ ان جي ترديد تي دليل ڪتابن ۾ ڏسي سگهجن ٿا.


[b]رام چندر ۽ رامائڻ
[/b] ايوڌيا گنگا جي اتر ۾ ڪوشل واري عظيم سلطنت جي گاديءَ جو هنڌ هئي، جنهن کي سرايو درياءُ سيراب ڪندو هو. ايوڌيا کي سوريه ونشي راجا منو تعمير ڪيو هو ۽ اتي قديم هندستاني تهذيب عروج تي پهتل هئي.
ايوڌيا جي دفاع لاءِ طاقتور فوج مقرر هئي، جنهن جي ڪري ڪوبه دشمن حملو نه پيو ڪري سگهي. ايوڌيا جي لفظي معني آهي ”جنهن کي جنگ ۾ کٽي نه سگهجي.“ ان ۾ قلعا جوڙيا ويا هئا، جن جي چوڌاري خندقون کوٽي اهي بچاءَ جي سامان سان ڀريون ويون هيون.
ايوڌيا جو حڪمران راجه دسرٿ هو. دسرٿ جا تمام ڏاها اٺ وزير هئا جيڪي هن کي هر معاملي ۾ مشورو ڏيندا هئا. ويشنهه ۽ وامديو جهڙا ولي (رشي) ۽ ٻيا برهمڻ ڌرم جي تعليم ڏيندا هئا. قربانيءَ جو رسمون ادا ڪندا هئا. ماڻهن تي هلڪا ٽيڪس لاڳو هئا ۽ ڏوهه جي سزا ڏوهه مطابق ڏني ويندي هئي.
ان سڄي خوشحاليءَ باوجود دسرٿ کي هڪڙو ڏک اهو هو ته کيس پُٽ ڪونه هو. بادشاه هڪ ڏينهن پٽ ڄمڻ لاءِ (اشوميٿ/ گهوڙي جي قرباني) ادا ڪرڻ جو ارادو ڪيو. ان لاءِ هن هڪ تمام وڏي دعوت جو انتظام ڪيو جنهن ۾ ان دور جا ڪيترائي بادشاهه ۽ راجا شريڪ ٿيا. جنهن جڳهه تي دعوت ڪئي وئي، اها هڪ شهر جي شڪل اختيار ڪري وئي، جنهن ۾ بادشاهن، رشين ۽ ٻين مهمانن جي رهائش ۽ تفريح جو بندوبست ٿيل هو. ان دعوت جو انتظام مذهبي ماهرن جي مشوري مطابق رشيه سرنگا جي سپرد ڪيو ويو هو.
قرباني قبول پئي ۽ بادشاهه کي اشارو مليو ته هن کي پٽ ڄمندا. دسرٿ جون ٽي زالون هيون. ڪوشليه جنهن مان رام چندر پيدا ٿيو. ٻي ست مٿرا هئي جنهن مان جاڙا لڪشمڻ ۽ شتروگن پيدا ٿيا، ٽئين زال ڪيڪئي مان ڀرت ڄائو. دسرٿ پنهنجي چئني پٽن کي شهزادن واري تربيت ڏني. رام ۽ لڪشمڻ جو پاڻ ۾ تمام گهڻو پيار هو، اهڙي نموني ڀرت ۽ شتروگن ۾ محبت هئي. دسرٿ جا چارئي پٽ طاقتور، نيڪ، بهادر، قابل ۽ شاهي خصوصيتن جا مالڪ هئا پر چئني مان دسرٿ کي پنهنجي وڏي پٽ رام سان تمام گهڻي محبت هئي ۽ رام کي ئي سلطنت جو سربراهه بڻائڻ جي ارادي سبب عوام تمام گهڻو خوش هو.
ايوڌيا جو ٻيو نالو ڪوشل هو، انڪري رام جي والده کي ڪوشليه جي ملڪه چيو ويندو هو. هڪ ڏينهن بادشاه پنهنجي پٽن جي شاديءَ جي باري ۾ سوچي رهيو هو ته کيس خبر ملي ته مشهور رشي وشواتر جيڪو پاڻ به هڪ بادشاه هو ۽ کيس رياضتن جي ڪري ايشور جو قرب نصيب ٿيو هو، هن سان ملڻ جي لاءِ آيو. وشواتر جو اچڻ غير متوقع هو. بادشاه پنهنجي تخت تان هيٺ لٿو ۽ تعظيم سان ان جو استقبال ڪيائين. وشواتر کي سڀني رشين کان وڌيڪ عظمت حاصل هئي.

[b]رام چندر جو بنو اس لاءِ گهران نڪرڻ
[/b] هندو ديومالائي قصن هن واقعي کي عجيب رنگ ڏنو آهي، پر اها رام جي جڳهه تي ڀرت کي اقتدار ڏيڻ جي ڪوشش هئي. ڊاڪٽر ٽئگور 1928ع ۾ سوويت يونين ويو هو. واپس اچڻ کانپوءِ هن هندو تاريخ جي واقعن جي سماجي پهلوءَ تي روشني وڌي. هن ٻڌايو ته ڀرت جي والده ڪيڪئي کي دسرٿ جي درٻارين رام کي اقتدار کان محروم ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪيو، ڇو ته هنن سوچيو ته جيڪڏهن رام کي اقتدار مليو ته هو نهايت عوام دوست ۽ نيڪ جذبا ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪندو، جنهن جي ڪري عوام تي سندن دٻدٻو ختم ٿي ويندو. ان منصوبي کي اڳيان رکندي هنن ڀرت جي والده ڪيڪئي کي اها ڳالهه سمجهائي ته اهڙي نموني هن جو پٽ ڀرت اقتدار کان محروم ٿي ويندو.
قصي ۾ ملڪه ڪيڪئي جي هڪ ويجهي ۽ رازدار نوڪرياڻيءَ جو نالو ڄاڻايل آهي منٿرا. هوءَ ملڪه جي پري جي مائٽياڻي به هئي. دسرٿ رام کي ولي عهد بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اتفاق سان منٿرا بادشاهه جي سڄي ڳالهه ٻولهه ٻڌي ورتي ۽ جشن جي تيارين کي پنهنجي اکين سان ڏسي ورتو. منٿرا رام جي تاجپوشيءَ کان ناخوش هئي. غصي ۾ ڪيڪئي ڏانهن وئي جيڪا هن جي چوڻ ۾ اچي وئي ۽ انتهائي غصي ۾ بادشاهه کي چيائين ته هو رام جي جڳهه تي ڀرت کي ولي عهد بڻائي ۽ رام کي چوڏهن ورهين جو بنواس ڏئي.
دسرٿ کي ان سازش جو تمام گهڻو ڏک ٿيو. هو رام جي خوبين کي ڄاڻي پيو. جيئن ته هو رام سان محبت ڪندو هو تنهن ڪري کيس ڪهڙي بهاني سان بنواس جو حڪم ڏئي! ساڳئي وقت واعدي خلافي به نه پيو ڪري سگهي ڇو ته ڪيڪئي هن کان واعدو ورتو هو هوءَ جيڪو ڪجهه چوندي ان کي مڃي وٺندو. بادشاهه ڪيڪئي ملڪه کي چيو ته مون تنهنجي چهري کان دوکو کائي توکي زال بڻايو پر تون نانگڻ نڪتينءَ. پوڙهو بادشاهه ان ڏک ۾ حال کان بيحال ٿيندو پيو وڃي. رام پنهنجي پيءُ جي حالت ڏسي چيو ته هو چوڏهن ورهين لاءِ بنواس وٺڻ لاءِ تيار آهي، هن کي اقتدار جي ڪائي بک نه هئي، هو پنهنجي پيءُ کي ڏک ۾ ڏسڻ نه پيو چاهي.

[b]سيتا ۽ رام جي شادي
[/b] سيتا منهلاجي بادشاه جنڪ جي ڌيءَ هئي. منهلا اتر بهار جي گاديءَ واري هنڌ جوگنڊ ۽ ڪوشي دريائن جي وچ ۾ هو. جنڪ عوام دوست ۽ منصف مزاج بادشاهه هو، هو پنهنجي مذهب جو عالم به هو. قصي ۾ کيس آسماني مخلوق بڻايو ويو آهي. سيتا تمام خوبصورت هئي، سندس حسن جي ڪري تمام گهڻا شهزادا هن کي حاصل ڪرڻ چاهين پيا پر بادشاه جنڪ اهو شرط رکيو ته جيڪو شهزادي رونا (ديوتا) ڏانهن ڪمان مان تير هلائي سگهندو، سيتا جي شادي ان سان ٿيندي. ڪوبه به شهزادو اهو شرط پورو نه ڪري سگهيو ڇو ته اهو ڪمان تمام وڏو هو جنهن کي اٺن ڦيٿن واري رٿ تي آندو ويو هو.
رام ان ڪمان کي تمام سولائيءَ سان ائين کنيو ڄڻ اهو ڪو گل هجي. اهو ڏسي جنڪ بادشاهه اعلان ڪيو ته رام جي شادي سيتا سان ٿيندي. رام جو والد جنڪ جو دوست هو، کيس ان واقعي جو اطلاع ڏنو ويو ۽ رام سان سيتا جي شادي ٿي وئي پر رام پنهنجي پيءُ جي واعدي مطابق بنواس وٺڻ جو ارادو ڪيو. لڪشمڻ ۽ سيتا به رام سان وڃڻ جو ارادو ڪيو. لڪشمڻ کي ان واقعي تي تمام گهڻو غصو هو ته وڏو ڀاءُ جهنگ ۾ هليو وڃي ۽ ننڍو ڀاءُ حڪومت ڪري پر هو رام جي ارادي ۽ وفا سبب مجبور هو. لڪشمڻ جي والده سومترا بادشاه کي تسلي ڏني ته رام هڪ ڏينهن چوڏهين جي چنڊ وانگر واپس ايندو.
ايوڌيا جا ماڻهو رام سان تمام گهڻي محبت ڪندا هئا. هنن رام کي گهڻو روڪيو پر هن چيو ته هو پنهنجي پيءُ سان ڪيل واعدو نڀائيندو. رام بنواس جي پهرين رات تمس دريائ جي ڪناري گذاري. لڪشمڻ رام ۽ سيتا جي لاءِ ڪجهه گاهه زمين تي وڇايو ۽ پاڻ سڄي رات پهرو ڏيندو رهيو. صبح جو رٿ سان تمس درياءَ پار ڪيو ۽ حڪومت جي سيڪريٽري سومنتر کي واپس وڃڻ جو حڪم ڏنو. تمس دريائ جي ڪناري گهڻا شهري ستل هئا، جڏهن انهن کي خبر پئي ته سومنتر واپس هليو ويو آهي ته اهي به انتهائي ڏک، غصي ۽ افسوس سان ايوڌيا واپس هليا ويا.

[b]بنواس جي سفر جا اهم واقعا
[/b] رام، لڪشمڻ ۽ سيتا ٽيئي پنهنجي رٿ تي سفر ڪندي گنگا نديءَ تائين پهچي ويا ۽ رات اتي ئي گذاريائون. علائقي جو سردار رام جي اچڻ جو ٻڌي پنهنجي شاهي اٽالي سان استقبال جي لاءِ آيو. هو گنگا ڪناري آباد قبيلن جو سردار هو، انڪري هو گهڻو طاقتور ۽ اقتدار وارو هو. هن رام جي خدمت ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي. رام هن کي ندي پار ڪرڻ خاطر ٻيڙي آڻڻ لاءِ چيو. ملاحن ٽنهي کي گنگا جي ڪناري تي لاٿو، هاڻي هو اتي اڪيلا هئا، اها رات گنگا ڪناري گذاري صبح جو سوير ڀردواج جي آشرم ڏانهن روانا ٿي ويا ۽ سج لهڻ تائين اتي پهچي ويا. رام رشي ڀردواج جو شڪريو ادا ڪندي هن کان پڇيو ته هو پنهنجي بنواس جا ڏينهن ڪهڙي جڳهه تي سڪون سان گذاري سگهن ٿا.

[b]چتر ڪوٽ
[/b] رام، ڀردواج رشيءَ وٽ رات گذاري ۽ صبح جو سندس دعائن سان چترڪوٽ واري جبل جي ڳولا ۾ روانو ٿي ويو. ٽنهي رشيءَ جي هدايت تي سختيءَ سان عمل ڪيو ۽ ڪالندي (جمنا) نديءَ جي ڪناري پهچي ويا. هنن ندي پار ڪرڻ لاءِ وڻن ۽ لامن جي مدد سان هڪ ترهو جوڙيو ۽ ان تي چڙهي ندي پار ڪئي. ڪجهه وڌيڪ نديون پار ڪرڻ کانپوءِ هو هڪ وڏي وڻ تائين پهچي ويا جنهن جو رشيءَ ساڻن ذڪر ڪيو هو. هنن سفر مان تمام گهڻو مزو ورتو ۽ رات نديءَ جي ڪناري گذاريائون.
ٻئي ڏينهن صبح جو عبادت کانپوءِ رشي ڀردواج جي ٻڌايل رستي تي هلي پيا. بهار جي موسم هئي. جهنگ ۾ هر طرف گلن ۽ وڻن جون ٽاريون ميون سان ڇِنجهه هيون. هنن کي پري کان چترڪوٽ جو جبل نظر آيو. رام جهنگ جي تعريف ڪئي ته ان ۾ ميوا گهڻي مقدار ۾ موجود آهن ۽ ان ۾ جوڙيل آشرم ۾ رشي رهندا هئا.
ان کانپوءِ لڪشمڻ پنهنجي ذهانت ۽ تجربي سان پنهنجي لاءِ آشرم جوڙيو. ٽيئي ماليوتي نديءَ جي ڪناري تي چترڪوٽ جي خوبصورت جبل ويجهو جهوپڙيءَ ۾ بي فڪر ٿي ڏينهن گذارڻ لڳا. هو روز عبادت ڪندا هئا ۽ اهو وساري ڇڏيو هئائون ته اهي جلاوطن ڪيا ويا آهن.
سومترا دسرٿ جي سيڪريٽري سومنتر کي حڪم ڏنو ته هو واپس ايوڌيا هليو وڃي. سومنتر جڏهن ايوڌيا ۾ داخل ٿيو ته هر طرف مايوسي ۽ خاموشي هئي. ماڻهن روئندي، رڙيون ڪندي رٿ کي گهيري ورتو ۽ پڇيو ته هو رام، سيتا ۽ لڪشمڻ کي ڪٿي ڇڏي آيو آهي. هن چيو ته رام گنگا پار ڪري ويو ۽ پيرين پنڌ جهنگ ڏانهن هليو ويو. ماڻهو روئندا رهيا. سومنتر رٿ کي شاهي محل آڏو روڪيو. هتي به ماڻهن جو هجوم گڏ ٿي ويو، سومنتر پريشاني واري حالت ۾ ملڪه جي ڪمري ۾ داخل ٿيو. بادشاهه مرڻينگ حالت ۾ زمين تي ليٽيل هو.
رام جي والده ڪوشليه ڏک ۽ ڪاوڙ برداشت نه ڪري سگهي، هن بادشاه کي گهٽ وڌ ڳالهايو۽ چيو ته هن جي حڪم سان اها سڄي تباهي آئي آهي. دسرٿ اکيون کوليون ته سومنتر کيس رام جو پيغام ٻڌايو. سومنتر ملڪه ڪوشليه کي دلاسو ڏنو ۽ صبر کان ڪم وٺڻ لاءِ چيو.
بادشاهه ملڪه ڪوشليه کي اهو واقعو ٻڌايو، جنهن جي گناهه سبب کين ڪري انهن کي اها تڪليف پهتي هئي. پوءِ بادشاه بي هوش ٿيو ته صبح جو سوير معمول مطابق ڀڄن وارا هن جي ڪمري ۾ کيس جاڳائڻ آيا پر هنن ڏٺو ته بادشاه جو روح پرواز ڪري چڪو آهي. جلدي اها خبر ڦهلجي وئي ۽ سڄو محل سوڳوار ٿي ويو، ڪوشليه ڏک ۾ دسرٿ جي لاش کي چنبڙي ويئي. محل جي ماڻهن هن کي وڏي ڪوشش سان بادشاه جي لاش کان الڳ ڪيو.

[b]ڀرت جو اچڻ
[/b] رام ۽ لڪشمڻ ته جهنگ ۾ ئي هئا. جڏهن ته ڀرت ۽ شتروگن گهڻو پري مامن وٽ هئا، انڪري آخري رسمون ادا نه پيون ڪري سگهجن. ڀرت کي گهرائڻ لاءِ وفد موڪليو ويو ۽ بادشاهه جي لاش کي محفوظ رکڻ جي لاءِ تيل ۾ ٻوڙيو ويو. محل جي انتظاميه، وزيرن ۽ ٻين ڏاهن چيو ته ائين لڳي ٿو ته سڄو ملڪ اونداهيءَ ۾ ٻڏي ويو آهي. ڌرم کي خطرو آهي انڪري ضروري آهي ته ڪنهن بادشاه کي ڳوليو وڃي. تمام جلد سونهان قاصد گهرايا ويا. وڏي سفر جي تياريءَ بعد کين وڏن اٽالن سان تيز رفتار گهوڙن تي ويهاري روانو ڪيو ويو. اهي جهنگ پار ڪري ڪيڪه پهتا جيڪو موجوده پنجاب ۾ ڪٿي آهي.
ڪيڪه جي بادشاه کي قاصدن جي اچڻ جو اطلاع ڏنو ويو، ڪيڪه جي بادشاه ۽ هن جي پٽن يڌ ۽ اجيت قاصدن کي گهڻي عزت ڏني، هنن بادشاه ۽ شهزادن کي سلام ڪري ڀرت کي اهو پيغام ٻڌايو ته پروهتن ۽ وزيرن توهان کي آشير واد ڏنو آهي ۽ توهان کي جلدي ايوڌيا واپس وڃڻ جي درخواست ڪئي آهي. اتي اوهان جي سخت ضرورت آهي.
ڀرت پنهنجن مامن ۽ ناني کان واپس ايوڌيا وڃڻ جي اجازت گهري. ڪراڙي بادشاهه ۽ سندس پٽن پنهنجي ملڪ جون قيمتي شيون گڏ ڪيون. اهي دسرٿ بادشاه ۽ رام جي لاءِ تحفي ۾ ڏنيون. ڀرت ۽ شتروگن پنهنجي اٺن تي سوار ٿيا ۽ وڏي شاهي اٽالي سان ايوڌيا ۾ داخل ٿيا. ڀرت باب الفتح کان شهر ۾ داخل ٿيو. سڄو شهر ويران ۽ اداس هو. ماڻهن جا منهن لٿل هئا. هر پاسي ڏک ۽ افسوس واري حالت هئي. ڀرت سوچيو ته شهر تي ڪا آفت آئي آهي. هو محل ۾ داخل ٿيو. ماءُ کيس پيار ڪيو ۽ پيشاني چمڻ بعد بادشاه جي وفات جي خبر ٻڌائي.
ڀرت اهو ٻڌي صدمي ۾ زمين تي ڪري پيو، پوءِ هن کي رام، سيتا ۽ لڪشمڻ جي جهنگ ڏانهن وڃڻ جو به اطلاع ڏنو ويو، جنهن کي ٻڌي هو سڪتي جي ڪيفيت ۾ اچي ويو. ڪيڪئي چيو ته مرڻ وقت بادشاه جي زبان تي هاءِ رام، سيتا ۽ لڪشمڻ جا لفظ هئا. هن چيو ته منهنجو پٽ رام، سيتا ۽ لڪشمڻ سنياسين وارا ڪپڙا پائي جهنگ ڏانهن هليا ويا. ڀرت جي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته رام کان اهڙو ڪهڙو ڏوهه ٿيو جنهن جي ڪري هن کي جلاوطن ڪيو ويو. سندس والده کيس سڄو قصو ٻڌايو ته بادشاهه پنهنجي واعدي مطابق رام کي چوڏهن ورهين جي لاءِ بنواس ڏنو. والده ڀرت کي چيو ته هاڻي روئڻ مان ڪو فائدو نه آهي. تون ڌرم کي مڃين ٿو. تنهنجو فرض آهي ته بادشاهه جي ذميواري کڻ. مان اهو سڀ ڪجهه تنهنجي لاءِ ڪيو آهي، تون کتري آهين ۽ پيءُ جي سلطنت توکي ورثي ۾ ملي آهي. باهه ٻار ۽ تاجپوشيءَ جي تياري ڪر.
ڪيڪئي جي سازش جي ناڪامي
هاڻي ڀرت کي سڀ ڪجهه سمجهه ۾ اچي ويو ۽ هن پنهنجي ماءُ جي هٿان ٿيل ظلم کي ڄاڻي ورتو. ڀرت روئيندي بادشاهت سنڀالڻ کان انڪار ڪيو ۽ ماءُ کي سازش ڪرڻ تي سخت لهجي ۾ گهٽ وڌ ڳالهايو. ڀرت چيو”منهنجي پيءُ ۽ پنهنجي مڙس جي قاتل، تون هڪ نيڪ بادشاهه اشوپتي جي ڌيءُ نه آهين، تون شيطان آهين، مان آخري رسمن جي ادائگيءَ کانپوءِ جهنگ ۾ وڃي رام جي پيرين پئي کيس سلطنت ۾ واپس وٺي ايندس، ان کانپوءِ جهنگ ۾ سنياسين واري زندگي گذاريندس.“
ياد رهي ته ڀرت جو ڪردار نيڪيءَ وارو هو. اتر جي ڳوٺن ۾ ماڻهو چتر ڪوٽ ۾ رام ۽ ڀرت جي ملاقات جي ياد ۾ هڪ ساليانو ميلو مچائيندا آهن. سندن خيال ۾ رامائڻ جو اهو حصو تمام مقدس آهي. انهن زمانن ۾ اهڙا عظيم ۽ اعليٰ ماڻهو پيدا ٿيندا رهيا آهن جن جي نيڪين اونداهي دنيا کي روشن ڪيو.
ڪوشليه جو خيال هو ته ڀرت تخت حاصل ڪرڻ لاءِ واپس آيو آهي، انڪري هن ڀرت کي چيو ته سلطنت سنڀال ۽ خوشيون ملهاءِ. ڪوشليه جي انهن لفظن ڀرت جي دل تي گهڻو اثر ڪيو ۽ هو بي هوش ٿي ويو. هوش ۾ اچڻ کانپوءِ هو ڪوشليه ماءُ کان ڪاوڙ جي ويو. هن هٿ مٿي کڻي دعا گهري ته جيڪڏهن آءٌ اِن سازش جو حصو ٿيان ته سڀني انسانن جا گناه منهنجي کاتي ۾لکيا وڃن. ڀرت جي صاف دليءَ ڪوشليه جو شڪ ختم ڪيو، هن وڏي پيار سان ڀرت کي زمين تان اٿاريو ۽ هن جو مٿو پنهنجي هنج ۾رکيو.
بادشاهه جون آخري رسمون ادا ڪيون ويون. ويشنهه ۽ ٻين عالمن ۽ بزرگن ڀرت ۽ شتروگن کي شاسترن جي ذريعي تسلي ڏني. وزيرن بادشاهه جي ڪرياڪرم بعد چوڏهن ڏينهن کانپوءِ راج سڀا گهرائي ۽ ڀرت کي چيو ته بادشاه ۽ رام کانپوءِ هن ملڪ ۽ سلطنت کي تنهنجي ضرورت آهي. تاجپوشيءَ جون تياريون مڪمل آهن، سڀ تنهنجي رضامندي چاهين ٿا، تون ئي سچائي ۽ ايمانداريءَ سان حڪومت ڪري سگهين ٿو.
ڀرت چيو ته اسانجي خاندان ۾ تاج ۽ تخت جو وارث وڏي پٽ کي سمجهيو ويندو آهي. مان جهنگ ۾ وڃي رام، سيتا ۽ لڪشمڻ کي واپس آڻيندس. مهرباني ڪري ان سفر جي لاءِ ماڻهو، سامان ۽ رستو تيار ڪيو. ڀرت جي ان ارادي سان سڀني کي خوشي ٿي.
ڀرت سان وڃڻ لاءِ فوج ۽ هڪ وڏو حفاظتي اٽالو تيار ڪيو ويو، مزدورن جي فوج رستو ٺاهڻ جي لاءِ رواني ٿي وئي. سفر جي تيارين باوجود ويشنهه راج سڀا گهرائي ۽ وزيرن کي ڀرت جي محل ۾ موڪليو، جن کيس ٻڌايو ته هيءَ سلطنت تنهنجي پيءُ ۽ رام جي طرفان توکي ڏني وئي آهي. قديم رواج مطابق ان کي قبول ڪري، اسان جي حفاظت ڪيو. ان جي باوجود ڀرت وڏي عزم سان تاجپوشيءَ کان انڪار ڪيو.
شڪاري بادشاه گوها هڪ وڏي فوج کي ڏسي جهنڊي تي وڻ جي نشان مان اهو اندازو لڳايو ته اها ايوڌيا جي فوج آهي. گوها احتياط طور پنهنجي فوج جا دستا متعين ڪيا ۽ چيو ته جيڪڏهن اچڻ وارا رام جا حامي آهن ته کين درياءُ پار ڪرڻ ۾ مدد ڏني وڃي، نه ته انهن کي درياءُ پار ڪرڻ نه ڏنو وڃي. هو پاڻ ڀرت سان ملڻ لاءِ هن وٽ ويو ۽ پنهنجو شڪ ظاهر ڪيائين پر پوءِ هن کي يقين ٿي ويو ته ڀرت رام کي واپس آڻڻ جي لاءِ نيڪ ارادو رکي ٿو. ان تي هن اها جڳهه ٻڌائي جتي رام، سيتا ۽ لڪشمڻ رهن پيا. فوج جا ماڻهو سمهي پيا ۽ گوها ڪمان کڻي سڄي رات پهرو ڏيندو رهيو. صبح ٿيو ته گوها ٻڌايو ته ڪشتين جو وڏو ٻيڙو درياءَ پارڪ ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي، اهڙي نموني سڀ درياءَ پار ڪري ويا. ڀرت ۽ ان جي فوج پهريان آشرم ڏانهن وئي. ڀرت سان ڳالهه ٻول ۾ رشيءَ جا سڀ شڪ ختم ٿي ويا، رشيءَ سڄي فوج کي کاڌو کارايو ۽ سڀ سمهي رهيا.
صبح جو رشيءَ ڀرت کي ٻڌايو ته هتان اڍائي يوجن جي فاصلي تي منڌاڪني ندي (گنگا جو ٻيو نالو) وهندي آهي. ان جي ڪنارن تي غير آباد جهنگ آهي جنهن جي ڏکڻ ۾ چترڪوٽ جو جبل آهي. ٽنهي راڻين يعني ڪوشليه، سومترا ۽ سندس ماءُ ڪيڪئي رشيءَ کان اجازت ورتي. ڀرت ۽ ان جو شاهي دستو روانو ٿيو، هلندي هلندي کين جهنگ ۾ هڪ طرف چترڪوٽ جو جبل نظر آيو. ان تي اٽالي ۾ شامل ماڻهن خوشيءَ مان نعرا هنيا.

[b]ڀائرن جي ملاقات
[/b] رام، سيتا کي جهنگ جي خوبصورت گلن ۽ وڻن جي باري ۾ ٻڌايو ۽ چيو ته هو هتي گهڻو خوش آهي. هن کي پنهنجي پيءُ سان ڪيل واعدو وفا ڪرڻ جي به خوشي هئي. هن ڄاتو ته ڪا فوج هنن ڏانهن اچي رهي آهي ۽ اهو به پتو پيو ته اها ڀرت جي فوج آهي ۽ هو کين قتل ڪرڻ لاءِ اچي رهيو آهي. ڀرت، رام کي سڄي سازش وائکي ڪري ٻڌائي ۽ پنهنجي ارادي کان به آگاه ڪيو ته هو کيس واپس وٺڻ لاءِ آيو آهي جيئن هو تخت ۽ تاج سنڀالي جيڪو هن جو خانداني حق آهي.

[b]ڀرت رام جي نائب جي حيثيت سان
[/b] چار ئي شهزادا ۽ ٽيئي راڻيون وري هڪ هنڌ گڏ ٿيا. ان تي سڀ خوش هئا، ويشنو رشي کين رام جي جهوپڙيءَ ۾ وٺي ويو ۽ ڏٺائين ته ٽئي زمين تي ليٽيل هئا. هاڻي سڀ ماڻهو ان انتظار ۾ هئا ته ڀرت ڇا ٿو چوي ۽ رام ڪهڙو جواب ٿو ڏئي .
رام، ڀرت کي چيو ته اسان کي پنهنجي پيءُ جو فيصلو ڪرڻ گهرجي. هن مونکي بن واس ڏنو ۽ توکي سلطنت ڏني. اسان کي اهي فرض ادا ڪرڻ گهرجن جيڪي اسان جي عزت واري ۽ شفيق پيءُ اسان کي سونپيا آهن پر ڀرت انڪار ڪيو ته رام اٽل ارادو ڏيکاريندي چيو ته”منهنجا ڀاءُ، اهو صحيح نه آهي، مٿي اٿ ۽ ايوڌيا وڃي پنهنجا فرض سنڀال. کتري ڌرم سان ٻه اکيائي نه ڪر!“ سڀني ماڻهن چيو ته رام ايوڌيا واپس نه ويندو، انڪري هن تي وڌيڪ دٻاءُ وجهڻ مناسب نه ٿيندو.
ان ئي گهڙي ويشنو رشيءَ کي هڪ حل سمجهه ۾ آيو ته ڀرت، رام جي نائب جي حيثيت سان سلطنت سنڀالي، ان سان مٿس ڪوبه الزام نه ايندو. ان تي ڀرت هن کي چيو ته هو پنهنجا جوتا ڏئي، اهي تنهنجي واپسي تائين حڪومت ڪندا ۽ چوڏهن ورهين تائين آءٌ شهر کان ٻاهر رهي تنهنجي جڳهه تي حڪومت ڪندس. رام ان فيصلي کي مڃي ورتو ۽ پنهنجي پيرن جا جوتا ڀرت کي ڏنا ۽ ڀرت اهي جوتا مٿي تي رکيا.
ڀرت ايوڌيا واپس اچي ويو. ٽنهي راڻين کي سندن محل ۾ ويهاريو، ۽ کين چيو ته هو پنهنجي عظيم ڏک سان شهر کان ٻاهر رهندو ۽ رام سان ڪيل واعدي مطابق حڪومت ڪندو. هن راج سڀا ۾ حلف کڻي بيان ڪيو ته ”سلطنت رام جي آهي، مان پنهنجي ڀاءُ جي جڳهه تي سندس جوتا رکيا آهن.“ اهڙي نموني ڀرت وزيرن جي مدد سان حڪومت ڪندو رهيو.
ڀرت جي وڃڻ کانپوءِ رام چترڪوٽ ڇڏي ڏنو ۽ نئين رهائش جوڙڻ جي لاءِ رشي اتري جي آشرم ۾ ويو. رشيءَ هن جي گهڻي آءُ ڀڳت ڪئي. هن جي گهر واري انسوئيه سان سيتا جي تمام گهڻي دوستي ٿي وئي، انسوئيه پاڪيزه عورت هئي. هو رستو معلوم ڪري هتان هليا ويا.
عظيم ڊنڊي جهنگ مان گذرندي هو هڪ جڳهه تي پهتا جتي ڪافي رشي رهندا هئا. کين پتو پئجي ويو ته هيءُ پاڪ انسانن جو ڳوٺ آهي. رشين هنن کي ڏنو ته سندن تمام گهڻي تعظيم ڪيائون. ٻئي صبح تي وري جهنگ ڏانهن هليا ويا. هاڻي جهنگ وڌيڪ گهاٽو هو ۽ هر طرف وحشي درندا نظر اچي رهيا هئا.

[b]ڏهه ورهيه گذرڻ کانپوءِ
[/b] ڏهه ورهيه رام، سيتا ۽ لڪشمڻ ان گهاٽي ۽ وسيع جهنگ ۾ رشين جي مهمانداريءَ ۾ گذاريا. رشين جا تمام گهڻا آشرم هئا. جهنگ تمام خوبصورت هو. رام ڏهه ورهيه اهڙي نموني راحت ۽ سڪون ۾ گذاريا. بنواس جا ڏينهن ٿورا رهجي ويا ته رام کي رشي آگستيه جي درشن جي خواهش پيدا ٿي، جيڪو ڏکڻ ۾ رهندو هو. هي به اتري وانگر وڏو رشي هو.
ٻن راڪاسن داتاپتي ۽ الوالا رشين کي تپائي کنيو هو. رام پهرين آگستيه جي ڀاءُ وٽ پهتو ۽ ان جو آشيرواد ورتو، جتان پوءِ ڏکڻ ڏانهن آگستيه جي علائقي ۾ پهچي ويو. اتي هر طرف روشني هئي، پکي ۽ جانور بنا ڪنهن خوف جي برهمڻن جي وچ ۾ گهمي رهيا هئا. رام، لڪشمڻ جي ذريعي رشيءَ کي اطلاع ڏنو ته هو سندس آشيرواد وٺڻ آيو آهي.
آگستيه هن جو گرمجوشيءَ سان آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ چيو ته بنواس جو وقت ختم ٿيڻ تائين هتي رهو، هي علائقو راڪاسن کان محفوظ آهي. رام جواب ڏنو ته مان ڊنڊي جهنگ جي رشين کي تحفظ ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي. توهان جو آشيرواد وٺڻ کانپوءِ واپس وڃڻ چاهيان ٿو. رشيءَ رام کي هڪ ڪمان ۽ ڪڏهن خالي نه ٿيڻ وارو ترڪش ڏنو ۽ چيو ته هو ان جي مدد سان راڪاسن کي ختم ڪري.
رشيءَ رام کي چيو ته بنواس جو باقي حصو پنج وتي (گوداوري دريائ وٽ هڪ جڳهه جو نالو، جتي پنجن قسمن جي وڻن جي ڪري ان کي پنج وتي چيو ويندو آهي) ۾ گذاري، اها تمام سهڻي جڳهه آهي. هن کيس سيتا جي حفاظت جي تاڪيد ڪئي.
هتي هڪ ڳالهه جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي ته سيتا رام کي چيو ته هن رشين جي حفاظت جي ذميواري کڻي غلطي ڪئي آهي، ڇو ته سنياس وٺڻ کانپوءِ رت وهائڻ جائز نه آهي پوءِ اهو رت راڪاسن جو ڇو نه هجي. رام چيو ته کتريءَ جو اهو فرض آهي ته هو مظلوم جي مدد ڪري. ڏس، جهنگ ۾ هِتي هُتي هڏين جا ڍير لڳا پيا آهن جيڪي راڪاسن جي ماريل ماڻهن جا آهن. هنن ڪيترن ئي انسانن کي ماري سندن سر جسم کان جدا ڪيا آهن، ڇا انهن عبادتگذارن جي حفاظت ۽ مدد ڪرڻ ڌرم نه آهي. هو انهن رشين کي راڪاسن کان ضرور بچائيندو.

[b]راوڻ جي ڀيڻ
[/b] رام کي پنج وتيءَ جي آبهوا تمام گهڻي پسند آئي ۽ هن لڪشمڻ کي هتي آشرم جوڙڻ لاءِ چيو. لڪشمڻ تمام سهڻو ۽ آرام وارو آشرم جوڙيو. هو، ڀر وارن جبلن جو سير ڪندا، ندين ۾ وهنجندا ۽ عبادت ڪندا رهيا. هڪ ڏينهن آشرم ۾ ويهي ڳالهيون ڪري رهيا هئا ته هڪ تمام بدصورت عورت وٽن آئي. رام هن کي ٻڌايو ته هو دسرٿ بادشاهه جو پٽ آهي. ساڳئي وقت هن کيس هتي اچڻ جو سبب به ٻڌايو.
روپ نکا چيو ته هوءَ رام تي عاشق ٿي پئي آهي ۽ سندس زال بڻجڻ چاهي ٿي. رام هن کي چيو ته مان شادي شده آهيان ۽ منهنجي زال مون سان گڏ آهي. منهنجو ڀاءُ لڪشمڻ مرد به آهي ۽ اڪيلو به آهي. تون اُن جي ساٿياڻي بڻجي وڃ. هن لڪشمڻ کي چيو: اچ منهنجا راجه، جهنگ ۾ گهمون. هن سيتا کي ڏسي چيو ته هيءَ اسان جي وچ ۾ رڪاوٽ آهي، مان ان کي ختم ڪري ڇڏينديس. رام سيتا کي پنهنجي حفاظت ۾ ورتو ۽ لڪشمڻ کي چيو ته انهي ڏانئڻ کي منهن ڏئي. لڪشمڻ جلدي تلوار ڪڍي ۽ هن کي ڌڪي ٻاهر وٺي ويو. هوءَ رڙيون ڪندي جهنگ ۾ گم ٿي وئي ۽ ڪهر جيڪو راوڻ جو دوست هو ان کي سڄو قصو ٻڌايو. ڪهر غصي ۾ اٿي بيٺو ۽ پنهنجي سالارن کي حڪم ڏنو ته رام ۽ لڪشمڻ کي قتل ڪري هنن جا لاش منهنجي آڏو آڻيو ۽ سيتا کي گهلي وٺي اچو. سالار ان حڪم جي پورائي لاءِ روانا ٿي و يا.

[b]ڪهر جي تباهي
[/b] روپ نکا ڪهر جي چوڏهن سالارن کي وٺي رام جي آشرم ۾ آئي. رام صورتحال کي سمجهي ورتو. سيتا جي حفاظت لڪشمڻ جي حوالي ڪري پاڻ ڪمان سنڀاليائين. رام سالارن کي چيو ته اسان هن جهنگ ۾ رشين جي دشمنن کي تباهه ڪرڻ آيا آهيون، پر جنگ ٿي وئي. رام پنهنجي تيرن سان انهن سالارن کي ختم ڪيو. روپ نکا رڙيون ڪندي وري ڪهر ڏانهن وئي ۽ ان کي صورتحال جي ڄاڻ ڏنائين. ڪهر هڪ وڏي فوج وٺي ويو. لڪشمڻ سيتا کي وٺي غار ڏانهن هليو ويو.
ڪهر جي فوج صف بنديءَ سان نوبت وڄائيندي اڳتي وڌي. رام تيرن سان فوج کي ڇني ڇڏيو ۽ اها مڪمل تباهه ٿي وئي. دوشن (فوجن جو سالار) ٻيهر فوج وٺي آيو، پر جلدي رام جي تيرن، گهوڙيسوارن ۽ رٿ تي آيلن کي ڍير ڪري ڇڏيو. دوشن به مارجي ويو. هاڻي ڪهر پاڻ مقابلي لاءِ آيو ۽ ٻنهي طرفن کان تير جو وسڪارو شروع ٿي ويو. رام جي زرهه چيرجي وئي. هاڻي رام وشنوءَ واري ڪمان کنئي ۽ ڪهر جي رٿ ۽ ڪمان کي ناڪاره ڪري ڇڏيو. ڪهر نيزو کڻي حملو ڪيو، رام ڪهر کي چيو ته تون جهنگ ۾ رياضت ۽ عبادت ڪرڻ وارن کي ستائين ٿو ۽ راڪاسن کي ختم ڪرڻ منهنجو فرض آهي. هن پنهنجي نيزو رام ڏانهن اڇليو، رام جي تير ان کي ٽڪرا ڪري ڇڏيو، رام هن تي تير وسايا پر هو زخمي حالت ۾ رام ڏانهن وڌيو، رام تير هن کي سيني ۾ هڻي ختم ڪري ڇڏيو.

[b]سيتا جو اغوا
[/b] پنج وتيءَ جي جنگ واري ميدان مان ڀڄڻ وارن ۾هڪ اڪمين به هو. هن لنڪا وڃي راوڻ کي تباهيءَ جي سڄي ڳالهه ٻڌائي. راوڻ کي خبر پئي ته دسرٿ جو پٽ رام پنج وتيءَ ۾ موجود آهي. راوڻ رام کي تباهه ڪرڻ جي لاءِ اٿيو ته اڪمين هن کي رام جي طاقت جي باري ۾ ٻڌايو ۽ چيو ته رام کي مارڻ جو هڪ ئي طريقو آهي ته هن جي زال سيتا کي اغوا ڪيو وڃي. اهڙي مشوري بعد هو جنگ جو خيال دل مان ڪڍي اغوا جي منصوبي تي سوچڻ لڳو.
راوڻ ماريڇ وٽ پهتو ۽ کيس رام جي طاقت ۽ ڪهر جي تباهيءَ جي ڪهاڻي ٻڌائي. ماريڇ راوڻ کي سيتا کي اغوا نه ڪرڻ جو مشورو ڏنو ۽ هن کي چيو ته سيتا جو اغوانه صرف تنهنجي پر سموري راڪاس نسل جي تباهيءَ جو باعث بڻبو، ان کان مڙي وڃ. راوڻ ماريڇ جو مشورو مڃي ورتو ۽ واپس لنڪا هليو ويو. راوڻ پنهنجي درٻارين جي آڏو تخت تي ويٺو هو ته هن پنهنجي ڀيڻ روپ نکا کي زخمي حالت ۾ ڏٺو. هن سڀني درٻارين کي تمام نفرت ڀريل لفظن ۾گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ ڪهر جي تباهيءَ جو نقشو هنن جي آڏو آندو ۽ چيو ته اڪيلي رام ايتري وڏي فوج کي تباهه ڪري ڇڏيو! راوڻ پنهنجي ڀيڻ جي اهڙي حالت ڏسي ڪاوڙ ۾ آيو ۽ کانئس رام جي باري ۾ پڇيو ته هو ڪير آهي. هن ٻنهي جي طاقت جي باري ۾ ٻڌايو ۽ سيتا جي خوبصورتي ۽ حسن جي باري ۾ وڌاءَ کان ڪم ورتو. جنهنجو اصل مقصد راوڻ جي دل ۾ حسد جي باهه ڀڙڪائڻ هو، راوڻ اهو ٻڌي درٻار کي ختم ڪيو ۽ اڪيلائپ ۾ معاملي تي غور ڪرڻ لڳو. پوءِ ماريڇ وٽ وڃي کيس چيو ته تون هڪ سونهري هرڻ جو روپ ڌاري آشرم جي آسپاس گهمجان، سيتا توکي پڪڙڻ جي لاءِ رام ۽ لڪشمڻ کي چوندي ۽ اهي توکي پڪڙڻ لاءِ تنهنجو پيڇو ڪندا ته مان اڪيلائپ ۾ وڃي سيتا کي اغوا ڪري ايندس. ماريڇ دل برداشته ٿي راوڻ جو چيو مڃيو ۽ هڪ خوبصورت هرڻ جو روپ ڌاريو. ان وقت سيتا جهنگ ۾ گل چونڊي رهي هئي، هن رام ۽ لڪشمڻ کي پڪاريو، پر لڪشمڻ کي شڪ ٿيو ته هي ڪو عام هرڻ نه آهي ۽ ڪنهن راڪاس ان جو روپ ورتو آهي، سيتا جي التجائن کي هو نظر انداز نه ڪري سگهيا ۽ هرڻ کي پڪڙڻ جي لاءِ جهنگ ۾ پري تائين هليا ويا. ايتري ۾ راوڻ سيتا کي اڪيلو ڏسي اغوا ڪري ورتو ۽ هن کي پنهنجي محل ۾ کڻي آيو.
(هن قصي ۾ ديومالائي عنصر موجود آهي. اصل ۾ راوڻ سيتا کي اڪيلو ڏسي اغوا ڪيو. رام ۽ لڪشمڻ جهنگ ۾ هئا ۽ راوڻ هڪ سنياسيءَ جو روپ ڌاري هن کان پاڻي ۽ کاڌو گهريو هو).
سيتا کي قلعي ۾ قيد ڪيو ويو ته جيئن اهو پتو نه پئجي سگهي ته هوءَ ڪٿي آهي. راوڻ صورتحال جي خبر لهڻ لاءِ پنهنجا ماڻهو آشرم ڏانهن موڪليا ۽ سيتا کي راضي ڪرڻ لاءِ منٿون ڪرڻ لڳو، وري سيتا کي خوبصورت هيرا، جواهر، ريشم جا ڍير، رٿ، مينار ۽ محل جي خوبصورتي ڏيکاري. هزارين ٻانهيون سيتا کي ريجهائڻ لاءِ آيون پر مٿس ان جو ڪوبه اثر نه ٿيو.
هن سيتا کي ٻڌايو ته شهر جي چوڌاري چار هزار ميلن تائين سمنڊ آهي جنهن تي هزارين جنگجو پهرو ڏئي رهيا آهن. انڪري رام جو هتي پهچڻ ناممڪن آهي، پر ڏکويل هجڻ جي باوجود سيتا ڪنهن خوف ۽ لالچ کي ويجهو اچڻ نه ڏنو.
رام ۽ لڪشمڻ ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سيتا کي ڳوليو پر ناڪام ٿيا. هنن کي ڪجهه نشانيون مليون جنهن مان هنن کي پتو پيو ته راوڻ سان گڏ ڪنهن ٻئي ماڻهو جنگ ڪئي آهي. هن قصي ۾ جٽايو نالي ماڻهوءَ کي پکي ظاهر ڪيو ويو آهي. هي به هندو ديومالائي ذهنيت جو مظاهرو آهي. جٽايو سيتا کي راوڻ جي پڪڙ مان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ زبردست جنگ ڪئي جنهن ۾ هو پاڻ به سخت زخمي ٿيو پر ڪامياب نه ٿي سگهيو. رام ۽ لڪشمڻ نشانيون ڏٺيون ۽ زخمي جٽايو هنن کي ٻڌايو ته سيتا کي راوڻ کڻي ويو ۽ هو پاڻ مري ويو آهي. رام ۽ لڪشمڻ چتا ٺاهي ۽ ان کي ساڙيو ۽ ڀڄن ڳاتا ۽ دعائون ڪيون.
جهنگ ۾ هڪ ديو قامت راڪاس سان مليا ۽ ان کي قتل ڪيائون، جنهن مرڻ وقت کين ٻڌايو ته پمپا نديءَ جي ڪناري تي رشد سوڪ جبل (دکن ۾ آهي) تي وڃو اتي توهان کي سيتا جو ڏس پتو ملي ويندو.
سوگريو شهزادي پنهنجي ڀاءُ کان جان بچائي اتي پناهه ورتي هئي ۽ خوفزده رهندو هو ته کيس ڪير قتل نه ڪري ڇڏي، هن رام ۽ لڪشمڻ کي ڏسي سمجهيو ته اهي کتري شايد هن جي ڀاءُ بالي موڪليا آهن پر هنومان جيڪو هن جو وزير اعليٰ هو، تنهن کيس تسلي ڏني ته اهي ماڻهو توکي مارڻ نه آيا آهن. رام هن جون ڳالهيون ٻڌي چيو ته هي ويدن جو استاد ۽ سانکيه فلسفي جو ماهر لڳي ٿو. رام هن کي ٻڌايو ته هو سوگريو سان ملڻ لاءِ آيا آهن. هنومان کولي ڳالهيون ڪيون ۽ هڪ ٻئي جي حالتن بابت معلومات ورتي. هاڻي هو ٽئي سوگريو سان ملڻ جي لاءِ هليا، هنومان سوگريو کي رام ۽ لڪشمڻ جي باري ۾ ٻڌايو ۽ ملاقات تي سوگريو پنهنجي زندگيءَ جي ڪهاڻي ٻڌائي. سوگريو رام جي ڏک کان واقف ٿيو. هن ٻڌايو ته اسان سيتا کي ڏٺو. ته هن هڪ ڪپڙي ۾ زيور ٻڌي هيٺ اڇليا ۽ اها ڳوٿري مون وٽ آهي. رام سيتا جا زيور سڃاڻي ورتا ۽ ڏکارو ٿيو. رام سوگريو سان واعدو ڪيو ته هو هن کي ڪش ڪنڌويه جي تخت تي ويهاريندو.
سوگريو کي پنهنجي سلطنت ۽ زال حاصل ڪرڻ جو اونو هو، هن کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته اهو ڪيئن ٿيندو. هن جي وزير اعليٰ هنومان کيس تسلي ڏني ته هو رام جي مدد سان ڪامياب ٿي ويندو.

[b]سوگريو جو رام تي ڀروسو ۽ بالي جو قتل
[/b] سوگريو کي رام جي طاقت تي شڪ هو ته هو بالي کي شا پر قتل نه ڪري سگهي. هن بالي جي طاقت جو وڌاءَ سان ذڪر ڪيو. رام ۽ لڪشمڻ ٻئي تيار ٿي ويا، منصوبو ٺاهيائون ته سوگريو پهريون وڃي پنهنجي ڀاءُ کي مقابلي جي دعوت ڏني. بالي قلعي مان ٻاهر نڪتو ۽ ٻئي ڀائر خوفناڪ انداز ۾ وڙهڻ لڳا. رام اهو ڏسي حيران ٿي ويو ته ٻئي ڀائر هم شڪل هئا. جڏهن سوگريو لڙائيءَ مان واپس آيو ته هن چيو ته رام هن جي مدد نه ڪئي، پر رام هن کي ٻڌايو ته هو ان سوچ ۾ هو ته ٻنهي مان ڪنهن کي سوگريو سمجهي ۽ ان جي مدد ڪري. هن لڪشمڻ کي چيو ته هڪ گل واري گهنٽي سوگريو جي ڳچيءَ ۾ ٻڌي ته جيئن پتو پوي ته سوگريو ڪير آهي ۽ بالي ڪير آهي.
سوگريو ٻيهر وڙهڻ جي دعوت ڏني. هاڻي هن جي زال تارا پنهنجي مڙس باليءَ کي ٻڌايو ته هن انگلا کان ٻڌو آهي ته سوگريو کي ناقابل شڪست ٻن شهزادن جي مدد شامل آهي. انڪري ڀاءُ سان صلح ڪر، پر بالي نه مڃيو ۽ ٻنهي ۾ جنگ شروع ٿي وئي. آخر ۾ بالي جي طاقت غالب اچڻ شروع ٿي ته رام سمجهيو ته هاڻي مدد جو وقت اچي ويو آهي. هن بالي جي سيني ۾ تير هنيو جنهن سان هو زخمي ٿي زمين تي ڪري پيو. هن جو خيال هو ته رام هن کي دوکي سان ماريو آهي، پر هو تير جي زخم سان مري ويو.
وانرن (جنهن کي هندو ذهنيت باندر ٺاهيو آهي) تارا کي چيو ته اسان تنهنجي پٽ انگلا کي بادشاه بڻائي قلعي جي حفاظت ڪنداسين. هنومان ان کي تسلي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.
لڪشمڻ رام جو پيغام کڻي سوگريو وٽ ويو، سوگريو شراب ۽ شباب ۾ رڌل هو. لڪشمڻ جڏهن وانر نگر کان اندر ويو ته هن جي خوبصورتي ۽ تهذيب ڏسي حيران ٿي ويو. لڪشمڻ خوبصورت جڳهن مان گذري شاهي محل جي آڏو اچي بيٺو. اندران ناچ گانن جو آواز اچي رهيو هو، تارا لڪشمڻ کي چيو ته سوگريو کي معاف ڪر. هن سڄي علائقي مان جنگجو وانرن کي گهرايو آهي، انهن جي پهچڻ سان ئي سيتا جي لاءِ راوڻ سان جنگ شروع ٿيندي. لڪشمڻ محل ۾ داخل ٿيو ته سوگريو اٿي بيهي هن جو استقبال ڪيو ۽ لڪشمڻ ۽ سوگريو رام ڏانهن روانا ٿيا ۽ هن کي سڀني انتظامن کان آگاه ڪيائون. جڏهن رام ۽ سوگريو پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري رهيا هئا ته سپاهين جا اٽالا پنهنجي سالارن جي اڳواڻيءَ ۾ اتي گڏ ٿيڻ لڳا (ان فوج کي هندو ديو مالائي ذهنيت باندرن ۽ رڇن جي فوج بڻايو آهي) سوگريو ان وڏي فوج کي خطاب ڪيو ۽ کين سندن رهائش گاهون ڏيکاريون، پوءِ هن ان لشڪر کي اٺن حصن ۾ ورهايو، هر حصي تي هڪ سالار مقرر ڪيو ۽ کين اٺن طرفن ڏانهن سيتا کي ڳولڻ لاءِ موڪليو ويو.

[b]ڳولا جي شروعات
[/b] سوگريو رام کي چيو ته انهي فوج کي ڏس! سڀ سورما تنهنجي ماتحت آهن ۽ تنهنجي حڪم جو انتظار ڪري رهيا آهن. رام سوگريو کي چيو ته فوج جي قيادت تون پاڻ ڪندين لڪشمڻ نه. تڏهن سوگريو پنهنجي ڪمانڊرن کي حڪم ڏنو ته هو سيتا کي ڳولڻ جي لاءِ پنهنجا اٽالا هندستان جي چئني پاسن ڏانهن موڪلين.
هنومان ۽ انگلا ونڌين (جبلن جو اهو سلسلو مڌيه پرديش ۽ ڏکڻ کي جدا ڪري ٿو) جي غارن ۽ جهنگن ۾ وڃي ڳولا شروع ڪئي. اهي هڪ صحرا ۾ پهتا، جتي هڪ رشي رياضت ۾ محو هو، وري هنن هڪ اسور (شيطان) کي ڏٺو، انگلا هن کي سنڌائتو ڌڪ هنيو. سپاهين سمجهيو ته راوڻ مري ويو آهي. صحرا ۾ ڀٽڪندي کين بک ۽ اڃ ستايو. پوءِ هڪ غار ڏٺائون جنهن جي ٻاهر پکي گهمي رهيا هئا. هنن کي شڪ ٿيو ته هتي پاڻي موجود آهي. اندر ويا ته انهن کي نخلستان نظر آيو. پاڻيءَ جي چوڌاري ميون وارا وڻ هئا، هتي وڏا وڏا محل هئا، گهٽيون تمام خوبصورت هيون. اڳتي ويا ته هڪ ڪراڙي راهبه کي ڏٺائون. هوءَ سنياسين جهڙو لباس پايو ويٺي هئي. هنومان هن وٽ وڃڻ جي جرئت ڪئي ۽ راهبه کي پنهنجي اچڻ جو مقصدا ٻڌايو، هن کانئس پڇيو ته اندر اچڻ جو رستو کيس ڪنهن ٻڌايو آهي. پوءِ هتان جي باري ۾ سڀ ڳالهيون ٻڌايون ته هيءَ جڳهه رشي ڪيشب لال جي اولاد جي معمار تعمير ڪئي هئي کائڻ پيئڻ کانپوءِ هنومان راهبه کي سڄي ڳالهه ٻڌائي. راهبه سويم پرڀا چيو ته هتان کان ڪير به ٻاهر نه وڃي سگهيو آهي پر تنهنجو مقصد عظيم آهي، انڪري تون اکيون بند ڪر، مان توکي ٻاهر ڪڍنديس. پوءِ جلدي هن پاڻ کي سمنڊ جي ڪناري تي ڏٺو ( هتان شري رام جي ڪهاڻيءَ ۾ هندو ذهنيت تمام گهڻو واڌارو ڪيو آهي.)
هتي هڪ ڳالهه سمجهڻ ضروري آهي ته هندو ذهنيت وارن سپاهين کي باندر ۽ رڇ وغيره بڻايو ۽ ٻڌايو ته سندن مدد سان شري رام راوڻ جو مقابلو ڪيو ۽ لنڪا کي فتح ڪيو. اها هڪ اهڙي ڳالهه آهي جنهن کي انساني ذهن ڪڏهن به تسليم نٿو ڪري سگهي.
وانر هڪ قبيلي جو نالو هو جنهن جو سردار سوگريو ۽ ان جو ڀاءُ هئا. سوگريو پنهنجي آسپس وارين ننڍين ننڍين رياستن کان، جيڪي پکين ۽ حيوانن جي نالي پويان سڏجندڙ قبيلن سان تعلق رکن پيون، فوج گڏ ڪئي، جن ۾ اڪثريت وانر قبيلي جي سپاهين جي هئي. اها وڌايل ڳالهه هر هر دهرائي وئي آهي. انڪري پڙهندڙن کي گهرجي ته اهي باندر وغيره بدران قبيلن جا نالا تصور ڪن ته جيئن هيءَ سڄي ڪهاڻي انسانن جي سمجهي وڃي. حقيقت ۾ اهڙي فوج جيڪا باندرن ۽ رڇن تي مشتمل هجي ان کان ڪم وٺڻ شري رام جي توهين آهي. هو ايشور جو اوتار هو. انسانن جي اخلاقي رهنمائي هن جو فرض هو، پر هندو ديومالائي ذهنيت هن جو مذاق اڏايو آهي.
وانرن کي سمپاتي (جيڪو هڪ بزرگ رشي هو، ان کي گره بڻايو ويو) کان پتو پيو ته جنهن جڳهه تي سيتا کي قيد ڪيو ويو آهي، اها سمنڊ کان هڪ يوجن اڳتي راشدن جي ديس ۾ آهي، پر جيستائين هو پاڻ سمپاتي جي بيان جو تفصيل پنهنجي اکين سان نه ڏسن، يقين نه پيا ڪري سگهن.
هو پاڻيءَ جي ڪناري تي آيا ۽ سوچيائون ته سمنڊ کي ڪيئن پار ڪيو وڃي. انگلا وانرن کان پڇيو ته هو ڪيترو وڏو ٽپو ڏئي سگهن ٿا. جام بوت هنومان کي چيو: او سورما! علم جي سڀني شعبن کان واقفيت باوجود تون الڳ ويٺو آهين (باندر علم جي سڀني شعبن کان ڪيئن واقف ٿي سگهي ٿو؟ اهڙي نموني هنومان باندر نه پر انسان هو ۽ پنهنجي قبيلي جو سردار هو) ٽپو ڏيڻ جي لاءِ گڏئي ميندر (هندستان جبل کان هن ٽپو ڏنو ۽ ترندو لنڪا جي ڪناري تائين پڄي ويو. (سمنڊ تان اڏري وڃڻ اصل ۾ ان دور ۾ تهذيب جي ترقيءَ سان اڏام کٽولي بڻجي ويو هو. جنهن کي راوڻ به استعمال ڪندو هو. گهڻو ڪري هنومان ترڻ بجاءِ اڏام کٽولي تي ويو هو. هنومان لنڪا جي خوبصورتي ۽ دولت ڏٺي. ان ڪري سمجهي ويو ته هو منزل تي پڄي ويو آهي. هاڻي سيتا کي ڳولڻ چاهي پيو. هنومان ڏٺو ته تري ڪوٽ جبل تي راوڻ جو شاندار شهر آباد آهي، اهو انتهائي دلڪش ۽ محفوظ آهي، شهر ۽ قلعو امراتي يا ڀاڳوتيءَ کان گهٽ نه آهي. خوبصورت ۽ شاندار عمارتون! دفاع جي لاءِ گهريون کڏون نظر آيون. گهڻو ڪري اهو ناقابل شڪست آهي، جيڪڏهن دشمن جي فوج سمنڊ ڪناري اچي وڃي ته قلعي جي اندر موجود سورمن جو مقابلو ڪيئن ڪندي؟
پتو پوي ٿو ته هنومان ويس بدلي پنهنجو پاڻ کي لڪايو هو. جڏهن شهر جي حفاظتي ڀت وٽ پهتو ته محافظ عورت هن کي روڪيو ۽ کانئس اچڻ جو مقصد پڇيو. هن چيو ته مان سير ڪرڻ آيو آهيان جنهن تي محافظ عورت هن کي زور دار ڌڪ هنيو، ان جي جواب ۾ حملو ڪري هن عورت کي ڀت تان شهر ۾ ڪيرايو. هو شاهي رستي سان هلندو ويو. هن ڏٺو ته ماڻهو گهٽين ۾ خاص مذهبي عبادت ڪري رهيا هئا. محافظ پنهنجا ڪمان، تلوارون ۽ نيزا سنڀاليو بيٺا هئا ۽ سڀني کي زرهون پهريل هيون. هن کي پتو پيو ته فوج ۾ مختلف قومن جا ماڻهو موجود آهن.
هنومان خفيه طور ڏٺو ته گهرن ۾ مختلف قسمن جون عورتون آهن، پر سيتا ڪٿي به نظر نه آئي. لنڪا واسين جي گهرن ۾ جهنگلي هاٿي، اعليٰ نسل جا گهوڙا، رٿون ۽ هٿيار موجود هئا. فوج پوري طرح مسلح هئي. هو گهرن ۽ باغن مان ٿيندو هڪ محل ۾ پهتو، جيڪو تمام وڏو ۽ انتهائي خوبصورت هو. هن پنهنجي آڏو هاٿين، گهوڙن، پيادن ۽ وڏين ڀتين کي ڏٺو. هن اندازو لڳايو ته هي راوڻ جو محل آهي. هو ان جي اندر داخل ٿيو، اهو هر اعتبار کان راوڻ جي طاقت ۽ عظمت جو مظهر هو. باغ پکين سان ڀريل هو. هو مختلف گهرن کان ٿيندو راوڻ جي ذاتي ڪمري ۾آيو: هر طرف سون، چاندي، هاٿي ڏند، موتي، خوبصورت قالين ۽ فرنيچر موجود هو. هن کي وچ ۾ پشيڪ ومان (هوائي رٿ) نظر آئي. ان مان پتو پوي ٿو ته هوائي جهاز بڻجي چڪو هو، راوڻ جو اهو ڪمرو مسرتن جو سمنڊ هو. بي شمار سهڻيون عورتون ستل هيون پر سيتا انهن ۾ نه هئي.
پوءِ هو هيڏي هوڏي ڏسڻ لڳو. هن کي هڪ ٻئي ڪمري ۾ ڪيترا ئي بسترا نظر آيا. هڪ بسترو وڏو هو. ان ۾ سون ۽ هيرا جڙيل هئا ۽ ان تي راوڻ ستل هو. آخرڪار هن کي هڪ عورت نظر آئي جيڪا حسن جي راڻي هئي، هن کيس سيتا سمجهيو ۽ خوش ٿيو پر هو غلط هو. هن کاڌي جو ڪمرو، سمهڻ جو ڪمرو، شراب خانو وغيره سڀ ڏٺا. پوءِ هو شراب خاني مان باغ ڏانهن ويو پر هن کي ڪجهه نظر نه آيو، هن سوچيو ته شايد سيتا کي قتل ڪيو ويو آهي.
هنومان اِن سوچ ۾ هو ته اوچتو هن جي نظر هڪ جڳهه تي پئي جتي هو اڃا تائين نه ويو هو، اها جڳهه وڏين ڀتين سان گهريل باغ هو. هن سوچيو ته هتي کيس سيتا ضرور ملي ويندي. هن ڀت تي چڙهي باغ تي نظر وڌي، هي اشوڪ باغ هو.
اشوڪ باغ تمام خوبصورت هو: سون، چاندي، هاٿي ڏند، موتين ۽ هيرن سان ڀريل تلاءَ، شيشي جا رستا، هٿرادو جبل ۽ آبشار، وڻن سان لٽڪيل ننڍيون گهنٽيون هوا سان موسيقي پيدا ڪري رهيون هيون. هنومان هڪ وڻ تي چڙهيو ۽ لڪي ويٺو. وڻ جي چوڌاري سونو چبوترو هو. هنومان کي يقين ٿي ويو ته کيس سيتا صبح جو سوير ديويءَ جي پوڄا ڪرڻ ايندي. هن هيٺ ڏٺو ته چبوتري تي هڪ سهڻي پر ڏکويل، گندي ساڙهي پاتل عورت ويٺل نطر آئي. هر طرف راڪاسڻيون موجود هيون. اها عورت هنومان کي قابل رحم لڳي ۽ هن کي يقين ٿي ويو ته اهائي سيتا آهي. هن سوچيو ته هن عورت جي ڪري بالي قتل ٿيو. ان جون محافظ عورتون تمام بدصورت هيون. اڃا صبح نه ٿيو هو ته راوڻ ويد پڙهڻ جي آواز تي جاڳي پيو ۽ سيتا جي خيال سان باغ ڏانهن ويو ۽ ويجهو اچي ڪجهه چوڻ لڳو، هنومان اهو سڀ ڪجهه ڏسي رهيو هو.

[b]راوڻ جي منٿ
[/b] راوڻ سيتا کي تمام گهڻيون منٿون ڪيون ۽ سندس حسن جي تعريف ڪئي، پر سيتا چيو ته هو کيس اپنائي نه سگهندو. هوءَ کيس مشورو ڏيڻ لڳي ته رام کان معافي وٺ نه ته توکي شڪست جو منهن ڏسڻو پوندو. راوڻ ڌمڪي ڏني ۽ رام کي گهٽ وڌ ڳالهايو. اتان وڃڻ کان پهريان هن محافظ عورتن کي چيو ته اهي سيتا کي آماده ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. ان جي باوجود ڪجهه حاصل نه ٿي سگهيو.

[b]پهريون پيغام
[/b] سيتا انتظار ۾ وقت گذاري رهي هئي ته رام هن کي وٺڻ لاءِ ضرور ايندو. سيتا مختلف خيالن ۾ غرق هئي. هڪ راڪاسڻ خواب ڏٺو ته رام سيتا کي وٺڻ آيو آهي ۽ عورتن کي چيو ته هِن پاڪيزه عورت کي نه ستايو ۽ ان کان معافي وٺو.
هنومان سيتا سان ملاقات جي لاءِ سوچي رهيو هو، هن جي لقبن ۾ هڪ لقب ”ٻڌي تمام ورشم“ يعني پهريون ڏاهو به آهي، هنومان سوچيندو رهيو ته هو ڪهڙي شڪل ۾سيتا آڏو وڃي. هن سوچيو ته هلڪي مٺي آواز ۾ رام ڪهاڻي ٻڌائي.

[b]سيتا سان ملاقات
[/b] بهرحال هنومان اهو ئي ڪيو، ڪهاڻي ٻڌائيندي هڪ جڳهه تي بيهي رهيو. سيتا چوڌاري نظر ڦيرائي پر هن کي ڪا به انساني شڪل نظر نه آئي. هنومان وڻ تان لٿو ۽ هٿ ٻڌي بيهي رهيو. هن نهايت نرم ۽ ادب واري لهجي ۾ کانئس پڇيو ته هوءَ سيتا آهي؟ ان تي سيتا خوش ٿي چيو ته ها، مان سيتا آهيان پوءِ هن کيس رام کان جدا ٿيڻ جي ڪهاڻي ٻڌائي. هن چيو ته راوڻ کيس هڪ ورهيه جي مهلت ڏني آهي ۽ ان ۾ ٻه مهينا بچيا آهن. ٻه مهينا پورا ٿيڻ کان پوءِ مان پنهنجو پاڻ کي ماري ڇڏينديس. ان تي هنومان سيتا کي چيو ته هو رام جو قاصد آهي ۽ لڪشمڻ سلام موڪليا آهن.
هن سيتا کي دلاسو ڏنو ته جلد ئي رام، لڪشمڻ ۽ سوگريو جي وانر فوج ايندي. مان سوگريو جو وزير اعليٰ آهيان ۽ منهنجو نالو هنومان آهي. مون توکي ڏسي ورتو آهي، مون تي شڪ نه ڪر. پوءِ هن تفصيل سان ٻڌايو ته ڪيئن بالي جو قتل ٿيو ۽ سمپاتيءَ سان ملاقات ٿي، جنهن لنڪا جي باري ۾ ٻڌايو ۽ کيس سيتا جو پتو پيو. ان بيان جي پوري ٿيڻ تي هن رام جي منڊي سيتا جي هٿ تي رکي ۽ سيتا ان کي پنهنجي اکين تي رکيو.

[b]هنو مان قيد ۾
[/b] راوڻ جي محافظ عورتن ٻڌايو ته سيتا رام جي هڪ قاصد سان ڳالهيون ڪري رهي آهي. راوڻ پنهنجي محافظن کي حڪم ڏنو ته رام جي قاصد کي قتل ڪن. هڪ هٿياربند جٿو ان مقصد لاءِ روانو ٿيو.
سپاهين قاصد کي ڀت تي ويٺل ڏٺو. هنومان لوهه جي هڪ سيخ سان مٿن حملو ڪيو ۽ سڀني کي ماري ڇڏيو. هو ٺاهر ڦاٽڪ جي ڀت تي ويهي وڏي آواز ۾ رام زنده باد ۽ لڪشمڻ زنده آباد جا نعرا هڻڻ لڳو. راوڻ کي پتو پيو ته هن جا جنگجو مارجي چڪا آهن ته هن جمبو بالي کي گهرائي هنومان کي مارڻ جو حڪم ڏنو. جمبو بالي هنومان تي حملو ڪيو پر هنومان لوهه جي سيخ سان هن کي به ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو. راوڻ جنگ جو حال ٻڌي سڪتي ۾ اچي ويو. هن سورمن کي حڪم ڏنو ته تمام وڏي فوج وٺي وڃي هنومان کي قيد ڪري اچن. فوج باهه وارن تيرن سان حملو ڪيو پر ان جنگ ۾ به فوج تباهه ٿي وئي. هاڻي هن پنهنجي سورمي اڪش کي جنگ ڪرڻ جو حڪم ڏنو. اڪش چمڪدار رٿ تي سوار ٿيو. اڪش تير هنيا جنهن سان هنومان زخمي ٿيو. ٻنهي ۾ تمام سخت جنگ ٿي. سوين تير وسيا پر هنومان انهن کان بچندو اڪش جي ويجهو اچي ويو. هن اڪش جي رٿ کي پڪڙي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو. گهوڙا مري ويا. اڪش فضا ۾ اڏرندي هنومان تي حملو ڪيو، جنگ ٿي پر اڪش شڪست کائي زمين تي ڪري پيو. راوڻ هاڻي پنهنجي پٽ اندر جيت کي گهرايو، سندس بهادريءَ جي تعريف ڪئي ۽ کيس هنومان جي طاقت جي باري ۾ به ٻڌايو. اندر جيت جي رٿ کي چار شينهن گهلي رهيا هئا. اندر جيت تيرن جو وسڪارو لائي ڏنو. هنومان فضا ۾ بلند ٿيو. تيرن کي هيٺ اڇليائين. مهارت ۽ طاقت ۾ ٻئي هڪٻئي جو ثاني هئا. اندر جيت سمجهيو ته هن جا تير بيڪار آهن، هن سوچيو ته برهم استر سان هن کي قيد ڪري سگهجي ٿو. هن برهم استر اڇليو جنهن کي ڇهندي ئي هنومان بي وس ٿي ويو. هنومان هار مڃي ۽ زمين تي بي حس پيو رهيو. سپاهي کيس رسي سان ٻڌي راوڻ ڏانهن وٺي وڃڻ لڳا. راوڻ هن کي باهه ۾ ساڙڻ جو حڪم ڏنو. محافظ عورتن سيتا کي هنومان جي تباهيءَ کان آگاهه ڪيو.

[b]هنومان جي واپسي
[/b] هنومان کي راڪاسڻين شهر جي گهٽين ۾ گهمايو، جنهن ڪري هو شهر جي سڀني گهٽين کان واقف ٿي ويو، هنومان سڄي شهر جي گهرن ۾ باهه لڳائي ۽ سمنڊ ۾ وڃي پنهنجي باهه وسائي. هن کي پتو پيو ته سيتا پاڻ کي بچايو آهي، هو اشوڪ باغ ۾ سيتا وٽ پهتو، هن سيتا کي ٻيهر تسلي ڏني ته هو تمام جلد فوج وٺي ايندو. وانرن هن کي ايندو ڏسي نعرا هنيا. هنومان وانرن کي سڄو تفصيل ٻڌايو ۽ هاڻي اهي سڀ بادشاهه سوگريو ڏانهن روانا ٿيا. هو باغ ۾ لٿا جتي هنن ماکي ۽ ميوا کاڌا ته سوگريو جي چاچي ۽ باغ جي نگران بادشاهه کي ٻڌايو ته هن جو باغ اجڙي رهيو آهي، بادشاه وانرن کي سڏڻ جو حڪم ڏنو.
هنومان ۽ انگلا نعرا هڻندا فوج سان گڏ بادشاهه وٽ پهتا، جيڪو رام ۽ لڪشمڻ سان گڏ هنن جو انتظار ڪري رهيو هو. هنومان مختصر پر جامع انداز ۾هنن کي سڄو قصو ٻڌايو ۽ سيتا جي خيريت جي خوشخبري ڏني ۽ اهڃاڻ طور اهو زيور رام کي ڏنو جيڪو سيتا هن کي ڏنو هو. رام سوگريو کي هنومان جي معجزي کان آگاه ڪيو ۽ پڇيو ته اسانجي فوج سمنڊ ڪيئن پار ڪندي؟ هنومان راوڻ جي فوج، قلعي جي مضبوطي، محافظن جي تيزي، ڀتين، دروازن، متحرڪ پل، خندقن ۽ دفاعي انتظامن جي باري ۾ تفصيل سان ٻڌايو ۽ اهو به ٻڌايو ته سمنڊ جي ڪناري تي پهرو آهي ته جيئن دشمن جا جهاز نه اچي سگهن. اهڙي نموني منجهند جو فوج ڏکڻ طرف، سمنڊ ڏانهن رواني ٿي. رستي جا ماهر وانر فوج کي اهڙي رستي کان وٺي ويا جتي خوراڪ ۽ پاڻي ججهي مقدار ۾ موجود هو. طاقتور سورما فوج جي پوئين حصي جي حفاظت ڪري رهيا هئا. رام، لڪشمڻ ۽ سوگريو وچ ۾ هئا. رام سختيءَ سان حڪم ڏنو ته فوج رستي ۾ ڪنهن ڳوٺ، شهر يا آباديءَ کي نقصان نه پهچائي. فوج جو شور هر طرف ڦهلجي رهيو هو، جڏهن هو ميندر جي جبل وٽ پهتا ته رام جبل تي چڙهي سمنڊ جو جائزو ورتو ۽ فوج کي آرام ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

[b]لنڪا ۾ هلچل
[/b] راوڻ پنهنجي مشيرن کي گهرائي مشورو ڪيو. راوڻ چيو ته جيڪو ڪجهه ٿيو اهو انوکو ۽ غير متوقع هو. اڄ تائين ڪنهن کي شهر ۾ داخل ٿيڻ جي جرئت نه ٿي پر رام جو قاصد هيڏي پهري باوجود اندر داخل ٿيو، سيتا سان ڳالهايائين ۽ تباهي مچائي هليو ويو! هن مشيرن کان پڇيو ته هو ڪهڙي نموني پنهنجي شهر ۽ فوج کي مضبوط ڪري سگهي ٿو ۽ پنهنجي دفاع لاءِ ڇا ڪري سگهي ٿو. مشيرن بادشاهه جي فوج ۽ مضبوطيءَ جي تعريف ڪئي. مختلف مشيرن پنهنجي راءِ ڏني، ان تي راوڻ جي ڀاءُ وهيش چيو ته هنن جون ڳالهيون ته ڀليون آهن پر عملي لحاظ کان اڻپوريون آهن. سياست جي خلاف ڇاٿيو، ڪم صرف ڏک ۽ تباهيءَ تائين پهچائيندو آهي، ڳالهيون، رشوت ۽ انتشار پکيڙڻ کانپوءِ به هٿيارن جي طاقت جو استعمال سوچڻ گهرجي. جيڪڏهن توهان هِنن جي مشورو مڃي جنگ ڇيڙي ته لنڪا سان گڏ اسان به برباد ٿي وينداسين. توهان سيتا کي واپس ڪيو. اسان هنومان جي طاقت ۽ مهارت جو مزو چکيو آهي، جنگ کان اڳ سيتا کي واپس ڪرڻ ضروري آهي. راوڻ اهو ٻڌي وري ٻئي ڏينهن سڀني کي صلاح مشوري لاءِ گهرايو.

[b]راوڻ جي ٻي مجلس مشاورت
[/b] وهيش شاهي محل ۾ داخل ٿيو ۽ ڀاءُ جي آڏو هٿ ٻڌي بيهي رهيو. راوڻ سڀني وزيرن کي رخصت ڪيو ۽ وهيش سان ڳالهائڻ لڳو. وهيش وري به ساڳي راءِ ڏني ته سيتا کي واپس ڪرڻ گهرجي. هن تباهيءَ جي نشانين جو ذڪر ڪيو ۽ ٻڌايو ته سيتا جي هتي اچڻ کانپوءِ اهو سڀ ڪجهه ٿيو آهي. سيتا کي موٽائينداسين ته سڀ خوشيءَ سان زندگي گذارينداسين... پر راوڻ فيصلائتي انداز ۾ سيتا کي واپس ڪرڻ جو مشورو رد ڪيو. پوءِ راوڻ سونهري رٿ ۾ راج سڀا کان محل تائين پهتو. هال ۾ داخل ٿيو ته بگل وڄايا ويا. هو هڪ مٿاهين چبوتري تي ويٺو، هال کان ٻاهر هزارين محافظ پهرو ڏئي رهيا هئا، هال ۾ هر ماڻهو خاص جڳهه تي ويٺو هو، پروهت ۽ ويدي هزارن جي تعداد ۾ آيا. وهيش ۽ ٻين بادشاهه کي جهڪي سلام ڪيو. هوا خوشبوءِ سان ڀنل هئي. راوڻ پنهنجي ڳنڀير ۽ اوچي آواز سان چوڻ شروع ڪيو:
جنگ جي فن جا سڀئ ماهر هتي موجود آهن، توهان جو مشورو ڪڏهن غلط ثابت نه ٿيو آهي، انڪري هڪ دفعو ٻيهر توهان کان مشورو گهران ٿو. مان سيتا کي اغوا ڪري کڻي آيو آهيان ۽ هوءَ بيوقوفيءَ سان سوچي رهي آهي ته رام کيس آزاد ڪرائي وٺي ويندو. مان سيتا کي واپس موڪلڻ ۽ رام کان معافي وٺڻ لاءِ هرگز تيار نه آهيان. رام، لڪشمڻ ۽ سوگريو سمنڊ جي هن پار پڙائ ڪيو آهي، ٻڌايو ته انهن کي ڪهڙي نموني تباهه ڪري سگهجي ٿو!
ڪمڀ ڪرن راوڻ جي ننڍي ڀاءُ خطاب ڪيو. هن سيتا جي اغوا تي بادشاه کي سخت لفظ چيا. بعد ۾ هن چيو: جيڪو ٿيو سو ٿيو، پنهنجي عزت نفس کي داءُ تي لڳائڻ صحيح نه آهي. ڪمڀ ڪرن رام جي باري ۾ گهڻو ڪجهه ڄاڻي پيو پر پنهنجي ڀاءُ لاءِ سڀ ڪجهه قبوليائين ۽ رک رکاءُ کان ڪم ورتائين، گهڻن جي خيال ۾ اها بيوقوفي هئي. هن پنهنجي ترديد پاڻ ئي ڪئي، سڀ خوش هئا پر وهيش انهن ۾ شامل نه هو.
وهيش اٿي بيهي چيو ته جيڪڏهن توهان سيتا کي واپس نه ڪيو ته اسان سڀني جي تباهي يقيني آهي. وري هن رام جي طاقت تي روشني وڌي. وهيش جي ان ملامت تي راوڻ جي پٽ اندر جيت رڙ ڪئي، هن چيو ته وهيش جو مشورو اسان سڀني جي توهين آهي. وهيش نرميءَ سان جواب ڏنو ته ڀائٽيا، تون اهو سڀ غلط چئي رهيو آهين. سڀ مشير ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن. توهان ڌرم جي رستي تان ڀٽڪي ويا آهيو. وهيش محسوس ڪيو ته لنڪا ۾ هاڻي هن لاءِ ڪابه جڳهه نه آهي، چار سٺا راڪاس دوست به هن سان گڏ هئا. هو، اڏام کٽوليءَ سوار ٿي رام ۽ لڪشمڻ ڏانهن هليو ويو.
وانرن کي آسمان تي روشني ڏسي شڪ ٿيو ته کين سازش ذريعي مارڻ لاءِ لنڪا کان ڪي راڪاس وغيره اچي رهيا آهن، پر وهيش فضا ۾ ئي چيو ته هو راوڻ جو ڀاءُ آهي ۽ هن کي ڇڏي توهان ڏانهن اچي رهيو آهي. سوگريو رام کي پنهنجي شڪ کان تفصيل سان آگاه ڪيو، رام هنومان ۽ ٻين سان مشورو ڪيو.

[b]وهيش جو مسئلو
[/b] رام هنومان سان خاص طور تي مشورو ڪيو. هن وهيش جي حق ۾ راءِ ڏني ۽ چيو ته شڪ ڪرڻ فضول آهي، رام سوگريو کي چيو ته جيڪڏهن مون وٽ ڪير به پناه لاءِ اچي ٿو ته مان ان کي واپس نه ڌڪاريندس، پوءِ اهو راوڻ ئي ڇو نه هجي، وهيش کي مون وٽ وٺي اچو.

[b]راوڻ جي بيوقوفي
[/b] راوڻ سوگريو کي رام کان جدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ويس بدلائي سوگريو وٽ آيو. سوگريو هن کي صاف لفظن ۾ چيو ته جيڪو رام جو دشمن آهي اهو منهنجو دشمن آهي. وانرن هن کي پڪڙيو ۽ مارڻ لڳا ته رام کيس ڇڏائي واپس وڃڻ جي اجازت ڏني. جيئن ئي رام وهيش کي پاڻ سان ملائڻ جي منظوري ڏني ته سوگريو ۽ لڪشمڻ جلدي وهيش کي لنڪا جي بادشاهه جي طور تاج پارائي سمنڊ جي پاڻيءَ سان ڀيشڪ انجام ڏني. وهيش وفاداريءَ جو واعدو ڪيو.
سمنڊ ۾ رستو ٺاهيو ويو ۽ فوج سمنڊ پار ڪري وئي. راوڻ پنهنجي سالارن کي مهمون سونپيون. هن پنهنجي پٽ اندر جيت کي اولهه واري دروازي تي مقرر ڪيو ۽ پاڻ اتر واري دروازي جو محافظ بڻيو.
رام پنهنجي فوج کي ورهايو ۽ هر سربراهه کي خاص ذميواريون ڏنيون. نيل کي اوڀر واري دروازي تي وڙهڻ لاءِ موڪليو. انگلا کي ڏکڻ واري دروازي تي موڪليو. هنومان کي اولهه واري دروازي تي اندر جيت سان مقابلو ڪرڻ لاءِ موڪليو. رام چيو ته لڪشمڻ ۽ مان سڌو سنئون لنڪا تي حملو ڪنداسين. سوگريو، جام بوت ۽ وهيش اسانجي پٺيان لڙندا. فوج رات جو آرام ڪيو. لنڪا جو شان شوڪت ڏسي رام کي گهڻو افسوس ٿيو ته هڪ گنهگار شخص جي ڪري راڪاس نسل جي اها سڄي دولت ۽ شان تباهه ٿي ويندو: هن فوج کي نظم و ضبط رکڻ جي تلقين ڪئي.

[b]جنگ جي شروعات
[/b] وانر فوج سوديل جبل کان هيٺ لهي لنڪا ڀرسان جهنگ ۾ گڏ ٿي وئي. وانر فوج راوڻ جي فوج جي طاقت جو اندازو لڳايو. لنڪا کان دهلن جي ايندڙ آواز تي هن جو حوصلو وڌايو، رام فوج کي ٽولن ۾ ورهايو.
رام لنڪا جي حسن ۽ افاديت کان گهڻو متاثر ٿيو. سوگريو اوچتو لنڪا شهر جي هڪ مينار تي چڙهي ويو. هن راوڻ کي شاهي پوشاڪ ۾ڏٺو. سوگريو چيو، راوڻ تون ڦاسي چڪو آهين، اڄ تنهنجي زندگيءَ جو آخري ڏينهن آهي. مان رام جي خادمن مان آهيان. اهو چئي هن سڌو راوڻ تي ٽپو ڏنو ۽ سندس تاج لاهي ڦٽو ڪيو ۽ کيس زور سان ڌڪ به هنيائين. ٻئي ڪافي دير تائين هڪ ٻئي سان جانبوٽيا رهيا. سوگريو رام وٽ آيو، رام چيو: تنهنجي اها حرڪت صحيح نه هئي. سوگريو غلطيءَ جو اعتراف ڪيو، وانر فوج لنڪا کي چئني طرفن کان گهيري ورتو. رام انگلا کي گهرائي چيو ته منهنجو هي پيغام راوڻ تائين پهچاءِ ته تنهنجو وقت ويجهو اچي ويو آهي. رام تنهنجي در تي پڄي ويو آهي. مال، دولت، اقتدار توکي مغرور بڻائي ڇڏيو آهي، تو دنيا کي گهڻو ستايو آهي، تون کليل ميدان ۾ اچي بيهه ته تنهنجا سڀ گناه بخشيا ويندا. بهادر انگلا ائين ئي چيو، اهو پيغام ٻڌي راوڻ غضب ۾ للڪاريو ۽ ان ڏانهن وڌيو. انگلا جي واپس ايندي ئي رام فوج کي چڙهائيءَ جو حڪم ڏنو.
راوڻ ٻن جاسوسن کي موڪليو ته رام جي فوج جي طاقت جو اندازو لڳائين، جن ٻڌايو ته فوج طاقتور آهي ۽ ان سان وڙهڻ خطري کان خالي نه آهي. هاڻي به سيتا کي واپس ڪيو وڃي ته تباهيءَ کان بچي سگهجي ٿو.
راوڻ سيتا کي مڃائڻ جي آخري ڪوشش ڪئي. ان لاءِ هن جادوءَ جو سهارو ورتو. هن سيتا کي چيو ته منهنجي فوج سمنڊ پار ڪري رام ۽ سندس فوج کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. ان وقت رام جي فوج شهر جي ويجهو اچي وئي هئي ۽ شاهي گهراڻي جي هڪ عورت سيتا کي ٻڌايو ته رام قتل نه ٿيو آهي.
راوڻ مينار تي چڙهي ڏٺو ته هر طرف فوج ئي فوج هئي. راوڻ هڪ وڏو جٿو وانر فوج سان مقابلي لاءِ موڪليو. وڏي جنگ ٿي، سڄو ڏينهن جنگ ٿيندي رهي ۽ رات جو به جاري رهي. رت جا درياءَ وهي ويا. انگلا اندرجيت تي حملو ڪيو ۽ هن جي شاهي رت وارا گهوڙا مارجي ويا. تڏهن اندر جيت رام ۽ لڪشمڻ تي نانگ تير وسايا. ٻئي ان جي گرفت ۾ اچي بيوس ۽ لاچار ٿي ويا. اندرجيت پنهنجي فوج کي مبارڪ ڏني ۽ فتح جي خوشيءَ ۾ پنهنجي پيءُ وٽ آيو ۽ اعلان ڪيائين ته رام ۽ لڪشمڻ ختم ٿي ويا آهن. مجروح ۽ مايوس وانر سورما رام ۽ لڪشمڻ جي اها حالت ڏسي هيسجي ويا. وهيش سوگريو کي دلاسو ڏنو ۽ چيو ته رام ۽ لڪشمڻ وري وڙهندا. وانرن فوج کي وري منظم ڪيو. دستن جا سالار ٻيهر مقرر ڪيا ويا. راوڻ پنهنجي عورتن کي گهرائي چيو ته سيتا کي اطلاع ڪيو ته رام ۽ لڪشمڻ مارجي ويا آهن ۽ راوڻ جي فتح ٿي وئي آهي. سيتا جنگ جي ميدان ۾ رام ۽ لڪشمڻ کي زمين تي پيل ڏٺو ته روئڻ لڳي. ان ڏک جي وقت ۾ هڪ راڪاسڻ هن جي ڪم آئي. هن شهزادن کي ويجهو وڃي ڏسڻ بعد سيتا کي ٻڌايو ته هو جيئرا آهن.
ڪجهه وقت کانپوءِ تيرن جو اثر ويندو رهيو ۽ ٻئي هوش ۾ اچي ويا. سوگريو پنهنجي چاچي سوشين کي چيو ته زخمي رام ۽ لڪشمڻ کي ڪش ڪنڌيه وٺي وڃي سندن علاج ڪراءِ! مان راوڻ کي ڏسي وٺندس ۽ سيتا کي وٺي واپس ايندس! هن جي چاچي سوشين چيو ته ڪجهه جڙيون ٻوٽيون اهڙيون آهن جيڪي انهن جي زخمن کي آرام ڏئي سگهن ٿيون، هنومان کي پتو آهي ته اهي ڪٿان ملنديون. پر هڪ گرو ۽ داناءُ ماڻهو جيڪو رام کي گهڻي وقت کان سڃاڻندو هو، تنهن سندن علاج ڪيو ته اهي صحتياب ٿي ويا. وانر فوج ۾ وري جوش پيدا ٿيو ۽ هنن قلعي تي حملا شروع ڪيا.

[b]راوڻ جي شڪست
[/b] راوڻ پنهنجي محل ۾ وانر فوج جو آواز ٻڌو. هن کي پتو پيو ته سوگريو جي قيادت ۾ وانر فوج قلعي تي زوردار حملو ڪيو آهي. راوڻ ڌرم راڪاس کي چيو ته هو پاڻ ميدان ۾ اچي. ڌرم راڪاس هنومان جي دستي تي حملو ڪيو پر مارجي ويو.
وجر وهشتر هڪ طاقتور فوج سان انگلا جو مقابلو ڪيو. ڪافي وانر مارجي ويا. آخر ۾ دوبدو لڙائيءَ ۾ وجر مارجي ويو. راوڻ جي حڪم تي سبت اڪمين جي فوج تي حملو ڪيو ۽ زبردست جنگ ٿي. وانر شڪست کائي ڀڄڻ لڳا ته هنومان کين حوصلو ڏنو. هنومان اڪمين کي ماري ڇڏيو ۽ راڪاس فوج ڇڙوڇڙ ٿي وئي.
اڪمين جي موت کانپوءِ راوڻ دفاعي انتطامن جو جائزو ورتو ۽ سبت سان مشورو ڪيو. راوڻ اندر جيت جي ماتحت فوج جو هڪ دستو قلعي کان ٻاهر مقابلي لاءِ موڪليو پر سبت راوڻ کي چيو ته اسان پهرين ئي مشورو ڏنو هو ته سيتا کي واپس ڪيو! سبت تمام وڏي فوج کي مقابلي لاءِ آندو. وري زبردست لڙائي ٿي. راوڻ جي فوج جا وڏا سالار مارجي ويا ته فوج ڀڄڻ لڳي.
هاڻي راوڻ پاڻ ٻاهر نڪتو، هن ڪافي وانر قتل ڪيا. هنومان راوڻ تي حملو ڪيو، لڪشمڻ ۽ راوڻ جي مقابلي ۾ لڪشمڻ بي هوش ٿي ڪري پيو. هنومان کيس کڻي رام وٽ آندو. رام راوڻ تي شديد حملو ڪيو، جنهن سان راوڻ زخمي ٿي ڪري پيو، سندس سونهري تاج ۽ رٿ به ٽٽي پيا. هاڻي هو سڀني هٿيارن کان محروم ٿيو رام جي آڏو بيٺو هو. رام هن کي چيو ته هاڻي تون وڃ ۽ آرام ڪر، سڀاڻي تازو توانو ٿي هٿيارن سميت واپس اچجان.
راوڻ جي ڀاءُ ڪمڀ ڪرن کي صورتحال کان آگاه ڪيو ويو، جنهن جنگ ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو. هو پنهنجي ڀاءُ راوڻ وٽ ويو، راوڻ چيو: تون ننڊ ۾ هئين ۽ هي سڀ ڪجهه ٿي ويو. ڪمڀ ڪرن راوڻ کي غلطيءَ جو احساس ڏياريو ته هن بنا سوچڻ سمجهڻ جي سيتا کي اغوا ڪيو. راوڻ ڀاءُ کي چيو ته هن کي تنقيد بجاءِ طاقت جي ضرورت آهي. جڏهن ديوقامت ڪمڀ ڀت ٽپي ٻاهر آيو ته وانر فوج تي وڏو رعب طاري ٿي ويو ۽ وڏي مشڪل سان ان کي منظم ڪيو ويو.
ڪمڀ ڪرن وڏي اعتماد سان اڳتي وڌندو ويو. انگلا پڻ بي هوش ٿي ڪري پيو، سوگريو به ڪافي زخمي هو. ڪمڀ ڪرن بي هوش سوگريو کي کڻي لنڪا ڏانهن وڃڻ لڳو. فوج فتح جا نعرا هنيا. هاڻي ڪمڀ ڪرن وانرن کي قتل ڪرڻ شروع ڪيو. لڪشمڻ پنهنجي تيرن سان کيس روڪڻ چاهيو پر هو رام جي آڏو بيهي رهيو. رام تيرن سان کيس هلڻ کان هلاڪ ڪري ڇڏيو پر هو ٺونٺين تي هلندو اڳتي وڌندو رهيو. آخر ۾ رام تير سان هن جو سر ڌڙ کان ڌار ڪيو. اها خبر راوڻ تائين پهتي ته بيحال ٿي ويو. هو چاهي پيو ته دشمن فوج قلعي ۽ اشوڪ باغ ۾ داخل نه ٿئي هو اهو سوچيندو محل ۾ آيو. هاڻي اندر جيت پيءُ کي حوصلو ڏنو ۽ فوج گڏ ڪري حملو ڪيو. هن هزارين وانرن کي قتل ڪيو. رام لڪشمڻ وري بي هوش ٿي ويا ۽ اندر جيت پيءُ کي خوشخبري ڏيڻ ويو.
وهيش وري فوج گڏ ڪئي. جام بوت جهيڻي آواز ۾ پڇيو ته هنومان جيئرو آهي؟ ان تي هنومان پاڻ کيس ٻڌايو ته هو زنده آهي. هڪ ڪراڙي وانر هنومان کي چيو ته وويشٿ ۽ ڪيلاش جبلن جي وچ ۾ هڪ ٻوٽي آهي، اها آڻ ته سڀ ٺيڪ ٿي ويندا. هن اها ٻوٽي آندي، جنهن سان رام جا زخم ڀرجي ويا ۽ ڪجهه دير کان پوءِ هو اڳ جهڙا تندرست ٿي ويا. جنگ ٻيهر شروع ٿي وئي. هاڻي سوگريو رام سان مشورو ڪري ڪجهه وانرن کي گڏ ڪيو ۽ کين شهر ۾ داخل ٿي باهه لڳائڻ لاءِ چيو. لنڪا کي سڙندو ڏسي راوڻ غضبناڪ ٿي ويو. هن ڪمڀ ڪرن جي پٽن ڪمڀ ۽ نکمه کي راڪاس سورمي سان گڏ موڪليو. هڪ ٻي خوفناڪ جنگ کانپوءِ سوگريو ٻنهي کي ماري ڇڏيو ۽ ٻيا ڪافي سورما به مارجي ويا. راوڻ جي چوڻ تي اندرجيت هڪ دفعو وري مڙڻ لڳو. رام هنومان ۽ ٻين سالارن کي اندر جيت ڏانهن موڪليو. هڪ زبردست جنگ ٿي. لڪشمڻ هڪ زورائتو تير هنيو ته اندر جيت جو سر ڌڙ کان ڌار ٿي ويو. لڪشمڻ پاڻ به ڪافي زخمي ٿيو.
راوڻ سوچيو ته اندر جيت به مري ويو، هاڻي سڄي فساد جي جڙ کي ختم ڪرڻ گهرجي. اهو سوچي تلوار کڻي سيتا کي قتل ڪرڻ ويو. وزير سپار سوهم به سندس پويان ويو ۽ هن راوڻ کي ان ڪم کان جهليو ۽ چيو ته عورت کي قتل ڪرڻ بزدلي آهي. سيتا جي جڳهه تي رام کي قتل ڪر. راوڻ کي اها ڳالهه سمجهه ۾ آئي. هاڻي هن جا سالار هاٿين، گهوڙن ۽ رٿن جي فوج وٺي جنگ تي نڪتا، رام تيرن جي وسڪاري سان فوج تباهه ڪئي، هاٿي ۽ گهوڙا مري ويا.

[b]راوڻ جو خاتمو
[/b] لنڪا جي هر گهر ۾ ماتم مچي ويو. راوڻ لنڪا کان ٻاهر نڪتو ته لڪشمڻ هن جو رستو روڪيو، راوڻ لڪشمڻ جي ڀر مان گذري رام ڏانهن آيو. رام جا تير راوڻ جي زرهه کي سوراخ نه ڪري سگهيا. لڪشمڻ بيهوش ٿي ويو. سخيوري جبل جي ٻوٽيءَ سان رام جي جان بچائي وئي. ماتلي پنهنجي رٿ کڻي رام ڏانهن ويو ۽ رام چيو ته ان رٿ تي ويهي دشمن سان وڙهه! راوڻ زخمي ٿي بي هوش ٿي ويو. هن کي ٻاهر ڪڍيو ويو. هوش ۾ اچڻ کانپوءِ هن رام سان وري جنگ شروع ڪئي. هاڻي هو زخمي ٿي هيٺ ڪري پيو. تير هن جي سيني ۾ لڳو ۽ هو ختم ٿي ويو.
پڇاڙي
وهيش کي هڪ شاندار تقريب ۾ لنڪا جو بادشاه بڻايو ويو. هنومان اجازت وٺي سيتا کي سڀ ڪجهه ٻڌايو. هنومان سيتا کي چيو ته آءٌ توهان جي محافظ عورتن کي قتل ڪرڻ چاهيان ٿو، جن توهان کي تڪليفون ڏنيون پر سيتا کيس ائين ڪرڻ کان منع ڪيو. رام وهيش کي چيو ته سيتا کي نئون سينگار ڪرائي هيڏي وٺي اچ پر سيتا چيو ته هوءَ ان ئي حالت ۾ ويندي. وهيش هن کي رام جي حڪم تي عمل ڪرڻ جو چيو ته هوءَ وهنجي سهنجي آئي. سيتا جي ڏولي اچڻ تي وانر استقبال جي لاءِ ڊوڙيا پر سالارن کين روڪي ڇڏيو، جنهن تي رام چيو ته انهن کي نه روڪيو، اچڻ ڏيو.
رام سيتا کي چيو ته هاڻي توکي اڪيلي زندگي گذارڻي پوندي. تون اسان جي ڪنهن عزيز جي حفاظت ۾ رهي سگهين ٿي. هن غصي ۾ اچي لڪشمڻ کي باهه ٻارڻ جو حڪم ڏنو. هن جلدئي باهه ٻاري. سيتا پنهنجي مڙس جي چوڌاري چڪر لڳائڻ بعد باهه ۾ ٽپو ڏنو، پر کيس بچايو ويو ۽ رام جي حوالي ڪيو ويو. رام چيو ته مان تنهنجي پاڪدامنيءَ کي ڄاڻان ٿو، اهو امتحان ماڻهن جي لاءِ هو. سيتا ۽ رام پشپڪ (هوائي جهاز) تي ويٺا ۽ اڏري ويا. رام سيتا کي اڏرڻ دوران سڀ جڳهون ڏيکاريون. ايوڌيا ۾ خوشيءَ جو طوفان آيو، رام ۽ ڀرت ڳلي مليا. هاڻي رام اقتدار سنڀاليو ۽ ڀرت جي خواهش پوري ٿي. سيتا موتين جي بيش قيمت مالها هنومان جي ڳلي ۾ وڌي.
رام، اوتار جي حيثيت سان اهڙي حڪومت ڪئي جو اها مثال بڻجي وئي. يقين سان رام جي حڪومت ايشور جي حڪمن تي ٻڌل انصاف ۽ محبت سان ڀرپور هئي، پر افسوس آهي جو اڳتي هلي رام راج جو مطلب غيرهندن کي قتل ڪرڻ ۽ هڪ ظالم حڪومت قائم ڪرڻ قرار ڏنو ويو آهي.

[b]رامائڻ تي تحقيقي نظر
[/b] رامائڻ شري رام چندر جي جلاوطني ۽ ٻين مهمن جي ڪهاڻي آهي. اها سنسڪرت جي رزميه ڪهاڻين مان سڀني کان پراڻي آهي. رامائڻ تقريبن 500 ورهيه ق- م يا ان کان به اڳ جي آهي. ان جا ٽي نسخا آهن: هڪ اتر، ٻيو بنگالي ۽ ٽيون بمبئي جو نسخو آهي. ٽنهي ۾ اختلاف آهن. بنگالي نسخي ۾ گهڻو واڌارو ڪيو ويو آهي. رامائڻ ۾ شري رام چندر جي زندگيءَ جا ڪارناما، رام ۽ سيتا جي محبت، راوڻ جو سيتا کي اغوا ڪرڻ، شري رام ۽ راوڻ جي وچ ۾ جنگ جو بيان آهي. اهو ستن ڪانڊن يا حصن تي ٻڌل آهي.
1 بال ڪانڊ شري رام جو ننڍپڻ.
2 ايوڌيا ڪانڊ ايوڌيا جا واقعا ۽ شري رام جي جلاوطني.
3 آريه ڪانڊ شري رام جو بنواس ۽ سيتا جو اغوا.
4 ڪش ڪنڌيه ڪانڊ ڪش ڪنڌيه (ميسور) ۾ شري رام جو مقام
5 سندر ڪانڊ شري رام جو پنهنجي ساٿين سان گڏ لنڪا پهچڻ.
6 يڌ ڪانڊ راوڻ ۽ رام وچ ۾ جنگ، راوڻ جي شڪست، ان کي لنڪا ڪانڊ به چوندا آهن.
7 اتر ڪانڊ آخري حصو، ايوڌيا ۾شري رام جي زندگي، سيتا جي جلاوطني، هن جي ٻن پٽن جو ڄمڻ، شري رام ۽ سيتا جو ٻيهر ميلاپ، سيتا جو موت ۽ رام جو آسمان تي وڃڻ.
آخر ۾ ڪهاڻيءَ کي افسوسناڪ انجام تي پهچايو ويو آهي جيڪو هيئن ته سيتا جي شهرت ايوڌيا ۾ واپسيءَ تي مشڪوڪ ٿي وئي ۽ ملڪ جي ماڻهن پنهنجي بادشاهه تي آڱريون کنيون، ڇو ته هو راوڻ جي محل ۾ هڪ سال گذارڻ واري زال کي گهر وٺي آيو هو. رام عوامي راءِ جي آڏو سر جهڪايو ۽ پنهنجي پياري ۽ وفادار زال کي هڪ دفعو وري جهنگ ڏانهن موڪليو. سيتا ان ڪهاڻي جي مصنف والميڪي (جيڪو شري رام جو اعتماد وارو دوست هو ۽ ايوڌيا ۾ رهندو هو،) وٽ پناه ورتي ۽ اتي ئي جاڙن پٽن لاوا ۽ ڪش کي جنم ڏنو. ورهيه گذرندا ويا. لاوا ۽ ڪش جوان ٿي ويا. والميڪي انهن کي پنهنجي شاگردن طور پاليو.
ڪيترن ئي ورهين کانپوءِ رام هڪ اشوميده (گهوڙي جي قرباني) جو اهتمام ڪيو. پاڙيسري ملڪن جا بادشاهه ۽ شهزادا ايوڌيا آيا. اتي والميڪي ۽ سندس شاگردن لاوا ۽ ڪش عظيم داستان رامائڻ پڙهي. ان دلچسپ حصي ۾ اسان کي پتو پوي ٿو ته قديم هندستان ۾ گيت ۽ ٻي شاعري به سينه به سينه منتقل ٿيندي هئي. ٻنهي ڇوڪرن کي اها ڪهاڻي ياد هئي. اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته اهو نظم 500 ڪينٽوز (Cantos) ۽ 4 2 هزار شعرن تي ٻڌل هو. اهي هر روز 20 ڪينٽوز پڙهندا هئا ۽ ائين 5 2 ڏينهن ۾ سڄو نظم مڪمل ٿي ويو.
رام پنهنجي پٽن کي سڃاڻي ورتو ۽ هن جي دل ۾ جلاوطن ڪيل سيتا جي خواهش هڪ دفعو وري پيدا ٿي، هوءَ ملڪ مان ته وئي هئي پر هن جي دل مان نه. شري رام شاعر والميڪي کان پنهنجي زال واپس گهري ۽ خواهش ڪئي ته هوءَ هڪ دفعو وري راج سڀا ۾ پنهنجي پاڪيزگيءَ جو ثبوت ڏئي ته جيئن ماڻهن جو شڪ ختم ٿي وڃي. سيتا آئي پر سندس ڪردار مشڪوڪ هو. اهڙي نموني هوءَ واپس هلي وئي.
اتر ڪانڊ جي آخر ۾ ٻڌايو ويو آهي ته شري رام ۽ ان جي ٻن ڀائرن عظيم شهرن ۽ سلطنتن جو بنياد رکيو جيڪا عيسوي عهد کان چار يا پنج سؤ ورهيه اڳ هندستان ۾ وڌي.
ڀرت جا ٻه پٽ مڪش ۽ لڪشمڻ هئا جن سنڌو درياءَ جي اوڀر ۾ فڪشلا (ٽيڪسيلا) ۽ سنڌو درياءَ جي اولهه ۾ پشڪاوتيءَ جو بنياد وڌو. لڪشمڻ جا ٻه پٽ انگلا ۽ چندر ڪيشو هئا، انگلا ڪرويد سلطنت ۽ چندر ڪيشو مالوه جي علائقي ۾ چندر جو شهر آباد ڪيو.
شتروگن جا ٻه پٽ سواهو ۽ شتروگتي مٿرا ۽ وويش جا حڪمران بڻيا.
شري رام جا ٻه پٽ لاوا ۽ ڪش هئا. لاوا پنجين يا ڇهين صدي ق- م اوڌ جي دارالحڪومت سرسوتيءَ تي راڄ ڪيو ۽ ڪش ونڌيا جبلن جي دامن ۾ ڪشاوتيءَ جو بنياد رکيو. بهرحال رام ۽ سيتا ڪامل مرد ۽ ڪامل عورت جو هندستاني مثالي نمونو بڻجي ويا.
نواب سيد حڪيم احمد لکيو آهي ته اختلافن جو گهڻو سبب اهو آهي ته تحريري صورت ۾ اچڻ کان اڳ رامائڻ جا نظم ايوڌيا جي ”اڪشواڪو“ خاندان جي بهادرن جي ڪارنامن تي مشتمل هئا ۽ اهي يڪتاري تي ترنم سان ڳاتا ۽ شو ق سان ٻڌا ويندا هئا ۽ جيئن انهن کي زباني ڳاتو ويو ۽ ائين ئي اهي تحرير ۾ اچي ويا.
عام طور تي رامائڻ جي تصنيف هڪ بزرگ والميڪيءَ سان منسوب آهي. محققن جي خيال ۾ اصلي تصنيف ته والميڪيءَ جي آهي پر بعد ۾ ان ۾ واڌارو ٿيندو رهيو. رامائڻ جي پنهنجي بيان مطابق والميڪي رام چندر جو همعصر هو ۽ ايوڌيا ۾ درياءَ جي ڪناري تي رهندو هو. ان بيان سان ته رام چندر جا ٻئي پٽ والميڪي جي گهر ۾ پيدا ٿيا، پتو پوي ٿو ته والميڪي جو شاهي خاندان سان گهرو تعلق هو. والميڪي رام چندر جو داستان سندس ٻنهي پٽن کي ٻڌايو هو ۽ اتان ئي اهو سڄي هندستان ۾ ڦهلجي ويو. پروفيسر ميڪڊونل جي راءِ آهي ته رامائڻ مهاڀارت ۽ ٻڌ مت کان اڳ جي تصنيف آهي ڇو ته انهن ٻنهي جي باري ۾ ان ۾ ڪوبه اشارو نٿو ملي. رامائڻ جي دور جي سياسي حالتن مان به اهو ئي پتو پوي ٿو ته ان دور ۾ مقامي حڪومتون قائم هيون. جڳهه جڳهه تي راجا راڄ ڪندا هئا، پر ٻڌ مت ۽ مها ڀارت جي دور ۾ وڏيون وڏيون حڪومتون قائم هيون ۽ شهنشاهي دور جاري هو. رامائڻ ۾ مافوق الفطرت حالتون ۽ واقعا بيان ڪيا ويا آهن ۽ ديومالائي تفصيل کان ڪم ورتو ويو آهي پر رام، لڪشمڻ ۽ سيتا کي انساني روپ ۾ پيش ڪيو ويو آهي ۽ رام چندر پنهنجي فرقي ۽ قوم جي طاقتور بادشاهه جي حيثيت سان نظر اچي ٿو.
پروفيسر ميڪڊونل مطابق والميڪي جو داستان رگويدي ۽ ديومالائي تخيل تي ٻڌل آهي ۽ والميڪ جو هيرو رگويد زماني جو مقتدر بادشاه آهي ۽ رگويدي ديومالا اندر ديوتا جي نمائندگي ڪري ٿو. رگويد مطابق سيتا فصل جي ديوي هئي ۽ ان جي پرستش ڪئي ويندي هئي.
هندو ديو مالائي ذهنيت شري رام چندر جي مهمن کي غير انساني واقعن سان ڀري ڇڏيو آهي، حالانڪه اهي ايشور کي مڃين پيا ۽ واعدي جي وفا جي لاءِ انهن گهڻيون تڪليفون برداشت ڪيون، ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته رامائڻ ۽ گيتا ۾ واضح فرق آهي جو گيتا کي مهاڀارت جي حصن کان الڳ ڪيو ويو، جنهن شري ڪرشن وانگر ڪنهن شخص کي ان جي فرض تي اڀارڻ جي لاءِ هدايتون ڏيڻ جو موقعو مليو هجي.
ڪهاڻيءَ مان اهو پتو پوي ٿو ته شري رام جو سڀ کان وڏو ڪارنامو راڪاسن جو خاتمو آهي جيڪي ڪونڊوگ جهنگ ۾ خدا جي عبادت ڪرڻ وارن کي تنگ ۽ قتل ڪندا هئا. راوڻ به ان گروه جو سربراه هو. راوڻ جو خاتمو اصل ۾ لنڪا ۾ بَديءَ جي حڪومت جو خاتمو ۽ وهيش جهڙي نيڪ انسان جي حڪومت قائم ڪرڻ هو. اڳتي هلي شري رام جي پنهنجي حڪومت جو نمونو پيش ڪيو ويو آهي جيڪا نيڪي، انسان دوستي، امن ۽ محبت جو گهوارو هئي.
بهرحال کوجنا سان پتو پوي ٿو ته شري رام جو داستان غير انساني ديومالائي قصو نه پر ايشور جي طرفان موڪليل عظيم رهنما ۽ هاديءَ جي ڪهاڻي آهي.

[b]شري ڪرشن ۽ ڀڳوت گيتا
[/b] هندو ادب ۾ برهمڻ ۽ کتريءَ جي نظرياتي ۽ عملي ڇڪتاڻ واضح نموني نظر اچي ٿي. برهمڻن هندو معاشري کي چئن ذاتين ۾ ورهايو يعني برهمڻ، کتري، وئش ۽ شودر. اهڙي نموني انسان جي زندگيءَ جا به چار مرحلا قائم ڪيا: شاگردي، گرهستي، بنواس ۽ اڪيلائپ.
هندو معاشري ۾ هر ماڻهو چئن ذاتين مان ڪنهن هڪ ذات سان تعلق رکي ٿو ۽ اهوئي تعلق هن جو معاشرتي رتبو متعين ڪري ٿو. برهمڻ سڀ کان مٿانهين ذات جو مالڪ هوندو آهي. اهو علم سيکاريندو آهي ۽ مذهبي ڪتابن جو تفسير ڪندو ۽ مذهبي رسمون بجا آڻيندو آهي. کتري معاشري کي دشمن کان بچائڻ لاءِ جنگ ڪندو آهي. وئش واپار ڪندو آهي ۽ شودر صفائي وغيره ڪندو آهي.
ان ورهاست جي خلاف هندو معاشري ۾ رام چندر، شري ڪرشن، مهاتما ٻڌ ۽ مهاوير جدوجهد ڪئي. پر برهمڻ جي نظرياتي بالادستي قطعي طور ختم نه ٿي سگهي. شري رام چندر جو ذڪر ٿي چڪو آهي، هاڻي شري ڪرشن ۽ ان جي الهامي ڪتاب ڀڳوت گيتا جو ذڪر ڪجي ٿو:

[b]ڀڳوت گيتا جي حقيقت
[/b] ڀڳوت گيتا اصل ۾ ان ڳالهه ٻول تي ٻڌل آهي جيڪا ڪرشن ۽ ارجن جي وچ ۾ ٿي. اها ڳالهه ٻول اخلاق جي ٻن مڪتبه فڪرن سان تعلق رکي ٿي. هڪ سوچ ڌارا مطابق انسان بَديءَ جي طاقتن سان جنگ ڪري، انهن کي رستي تان هٽائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ٻي سوچ ڌارا انهن قوتن کان ڪنڊائتو ٿي ذاتي اصلاح تي زور ڏئي ٿي. اهو مڪتبه فڪر ذاتي نجات جو قائل آهي.

[b]گيتا ۽ ان جا ترجما
[/b] ڀڳوت گيتا، مهاڀارت جو ئي هڪ حصو آهي. اها جنگ ڪوروئن ۽ پانڊوئن وچ ۾ دهليءَ ويجهو ڪروڪيشتر جي ميدان ۾ وڙهي وئي. گيتا ارڙهن بابن ۽ 700 شعرن تي ٻڌل آهي. هندستاني روايت مطابق گيتا ويدن جي تعليم جو جوهر آهي. گيتا ڪيترين ئي صدين تائين هندو معاشري تي اثرانداز رهي آهي. ذري گهٽ سمورن هندستاني فيلسوفن ان جون شرحون لکيون آهن، جنهن ۾ شنڪر آچاريه توحيد جو تصور وحدت الوجود جي ماتحت ۽ رامانج توحيد الاهي جي عقيدي مطابق تفسير لکيو آهي. موجوده دور ۾ شري راڌا ڪشن، مهاتما گانڌي ۽ آروبندي به تفسير لکيا آهن. گيتا جو انگريزي ترجمو چارلس ڊڪنز 1783ع ۾ڪيو. آخري وقت ۾ سر ايڊون آرنلڊ به ترجمو ڪيو. هو پونا جي هڪ ڪاليج ۾ سنسڪرت جو پروفيسر هو ۽ مهاتما ٻڌ جي زندگيءَ تي لائيٽ آف ايشيا (Light of Asia) نالي سان ڪتاب لکيائين جيڪو نظم ۾ آهي. هن، حضرت مسيح جي زندگيءَ تي لائيٽ آف ورلڊ (Light of World) نالي ڪتاب پڻ لکيو.
هن وقت تائين گيتا جو 30 ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي ۽ ان جا هڪ هزار ايڊيشن شايع ٿي چڪا آهن. گيتا جو شعر ۾ ۽ صحيح ترجمو خواجه دل محمد اردو ٻوليءَ ۾ ڪيو، جنهن کي گيتا مشن سند ڏني. اهڙي نموني ڊاڪٽر خليفه عبدالحڪيم به ترجمو ڪيو.
1500 ق- م ۾ هندستان اچڻ وارن آرين جي مذهبي زندگي ويدن جي چوڌاري گهمي ٿي. مقدس ويدن جي الهامي ڏاهپ هندستانين جي روحاني رهنمائي ڪئي. ويدڪ زندگيءَ جو طريقو، زندگيءَ جي توثيق هو پر بعد ۾ ان ۾ تبديلي اچي وئي ۽ زندگي بنيادي طور نجس تصور ڪئي وئي. ڪرم ۽ روح جي تناسخ ان جي ماهيت ۾ اضافو ڪيو.

[b]اپنشدن جو فلسفو
[/b] اپنشدن، جيڪي ويدن جي تعليم جو عروج وارو نقطو آهن، نجات جو به هڪ فلسفو ڏنو. اپنشدن مطابق انساني وجود جو حقيقي جوهر آتما آهي. روح زمان ۽ مڪان کان مٿانهون آهي. روح جو رشتو جسم سان عارضي آهي، سموري طبعي زندگي جي عمارت ايشور يعني پيدا ڪندڙ تي آڌاريل آهي. ايشور جوهر، ادراڪ ۽ شعور آهي. ايشور ۽ روح هڪ آهي. انساني زندگيءَ جي ڏکن جو سبب ان جي باري ۾ غلط آگاهي آهي. روح انساني زندگيءَ سان هڪ جهڙو آهي پر اهو اعمال جي اختلاف سان تناسخ جي چڪر ۾ ڦاسي ويندو آهي ۽ هر هر پيدا ٿيڻ جو ڏک سهندو آهي. جڏهن انساني وجود پنهنجي جوهر ۽ ايشور سان حقيقي تعلق کي سڃاڻي وٺي ٿو ته تناسخ جي چڪر مان نڪري اچي ٿو.
اپنشدن جي بنيادي فلسفي هندو معاشري کي تمام گهڻو نقصان پهچايو. ان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هر انسان جو تعلق ڪنهن هڪ ذات ۽ آشرم سان هوندو آهي يعني برهمڻ هجي يا کتري، وئش هجي يا شودر. اهڙي نموني هو عمر جي لحاظ کان شاگرد هجي يا شاديءَ وارو يا ان کان فارغ ٿي آخر ۾ سنياس جي زندگيءَ ۾ هوندو. سنياس مڪمل ترڪ حيات آهي. پنهنجا فرض سر انجام ڏيڻ وارو ڪوبه ماڻهو نيڪيءَ جو ذخيرو ختم ٿيڻ تي وري جنم وٺي سگهي ٿو. اپنشدن جي فلسفي، تناسخ کان ڇوٽڪاري جو رستو، عملي زندگيءَ کي ڇڏي دنيا تياڳڻ ٻڌايو آهي ۽ چيو آهي پنهنجي روح ۾ خدا کي ڳوليو.
ڀڳوت گيتا جو فلسفو اصل ۾ اپنشدي فلسفي جي ترديد آهي. سوال اهو آهي ته جيڪڏهن معاشري ۾ عمل ترڪ ڪرڻ ئي بهترين ڪم آهي ته معاشرو ڪيئن ٿو قائم رهي سگهي. شري ڪرشن زندگيءَ جو هڪ زبردست تصور پيش ڪيو، جنهن ۾ ڪو به شخص مذهب يا ڌرم جي پيروي ڪري روح جي تناسخ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهي ٿو.

[b]گيتا جو فلسفو
[/b] گيتا جو اصل نالو ڀڳوت گيتا اپنشد آهي يعني ”ڀڳوان جي رازن جو تفصيلي اظهار.“ دريو ڌن جيڪو ڪوروئن جو سربراهه هو، تنهن پنهنجي سوٽن پانڊوئن کان راڄ کسي ورتو هو. پانڊوئن وڏي ڪوشش ڪئي ته لڙائيءَ کانسواءِ کين پنهنجو حق ملي وڃي پر سڀ ڪوششون ناڪام ويون. آخر ۾ پانڊوئن شري ڪرشن کي دريوڌن ڏانهن موڪليو، پر هن پوءِ به نه مڃيو ۽ شري ڪرشن کي جواب ڏنو ته جنگ کانسواءِ ٻاڙيءَ جيتري زمين به نه ڏيندا. نيٺ ڪروڪيشتر جي ميدان تي ٻئي فوجون آمهون سامهون ٿيون، جڏهن جنگ جو وقت آيو ته ارجن تي خاص ڪيفيت طاري ٿي وئي. هن ڏٺو ته جنگ ۾ سڀ ڀائر، بزرگ ۽ استاد مارجي ويندا، هزارين ٻار يتيم ٿي ويندا. اهڙي نموني جنگ جو ڪو فائدو نه آهي. اهو احساس ايترو شديد هو جو هن جي هٿ مان ڪمان ڪري پيو ۽ اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳس. هن شري ڪرشن کي صاف لفظن ۾ چيو ته هو جنگ نه ڪندو. اتان کان شري ڪرشن ۽ ارجن جي وچ ۾ تاريخي ڳالهه ٻول شروع ٿئي ٿي ۽ گيتا ان ڳالهه ٻول تي ٻڌل آهي. ڳالهه ٻول جيتري اڳتي وڌندي وئي ان ۾ وسعت ۽ گهرائي ايندي وئي، ايستائين جو ڪائنات ۽ زندگيءَ جي سڀني مسئلن تي ڳالهايو ويو. اصل ۾ ارجن جو احساس ۽ شري ڪرشن جو وعظ اخلاق جي ٻن مڪتبه فڪرن سان تعلق رکي ٿو. ارجن جو مڪتبه فڪر پنهنجي چوڌاري ظلم، فساد، قتل، غارت ۽ بَديءَ جي قوتن کي نظر انداز ڪري پنهنجي انفرادي ڇوٽڪاري تي ڌيان ڏئي ٿو. اصل ۾ اهو فرار جو رستو آهي. شري ڪرشن ان نقطه نظر جي سختيءَ سان ترديد ڪئي ۽ ارجن کي نفسياتي پريشانيءَ مان ڪڍڻ لاءِ زندگيءَ جو هاڪاري تصور پيش ڪيو. اها اخلاقي تصور جي رهبانيت واري بنيادي شڪل آهي ۽ اڳتي هلي مشرقي تصوف ان کي اختيار ڪيو. ان تصور مطابق هيءَ دنيا عذاب گهر آهي، ان کان بچڻ ۽ ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ انسان جو فرض آهي. ان جي ابتڙ ڪرشن فرمايو آهي ته اي ارجن، تون جسم کي روح سمجهين ٿو، جسم ختم ٿيڻ وارو آهي، پر روح ڪڏهن نه مرندو آهي، اهو لافاني ۽ دائمي آهي. شري ڪرشن جو مقصد ارجن کي پنهنجو فرض سمجهائڻ هو. ارجن هڪ جنگجو سپاهي آهي جنهن جي لاءِ حق خاطر وڙهڻ هڪ فرض ۽ ڌرم آهي ۽ جيڪو ماڻهو پنهنجي ڌرم تي عمل نٿو ڪري، اهو نه ته هن دنيا ۾ عزت ماڻيندو ۽ نه آخرت ۾ ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهندو.
ڪوروئن جو خاندان مڌيه پرديش يعني دهلي ۽ ان جي اتر واري علائقي ۾ آباد هو. اهو وڏو طاقتور گروهه هو، انهن جي ٻولي ترقي ڪري سنسڪرت جي شڪل اختيار ڪئي هئي. ان ئي علائقي ۾ ويد لکڻ وارا گڏ ڪيا ويا ۽ هتي ئي برهمڻن جو خاص طبقو پيدا ٿيو جنهن هڪ برتر سياسي ۽ سماجي حيثيت اختيار ڪئي جيڪا بعد ۾ سموري هندستان ۾ تسليم ڪئي وئي. آرين جا سڀ مذهبي ڪتاب جيڪي هن وقت موجود آهن، هتي ئي تيار ڪيا ويا.
مڌيه پرديش کان ٻاهر برهمڻن جو ايترو اثر رسوخ نه هو، ان ڪري ٻاهرين ملڪن ۾ محقق ۽ مفڪر عام طور تي کتري ئي هوندا هئا، جن جي تعريف خود انهن جي همعصر برهمڻن جي ڪتابن ۾ملي ٿي. چاڻڪيه جو مادي فلسفو به ان ئي علائقي ۾ اُسريو. ان فلسفي جا باني ۽ سرپرست سڀ کتري هئا. هتي ئي برهمڻن جي وحدت الوجود واري فلسفي جي مقابلي ۾ کترين توحيد پرست تصور پيش ڪيو. ڀڳوت گيتا جي پهرين چئن بابن ۾ اهو اشارو ملي ٿو ته توحيد پرست مذهب کترين جو قائم ڪيل آهي ۽ ڪجهه بادشاهه ان فسلفي کي مڃيندا هئا ۽ ڪي وري ان جا سرپرست هئا.
مڌيه پرديش کان ٻاهرين ملڪن ۾ وحدت الوجود جي فلسفي جي ابتڙ توحيد پرست مذهب پيدا ٿيو ۽ اُسريو نسريو. تاريخ مان پتو پوي ٿو ته ان توحيد پرست مذهب جي شروعات شري ڪرشن واسديو کان ٿي. سندس والد جو نالو واسديو ۽ ماءُ جو نالو ديوڪي هو. مها ڀارت جي سڀني حصن ۾ شري ڪرشن کي اوتار جي حيثيت سان پيش ڪيو ويو آهي. هڪ بهادر سپاهي، مذهبي رهنما ۽ مصلح جي حيثيت سان پيش ڪيو ويو. شري ڪرشن واحد خدا جو نالو ڀڳوت رکيو ۽ ان جا پوئلڳ ڀاڳوت سڏرائڻ لڳا، سڀ کان پهريان سندس قبيلي جي ماڻهن ان مذهب کي قبول ڪيو، ان کانپوءِ اهو ٻاهرين ملڪن ۾ ڦهلجي ويو. گيتا چاڻڪيه جي ماديت پسند فلسفي خلاف توحيد پرست فلسفو پيش ڪيو. چاڻڪيه فلسفي ۾ روح اعظم جي لاءِ ”يوڪش“ جو لفظ استعمال ڪيو ويو.
پراڻي زماني کان وٺي برهمڻ مت جو اثر حاوي ٿيندو ويو، ايستائين جو شري ڪرشن جي ڀاڳوتي مذهب ۾ شرڪ پوري طرح داخل ٿي ويو ۽ گيتا جو توحيد پرست تصور شرڪ سان آلوده ٿي ويو، ايتريقدر جو ڪرشن کي ڀڳوان مڃيو ويو.
ان کان پهريان شري رام چندر جو تصور خالص انسانيت جي شڪل ۾ ظاهر ٿئي ٿو، ان کانپوءِ شري ڪرشن جي تعليم ۾ بَديءَ جي خلاف جنگ جو تصور اڀري ٿو. ڪرشن جي تعليم ۾ هڪ ٻئي اوتار جو ذڪر به اچي ٿو، جنهن جي هٿ ۾ تلوار هوندي. هو بَديءَ جي قوتن کي فنا ڪندو ۽ دنيا ۾ عدل، رحم ۽ سماجي انصاف جو مقدس دور شروع ڪندو. ڀاڳوتي مذهب ۾ ڪرشن کي ايشور (خدا) جو مڪمل مظهر قرار ڏنو ويو آهي. گيتا ۾ (4 :6 ) هڪ جڳهه تي برهما چوي ٿو ته مان پيدائش ۽ موت کان مٿاهون آهيان پوءِ به مختلف زمانن ۾ ظاهر ٿيندو آهيان ته جيئن نيڪي کي تقويت ڏيان ۽ بَديءَ کي ختم ڪري شريعت قائم ڪريان. (4 :7 ).
گيتا جنهن ماحول ۾ وجود ۾ آئي ان مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته، انهيءَ جو مقصد اخلاقي ضابطو ڏيڻ، زندگيءَ جي مسئلن کي سلجهائڻ ۽ نيڪ عملن جي ترغيب ڏيڻ هو. گيتا مطابق ايشور سموري ڪائنات جو پيدا ڪرڻ وارو آهي جنهن جو نه ڪو آغاز آهي نه انجام. ان عقيدي کي اپنائڻ وارو ماڻهو ئي بَدي ۽ گناهه کان محفوظ رهي سگهي ٿو، خوف ۽ پريشانيءَ کان بچي سگهي ٿو. ايشور نه صرف سڄي انساني ڪائنات کان پر انسانن جي روح کان به مٿاهون آهي.(باب 1 - اشلوڪ 3 -2 ).
ايشور چوي ٿو ته ”مان سڀني جي دلين ۾ آهيان. علم، عقل جو قيام، شڪ جو خاتمو مونکان آهي مان سڀني علمن جي انتها آهيان، مان ئي سڀني علمن کي ڄاڻڻ وارو آهيان. هن دنيا ۾ ٻه پرش آهن: هڪ فاني، ٻيو لافاني. هيءَ سڄي ڪائنات فاني آهي ۽ روح لافاني پر ايشور ٻنهي کان جدا ۽ لافاني برهما آهي. هي ٽنهي ڪائناتن ۾ جاري و ساري آهي ۽ انهن جو پيدا ڪرڻ وارو آهي.“
مان هن فاني شيءِ کان مٿاهون آهيان، ان ڪري مونکي ويدن ۾ ۽ هر جڳهه تي ايشور چيو ويندو آهي.(8 1-5 1-5 1 ).
ايشور چوي ٿو ته ٻه مختلف قوتون آهن: هڪ ڪمزور درجي واري جيڪا زمين، پاڻي، باهه، هوا، نفس ۽ خوديءَ ۾ ظاهر ٿيندي آهي. ٻي بلند درجي واري آهي جيڪا پهرين کان بلڪل مختلف آهي. اها روحاني حيات آهي جنهن سان هيءَ سڄي ڪائنات قائم آهي. ان جو سادو مفهوم هيءُ آهي ته مادي ۽ غيرمادي ڪائنات سڀ ايشور جي تخليق آهي ۽ ان جي شهرت جي ماتحت پنهنجي فرضن جي ادائگيءَ ۾ رڌل آهي. ايشور پراڪرتي (مادي) جي رحم ۾ ٻج وڌو ۽ ان سان ڪائنات پيدا ٿي آهي (14 :3) اهو ئي سڀني جو پيءُ ۽ حاڪم آهي. اهو ئي ڪائنات جي پيدائش، ترقي ۽ تباهيءَ جو اڪيلو ذميوار آهي ۽ ان حيثيت سان هو ان جو آغاز ۽ انجام آهي. سڀ شيون ڏانهس موٽڻ واريون آهن (9:7) اهو ئي سڀني جون قسمتون بدلائڻ وارو آهي يعني انهن جي اعمال مطابق سزا ۽ جزا ڏيڻ وارو آهي، هو انتهائي ڪمال وارو آهي، ان ڪري هن سان ڪنهن خواهش جو اظهار ممڪن نه آهي ۽ انڪري ڪائنات جي تخليق ۾ ان جو ڪو به مقصد نه آهي، هِن ڪائنات جي تخليق جو مقصد صرف مخلوق جي ڀلائي آهي.
”اي پرٿويءَ جا پٽ، انهن ٽنهي دنيائن ۾ ڪوئي اهڙو ڪم نه آهي جيڪو منهنجي ڪرڻ جو هجي ۽ نه مونکي ڪنهن اهڙي شيءِ جي حاجت آهي جيڪا مون وٽ نه هجي. ان جي باوجود مان هر پل ڪم ۾ مشغول آهيان، جيڪڏهن مان ننڊ کان محفوظ لڳاتار ڪم نه ڪندو رهان ته هيءَ ڪائنات تباهه ۽ برباد ٿي وڃي ۽ هر هنڌ فساد برپا ٿي و ڃي (22-3:4) ان مقصد تحت گيتا ۾ اوتار جو نظريو پيش ڪيو ويو ته جيئن دنيا مان فساد ختم ٿئي. ”جڏهن به دنيا ۾ ناانصافي ۽ ظلم عام ٿي وڃي ۽ عدل ختم ٿي وڃي، تڏهن مان جيڪو ازلي ۽ لافاني آهيان ۽ ڪڏهن پيدائش ۾ ملوث نه ٿيندو آهيان، پنهنجو پاڻ کي فاني شڪلين ۾ ظاهر ڪندو آهيان ته جيئن نيڪيءَ جي حفاظت ڪريان ۽ بَديءَ کي ختم ڪريان ۽ اهڙي نموني حق ۽ انصاف قائم ٿئي.“ (6-4:8)
خدا جو ڪو به فعل ذاتي خواهش تي ٻڌل نه هوندو آهي، پر مادي جي ڪري ظاهر ٿيندو آهي جنهن تي هو حڪمران آهي، ان ڪري هو پنهنجي اعمال جي ڪري ڪنهن نتيجي جو پابند نه آهي ۽ ان جي مطلق العناني ۽ قدرت ۾ ڪا به ڪمي نٿي اچي.
عام طور انسانن کي انهن جي اعمال مطابق سزا ۽ جزا ملندي آهي پر جيڪڏهن خدا سان صحيح نموني محبت ڪئي وڃي ته ان محبت عيوض انسان رحمت جو اميدوار ٿي سگهي ٿو. (18:64=238:-14-20) سڀني شين کي ڇڏي مون وٽ پناهه ڳوليو، مان توهان کي عام گناهن کان ڇوٽڪارو ڏيندس، ڪو به ڏک نه ڪريو.(66:18)
گيتا پرش (روح) ۽ پراڪرتي (مادي) جي ورهاست موجود آهي، پر ان جي ثنويت کي وحدت ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. پرش ڪو جدا اصول نه پر ايشور جي ئي هڪ شڪل آهي. ان ڪائنات جي عمل جي تهه ۾ هڪ روحاني قوت موجود آهي گيتا ۾ اتم روح جو تصور به موجود آهي جيڪو چاڻڪيه جي فلسفي ۾ آهي، گيتا ۾ اتم روح جو تصور به موجود آهي جيڪو چانڪيه ۾ نه آهي.
تيرهين باب ۾ روح ۽ مادي وچ ۾ تفصيلي فرق پيش ڪيو ويو آهي. ارجن پڇي ٿو ته هو روح ۽ مادي، ميدان ۽ ناظر ۽ علم ۽ معلوم جي باري ۾ ڄاڻڻ چاهي ٿو. شري ڪرشن جواب ڏنو ته جسم ميدان آهي ۽ جيڪو ان ميدان ۾ واقعن جو مطالعو ڪري ٿو اهو عالم آهي. اهو مثال تمام اهم آهي. ميدان مسلسل ڪار زار، جدوجهد، ترقي، تنزل ۽ موت جو علائقو آهي. ڄاڻڻ واري يا مطالعي ڪرڻ واري جو ڪم صرف ڏسڻ يا تماشو ڪرڻ آهي.

[b]روح جي صحيح سڃاڻپ
[/b] روح جي صحيح نوعيت هيءَ آهي ته اهو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ مادي کي استعمال ڪندو آهي ۽ ان کي اهڙي نموني آڻيندو آهي پنهنجا ارادا پورا ڪرائي سگهي. جيڪڏهن روح کي ناڪاري تصور ڏنو وڃي ته ان سان انساني انفراديت،سندس جذبا، بلند عزم ۽ سندس اخلاقي حيثيت سڀ ختم ٿي ويندا. روح بيٺل نه آهي پر ظاهر ٿيندو آهي ۽ حرڪت ڪندو آهي. ان تي واردات جو عڪس نه پوندو آهي پر اهو پاڻ انهن وارداتن کي پيدا ڪندو آهي ۽ ان مان اثر وٺندو آهي. مادي جي آلودگي روح جي پاڪيزگيءَ کي آلوده نه ڪندي آهي. روح ۾ اها فطري صلاحيت موجود آهي ته ان جي آڏو جيڪڏهن بلند مقصد هجن ته اهو آلودگين کان بچي ويندو آهي. روح مادي جي حرڪت جو مشاهدو نه ڪندو آهي ڇو ته مادو صرف سڪون ۽ جمود آهي، جڏهن ته حرڪت جو ماخذ روح آهي. هن ڪائنات ۾ سڄي هلچل مادي جي ڪري آهي پر ان ۾ حرڪت پيدا ڪرڻ روح کانسواءِ ممڪن نه آهي.
هڪ ٻي جڳهه تي ڄاڻايو ويو آهي ته روح خدا جو قديم حصو آهي (15 :7) ته پوءِ سوال ٿو پيدا ٿئي ته انساني روح ڪائنات جي خالق جي هڪ محدود شڪل آهي، اهو خدا جنهن کي نه ننڊ ايندي آهي ۽ نه وري اهو مسلسل حرڪت ۽ عمل ۾ عاجز هوندو آهي (3 :22-4 ) ته پوءِ انساني روح ڪهڙي نموني جامد ۽ ساڪن ٿي سگهي ٿو. اصل ۾ اهو تضاد سانکيه فلسفي جي ڪري پيدا ٿيو آهي. گيتا ۾ سانکيه فلسفي جي ڪا به گنجائش نه آهي.

[b]مادي جي حقيقت
[/b] گيتا ٻڌائي ٿي ته مادي جا سڀ عمل انهن ٽن گڻن جي ڪري آهن جن سان ملي مادو بڻجي ٿو. اصل ۾ گڻ جو هتي مطلب صفت نه پر حصو آهي جن سان ملي مادو بڻجي ٿو. اهي حصا ٽي آهن:
1 ستو: سفيد حصو، اهو جز جيڪو پاڪ صاف روشني ڏيڻ وارو، نيڪ ۽ صادق آهي.
2 رجس: ڳاڙهو حصو، جنهن سان عمل، جذبو، بي چيني ۽ قوت جو اظهار ٿيندو آهي.
3 تمس: ڪارو حصو، هر ان شيءِ جو نمائندو جيڪا ڳوري، ڪاري، جمود ۽ سڪون جي ياد ڏياريندي آهي.
مذڪوره حصن جي مختلف نسبتن ۾ ملڻ سان شين جو اختلاف پيدا ٿئي ٿو، گيتا مطابق مادي سان جيڪو حصو ظاهر ٿئي ٿو ان کان ڪو انسان ته ڇا ديوتا به محفوظ نه آهي. انهن ئي ٽنهي حصن انسان کي ڪائنات جي زنجيرن ۽ زندگيءَ جي چڪر ۾ جڪڙي رکيو آهي. صحيح زندگي انهن حصن کان مٿاهون هجڻ جو نالو آهي.
زندگيءَ جو نقشو گيتا جا سڀ قصا اسان جي آڏو پيش ڪن ٿا يعني مسئلن جي پيچيدگي ۽ انساني ذهن جون غلط فهميون زندگيءَ کي انهن مسئلن ۾ ڦاسائڻ بدران فرار جو سولو رستو ڏيکارين ٿيون. اسان کي اهو سبق نٿو ملي ته اسان پنهنجي جسم، روح ۽ ان جي سڀني حصن جي خاصيتن کان بالاتر ٿي دنيا ترڪ ڪريون. ان قصي جو صحيح مقصد هي آهي ته اسان پنهنجي سڀني مجبورين، پنهنجن حدن ۽ زنجيرن کي قائم رکندي پنهنجي لاءِ فلاح ۽ سعادت جو هڪڙو ۽ صرف هڪڙو رستو اختيار ڪيون جنهن سان ايشور جي رضا حاصل ٿئي ۽ اِن رضا ۾ بقول گيتا: اسان جي فلاح ۽ ڀلائي لڪيل آهي (18:64)

[b]گيتا جو اصل موضوع
[/b] گيتا جي مصنف جو اصل موضوع انسان ۽ ان جي سعادت آهي. اهو صحيح آهي ته هيءَ سڄي بي جان ۽ جاندار ڪائنات خدا جو مظهر آهي، پر انسان هن ڪائنات جو سرتاج ۽ سموري مخلوقات ۾ مڙني کان مٿانهون آهي. اهو صرف انسان ئي آهي جنهن کي طاقت ۽ اختيار ڏنو ويو آهي جن جي مدد سان جيڪڏهن هو چاهي ته ڀلائي ۽ آسانيون پيدا ڪري سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن چاهي ته پنهنجي لاءِ مصيبت ۽ عذاب جا در کولي سگهي ٿو. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته گيتا جي مختلف اشلوڪن ۾ ايشور جي مطلق قدرت جو اظهار اهڙن لفظن ۾ ڪيو ويو آهي، جنهن کي زماني جا لاها چاڙها جيڏانهن وٺي وڃن اوڏانهن هليو وڃي ٿو ۽ هڪ نه ختم ٿيڻ واري حرڪت کيس هڪ بي جان مشين وانگر بنا مقصد جي گهمائيندي رهي ٿي (18 :59 -61) انساني نفس صرف هڪ بيحس مشيت جو آله ڪار آهي ۽ جيڪو ڪجهه ان کان ٿئي ٿو، ان لاءِ هو بلڪل مجبور آهي، ڇو ته هن جي مرضي يا ارادي کي ڪو به دخل نه هوندو آهي (11 :33-32) پر انهن لفظن سان جيڪا غلط فهمي پيدا ٿئي ٿي، اها اصل قصي جي نوعيت ۽ ان جي مقصد کان پري وٺي وڃي ٿي. اهڙي نموني جڏهن شري ڪرشن سمورو وعظ ختم ڪري ٿو ته آخر ۾ ارجن سان هيئن مخاطب ٿئي ٿو ”مان توکي علم سيکاريو آهي جيڪو سڀني رمزن جو سرتاج آهي، ان تي غور ۽ تدبر ڪر ۽ ان کانپوءِ جيڪو تنهنجي دل ۾ اچي اهو ڪر!“ (18 :63) اهي آخري لفظ ان حقيقت جو اعلان آهن ته گيتا جي مصنف جي نظر ۾ انسان با اختيار ۽ موثر هستي آهي جيڪو نيڪي ۽ بَديءَ ۾ تميز ڪري سگهي ٿو ۽ پنهنجي اختيار جي ارادي کي جيئن چاهي استعمال ڪري سگهي ٿو. خدا جو قادر مطلق هجڻ ۽ انسان جو صاحب اختيار هجڻ ٻئي ڳالهيون عملي طور پنهنجي جڳهه تي صحيح آهن، پر ان ۾ منطقي ربط پيدا ڪرڻ انساني عقل کان مٿي آهي، ان ڪري اڪثر مذهبي صحيفن ۾ هن قسم جو تضاد واضح طور نظر اچي ٿو. ارجن کتري آهي، بهادر آهي، عملي انسان آهي. هو شري ڪرشن مٿان سوالن جي بوڇاڙ ڪري ٿو ته جيئن هر سوال کي بنا شڪ جي ۽ هر ڳالهه کي عملي طور سمجهي سچائي ڇا آهي؟ ۽ ان جي تهه تائين پهچي.

[b]گيتا جو انسان
[/b] جڏهن اسان ان سڄي مابعد الطبعياتي بحث کان پاڻ کي الڳ ڪريون ته گيتا جو ماڻهو حقيقت ۾ اسان جي ئي ذات جو عڪس آهي. هو سوچي ٿو. محسوس ڪري ٿو ۽ ارادو ڪري ٿو. هو ان خارجي ڪائنات ۾ زندگي گذاري ٿو ۽ ان ئي تعلق سان هر برائيءَ جي ترغيب سان آڏو اچڻو پوي ٿو ۽ ڏک ۽ خوشي جي احساسن جو تجربو ٿئي ٿو. هو اڪثر پنهنجي خواهش جو شڪار ٿئي ٿو. غصو، لالچ، محبت، نفرت ڪري ۽ خواهشن ۽ تصورن جو محل جوڙي ٿو ۽ انهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ عمل به ڪري ٿو. انهن سڀني ڳالهين جي باوجود ڪنهن مهل هو محسوس ڪري ٿو ته هيءَ زندگي سراب يا دوکو آهي. حقيقت ان خارجي دنيا ۾ جلوه گر نه آهي پر پردي جي پٺيان آهي، ان پردي کي هٽائڻ کانسواءِ هو حقيقت کي نه ٿو ڏسي سگهي. شري ڪرشن پنهنجي وعظ جي شروعات ۾ ئي ارجن کي اها حقيقت ٻڌائي هئي ته جسم ۽ ڪائنات سڀ فاني آهن ۽ حقيقت صرف اهو روح آهي جيڪو هت مرڻ واري جسم ۾ آهي.

[b]فساد جا سبب
[/b] گيتا مطابق اها الفت ۽ محبت، نفرت ۽ حقارت، غصو ۽ لالچ سڀ انساني گناهن جي جڙ ۽ فساد جو باعث آهن، اهي ئي ان کي برن خيالن ۽ برن عملن جي ترغيب ڏين ٿا، اهي ئي ان کي حقيقت جي علم کان پري ڪري حقيقي سعادت کي حاصل ڪرڻ کان محروم رکن ٿا.
فرضن جي ادائگي ۽ معاشرتي تعلق کان علحدگي هڪ عظيم گناهه آهي. صحيح راهه عمل اهو آهي ته اسان زندگيءَ جي مسئلن ۾ ڦاسون ۽ پنهنجي غلطين ۽ ڪوتاهين تي پشيمان ٿي توبهه ڪريون ۽ اڳتي انهن کان بچون.

[b]نيڪ انسان :
[/b] نيڪ انسان اهو آهي جيڪو هن معاشري ۾ پنهنجي مرتبي مطابق فرضن جي ادائگيءَ ۾ دل و جان سان رڌل هجي. گيتا جي لفظن ۾ اهو ماڻهو ديوتائن جي زمري ۾ اچي ٿو، جنهن جي سيرت بلند ۽ جنهن جي دل پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ ۾ مصروف هجي، جنهن جو ذهن مقصد جي حاصلات جا ذريعا ڳولي لهي ۽ اهڙي انسان جو مثال آهي شري ڪرشن. گيتا اهڙن نيڪ انسانن جي بهترين صفتن نيڪي، خلوص، نفس تي ضابطي، پاڪيزگي، حياءُ، جرئت وغيره جو ذڪر ڪيو آهي. ان جي ابتڙ برا انسان اهي آهن جن جي رهڻ جي جاءِ تحت الثريٰ يا پاتال آهي، جيڪو شيطاني گروهه جو مسڪن آهي. اهي نفاق، غصو، غرور، نفرت ۽ هٺ ڌرميءَ جو شڪار آهن، اهي خدا ۽ انسانن جا دشمن آهن ۽ ڪجهه ڏينهن جي زندگي جي اعمالن ۽ نتيجن تي مطمئن آهن. گيتا چيو آهي ته بي خوفي، دل جي پاڪيزگي، مصروفيت، سخاوت، نفس تي ضابطو، قربانيءَ جو جذبو، مقدس ڪتابن جي تلاوت، بَديءَ کان پرهيز، صاف گوئي، سڀني جي لاءِ احترام جو جذبو، اعتدال پسند طبيعت، چغلي ۽ گارين کان پرهيز، خواهشن کان پرهيز، حياءُ، شرم، نرمي، جوش، مصيبتن ۽ تڪليفن ۾ صبر، نفرت حقارت ۽ غرور کان پرهيز، اهي صفتون آهن انهن انسانن جون جيڪي روحاني دنيا ۾ پيدا ٿيندا آهن.
نفاق، غرور، غصو، جهالت اهي صفتون انهن انسانن جون آهن، جيڪي شيطاني گروهه سان تعلق رکن ٿا.
”اي ڪنتي جا پٽ، پنهنجي ڪرمن ۽ پنهنجي فطرت هٿان مجبور ٿي جيڪو فعل تون پنهنجي ارادي ۽ خواهش سان نٿو ڪرڻ چاهين، اهو توکان تنهنجي مرضيءَ جي خلاف ٿي ويندو. اي ارجن، ايشور هر دل ۾ موجود آهي ۽ پنهنجي مايا جي قوت سان هر شيءِ کي نچائيندو رهي ٿو. اهڙي نموني شري ڪرشن ارجن کي چوي ٿو ته سڄي ڌرم کي پاسي رکي مون ۾ پناهه ڳوليو (18 :61) اها منزل حقيقت ۾ اعليٰ اخلاقي زندگي آهي جنهن کي حاصل ڪرڻ هر شخص جي لاءِ ناممڪن آهي، ان جي لاءِ نيڪي، بَدي ۽ ڌرم جي سڃاڻپ کان مٿڀري ٿي زندگي گذارڻ ناممڪن آهي.

[b]تناسخ يا جُوڻ مَٽ
[/b] گيتا ۾ آيو آهي ته انسان جي موت کانپوءِ ان جو روح ڪجهه عرصي بعد ٻئي جسم ۾ هليو ويندو آهي. جهڙي نموني اسين پراڻا ڪپڙا لاهي نوان ڪپڙا پهريون ٿا. (2 :22) نئون جسم پهرين زندگيءَ جي ڪمن جي نوعيت سان مقرر ٿيندو. اهو پيدائش ۽ موت جو چڪر ائين ئي هلندو رهندو، ايستائين جو انسان ان کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهي. ان تصور سان لازمي طور اهو نتيجو نڪري ٿو ته انسان پنهنجو پاڻ کي هن ڪائنات ۾ قيدي سمجهڻ لڳي ٿو ۽ سندس اخلاقي نظام ان تي آڌاريل نظر اچي ٿو ته ماڻهو ڪهڙي نموني ۽ڪيئن هن دنيا جي ذميدارين کان بچي سگهي ۽ ڪيئن هن زندگيءَ جي مصيبتن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري پنهنجي روح کي مادي شين ۾ ملوث ٿيڻ کان بچائي. اهو سلبي اخلاق ۽ سلبي نظريه حيات ان زماني جو منطقي نتيجو آهي. افسوس آهي ته گيتا جهڙو جهاد جي تلقين ڪرڻ وارو ۽ زندگيءَ جي مسئلن سان مهاڏو اٽڪائڻ جي تربيت ڏيڻ وارو ڪتاب ان منفي تصور کان نه بچي سگهيو.
پتو پوي ٿو ته سانکيه فلسفي جي ڪجهه پهلوئن ۽ برهمڻ جي وحدت الوجود واري تصور کي اپنائڻ وانگر تناسخ يا جُوڻ مَٽ کي به گيتا جي تعليم ۾ داخل ڪيو ويو، اهو گيتا جو فلسفو نه آهي ڇو ته گيتا اپنشدن جي فلسفي ۽ نظرئي کي رد ڪيو آهي، ان جي بدران گيتا نجات لاءِ نفس تي ضابطي جي تلقين ڪئي آهي ڇو ته جيڪڏهن هن دنيا جي دلچسپين ۾ دل لڳائبي ته موت ۽ پيدائش جي چڪر کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ناممڪن آهي ان لاءِ بَديءَ جي سرچشمي کي شروع ۾ ئي بند ڪرڻ ضروري آهي. ان لاءِ اخلاقي ضابطي کي اپنائڻ اڻٽر آهي، گيتا ان کي يوگ چيو آهي.

[b]يوگ جو مفهوم
[/b] يوگ جي لفظي معنيٰ اتحاد آهي. اهو شروع کان ئي نفس تي ضابطي جو نظام آهي جنهن جي مدد سان هڪ ماڻهو ايشور جي ذات ۾ وصل حاصل ڪري سگهي ٿو. ڀڳوت گيتا ۾ جتي لفظ يوگ استعمال ٿيو آهي ان جو مطلب نفس تي ضابطو يا ان جو طريقو آهي. گيتا ۾ يوگ جا ٽي طريقا ٻڌايا ويا آهن: 1 ڪرم يوگ. 2 جنان يوگ. 3 ڀڳتي يوگ.
يوگا جو مطلب ترتيب سان نفس تي ضابطو آهي جيڪو صحيح عمل، صحيح علم ۽ صحيح عبادت ذريعي ممڪن آهي. گيتا جي خوبي هيءَ آهي ته ان ۾ انسان جي فطرت جو صحيح ۽ مڪمل تصور موجود آهي ۽ ان جي ذهني، عملي ۽ جذباتي رجحانن جي اظهار لاءِ هڪ جيترا موقعا فراهم ڪيا ويا آهن، جن ۾ وحدت الوجود وانگر صرف علم تي زور نه آهي، نه وري صوفياڻي ۽ مروج يوگ جي جذباتي ذهنيت تي ڀاڙيو ويو آهي بلڪه انهن سڀني کي ملائي هڪ معتدل عملي نظام پيش ڪيو ويو آهي.
شري ڪرشن ارجن کي ٻڌايو آهي ته اهي ماڻهو جن علم جي خاطر عمل ترڪ ڪيو ۽ جن مطلق حقيقت جي مشاهدي لاءِ رهبانيت اختيار ڪئي آهي، انهن جي پيروي ڪرڻ صحيح رستي کان ڀٽڪڻ آهي18 -17 :7) هتي عالم جي تعريف موجود آهي پر ان سان گڏ اهو ذڪر به موجود آهي ته اهڙو عالم اهو ئي ٿي سگهي ٿو، جنهن ۾ ڀڳتي موجود آهي، جيڪو مونکي پرشوتم ڄاڻي ٿو (گيتا ۾ پرشوتم جو تصور وحدت الوجودي نج حقيقت نه پر خاص مذهبي خدا آهي.) (47-46:6) اهڙي نموني هڪ يوگيءَ جي تعريف هيئن ڪئي وئي آهي ته جيڪو رياضتن سان نفس تي قابو پائي ٿو يا جيڪو علم جو خالص رستو اختيار ڪري ٿو يا جيڪو زندگيءَ جي عملي مسئلن ۾ ڦاسي ٿو پر هڪ صحيح ۽ اعليٰ رتبي وارو يوگي اهو آهي جيڪو انهن سڀني ڳالهين سان گڏ ايشور سان محبت ڪري ٿو، ان تي ايمان آڻي ٿو ۽ پنهنجو تن من ان جي لاءِ وقف ڪري ٿو.

[b]ضبط جون ٽي منزلون
[/b] گيتا ۾ نفس تي ضبط جون ٽي منزلون آهن، جتان انسان کي گذرڻو پوي ٿو.
پهرين منزل: اهو شروعاتي درجو آهي، صحيح عمل تي زور ڏنو ويو آهي.
ٻي منزل: اهو رياضت ۽ مشاهدي يا علم جو درجو آهي.
ٽين منزل: اها عبادت جي منزل آهي جنهن ۾ بندو خدا جي بلڪل ويجهو ٿي ويندو آهي. اهي ٽيئي منزلون انسان جي نفسياتي تجزئي طور پيش ڪيون ويون آهن.
پهرين منزل: ان ۾ انسان جو عقيدو تمام پختو ٿي ويندو آهي ۽ ڪنهن به قسم جو شڪ ان جي ايمان ۾ خلل نه وجهندو آهي. ان منزل ۾ هو مذهبي رسمن ۽ اعمالن ۾ مگن رهندو آهي، انڪري نه ته ان سان ڪا روحاني زندگي حاصل ڪندو يا ڪري سگهندو آهي، پر ان جي لاءِ هو ان کي پنهنجي عقيدي جي لحاظ کان مذهبي زندگيءَ جو حصو ۽ انهن جي ادائگي فرض سمجهندو آهي.
ٻي منزل: ٻي منزل جي شروعات ان وقت ٿيندي آهي جڏهن علم حاصل ڪرڻ وقت هن جي دل ۾ مختلف قسمن جا ڏکيا سوال اڀرندا آهن، جيئن ڇا واقعي ڪو خدا آهي؟ ڇا مذهب ۽ اخلاقيات جي ڪا حقيقت آهي؟ ۽ سڀني اعمالن جي عقلي ضرورت ڇا آهي؟ ان قسم جا شڪ انساني زندگيءَ جي ان منزل ۾ هر ماڻهوءَ کي پيش ايندا آهن. ڪجهه ته ان لاادريت (Agnosticism) ۾ وڃائجي ويندا آهن ۽ ڪي اِن مان پار پئي آخري منزل ۾ داخل ٿي ويندا آهن جتي انهن جي شڪ جو جواب تسليءَ سان ملي ويندو آهي، جتان اهي نئين سري سان اعمال جي دنيا ۾ داخل ٿي ويندا آهن.
ٽين منزل: هاڻي اهي رسمون ۽ آداب تقليدي نه رهندا آهن بلڪه انسان جي روح جي وجداني تعلق جو اظهار بڻجي ويندا آهن. هاڻي اهي سڀني رسمن کي بجا آڻيندا آهن جيڪي پهرين منزل ۾ هن کان ٿيا هئا پر هن وقت ان ٽين منزل ۾ هو ان جي روحاني لذت حاصل ڪندو آهي جيڪا سندس نئين زندگيءَ جو سرمايو هوندي آهي. هاڻي هن جي دل، ذهن ۽ روح هم آهنگ هوندا آهن ۽ سندس زندگي پنهنجي ڪمال تي پهچي مطلق خدا جو مڪمل اظهار بڻجي ويندي آهي.

[b]گيتا جي تناسخ تي تنقيد ۽ ڪرم يوگ جو صحيح تصور
[/b] گيتا ويدن ۽ اپنشدن جي تناسخ جي تصور تي شديد تنقيد ڪئي آهي، ويدن ۽ اپنشدن ٻڌايو آهي ته عمل ڪرڻ سان انسان تناسخ جي چڪر ۾ ڦاسي ويندو آهي، ان چڪر مان نڪرڻ جو صحيح رستو عمل ترڪ ڪرڻ آهي.... پر انسان عمل کانسواءِ ڪيئن زندگي گذاري سگهي ٿو، ان جو حل ڇا آهي؟ هڪ پاسي عمل ڪيو ته تناسخ جي چڪر ۾ ڦاسي وڃو. ٻئي پاسي عمل ترڪ ڪرڻ به ناممڪن آهي. گيتا ان مسئلي مان نڪرڻ جو رستو ”نشڪاما ڪرما“ ٻڌايو آهي يعني بي لوث عمل. اهو عمل جيڪو ڪنهن مادي يا روحاني غرض حاصل ڪرڻ جي لاءِ نه ڪيو وڃي. شري ڪرشن ارجن کي چيو: تنهنجو مقصد جنگ جي ذريعي مال دولت حاصل ڪرڻ، سلطنت وڌائڻ، شهرت ۽ عزت حاصل ڪرڻ نه پر نيڪيءَ جي حمايت ۽ بديءَ جي مخالفت ڪرڻ آهي ۽ ان جي لاءِ اهو عمل تنهنجي ڇوٽڪاري جو ضامن ۽ معاشرتي فلاح ۽ بهبود جو محافظ آهي.
اهي سڀ فلسفا ۽ مفڪر جيڪي معاشرتي زندگيءَ کان پاسيرو رهڻ جو ڏس ڏين ٿا ۽ عمل ترڪ ڪرڻ لاءِ چون ٿا، اهي گيتا جي تعليم جي به خلاف آهن. شري ڪرشن چيو ته ويدن ۽ اپنشدن کي ڇڏي هڪ جدا رستو ڪڍڻ ضروري آهي: ”ويدن جو مقصد ٽي ڳڻ آهن، ارجن تون انهن ٽنهي ڳڻن کان مٿانهون ٿي وڃ. اهي ماڻهو بي خوف آهن جيڪي ويدن جي لفظن ۾ مگن ۽ مطمئن آهن.“ (باب 2 -اشلوڪ 42045 ) عمل جو مقصد زندگيءَ مان بَدي، خود غرضي وغيره کي ختم ڪرڻ آهي. عمل جي اهميت کي واضح ڪندي شري ڪرشن ارجن کي ٻڌايو ته ايشور چيو آهي ته انهن ٽن دنيائن ۾ ڪو به عمل اهڙو نه آهي جنهن کي ڪرڻ منهنجي لاءِ ضروري هجي. ڪا به اهڙي شيءِ نه آهي جيڪا مون وٽ نه هجي، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ مونکي جدوجهد ڪرڻي پوي. ان جي باوجود مان هر پل حرڪت ۽ عمل ۾ آهيان، جيڪڏهن مان سمهي پوان ۽ عمل ڪرڻ ڇڏي ڏيان ته ماڻهو منهنجي پيروي ڪندي تباهيءَ جي کڏ ۾ ڪري پوندا ۽آءٌ فتنو فساد برپا ڪرڻ جو سبب بڻجي ويندس ۽ ماڻهن جي قتل و غارت جو ذميوار بڻجي ويندس.“ (باب 3 – اشلوڪ23-22).

[b]بَديءَ کان بچڻ جو طريقو
[/b] گيتا اعمالن جي خراب نتيجن کان بچڻ لاءِ ٻڌايو آهي ته انسان کي هِنن مرحلن مان گذرڻو پوي ٿو:

پهريون مرحلو : خود غرضيءَ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو آهي ڇو ته جيستائين ذهن ۾ معاوضي جو تصور موجود آهي تيستائين انسان تناسخ جي چڪر مان ڇوٽڪارو حاصل نٿو ڪري سگهي. جيئن ئي ذهن ۾ خدا جي رضا جي طلب پيدا ٿيندي ۽ هر ڪم ٻين جي ڀلائي لاءِ ڪندؤ ڇوٽڪاري جو رستو ان وقت کلي ويندو. پوءِ توهان جو نفس هر شيءِ کان پاڪ ۽ توهان جي دل نور سان روشن ٿي ويندي.

ٻيو مرحلو :ان مرحلي ۾ انسان مراقبن ڏانهن ڌيان ڏئي ٿو، دنيا جي هنگامن کي ڇڏي تنهائيءَ ۾ڪائنات جي خالق تي غور فڪر ڪرڻو آهي. ان سان علم ۾ واڌارو ۽ ايشور سان محبت ۾ شدت پيدا ٿيندي آهي. اهڙي حالت ۾ ان جو هر عمل ايشور جي آڏو عقيدت بڻجي ويندو آهي.

ٽيون مرحلو:آخري منزل زندگيءَ ۾ئي نجات حاصل ڪرڻ آهي. عمل مان نجات ته ناممڪن آهي پر هن مرحلي ۾ انسان جا اعمال هر قسم جي دنيوي مقصد کان پاڪ ٿي ويندا آهن، هاڻي نجات جي خواهش دل ۾ پيدا نه ٿيندي آهي، ڇو ته اسان نجات حاصل ڪري چڪو هوندو آهي. هو ڪم ڪندو رهندو آهي پر منجهس ڪنهن خواهش يا تمنا جو وجود نه هوندو آهي، ايستائين جو هڪ ڏينهن کيس موت پنهنجي آغوش ۾ اچي وٺندو آهي. مذڪوره مرحلن جو مقصد عمل ترڪ ڪري مراقبن ۾ مشغول ٿيڻ نه آهي.

[b]حقيقي سنياس
[/b] حقيقي سنياس اهو نه آهي ته جڏهن ماڻهو ڪنهن گناهه جي قابل نه رهي ته هو زندگيءَ جي لذتن ۽ ذميوارين کان پاسيرو ٿي ڪُنڊ وٺي ويهي رهي. حقيقي سنياس اهو آهي ته انسان زندگيءَ جون ذميداريون کڻي به، ان جي لذتن ۽ آزمائشن ۾ گهريل هوندي به انهن کان پاسيرو رهي ۽ پاند بچائي رکي. اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن هن جي دل ۾ خدا تي ايمان هجي. هن جي دل روحاني محبت سان سرشار هجي. ماڻهوءَ لاءِ سنياس زندگيءَ جي آخري نه پر پهرين منزل آهي ۽ اها ئي گيتا جي اصل تقاضا به آهي.
”جيڪڏهن تون حق خاطر جنگ نٿو ڪرين ته سمجهه ته پنهنجي فرض ۽ نيڪيءَ کي ترڪ ڪيئه يا گناهه ۾ آلوده ٿي وئين. حق جي خاطر جنگ ڪندي جيڪڏهن توهان مري ويو ته توهان کي جنت ملندي ۽ جيڪڏهن ڪامياب ٿيو ته هن ڌرتيءَ تي حڪومت ملندوَ.
ڏک ۽ خوشي، نفعو ۽ نقصان، فتح ۽ شڪست توهان جي لاءِ هڪ جهڙي هجڻ گهرجي، ان کان پوءِ جنگ ۾ شامل ٿي وڃو، پوءِ توهان جو روح گناهه کان پاڪ ٿي ويندو.“ (37-33 :2)

[b]گناهه جي حقيقت
[/b] گيتا جي ٽين باب ۾ گناهه جي حقيقت بيان ڪندي چيو ويو آهي ته دنيا جي هر شيءِ فطرت تي پيدا ڪئي وئي آهي، اهڙي نموني انسان به. جيڪڏهن انسان ان فطرت جي رهنمائي قبول ڪري ته گناهن جي زندگيءَ کان محفوظ رهي سگهي ٿو.
سموري مخلوق پنهنجي فطرت جي راهه تي روان دوان آهي ۽ ان فطرت کانسواءِ ڪنهن ٻئي پاسي وڃڻ گناهه آهي. هڪ عالم انسان به پنهنجي فطرت جي تقاضن کان مجبور آهي پر خواهشون، پسند ۽ ناپسند رستي ۾ ملنديون انهن جي گرفت م نه اچو ڇو ته اهي روح کي صحيح رستي تان ڀٽڪائينديون آهن.
پنهنجي فطرت مطابق ڪنهن قانون جي پيروي ڪرڻ ۾ غلطي به ٿئي ته به بهتر آهي بجاءِ هڪ خارجي قانون جي.
ان تي ارجن سوال ڪيو ته جيڪڏهن پنهنجي فطرت جي پيروي ڪرڻ ۾ ڪا به غلطي نه آهي ته اها ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا انسان کي گناهه ڏانهن وٺي وڃي ٿي، باوجود ان جي ته هو ان کان بچڻ جي به ڪوشش ڪري ٿو؟
شري ڪرشن جواب ڏنو ”اها لالچ، طمع ۽ انهن جو ساٿي غصو ۽ غضب توهان جي روح جا دشمن آهن، جيئن باهه جي چوڌاري چهٽيل رهنديون آهن (باب 3 1 اشلوڪ 3 3 -8 3 )

[b]صنيان يعني يوگ جو علم
[/b] گيتا ۾ يوگ جا ٽي قسم ٻڌايا ويا آهن:1 ڪرم يوگ (ان جو بيان ٿي چڪو آهي) 2 صنيان (علم) يوگ. 3 ڀڳتي يوگ.
ڪرم يوگ يعني نشڪاما ڪرما (تقويٰ) جو ذڪر ٿي چڪو آهي. اخلاقي زندگيءَ ۾ علم جي اهميت کان انڪار نه آهي پر تناسخ جي ڪري هر عمل جو نتيجو هن دنيا ۾ نئين پيدائش جي صورت ۾ نڪري ٿو، انڪري مفڪرن عمل کان بچي صرف علم جي ذريعي نجات حاصل ڪرڻ جو رستو ڳوليو. ان سلسلي ۾ وحدت الوجود جي تصور سندن مدد ڪئي. حق مطلق کانسواءِ ڪجهه به موجود نه آهي، سموري مخلوق جو وجود حق مطلق جا پاڇو آهي، ان ڪري عارضي ۽ پائيدار نه آهي. انسان جي فاعلانه حيثيت جو برقرار رهڻ به ڏکيو آهي. اهڙي نموني هندو فلسفي ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو آهي ته انسان عمل تان هٿ کڻي وڃي ۽علمي حيثيت سان ان ڳالهه جو يقين ڪري ته حق مطلق ئي حقيقت ۽ وجود آهي باقي مخلوق ان جو پاڇو آهي ته اهو عمل نجات جي لاءِ ڪافي آهي، انڪري عمل جي ضرورت نه آهي.
گيتا علم جي صحيح حيثيت کي واضح ڪندي چيو آهي ته علم جو مقصد انساني زندگيءَ ۾ ڪائنات ۽ خالقِ ڪائنات سان تعلق جي وضاحت ڪرڻ آهي ته جيئن انسان ان جي روشنيءَ ۾ اخلاق جا بنياد جوڙي سگهي. ان علم کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ استادن جي مدد حاصل ڪرڻ، مقدس ڪتابن جو مطالعو، انهن قديم ۽ جديد تفسيرن تي غور فڪر سان گڏ نفس تي ضابطو، مراقبو ۽ مشاهدن جو شغل به ضروري آهي. پنهنجي دل کي خواهشن کان پاڪ ڪري نيڪ نيتي ۽ خلوص سان انساني همدردي ۽ خدا جي عبادت ۾ مشغول ٿي وڃ. گيتا مطابق ان حالت کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اڪيلائي ۽ جبلن ۾ وڃي رياضت ڪرڻ صحيح نه آهي.

[b]ڀڳتي يوگ
[/b] سموري هندو ادب ۾ صرف گيتا ئي توحيد جي تصور تي زور ڏنو آهي. ويدن ۾ گهڻن ديوتائن جي تصور تي زور ڏنو ويو هو. اهي جذبن کان بلڪل خالي نظر ايندا هئا. اپنشدن جو حق مطلق ته هڪ بي جان اصول مطلق آهي جنهن کان رحم، محبت ۽ رهنمائي جي توقع فضول آهي. وحدت الوجود جي آڏو توحيدي مذهبن جو خدا واحد به آهي، رحم ۽ ڪرم وارو به آهي ۽ ان سان محبت ڪري سگهجي ٿي ۽ موٽ ۾ هو به محبت ڪري ٿو، جنهن کان مدد گهري سگهجي ٿي ۽ هو مدد ڏيندو به آهي ۽ پنهنجي بندن جي دعائن کي ٻڌندو ۽ جواب ڏيندو آهي.
گيتا ئي اهو پهريون ڪتاب آهي جنهن ۾ ايشور جو تصور خالص توحيدي آهي. جنهن ۾ ايشور جي عبادت ۽ اخلاقي زندگيءَ ۾ انساني جذبن جي تسڪين جو سامان ملي ٿو پر مذهب جو اِهو ئي اهو جذباتي پهلو آهي جيڪو اعتدال کان ٽپي وڃي ٿو ۽ جنهن جي ڪري عقيدن ۽ اعمالن ۾ بي شمار خرابيون پيدا ٿين ٿيون. گيتا ڀڳتيءَ جي تصور جي اصلاح ڪئي ۽ اهو تصور پنهنجي پاڪيزگي ۽ بلندي جي لحاظ کان ڀڳتيءَ جي ٻين تصورن کان مٿانهون آهي. گيتا ۽ پراڻن وغيره ۾ فرق جو تفصيل هيٺين ريت آهي:
1 . ايشور جنهن سان محبت ڪئي وڃي ٿي هڪ اهڙي هستي آهي جيڪا عبادت جي لائق آهي. انڪري انسان جي سيرت بلڪل اهڙي نموني جڙندي جهڙي قسم جو عقيدو ان جي دل ۽ دماغ ۾ هوندو آهي. گيتا ۾ آهي ته ”اي ڀارت، هر انسان جو ايمان هن جي فطرت مطابق جڙندو آهي.“ انساني روح، ايمان، صالح عمل ڏانهن رجحان، پنهنجي ذات ۽ ڪائنات جي وجود تي يقين جو نتيجو آهي. جهڙي قسم جو ايمان، ارادو يا عقيدو هوندو، ائين ئي انسان جي فطرت هوندي (7 1 :3 ) اهڙي خدا جي رهنمائي ۽ هدايت جيڪو ڪائنات سان محبت ڪري ٿو، اهڙي خدا جي عبادت يقينن ان جي پوئلڳن ۾ هڪ مٿاهون اخلاقي ڪردار پيدا ڪري سگهي ٿي.
2 . گيتا ۾ ڀڳتي يا محبت جو تصور صرف جذبن ۾ نه پر انساني فطرت سان سڀني جزن ۽ عنصرن جو هڪ وچٿرو اظهار آهي جنهن ۾ معاشرتي فرضن ۽ عقلي مطالبن جو مڪمل لحاظ رکيو ويو آهي. مذهبي زندگيءَ ۾ جذبن جو هڪ اهم مقام آهي پر گيتا ۾ ان عنصر کي عملي زندگي ۽ عملي ڪاوشن کان جدا رکڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي آهي ۽ نه وري ان جي خاطر عمل ۽ علم سان بي قدري روا رکي وئي آهي پر جلدئي ان بلند تصور جي جڳهه رهبانيت والاري ورتي.
نظم جي شروعات ۾ ارجن ڪرشن جو ڀڳت يا پيارو آهي، هو پنهنجو پاڻ کي مڪمل طور تي ان جي حوالي ڪري ٿو. ڳالهه وڌڻ کانپوءِ ارجن کي محسوس ٿئي ٿو ته هو جنهن ماڻهوءَ کي صرف پنهنجو دوست تصور ڪري ٿو اهو انساني شڪل ۾ شايد خدا آهي. ڪرشن جي تعليم سان ارجن جي آڏو نجات جو دروازو کلي وڃي ٿو جيڪو خالص ڀڳتي جي ذريعي حاصل ڪري سگهجي ٿو ۽ جنهن ۾ مڪمل محبت ۽ مڪمل علم ٻئي شامل هوندا آهن. ڀڳتي علم کانسواءِ اڻپوري آهي. صحيح انسانيت جي تڪميل ۽ اخلاقي زندگيءَ جي صحيح واڌ ويجهه علم ۽ عمل کانسواءِ ناممڪن آهي. صحيح عمل جي لاءِ صحيح علم جي ضرورت آهي. اهڙي نموني صحيح علم جي لاءِ وري صحيح عمل جي ضرورت آهي. ان کانسواءِ تناسخ جي چڪر کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ناممڪن آهي. ان لاءِ لازمي آهي ته عقل ۽ جذبي جي ميلاپ سان جيڪو عمل ٿئي، اهو ئي عمل نجات جو ضامن آهي.

[b]گيتا تي اعتراض جو جواب
[/b] ڪن هنڌن تي پڙهڻ وارن کي وحدت الوجودي ۽ خدا جي گيتا واري توحيدي تصور ۾ تضاد نظر ايندو. اها هڪ غلط فهمي آهي. ٿي سگهي ٿو ته گيتا ۾ اهي نظريا وڌا ويا هجن پر اصل ۾ اهي اصل نظرين جي غلط تعبير آهن. مثال طور گيتا ۾ آهي ته ”اهو پاڪباز ۽ پرهيزگار انسان جنهن جي گناهن جا داغ ڌوپي ويا هجن، جيڪو شرڪ جي سراب مان آزادي حاصل ڪري چڪو هجي ۽ منهنجي عبادت ۾ خلوص ۽ تن من سان رڌل آهي.“ (7 :8 2 )
اها بهترين حالت حقيقت ۾ رهبانيت نه پر مطلق خدا جي قرب سان حاصل ٿيندي جنهن ۾ انسان جي انفرادي شخصيت يا وجود خدا جي نور سان روشن ٿيڻ جي قائم رهندي آهي خداجي اندر سمائجي نه ٿي وڃي جيئن وحدت الوجودي نظرئي ۾ آهي ۽ اهي ئي ماڻهو تناسخ جي چڪر مان ڇوٽڪارو حاصل ڪن ٿا.
”منهنجا بندا آخرڪار مونڏانهن ايندا. (7 :23)
ان ڳالهه کي ڪيترين ئي جڳهن تي دهرايو ويو آهي ته جيڪو خدا ۾ پناهه ڳولي ٿو ته ان جو جد امجد خداءِ ڪريم ۽ رحيم ئي آهي ۽ ان ۾ ڪنهن قسم جي فنا ۽ موت نه پر ابدي زندگي آهي، جنهن ۾ انفراديت موجود رهندي آهي، فنا نه ٿيندي آهي. اصل ۾ نجات جي معنيٰ موت ۽ زندگيءَ جي چڪر سان آهي انسانيت سان نه، ڇو ته انسانيت خالق ڪائنات جي اخلاقي قوت جو هڪ بهترين ۽ خوبصورت مظهر آهي. تناسخ، رهبانيت ۽ وحدت الوجودي خدا جي تصور جي خلاف گيتا جو اهو قطعي فيصلو آهي.
”جيڪي ماڻهو مون ۾ پناهه ڳولين ٿا ۽ منهنجي فطرت سان مطابقت ۽ مشابهت پيدا ڪن ٿا، انهن لاءِ ٻيهر هن دنيا ۾ زندگي نه آهي ۽ نه ئي انهن کي عظيم تباهيءَ مان ڪوبه ڏک يا خوف ٿيندو.“(4 1 :2 )
اهڙي نموني تناسخ، رهبانيت ۽ وحدت الوجودي خدا جو تصور گيتا جي تعليم جي بلڪل خلاف آهي ۽ گيتا جو ان نقطئه نظر سان مطالعو ڪرڻ گهرجي.

گوتم ٻڌ ۽ ٻڌمت

چوڏھين رات جو چنڊ چمڪي رھيو ھو. سڌارٿ گوتم جي زال يشوڌرا ۽ ان جو پٽ راھل ستا پيا ھئا. ڪنيزون رابيل ۽ گلاب جي گلن جون مالائون پائي ننڊ پيون ھيون، ايستائين جو ھرڻ گلاب جون پنکڙيون کائي بي خبر سُتا پيا ھئا.
گوتم جي ان وقت عمر اٽڪل 29 ورھيه ھئي، ھو اٿيو ۽ پنھنجي سيڪريٽريءَ کي ساڻ وٺي محل مان نڪري ويو. چار پنج ميل ھلڻ کانپوءِ گوتم پنھنجي تلوار سان پنھنجا وار ڪاٽيا. شاھي پوشاڪ لاھي معمولي ڪپڙا پھريا. هن اھي وار، تلوار، پوشاڪ ۽ پنھنجو گھوڙو (ڪنٽڪ) پنھنجي سيڪريٽريءَ کي ڏنا ۽ چيو ته گھر وارن کي ٻڌائجانءِ ته جيستائين آءٌ موت، بيماري ۽ ڪراڙپ (جيڪي زندگيءَ ۾ ڏک جو سبب آھن) جو راز معلوم نٿو ڪري وٺان تيستائين واپس نه ايندس. ان کانپوءِ ھن جھنگ منھن ڪيو.
سڌارٿ گوتم جي والد جي رياست بھار ۽ مغربي بنگال جي علائقي ۾ ھئي. اھو علائقو ڪلڪتي جي اتر اولھه ۾ ھماليه جي دامن ۾ واقع آھي. رياست جو گاديءَ جو ھنڌ ڪپل وستو ھو. سڌارٿ گوتم جي شفيق ڪردار، گھري استدلال، انسانيت جي لاءِ محبت ۽ نج ڏاھپ کين ڪروڙين انسانن جي ساراھ جو حقدار بڻائي ڇڏيو. ھو ھڪ فلسفي ذھن جو مالڪ ۽ مذھبي رھنما ھو. ھن جا پوئلڳ معاشري جي ھر حصي مان ھئا جنھن ۾ بادشاھ، شاھوڪار، عام دنيادار ۽ درٻاري وغيره شامل ھئا. ھن جو مذھب ھندستان مان نڪري سڄي ايشيا ۾ ڦھلجي ويو ۽ 25 صدين تائين انساني زندگيءَ کي اعليٰ فڪر سان مالامال ڪندو رھيو. ھن جي تعليم ايتري نهٺائيءَ واري ھئي جو ان جي اشاعت ۽ ڦھلاءُ ۾ ڪنھن قتل يا تشدد جو دخل نه آھي. ايشيا کان علاوه يورپ ۾ به ھن جي تعليم کي ساراھيو ويو ڇو ته اھا تعليم حضرت مسيح جي تعليم سان ملندڙ جلندڙ ھئي.

[b]تاريخي پس منظر :
[/b]ٻڌ جي دور ۾ ھندستان ۾ وسيع پئماني تي تبديليون ٿي رھيون ھيون. لوھ جي دور جي شروعات ٿي چڪي ھئي ۽ ننڍين رياستن ۽ جمھوريتن تي وڏيون بادشاھتون قبضو ڪري رھيون ھيون. ويدڪ مذھب زوال پذير ھو. اھو صرف رسمي وھنوار ٿي رھجي ويو ھو ۽ رسمن جي ادائگيءَ تي برھمڻن جي اجاره داري ھئي. معاشرو ورن آشرم يعني چئن ذاتين (برھمڻ، کتري، وئش ۽ شودر) جي سخت درجابندين ۾ جڪڙيل ھو ۽ محڪوم ذاتيون (وئش ۽ شودر) معاشي استحصال ۽ معاشرتي نفرت جي ٻٽي مصيبت ۽ نفرت جي بار هيٺان دٻيل ھيون. نوجوان ۽ روشن خيال ماڻھو اھڙن نظرين جي ڳولا ڪن پيا جيڪي ماڻھن کي ان غير يقيني دور ۾ مقصد واري زندگي گذارڻ جو طريقو سيکارين.
ساڳئي زماني ۾ اپنشدن جو فلسفو مرتب ٿيو. ان فسلفي ۾ تجرباتي ۽ احيائي دنيا ۾ موجود مطلق حقيقت کي ”ايشور“ قرار ڏنو ويو. ايشور مٿانھون ۽ خالص شعور ھو. انسان جو جوھر به خالص شعور رھيو جنھن کي ”آتما“ چيو ويندو ھو. اصل ۾ ايشور ۽ آتما ٻئي ھڪ آھن. انسان پنھنجن سٺن يا برن اعمالن جي ڪري ھر ھر جنم وٺي ٿو. اصل مقصد آواگون کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري نجات (موڪشا) حاصل ڪرڻ آھي. اپنشدن جو فلسفو ويدڪ مذھب کان بلڪل الڳ نه ھو.

[b]زندگيءَ جون حالتون :
[/b]سڌارٿ گوتم جي پيدائش 365 ق - م جي آھي. هن جو جنم شاڪيه ذات ڪپل وستو ، بنارس ۾ ٿيو، ان ڪري کيس شاڪيه مني يعني شاڪين جو بزرگ به چيو ويو. ھي پنھنجي رياست جو والي ھو. گوتم جو پيءُ شاڪيه قبيلي جو سردار ھو. اھو جنگجو قبيلو ھو ۽ ھماليه جي دامن ۾آباد ھو. گوتم جي پيءُ شدوڌن گوتم جي تربيت ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي. گوتم کي شاهي محل ۾ هر قسم جون آسائشون ميسر هيون. حڪم هو ته گوتم جي سجاڳ ٿيڻ کان پھريان سڀ مرجھايل پنکڙيون ۽ پن وغيره باغ مان پٽيا وڃن ته جيئن گوتم کي اھو پتو نه پوي ته ڪمزور ٿيڻ يا مرجھائجڻ جو مرحلو به ڪڏھن ايندو آھي! پر ٿيو ائين ته گوتم جي تجسس واري طبيعت محل کان ٻاھر ڏسڻ جي خواھش ڪئي ۽ هو لڪ ڇپ ۾ محل مان ٻاھر نڪري ويو. ھن ڪاروباري دنيا کي ڏٺو ۽ ان وقت ھڪ ڪٻڙي پوڙھي شخص کي ڏٺو. ھڪ جنازي ۾ ماڻهن کي پار ڪڍي روئندي ڏٺو. ھن ڄاتو ته زندگي صرف خوشي، دولت ڪمائڻ ۽ عيش آرام جو نالو نه آھي، ان ۾ ڏک جو پھلو به موجود آھي. ھن سوچڻ شروع ڪيو ته ڪو اهڙو گس ڪڍجي جيئن بيماري، ڪراڙپ ۽ موت کان ڇوٽڪارو حاصل ٿئي ۽ زندگيءَ مان ڏک جو پھلو ختم ٿي وڃي. ان ڳولا ۾ ھن شاھي زندگي ۽ سلطنت ترڪ ڪئي ۽ جھنگ منھن ڪيو. شروع ۾ ھن برھمڻن کان ويدن ۽ اپنشدن جي تعليم حاصل ڪئي. يوگا جون مشقون سکيون ۽ مراقبي ۾ اعليٰ منزل تائين پھچي ويو پر گوتم جن سوالن جو جواب چاھي پيو اھو ويدن جي تعليم ۽ يوگا جي مشقن ۾نه ھو ۽ نه وري مراقبي ۾ ھو. ان کانپوءِ ھن کاڌو پيتو ڇڏي ڏنو ۽ ڏکي رياضت شروع ڪئي جنھن سان ھو مرڻ جي ويجھو پھچي ويو، پر ان جستجوءَ جو جواب رياضت ۾ به نه ھو. آخرڪار ھو ھڪ وڻ جي ھيٺان ويھي رھيو ۽ ھڪ عورت ھن کي کير ڀت کائڻ لاءِ ڏنو پر ھن پنهنجو پاڻ سان اهو وچن ڪيو ته جيستائين کيس صحيح جواب نه ملندو، تيستائين هو وڻ ھيٺان نه اٿندو. آخر ۾ اماوس جي رات مراقبي ۾ ھن کي چئن منزلن مان گذرڻو پيو. اھي منزلون اطمينان ۽ ڪامل معرفت جي باري ۾ ھيون. رات جي آخري پھر ۾ گوتم کي ھڪ زبردست روشني نظر آئي. روشنيءَ جي اچڻ سان ھن کي سڀني سوالن جو جواب ملي ويو ۽ هو گوتم مان ٻڌ (نور سان روشن) بڻجي ويو. ان روشنيءَ سان ھن کي نجات يا نرواڻ تائين پھچڻ جو رستو مليو. ھن پنھنجي فڪر جي تبليغ جي لاءِ سارناٿ ڏانھن سفر ڪيو ۽ ”ھرڻ باغ“ ۾ پھريون وعظ ڪيو. ان وقت ٻڌ جي عمر اٽڪل 35 ورھيه ھئي.

[b]چار واڪ :
[/b]ٻڌ جي تعليم کي سمجھڻ کان اڳ ان جي فڪري پس منظر جو مطالعو ضروري آھي. گوتم جي دور ۾ ھڪ سوفسطائي فرقو موجود ھو جنھن جو باني اڳواڻ چارواڪ ھو. ھن جو نظريو مادي ھو. اھو سوفسطائي گروهه سڄي ملڪ ۾ ڦھليل ھو. ان گروهه جي ماڻھن جو ڪم بحث مباحثو ڪرڻ ھو. اهي شھر شھر ۽ وستي واھڻ وڃي ماڻھن کي مناظري جي دعوت ڏيندا ھئا. ڪي منطق جي تعليم ڏيندا ھئا ۽ اڇي کي ڪارو ۽ ڪاري کي اڇو ڪرڻ بابت دليل ڏيندا ھئا ڇو ته سندن نظر ۾ نه ڪا شيءِ اڇي ھئي ۽ نه ڪاري. کين نالي ماتر علم ۽ فن ايندو ھو. اھڙي طرح ھو نيڪي بَديءَ جي تميز جا قائل نه ھئا. ھر وڏي شھر ۾ انھن جي لاءِ عاليشان گھر جوڙيا ويا ۽ جن ۾ وڏا ماڻھو انھن جي خدمت ڪندا ھئا. منجھانئن بروسپتي مناظري ۾ گھڻو مشھور ھو. ھن خدا، جنت، ابدي زندگي، اخلاق ۽ مذھبي عالمن تي چٿرون ڪيون.
چارواڪ جي خيال ۾ ھيءَ ڪائنات پنھنجو پاڻ پيدا ٿي، موت کانپوءِ ڪا به زندگي نه آھي. روح جو ڪوئي وجود نه آھي. مذھب ۽ دين ڪجھه مٿي ڦريل ماڻھن جو فريب آھي. فطرت نيڪي ۽ بديءَ ۾ ڪوبه فرق نه ڪندي آھي. سج، ھوا، پاڻي سڀني انسانن جي لاءِ عام آھن. جذبن ۽ خواھشن تي ڪنٽرول جي ڪابه ضرورت نه آھي. زندگيءَ جو مقصد خوشي ۽ عياشي آھي. ھنن خوشي حاصل ڪرڻ لا عورت، شراب ۽ ٻي منشيات کي عام ڪيو.
ان ماحول ۾گوتم ۽ مھاوير پيدا ۽ جوان ٿيا. اھي ٻئي کتري ھئا ۽ مذھب تي برھمڻ جي ھڪ ھٽيءَ جا مخالف ھئا. گوتم انسان جي مصيبتن تي ڏکارو ھو ۽ دنيا جي چاهت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ، نجات کي ضروري سمجھندو ھو. اھڙي نموني گوتم جو سمورو فڪر ان فڪري ماحول جي خلاف ھو. گوتم انسان جي نجات جي لاءِ دولت ۽ ثروت، علمي مباحثن، فلسفيانه فڪر، صوفيانه مراقبن، سڀني کي آزمايو ۽ سڀني کي بيڪار سمجھي رد ڪيو.
غير سامي مذھبن جي بانين مان گوتم جي باري ۾ گھڻيون غلط فھميون پيدا ٿيون، ايستائين جو ھن کي خدا جو منڪر چيو ويو. گوتم جي وفات کان گھڻو عرصو پوءِ سندس ڳالھين کي مرتب ڪيو ويو. ان ڪري انھن جي صحت ۽ سچائيءَ جي باري ۾ خاطريءَ سان ڪجهه نٿو چئي سگھجي. گوتم جي ٻڌ بڻجڻ کانپوءِ ھن جي ٻن اھم شاگردن ناگ ارجن ۽ ناگ سين سندس ڳالھين جو مطالعو ڪيو. ان مسئلي تي جناب بي اي ڊار گھڻو بحث ڪيو آھي پر ھن گوتم جي حيثيت جي باري ۾ ناڪاري سوچ اختيار ڪئي ۽ گوتم کي ھڪ مذھب جي بانيءَ بجاءِ مذھب جو منڪر قرار ڏنو آھي. اھو چوڻ ته ٻڌ مت ھندو مذھب جي خلاف بغاوت ھئي ھڪ تاريخي حقيقت آھي پر ان نام نهاد کوجنا انهيءَ تاريخي حقيقت کي ڪوڙو ثابت ڪيو آھي ۽ ڊار صاحب جو سڄو مقالو ان غلط فھميءَ تي ٻڌل آھي. ٻڌ جا سڀ نظريا ان سوفسطائي گروه جي خلاف آھن جيڪو انسانن کي گمراه ڪرڻ ۾ رڌل ھو.

[b]خدا جو تصور :
[/b]ٻڌ جي تعليم ۾ خدا جو ذڪر نه آھي ۽ نه ھن پاڻ کي ڇوٽڪارو ڏياريندڙ قرار ڏنو آھي. اھو ئي سبب آھي ته ٻڌ جي تعليم ۾ اعتقاد ۽ عبادت جو ڪوبه نظام نه آھي ۽ نه وري ڇوٽڪاري ۽ مغفرت جو ڪو تصور ملي ٿو. ان جي باوجود اھو سمجھڻ صحيح نه آھي ته ٻڌ خدا جو انڪاري ھو ۽ صرف مادي کي ئي ڪائنات جو منبع ۽ سرچشمو تصور ڪندو ھو. حقيقت ھيءَ آھي ته ٻڌ ڪائنات جي باري ۾ مادي ۽ روح جي ٻن تصورن کان ڪم ورتو ھو ۽ ان باري ۾ مافوق الفطرت طاقت جي مداخلت کي ضروري نه سمجھندو ھو. اھو صحيح آھي ته ٻڌ ان باري ۾ مڪمل خاموشي اختيار ڪئي پر اھو صحيح نه آھي ته ٻڌ ٻنھي ڳالھين جو قائل نه ھو.
اھو ممڪن نه آھي ته روشن ضمير انسان جي حيثيت ۾ ھو ان باري ۾ خالي ذھن ھجي. اھو ماڻھو جنھن ھيڏي ڏکي رياضت ڪئي ھجي، روحاني ڪشمڪش ۽ اخلاقي جدوجھد کانپوءِ ”ٻڌ“ جو مرتبو حاصل ڪيو ھجي، اھو حقيقت ۾ نه پيو چاھي ته ھن جا پيروڪار دنياوي مصيبتن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنھن ٻاھرين طاقت جو سھارو وٺن. ھو چاھي پيو ته اھي پنھنجو پاڻ تي اعتماد ڪرڻ سکن ۽ پنھنجي ڪوششن سان نتيجن تي نظر رکن. گھڻو ڪري سندس خيال ھو ته اھڙيون ماروائي حقيقتون انسان جي عملي ۽ اخلاقي زندگيءَ جي لاءِ ڪابه اھميت نٿيون رکن ۽ ان ۾ غيرضروري جستجو جو جذبو پيدا ڪن ٿيون.
اصل ۾ سڀني مذھبن جي تاريخ اھو ثابت ڪري ٿي ته جيڪي ماڻھو خدا يا مادي کي تسليم ڪندا آھن انھن جي اخلاقي حالت بدستور خراب رھندي آھي. سڀني مذھبن جا پيروڪار خدا يا مادي کي تسليم ڪرڻ کان پوءِ انسانن لاءِ رحمت بجاءِ زحمت بڻبا رھندا آھن ۽ اڄ به اھا ئي حالت آھي. مذھب جي ڏنل اخلاقي تعليم مان ھو ڪوبه فائدو حاصل نه ڪري سگھيا. پاڻ ۾ جهيڙا جهٽا ۽ ٺڳيون ڪيون ۽ اڄ به ڪن ٿا.
چارواڪ جو فلسفي جي زبردست پرچار ۽ عورت ۽ شراب جي ذريعي ماڻھن کي سرور حاصل ڪرڻ واري گس فائدي تي يقين اخلاقي قدرن کي تباهه ڪري ڇڏيو. ان جو وڏو سبب زندگيءَ کانپوءِ موت ۾ انساني اعمالن مطابق جزا ۽ سزا واري عقيدي کان منھن موڙڻ ھو.
اسان جي دور ۾ جرمن فيلسوف نٽشي لکيو آھي ته ھڪ ڏينھن ھو ڇٻر تي ليٽيل ھو ته ھڪ رڍ سندس ڪن ۾ چيو ته خدا مري ويو آھي. نٽشي جي نقادن لکيو آھي ته خدا جي مرڻ جي خبر ان ڪري ٻڌائي وئي جو انسان پنھنجي بد اعمالين ۽ گھمراھين کي خدا جي کاتي ۾ وجھي ڇڏيندا ھئا، اھڙي حالت ۾ ضروري آھي ته جڏھن خدا نه ھوندو ته ماڻھو پنھنجي عملن جا پاڻ ذميوار ھوندا.
ملفو ظات جي گھري مطالعي مان پتو پوي ٿو ته مھاتما ٻڌ ھيٺين مسئلن تي بحث ڪرڻ ڇڏي ڏنو ھو:
.1 ڪائنات قديم آھي يا جديد؟
2. ڪائنات محدود آھي يا لامحدود؟
3. انساني روح جسم سان گڏ آھي يا جدا؟
4. ڇا ناجي انسان مرڻ کان پوءِ به زنده رھندو آھي يا نھ؟
5. ڇا اھو ممڪن آھي ته انسان زنده به ھجي ۽ مئل به يا اھي ٻئي حالتون ان تي عائد نه ٿينديون آھن؟
عالمي مذھبن جي تاريخ ۽ چارواڪ جو سوفسطائي فلسفو ان ڳالھه جو شاھد آھي ته انھن مسئلن تي بحث مباحثي انساني اخلاق ۽ ان تي عمل ڪرڻ ۾ ڪابه مدد نه ڏني، انسان انھن مسئلن ۾ ڦاسي اخلاقي رستو وساري ويھندا ھئا. ان ڪري مھاتما ٻڌ انھن مسئلن تي بحث مباحثي کي قطعي طور رد ڪيو ته جيئن انساني ذهن اِن مونجهاري ۾ ڦاسڻ بدران عام وهنوار ۾ اخلاقي قدرن تي عمل ڪري.

[b]ٻڌ مت ۾ تبديليون :
[/b]ٻڌ مت ۾ آھستي آھستي سڌارا آيا ۽ اُن ڪشادي دل سان ٻاھرين روايتن ۽ اعتقادن کي پنھنجي نظام ۾ جڳھه ڏني، جنھن سان ان جي اصليت وڃائجي وئي. ڪنشڪ بادشاھه جي دور ۾ جيڪا پھريون ڪائونسل منعقد ٿي، ان ۾ گھڻن ٻاھرين عقيدن کي اپنايو ويو. ان سان ٻڌ مت ۾ مھايان فرقو پيدا ٿيو جنھن ھر ماڻھوءَ کي ٻڌ مت ۾ اچڻ جي دعوت ڏني، پوءِ اھو مھاتما ٻڌ جي تعليم تي عمل ڪندو ھجي يا نھ. مھايان جي لفظي معنيٰ ”وڏي گاڏي“ آھي، ان جي مقابلي ۾ قديم ٻڌ مت جو نالو نھايان يعني ”ننڍي گاڏي“ رکيو ويو ھو، جن جي تعليم ڪجھه ماڻھن جي ڪم اچي پئي سگھي.
ٻڌ مت جي سڀ کان وڌيڪ ڪاميابي مھايان فرقي جي ڪري عمل ۾ آئي. ان فرقي جا ڪتاب سنسڪرت ۾ آھن جيڪا عوامي ٻولي نه آھي، جڏھن ته پالي عوام جي عام ٻولي ھئي. مھايان فرقي جي ڪري جيڪي اعتقاد ٻڌ مت ۾ شامل ٿيا، اھي ھيٺ ڏجن ٿا :
1. ھڪ اعليٰ حقيقت جو تصور قائم ٿيو، جنھن سان ھيءَ ڪائنات وجود ۾ آئي.
2. گوتم ٻڌ کي الوھيت جو رتبو ڏنو ويو.
3. ڪامل عرفان جو حصول سڀني ماڻھن جي لاءِ ضروري نه آھي، جيڪي ماڻھو عرفان حاصل نٿا ڪري سگھن، اھي ماڻھن سان رحمدليءَ سان پيش اچن ۽ انھن جي خدمت ۾ رھن.
4. گوتم ٻڌ تي ايمان کي نجات جو وسيلو قرار ڏنو ويو.
5. مھايان فرقي جنت ۽ دوزخ جو تفصيلي نقشو به جوڙيو ۽ ٻڌ مت جي پوئلڳن ۾ ڪڏھن نه ختم ٿيڻ واري زندگي ۽ بقا جون خواھشون پيدا ٿيون.
6. تصويرن ۽ بتن(مجسمن) جو استعمال عام ٿي ويو، ٻڌ جا بي شمار مجسما ٺاھيا ويا، پر ٻڌ جي تعليم ۾ انھن جو ڪوبه وجود نه ھو.
ڪن ھنڌن تي رحم جي ديويءَ کي اھو ئي مقام حاصل ٿيو جيڪو عيسائيت ۾ حضرت مريم کي آھي. انھن تبديلين جو اثر تمام سٺو پيو ۽ ٻڌ مت ھندستان مان نڪري سموري ايشيا ۽ پري پري جي علائقن ۾ ڦھلجي ويو ڇو ته انھن تبديلين جي ڪري ھر قسم جا ماڻھو ان مذھب ۾ شامل ٿي سگھن پيا. ان جي ابتڙ نھايان فرقي جو ٻڌ مت صرف ھندستان جي انھن علائقن تائين محدود رھيو جيڪي ٻڌ جي پوئلڳن جي تبليغ جو مرڪز رھيا.
نھايان جي ذريعي ٻڌ مت ۾ اعليٰ تصور جي فقدان جي تلافي ڪئي وئي ۽ اھا دعويٰ ڪئي وئي ته گوتم ٻڌ بشري صفتن کان آجو هو ۽ غير محسوس ۽ ابدي شڪل جو مالڪ ھو، جيڪو علم جي ذريعي ظاھر ٿيو. ان تصور تي مھايان فرقي ٽن الاھياتي تصورن جو بنياد رکيو ۽ ان جي ظاھر ٿيڻ جون ٽي مختلف شڪليون مقرر ڪيون ويون.

[b]1. ڌرم ڪايا:
[/b]ان جو مطلب ھي آھي ته ھن دنيا جي عارضي پيدائش جي پويان ھڪ دائمي ۽ غيرفاني ھستيءَ جو وجود آھي.

[b]2. نرمان ڪايا :
[/b]ڌرم ڪايا جڏھن پنھنجو پاڻ کي ظاھر ڪرڻ چاھي ٿي ته ڪنھن به روپ ۾ اچي سگھي ٿي. اھا ٻڌ جي ظھور جي ٻي شڪل آھي.

[b]3. سمجھوگ ڪايا :
[/b]ھيءَ قوت ٻڌ جي خاصيت آھي جيڪا ٻڌ جي وسيلي ٻڌ جي پوئلڳن ۾ ڪم ڪري ٿي، اھا قوت اصل ۾ ٻڌ مت جي پوئلڳن جي محافظ آھي.
مھايان فرقي خدا جو شخصي تصور به قائم ڪيو، جنھن کي ”ٻڌ ھستوا“ چوندا آھن. سندن خيال ۾ صرف گوتم ٻڌ ئي ھستوا نه ھو پر ھزارين ٻڌ ھستوا آسمان تي موجود آھن جيڪي مصيبت ماريلن جي مدد ڪن ٿا. ان عقيدي سان ھمدردي، محبت ، اخوت ۽ مساوات کي ٻڌ مت ۾ خاص اھميت ته حاصل ٿي وئي پر ساڳئي وقت ٻڌ مت ۾ ڪثرت پرستي پڻ رائج ٿي جيڪا ھندو مذھب جي خاصيت آھي.
ٻڌ ھستوا جي عقيدي سان ٻڌ مت ۾ عبادت جون مختلف رسمون ۽ طريقا رائج ٿي ويا، قديم ٻڌ مت ۾ اھڙي ڪابه شيءِ نه ھئي. ھاڻي ٻڌ ھستوا معبود ھئا، انڪري ڀڪشو پروھت بڻجي ويا ۽ خانقاھون مندرن ۾ بدلجڻ لڳيون. ماڻھو ھزارن جي تعداد ۾ عبادت ڪرڻ لاءِ انھن مندرن ۾ ويندا ھئا.

[b]نرواڻ جو تصور :
[/b]مھايان فرقي ۾ نرواڻ جو تصور به بدلجي ويو، مھاتما ٻڌ صرف نرواڻ حاصل ڪرڻ کي مقصد قرار ڏنو ھو، ان کانسواءِ ٻيو ڪجھه نه ھو. ھاڻي ٻڌ مت ۾ عوام جي تسڪين خاطر جنت جو تصور پيش ڪيو ويو جتي شاڪيه مني ٻڌ ۽ ٻڌ ھستوائن جي حڪومت آھي. بعد ۾ ان عقيدي کي ٻڌ ھستوائن تائين محدود ڪيو ويو.
مھايان فرقي جا ماڻھو اوڀر جي ھڪ وسيع علائقي ۾ ڦھليل آھن جنھن ۾ وچ ايشيا، تبت، منگوليا، ڪوريا، چين، جپان ۽ نيپال سان گڏ جاوا سماترا به شامل آھن. ڄاڻايل سڀني ملڪن ۾ اتان جا قديم مذھب ھاڻي تاريخ جو حصو بڻجي ويا آھن ۽ انھن جي جاءِ ٻڌمت والاري ورتي آھي.

[b]نھايان ٻڌ مت :
[/b]اھو فرقو ٻڌ مت جون قديم روايتون ۽ عقيدا رکي ٿو. ٻڌمت شروع کان ئي خانقاھن ۽ درويشن جو مذھب ھو. پاڻ گوتم ٻڌ خانقاھي نظام جو بنياد رکيو ھو. ان خانقاھي سلسلي ۾ داخل ٿيڻ وارن کي اخلاقي حڪمن جو پابند ٿيڻو پوندو ھو، جتي قتل، چوري، زناڪاري، دوکي، فريب ۽ نشي جي استعمال جي منع ٿيل ھئي. ڏينھن چڙھڻ کانپوءِ کاڌو کائڻ، سونھن سينگار کان پرھيز، زمين تي سمھڻ، ناچ ۽ موسيقي کان پري رھڻ، سون ۽ چانديءَ جي استعمال جي منع ٿيل ھئي. خانقاھي زندگيءَ ۾ جسماني مشقت کي خراب نه سمجھيو ويندو ھو. خانقاھي ماڻھو اڪيلائي واري زندگي گذاريندا۽ گيڙو ڪپڙا پائيندا ھئا ۽ گھر گھر وڃي دان گهرندا ھئا. سندن زندگيءَ جو مقصد مراقبو ۽ مطالعو ھو.
گوتم جي وفات کان ڪيترائي سَوَ ورھيه پوءِ به ان جي اصل تعليم جيئن جو تيئن قائم رھي ۽ ان جو اثر تيزيءَ سان ھندستان ۾ ڦھلجندو رھيو پر ستين صدي عيسويءَ کانپوءِ ان ۾ توھم ۽ سحر جو لاڙو داخل ٿي ويو جنھن سان اھا تعليم زوال ڏانھن وڌڻ لڳي.

[b]مھاراجا اشوڪ اعظم :
[/b]ٻڌ مت جي اشاعت ۾ اشوڪ جو وڏو ھٿ آھي. ھن ھزارين مبلغ ھندستان کان ٻاھر ٻين ملڪن ڏانھن موڪليا، اھو اشوڪ جي ڪوششن جو نتيجو ھو جو ٻڌ مت پنھنجي بنيادي تعليم سان اڄ به اوڀر ايشيا جي ڏاکڻين ملڪن سري لنڪا، برما، ٿائيلينڊ وغيره ۾ موجود آھي. اھي ملڪ ھن وقت نھايان فرقي جا پوئلڳ آھن. ڄاڻايل ملڪن جي مقامي عقيدن ٻڌ مت تي تمام گھڻو اثر ڪيو، ان ڪري ٻڌمت ۾ فطرت پرستي ۽ بت پرستيءَ جي آميزش موجود آھي. مذڪوره ملڪن جي وڏن وڏن شھرن ڪولمبو، رنگون، بنڪاڪ وغيره ۾ خانقاھن جون نھايت شاندار عمارتون موجود آھن، جن جي آرائش يورپي طرز جي آھي. ھاڻي اھا سادگي نه رھي آھي جيڪا شروعاتي دور جي خانقاھن ۾ ھئي. ھاڻي انھن خانقاھن ۾ مورتيون موجود آھن، ٻوڌي تبرڪات جي پرستش ٿيندي آھي ۽ عبادت جي لاءِ مختلف رسمون به ادا ڪيون وينديون آھن.
ٻڌ مت جي پيروڪارن جو وڌيڪ تعداد چين، ٿائيلينڊ، برما، نيپال، تبت، ڀوٽان ۽ سريلنڪا ۾ آباد آھي. ھڪ اندازي مطابق انھن جو تعداد پنج ڪروڙ آھي.

[b]ٻڌمت جي بنيادي تعليم :
[/b]1. ڪائنات ۽ انساني زندگيءَ جو تجزيو
2. دنياوي زندگي مصيبت ۽ ڏک آھي
3. دنيا مصيبتن جي جڙ آھي
4. دنيوي مصيبت کي معلوم ڪرڻ
بنيادي حقيقت تي روشني وجھڻ جي لاءِ گوتم ٻڌ جن چئن اعليٰ صداقتن جو ذڪر ڪيو آھي، جن کي سمجھڻ ۽ انھن تي عمل ڪرڻ سان زندگي ڏک جي دائري مان نڪريو وڃي، اھي صداقتون ھي آھن:
1. زندگي نسورو ڏک آھي
2. زندگيءَ جي انھن ڏکن جو سبب نفساني خواھشون آھن (يعني جبلتي گھرجن جو نفساني خواھشن جي تسڪين جي لاءِ استعمال جيئن شھوت، ڪاوڙ، لالچ وغيره جو انسان جي نيڪ ۽ تعميري معاملن جي خلاف تخريبي استعمال)
3. انھن خواھشن کي دٻائڻ ۽ انھن کان بچڻ ضروري آھي ۽ اھو بلڪل ممڪن آھي ته ھر انسان انھن کان بچي سگھي.
4. خواھشون ترڪ ڪرڻ ۽ نفس کان بچڻ لاءِ سخت رياضت جي ضرورت نه آھي ۽ نه وري ڪنھن عيش پرستيءَ جي بلڪه انھن جي وچ ۾ اعتدال سان اھو مقصد حاصل ڪري سگھجي ٿو.
ان وچٿري واٽ جي حاصلات لاءِ گوتم ٻڌ اَٺ اصول ٻڌايا آھن جن تي عمل ڪرڻ سان نفساني خواھشن کان بچي سگھجي ٿو.
1. صحيح علم ۽ عقيدو
2. صحيح ارادو
3. صحيح ڪلام (ڳالھه ٻول)
4. صحيح عمل
5. صحيح سلوڪ
6. صحيح جدوجھد
7. صحيح يادداشت
8. صحيح غور و فڪر
ٻڌمت انھن ماڻھن کان جيڪي اها واٽ وٺڻ چاهين ٿا، ڪجھه ڳالھين جو مطالبو ڪيو آھي يعني ان کي ڀڪشو بڻجڻو پوندو.
ھر ڀڪشوءَ کان ھيٺ ڏنل اصولن تي عمل ڪرڻ جو وچن ورتو ويندو آھي:
1. ھو ڪنھن جاندار کي قتل نه ڪندو.
2. چوري نه ڪندو.
3. زنا نه ڪندو.
4. ڪوڙ نه ڳالھائيندو.
5. نشي کان پري رھندو.
6. ٻپھريءَ کانپوءِ کاڌو نه کائيندو.
7. رقص ۽ موسيقيءَ کان پري رھندو.
8. ھار سينگار ۽ خوشبوءِ استعمال نه ڪندو.
9. ڪنھن آرامده جڳھه تي نه ويھندو، نه اتي سمھندو.
10. سون ۽ چانديءَ جي ويجھو نه ويندو.
ڪجھه ٻين ڳالھين جي به تاڪيد ڪئي ويئي آھي. ڀڪشو ھر مھيني گھٽ ۾ گھٽ ٻه دفعا پنھنجي نفس جو احتساب ڪري ۽ ڏسي ته ھن ڪيتري حد تائين انھن اصولن تي عمل ڪيو آھي.
انھن اصولن تي عمل ڪرڻ جو فائدو دل جو اطمينان آھي ۽ اھو ئي نرواڻ آھي. جيڪي ماڻھو صرف پنھنجو پاڻ کي گناھن کان بچائڻ چاھين، انھن کي پھرين پنجن اصولن تي ضرور عمل ڪرڻو آھي. نيڪ چال چلت ضروري آھي. والدين، استاد، اھل و عيال ۽ ملازمن جي حقن جي ادائگي به ضروري آھي. ان کان علاوه ڀڪشن جي خدمت ڪرڻ به ضروري آھي.

[b]نرواڻ حاصل ڪرڻ جو طريقو:
[/b]گوتم ٻڌ نجات يا نرواڻ جو دارومدار انسان جي ذاتي ڪوششن کي ڄاڻايو آھي ۽ کيس پنھنجي اعمالن جو قطعي طور ذميوار بڻايو آھي. ٻڌ جو قول آھي ته انسان پاڻ برائي ڪري ٿو ۽ ان جا خراب نتيجا ڀوڳڻ به ان جي پنھنجي ذميواري آھي. ھو پاڻ ئي برائيءَ کان پاسيرو ٿي سگھي ٿو ۽ پاڻ ئي پنھنجو پاڻ کي گناھن کان پاڪ رکي سگھي ٿو. پاڪيزگي ۽ ناپاڪائي ٻئي ذاتي صفتون آھن ۽ ڪوبه ٻئي کي پاڪ نٿو بڻائي سگھي.
گناھه ٻن قسمن جا آھن: 1. اخلاقي قانونن جي خلاف ورزي ڪرڻ. 2. جھالت يعني حقيقت کان واقف نه ھجڻ.
گناھن کان نجات صرف توبھه ۽ ڪفاري ذريعي ممڪن نه آھي، پر انسان جيڪڏھن پنھنجي زندگي بلڪل بدلائي ڇڏي ته پنھنجو دامن بچائي سگھي ٿو.

[b]مصيبتون ڏک جو باعث :
[/b]ٻڌمت مطابق مصيبتون جن سان روز واسطو پوي ٿو، انھن ۾ ٽي اھم آھن:
1. بيماري، ڪراڙپ، موت.
2. فاني زندگي جنھن جو مطلب اھو آھي ته ھن دنيا ۾ ڪنھن شيءِ کي قرار نه آھي ۽ اھا ھر پل بدلجندي رھي ٿي.
3. غيرحقيقي ڪائنات، يعني ڪائنات جون سڀ شيون بي حقيقت آھن، جيڪڏھن اھي حقيقي ھجن ته فنا نه ٿين.

[b]ٻڌ مت جي ڦھلاءَ جو سبب :
[/b]جيئن پھريان ٻڌايو ويو آھي ٻڌ مت نه صرف ھندستان پر ايشيا جي سڀني حصن ۾ ڦھلجي ويو. ٻڌمت ھندو مت جي ردعمل طور وجود ۾ آيو ھو. ھندستان جو نئون نسل ديوين ديوتائن جي پرستش ۽ ذات پات ۾ انسانن جي ورھاست جي عقيدي کان بددل ٿي ويو ھو ۽ ٻڌمت انھن ٻنھي جو انڪار ڪيو ھو، ان ڪري ھندن ٻڌمت جي تعليم ۾ دلچسپي ورتي.

[b]انسان جي باري ۾ ٻڌمت جي غلطي:
[/b]ٻڌمت ۾ جتي خدا جي ھستيءَ جي باري ۾ واضح تعليم نٿي ملي، جنھن سان ان کي خدا جي وجود جو انڪاري قرار ڏنو ويو. اھڙي نموني انسان جي اندر ڪنھن مستقل جوھر جي انڪار به ڪائنات جي مقابلي ۾ انسان جي برتريءَ جو منڪر تصور ڏنو. ان ۾ ڪوبه شڪ نه آھي ته ھر شيءِ جو وجود ڪنھن نه ڪنھن سبب جي ڪري آھي، اھڙي نموني انساني وجود به سببن جي ھڪ تسلسل تي قائم آھي پر عالمي مذھبن جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته صوفين پنھنجي رياضتن سان انسان جي اندر ھڪ مستقل جوھر ڳوليو. جيڪڏھن ڪو مستقل جوھر نه آھي ته انسان موت کان پوءِ قطعي طور تي فنا ٿي وڃي ٿو پر ٻڌمت ڪيترين ئي جڳھن تي ايندڙ زندگيءَ جي وجود کي تسليم ڪيو آھي. سڀني مذھبن انساني وجود ۾ خدائي نور کي مڃيو آھي، ان نور جي نفي نٿي ٿي سگھي. موت کانپوءِ ئي نور يا روح جسم کان الڳ ٿي وڃي ٿو ۽ ٻي دنيا ۾ پنھنجي اعمالن مطابق سٺي يا خراب زندگي گذاري ٿو.
ٻڌمت ۾ خواھشن جي نفي اصل ۾ انھن خواھشن جي نفي آھي جيڪي جبلتن جي انسان دشمن احساسن تي ٻڌل آھن. جيڪڏھن جبلتن جا احساس انسان جي لاءِ ھاڪاري نتيجن تي ٻڌل ھجن ته انھن جو خاتمو ضروري نه آھي، جيئن غصي، شھوت ۽ لالچ وغيره کي تخريب پسنديءَ کان موڙي ھاڪاري روين تي ٻڌل قرار ڏنو وڃي ته گوتم ٻڌ جي خيال ۾ انھن خواھشن جو خاتمو ضروري ناهي يعني اھو سمجھڻ ته گوتم ٻڌ ھاڪاري ۽ صحتمند خواھشن کي ختم ڪرڻ جي ھدايت ڪئي آھي ته اھو بلڪل غلط آھي.
گوتم ٻڌ جي خيال ۾ جيئن ئي انسان عدم مان وجود ۾ اچي ٿو ته ھو پنھنجي حواسن جي ذريعي ٻاھرين دنيا تي اثر انداز ٿيڻ لڳي ٿو، ھن جا احساس بيدار ٿيڻ لڳن ٿا ۽ انھن ئي احساسن جي جوڙجڪ لاءِ خواھشون جنم وٺن ٿيون، ڪن حالتن ۾ انسان اھي خواھشون پوريون نٿو ٿو ڪري سگھي، انسان جيڪو ڪجھه چاھي ٿو ان کي حاصل نٿو ڪري سگھي، جن شين کي پسند نه ٿو ڪري انھن کان پاڻ بچائي نٿو سگھي. اھڙي نموني تبديلين ۽ موت کان به نٿو بچي سگھي، ان جو لازمي نتيجو ڏک ۽ تڪليف آھي ۽ اھو سڀ ڪجھه انسان جي اِن ڪوشش جو نتيجو آھي ته ھو پنھنجو پاڻ کي ڪائنات کان جدا ۽ مٿانھون تصور ڪري ٿو ۽ الڳ رھڻ چاھي ٿو، توڙي جو ٻڌ ڪائنات کي عالمگير حقيقي روح جو مظھر سمجھي ٿو.
اهو به چيو وڃي ٿو ته ٻڌ جا نظريا چارواڪ جي سوفسطائي فرقي جي مخالف رد عمل جو نتيجو ھئا ته پوءِ اھو ڪيئن ممڪن آھي ته چارواڪ جي ماديت واري فلسفي ۽ خدا جي وجود کان انڪار، انساني روح جي نفي، اخلاقي تعليم کان فرار، موت کان پوءِ واري زندگي کان انڪار کي صحيح مڃيو وڃي؟
چارواڪ جي پوئلڳن انھن خيالن جي گھڻي اشاعت ڪئي ھئي ۽ ھر جڳھه تي انھن تي بحث ٿيندا هئا. ان ڪري گوتم ٻڌ ان بحث مباحثي کي ختم ڪرڻ لاءِ انھن حقيقتن تي خاموشي اختيار ڪئي، جنھن جو مطلب اھو سمجھيو ويو ته ٻڌ انھن حقيقتن جو انڪاري ھو. اھو سمجھڻ ضروري ھو ته مھاتما ٻڌ جي شاگردن پنھنجي غلط عقيدن کي ٻڌمت جي تعليم ۾ شامل ڪيو آھي.
مھاتما ٻڌ کان پھريان ھندستان ۾ جيڪو مذھب ڇانيل هو ان جو نقشو ڊاڪٽر راڌا ڪرشن ھيئن چٽيو آھي:
”ڏيتي ليتيءَ وارو وهنوار ھو جيڪو خدا ۽ انسانن وچ ۾ ھو، جڏھن ته ھڪ طرف اپنشدن جو ايشور ھو جيڪو الوھيت جو اعليٰ ۽ شائسته تصور پيش ڪري پيو، ٻئي پاسي ڪيترن ئي خدائن جو ھجوم ھو جن لاءِ ڪابه حدبندي نه ھئي. آسمان جا سيارا، مادي جا عنصر، زمين جا وڻ، جھنگ جا جانور، جبلن جون چوٽيون، دريائن جا وھڪرا مطلب ته ڪابه اھڙي مخلوق نه ھئي جيڪا خدائي حڪومت ۾ شريڪ نه ڪئي وئي ھجي. ائين سمجھو ته ھڪ بي لغام تخيل کي اِن ڳالھه جو پروانو ملي ويو ھو ته دنيا ۾ جيترين شين کي خدائي مسند تي ويھاري سگھجي پيو بنا روڪ ٽوڪ جي ويھاريندو رھي، پوءِ به جيڪڏهن خدائن جو اهو وڳ خداسازيءَ واري سندس ذوق لاءِ ڪافي نه ھو ته جيڪڏهن جو به ان ۾ واڌارو ٿيندو رھيو.
ان ۾ ڪوبه شڪ نه آھي ته اپنشدن سوچ سمجھه جي دنيا ۾ انھن خدائن جي خدائي درھم برھم ڪري ڇڏي پر عمل جي زندگيءَ ۾ انھن کي نه ڇيڙيو ويو. اھي پنھنجي خدائي مسند تي ويٺا رھيا.“ (انڊين فلاسافي، ڇاپو ٻيو ص 2-5-4)
ڳالھه صرف اھا ھئي ته برھمڻن ۽ استحصالي طبقن پنھنجي مفاد لاءِ خدا ۽ مذھب جي نالي کي غلط طريقي سان استعمال ڪيو ھو، ان ڪري گوتم ٻڌ ۽ مھاوير خدا جي وجود جي سمجهاڻي، سندس نالي جي ورد، کيس خوش ڪرڻ لاءِ مختلف قسم جي قربانين ۽ ان جي ديدار لاءِ سماجي ذميوارين کان منھن موڙي اڪيلائپ ۾ پناهه وٺڻ کان روڪيو ۽ سماجي ذميوارين کي محبت، ديانت ۽ انصاف سان پورو ڪرڻ تي زور ڏنو ھو. اصل ۾ مابعد الطبيعاتي مسئلن تي سندس خاموشيءَ کي سندس پوئلڳن ۽ ٻين انھن مسئلن جي نفي سمجھيو.
اسان جي دور ۾ انساني خودي (EGO) جي سڀ کان وڏي عارف علامه اقبال چيو آھي ته ”جيڪڏھن تون خدا کي ڳولين ٿو ته پنھنجي ذات کانسواءِ توکي ڪجھه نه ملندو ۽ جيڪڏھن تون پنھنجي ذات کي ڳولين ٿو ته خدا کانسواءِ ڪجھه حاصل نه ڪندين.“
اھڙو وقت قومن تي به ايندو آھي، جڏھن انسان بجاءِ خدا جي ھستيءَ تي زور ڏنو ويندو آھي ۽ ڪڏھن انسان جي پنھنجي ذات تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت جو احساس ڏياريو ويندو آھي.
گوتم ٻڌ جي زماني ۾ يھودي قوم بابل ۾ جلاوطني ۽ قيد جي حالت ۾ بابلي مذھب مان اثر وٺي پنھنجي فرضي تاريخ لکي رھي ھئي. ھند ۾ روح، خدا، الحاد، عيش پرستي ۽ اھڙي نموني جي گھڻين ئي اختلافي ڳالھين جي باري ۾ ھزارين فرقا بڻجي ويا ھئا. ان ڪري گوتم ٻڌ برھمڻن جي تعليم ۾ ھيٺيان انقلابي سڌارا آندا.

[b]1. ذات پات جو خاتمو :
[/b]ماڻھو سمجھندا ھئا ته قربانيءَ سان ديوتا خوش ٿيندا آھن. ٻڌ اھڙن ظالم ديوتائن جو ۽ اھڙي قسم جي تعليم ڏيڻ وارن برھمڻن جو خاتمو ضروري سمجھيو. ھن ٻڌايو ته سڀ انسان برابر آھن ايستائين جو شودر ۽ عورتون به ڌرم جي معاملي ۾ برابر آھن. علم جو دروازو سڀني لاءِ کليل آھي ۽ عقل کي قيد ڪرڻ جو ڪنھن ذات (برھمڻ)کي حق نٿو پهچي. اھڙي نموني جيڪو ماڻھو ڌرم يعني عقل جو رستو اختيار ڪندو ان جي ڪابه ذات نه ھوندي ۽ ھو پاڻ سوچي ته ڪھڙي نموني جُوڻ مَٽ جي ابدي چڪر مان نجات ملي سگھي ٿي ۽ روح کي سڪون يا نرواڻ حاصل ٿي سگھي ٿو.

[b]2. علمي دليلن کان وڌيڪ صالح عمل ضروري آھي :
[/b]گوتم ٻڌ علم ۽ عقل جو انفرادي در کوليو ۽ فرمايو ته علمي دليلن کان عمل صالح بھتر آھي. سندس خيال ۾ حق پرستي ۽ محبت ئي انسان جو دين آھي، ان سان ئي نجات ملي سگھي ٿي. دين يا ڌرم اھو ازلي ۽ ابدي قانون آھي، جنھن سان سموري ڪائنات ھلي رھي آھي، اھو ئي شھنشاھه آھي، اھو ئي عالمگير عدل آھي، قدرت آھي، ويدن جو ايشور آھي، يونان جو لوگاس آھي، عربيءَ وارو حق جو ڪلمو آھي، اھو ئي خير آھي. ٻڌ خدا جي تصور کي عام ماڻھن جي ٻوليءَ ۾ حق ۽ ڌرم جي لفظن ۾ ادا ڪيو ۽ صراط مستقيم تي ھلڻ جي تعليم ڏني، پر هن عقل کي قيد نه ڪيو ۽ چيو ته اھو نه چئو ته ٻڌ اھا ڳالھه چئي آھي تنھن ڪري اھو سچ آھي بلڪه تنھنجو عقل به ان کي تسليم ڪري ته مڃ نه ته پاڻ رستو ڳول.

[b]3. وچٿري واٽ:
[/b]گوتم پاڻ شھزادو ھو، ھر قسم جو عيش ۽ آرام حاصل ڪري چڪو ھو. هن عيش کي ڇڏي برھمڻن جي ٻڌايل زھد ۽ سنياس جي واٽ ورتي. آخر ۾ ھن تي اھو راز کليو ته نه لذت پرست وانگر عيش جي زندگيءَ سان روحاني سڪون حاصل ٿئي ٿو، نه زاھدن جي رياضتن ۽ نفس کي مارڻ سان نجات جو در کلي ٿو. اھڙي نموني وچٿري واٽ يا اعتدال جي راھه ئي آھي جيڪا انسان کي ڪامل نجات تائين وٺي وڃي سگھي ٿي.
انساني دل ۽ دماغ ھر جڳھه تي ھڪ جھڙو عمل ڪندا آھن. شرط اھو آھي ته ڪنھن فرد يا جماعت انھن کي پنھنجي فڪر جو غلام نه بڻايو ھجي. ان ساڳئي اعتدال جي رستي کي سقراط يونان ۾ ڳوليو. افلاطون ”جھموريھ“ جي ذريعي، ارسطو پنھنجي ”اخلاقيات“ جي ذريعي عدل ۽ ظلم جي تشريح ڪئي. بھرحال گوتم فرد کي وچٿري واٽ وٺي سچائي ۽ محبت جو رستو ٻڌايو. ظاھر آھي ته سچائي ۽ محبت ۾ سواءِ خوبيءَ جي ٻيو ڪجھه نه آھي. محبت جو اھو طريقو جنھن کي جاھل ماءُ پنھنجي ٻار لاءِ استعمال ڪري ٿي، اعتدال جو طريقو نه آھي. ان ڪري گوتم ٻڌ سچائي ۽ محبت جي لاءِ معقول ھجڻ جو شرط وِڌو.

[b]4. ڌرم سان ھٿچراند:
[/b]پوءِ وارن برھمڻن پاڻ دين، سوچ ۽ عمل کي تبديل ڪري ڇڏيو. محبت جو مطلب اھو ڄاتو ويو ته ڪنھن کي قتل نه ڪيو وڃي ۽ ڪجھه خواھشن کي فنا ڪرڻ ۾ ڀلائي سمجھي ويئي. اصل ۾ کين چيو اھو ويو ھو ته لذت ۽ خواھشن کي اعتدال جي رستي تي ھلايو. نه بلڪل سنياسي بڻجي وڃو ۽ نه ئي ڏينھن رات شراب خوري، زنا ۽ گوشت خوريءَ کي پنھنجو مقصد بڻايو. بھرحال اھو سمجھڻ غلط ٿيندو ته ڀڪشو سنياسي ڪي ھوندا آھن. حقيقت ۾ اھي اخلاق ۽ علم جا استاد ھوندا آھن. رضاڪارانه طور اھو ڪم ڪندا آھن ۽ صرف ھڪ وقت کاڌو کائيندا آھن.

مهاوير ۽ جين مت

جين مت جي باني مهاوير جو اصل نالو ورڌمان هو. مهاوير 540 ق-م ۾ اوڀر هندستان يعني پٽنا کان 27 ميل پري ديسائي جي هڪ کتري گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. هن جو والد ڪنڌاپور جي قبيلي ”جناتيرڪا“ جو سردار هو. والده ديسائي ۽ مگڌ جي حڪمران طبقي سان تعلق رکندي هئي. ورڌمان (مهاوير) هڪ شهزادي ”ايشوما“ سان شادي ڪئي پر جڏهن ٽيهن ورهين جو ٿيو ته دنيا ترڪ ڪري پرسوناٿ جو مسلڪ اختيار ڪيائين.
مهاوير کان پهريان چوويهه تيرٿنڪر رهنما ٿي گذريا آهن. روايت مطابق اهي سڀ کتري گهراڻي سان تعلق رکندا هئا، منجهن آخري مصلح پرسوناٿ هو. هن جو پيءُ بنارس جو راجا هو. ان جو زمانو اٺين صدي قبل مسيح آهي. هن وڏي عرصي تائين خوشحال ۽ عيش جي زندگي گذارڻ کانپوءِ راهبانه زندگي اختيار ڪئي. چوراسي ڏينهن جي مراقبي کانپوءِ کيس علم حاصل ٿيو. علم حاصل ڪرڻ کانپوءِ هن ستر ورهيه پورڻتا، پاڪيزگي ۽ تقدس حاصل ڪرڻ ۾ گذاريا. مذڪوره منزلن کانپوءِ تميتا جبل تي کيس پنهنجي پوئلڳن جي وچ ۾ نرواڻ حاصل ٿيو. هن پنهنجي پيروڪارن کي عدم تشدد، صداقت، چوريءَ کان روڪڻ ۽ رهبانيت جي تعليم ڏني.
مهاوير ڇهن ورهين تائين هڪ ڀڪشو ”گوسالا“ سان گڏ رهيو، پر گوسالي کي جڏهن ڪجهه روحانيت حاصل ٿي ته هن جدا ٿي نئين عقيدي جو بنياد وڌو ۽ ان جي اشاعت شروع ڪئي. ان نئين عقيدي جو نالو ”اجويڪا“ هو. رياضت جي تيرهين سال مهاوير هڪ غير معروف ڳوٺ جيڪو ”ڀاماگرام“ ۾ اجوپالڪا درياءَ جي ڪناري آباد هو، ۾ رهڻ لڳو. 42 ورهين جي عمر ۾ کيس اها حقيقي معرفت ۽ گيان حاصل ٿيو، جنهن کي ”ڪيول“ چون ٿا. هاڻي مهاوير هڪ نئين مذهب ”نرگرنٿين“ جو رهنما بڻجي ويو. ان مذهب کي بعد ۾ جين مت جو نالو ڏنو ويو. ان جي پوئلڳن کي جيني (فاتح) چيو ويو. جين جي لفظي معنيٰ فاتح آهي يعني سفلي خواهشن تي قابو ۽ فتح حاصل ڪرڻ وارو. ان لفظ تان ئي جين مت تي اهو نالو پيو. مهاوير 72 ورهين جي عمر ۾ ڏکڻ بهار جي ”پاوا“ علائقي ۾ 486 ق-م ۾ وفات ڪئي.
مهاوير ٽيهن ورهين تائين پنهنجي عقيدي جو پرچار ڪيو. ان سلسلي ۾ انگا، ديها ۽ مگڌ جو سفر ڪيو. مگڌ جي مشهور حڪمران بمبسار ۽ ان جي پٽ اجاتا استرو سان ڪيترائي دفعا ملاقات ڪئي. ٻڌ ۽ جين روايتون انهن ٻنهي حڪمرانن کي پنهنجي پوئلڳن ۾ شامل ڪن ٿيون.

[b]تعليم [/b]
جنهن دور ۾ مهاوير پيدا ٿيو، ان دور ۾ سڀ کان وڏو مسئلو نرواڻ حاصل ڪرڻ هو. مهاوير نرواڻ حاصل ڪرڻ جا ٻه طريقا ٻڌايا آهن: هڪ نيڪالي ۽ ٻيو قبوليت.
نيڪالي ڏيڻ وارو طريقو اهو هو ته انسان پنهنجي دل مان هر قسم جون خواهشون ڪڍي ڇڏي ڇو ته خواهشون ئي ڏک ۽ تڪليف جو سبب هونديون آهن. جڏهن خواهشون پوريون نه ٿينديون آهن ته تمام گهڻو ڏک ٿيندو آهي. جڏهن خواهشون ئي نه هونديون ته روح ۾ صرف مسرت هوندي، اها دلي مسرت ۽ راحت ئي نرواڻ آهي.
قبوليت وارو طريقو هي آهي ته انسان جا عقيدا، علم ۽ عمل صحيح هجن، انهن کي ٽي رتن چيو ويندو آهي. اعمالن جو صحيح هجڻ پنجن ڳالهين تي آهي.
1 . اهمسه (Ahimsa) يا آزادي: ڪنهن ساهواري کي تڪليف نه ڏني وڃي، جهڙي نموني انسان جو پنهنجو وجود محترم ۽ عزيز هوندو آهي، اهڙي نموني ٻين کي به ائين سمجهڻ گهرجي.
2 . ستيام (Satyam) يا سچائي: هميشه سچائي کي پنهنجو شعار بڻايو ۽ ٻين جي شين کي ناجائز طريقي سان حاصل ڪرڻ کان پرهيز ڪجي.
3 . استيام (Asteyam) يا چوريءَ کان بچڻ: حلال روزي ڪمائي وڃي ۽ ٻين جي مال کي ناجائز طريقي سان حاصل ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي.
4 . برهم چاريام (Brahama Charyam) يعني عفت: پاڪدامني جي زندگي گذاري وڃي.
5 . اپري گرهيه (Apri Graha) يعني مادي لذت: پنجن حواسن ٻڌڻ، ڏسڻ، سنگهڻ، ڳالهائڻ ۽ چکڻ تي مڪمل ڪنٽرول هئڻ گهرجي ڇو ته اهي ئي حواس انسان کي مادي لذتن جي گمراهيءَ ۾ وجهي ڇڏيندا آهن.
جين مت ۾ عدم تشدد جون حدون تمام وسيع آهن، ان سان سمورن ساهوارن ايتري قدر جو جيتن جڻين کي ايذاءُ پهچائڻ کان به منع ڪيئ وئي آهي.
مهاوير ٻارهن ورهين کان وڌيڪ عرصو سڄي گنگا ماٿريءَ ۾ ساڌن ۽ سنياسين وانگر بک ۽ اڃ تي، تپسيا ڪندي، جانورن جو تشدد برداشت ڪندو رهيو. ان ڪري ئي هو ڪامل معرفت حاصل ڪرڻ کانپوءِ چوويهون تير ٿنڪر بڻجي ويو، هي ان سلسلي جو آخري عظيم فاتح هو.
چوٿين صدي ق- م جي آخر ۾ ڏکڻ بهار ۾ ڏڪار پيو، جنهن جي ڪري جينين جو وڏو تعداد ميسور ۽ ان جي ويجهڙائيءَ وارن علائقن ۾ وڃي رهيو. جيڪي ماڻهو پاٽلي پتر (پٽنا) ۾ رهجي ويا انهن هڪ ڪائونسل قائم ڪئي ته جيئن مقدس ڪتابن کي نئين سر ترتيب ڏنو وڃي. ان ڪائونسل ”ٻارهن انگس“ نالي ڪتاب مرتب ڪيا. پنجين يا ڇهين صدي ق-م ۾ ”دليهائي“ گجرات ۾ ٻي ڪائونسل قائم ٿي جنهن جين مت جي مکيه اصولن کي گڏ ڪري مکيه ڪتابي شڪل ڏني، انهن ۾ ”انگس“ هڪ مڪمل صحيفو آهي.
چندر گپت موريا جي دور ۾ جين مت ٻن فرقن ۾ ورهائجي ويو. هڪ فرقي کي سويتامبر چيو ويو، جيڪي سفيد ڪپڙا پائيندا هئا. ٻئي فرقي جو نالو گمبر يا ويگامبر هو، اهي اگهاڙا رهندا هئا پر اسلامي حڪومت انهن کي مجبور ڪيو ته هو ڪپڙا پائين.
مهاوير جو سڄو فلسفو نفس کي سنوارڻ، خواهشون ترڪ ڪرڻ ۽ رهبانيت تي ٻڌل آهي. ان سلسلي ۾ ڪنهن معبد جي ضرورت نه هئي، پر بعد ۾ جڏهن عبادتخانا جوڙيا ويا، انهن ۾ تيرٿنڪرن جا مجسما رکيا ويا. ڪجهه مورتيون ويٺل ۽ ڪجهه مورتيون بيٺل هيون. شروع ۾ انهن مجسمن جي نه ته پرستش ڪئي ويندي هئي ۽ نه انهن کي مقدس سمجهيو ويندو هو پر وقت گذرڻ سان گڏ انهن جي پرستش به شروع ٿي وئي. سويتامبر ۾ هڪ فرقو ”ڍونڍيا“ آهي جيڪو بت پرستي نه ڪندو آهي.
جين مت صرف هندستان ۾ رهيو، ان جو زور مگڌ ۾ هو، پر جڏهن موريا خاندان جي وقت ۾ ان کي زوال آيو ته اُن اجين ۽ مٿرا ۾ وري زور پڪڙيو. هاڻي گجرات ان جو مرڪز آهي. گجرات جي ابوجبل تي ان جا عاليشان مندر آهن ۽ انهن مندرن جو شمار هندستان جي ستن عجوبن ۾ ٿئي ٿو.
ان جي مڃڻ وارن جا ٻه قسم آهن: هڪ سرواڪ آهن جيڪي گهريلو زندگي گذاريندا آهن ۽ ٻيا شرامن جيڪي رهبانيت جي زندگي گذاريندا آهن.
جين مت جو ڪائنات بابت نظريو ٻن سطحن تي ٻڌل آهي. هڪ بيجان ۽ ٻي زنده. پهرين درجي ۾ ايٽمن سان گڏوگڏ حرڪت، سڪون، زمان ۽ مڪان جهڙا طبعياتي اصول شامل آهن. حيات جو درجو زندگيءَ جي سڀني عنصرن حيوانن توڙي نباتات ۾ سمايل آهي. زندگيءَ جي هر قوت ۾ توانائي، شعور ۽ مسرت شامل آهي ۽ اها ڪائنات ۾ هر هر جنم وٺي ٿي. هيٺين سطح تي زندگي دوزخي حلقن يعني پاتال ۾ رهي ٿي. وچئين سطح تي اهي جيو عنصر حيوانات ۽ نباتات جي شڪل ۾ رهندا آهن، مٿئين درجي تي ديوتائن جي شڪل اختيار ڪندا آهن. صرف وچئين درجي ۾ بطور انسان ئي ”ڪيول“ (ڪامل معرفت) تائين پهچي سگهن ٿا.
”ڪرتگ سوتر“ ۾ زندگيءَ جي عظمت جي اصولن کانپوءِ جين مت ٻڌايو آهي ته زندگيءَ جون انتهائي ساديون صورتون ”نگوڙ“ آهن جيڪي خوردبينيءَ جي نامياتي جسمن جهڙيون آهن. سڀني جڳهن ۽ گوشت ۾ رهنديون آهن ۽ انهن جي مٿان پاڻي، هوا ۽ باهه جا جسم آهن. زندگيءَ جي بلند ترين درجيبندي جانورن ۽ ٻوٽن ۾ ملي ٿي. خوردبينيءَ جي جسمن ۽ عنصري جسمن سميت زندگيءَ جون سڀ صورتون لمس جون مالڪ آهن. زندگيءَ جي حالت کي ڇڏي مٽيءَ جي ڍير کان وٺي آسماني مخلوق تائين هر شيءِ زندگيءَ جي چڪر ۾ ان وقت تائين هر هر جنم وٺي ٿي جيستائين اها انساني زندگيءَ ۾ جنم وٺي ”ڪرم“ جي ذريعي نجات جي جستجو شروع نه ڪري.

[b]ڪرم جو نظريو
[/b] جين مت جو ڪرم وارو نظريو بلڪل انوکو، ٻڌ مت ۽ هندو مت جي ڪرم واري نظرئي کان نئون سنئون آهي يعني ڪرم ائٽمن تي ٻڌل هڪ مادي، لڳلڳدار رنگين مواد آهي جيڪو زندگيءَ جي قوت سان واڳيل آهي ۽ مڪتيءَ جي دنيا (سڌ لوڪ) ۾ وڃڻ کان روڪي ٿو. جبري اعمال جي ذريعي ڪرم زندگيءَ ڏانهن ڇڪجي ٿو ۽ سڀ کان وڌيڪ مخلوق ان ڪاري مادي جي بادلن ۾ ڍڪيل چئي وڃي ٿي. نيرو، سرمئي، نارنگي ۽ پيلي ڪرم واري مخلوق اهڙي نموني درجي به درجي گهٽ يا جبري تشدد واري آهي، جڏهن ته عدم تشدد واري ماڻهوءَ کي سفيد ڪرم وارو سمجهيو ويندو آهي. جينين جي ڪرم کي وڌيڪ 148 مختلف صورتن ۾ مرتب ڪيو آهي، جن کي پراڪرتي چيو ويندو آهي. 180 شروعاتي درجن ۾ گروهه بند اهي صورتون غير نقصانڪار کان وٺي نقصانڪار قسمن تائين آهن.
معروف جين مت ۾ نجات جو رستو چوڏهن مرحلن يا ”گن اسٿان“ تي ٻڌل آهي. پهرين مرحلي ۾ انسان لا علميءَ ۾ گهريل هوندو آهي. چوٿين مرحلي ۾ کيس نجات جي جهلڪ نظر ايندي آهي ۽ ڪرم جون گهڻيون زنجيرون ٽٽي پونديون آهن. بعد ۾ هو ڏاڪي به ڏاڪي اهي پنج بنيادي عزم (اهنسا، صداقت، چوري نه ڪرڻ، جنسي نفس ڪشي ۽ عدم ملڪيت) ڪري ٿو ۽ جذبن تي ڪنٽرول حاصل ڪري ٿو.
موت کان گهڙي کن پهريان آخري مرحلو باقي سڀني ڪرمن کان ڇوٽڪاري جي علامت آهي. سڀ جيني سبزي خور آهن. گهر جو وهنوار هلائڻ وارا جيني روايتي طور اهڙا ڌنڌا اختيار ڪندا آهن، جن ۾ تشدد نه هجي، اهي بنيادي طور واپار، فن ۽ اشاعت سان لاڳاپيل هوندا آهن. گهڻا جيني خاص عرصي تائين روزا رکندا آهن ۽ ڪن موقعن تي چهرن تي نقاب پائيندا آهن جيئن ساهه جي ذريعي جراثيم اندر نه وڃن.
خانقاهي جيني وڌيڪ سخت زندگي گذاريندا آهن، هو ڪنهن هڪ جاءِ تي هڪ ٻه ڏينهن مس ٽِڪندا آهن. صرف اهو ئي کاڌو کائيندا آهن جيڪو کين ڏنو وڃي سويتامبر فرقي وارا گهٽ کان گهٽ ذاتي شيون پاڻ وٽ رکندا آهن. ڪي ڀڪشو ته ڪپڙا به ساڻ ڪونه کڻن. ٻنهي سلسلن جا ڀڪشو ۽ ڀڪشويون پنهنجي اڳيان رستي تي ٻهاري ڏيندا هلندا آهن ته جيئن جيتن جڻين جي مٿان پير نه اچي وڃي.
ڪيترا ئي هزار جيني آمريڪا ۽ يورپ ۾ وڃي آباد ٿيا آهن. جديد جيني پنهنجي زندگين کي مهاوير جي عدم تشدد جي تعليم مطابق بڻائيندا آهن. هنن کي ايٽمي هٿيارن خلاف، سبزي خوريءَ جي استدلال ۽ سائنسي تجربي گاهن ۾ استعمال ٿيڻ وارو جانورن کي آزاد ڪرائڻ جي مهمن ۾ شامل ڪيو ويو هو.
جين مت اهڙن خدائن کي نه مڃيندو آهي جن کي ڪائنات جوڙڻ وارو (خالق) ۽ روح جي اعمالن جو نتيجو ڏيڻ وارو مڃيو وڃي. اهڙو خدا (ايشور) ته دنيا جو پابند ٿي ويندو جڏهن ته هو آزاد آهي ايشور جي خواهش سان ڪجهه نٿو ٿئي پر جيڪو ڪجهه ٿئي ٿو اهو عمل (ڪرم) سان ملي ٿو. روح پنهنجي اعمالن کي اهڙي نموني ڀوڳي ٿو جيئن هو نشي واري شيءِ پيئڻ سان نشي ۾ اچي ويندو آهي. ان ۾ ايشور جو ڪو به دخل نه هوندو آهي.
جيني مادي ۽ روح کي ابدي مڃين ٿا، جيڪو روح نجات حاصل ڪندو آهي اهو پيدائش ۽ موت جي چڪر ۾ نه ايندو آهي. ڪرمن کان نجات حاصل ڪرڻ جو نالو ئي مڪتي آهي، جيڪو مڪتي حاصل ڪندو، اهو پرميشور ٿي ويندو آهي، چوويهن تيرٿنڪرن نجات حاصل ڪئي ۽ اهي پرميشور بڻجي ويا. هن دنيا ۾ هڪ پرميشور نه آهي، جيترا مڪتي حاصل ڪندا آهن، اهي پرميشور بڻجي ويندا آهن. (اصل ۾ پرميشور خدا نه آهي پر خدا نما آهي، جنهن کي غلطيءَ ۾ خدا چيو ويندو آهي).

آخناتون

تاريخ مان اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته مصري تمدن، يوناني تمدن کان قديم ۽ حڪمت ۽ ڏاهپ جو مرڪز رهيو آهي. ان جو ثبوت اهو آهي ته مصري تاريخ مختلف دورن ۾ ورهايل آهي. پهريون دور گهٽ ۾ گهٽ 4000 ق - م کان شروع ٿئي ٿو، ان کي اتحاد اول چون ٿا ۽ ان دور ۾ سڄو مصر هڪ منظم ۽ متحد رياست هو. ٻيو دور 3500 ق - م کان شروع ٿئي ٿو ۽ ان کي ٻيو اتحاد چون ٿا. ان دور جو هڪ هجري ڪتبو مليو آهي جنهن جو مضمون 3500 ق-م ۾ عالمن تيار ڪيو هو. ان کي ڪاغذ تي لکيو ويو هو، جڏهن ڪاغذ پراڻو ٿي ويو ته هڪ فرعون بادشاهه ان کي پٿر تي لکرايو ته جيئن اهو ضايع نه ٿي وڃي. ان ڪتبي ۾ انساني تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اخلاقي مسئلن کي خارجي شڪل ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ان ۾ اخلاق جي باري ۾ صحيح ۽ غلط لفظن مان پتو پوي ٿو ته 3500 ق - م ۾ به انسان اخلاقي حيثيت سان انهن مسئلن ۾ ورتل هو جيڪي اڄ به اسان جي آڏو آهن. ان هجري ڪتبي مان پتو پوي ٿو ته انساني فڪر جي شروعات يونان کان نه پر مصر کان ٿي ۽ اها ڳالهه مغربي محققن جي خلاف آهي جيڪي فڪر جي شروعات يونان کان ڪن ٿا.
ان ڪتبي مان پتو پوي ٿو ته مصرين ۾ خدا جي باري ۾ تصور ڪافي ترقي يافته هو. ان ۾ چيو ويو آهي ته اصل خدا ديوتائن جي دل ۽ زبان يعني عقل آهي. ڪتبي ۾ خدا جو نالو ”ٽا“ لکيل آهي، جنهن سڀني ديوتائن کي تخليق ڪيو ۽ سندن سڀ صفتون خدا ۾ موجود هيون.
اڄ کان چار هزار ورهيه آڳاٽي دور کي انسان جو شروعاتي دور تصور ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته ان ڪتبي ۾ امن ۽ اخلاق جي فلسفي جا سڀ مسئلا لکيل آهن. سقراط جي ذهني ارتقا کان صديون اڳ مصري ڏاهن جي خيال ۾ هر شيءِ جي تخليق ان تصور سان ٿي جنهن کي نفس سوچيو ۽ زبان ادا ڪيو، پر يوناني ڏاهن ٻڌايو ته ڪائنات جي تخليق پاڻي، هوا، باهه وغيره سان ٿي آهي، جن جي تخليقي قوت جو سبب اهو ڪلمو هو جنهن ان تصور کي شڪل ڏني ۽ وجود بخشيو. خدا ئي اها حقيقي هستي آهي جيڪا سوچي ٿي ۽ اها زبان آهي جيڪا ڳالهائي ٿي. قرآن ۾ تخليقي عمل جي باري ۾ ٻڌايو ويو آهي ته
وَ اِذَا قَضٰۤی اَمْرًا فَاِنَّمَا یَقُوۡلُ لَہٗ كُنۡ فَیَكُوۡنُ ﴿۱۱۷﴾ (البقره-117)
”جڏهن آءٌ ڪنهن ڪم جو ارادو ڪريان ٿو، ته چوان ٿو: ٿي پئو ته اهو ٿي پوي ٿو.“
ان ۾ لفظ ”ڪن“ ئي ڪائنات جي تخليق شروعات ۽ چاٻي آهي ۽ اها ئي اللهه جي حڪمت آهي جنهن جي باري ۾ يوحنا جي انجيل جي شروعات ۾ آهي ته ”شروع ۾ ڪلام هو ۽ ڪلام خدا سان گڏ هو ۽ڪلام خدا هو ۽ اهو ئي شروع ۾ خدا سان گڏ هو ۽ ان جي وسيلي سڀ شيون پيدا ٿيون ۽ جيڪو ڪجهه به پيدا ٿيو، ڪابه شيءِ ان کانسواءِ پيدا نه ٿي.“ هراقليڪس ۾ پهريون دفعو لفظ ڪلمو استعمال ٿيو آهي، جنهن جو مطلب هڪ تخليقي اصول، هڪ خيال يا خدا جي تخليقي قوت جو اهو پهلو آهي، جنهن سان ڪثرت وجود ۾ آئي. يهودين وٽ ڪلمي يا ڪلام جي جڳهه تي ”حڪمت“ آيو آهي. مذڪوره ٻنهي لفظن ڪلام ۽ حڪمت ۾ يهودي فلاسفر فيلو هم آهنگي پيدا ڪئي ۽ پوءِ وارن عيسائي ۽ مسلمان مفڪرن مختلف شڪلين ۾ ان تي بحث ڪيو پر مصر جي ان قديم حجري ڪتبي مان پتو پوي ٿو ته اهڙو بلند تصور يهودي ۽ يوناني فڪر کان صديون اڳ انساني ذهن ۾ پيدا ٿي تحريري شڪل ۾ اچي چڪو هو. جيڪڏهن ان جو مقابلو هندو مفڪرن سان ڪيو وڃي ته پتو پوندو ته هندو مفڪر ڪثرت پرستيءَ ۾ مبتلا رهيا ۽ سندن ديوتائن کي فطرت جي اجهل قوت طور صدين تائين پوڄيو ويو. جڏهن ته اڄ کان پنج هزار ورهيه اڳ مصري مفڪر تمام جلد ان دور مان گذري واحد خدا جي تصور تائين پهچي ويا هئا ۽ ڪائنات جي مظهرن پويان سندن نظرون ڪائنات جي خالق تائين پهچي چڪيون هيون. سندن نگاهن اِهو تسليم ڪري ورتو هو ته ڪائنات جو هيءُ نظام حڪمت ۽ دانائيءَ سان هلي رهيو آهي ۽ ان سان اهي هن نتيجي تي پهتا ته هن ڪائنات جي جوڙجڪ جادوءَ جو نتيجو نه آهي صرف اتفاق سان پيدا نه ٿي پئي آهي پر ان جو خاص مقصد آهي، شروعات کان اڄ تائين اهو مقصد ڪم اچي رهيو آهي ۽ خدا هر جاندار جي سيني، دل ۽ هر ڳالهائڻ واري زبان ۾ موجود آهي.
اخلاقي مسئلا جن ڏانهن ان حجري ڪتبي ۾ اشارا موجود آهن، اهو ئي ظاهر ڪن ٿا ته مصري عالم ۽ ڏاها ڪافي عرصي تائين ان تي غور ڪندا پئي رهيا. نيڪي ۽ بديءَ جي تميز جو واضع تصور ان جو دليل آهي ته انسان ۾ انفرادي ۽ اجتماعي طور ذهني ڪشمڪش پيدا ٿي چڪي هئي. ان جو سبب اهو هو ته قبائلي زندگيءَ مان ترقي ڪري انسان هڪ مستحڪم ۽ منظم رياست ۾ پنهنجو انفرادي مقام حاصل ڪري چڪو هو. ان کان علاوه انهي ڪتبي جي مصنف يا مصنفن ڪوشش ڪئي ته اخلاقي عملن کي ديني سرچشمي سان ملايو وڃي. ان ۾ ذڪر آهي ته ”زندگي ان ماڻهوءَ کي ڏني ويندي آهي جيڪو امن ۽ آشتيءَ جو علمبردار هجي.“ هتي ”نيڪ“ جي جڳهه تي ”امن ۽ سڪون جو علمبردار“ جا لفظ استعمال ڪيا ويا آهن، جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته اخلاقي صفتن کي معاشرتي پسنديدگي ۽ ناپسنديدگيءَ جو لباس پهرايو ويو آهي ۽ اخلاقي مسئلن کي معاشرتي ماحول ۾سمجهيو ۽ پيش ڪيو ويو آهي.
ٻيو ته وٽن خدا جو واضح تصور موجود هو، ان جي هستي محدود نه بلڪه تمام اعليٰ صفتن واري هئي جيڪا ڪائنات جي تخليق کانپوءِ آسمانن جي اوچاين تي غافل ۽ بي پرواهه نه هئي. خدا انسانن جي اعمال ۾ سڌي طرح دلچسپي وٺندو هو، ماڻهن جي نيڪي، خدا جي رضا جو سبب هئي ۽ بداعمالي ناراضگيءَ جو باعث. خدا ماڻهن جي اعمال مطابق فيصلو ڪندو هو. هو ماڻهن جو پادري ۽ رهنما به هو، انهن جي نيڪ ۽ بداعمالن جو فيصلو ڪرڻ وارو به. هو نيڪن جو دوست ۽ بَد ماڻهن جو دشمن هو. اهڙي طرح خدا امر وارو به هو ته ۽ حڪمت وارو به.
ان حجري ڪتبي کانپوءِ اهرامي ڪتبا جيڪي مصر جي اميرن پنهنجي مقبرن جي ڀتين تي هڻايا هئا، مصر ۾ڏاهپ ۽ شعور جي ارتقا جو پتو ڏين ٿا. ٽاهو ٽپ خدا جي لاءِ لفظ ”مآت“ استعمال ڪيو آهي. ٽاهوٽپ جڏهن گورنريءَ کان فارغ ٿيو ته هن پنهنجي حاصل ڪيل ڏاهپ کي پنهنجي پٽ لاءِ لکرايو، جيڪو هاڻي گورنر بڻجي چڪو هو. ٽاهو ٽپ جي حڪيمانه تعليم کي ”هدايت“ چيو ويندو آهي. هن زال جي لاءِ لکيو آهي ته هو هڪ عمدو ”فصل“ آهي. پتو پوي ٿو ته مصر ۾ ان وقت منظم مرڪزي حڪومت قائم ٿي جنهن مقامي حاڪمن جي مطلق العناني ختم ڪري هڪ عظيم الشان سلطنت جي ماتحت ملڪ جي سڀني ماڻهن کي اُن سلطنت جو وفادار بڻائي ڇڏيو هو. اهڙي نموني انساني تاريخ ۾ پهريون دفعو عالمگير قدرن جو دائرو جڙيو، جنهن جي بنياد تي توحيد جو نظريو اُسريو نسريو.
ايران جي بادشاه سائرس (ذوالقرنين) اولهه ايشيا ۾ اهڙي نموني جي مرڪزي حڪومت قائم ڪئي، جنهن کان پوءِ زرتشتي مفڪر به اهڙي قسم جا بلند اخلاقي تصور پيش ڪري سگهيا پر اهو به ممڪن آهي ته هڪ وڏي مرتبي وارو شخص پنهنجي ذهني قابليت ۽ فڪري عظمت جي ڪري اُن عظيم تصور تائين پهچي وڃي، توڙي جو ان جي آسپاس ڪابه اهڙي مرڪزي رياست موجود نه هجي. اها حقيقت پنهنجي جڳهه تي آهي ته ٻاهريون حالتون انسان جي داخلي زندگيءَ تي اثر انداز ٿينديون آهن پر انهن اثرن جي حيثيت صرف انساني ذهن ۽ دل کي هڪ خاص رستي ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ هوندي آهي. اهڙن تصورن ۽ خيالن جي نوعيت ان جي پنهنجي ذهن جي داخلي پيداوار هوندي آهي. جيڪڏهن هر شخص صرف پنهنجي حالتن جي پيداوار هجي ته جيڪر زندگي ارتقا جون منزلون طئي نه ڪري سگهي. مصري تاريخ جي مطالعي مان پتو پوي ٿو ته ٽاهو ٽپ کانپوءِ جڏهن مرڪزي ۽ منظم سلطنت ختم ٿي ته اهي بلند اخلاقي تصور ۽ توحيد جو نظريو گم ٿيڻ بجاءِ ترقي ڪندو ويو ۽ ان ۾ وسعت ۽ گهرائي پيدا ٿيندي وئي. اهڙي نموني ان ئي دور جي هڪ بادشاه جا ڪجهه ڪتبا اسان وٽ محفوظ آهن. اسين سندس نالي کان واقف نه آهيون پر هن اهي هدايتون پنهنجي پٽ کي ڏنيون جنهن جو نالو ”ميري ڪري“ آهي. انهن هدايتن ۾اخلاقي اصول يعني تقويٰ، عدل، نيڪي ۽ صداقت تي پورو زور ڏنو ويو آهي. بادشاه جو خيال آهي ته جيڪڏهن سرڪاري ملازم پنهنجي روزگار مان مطمئن نه هجن ته انهن کان نيڪ اعمال ۽ صحيح انصاف جي توقع نٿي ڪري سگهجي. ان ڪري هن پنهنجي پٽ کي نصيحت ڪئي ته جتي قابليت ۽ جوهر شناسيءَ جي تقاضا هيءَ آهي ته امير ۽ غريب ۾ فرق نه ڪيو وڃي، اتي اهو به ضروري آهي ته اميرن تي انهن جي مرتبي مطابق نوازش ڪئي وڃي ته جيئن اهي انصاف ۽ عدل جي تقاضائن کي هر پل پورو ڪري سگهن. اهڙي طرح هن عملي زندگيءَ ۾ نيڪ نيتيءَ جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اُن نيڪ ماڻهوءَ جي نيڪي ۽ تقويٰ وڌيڪ پذيرائيءَ جي قابل آهي بنسبت ان ماڻهوءَ جي جنهن جا هٿ ۽ جنهن جي دل بَدين ۽ بڇڙاين ۾ مبتلا هجن. ان جي باوجود کين اجازت آهي ته خدا جي آڏو پنهنجي قرباني پيش ڪن. ڇو ته خدا قرباني ڪرڻ وارن جي نيت ۽علم کي ڄاڻندو آهي.
اهڙي طرح هو پنهنجي پٽ کي چوي ٿو ته جڏهن تون تخت تي ويهين ته نيڪي ڪر ته جيئن تنهنجي حڪومت مستحڪم ٿئي، ڏکويل انسانن سان همدردي ڪر، زال تي ظلم نه ڪر، ڪنهن ماڻهوءَ کي جائز ورثي کان محروم نه ڪر. خدا ظالم ۽ فاسق جي ظلم کان خبردار آهي ۽ ان جو بدلو خون سان ڏيندو.
موت کانپوءِ زندگيءَ جو تصور مصرين وٽ هڪ پڪي يقين ۽ ايمان جي حد تائين هو پر وٽن زندگيءَ ۾ راحت جو تصور ذاتي ڪردار سان مشروط نه هو.
آهستي آهستي ان تصور ۾ پاڪيزگي ۽ بلندي پيدا ٿيندي وئي ۽ جزا ۽ سزا جا تصور اخلاقي ڪردار جي بلندي ۽ ڪمزوريءَ سان ڳنڍجڻ لڳا. اهڙي طرح ڄاڻايل آهي ته ”تون ڄاڻين ٿو ته جج انصاف واري ڏينهن ڪنهن فاسق ۽ ڏوهيءَ تي رحم نه ڪندا آهن. ان ڳالهه تي مدهوش نه ٿي وڃ ته زندگيءَ جا ڏينهن گهڻا آهن، هن دنيا جي حاڪم لاءِ سڄي زندگي هڪ پل کان وڌيڪ نه آهي. ماڻهو موت کانپوءِ ابد تائين رهي ٿو ۽ ان جا اعمال سندس آڏو جبل وانگر ڍير ڪيا ويندا آهن. اها ابدي زندگي آهي جيڪا ڪڏهن ختم نه ٿيندي، نادان آهي اهو جيڪو ان کان غافل آهي. جيڪو ماڻهو اتي پهچي ٿو ان حالت ۾ ته هو گناهن کان پاڪ آهي ته ان صورت ۾ اُتي اهڙي نموني رهندو جيئن ديوتا ۽ اتي گهمندو ڦرندو ايئن ڄڻ هو ابد جو مرد آهي ............. روح ان جڳهه تي ويندو جنهن کان هو واقف آهي ۽ جنهن رستي تي هو وڃي رهيو آهي ان تي ئي پنهنجي زندگيءَ جي مُوڙي پوري ڪندو ويندو.“ هيٺ ڏنل بيان قابل غور آهي:
”انسانن جو هڪ کانپوءِ ٻيو نسل ايندو رهندو آهي ۽ خدا ماڻهن جي دلين جي حال کان واقف ۽ سندن سيرت کان باخبر آهي. هن پنهنجو پاڻ کي ماڻهن جي نظرن کان لڪائي رکيو آهي. هو اهڙين سڀني شين کان مٿاهون آهي، جن کي توهان پنهنجي اکين سان (مختلف مورتين جي صورتن ۾) ڏسو ٿا.“ ڪٿي ڪٿي ڪثرت پرستيءَ ڏانهن اشارن باوجود خدا جي وحدانيت جو پورو تصور آڏو اچي وڃي ٿو. انهن هدايتن جي آخر ۾ هيٺيان لفظ غور طلب آهن. ”انسان خدا جو ڌڻ ۽ ان رعيت آهي. هن زمين ۽ آسمان کي ان ڪري جوڙيو آهي. هن اڃ اجهائڻ لاءِ پاڻي پيدا ڪيو. هن هوا پيدا ڪئي جيئن ساهه کڻي سگهو. اهي هن جهڙا آهن جيڪي هن جي عضون مان پيدا ٿيا. هُن جانور، مڇيون ۽ پکي پيدا ڪيا ته جيئن انهن سان پنهنجي خوراڪ حاصل ڪري سگهو. جڏهن اهي (انسان) روئندا آهن ته هو ٻڌندو آهي.“
اخلاقي زندگيءَ جي ارتقا جي لاءِ معاشرتي زندگيءَ جو نظام ۽ مروج عملي ۽ نظرياتي وهنوار جي پابنديءَ جي اهميت بلڪل واضح آهي پر اهي اعمال ۽ اقوال جون پابنديون ماڻهن لاءِ بار بڻجي وينديون آهن. اهڙي نموني منجهن خوفناڪ ۽ تلخ ذهني ڪشمڪش پيدا ٿي پوندي آهي پر تاريخي طور اها به هڪ حقيقت آهي ته انساني اخلاق جون سڀ پابنديون ۽ عالمگير سچائين جون تجليون اهڙن ئي ماڻهن جي داخلي ۽ نفسياتي ڪشمڪش کي ڪنٽرول ڪرڻ سان پيدا ٿينديون آهن جيئن زرتشت ۽ حضرت مسيح جي زندگين ۾ آزمائشن جو وجود ان ڳالهه ڏانهن رهنمائي ڪري ٿو. ڀڳوت گيتا ۾ ارجن جي زندگي خير ۽ شر جي دائمي ويڙهاندجي ڪهاڻي آهي. ”عهد عتيق“ ڪتاب ايوب ۾ حضرت ايوب جا جيڪي واقعا آهن، اهي به ان سلسلي جي ڪڙي آهن. اهڙا ئي ماڻهو ۽ ان قسم جا تجربا ئي آهن جن جي ڪري آهستي آهستي انسان جي اخلاقي قدرن ۽ زندگيءَ ۾ گهرائي ۽ وسعت پيدا ٿيندي وئي، ڇو ته اخلاق جو تعلق جيتريقدر خارجي ماحول ۽ معاشري جي صحيح جوڙ جڪ سان آهي، ان کان وڌيڪ اهڙن اعليٰ ذهن ڏاهن ۽ مفڪرن جي داخلي زندگيءَ جي تجربن سان به آهي.
مسٽر بريسٽيڊ جي تحرير جو عنوان آهي ”هڪ آدم بيزار جو پنهنجي روح سان مڪالمو.“ اهو شاندار مڪالمو جيڪو شايد مسيح کان ٻه هزار ورهيه اڳ لکيو ويو، اخلاق جي تاريخ ۾ اهم رتبو رکي ٿو. اِن ۾ اڄ کان هزارين ورهيه اڳ انسان تي اها شيءِ واضح ڪئي وئي هئي ته هر ماڻهو پنهنجي رتبي ۽ حيثيت جي فرق بغير پنهنجي عملن ۽ ڪارگذاريءَ جو پوري طرح ذميوار آهي. ماڻهو ائين ئي پيدا نه ٿيو آهي ۽ نه وري ائين ئي هن دنيا مان هليو ويندو بلڪه موت کانپوءِ هن کي پنهنجي اعمال مطابق خداءِ بزرگ و برتر آڏو سمورو حساب ڏيڻو پوندو.
هڪ ٻي ياداشت ”حڪيم ايپور جي هدايت“ جي نالي سان محفوظ آهي. ان ۾ هن مصري ڏاهي پنهنجي زماني جي سياسي، انتظامي ۽ سماجي بدحالي ۽ ابتريءَ جو پيرائتو ذڪر ڪيو آهي، پر اسان جي لاءِ اهم اهو آهي ته اُن ۾ اميد جي ڪِرڻي جو ڏس ڏنو ويو آهي. مذهبي تاريخ ۾ يهودين، زرتشتين ۽ ٻين مذهبن ۾ اهو تصور مختلف زمانن ۾ آڏو ايندو رهيو آهي ته موجوده بدحاليءَ کي روڪڻ جو هڪ طريقو اهو به سمجهيو ۽ پيش ڪيو پئي ويو آهي ته تمام جلد هڪ اهڙو ماڻهو پيدا ٿيندو جيڪو انسانن کي سمورين مصيبتن مان نجات ڌياريندو. اهڙي نموني بني اسرائيل جي نبين ۾ يسعياه ۽ هزقي ايل جو تصور واضح آهي. اهڙو ئي تصور ان مصري ڏاهي گهڻو اڳ پيش ڪيو هو.
ٽاهو ٽپ لکيو آهي ته دل خدا جو گهر آهي ۽ اهو هر ماڻهوءَ وٽ آهي. خوشقسمت آهي اهو ماڻهو جنهن ان آواز کي ٻڌو ۽ ان تي عمل ڪيو. اهڙي نموني مصر ۾ اخلاق جي معنيٰ ۾ گهرائي پيدا ٿيندي وئي ۽ ان جو مطلب هاڻي صرف خارجي ۽معاشرتي حالتن سان ميڪانڪي مطابقت نه هو پر ان جي لاءِ داخلي ۽ انفرادي معيار قائم ٿيڻ شروع ٿيا ۽ ان بنياد تي بعد ۾ مصرين توحيد ۽ موت کان پوءِ زندگيءَ جو اعليٰ تصور پيش ڪيو.
”ڪتاب الموت“ انهن تحريرن جو مجموعو آهي جيڪي اڄ کان ساڍا ٽي هزار ورهيه اڳ وجود ۾ آيون ۽ جن ۾ موت کانپوءِ خدا جي بارگاه ۾ انسان جي پيش ٿيڻ ۽ ان جي اعمالن جي حساب ڪتاب جا تفصيلي احوال لکيل آهن. مصر ۾ اخلاقي زندگيءَ جي ارتقا ۽ حيثيت جي بيان کانپوءِ ان فڪري انقلاب جو ذڪر ڪيو ويندو آهي جيڪو آخناتون آندو. مصر جو اهو فرمانروا صاحب الهام هو ۽ ان کي قتل ڪيو ويو.
ان نئين فڪري انقلاب کان اڳ مصر ۾ خدا جو توحيد ۽ رب العالمين هجڻ وارو تصور موجود هو. اهرامي ڪتابن ۾ خدا جي لاءِ ”لامحدود“ جي صفت گهڻو استعمال ٿيندي رهي ۽ اهڙي نموني ٽاهو ٽپ جي هدايتن ۾ عالمگير اخلاقي قدرن جو خاڪو ملي ٿو، جنهن ۾ خداءِ شمس کي ڪائنات جي رب، مالڪ ۽ خالق جو لقب ڏنو ويو آهي. ان خداءِ شمس يا سورج ديوتا کي فرعون جي شڪل ۾ پيش ڪيو ويندو آهي جنهن جي حڪومت ۽ اقتدار مصر کان ٻاهر نه هو، صرف مصر تائين محدود هو پر ان نئين فڪري انقلاب ۾ خداءِ شمس کي سموري ڪائنات جو رب ۽ سڀني انسانن جو خالق قرار ڏنو ويو جنهن جي اک هر پل سڄي ڪائنات کي ڏسندي آهي.
ٽاهو ٽپ خاندان جو هڪ فرد آمون هوٽپ (ٽيون) تقريباً 1400 ق- م ۾ ٿي گذريو آهي. ان زماني جي يادگار ”خداءِ شمس جون دعائون“ جي مطالعي سان اهم فڪري تبديليءَ جو پتو پوي ٿو. دعائون هيئن آهن:
”تو سڀئي شيون جوڙيون، توڙي جو توکي جوڙڻ وارو ڪوبه ڪونهي. تنهنجون صفتون بي مثال آهن، تون ازل کان ابد تائين رهندين. سڀ ماڻهو تنهنجي هدايت ۽ رهنمائيءَ جا محتاج آهن، جڏهن تون آسمان تان گذرين ٿو ته سڀ ماڻهو توکي ڏسن ٿا، توڙي جو تنهنجو هلڻ ماڻهن جي نظرن کان لڪل آهي ... تون سڀني جو خالق، سڀني جو رب ۽ پروردگار آهين ... تون ديوتائن ۽ انسانن لاءِ ماءُ وانگر آهين. هڪ بهادر ڌنار وانگر جيڪو پنهنجي ڌڻ جو رکوال آهي، تون ئي انهن کي پنهنجي پناهه ۽ رزق ڏيڻ وارو آهي... هو سڄي ڪائنات کي، جنهن جي تخليق سندس هٿان ٿي آهي، هر پل ڏسندو رهي ٿو. هو اڪيلو، واحد خدا آهي جنهن جي قبضي ۾ سڀ ملڪ آهن. هو آسمان تي چمڪي ٿو ايئن جيئن سج. هو مهينن جي حساب سان موسمون پيدا ڪري ٿو: گرمي سردي، جڏهن هن جي دل چاهي.“
ڄاڻايل دعائن مان پتو پوي ٿو ته مصرين وٽ خدا جو تصور بلڪل توحيدي مذهبن وانگر آهي، اهڙو خدا جيڪو سڀني انسانن جو خالق ۽ رب آهي ۽ جيڪو نه رڳو کانئن اوچو ۽ اعليٰ بلڪه سندن ڏک سک کي محسوس ڪرڻ وارو، همدرد ۽ نگهبان آهي.
ان کانپوءِ سندس پٽ آمون هو ٽپ (چوٿون) 1375 ق - م ۾ تخت تي ويٺو ۽ انهي جي زماني ۾ ان فڪري انقلاب جي رفتار تمام تيز ٿي وئي. ان انقلاب جو پهريون اثر قديم مذهبي جماعتن تي ٿيو جن محسوس ڪيو ته جيڪڏهن اهو انقلاب ڪامياب ٿي ويو ته سندن اقتدار هميشه لاءِ ختم ٿي ويندو. اهڙي نموني ان فڪري تحريڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ وڏو زور لڳايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ سلطنت جي ٻاهرين علائقن ۾ مختلف عنصر بادشاهه جي خلاف اٿي کڙا ٿيا پر اهڙين ناسازگار حالتن ۾ به بادشاهه ان تحريڪ کي ڪامياب بڻائڻ جو پڪو پهه ڪيو ۽ هر قسم جي مادي ۽ دنياوي فائدن جي بلڪل پرواهه نه ڪئي.
قديم عقيدن ۾ توحيد جي باوجود ڪجهه شرڪ وارا تصور به موجود هئا، ان ڪري هن سج ديوتا جي پراڻي نالي ”آهون“ بدران خداءِ واحد لاءِ هڪ نئون نالو سوچيو ”آتون،“ جيڪو قديم ٻوليءَ ۾ آسماني سج جي لاءِ مخصوص هو. ان نالي جي تبديليءَ سان گڏ قديم نشان به بدلايو ويو. پهريان اهرام ۽ باز جي شڪل سج ديوتا جو نشان هو، اهڙي نموني اهو مصري قومي نشان هو پر هاڻي جڏهن خدا جي تصور ۾ وسعت پيدا ٿي وئي هئي ۽ هاڻي اهو رب العالمين قرار ڏنو ويو هو تنهن ڪري اهڙو نشان صرف مصر جي تاريخي ۽ جاگرافيائي حدن جي باري ۾ هجي ان جي لاءِ مناسب نه هو. ان ڪري سج کي چڪر طور پيش ڪيو ويو جنهن مان بي شمار شعاع زمين تي ظاهر ٿي رهيا آهن ۽ هر شعاع هڪ انساني هٿ تي ختم ٿي رهيو آهي. ان نشان جو مفهوم واضح هو ته هڪ مرڪزي طاقت عالم بالا کان هن دنيا تي حڪومت ڪري ٿي ۽ سموري مخلوق ان جي شفقت ۽ قدرت سان وڌي ٿي.
ان کانپوءِ هن پنهنجو نالو به بدلائي ڇڏيو. هو آهون هو ٽپ آخناتون يعني ”آتون کان مطمئن “ ٿي ويو. هن آمون ديوتا جو نالو هر پراڻي ڪتبي تان ختم. ان کان علاوه جتي به خدا جي لاءِ جمع جو لفظ استعمال ڪيو ويو هو جنهن سان ديوتائن جي ڪثرت يا شڪ شبهو ٿي ٿيو، اهي سڀ لفظ قديم ڪتبن مان ڊاٺا ويا. ان نئين مذهب جي اختيار ڪرڻ جا آخناتون وٽ ڪيترائي سبب هئا. سڀ کان اهم اهو ته هُن پنهنجي ذاتي واردات ۽ تجربي يا ٻين لفظن ۾ الهام جي ڪري اها واٽ ورتي. ان عزم جو ثبوت سندس زندگيءَ ۾ ملي ٿو، ان سان هُن سڀني مخالفتن ۽ دشمنن جي فتنن جو مقابلو ڪيو ۽ سڀني مادي فائدن کي نظر انداز ڪيو. ان مان اهو ئي اندازو ٿئي ٿو ته تحريڪ جي شروعات يقين ۽ ايمان سان ٿي.
ٻيو سبب سندس زال نوفري تَيتي هئي. مصري فرعونن جو قديم دستور هو ته اهي پنهنجي ڀيڻ سان شادي ڪندا هئا، پر آخناتون ان رسم کي ختم ڪرڻ چاهيو ۽ هڪ غير ملڪي عورت سان شادي ڪئي. اها راڻي شام جي رهواسڻ هئي، جتي سورج ديوتا جي ئي پرستش ٿيندي هئي. خوشقسمتيءَ سان هوءَ نه صرف سونهن راڻي هئي پر غير معمولي صلاحيتن ۽ بلند ذهني فڪر جي به مالڪ هئي. آمودي ديوتا جي پرستش ۽ ان سان لاڳاپيل پروهتن ۽ مذهبي گروهن جي مخالفت جو هڪ واضح سبب اهو به هو ته اهي مندرن ۾ ديوداسين جا ٽولا رهايو ويٺا هوندا هئا ۽ اهڙي نموني مذهب جي آڙ ۾ زنا ۽ ٻيون برايون وڌنديون پئي ويون. بدقستيءَ سان اها رسم قديم زماني ۾ هر جڳهه تي موجود هئي. (اڄ به مسيحي خانقاهن ۾ راهبن ۽ راهبائن جي شڪل ۾ موجود آهي) پتو پوي ٿو ته آخناتون پنهنجي زال جي اثر ۾ ان کي، ان سان گڏ آمون ديوتا جي پرستش جي طريقي کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. نئين دين جو خدا ”آتون“ به هڪ قسم جو سورج ديوتا هو پر ان ۾ ۽ قديم پرستش ۾ فرق هو. هڪ ته آمون جي پرستش سان گڏ ديوتا به نه صرف موجود هئا پر انهن جي پرستش به ٿيندي هئي پر آتون کي تسليم ڪرڻ کانپوءِ سڀني ديوتائن جي وجود کان انڪار ضروري هو يعني اهو خالص توحيدي تصور هو. ٻيو ته آتون کي تسليم ڪرڻ جو مقصد سج جي پرستش نه بلڪه واحد خدا جي ان جي عالمگير رب ۽ پروردگار هجڻ جي فائدن کي تسليم ڪرڻ هو. آتون جي لفظي معنيٰ سج جي گرمي يا سج جو نور آهي. ٽيون اهو ته ان دين مندرن ۽ عبادت گاهن ۾ بتن وغيره جي ضرورت کان ماڻهن کي بي نياز ڪيو. ان جو عقيدو هو ته خدا جي عبادت کليل هوا ۾ سج جي شعاعن ۽ گرميءَ ۾ بهتر طريقي سان انجام ڏئي سگهجي ٿي. ان لاءِ دل جي جذبي ۽ خلوص جي ضرورت آهي. بت، پوڄاري ۽ رسمون ته بي معنيٰ شيون آهن جنهن سان انسان ۽ خدا جي وچ ۾ سڌو رابطو پيدا نٿو ٿي سگهي.
جيڪڏهن انهن سڀني واقعن ۽ حالتن جو ڳوڙهو اڀياس ڪيو وڃي ته پتو پوي ٿو ته مصر جي ان فڪري انقلاب جو اصلي ۽ بنيادي سبب حضرت ابراهيم جي توحيد سان ملندڙ جلندڙ هو. بتن جي پوڄا کان منع، مندرن ۽ عبادت گاهن کي ويجهو نه وڃڻ جي تنبيهه صرف انڪري هئي ته اتي بتن جي پوڄا ٿئي ٿي ۽ اهي عورتن جي بي حرمتي ۽ زنا جا اڏا بڻجي ويا هئا ۽ ان سان گڏ خدا جي توحيد جو پرجوش اعلان ۽ اهڙي قسم جون ٻيون ڳالهيون حضرت ابراهيم جي تصورن جو پڙاڏو ٿيون لڳن.
حضرت ابراهيم آخناتون کان پنج سئو ورهيه اڳ اولهه ايشيا ۾ توحيد جو اعلان ڪيو پر آخناتون تي ٿيندڙ الهام انهن ئي تصورن تي ٻڌل هو، انڪري ٻنهي جو مرڪز هڪ ئي هو. آخناتون جي موجود تحريرن جي مطالعي مان پتو پوي ٿو ته انهن ۾ ڄاڻايل خيال زبور سان ڪيترا ملن ٿا. پهريون حمديه نظم آتون (خدا) جي عالمگير عظمت ۽ طاقت جي باري ۾ آهي.
”اي زنده آتون، توکان ئي زندگيءَ جي شروعات ٿي. جڏهن تون اوڀر کان اُڀرين ٿو ته هن ڪائنات جو هر پاسو تنهنجي نور سان روشن ٿي وڃي ٿو. تون جميل، عظيم ۽ منور آهين ۽ هر ملڪ تنهنجي هيٺان آهي. توڙي جو تون اسان کان ڏاڍو ڏور آهين، پوءِ به تنهنجا شعاع ۽ تنهنجو نور هن زمين تي موجود آهي، توڙي جو تون انسانن جي چهري ۾موجود آهين پر تنهنجا قدم ڏسڻ ۾ نٿا اچن.“
” تو ڪيئي جنسار جوڙي ڇڏيا آهن! اهي ماڻهن کان لڪل آهن. اي خداءِ واحد، تو کانسواءِ ڪوبه خدا نه آهي، تو هن زمين کي پنهنجي دل (حڪمت) مطابق پيدا ڪيو.“
زبور باب 104 سورت 24 جي لفظن ۽ انهن ٻنهي ۾ هڪجهڙائي قابل غور آهي ”اي خداوند، تو بيشمار جنسار جوڙي ڇڏيا آهن، تو اهو سڀ ڪجهه حڪمت سان بڻايو. زمين تنهنجي مخلوقات سان ڀريل آهي.“ (ڪتاب مقدس، برٽش اينڊ فارين بائيبل سوسائٽي لاهور 1931 ).
خدا کي سج سان جوڙڻ وارو تصور توڙي جو مصري هو پر ان ۾ هڪ قسم جو شرڪ به موجود آهي پر بعد ۾ جڏهن اهو تصور يهودين وٽ پهتو ته انهن ان کي تشبيهه طور اختيار ڪيو ۽ ان تشبيهه ۾ سج جي ڪرڻن ۽ شعاعن جا لفظ به شامل ڪيا ويا. مثال طور قديم عهدنامي جي ڪتاب ”ملاڪي“ جا هي لفظ قابل غور آهن ”پر توهان لاءِ جيڪي منهنجي نالي جي تعظيم ڪيو ٿا، سچ جو سج اڀرندو ۽ ان جي ڪرڻن ۾ شفا هوندي.“ (باب 4 سورت 2 )
اهڙي نموني مصري ڪتبن ۽ تصويرن ۾ خدا کي پَرَ باز جي شڪل ۾ پيش ڪيو ويندو هو، ائين خدا سان پرن جي پاڇي جو تصور اهڙو جڙي ويو جو پوءِ جڏهن يهودين ۾خدا کي باز جي شڪل ۾ پيش ڪرڻ وارو تصور ته گم ٿي ويو پر پرن جي پاڇي جي تشبيهه قائم رهي. اهڙي نموني زبور ۾ چئن مختلف جڳهن تي اها تشبيهه خدا لاءِ استعمال ڪئي وئي آهي. مثال طور (1) مونکي پنهنجي پرن جي پاڇي ۾ لڪاءِ (2 ) اي خداوند، بني آدم تنهنجي پرن جي پاڇي ۾ پناهه وٺن ٿا (26 -7 ) (3) مان تنهنجي پرن جي پاڇي ۾ پناهه وٺندس.(7 -15)

[b]حمد و ثنا
[/b] ”ڪو وقت هو جڏهن تون اڪيلو هئين. ماڻهو ۽ مختلف قسم جا جانور جيڪي هن زمين تي پيرن سان هلن ٿا ۽ سڀ پکي جيڪي آسمان ۾ اڏرن ٿا، تو ئي انسان کي ان جي مناسب جڳهه تي پيدا ڪيو ۽ تون ئي سندن ضرورتون پوريون ڪرين ٿو. هر ماڻهوءَ جو رزق ۽ ان جي عمر جو تعين تنهنجي طرفان ئي ٿئي ٿو. ماڻهن جون ٻوليون، انهن جون شڪليون ۽ سندن رنگ هڪٻئي کان مختلف آهن ۽ سڀ تنهنجي تخليق جو نمونو آهن.“
”ڪوبه ماڻهو سواءِ تنهنجي پٽ آخناتون جي، توکي نٿو ڄاڻي، تو کيس پنهنجي حڪمن جي ڳالهين کان باخبر ڪيو ۽ ان کي عزت ۽ طاقت بخشي.“
” تو هيءُ آسمان بڻايو ته جيئن ان ۾ اڀري سگهين ۽ ان مخلوق کي ڏسين سگهين، جنهن کي تو پيدا ڪيو. ان وقت جڏهن تون اڪيلو هئين... سڀ اکيون پنهنجي آڏو توکي ڏسي سگهن ٿيون. جڏهن تون اُلهي وڃين ٿو تڏهن توڙي جو دنيا جون اکيون توکي نٿيون ڏسي سگهن، پوءِ به تون منهنجي دل ۾ موجود هوندو آهين.“
مذڪوره مناجات مان پتو پوي ٿو ته آخناتون ڪائنات جي ذري ذري ۾ واحد خدا جو جلوو ڏٺو ۽ هن ڪوشش ڪئي ته اهو علم ۽ يقين سڀني ماڻهن جي اڳيان پيش ڪري. هيءَ زمين ۽ آسمان، هي جانور ۽ پکي، انسان ۽ حيوان، وڻ ۽ پاڻي سڀ شيون ان جي ثنا ۾ رڌل آهن. هو پنهنجي مخلوق جي لاءِ ماءُ پيءُ وانگر آهي. اهو ئي کين پيدا ڪري ٿو، رزق ڏئي ٿو، هدايتون ڏئي ٿو، ان جو جمال هرجا جلوه گر آهي.
پر بدقسمتيءَ سان اهو انقلاب مصر جي سرزمين تي مستقل طور پير کوڙي نه سگهيو ۽ تمام جلد مختلف طرفن کان ان جي خلاف بغاوتون پيدا ٿيڻ شروع ٿيون ۽ ڪجهه ئي ورهين ۾ (تقريبن ڇهن سالن ۾) رجعت پسندن آخناتون ۽ سندس ساٿين کي ختم ڪري نئين توحيدي دين بدران وري قديم آمون ديوتا جي پرستش شروع ڪري ڇڏي. توڙي جو نئين دور ۾ به شرڪ ۽ ڪثرت پرستيءَ جي مڪمل سرپرستي ڪئي وئي، پوءِ به گهڻا ترقي پذير تصور جن جي آبياري آخناتون پنهنجي رت سان ڪئي هئي وڌي وڻ ٿيا ۽ آهستي آهستي اهي خيال مصر کان ٻاهر ٻين ملڪن تائين پهچي ويا.
ان آخري دور (1000 ورهيه ق - م) جي هڪ اهم ياداشت ”حڪمت آمون هوپ“ اسان وٽ موجود آهي. ان لکت جي اهميت انڪري به وڌيڪ آهي جو ان جا تصور ايستائين جو لفظن تائين بائبل جي ڪتاب ”امثال“ (باب 24) ۾ وڏي تعداد ۾ ملن ٿا.
تاريخي طور اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته ڪتاب ”حڪمت آمون هوپ“ يهودي ٻوليءَ ۾ لکيل هو ۽ ٻين لکتن سان گڏ اهو ڪتاب به بني اسرائيل جي هٿن ۾ پهچي ويو. هتي آمون هوپ مان ڪي ڳالهيون پيش ڪجن ٿيون، جن مان پتو پوي ٿو ته ڪنهن حد تائين عهد عتيق جي مختلف مصنفن ان ڪتاب جي لفظن ۽ تصور مان لاءِ حاصل ڪيو.

[b]آمون هوپ
[/b] آڪڙيل ۽ مغرور ماڻهو جيڪو مندر ۾ اچي ٿو، اهو ان وڻ وانگر آهي جيڪو صحرا ۾ پوکيل هجي، کن پل ۾ ان جون ٽاريون ڪِريو پون ۽ آخرڪار ان جو ڪاٺ آريءَ سان وڍجي ٿو. اهو اتان ٻي جڳهه تي پهچايو وڃي ٿو ۽ آخر ۾ اهو باهه جي نظر ٿي وڃي ٿو. هڪ ڏاهو ۽ سمجهدار ماڻهو جيڪو فخر ۽ غرور کان آجو آهي، ان وڻ وانگر آهي، جيڪو باغ ۾ وڌيو ويجهيو ۽ ميون سان ڇِنجهه آهي. هو پنهنجي خداوند جي حضور ۾ قائم آهي ۽ ان جو ميور مٺو ۽ پاڇو پسنديده آهي ۽ ان جو انجام باغ (يعني جنت) آهي.

[b]يرمياه:
[/b] خداوند هيئن فرمائي ٿو ته ملعون آهي اهو ماڻهو جيڪو انسان تي توڪل ڪري ٿو ۽ شينهن کي پنهنجي ٻانهن سمجهي ٿو. جنهن جي دل خداوند کان پري ٿي ويندي آهي، ڇو ته اها زقوم وانگر ٿي و يندي آهي جيڪو صحرا ۾آهي ۽ ڪڏهن ڀلائي نه ڏسندو پر صحرا ۾ ٺوٺ هنڌ ۽ غير آباد ڪلراٺي زمين ۾ رهندو. مبارڪ آهي اهو ماڻهو جيڪو خداوند تي توڪل ڪري ٿو ۽ جنهن جي اميدن جو مرڪز خداوند آهي، اُهو ان وڻ وانگر آهي جيڪو پاڻيءَ جي ڀرسان لڳايو ويو هجي، جيڪو پنهنجي پاڙ درياءَ ڏانهن ڦهلائيندو آهي ۽ جڏهن گرمي ايندي ته ان کي ڪوبه خطرو نه هوندو آهي. ان جا پن ساوا رهندا ۽ پاڻي نه هجڻ جو هن کي ڪوبه ڊپ نه رهندو ۽ اهو ميوا پيدا ڪرڻ کان نه مڙندو. (باب 7 1 سورت 5 -8 )
آمون هوپ ٻن مختلف اخلاقي اصولن جي تشريح جي لاءِ ٻن وڻن جو مثال ڏنو آهي ۽ اهڙو ئي مثال يرمياه ۾ به موجود آهي. زبور جي پهرئين ڪتاب ۾ به تقريبن اها ئي تشبيهه استعمال ڪئي وئي آهي.
”مبارڪ آهي اهو ماڻهو جيڪو جسمن جي صلاح تي نٿو هلي ۽ خطاڪارن ۾ شامل نٿو ٿئي... هو ان وڻ وانگر آهي جيڪو پاڻيءَ جي ندين وٽ لڳايو ويو هجي جيڪو پنهنجي وقت تي اُسري نسري ٿو ۽ جنهن جو پن به نٿو مرجهائجي ...جسم ائين نه بلڪه بُهه وانگر آهي جنهن کي هوا اڏاري کڻي ويندي آهي، ان ڪري جسم عدالت ۾ قائم نه رهندا“. (باب : 1-5)
اها ڳالهه قابل غور آهي ته زبور جي سڄي ڪتاب ۾ ”خدائي عدالت“ جو تصور هڪ جڳهه کانسواءِ ڪٿي به نٿو ملي ۽ اها شيءِ ته هاڻي تسليم ٿيل آهي ته موت کانپوءِ حساب ڪتاب جو تصور يهودين مصر کان ئي ورتو آهي.
اهڙي نموني ڪتاب ”امثال“ ۾ هڪ جڳهه (22 -17) تي ذڪر آهي ته ”پنهنجو ڪن ويجهوڪر ۽ ڏاهن جون ڳالهيون ٻڌ! “ ٻي جڳهه تي آهي ته ”اهي ڏاهن جا قول آهن.“
بائبل تي تنقيد ڪندڙن لاءِ اهو فيصلو ڪرڻ ڏکيو هو ته اهي ڏاها ماڻهو ڪير آهن پر جڏهن کان”حڪمت آمون هوپ“ مليو آهي ته سڀ محقق ان تي متفق ٿي ويا آهن ته ڪتاب ”امثال“ جو تقريبن ڏيڍ باب گهٽ ۾ گهٽ ان مصري ڪتاب جي لفظي ترجمي تي ٻڌل آهي ۽ جنهن جو هن ڪتاب جي مصنف ”ڏاهن جا قول“ جي نالي سان به ذڪر ڪيو آهي. مثال طور ڪجهه جملا هيٺ ڏجن ٿا.

[b]امثال[/b]
پنهنجو ڪن ويجهوڪر ۽ ڏاهن جون ڳالهيون ٻڌ ۽ منهنجي تعليم سان دل لڳاءِ.
ڇو ته اهو بهتر آهي ته تون ان کي پهريان دل ۾ رک ۽ اهو تنهنجي چپن تي قائم رهي. (22 -17-18).
ڇا مان تنهنجي لاءِ نصيحت ۽ علم جون 30 ڳالهيون نه لکيون آهن.....(22-20)

[b]آمون هوپ
[/b] پنهنجو ڪن ويجهو ڪر ۽ جيڪو مان چوان ٿو ٻڌ ۽ ان کي سمجهڻ لاءِ هيئين سان هنڊاءِ،
ڇو ته فائدو اِن ۾ آهي ته تون (منهنجي ڳالهين کي) جيءَ ۾ جاءِ ڏين. افسوس آهي ان تي جيڪو ان جي خلاف ورزي ڪري ٿو.
انهن ٽيهن ڳالهين تي غور ڪر ڇو ته انهن ۾ هدايت ۽ اطمينان آهي.
بائبل جي عام ترجمن ۾ ٽيهن جي جاءِ تي ”لطيف“ جو لفظ آهي پر عبراني ٻوليءَ جو لفظ هتي موجود هو، ان باري ۾ مولفن پاڻ شڪ جو اظهار ڪيو آهي. اهڙي نموني ان لفظ جا ٻيا لهجا به حاشيي ۾ لکيا ويا آهن ۽ ان لهجي کي جيڪڏهن تسليم ڪيو وڃي ته ”لطيف“ بجاءِ ان جو ترجمو ٽيهه(30) ئي ٿيڻ کپندو هو. حڪمت آمون هوپ جي ملڻ کان پهرين ٽيهه لفظ مبهم هو پر پوءِ وارن محققن جو خيال آهي ته اهو ئي صحيح لفظ آهي ڇو ته حڪمت هوپ جا ٽيهه باب آهن.
اهڙي نموني بي شمار ملندڙ جلندڙ جملا محققن پيش ڪيا آهن، جنهن مان اندازو ٿي سگهي ٿو ته ڪهڙي نموني مصري فڪر يهودين وٽ پهچي ٻين مذهبن جي فڪر جو جز بڻجي ويو.
انسان جي قديم فڪري تاريخ کي اسان ٽن دورن ۾ ورهائي سگهون ٿا.

[b]پهريون دور
[/b] جنهن ۾ مصر ۽ بائبل جي مفڪرن انسان ۽ ڪائنات جي مسئلن تي سوچيو ۽ حل پيش ڪيو. اهو تقريبن 1000 ورهيه ق - م تائين اچي ختم ٿي ويو، ان دور ۾ زرتشت اچي انساني فڪر کي وسعت ۽ گهرائي عطا ڪئي.

[b]ٻيو دور
[/b] اهو تقريبن 600 ورهيه ق- م تائين آهي جنهن ۾ بني اسرائيل دنيا جي مهذب قومن جي امامت تي سرفراز آهي ۽ ان شاندار دور ۾ چين ۾ ڪنفيوشس ۽ هندن ۾ گوتم ٻڌ پيدا ٿيو.

[b]ٽيون دور
[/b] اهو 600 ق-م کان ان وقت شروع ٿئي ٿو جڏهن اولهه ايشيا ۾ يونانين انساني فڪر جي سلسلي کي اپنايو ۽ اڳتي وڌايو.

زرتشت

قديم آرين جڏهن وچ ايشيا مان هجرت ڪئي ته انهن جو هڪ حصو ايران ۽ ٻيو حصو هندستان ۾ اچي آباد ٿيو. ٻنهي ملڪن جي موسمن ۽ آبهوا سندن گڏيل عقيدن ۽ رسمن ۾ اختلاف پيدا ڪيو، ان ڪري ايران جي آرين کي هندستان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ محنت ۽ مشقت ڪرڻي پئي.
آرين جو مذهب فطرت پرستي هو. قديم زماني کان ئي ايران ۾ آسمان، سج، باهه ۽ زمين وغيره جي پرستش ٿيندي هئي. مظهر پرستيءَ سان گڏ اهي نيڪوڪار وڏڙن جي روحن جي به پوڄا ڪندا هئا. مذهبي پيشوائن جي ٽولي جو ايراني ذهن تي مڪمل قبضو هو ۽ جادو وغيره جي ذريعي اهي ديوتائن جي ويجهو هجڻ جي دعويٰ ڪندا هئا.
مجوسي مذهب جو مرڪز وچ ايشيا جو علائقو ميديا هو. اهو مذهب ثنويت جو حامل هو، خير جو خدا الڳ ۽شر جو خدا الڳ هو. ان سان گڏ مٿرا نالي ديوتا جي به پرستش ٿيندي هئي.
عام طور سمجهيو ويندو آهي ته زرتشت ستين يا اٺين صدي ق -م ۾ پيدا ٿيو. ان وقت ميديا تي اڃان خاندان اقتدار تي نه ويٺو هو.
زرتشت پنهنجي دور جي مذهبي علمن کان واقف هو. ڌنڌي جي لحاظ کان زراعت ۽ مال پالنا سان لاڳاپيل هو. زرتشت تي سڀ کان بهتر کوجنا تهران يونيورسٽيءَ جي ڊاڪٽر محمد معين ڪئي آهي جنهن مطابق زرتشت 1100 ق -م ۾ اوڀر ايران ۾ پيدا ٿيو، اهو علائقو اڄ ڪلهه افغانستان ۾ شامل آهي.
زرتشت جي دور ۾ ايران جا ماڻهو رهزني۽ رتوڇاڻ ڪندا ۽ رلندا وتندا هئا. کوجنا مطابق قديم آريا پنهنجي اباڻي وطن کان توحيد پرست هئا. سندن خيال ۾ ڪائنات، ان جي هر مظهر ۽ خود انسان کي پيدا ڪرڻ وارو مطلق خدا آهي. ان توحيدي مذهب جو نالو مزديسنا هو. مزد خدا کي چيو ويندو هو، پر وقت گذرڻ سان توحيد جي جاءِ شرڪ والاري ورتي. ان دور ۾ زرتشت پيدا ٿيو ۽ هن زندگيءَ جي مشرڪاڻي وهنوار جي مخالفت ڪئي. قوم جي هڪ ننڍڙي حصي توحيد قبول ڪئي پر اڪثريت پنهنجي مشرڪانه عقيدن ۽ رسمن تي قائم هئي.
زرتشت ان مشرڪ گروهه جي سخت مخالفت ڪئي. زرتشت آريه قوم جي خدائن ۽ ديوتائن جي مخالفت شروع ڪئي. ”ديو“ جو لفظ ديوتائن لاءِ استعمال ٿيندو هو. زرتشت اِن لفظ تي اهڙو حملو ڪيو جو اوستا ۾ اهو ”ديو“ خدا بدران شيطان جي معنيٰ ۾ اچي ويو.
هڪ دفعي زرتشت جي پيءُ هڪ مجلس ۾ پنهنجي وقت جي وڏي جادوگر کي دعوت ڏني، ڇو ته ان دور ۾ شرڪ کان علاوه جادو ۽ نجومين جو به وڏو زور هو. هن جادوگر کي پنهنجا ڪمال ڏيکارڻ لاءِ چيو. جڏهن زرتشت کي پتو پيو ته هن سخت احتجاج ڪيو ۽ التجا ڪئي ته غلط رستو ڇڏي واحد خدا جي پرستش ڪئي وڃي، ڇو ته اهو ئي انسانن جو رب، حاجت روا ۽ حقيقي محافظ آهي. جادوگر زرتشت کي پنهنجي جادوءَ جي طاقت سان ڊيڄارڻ چاهيو پر زرتشت چيو ته تنهنجو ڪوڙ منهنجو ڪجهه نٿو بگاڙي سگهي. مون وٽ هڪ دليل آهي جنهن سان مان ماڻهن کي پنهنجي سچائيءَ جي يقين ڏياريندو آهيان.

[b]زرتشت جو حق جي ڳولا جو سفر
[/b] ان عظيم الشان قوت ارادي ۽ يقين محڪم جي باوجود زرتشت پنهنجي مهم ۾ گهڻو ڪامياب نه رهيو. هن جي دل پنهنجي زماني جي گمراهين کان پريشان هئي ۽ کيس وڌيڪ عين اليقين جي ضرورت هئي. هو به حضرت موسيٰ وانگر ديدار جو طالب هو ۽ هن کي نج حقيقت جي مشاهدي جي تڙپ هئي. هن جي قوم صراط مستقيم کان ڀٽڪي وئي هئي، جنهن کي صحيح رستي تي آڻڻ لاءِ خدا جي تجليءَ جي ضرورت هئي. اهڙي نموني ڪشمڪش جي حالت ۾ هن پاڻ رهنمائي حاصل ڪرڻ لاءِ عارضي طور جبلن ۽ صحرائن جي تنهائيءَ ۾ پناهه ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي. گوتم ٻڌ وانگر هن ڪيترن ئي ورهين تائين هوا سان ڳالهيون ڪيون ۽ ڪائنات جي خالق جو رستو ڳولڻ چاهيو، هن خدا کي مخاطب ٿي چيو:
”اي اهورا مزدا! آءٌ توکان سوال ڪريان ٿو، مونکي ان باري ۾صحيح صحيح ٻڌاءِ ته اشا (شريعت يا قانون) سڀ کان پهريون ڪنهن قائم ڪيو؟ ڪنهن انهن ستارن ۽ سج کي پنهنجي رستي تي قائم ڪيو؟ ڪنهن جي حڪم تي ڪڏهن چنڊ گهٽجندو آهي ۽ ڪڏهن وڌندو آهي؟ اي حڪيم خدا، آءٌ اهو سڀ ڪجهه ۽ ان کان علاوه گهڻين ڳالهين جي آگاهي چاهيان ٿو.“
” اي اهورا مزدا، آءٌ توکان سوال ڪريان ٿو، مونکي ان باري ۾ صحيح صحيح ٻڌاءِ ته اهو ڪير آهي جنهن اها ڪارائتي روشني ۽ اونداهي پيدا ڪئي؟ ڪنهن انسانن لاءِ ننڊ ۽ جاڳ پيدا ڪئي؟ اهو ڪير آهي جنهن صبح، منجهند ۽ رات کي هلائڻ شروع ڪيو ۽ جيڪو انسان کي سندس ديني فرضن ڏانهن ڌيان ڏياري ٿو؟
”اي اهورا مزدا، آءٌ توکان سوال ڪريان ٿو ته مونکي ان باري ۾ صحيح صحيح ٻڌاءِ ته اهو ڪير آهي جنهن زمين اسان جي پيرن هيٺان وڇائي ۽ آسمان کي ڪنهن سهاري کانسواءِ اسان جي مٿان بنائي بيهاريو؟ ڪنهن پاڻي ۽ ٻوٽا پيدا ڪيا؟ ڪير آهي جنهن هوا ۽ بادلن کي هلڻ سيکاريو؟“
آخر ۾ ڪائنات جي خالق جي تجليءَ جو جذبو وڌيو ته هڪ ڏينهن پاڪ نفس (فرشتو) ظاهر ٿيو جنهن سندس مراد کي پورو ڪرڻ جو وعدو ڪيو. زرتشت نامي مطابق فرشتي کانئس سندس ارادو معلوم ڪيو. زرتشت جواب ڏنو، مان اهورا مزدا جي رضا جو طلبگار آهيان. هن دنيا ۽ هُن دنيا ۾ سندس ئي حڪم هلي ٿو، مان صرف سچائيءَ جو خواهشمند آهيان. مان پنهنجي دل مان هر قسم جي خواهشن ۽ پست جذبن کي ڪڍي ڇڏيو آهي. مان سندس حڪم جي انتظار ۾ آهيان.
اهو ٻڌندي ئي پاڪ نفس کيس همت ڏياري ۽ اک ڇنڀ ۾ سندس روح هن دنيا کي عبور ڪندي حريم پاڪ ۾ پهچي ويو ۽ ٻنهي جي وچ ۾ صرف 4 4 وکن جو فاصلو رهجي ويو. زرتشت ڪائنات جي تخليق جو مقصد ۽ خير و شر جي ڪشمڪش جي حقيقت جي باري ۾ سوال ڪيو. زرتشت کي بهشت ۽ دوزخ جي حقيقت جو مشاهدو به ڪرايو ويو.
ان تجليءَ سان روشن ٿي زرتشت پڪاريو، ”اي اهورا مزدا، مون تخليق جي شروع کان ئي توکي خدا جي حيثيت سان سڃاتو هو. اهو تون ئي آهين جنهن جي بخشش ۽ رحمت سان سڀني انسانن کي قيامت جي ڏينهن عملن ۽ سوچن جو بدلو ملندو. نيڪي جي بدلي نيڪي ۽ بديءَ جي بدلي بدي.“ ان تجليءَ کانپوءِ کيس سڪون نصيب ٿيو ۽ سڀ شڪ شبها ختم ٿي ويا ۽ هو پنهنجي قوم جي رهنمائي جي لائق بڻجي ويو. زندگيءَ جا سڀ سوال ۽ ڏکائيون حل ٿي ويون. هاڻي هن تنهائيءَ جي زندگي ترڪ ڪئي ۽ اُن مقدس فرض جي ادائيگيءَ لاءِ وک وڌايائين جيڪو سندس حوالي ڪيو ويو هو. ان دوران خبيث روح زرتشت تي حملو ڪيو، کيس هر قسم جون دنياوي آسائشون ڏيکاريائين پر زرتشت هن جون سڀ آڇون ٺڪرائي ڇڏيون ۽ چيو ته مان خداءِ واحد ۽ حڪيم جي عبادت جو دين ڪڏهن به ترڪ نه ڪندس، پوءِ ان لاءِ منهنجي جان ئي ڇونه هلي وڃي.

[b]تبليغ ۾ ناڪامي
[/b] پر سالن جي تبليغ جو ڪوبه اثر نه ٿيو. جڏهن هن بتن جي پرستش ۽ ديوتائن جي پوڄا، جادوگري ۽ نجوم جي خلاف آواز اٿاريو ته مٿس چٿرون ڪيون ويون، سندس توهين ڪئي وئي، کيس هر قسم جي ظلم ۽ ستم جو نشانو بڻايو ويو. ماڻهن هن جي ثابت قدمي کي ڏسي عظيم جادوگر جو لقب ڏنو، پر هن جي روحاني عظمت ۽ اخلاقي برتريءَ جا قائل نه ٿي سگهيا. هو سمجهي ئي نه پيا سگهن ته هڪ انسان جيڪو هنن وانگر کائي پيئي ٿو، گهمي ڦري ٿو، اهو ڪهڙي طرح هڪ اخلاقي پيغام پهچائيندڙ خداءِ برتر جو بندو، هڪ اعليٰ ۽ برتر زندگيءَ جو نمائندو ٿي سگهي ٿو.
ايراني قوم خانه بدوشن واري زندگي گذاريندي هئي، جنهن ۾ نه ڪو نظام ۽ نه وري ڪا اخلاقيات هئي. اها صرف ڦرمار، قتل ۽ ڌاڙا هڻڻ ڄاڻندي هئي. ايراني قوم زرتشت کي ايتريون اذيتون ڏنيون جو هو همت هاري ويٺو. هن رڙيون ڪيون ۽ ٻاڏائيندي خدا کي چيو، ”آءٌ ڪهڙي ملڪ وڃان، ڪهڙي طرف وڃان. عزيزن، ساٿين ۽ اميرن منهنجي ڳالهه تي ڌيان نه ڏنو. اي اهورا مزدا، مان تنهنجي رضا کي ڪيئن پورو ڪريان. اي اهورا مزدا، آءٌ ڄاڻان ٿو ته سبب ڇا آهي، ڏک ۽ تڪليف ۾ توکان ئي پناهه گهران ٿو. تنهنجي مدد جو طالب آهيان. پاڪ ماڻهن جي مونکي گهڻائي عطا ڪر. آخر ۾ خدا جي طرفان هن کي حڪم ٿيو ته گشتاسپ بادشاهه جي درٻار ۾ وڃي ان جي آڏو حقيقتون بيان ڪر. گشتاسپ وٽ نور ۽ تجلي پسندين. کيس ڪتاب ٻڌاءِ ۽ خالص دين جي دعوت ڏي. جيڪو ڪجهه منهنجي طرفان توکي علم حاصل ٿيو آهي، اهو سڀ گشتاسپ جي آڏو رک، ڪابه ڳالهه نه لڪاءِ. وزيرن جي سامهون اهو علم پيش ڪر ته جيئن اهي اهرمن کي ڇڏين.“ (زرتشت نامه)

[b]بلخ ۾ بادشاهه گشتاسپ کي دعوت
[/b] زرتشت ان کانپوءِ بلخ ڏانهن روانو ٿي ويو ۽ وڏي مشڪل سان بادشاهه جي گاديءَ واري شهر پهتو. دين حق جي دشمنن ڪوشش ڪئي ته هن جو آواز بادشاهه تائين نه پهچي سگهي، اهڙي نموني ڪيترن ئي ڏينهن کانپوءِ هڪ ڏينهن بادشاهه هن کي گهرائي ورتو. زرتشت اهورا مزدا جي اطاعت دعوت ڏني ۽ چيو ته مان خدا جي طرفان موڪليو ويو آهيان.
بادشاهه سندس ڳالهين کان گهڻو متاثر ٿيو، پر ان جي درٻار جا پروهت، ڪاهن ۽ جادوگر ايترو جلد پنهنجي ابن ڏاڏن جي دين کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه هئا. انهن زرتشت کي مناظري جي دعوت ڏني. اهو بحث ٽن ڏينهن تائين جاري رهيو. آخرڪار زرتشت جي سادي تعليم کي انهن نظرين تي فتح حاصل ٿي ۽ درٻارين کي مڪمل شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.
خفيه سازش ڪئي ۽ زرتشت کي جيل ۾ وجهرايو. بادشاهه جي حالت اِها هئي ته هن ڏک ۽ ڳڻتيءَ ۾ کاڌو ڇڏي ڏنو. ان حالت ۾ قيدخاني جي نگران حاضر ٿي چيو ته زرتشت کي آزاد ڪري کانئس مدد حاصل ڪئي وڃي، شايد هو اها مصيبت ٽارڻ ۾ ڪامياب نٿي وڃي. زرتشت کي آزاد ڪيو ويو ۽ مسئلو به حل ٿي ويو. بادشاهه اهورا مزدا تي ايمان آندو، ان سان گڏ سندس ملڪه به ايمان آندو. هاڻي زرتشت جو دين سلطنت جي پاڇي ۾ ڦهلجڻ لڳو. پنجاهه ورهين تائين زرتشت دين جي تبليغ ڪئي، نيٺ هو پنهنجي ملڪ ۽ دين لاءِ قربان ٿي ويو.

[b]زرتشت جو دين
[/b] زرتشت جي دين جون ٻه خاصيتون قابل ذڪر آهن. پهرين خوبي اها ته اِهو ماڻهن کي هر هر چوي ٿو ته زندگيءَ جي مسئلن ۽ ڪائنات جي مظهرن جو مطالعو ڪرڻ لاءِ عقل ۽ هوش کان ڪم وٺو. هو چوي ”اي عظيم قوم جا فرزندو! عقل ۽ هوش سان منهنجي ڳالهه ٻڌو ۽ منهنجو مشورو قبول ڪريو.“ (لينائي 20) وري چوي ٿو ته ”هن بهترين دين جي آبرو هيءَ آهي ته هر مرد ۽ عورت کي گهرجي ته هو ڀلائي ڏانهن تيزيءَ سان اچي.“ اهڙين ڏاهپ ڀرين ڳالهين جي اثر جو نتيجو ئي آهي ته اوستا جي مختلف ڪتابن ۾ڪيترن هنڌن تي ٻين مذهبن جي بزرگن ۽ پوئلڳن جي تعريف ملي ٿي. دين زرتشت ۾ آهي ته ”اسان انهن پرهيزگار ۽ نيڪ مردن ۽ عورتن جي تعريف ڪيون ٿا، پوءِ اهي ڪهڙي به ملڪ ۾ پيدا ٿيا هجن، جيڪي ماضيءَ ۾ هئا، هاڻي آهن مستقبل ۾ پيدا ٿيندا، جيڪي هڪ دين حق جا پوئلڳ آهن.“

[b]ٻي خاصيت
[/b] دين زرتشت جي ٻي خاصيت گهڻن خدائن ۽ شرڪ جي خلاف زرتشت جو اعلان جنگ آهي. هو ڪنهن به حالت ۾ واحد خدا جي عبوديت جي معاملي ۾ سمجهوتو ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهي. هن توحيد جو اهو نعرو اهڙي دور ۾ بلند ڪيو، جڏهن چئني پاسي هزارين ديوتائن جي پرستش ٿي رهي هئي. ڪائنات جو هر مظهر خدا جي شڪل اختيار ڪري ويو هو. زرتشت انهن سڀني بندگين کان انسان کي آزاد ڪرايو ۽ خدا آڏو آڻي انسان جي ذهن ۽ دل کي زمين تان کڻي اخلاق جي معراج تائين پهچايو. لينائي جي ٻارهين باب ۾ هڪ زرتشي توحيد جو ذڪر هيئن ڪري ٿو:
”آءٌ هن دين ۾ ان ڪري شامل ٿيو آهيان ته جيئن ديوتائن يعني باطل معبودن عبوديت کي هميشه جي لاءِ ختم ڪري ڇڏيان. آءٌ زرتشت جي تعليم جي مطابق مزدا (عالمِ ڪل) تي ايمان جو اقرار ڪريان ٿو. مان اهورا جي نازل ڪيل شريعت جو پيروڪار آهيان. هيءَ سڄي ڪائنات، ان حڪيم، ڪليم، خبير ۽ ڏاهي اهورامزدا جي تخليق آهي. آءٌ سڀني باطل خدائن، شر ۽ بديءَ جي مجسمن، ابليس ۽ ان جي شيطاني گروهه کان پناهه ٿو گُهران. آءٌ جادو ۽ هر قسم جي ڪاري علم کي مردود قرار ڏيان ٿو، آءٌ پنهنجي خيالن، لفظن ۽ اعمال کان باطل خدائن ۽ انهن جي مڃڻ وارن جي طاقت کي رد ڪريان ٿو. اهورا مزدا زرتشت کي تعليم ڏني ۽ زرتشت پڻ اهورا مزدا سان اهو ئي واعدو ڪيو هو ته هو گهڻن خدائن، شرڪ ۽ باطل خدائن کان پناهه ۾ رهندو.“

[b]ٻه غلط فهميون
[/b] اڳتي هلي زرتشت جي دين جي باري ۾ ٻه وڏيون غلط فهميون پيدا ٿي ويون، هڪ آتش پرستي ۽ ٻيو ثنويت جو عقيدو، اهو سڄو معاملو اڻڄائي ۽ مجوسين جي پوءِ وارن گاڏڙ خيالن سبب پيدا ٿيو. جيئن ذڪر ٿي چڪو آهي ته زرتشت خداءِ واحد جي عبوديت جو اعلان ڪيو. لفظ اهورا قديم زماني کان آريا خدا جي لاءِ استعمال ڪندا پئي آيا، اهڙي طرح رگ ويد ۾ ان لاءِ لفظ ”اشوره“ ملي ٿو. اهڙي طرح مزدا جو لفظ به استعمال ٿيندو هو، جنهن جي موجوده فارسي شڪل ايزد اڄ به مروج آهي.
زرتشت انهن ٻنهي لفظن کي ملائي اهورا مزدا بڻايو، جنهن جي معنيٰ آهي حڪمت وارو ۽ ڏاهو، ڪائنات جو خالق ۽ پالڻهار. اهورامزدا ڪائنات ۾ جاري و ساري هجڻ جي باوجود ان کان مٿانهون آهي، ان ڪري وحدت الوجودي تصور جهڙو به نه آهي. هو خالق اعليٰ، عين قوت ۽ ڏاهپ آهي. هو خير ۽ تقويٰ جو سرچشمو ۽ نيڪيءَ جو مرڪز آهي. ”ونديداد فراگرد“ جي شروع ۾ اهورا جون وصفون هيئن بيان ڪيون ويون آهن: خداءِ دانا، مينوءِ پاڪ تر آفريدگار جهان، هادي مقدس ۽ ڪجهه جڳهن تي ”اشامزدا اهورا“ به استعمال ٿيو آهي يعني اهو خداءِ بزرگ و برتر جيڪو شريعت پاڪ ۽ تقويٰ جو مظهر اعليٰ آهي. گاٿا ۾ زرتشت چوي ٿو ”اي اهورا مزدا! جڏهن مون پهريون دفعو تنهنجو تصور ڪيو ته هن ڪائنات جو پهريون خالق توکي ئي ڄاتم، پاڪ منش (نيڪ تصور) جو پيءُ اشا (خير ۽ تقويٰ جي شريعت جو باني) سڀني انسانن جي اعمالن جو محاسبو ڪندڙ آهي.
اي اهورا، توکي سوال ڪريان ٿو، مونکي صحيح نموني ٻڌاءِ ته ڇا اها ڳالهه جنهن جو آءٌ اعلان ڪرڻ وارو آهيان بلڪل سچ آهي؟ ڇا اشا (نيڪي) ۽ ان جا ٻڌايل ڪم انسان جي نجات جو سبب بڻجندا؟ تو هيءَ زمين ڪنهنجي لاءِ خوشين جو مرڪز بڻائي؟
اي اهورامزدا، آءٌ توکي سوال ڪريان ٿو، مونکي صحيح طرح ٻڌاءِ ته ڇا مان دروج ( بديءَ جو روح) کي اشا جي حوالي ڪري تنهنجي محبت جي ڪري هميشه لاءِ نيست و نابود ڪري سگهان ٿو.“
”هاڻي آءٌ صاف صاف اعلان ڪريان ٿو ته جيڪو ماڻهو هدايت جو طالب آهي ان کي کپي ته غور سان ٻڌي ۽ ڌيان ڏئي. جڏهن اهورامزدا جو تصور ڪيو ڇاڪاڻ ته هو ظاهر ٿي چڪو آهي، جنهن کانپوءِ اهرمن ۾ ايتري طاقت ئي نه آهي ته ماڻهن کي گهمراهه ڪري ۽ کين دوکي سان زندگي بخش راهه تان ٿيڙي سگهي.“
دينڪرت ۾ هڪ جڳهه تي هيٺين لفظن ۾ خدا جي تعريف ڪئي وئي آهي:
”هو بادشاهه آهي رعايا نه، هو پيءُ آهي پر هن جو ڪوبه اولاد نه آهي، هو سردار آهي پر هن جو ڪوبه سردار نه آهي، هو غني آهي، سُڃن آڏو صدا ڪونه ٿو هڻي. هو پنهنجي ذات ۾ پاڻ علم آهي، هن ڪنهن وٽان علم حاصل نه ڪيو آهي. هو هدايت ڪري ٿو، بخشش ۽ رحمت ڪري ٿو.“
گاٿا ۾ خداءِ بزرگ و برتر جون مجموعي طور 6 صفتون پيش ڪيون ويون آهن: 1 . وهومن (پاڪ نفس) 2 . اشا وشته (تقويٰ جو قانون) 3 . خشزر وائيري (ڪامل قدرت) 4 . ارميئتي (پاڪ عقل) 5 . هورو تات (ڪمال) 6 . امرتات (ابديت).
گاٿا مطابق انهن مان هر هڪ اهورامزدا جي هڪ صفت جو مظهر آهي ۽ هن ڪائنات جي ڪنهن نه ڪنهن حصي جي پاسباني ۽حفاظت سندن حوالي آهي. پر بدقسمتيءَ سان وقت گذرڻ سان اهورامزدا سان سان گڏ اهي 6 ئي مظهر پوڄا لائق سمجهيا ويا. اهڙي نموني اهي مشرڪانه تصور جن جي پاڙ پٽڻ جي لاءِ زرتشت ايتري محنت ڪئي هئي، سندس دين ۾ داخل ٿي ويا.

[b]آتش پرستيءَ جو مسئلو
[/b] زرتشت جي نظر ۾ خدائي نور جو بهترين مثال آهي. تاريخي طور تقريبن هر مذهب ۾ خدا کي نور سان تشبيهه ڏني وئي آهي. زرتشت ان باهه کي پنهنجي عبادت گاهن ۾ قبلي طور استعمال ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو ڇو ته سندس خيال ۾ باهه خدا جي نور جو مظهر آهي. باهه سڀني اونداهين ۽ بدبوءِ کي ختم ڪري ڇڏيندي آهي ۽ اهڙي نموني نيڪي ۽ پاڪائيءَ جو رستو هموار ڪندي آهي. زرتشت مطابق عبادت جو حقدار صرف خدا پاڪ آهي. جهڙي نموني زماني جي لاهن چاڙهن ۾ اهورامزدا جون 6 صفتون بعد ۾ پاڻ خدا بڻجي ويون ۽ اهڙي نموني باه کي به عبادت جو درجو ملي ويو.

[b]نيڪي ۽ بديءَ جي ثنويت يا دُوئيءَ جو مسئلو
[/b] زرتشت جي تعليم ۾ به نيڪي ۽ بديءَ جو مسئلو وڏي اهميت رکي ٿو. نيڪيءَ سان گڏ بَدي ۽ خير سان گڏ شر جو مسئلو سڀني مذهبن ۽ مفڪرن تسليم ڪيو آهي. منجهن جاري ڪشمڪش جتي خارجي ڪائنات ۾ نظر اچي ٿي، اتي انساني معاشري ۽ انساني نفس ۾ به نظر اچي ٿي. مذهبن ۽ فلسفن ۾ نيڪي ۽ خير جو حصول انساني زندگيءَ جو مقصد آهي پر بدي ۽ شر جي ڪري ان مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ وڏيون ڏکيايون پيش اچن ٿيون ۽ ان ئي ڪشمڪش سان انساني زندگيءَ جا اخلاقي قدر وجود ۾ اچن ٿا. سوال اهو آهي ته خدا نيڪي ۽ خير جو محور آهي ته بدي ۽ شر جو سرچشمو يا محور ڪهڙو آهي؟
اسلام، عيسائيت ۽ يهوديت ۾ بديءَ جو سرچشمو ابليس کي قرار ڏنو ويو آهي. سجدي ڪرڻ کان انڪار جي ڪري ان کي مردود قرار ڏنو ويو پر ابليس انسانن کي پنهنجي انتقام جو نشانو بڻايو. جيڪڏهن خدا صرف خير جو سرچشمو هجي ته پوءِ ابليس ڪٿان آيو؟ اهڙي نموني ثنويت يا دوئي پيدا ٿي ويندي آهي پر اها ثنويت عارضي آهي. ڇو ته آخر ڪار ابليس پنهنجي سڄي قوت جي باوجود خدائي اقتدار جي دائري کان ٻاهر نٿو وڃي سگهي. اهڙي نموني اها بنيادي ثنويت وحدت ۾ گم ٿي وڃي ٿي.
زرتشت وٽ اهورامزدا جا ٻه مختلف مظهر آهن. هڪ طرف سنپته مينو يعني نيڪيءَ جي قوت، ته ٻئي طرف انگره مينو يعني يا بديءَ جي قوت. گاٿا ۾ جتي به انگره مينو جو ذڪر اچي ٿو ته اهورامزدا جي مقابلي ۾ نه پر سنپته مينو جي مقابلي ۾ اچي ٿو. اهڙي طرح لينائي باب 2 ۾ آهي ته هاڻي مان ٻن گوهرن جو ذڪر ڪريان ٿو جيڪي زندگيءَ جي شروعات کان موجود آهن منجهائن گوهر پاڪ (سنپته مينو) گوهر خبيث (انگره مينو) کي چيو ته اسان جا خيال ۽ نظريا، عقل، ڳالهه ٻولهه، ڪردار، دل ۽ روح پاڻ ۾ هڪ ڪرا نه آهن. ان مان صاف پتو پوي ٿو ته اهورامزدا انهن ٻنهي قوتن کان جدا ۽ مٿاهون آهي.
اهڙي طرح لينائي باب 19 ۾ آهي ته اهورامزدا انسان جي فلاح و بهبود جي لاءِ خير ۽ شر، ڀلائي ۽ برائي ٻنهي کي پيدا ڪيو. ٻي جڳهه تي زرتشت اهورامزدا کان دعا گهري ٿو ته ”اي اهورامزدا! مونکي پنهنجو پاڻ پَساءِ!. آرمتي جي صدقي مونکي توانائي بخش، سنپته مينو جي واسطي مونکي طاقت ڏي. اشا جي آڌار مونکي نيڪ پيدائش ڏي ۽ ديومنه جي صدقي مونکي سگهه عطا ڪر!
ان نيڪ ۽ بد جي جهيڙي ۾ زندگيءَ جو نقشو جڙي ٿو. دنيا جا مختلف اخلاقي نظام ان مسئلي کي مختلف شڪلين ۾ پيش ڪن ٿا.

[b]پهريون اخلاقي نظام
[/b] هِن نظام جو بنياد ڄڻ ”بابر به عيش ڪوش که عالم دوباره نيست“ جي فلسفي تي رکيل هجي. اهو ماضي ۽ مستقبل کان بي نياز صرف عيش و عشرت تائين زندگيءَ کي محدود ڪري ٿو ڇڏي. فيلسوف ايپيڪورس ان جو نمائندو آهي. هن نظرئي تحت زندگي ۽ڪائنات ۾ڪانه ٿي به معنويت رهي، هر طرف خلا ئي خلا نظر اچي ٿو، ان جو نتيجو شديد مايوسي ۽ نيٺ خودڪشيءَ جي صورت ۾ نڪري ٿو.

[b]ٻيو اخلاقي نظام
[/b] سڀني مذهبن ۾ گهٽ ۾ گهٽ اهو تصور ملي ٿو ته روح عام تخليقي قوتن جو سرچشمو آهي ۽ جسم انهن قوتن جي اظهار جو ذريعو آهي يعني روح کي اعليٰ درجو ڏنو ويو آهي ۽ جسم کي هيٺين درجي ۾ رکيو ويندو آهي، ان ڪري جسماني خواهشن کي روح جي ماتحت رکڻ گهرجي.
جڏهن ته ڪجهه مذهبن ۾ جسم بديءَ جو سرچشمو آهي جيڪو روح جي پاڪيزگيءَ کي آلوده ڪري ٿو، ان ڪري جيترو جلدي ٿي سگهي روح کي جسم جي قيد مان نڪرڻ گهرجي. هندستان جي اڪثر اخلاقي نظامن ۾ ان فطري بديءَ جو اظهار ملي ٿو. سينٽ پال ته چيو آهي گناهه جو بدلو موت آهي پر هندستان جي مذڪوره اخلاقي نظامن ۾ گناهه زندگيءَ جو ڪارڻ آهي. انسان تناسخ يا جُوڻ مَٽٰ جي چڪر ۾ اچي، هر هر هن دنيا ۾ اچي ٿو، اهو چڪر صرف ان وقت ختم ٿي سگهي ٿو، جڏهن هو نيڪ زندگي گهارڻ شروع ڪري. ان نيڪيءَ جو نتيجو موت هوندو ۽ هو اهڙي طرح هن زندگيءَ جي مصيبتن ۽ پريشانين کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺندو ڇو ته هيءَ دنيا ڏکن جو ڳڙهه آهي ۽ اهي پريشانيون ۽ ڏک انسان جي فطري خواهشن جو نتيجو آهن. اها اخلاقي سوچ اصل ۾ رهباني سوچ آهي. ترڪ دنيا ۽ خواهشن کي مارڻ ئي نجات جو ذريعو آهي. انسان جو مقصد دنيا کان سڱ ڇني خدا سان تعلق ڳنڍڻ آهي. جنهن کي تجلي حاصل ٿي اهو سوڀارو ٿيو. ڇوٽڪارو حاصل ڪيائين. انڪري اهڙا ماڻهو جبلن جي غارن ۾ وڃي عبادت ڪن ٿا.
پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا زندگيءَ جي انهي طريقي سان ظلم، فساد ۽ بديءَ جون قوتون ختم ٿيو وڃن؟ حقيقت ۾ اهو طريقو انفرادي زندگيءَ سان وابسته آهي ۽ فرار جي راهه اختيار ڪرڻ جي تلقين ڪري ٿو. قرآن ان جي مقابلي ۾ امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر جي لاءِ مسلسل جهاد جي هدايت ڪري ٿو. اسلام صرف انفرادي عبادت ۽ پوڄا جي خلاف آهي.

[b]ٽيون اخلاقي نظام
[/b] هيءُ اخلاقي نظام صحيح معنيٰ ۾ عيسائيت ۾ نظر اچي ٿو، جنهن ۾ شر ۽ بديءَ جو مقابلو ڪرڻ بجاءِ رڳو ابدي گناهن ۽ بديءَ جي قوتن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ صرف حضرت مسيح تي ايمان آڻڻ ئي ڪافي آهي. عيسائيت جي نظر ۾ دنيا جي بڇڙاين ۽ بديءَ جي قوتن سان مقابلو ناممڪن آهي. ان جي ڀيٽ ۾ حضرت محمدﷺ جن فرمايو آهي ته هر ماڻهوءَ جو فرض آهي ته هو بديءَ کي هٿ سان روڪي، هٿ سان نه روڪي سگهي ته زبان سان روڪي ۽ جيڪڏهن زبان سان به نه روڪي سگهي ته ان کي دل ۾ برو سمجهي. جڏهن ته عيسائيت ۾ شر ۽ بديءَ جي قوتن کي روڪڻ لاءِ حضرت مسيح تي ايمان آڻڻ ئي ڪافي آهي.

[b]چوٿون اخلاقي نظام
[/b] اهو حقيقي اخلاق آهي، اهو بدي ۽ شر جي خلاف عمل جي دعوت ڏئي ٿو بلڪه انسان جي ڀلي جو دارومدار شر جي خلاف جدوجهد کي قرار ڏئي ٿو. رهباني ۽ وحدت الوجودي نظام جي حامين ته ايستائين چيو آهي ته وجود ته صرف خير آهي، شر جو ڪو وجود ئي نه آهي. خير ۽ نيڪيءَ جو نه هجڻ ئي بدي ۽ شر آهي. ان نقطه نظر سان اخلاق ۽ روحانيت جو سڄو نظام درهم برهم ٿي وڃي ٿو. جيڪڏهن بدي بدي نه آهي ۽ اهو صرف نيڪيءَ جو عدم آهي ته پوءِ اهڙي زندگيءَ ۾ ڪنهن قسم جي اخلاقي سرگرمي ۽ ڪردار جي تعمير جي ضرورت ئي نه ٿي رهي.
زرتشت جي خيال ۾ اهو تجزيو بلڪل غلط آهي. بلڪه نيڪي ۽ خير وانگر بدي ۽ شر به مستقل وجود رکن ٿا. ڪائنات ۾ يڪ رنگي ۽ جڙاوت سان گڏ بگاڙ ۽ ٽڪراءُ به موجود آهي. اهڙي نموني معاشري ۾ به حسد ۽ بغض جو وجود رکي ٿو. صحتمند انسانيت جي تعمير خاطر اهڙن منفي قدرن خلاف مسلسل جهاد به ضروري آهي. شر ۽ بديءَ جي عالمگيريت کي ختم ڪرڻ ئي مذهب جو مقصد آهي، پر اهو انفرادي جدوجهد سان ختم نٿو ٿي سگهي. زرتشت جي خيال ۾ اهو ڪافي نه آهي ته هر انسان پنهنجي طور تي نيڪي اختيار ڪري ۽ بديءَ کان پرهيز ڪري بلڪه زرتشت توحيدي معاشري جي قيام تي زور ڏئي ٿو جنهن ۾ ٽڪراءَ وارو معاشي طبقاتي فرق ختم ڪيو ويو هجي ۽ هر ماڻهو پنهنجي محنت جي پيداوار جو پاڻ مالڪ هجي . سڀ اخلاقي برايون متضاد معاشي نظام جي موجودگيءَ سان پيدا ٿينديون آهن. ان معاشري ۾ هر ماڻهوءَ کي ظلم ۽ ناانصافي جي خلاف جدوجهد ڪرڻي پوندي آهي.
اسپونزا ۽ ٻين مفڪرن جي ان خيال جي جواب ۾ ته شر جو وجود خدا جي خير جي خلاف آهي، زرتشت جو هڪ ئي جواب آهي ته هيءَ ڪائنات اڃا نامڪمل آهي ۽ انسان جو فرض آهي ته هو ان ڪم کي پنهنجي ذمي کڻي يزدان ۽ اهرمن جي ان ڪشمڪش ۾ يزدان جو ساٿ ڏئي. نٽشي جڏهن رهباني اخلاقي نظام تي حملو ڪيو ته اهو زرتشت جي نالي تي ڪيو ڇو ته هن زرتشت جي خير ۽ شر جي نظرئي کي بهترين ٿي ڄاتو. هن خدا جي وجود جو انڪار به ان ڪري ڪيو ته اهي پنهنجي عملن جو ذميوار خدا کي قرار ڏئي پاڻ فرار حاصل ڪري ٿا وٺن. نٽشي جو مقصد ڪامل انسان پيدا ڪرڻ هو، جڏهن ته زرتشت جو مقصد هڪ صالح انسان جي تخليق آهي جنهن سان صالح معاشرو وجود ۾ اچي سگهي ٿو.
زرتشت جي تعليم ۾ موت کانپوءِ حياتيءَ جو تصور واضح آهي، پر يهودي جڏهن جلاوطنيءَ کان واپس ٿيا ته زرتشت جي دين سان سندن واسطو پيو ۽ موت کان پوءِ زندگيءَ جو تصور اتان ئي ورتائون. زرتشت جو موت کانپوءِ زندگي جو تصور، عيسائيت، يهوديت ۽ اسلام جي سامي مذهبن جهڙو آهي. زرتشت خاص آريه قوم ۾ پيدا ٿيو پر هن جو دين تناسخ (جُوڻ مَٽ) جي خلاف آهي، ڇو ته تناسخ زندگيءَ کان فرار جو سبق ڏئي ٿو.
زرتشت مطابق روح بدن ۾ اچڻ کان پهريون موجود هو. زرتشت جي دين ۾ بدني پاڪائي تي وڏو زور آهي، ته ساڳئي وقت پاڻي، هوا، مٽي وغيره کي به صاف رکڻ جي هدايت ڪيل آهي. روزي جي منع ان ڪري آهي ته فرد ڪمزور ٿي قابليت ۾ گهٽتائي ويهندو.
زرتشت هڪ ته توحيدِ خداونديءَ جي حمايت ڪئي ۽ ٻئي طرف پوکائيءَ تي زور ڏنو ته جيئن هن جي قوم خانه بدوشيءَ واري زندگي ختم ڪري تمدني زندگيءَ جي شروعات ڪري ۽ فصل پوکڻ سان مال۽ ان لاءِ گاه وغيره گهڻو هجي؟ زرتشت ۽ جي نظر صرف دنيوي خوشحاليءَ تي نه هئي. سندس سڀني ڪوششن ۽ خواهشن جو نتيجو آخرت حاصل ڪرڻ آهي، جنهن سان هو پنهنجي خدا سان ملاقات ڪري سگهي. زرتشت جي خيال ۾ جنهن جي نيڪ عملن جو پاسو ڳورو هوندو، اهو عيش ۾ هوندو ۽ جنهن جي برائين جو پاسو وزني هوندو اهو ٻرندڙ باهه ۾ ويندو.

[b]آخري مصلح جي پيشن گوئي
[/b] هن زندگيءَ جي پڄاڻيءَ تي هڪ اهڙو دور ضرور ايندو جڏهن شر ۽ جي سڀني قوتن جو خاتمو ٿي و يندو. ان وقت هڪ آخري مصلح ظاهر ٿيندو جيڪو هن دنيا ۾ خير ۽ نيڪيءَ کي رائج ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندو. ان کانپوءِ قيامت اچي ويندي، جڏهن سڀ انسان زندهه ڪيا ويندا ۽ جڏهن روحن کي جهنم مان ڪڍي کين گناهن کان پاڪ ڪيو ويندو، پر زرتشت جي خيال ۾ ضروري نه آهي ته اهو پيغام يا مصلح آخر ۾ اچي، اهو ان کان پهريان به اچي سگهي ٿو.
زرتشت چيو آهي ته :
”اي اهورامزدا، آءٌ توکان پڇان ٿو ته اهو سچو ۽ نيڪ انسان جيڪو پنهنجي خاندان، پنهنجي قوم ۽ ملڪ جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪندو هجي، اهو تو جهڙو ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟
اهو ڪڏهن تنهنجي رضا کي حاصل ڪري سگهندو؟ اُن جا ڪهڙا اعمال توکي وڌيڪ پسند هوندا؟ هر ان ماڻهوءَ جي لاءِ جيڪو هوش ۽ عقل رکي ٿو، جيڪو غور ۽ فڪر ڪري سگهي ٿو، اهو هر حالت ۾ پوري طاقت سان حق جو جهنڊو بلند رکي، جيڪو پنهنجي قول ۽ فعل ۾ سچائيءَ جو نمونو هجي، اهو ئي ماڻهو، اي اهورامزدا! تنهنجو بهترين مددگار آهي.
اهو ئي ماڻهو اي اهورامزدا! تنهنجو حقيقي معنيٰ ۾ دوست آهي، تنهنجي انعامن جو مستحق آهي، جيڪو هن فاني دنيا ۾ صحت، خوشي ۽ دولت جي شڪل ۾ هجي ۽ آخرت ۾ ابدي زندگيءَ جي صورت ۾. ان ماڻهوءَ کي هميشه لاءِ ملاقات جو شرف حاصل ٿيندو ۽ اهوئي ”پاڪ ماڻهو“ جي طاقت سان نوازيو ويندو.“
زرتشت جي اخلاقي فلسفي جو بنياد ٽن شين تي آهي: 1 . نيڪ خيال 2 . نيڪ گفتار 3 . نيڪ ڪردار ،
ان جي مقابلي ۾ ٽن خرابين کان بچڻ جي تاڪيد ڪيل آهي. 1 . بد 2 . بد گفتار 3 . بدڪردار، سموري اخلاقيات جو بنياد انهن تي بيٺل آهي.
اي اهورامزدا ! اي اشاءِ زيبا ! اسان پنهنجي لاءِ هڪ اهڙي شيءِ چونڊڻ چاهيون ٿا ۽ اهڙو گمان، گفتار ۽ ڪردار بجا آڻڻ چاهيون ٿا جيڪو جهانن ۾ بهترين هجي.
اي اهورامزدا ! اسان ان پيامبر جو ڪلام چاهيون ٿا ته جيئن راستيءَ جي بهترين تصور کي ماڻهن ۾ ڦهلايون.
اي اهورامزدا ! اسين پاڪ خيال، راستي ۽ دوستي، ڪردار، گفتار ۽ نيڪيءَ جي مدد سان تنهنجو قرب حاصل ڪرڻ چاهيون ٿا.
اي اهورامزدا ! اسين تنهنجي تعريف ڪريون ٿا ۽ نيڪ خيال، نيڪ گفتار ۽ نيڪ ڪردار سان تنهنجو قرب حاصل ڪرڻ چاهيون ٿا.
اي اهورامزدا ! شايد اسان ڏسي سگهون، شايد تنهنجو قرب اسان کي حاصل ٿئي، شايد هميشه تنهنجي دوستي اسان کي ملي، بهترين ۽ عظيم راستيءَ جي ذريعي.
هاڻي آءٌ چاهيان ٿو اُها ولايت ڏسڻ جيڪا انديشي، ڪردار ۽ نيڪ گفتار جو مقام آهي، مون راستي اهورامزدا کي سڃاتو.“
انهن جملن ۾ لفظ ”راستي“ اوستا جي لفظ ”اشا“ جو ترجمو آهي. اشا زرتشتي اخلاقيات ۾ نمايان جڳهه رکي ٿو. ان جي مفهوم ۾ پوري اخلاقيات شامل آهي. ان جي مطابق ڪائنات تخليق ٿي آهي. اشا يعني تقويٰ ۽ راستي جي قانون جي مڪمل پابندي جي تاڪيد ڪيل آهي.
لينائي 72 ۾ آهي ته رستو صرف هڪ آهي: اشا يعني تقويٰ ۽ راستي، باقي سڀ رستا غلط ۽ گهمراه ڪندڙ آهن.
راستيءَ کانپوءِ عدل ۽ انصاف تي زور ڏنو ويو آهي، ڪوڙي شهادت ۽ نا انصافي ٻنهي جي منع ٿيل آهي. هڪ منصف مزاج ۽ عادل حاڪم زرتشت جي نظر ۾ اهورامزدا وانگر آهي. ڪاهلي انسان کي ڪمزور بڻائي ٿي. ونديداد 18 -16 ۾ آهي ته ” اي انسانو، خدا جي عبادت ڏانهن ڌيان ڏيو ۽ ابليس ئه شيطانن کي ماري ڀڄايو، ائين نه ته ڪاهلي جيڪا سڄي مادي دنيا کي ننڊ ۾ مدهوش ڪري ٿي، صبح ٿيندي ئي توهان تي غالب اچي وڃي، جڏهن اڪثر ماڻهو جاڳي ويندا آهن، توهان لاءِ مناسب نه آهي ته گهڻي دير تائين ستا پيا رهو.“

[b]عبادت جو مفهوم
[/b] زرتشت خدا کان پڇي ٿو ته اسين تنهنجي عبادت ڪيئن ڪريون؟ جواب ملي ٿو ته جنهن کي اهورامزدا جي طلب آهي، ان شخص کي کپي ته خدا جي مخلوق جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ ڪوشش ڪري. ماڻهن جي تڪليف ۽ مصيبت ۾ مدد ڪري، انهن کي برائي ۽ برن ماڻهن جي صحبت کان بچائڻ جي ڪوشش ڪري.
”اهو ماڻهو جيڪو غريب ۽ مسڪين جي مدد ڪري ٿو، خدا جي خدائيءَ جو اقرار ڪري ٿو. اي اهورامزدا ! تنهنجي خدائي ڇا آهي؟ تنهنجي رضا ڇا آهي، جنهن کي حاصل ڪرڻ سان تنهنجو قرب حاصل ٿئي؟“
اهورامزدا ! جواب ڏئي ٿو ته ”تون منهنجي رضا پاڪباز انسانن جي مدد ڪرڻ سان حاصل ڪري سگهين ٿو.“ (لينائي 5 2 -4 2 )

[b]علم حاصل ڪرڻ جي اهميت
[/b] اهو ماڻهو جيڪو علم جي روشنيءَ جو خواهشمند آهي اهو آوردان (يعني روحاني سند) جو تحفو حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. آوردان جي باري ۾ ونديداد ۾اچي ٿو ته”اي زرتشت، اهو ماڻهو آوردان آهي جيڪو راتين جو علم حاصل ڪري ٿو ته جيئن زندگيءَ جي تڪليفن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهي. اهو علم هن کي پلصراط تان گذرڻ ۾ ڪم اچي ٿو. هو هن دنيا ۾ ان جي لاءِ نعمتن جا دروازا کولي ٿو، جنهن جي ڪري هن کي راستي ۽ پاڪبازي حاصل ٿئي ٿي ۽ اهو علم هن کي آخر ۾ بهترين انعام ڏياري ٿو.“
انسان جي عملن ۾ وڌيڪ بهتر فعل ڪهڙو آهي؟ وينڪرت ۾ آهي ته ماڻهن کي علم سيکارڻ جيڪي ان جي اهل هجن ۽ هر قسم جي نيڪ عمل جي تخليق.
(نوٽ : علم جي باري ۾ سقراط واري باب ۾ بحث آهي ته اصل ۾علم مان مراد صرف سائنسي تحقيق ذريعي حاصل ڪيل علم نه پر اهو علم آهي جيڪو اخلاق سان جڙيل هجي. يورپ صرف سائنسي تحقيق تي ڀاڙيو ۽ مذهب کي رد ڪيو، هتي به علم مان مراد اهو علم آهي جنهن جو نتيجو اعليٰ اخلاقي قدر حاصل ڪرڻ آهي.)
زرتشتي اخلاقيات ۾ امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر جي سختيءَ سان تاڪيد ڪئي وئي آهي. جنهن ماڻهوءَ علم حاصل ڪيو، ان جو فرض آهي ته هو ٻين انسانن تائين ان کي پهچائي ته جيئن هن دنيا ۾ ڀلائي ۽ آخرت ۾ فلاح کان محروم نه رهي.
لينائي ۾ هڪ هنڌ ڄاڻايل آهي ته جنهن ماڻهو ڪنهن کي برن اعمالن جي سزا ڏيڻ کانپوءِ ان جي صحيح تربيت جي لاءِ ڪوشش ڪئي، اُن اهورامزدا جي حضور ۾ پنهنجي محبت جو بهترين تحفو پيش ڪيو.
زرتشتي اخلاق جو خلاصو هنن لفظن ۾ بيان ڪري سگهي ٿو ته انسان کي گهرجي ته پنهنجي اعمال ۾ اهڙي نموني راستي ۽ عدل اختيار ڪري جهڙي نموني اهورامزدا مخلوق سان پيش اچي ٿو.
زرتشت دعا گُهري ته ”اي اهورامزدا ! جهڙي طرح تنهنجا خيال، لفظ ۽ اعمال سڀ خير ۽ ڀلائيءَ سان ڀرپور آهن، اهڙي طرح اسان نيڪي ۽ ڀلائيءَ جا طلبگار آهيون، تنهنجي ئي تعريف ۽ تنهنجي ئي عبادت ڪريون ٿا، اسان توکي ساراهيون ٿا ۽ توتي ئي ڀروسو ڪريون ٿا. اي اهورامزدا! اسان کي توفيق ڏي ته اسان هِن زندگي ۽ آخرت جي روحاني زندگي ۾ راستي ۽ تنهنجو قرب حاصل ڪري سگهون.
”اي اهورامزدا ! اسان کي توفيق ڏي ته اسين تنهنجي سلطنت ۾ داخل ٿيون، ٻنهي دنيائن ۾ تون ئي اسان جو بادشاهه آهين. اسان پنهنجون جانيون ۽ پنهنجو جسم توکي ئي ارپيون ٿا. اسان جي خواهش آهي ته اسان تنهنجي رضا ۽ محبت حاصل ڪريون. اي خداءِ ڪليم اسان جي رهنمائي ڪر ۽ اسان کي خوشي عطا ڪر.
”اي مزدا مون کي اها شيءِ عطا ڪر جنهن سان تون خوش ٿين.
”اي اهورامزدا! آءٌ عجز ۽ انڪسار سان هٿ کڻي ٻاڏايان ٿو ته نيڪ اعمال،جي توفيق حاصل ٿئي ته جيئن ڪائنات جي عظيم روح کي خوشي حاصل ٿئي.
”اي اهورامزدا ! اي اشا ! اسان پنهنجي لاءِ بهترين شين جو انتخاب ڪنداسين يعني اهي خيال، لفظ ۽ ڪردار جيڪي دنيا ۾ سڀ کان بهترين هجن. اسان مان هر هڪ مرد ۽ عورت ڪوشش ڪندو ته پنهنجي علم جي روشنيءَ ۾ نيڪيءَ جي رستي تي هلي ۽ ٻين کي ان رستي تي هلڻ جي تاڪيد ڪري، ان اشا (تقويٰ) جي قانون جي پيروي ۾ سڀني جو ڀلو ۽ ڇوٽڪارو آهي ۽ ان جي لاءِ ئي ٻنهي جهانن ۾ سرفرازي آهي. اي اهورامزدا! تنهنجي الهامن جي پوري ڪوشش سان تبليغ ڪنداسين.

[b]زرتشتي دين ۽ هندو مذهب
[/b] مختصر مطالعي مان پتو پوي ٿو ته زرتشت جو دين هڪ عملي دين هو، جنهن جو بنياد خالص توحيد تي رکيو ويو هو. ان معاملي ۾ هو آرين جي هندستاني مذهب کان بلڪل مختلف آهي، جتي توحيد جي مقابلي ۾ وحدت الوجود ۽ جذباتي تصوف پيدا ٿيو. زرتشتي دين ۾ تقويٰ ۽ نيڪ اعمالن تي زور ڏنو ويو آهي، جڏهن ته هندستان ۾ رياضت، مراقبن ۽ مشاهدن تي ڀاڙيو ويو آهي.
زرتشت جي نظر ۾ بهترين انسان اهو آهي جيڪو زندگيءَ جا فرض نيڪيءَ سان ادا ڪري. هندن ۾ بهترين انسان اهو ساڌو آهي جيڪو پنهنجي تپسيا سان ڪي غيرمعمولي ۽ عقل کان مٿڀريون قوتون حاصل ڪري سگهي.
مزد ۾ وحيءَ جو تصور مرڪزي حيثيت رکي ٿو جيڪو برهمڻ مت ۾ موجود آهي. مزد ۾ موت کانپوءِ دائمي فلاح جي تصور سان گڏو گڏ هن دنيا جي طرفان ڪابه گهٽتائي نه ڪئي وئي پر ان جي نصب العين ۽ مقصد مان اهو ئي پتو پوي ٿو ته دنيا جي معاشرتي، اخلاقي ۽ مذهبي اصلاح ڪئي وڃي.

[b]زرتشت ۽ مغرب
[/b] عام طور تي مغربي مصنفن جي ڪوشش رهي آهي ته اهو ثابت ڪن ته يونان جو فلسفو خالص يونان جي پيداوار آهي، ان تي اوڀر وارين قومن جو ڪوبه اثر نه آهي. ڪن تعصب پرست مغربي کوجين اها ڪوشش به ڪئي آهي ته زرتشت جي زماني کي يوناني زمانو ثابت ڪن پر اهي جڏهن هو ٻڌندا هئا ته زرتشت ته يوناني ڏاهن کان پهريان موجود هو ته پوءِ بيچين ٿي ويندا هئا. هراڪليٽس خاص طور زرتشتي خيالن کان متاثر لڳي ٿو، يعني بنيادي شيءِ باهه آهي. اشا جو قانون تمام وسيع مفهوم رکي ٿو. اهو ڪائنات جو قانون خدا جي نور جو مظهر آهي. رواقي نظام تي به زرتشتي فڪر جو گهڻو اثر آهي. رواقي فلسفي ۾ به ڪائنات جي آفاقي قانون کي باهه سان ڀيٽيو ويو آهي.
فيلوسڪندريه به ڪِي قدر زرتشتي فڪر کي اپنايو هو. جهڙي نموني اشا جو قانون نيڪيءَ جو بهترين مظهر آهي، اهڙي نموني فيلو ۾ ڪلمو (Logos) جيڪو هڪ لحاظ کان ڏاهپ جو مظهر آهي، انهن سڀني رباني قانونن جو سردار آهي.
اهڙي نموني جديد فيثاغورثي مفڪرن به زرتشتي نظام کان گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو آهي. جديد فيثاغورثي يوناني فلسفي ۾ پهريون مڪتبه فڪر آهي جنهن وحيءَ کي علم جو ذريعو ۽ تعليم جي سند تسليم ڪيو آهي. ان جا مفڪر فلسفي سڏائڻ بدران پيغمبر سڏائڻ پسند ڪندا هئا جيڪي خدا سان اڻ سڌو تعلق پيدا ڪري چڪا هئا ۽ اهي سڀئي خيال زرتشي دين مان اچن پيا.

[b]مزديسنائيت (خدا پرستي)
[/b] دجله ڪناري سيدين 2 1 6 ق-م ۾ پنهنجو مرڪز قائم ڪيو هو. ان قوم جا پوڄاري مغ يا مگوش (مجوس) يعني عقلمند يا مددگار سڏبا هئا، اهي برن روحن، شيطانن ۽ ڀوتن کي جادوءَ سان لاهيندا هئا. اهي ماڻهو ”بنو“ جي مندر مان جادو سکندا هئا ۽ اها جماعت سيدين جي فتح کان اڳ قائم ٿي چڪي هئي. انهن مجوس پروهتن ۾ هڪ زرداشتر(زرتشت ) جو پيءُ هو، جيڪو اهورامزدا (سٺو روح) جي پرستش ۽ اهرمن (بري روح) کان نفرت ڪندو هو.
زرداشتر (583 - 660 ق م): زرداشتر (زرتشت) پهلوي ٻوليءَ جو لفظ آهي جيڪو فارسيءَ ۾ زرتشت بڻجي ويو. زرداشتر وڏي پروهت يا پوڄاريءَ کي چوندا آهن. هڪ ڏينهن هو اوچي جبل تي مراقبي ۾ ويٺو هو ته اهورامزدا کيس ڏيکاري ڏني ۽ ”اوستا“ يعني زندگيءَ جو قانون عطا ڪيو. وري هرمز زرداشتر کي چيو ته ”وڃ ۽ ماڻهن جي اصلاح ڪر!“ پوءِ زرداشتر ماڻهن کي خدا پرستي (مزديسنا) سيکاري ۽ مختلف ديوتائن مثال طور: هراناهيد ۽ هوم (شراب) جي پرستش کان روڪيو ۽ ٻڌايو ته گهڻا خدا نه پر هڪ قادر هرمز خدا آهي. داريوش پهرين (سائرس) ان مذهب کي مڃي بت پرستي ۽ گهڻن ديوتائن جي پرستش کي ختم ڪرڻ جو عهد ڪيو.
گهڻو پوءِ قديم مجوسي ثنويت وري اڀري آئي ۽ هرمز کي خير جو خالق ۽ اهرمن کي شر جو خالق مڃيو ويو. هرمز نور آهي ۽ آسمان تي آهي. اهرمن ظلم آهي ۽ زمين تي آهي.

[b]اوستا يا دين جي تعليم (قانون)
[/b] خدا هڪ آهي، هو سٺو روح (اهورامزدا) آهي. سڀني کي خدا پرستي جُڳاءِ ۽ هرمز کي مڃي بري روح يعني شيطان کي شڪست ڏئي دنيا مان اونداهيءَ کي ختم ڪري ۽ روشني آڻي. نيڪ فڪر، نيڪ گفتار ۽ نيڪ ڪردار کي هميشه ياد رکڻ گهرجي. دشمن کي دوست بڻائڻ ۽ بد کي نيڪ بڻائڻ، جاهل کي علم ڏيڻ هر خدا پرست جو فرض آهي. سڀ کان وڏي نيڪي تقويٰ آهي، ان کانپوءِ ديانتداري.
موت کانپوءِ زندگي يقيني آهي، ان ڪري روح لافاني آهي. هرمز جي فتح ۽ اهرمن جي شڪست کانپوءِ هيءَ دنيا جنت بڻجي ويندي ۽ موت جو وجود نه هوندو. دائمي مسرت هوندي ۽ هرمز جا پيروڪار جنت ۾ ۽ اهرمن جا حمايتي جهنم ۾ هوندا ۽ پنهنجي اعمالن جي سزا ڪاٽڻ کانپوءِ ان لائق ٿي سگهندا ته جنت ڏانهن وڃڻ واري پل تان گذري سُريلي سرزمين تي پهچي وڃن.

[b]اوستا سان هٿ چراند:
[/b] خدا پرستيءَ جي قانون ۾ تحريف يا هٿچراند ڪرڻ واري جماعت زرتشتين ۾ پيدا ٿي وئي ۽ برهمڻن ۽ يهودين وانگر هُنن پروهتي ۽ قرباني ڪرڻ جي طريقن کي صرف دستورن تائين محدود ڪري ڇڏيو. ايتري قدر جو هڪ اهڙي ذات (برادري) وجود ۾ اچي ويئي جو ان کان علاوه ٻيو ڪوبه مذهبي پيشوا نه پيو ٿي سگهي. آهستي آهستي هرمز جي نور پرستي وري آتش پرستيءَ جي شڪل اختيار ڪئي ۽ عوام ديوتائن کي قرباني ۽ نذرانن ذريعي خوش ڪرڻ سکي ورتو. سحر ۽ جادو به رائج ٿي ويو، پاڻ زرتشت ديوين، ديوپرستن ۽ جادو ڪرڻ وارن تي لعنت وڌي هئي (لينائي 13 -4 ) ۽ ونديداد جي تعليم به اها ئي آهي ته ”ديو پري هجي ۽ خدا ويجهو هجي.“
زرتشت چيو :
جڏهن مان توکي ملي ويس ته تو پنهنجي ڳولا ختم ڪري ڇڏي. سڀ معتقد ائين ئي ڪندا آهن، اهڙي نموني سڀ اعتقاد غير اهم آهن. هاڻي مان توکي حڪم ڏيان ٿو ته مونکي وڃائي پاڻ کي ڳول ۽ جڏهن توهان سڀ مونکي ڌڪاري ڇڏيندا ته آءٌ توهان ڏانهن واپس ايندس.

[b]بنيادي نظريو
[/b]1 . خدا نور جي سلطنت ۽ شيطان ظلمت جي سلطنت جو حڪمران آهي.
2 . سٺائي، نيڪي ۽ بهترين شيءِ پاڪيزگي آهي.
3 . سٺن قولن ۽ فعلن وارا جنت ۾، جڏهن ته برن قولن ۽ فعلن وارا جهنم ۾ ويندا.
4 . انسان جي لاءِ سڀ سٺيون ۽ فائدي واريون شيون اهورامزدا (خدا) جون تخليق ڪيل آهن.
5 . نور، سٺا خيال، پاڪبازي، اختيار، ڪرم، رحم ۽ لافانيت اهورامزدا جون خاصيتون آهن.

[b]زرتشتي دين جا صحيفا
[/b] زرتشت جي دين جا ”زند اوستا“ سڏجندڙ صحيفا ٽن حصن تي ٻڌل آهن:
1 . ونديداد : قديم دور جي مذهبي قانونن ۽ ديومالائي ڪهاڻين جو مجموعو.
2 . وسپراد : قربانين جي لاءِ عبادت جو مجموعو.
3 . لينا ئي: ان ۾ پنج عبادتون ۽ پنج گاٿا ڀڄن يا حمديه گيت شامل آهن. هيءَ گاٿا قديم زبان ۾ لکي وئي جيڪا اوستا جي زبان کان به قديم آهي.
4 . آندادات: آندادات ۾ زرتشت ۽ اهورامزدا جي وچ ۾ سڌيءَ ريت ٿيل ڳالهه ٻول شامل آهي.

ڪنفيوشس

ڪنفيوشس 552 ق-م ۾ ڄائو ۽ 479 ق-م ۾ فوت ٿيو. ڪافي ڪتاب ڪنفيوشس سان منسوب ڪيا ويندا آهن پر کوجنا سان پتو پيو آهي ته صرف ” گلدسته تحرير“ ئي اهڙو ڪتاب آهي جيڪو ڪنفيوشس جي خيالن کي بهتر نموني پيش ڪري ٿو، جنهن کي آڏو رکي سندس شاگردن وفات کانپوءِ چونڊ لکڻيون سهيڙيون.
ڪنفيوشس چيني تاريخ جي اهم ترين شخصيت آهي. هن جو خانداني نالو Kongi (Kung) ۽ ڏنل نالو (Chiu) Qui آهي. هن جي والده بيحد ذهين ۽ سمجهدار هئي، جنهن هن جي پرورش تي گهڻو ڌيان ڏنو. هن قبرستان جي ڀر مان لڏي مدرسي ويجهو رهائش اختيار ڪئي، جنهن سان ڪنفيوشس ۾علم حاصل ڪرڻ جي طلب پيدا ٿي ۽ پندرهن ورهين جي عمر ۾ هن دانشور بڻجڻ جي ڪوشش شروع ڪئي. ٽن ورهين جي عمر ۾ هن جو پيءُ وفات ڪري ويو هو، ان ڪري سندس پرورش انتهائي غربت ۾ ٿي هئي. شاديءَ کانپوءِ هن کي انصاف واري اداري جي سربراه جي حيثيت ۾ مقرر ڪيو ويو.
ڪنفيوشس جي دور ۾ چين ۾ گهڻو خلفشار هو. ننڍين ننڍين جاگيرن تي ٻڌ جاگيردار زوري قبضا ڪري رهيا هئا. ڪنفيوشس پاڻ به هڪ ننڍڙي رياست ۾ پيدا ٿيو هو. هن پنهنجي باري ۾ لکيو آهي ته:
”پندرهن ورهين جي عمر ۾ منهنجو ذهن تعليم ڏانهن مائل ٿيو، ٽيهن ورهين جي عمر ۾مون جيڪو ڪجهه حاصل ڪيو هو، ان تي منهنجو پختو يقين ٿي ويو. چاليهن ورهين جي عمر ۾ خدا جا حڪم معلوم ٿيا. سٺ ورهين جي عمر ۾ منهنجا ڪن حققيت ۽ صداقت جي آواز تي لبيڪ چوڻ لاءِ هر پل تيار رهندا هئا. ستر ورهين جي عمر ۾ مان پنهنجي دل جي هر خواهش تي عمل ڪرڻ ڏانهن مائل هوس، ڇو ته هاڻي مونکان ڪوبه اهڙو عمل نه پيو ٿي سگهي جيڪو انساني قدرن جي خلاف هجي.“
ان ننڍڙي بيان سان گهٽ ۾ گهٽ ايتري وضاحت ته ٿي وڃي ٿي ته ڪنفيوشس تي ٻين قديم مصلحن وانگر وحي ايندي رهي ۽ ان جي روشنيءَ ۾ هن پنهنجا اخلاقي اصول جوڙيا جيڪي سندس قوم کي مشعل راهه جو ڪم ڏيندا رهيا.
عام طور چيو ويندو آهي ۽ هن جي پنهنجي لفظن ۾ ڪنهن حد تائين ان جي تائيد ٿئي ٿي ته هو صرف قديم روايتن جو محافظ ۽ انهن کي جيئرو ڪرڻ وارو هو ۽ هُن جو مقصد اهو ئي هو ته هو پنهنجي زماني ۾ انهن روايتن جي روشنيءَ ۾ قديم اميرن ۽ حڪمرانن آڏو بهتر زندگيءَ جو تصور پيش ڪري.
قديم چين ۾ توحيد جو تصور گهڻو واضح هو ۽ واحد خدا جي لاءِ جيڪي لفظ استعمال ٿيندا رهيا انهن سان خدا جي ربوبيت ۽ حاڪميت جو تصور بلڪل واضح ٿيندو هو. فرشتن جي وجود تي وڌيڪ زور ڏنو ويندو هو ۽ موت کانپوءِ جي زندگيءَ تي پڪو ويساهه هو، جيڪو اڃا تائين مختلف شڪلين ۾ موجود آهي، پر وقت سان گڏ مشرڪانه رسمن جي آميزش سان توحيدي تصورن ۾ تبديلي پيدا ٿي وئي ۽ فرشتن بيشمار ديوتائن جي شڪل اختيار ڪري ورتي ۽ زندگيءَ کانپوءِ موت واري تصور پنهنجي وڏڙن جي پرستش جو رواج وڌو، پر ڪنفيوشس اهڙن مشرڪانه خيالن جو ڪڏهن ذڪر نه ڪيو ۽ هو انهن مابعدالطبعياتي نظرين سان ڪابه دلچسپي نه رکندو هو. هڪ دفعي روح جي حرمت جي باري ۾ کانئس سوال ڪيو ويو ته هن جواب ڏنو ته ”جڏهن توهان زندهه انسانن جي خدمت ڪرڻ جي اهل نه آهيو ته انهن روحن جي خدمت توهان کان ڪيئن ٿي سگهندي.“
موت جي حقيقت جي باري ۾ سوال ڪيو ويو ته هن جواب ڏنو ته ”جڏهن توهان زندگيءَ جي حقيقت کان آگاهه نه آهيو ته موت جي نوعيت کان ڪيئن واقف ٿي سگهو ٿا.“
هڪ شاگرد جرئت ڪري کانئس سوال ڪيو ته ”جڏهن روحن جي آڏو تحفا ۽ نذرانا پيش ڪريون ٿا ته ان جو انهن روحن کي علم هوندو آهي يا نه؟“
ڪنفيوشس جواب ڏنو ته ”جيڪڏهن مان چوان ته اهو روح ڄاڻن ٿا ته مونکي خدشو آهي ته ماڻهو انهن رسمن جي ادائيگيءَ ۾ ايڏو اهتمام ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا جو سندن مالي حالت ڪمزور ٿي ويندي. جيڪڏهن مان چوان نه، ته شايد بداخلاق ماڻهو پنهنجي والدين کي مرڻ کانپوءِ دفن ئي نه ڪن! توهان کي اهو ڄاڻڻ جي ضرورت نه آهي. اهو مسئلو اهم نه آهي. بعد ۾ توهان پنهنجو پاڻ ان معاملي کان واقف ٿي ويندو.“
ان جي مطلب اهو نه آهي ته ڪنفيوشس روح جي بقا يا خدا جي وجود جو منڪر هو. هن وضاحت سان بيان ڪيو آهي ته انساني جسم موت کان پوءِ فنا ٿي ويندو آهي پر روح هميشه قائم رهندو آهي. هو چوي ٿو ته ”خدا جي بخشش ۽ رحمت جو ڏيک اسان کي هر جڳهه تي نظر اچي ٿو، اسان ان کي ڏسڻ چاهيندا آهيون پر هو نظر نه ايندو آهي. اسان هن جو آواز ٻڌڻ چاهيندا آهيون پر ڪجهه ٻڌڻ ۾ نه ايندو آهي. ان جي باوجود هو سڀني ۾ موجود آهي ۽ ان کانسواءِ ڪجهه به ڪونهي. ٻوڏ جي پاڻيءَ وانگر هو پنهنجي عبادت گذار بندن جي مٿان ۽ هر پاسي موجود آهي“
اهو ئي فڪر ڪونهي. مهاتما ٻڌ وٽ به موجود هو. هو خدا، روح جي بقا ۽ موت کانپوءِ زندگيءَ جو منڪر نه هو پر ڪنفيوشس وانگر انهن عقيدن تي بحث مباحثي جو قائل نه هو. گوتم ٻڌ جو فڪر چارواڪ جي سوفسطائي فرقي جي خلاف ردعمل هو. انڪري ناممڪن هو ته چارواڪ جي عقيدن کي اپنائي. چارواڪ واضح طور خدا، روح جي بقا، موت کانپوءِ زندگي ۽ الهام جو منڪر هو. جيڪڏهن اهي ئي عقيدا گوتم ٻڌ جا هئا ته ٻنهي ۾ فرق ڪهڙو هو؟ چارواڪ مسرت حاصل ڪرڻ لاءِ شراب ۽ عورت کي عام ڪيو هوڏانهن ڀڪشو بڻجڻ وقت منشيات ۽ زناڪاريءَ کان پرهيز لازمي هئي. ان مان پتو پوي ٿو ته گوتم جي خاموشي يا انهن عقيدن تي وضاحت سان بحث مباحثو نه ڪرڻ، انهن عقيدن جي انڪار برابر نه آهي. اهو ئي سبب آهي جو مهايان ۽ نهايان فرقن ۾ انهن عقيدن جي هاڪار موجود آهي، اهو انهن فرقن جو هٿ ٺوڪيو عمل نه هو پر ان جو ٻج گوتم ٻڌ جي فڪر ۾ موجود هو)
اها هڪ عجيب ڳالهه آهي ته ڪنفيوشس موسيقيءَ جو زبردست چاهڪ هو. هن موسيقيءَ جي تعليم جي لاءِ پري پري تائين سفر ڪيو. هو موسيقيءَ کي روحاني عبادت سمجهندو هو، ان مان پتو پوي ٿو ته ڪنفيوشس وٽ موسيقي فقط ذاتي جذبن جي تسڪين جو ذريعو نه هئي، بلڪه سندس ذهني ۽ اخلاقي زندگيءَ جي لاءِ هڪ اهم قوت هئي جيڪا انسان جي دل جي تارن کي بيدار ڪري کيس دنيا جي اصلاح لاءِ تيار ڪندي هئي ۽ اهو ئي مقصد هو جنهن جي لاءِ ڪنفيوشس پنهنجي سموري سگهه ڪم آندي، تنهن ڪري سندس اخلاقي فلسفي ۾ان فن جي خاص اهميت آهي.
مسلمان صوفي جيئن امير خسرو ان فن جو زبردست ماهر هو. قوالي وغيره جي صورت ۾ موسيقي ٻڌي ويندي آهي پر خشڪ ذهن ملان ان جي خلاف آهن.
ڪنفيوشس جي پيدائش وقت چين تي ”چو“ خاندان جي حڪومت هئي. مرڪز جي ڪمزوريءَ جي ڪري ملڪ نيم خودمختيار رياستن ۾ ورهايل هو. هر رياست ٻي رياست جي خلاف هئي ۽ اهي پاڻ ۾ وڙهنديون رهنديون هيون. مسلسل جنگين جي ڪري سڄي ملڪ جي معاشي حالت خراب هئي. امير عياشين ۽ سازشن ۾ رڌل هئا. جاگيرداري نظام جي ظلم ۽ استحصال ۾ عوام کي چيڀاٽيو پئي ويو. قديم روايتون ۽ اخلاقي قدر پنهنجي اهميت وڃائي چڪا هئا. ماڻهن جي آڏو نه ڪي نظريا هئا، نه اصول، جن جي روشنيءَ ۾ پنهنجي تباهه ٿيل حالت کي درست ڪري سگهن.
اهڙين بدترين حالتن ۾ ڪنفيوشس سڌاري جو بار پنهنجي ڪلهن تي کنيو ۽ قوم ۾ زندگي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪجهه اخلاقي اصول جوڙيا ۽ قديم روايتن ۽ عقيدن جو ذخيرو نئين نموني ترتيب ڏنو. سندس اصلاحي تحريڪ جو نمايان پهلو هيءُ هو ته هُن پنهنجي سموري تعليم جو بنياد انهن اخلاقي اصولن تي رکيو جيڪي چائو خاندان جي شروعاتي بادشاهن جوڙيا هئا جنهن جي روشني ۾ هُنن ملڪ کي هڪ مستحڪم حڪومتي نظام ۽ اقتصادي ۽ معاشرتي خوشحالي بخشي هئي. انڪري ئي ڪنفيوشس چوندو هو ته منهنجي تعليم ڪابه نئين تعليم نه آهي ۽ نه وري آءٌ نئون اخلاقي نظام پيش ڪرڻ جو دعويدار آهيان پر اها ڳالهه به صحيح آهي ته پراڻن خيالن ۽ نظام کي ساڳئي شڪل ۾ پيش نٿو ڪري سگهجي البته انهن مان زماني جي حالتن ۽ ذهني مزاج سان مطابقت رکندڙ قدرن کي پيش ڪيو وڃي، تيستائين ڪنهن حرڪت ۽ اصلاح جي توقع نٿي ڪري سگهجي. ”پراڻي شراب کي نين بوتلن ۾ پيش ڪرڻ“ وارو اهو ڪارنامو ڪنفيوشس جي سڄي زندگيءَ جو نچوڙ هو. جيڪڏهن غور سان ڏٺو وڃي ته ڪيتريون ئي قديم تهذيبون ۽قومون صرف اهڙيون شخصيتون پيدا نه ڪرڻ سببان ڌرتيءَ تان ميسارجي ويون ڇاڪاڻ ته اهي بنيادي ۽ ازلي حقيقتن کي زماني جي بدليل حالتن سان ٺهڪائي پيش نه ڪري سگهيون. ڪنفيوشس جي خيال ۾ وڏڙن جي تعليم ايتري اهم ۽ جامع آهي جو ان جي مطالعي مان ڪڏهن نٿو ٿڪجي. روحاني دولت جو اڻ مٽ خزانو ان ۾ موجود آهي، سواءِ خاص حالتن جي هن ڪڏهن به جديد نظريا يا تصور پيش ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي.
ڪنفيوشس جي زندگيءَ جو پهريون دور 530 ق-م ۾ ختم ٿي وڃي ٿو جڏهن سندس جسماني ۽ روحاني قوتن جي شهرت ٻڌي لو رياست جي حڪمران کيس اناج جي ذخيرن ۽سرڪاري زمينن جو محافظ مقرر ڪيو. هن پنهنجو فرض ايتري بهتر نموني نڀايو جو حڪمرانن کان وٺي عوام تائين سڀ ان مان خوش هئا. ڪنفيوشس جي زندگيءَ جو عملي تجربو هو جنهن ۾ هن پنهنجي اخلاقي اصولن تي عمل ڪري ماڻهن تي ان جي حقانيت ۽ فائدو واضح ڪيو.
هن جي زندگيءَ جو ٻيو دور (530 کان 501ق-م) پهرين دور کان مختلف هو، هاڻي هن عملي زندگي ترڪ ڪري پنهنجي اصولن جي تبليغ شروع ڪئي. ٿوري ئي عرصي ۾ هن جي چوڌاري شاگردن ۽ همدردن جو هڪ وسيع حلقو گڏ ٿي ويو. ڪنفيوشس به ارسطو وانگر گهمندي ڦرندي، هر حالت ۽ هر وقت پنهنجي اصولن جي تبليغ ڪندو رهندو هو. سندس حلقي ۾ شامل ٿيڻ کان اڳ ڪو شرط وغيره قبولڻ ضروري نه هو. هن پاڻ چيو هو ته: ”منهنجو تعلق ڪنهن فرد يا گروهه سان نه آهي، منهنجي نظر ۾ اولهه، اوڀر، ڏکڻ ۽ اتر جا سڀ ماڻهو هڪجهڙا آهن.“
ڪنفيوشس جي ذهن ۾ هڪ مڪمل رياست جو تصور هو، جنهن کي هُن چاهيو ٿي ته ڪو ملڪ اختيار ڪري عملي جامو پهرائي. هو هر رياست ۾ ويو پر ڪنهن هن کي قبول نه ڪيو، ايستائين جو رياست لو جيڪا هن جي وڏي مداح هئي، اُن به انهي تصور کي نه اپنايو. ان ناڪاميءَ کانپوءِ هن هڪ مدرسو قائم ڪيو ۽ ان ۾ هو گهڻو ڪامياب ويو. ماڻهو هن جي ثابت قدمي، ايمانداري، خاص ڪري خوشگوار طبيعت ۽ سڌارڪ ڪردار کان متاثر هئا. ٽي هزار ماڻهو هن جي نگرانيءَ ۾ مطالعو ڪرڻ ايندا هئا جن مان ستر کان وڌيڪ ماڻهو مشهور دانشور بڻيا. هن جي پيروڪارن نسل در نسل سڄي ملڪ ۾ هن جي خيالن جي اشاعت ڪئي. نيٺ ٻي صدي عيسويءَ جي هان خاندان جي دور ۾ ڪنفيوشس جي خيالن کي قومي نظرئي طور قبوليت ملي ۽ هن کي حڪيم يا استاد جي حيثيت ڏني وئي. هن جا فلسفيانه خيال صرف روايتي طور چينين کي ئي نه، ٻين ايشيائي ملڪن جيئن جپان، ڪوريا ۽ سنگاپور وغيره ۾ پڙهايا وڃڻ لڳا.
ڪنفيوشس جي فلسفي ۾ بنيادي نظرئي کي چيني ٻوليءَ ۾ Jen يا Ren چون ٿا. جڏهن فان چي (Fan Chih) کان Ren جي معنيٰ پڇي وئي ته هن چيو ”انسان سان محبت“ اها محبت رومانوي معنيٰ ۾ نه پر خدا سان محبت ۽ خدا جي بندن سان محبت آهي. ڪنفيوشس جي فلسفي ۾ ڪيترا ئي ٻيا بنيادي تصور به موجود آهن جيئن پٽ جي سعادت مندي (Hsi نظرئيAo Zhong) والدين جي لاءِ تربيت يافته احساس ۽ برادرانه محبت يا عزت (Ti)، پنهنجي ساٿين جي لاءِ تربيت يافته احساس (Di)، فرمانبرداري Zhong(Chung) پاڻ کان بدتر ماڻهن، حڪمرانن، شهنشاهن، آجرن يا وطن جي لاءِ تربيت يافته احساس (Li)، رسم، رواج ۽ آداب، معاشرتي رويا جن جي ذريعي ڪو ماڻهو پنهنجي تربيت يافته احساسن جو اظهار ڪري ٿو.
Yi = راستبازي يا موزون ڪردار، تربيت يافته احساسن کي صحيح وقت ۽ صحيح جڳهه تي ظاهر ڪرڻ جي عادت.
اعليٰ يا ڪامل شخصيت Junzi (ChunIzu) جنهن ۾ تربيت يافته احساس ترقيءَ جي اعليٰ ترين منزل تائين پهتل هجن.
جديد چين جو هڪ ناليوارو فلاسافر پروفيسر ليانگ سو منگ (Liang sou-Ming) پنهنجي شاهڪار ڪتاب ”اولهه ۽ اوڀر جون تهذيبون ۽ سندن فلسفا “ ۾ Ren جي تعريف ”وجدان“ ڪري ٿو. Ren بطور وجدان هڪ قسم جي اخلاقي بصيرت آهي جيڪا زندگيءَ جي منظر جي هڪ قابل قدر سچائي مهيا ڪرڻ واري اخلاقي تربيت ۽ زندگيءَ جي تجربي جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندي آهي. اهو وجدان Li تي عمل ڪرڻ، علم حاصل ڪرڻ ۽ Yi جي مفهوم جي نشو و نما ذريعي تربيت يافته ٿيندو آهي.
Ren جي ذريعي تنظيم يافته ڪردار اخلاقي ضابطي ۾ مثالي تعليم ۽ تربيت مقصد آهي، پر اهو مقصد ڪيئن حاصل ٿئي؟ ڪنفيوشس ٻڌائي ٿو ته Ren جي آگهي تائين وٺي وڃڻ وارو قابل تعريف عمل Li تي عمل ڪرڻ آهي. Li جو ترجمو رسم و رواج، معاشرتي آداب، اجتماعي روايتون، انڪساري، سٺو رويو ۽ نوڙت وغيره ڪيو ويندو آهي. پنهنجي وسيع مفهوم ۾ هيءُ اصطلاح سمورن اخلاقي ضابطن ۽ سماجي روايتن تي ٻڌل آهي. اصل ۾ Li هڪ هدايتي وظيفي تي جڙيل آهي، جنهن ۾ بزرگن کي تربيت ڏيڻ ۽ معاشرتي نظم برقرار رکڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.
Li جو اصل مقصد جيڪڏهن هڪ معاشرتي ۽ اخلاقي ضابطو جوڙڻ آهي ته اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو Li اخلاقي ضابطن ۽ معاشرتي روايتن جي لاءِ هڪ اصطلاح آهي. ان لاءِ Li تي عمل صرف انفراديت نه آهي. ڪنفيوشس چيو آهي ته ”پاڻ کي قائم رکڻ لاءِ ٻين کي قائم رکڻو پوندو آهي.“ ڪنفيوشس جي خيال ۾ مڪمل طور تربيت يافته فرد بڻجڻ لاءِ توهان کي معاشري ۾ ڏيڻ وٺڻ جي عمل مان گذرڻو پوندو آهي يعني انفراديت ۽ سماجيت هڪ عمل جا ٻه پهلو آهن. اهڙي نموني Li تي عمل ڪرڻ Ren جي آگهي حاصل ڪرڻ واري راهه آهي. Li ۽ Ren ذريعن ۽ مقصد جو هڪ مضبوط تعلق جوڙين ٿا. ان جي معنيٰ هيءَ آهي ته فرد معاشري کانسواءِ ڪجهه به نه آهي. فرد جي اخلاقي تڪميل معاشري ۾ ئي ٿئي ٿي يعني ڪنفيوشس ذات جي تڪميل جي لاءِ رهبانيت کي تسليم نٿو ڪري ۽ اهو ئي سڌارڪ نظريو آهي. ياد رهي ته Li جامد اصولن جو مجموعو نه آهي پر ڪنفيوشس Li کي وقت به وقت تبديل ٿيندڙ ٻڌايو آهي.
ڇاڪاڻ ته سمورن تعلقات ۽ موقعن لاءِ صرف هڪ ئي Li موجود نه آهي انڪري Li اپنائڻ ۾ هڪ اعليٰ اصول لاڳو هوندو ۽ اهو اصول Yi چئجي ٿو جنهن جو ترجمو راستبازي يا موزون ڪردار ڪيو ويو آهي. اعليٰ شخص Yi کان باخبر ۽ باشعور هوندو آهي جڏهن ته ڪمينو ماڻهو مفادن جي پَٽ کوهه ۾ لڳل هوندو آهي. اهڙي نموني Yi عقليت يا اخلاقي استدلال جو اصول آهي. Yi اخلاقي اعتبار کان فائدي کان مٿانهون آهي يعني هر اهو ڪم جيڪو فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيو وڃي اهو Yi نه آهي. ٻين لفظن ۾ Yi هڪ بي لوث عمل آهي. گيتا اهڙي عمل کي ”نشڪاماڪرما“ نالو ڏنو آهي. Li کي حاصل ڪرڻ لاءِ Yi تي عمل لازمي آهي.

[b]ڪنفيوشس جو سڀ کان اهم موضوع :
[/b] ڪنفيوشس جي پيغام جو سڀ کان اهم موضوع حڪومت ڪرڻ آهي. سندس خيال ۾ عام بادشاهه غيرضروري، پيچيده ۽ پابند ڪرڻ وارن قانونن يا ضابطن سان ملڪ تي حڪمراني ڪري ٿو، جڏهن ته صحيح بادشاهه يا حڪمران قانون يا قوت جي بدران اخلاقيات جي مدد سان حڪومت ڪندو آهي، جيئن قطب تارو، جيڪو پنهنجي جاءِ تي اٽل ٻين ستارن ۾ گهريل هوندو آهي. اهو مثال انتهائي اهم آهي، ان سان ٻه نقطا آڏو اچن ٿا: (1 ) ڏاهو يا دانائ حڪمران قانون ۽ خوف بدران اخلاقيات جي مدد سان حڪومت ڪندو آهي.(2 ) حڪمران پاڻ کي مثالي نمونو بڻائي پنهنجي مقام تي قائم رهي رعايا جي لاءِ تقليد جي قابل بڻجي حڪومت ڪندو آهي. هاڻي اهم سوال هي آهن. پهريون : اخلاقيات سان حڪومت ڪرڻ جو مطلب ڇا آهي؟ ٻيو : مثالي نمونو بڻجي حڪومت ڪرڻ ڪيئن ممڪن آهي؟
اها ڳالهه ذهن ۾ رهڻ گهرجي ته ڪنفيوشس واري اخلاقيات جو اخلاقي ضابطو Ren آهي، جنهن جو بنيادي مطلب ماڻهن سان محبت ڪرڻ آهي. اهڙي نموني Ren جي سياست ڪنفيوشس جي حڪومتي نظرئي جو مرڪز آهي. عدم تشدد واري حڪومت ۾ موت جي سزا نالي ماتر هوندي آهي. ڪنهن ماڻهو ڪنفيوشس کان پڇيو ته ڇا برن ماڻهن کي قتل ڪرڻ جائز ٿيندو؟ هن جواب ڏنو ته” تنهنجي حڪومت ۾ موت جي سزا جي ضرورت ڇو ٿي پوي؟ جيڪڏهن تون پنهنجو ذهن اخلاقيات ڏانهن ڪرين ته تنهنجا ماڻهو به اخلاقي ٿي ويندا. حڪمران جو ڪردار هوا وانگر ۽ ماڻهن جو ڪردار گاهه وانگر آهي، هوا گُهلڻ تي گاهه جهڪي ويندو آهي.“
ان مان ٻه ڳالهيون آڏو اچن ٿيون. پهرين اها ته Ren جي حڪومت غلطڪار ماڻهن جي لاءِ سخت سزائن تي اصرار نٿي ڪري. ٻيو اهو ته هوا ۽ گاهه جو مثال سمجهائي ٿو ته ماڻهن جي لاءِ مثالي نمونو بڻجي حڪومت ڪرڻ وارو حڪمران سخت قانونن تحت حڪومت ڪرڻ واري حڪمران کان وڌيڪ موثر هوندو. ٻين لفظن ۾ ڪنفيوشس مطابق حڪومت جو صحيح طريقو قانون سازي ۽ قانون لاڳو ڪرڻ نه پر ماڻهن جي اخلاقي تربيت جي نگراني ڪري حڪومت ڪرڻ آهي.
ڪنفيوشس جي نظر ۾ اخلاقي تربيت جو عمل گهر کان شروع ٿيڻ گهرجي يعني پٽ واري سعادتمندي ۽ ڀائپيءَ واري محبت سان. ڪنفيوشس Li تي عمل ڪرڻ لاءِ زور ڏيڻ کان علاوه موسيقي ۽ ادب کي به اخلاقي تربيت ۾ مددگار ڄاڻايو آهي.
هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ماڻهو جيڪڏهن حڪمران جي قائم ڪيل مثال کي نظر انداز ڪري ڇڏين ۽ Li جون حدون اورانگهي وڃن (جيئن تاريخ ۾ عام طور ٿيندو رهيو آهي ۽ اڄ به ٿئي پيو) ته پوءِ ڇا ڪيو وڃي. ڪنفيوشس ان جو علاج ثانوي انتخاب تجويز ڪيو آهي، يعني (Zhengming Chengming) جنهن جو لفظي ترجمو ”نالن جي اصلاح“ آهي. مثال: موسيقي کي وٺو. شاديءَ جي موسيقي کي جنازي ۾ هلائڻ بيهودگي هوندي يا ڪنهن جاگيردار جو اهڙي موسيقي کي اپنائڻ غلط آهي جيڪا ڪنهن شنهشاهه جي محل لاءِ ترتيب ڏني وئي هجي. وسيع تر مفهوم ۾ اهو نه صرف شين کي انهن ”نالن“ جي مطابق ترتيب ۾ رکڻ جو عمل آهي (يعني انهن جي فطرت مطابق) پر ڪنهن به قسم جي انفرادي طرز عمل ۽ رسمي دستور ۾ عقليت کي نافذ ڪرڻ به ضروري آهي. ٻين لفظن ۾ انسان کي اهڙا فرض ادا نه ڪرڻ گهرجن يا اهڙن حقن جي دعويٰ نه ڪرڻ گهرجي جيڪي ان جا نه هجن.
ڪنفيوشس وضاحت ڪئي ته جيستائين ڪو ماڻهو حڪومت ۾ ڪنهن عهدي تي نه هجي ته هو حڪومتي نظام ۾ دخل ڏيڻ جو حقدار نه آهي. ائين ئي جڏهن Chi جي ڊيوڪ ڪنفيوشس کان حڪمرانيءَ جي باري ۾ پڇيو ته ڪنفيوشس جواب ڏنو: ”آقا کي آقا، وزير کي وزير، پيءُ کي پيءُ ۽ پٽ کي پٽ ئي رهڻ ڏيو.“
زنگ منگ صرف غير منظم ۽ مثالي حڪومت جي فقدان ۾ ڪم ڏئي ٿو. ڪنفيوشس چيو آهي ته ”جيڪڏهن معاشرو اڍنگو نه هجي ته آءٌ ان کي سڌارڻ لاءِ پريشان نه ٿيان ها. اهو انتهائي مخلصانه اعتراض آهي.

[b]مثالي حڪومت ڇا آهي؟
[/b] ڪنفيوشس جي خيال ۾ Wuwei يعني غير سرگرميءَ واري حڪومت مثالي آهي پر غير سرگرم هئڻ جي معنيٰ ڇا آهي ۽ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته حڪومت غير سرگرم هجي؟ ان جو جواب اهو آهي ته اخلاقي تربيت جي لاءِ سگهاري بنيادي ڪم جي ذريعي اهو ممڪن آهي. اخلاقيات جي فضا قائم ڪرڻ کانسواءِ ڀلي اها حڪومت نقص ختم ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڪوششون ڇو نه ڪري، تشدد ۽ بدنظمي موجود رهندي. ڪنفيوشس ان جو سبب هيءُ ٻڌايو آهي:
”جيڪڏهن توهان سياسي طاقت سان ماڻهن جي اڳواڻي ڪئي ۽ قانون ۽ سزا سان کين پابند بڻايَوَ ته اهي قانون جي خلاف ورزي ڪرڻ کان ته پاسو ڪندا پر انهن ۾ شرم ۽ شرف جو ڪو احساس نه هوندو. جيڪڏهن توهان انهن جي اڳواڻي اخلاقيات سان ۽ رهنمائي Li سان ڪندا ته منجهن شرم ۽ شرف جو احساس پيدا ٿيندو ۽ اهي پنهنجو پاڻ نيڪيءَ لاءِ ڪم ڪندا.“
هيءُ انساني دل ۽ انسان جي اخلاقي فطرت کي اپيل ڪرڻ جو نظريو به آهي. جڏهن ماڻهو Ren (اخلاقيات) ۾ ترقي ڪري چڪا هجن ته ڏوهه، تشدد ۽ بي چيني کان پاڪ مثالي معاشرو پنهنجو پاڻ قائم ٿي ويندو، ڪتاب عظيم چوي ٿو ته ”جڏهن ذاتي زندگي تربيت يافته هوندي ته خاندان نظم و ضبط ۾ اچي ويندو، جڏهن خاندان نظم و ضبط ۾ اچي ويندو ته رياست منظم ٿيندي ۽ جڏهن رياست منظم هوندي ته سڄي دنيا ۾ امن ئي امن هوندو.“
اها ڳالهه ڪنفيوشس جي سياسي فلسفي ۾هيءُ بنيادي نڪتو پيش ڪري ٿي ته خود آگهي امن ڏانهن هڪ وک آهي. پرامن دنيا ئي ڪنفيوشس مت جو اصل مقصد آهي. شهنشاهت جي سموري عرصي ۾گهڻو وقت جنگيون جاري رهڻ جي باوجود اهو چيني ثقافتي روايت جو لاجواب تصور به آهي.

[b]ڪنفيوشس جي تعليم تي وڌيڪ روشني
[/b] ڪنفيوشس جي اخلاقي نظام ۾ پنج عقيدا نمايان حيثيت رکن ٿا:

[b]1 . انساني همدردي
[/b] سڀني معاملن ۾ پوءِ اهي خانداني هجن يا معاشرتي، انساني برادريءَ جو تصور بنيادي محرڪ طور ضروري آهي. ”سڄي دنيا جا انسان ڀائر آهن.“ ڪنفيوشس مختلف موقعن تي ان اصول جي تشريح ڪندي چيو آهي ته انسان اهو آهي جيڪو سڀني سان محبت ڪري. احسان اهو آهي ته ماڻهو ٻين سان اهڙو ئي سلوڪ ڪري جهڙي سلوڪ جي هو ٻين کان پنهنجي لاءِ توقع ڪري ٿو. ان اصول جو دارومدار پيءُ ماءُ جي فرمانبرداري ۽ سلوڪ تي آهي. جيڪڏهن ملڪ جي حڪمرانن ۾ اهو جذبو پيدا ٿي وڃي ته اهي پنهنجو پاڻ عام ماڻهن جا پالڻهار ٿي پوندا.

[b]2 . انصاف ۽ احساس:
[/b] جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ملڪ جي خدمت جي جذبي کان محروم آهي ته هو انسانيت جي درجي کان ڪريل آهي. حڪمرانن جو فرض آهي ته جيڪڏهن اهي عوام تي انهن جي حيثيت مطابق بار وجهن ته اهي خوشيءَ سان اطاعت ڪندا، نه ته مٿيون طبقو پنهنجي طاقت جي زور تي بغاوت ڪندو ۽ عوام ڌاڙن ۽ ڦرن تي لهي ايندو. نيڪيءَ کانسواءِ دولت ۽ عزت بيڪار شيون آهن.

[b]3 . حڪمت ۽ ڏاهپ :
[/b] ڪنفيوشس جي نظر ۾ صرف جسماني صفائي ۽ سٺو لباس دل جي پاڪيزگيءَ کانسواءِ بي ڪار شيون آهن. جيڪڏهن ڪو ماڻهو انساني همدرديءَ کان وانجهيل آهي ته هن جون سڀ نيڪ صفتون زائل ٿي وينديون آهن ۽ ان جو احتياط بزدلي ۽ ان جي جرئت نافرماني ۾ بدلجي ويندي آهي. ادب کانسواءِ انساني سيرت بيڪار آهي. علم هجي ته اهو انسان گهمراهيءَ کان محفوظ رهي ٿو.

[b]4 . علم:
[/b] انسانن جي باري ۾ علم سڀ کان اهم علم آهي. ننڍپڻ کان موت تائين اسان جو مختلف انسانن سان واسطو. ان ڪري ڪامياب زندگي گذارڻ جي لاءِ اهڙي علم جي ضرورت آهي. ڪامياب زندگيءَ جو معيار ڪنفيوشس جي نظر ۾ اهو آهي ته خاندان، حاڪم ۽محڪوم، معاشري جا فرد جيڪي ڪنهن نه ڪنهن حيثيت ۾ هڪٻئي سان جڙيل آهن، اهي سڀ پنهنجن پنهنجن حقن ۽ فرضن کان آگاه هجن ۽ انهن کي صحيح نموني ادا ڪندا رهن.
ڪنفيوشس چيو آهي ته جهڙي نموني هڪ مڇي سمنڊ جي تري ۾ وڃيو، اهڙي نموني نيڪ ماڻهو پنهنجي دل جي گهرائين ۾ لهي پاڻ کان پڇاڻو ڪري ٿو ۽ ان پڇاڻي کانپوءِ کيس اهڙي ڪا شيءِ نظر نٿي اچي جيڪا هن خدا جي رضا خلاف ڪئي هجي ته پوءِ کيس خوف ڪهڙي ڳالهه جو ٿيندو؟ هو کاڌو کائي ٿو پر بک جي لاءِ نه، هو گهر جوڙي ٿو پر آرام جي لاءِ نه، سندس هر فعل خدا جي رضا لاءِ آهي.
ڪنفيوشس جي خيال ۾ انسان صحيح علم ۽ غور و فڪر کانسواءِ نيڪي ڪرڻ چاهي ته اهو ناممڪن آهي ۽ علم حاصل ڪرڻ جيڪڏهن اصلاح لاءِ نه هجي ته بيڪار آهي. مطالعو غور ۽ تدبر کانسواءِ بي معنيٰ عمل آهي ۽ اهڙي طرح فڪر ۽ تدبر کانسواءِ مطالعو به خطرناڪ آهي. ڪنفيوشس هڪ ڀيري چيو هو ته مون ست ڏينهن نه ڪجهه کاڌو نه ڪي پيتو ۽ سڄي رات غور و فڪر ۾جاڳندي گذاريم پر نتيجو ڪجهه نه نڪتو. بهتر رستو اهو آهي ته مقدس ڪتابن جو مطالعو ڪيو وڃي ۽ غور فڪر به ڪيو وڃي. ڪاميابيءَ جو دارومدار هڪ تي نه، ٻنهي تي آهي. علم ۽ فڪر جو صحيح فائدو ان وقت ٿيندو، جڏهن انسان ۾ ان مطابق عمل ڪرڻ جي قوتِ ارادِي هجي.

[b]5 . خلوص :
[/b] ڪنفيوشس جي نظر ۾ خلوص نيڪيءَ جي لاءِ بنيادي اهميت رکي ٿو، ڇو ته ان کانسواءِ نه ته ذاتي زندگيءَ ۾۽ نه وري معاشرتي زندگيءَ ۾ هم آهنگي ۽ توازن پيدا ٿي سگهي ٿو. ڪنفيوشس جي اخلاقي نظام ۾ اعتدال پسندي ۽ وچٿري واٽ بنيادي حيثيت رکي ٿي. ان ۾ نه ته حد کان وڌيڪ نرم مزاجي ۽ انڪسار موجود آهي ۽ نه وري هن، دنيا کي رهبانيت جو سبق ڏنو آهي. هن جي خيال ۾ انسان صحيح ۽ نيڪ فطرت پيدا ٿيو آهي، انڪري نه ته هن کي پنهنجي اخلاق ۾ ڪفاري جي ضرورت آهي ۽ نه وري ڪنهن ابن الله جي جيڪو سڀني انسانن جي گناهن جو بار کڻي سگهي. هن هڪ دفعي پنهنجي باري ۾ چيو هو ته ”آءٌ صرف اهڙو انسان آهيان جنهن کان علم جي تحقيق ۾ کائڻ ۽ ڪاميابيءَ جي خوشيءَ ۾ پنهنجو ڏک وسري ويندو آهي.“
ڪنفيوشس توڙي جو مشرڪانه رسمن جي پيروي نه ڪئي ۽ نه ان جي تعليم ڏني پر موت کانپوءِ زندگي ۽ جزا سزا جي صحيح تصور بنا غلط طريقن جو مروج ٿيڻ يقيني ڳالهه آهي. ان جي ڪري ئي چين ۾ ڪنفيوشس جي اخلاقي نظام سان گڏ ٻڌ مت جي ڪاميابي ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿي ته ڪنفيوشس جي ڪوششن پوري نموني انسان جي روحاني ضرورتن کي پورو نٿي ڪيو.


[b]لائوزي سان ملاقات
[/b] لائوزي هڪ صوفي فلاسافر هو، جنهن کي رهبانيت گهڻو پسند هئي. سندس خيال ۾ ڪنفيوشس جي عملي زندگي بدترين قسم جي دنياداري هئي جنهن ۾ روحانيت جو نالو نشان نه هو. سندس راءِ ۾ صحيح روحانيت اها آهي ته انسان دنيا سان رشتو ٽوڙي سڀني انسانن کان بالاتر ٿي وڃي. لائوزي ۽ ڪنفيوشس جي ملاقات اصل ۾ ٻن نظرين جو ضد هو.
لائوزي ڪنفيوشس جي جدوجهد تي چٿر ڪئي ۽ چيو ته هو جن معاملن ۾ سڌاري جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، اهي ان قابل نه آهن جو انهن ڏانهن ڌيان ڏنو وڃي، ڇو ته دنيوي معاملا ماڻهوءَ کي روحانيت کان محروم ڪري ڇڏيندا آهن. قديم ڏاهن جو قول ۽ تعليم موجوده وقت ۾ ختم ٿي چڪي آهي. ڪنفيوشس جواب ڏنو ته آءٌ ٽيهن ورهين کان ان ڪوشش ۾ آهيان ته پنهنجي قوم کي ڇوٽڪاري جو رستو ڏيکاري سگهان، پر اڃا تائين ڪامياب نه ٿيو آهيان. ڪنفيوشس ان ناڪاميءَ کان دل برداشته نه ٿيو. هن جي خيال ۾ لائوزي جا نظريا زندگيءَ کان فرار ۽ ملڪ سان بي وفائي آهن.
اصل ۾ هڪ سڌارڪ ۽ صوفيءَ ۾ اهو ئي فرق هوندو آهي، مصلح معاشري جي اصلاح لاءِ تڪليفون برداشت ڪندو آهي ۽ صوفي معاشري جي ذميوارين کان منهن موڙي اڪيلائي ۾ خدا کي ياد ڪندو آهي.
ڪنفيوشس سفر دوران ڏٺو ته هڪ ڳوٺ جا ماڻهو فصل لڻڻ کانپوءِ خوشي ملهائي رهيا هئا. ڪنفيوشس کين نچندو ڳائيندو ڏسي گهڻو خوش ٿيو، پر ڪجهه ماڻهن کي زندگيءَ جو اهو دلچسپ پهلو پسند نه آيو ۽ هُنن چيو ته بهتر هو ته اهي ماڻهو خدا جو شڪر ادا ڪن ۽ سندس اڳيان سجدو ڪن ها. ڪنفيوشس کين چيو ته ”توهان غلطيءَ تي آهيو، ڇا توهان نٿا سمجهو ته انهن ماڻهن جي عمل ۾ شڪر ۽ عبادت ٻئي شامل آهن، اها ٻي ڳالهه آهي ته سندن انداز رسمي نه آهي. انهن ويچارن جي زندگي بي انتها مصيبتن ۽ پريشانين جي زندگي آهي ۽ يقيناً کين نچڻ ۽ ڳائڻ جو پورو حق حاصل آهي.“ اهو نج عوامي ۽ انساني نقطه نگاهه هو جيڪو صرف عظيم مصلح جي ذهن ۾ ئي اچي سگهي پيو. تنگ نظر ۽ تعصب واري ذهن ۾ اها ڳالهه نه پئي اچي سگهي. ان مان پتو پوي ٿو ته ڪنفيوشس جي نظر ۾ ڪائنات بي مقصد نه آهي ۽ ان کان فرار انساني نصب العين نه آهي. سندس سوچ مطابق انسان جو وجود ۽ معاشري جي جوڙجڪ فطري معاملا آهن، جن جي تهه ۾ ارادو ڪم ڪري رهيو آهي.
سفر ۾ هڪ ٻيو واقعو پيش آيو: هن ڪجهه ماڻهن کي شڪار ڪندي ڏٺو ته سفر ڇڏي شڪارين سان گڏجي شڪار ڪرڻ لڳو. هن جي شاگردن احتجاج ڪيو، انهن جي خيال ۾ هڪ مصلح يا ڏاهي لاءِ اهو مشغلو هن جي شان وٽان نه آهي. اخلاق جو اهو راهبانڻو نظريو آهي جنهن ۾ دنيا ۽ دنيا جي ڪمن لاءِ ڪا گنجائش نه هوندي آهي. عام طور اهو بلند ترين نظريو تصور ڪيو ويندو آهي. اڄ به ان نظرئي جا حامي هر ملڪ ۾ ملن ٿا پر ڪنفيوشس نه راهب هو ۽ نه اهڙي نموني جي اخلاقي نظرئي جو علمبردار هو. هن جي نظر ۾ انساني زندگي ۽ ان جا مسئلا، دنيا ۽ ان جون مصيبتون وڌيڪ اهم ۽ ڌيان طلب آهن. هن پنهنجي شاگردن کي جواب ڏنو ته دنيا جو هر فعل ۽ هر عمل هڪ دانائ ۽ مفڪر جي ذوق ۽ عمل جي دائري ۾ شامل آهي. ڇا شڪار جي لاءِ اها ڀڄ ڊڪ زندگيءَ جي نشاني نه آهي؟ شڪار ڪرڻ انسان جي شروعاتي زندگيءَ ۾ خوراڪ حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي فصلن ۽ گهرن کي جهنگ جي جانورن کان بچائڻ جو ذريعو به هو. ڪنفيوشس جي دور ۾ انسانن جي اڪثريت زراعت سان لاڳاپيل هئي ۽ فصل ۽ گهر اڄ وانگر محفوظ نه هئا. ان لاءِ شڪار ڪرڻ ۽ هر وقت چاڪ و چوبند رهڻ انتهائي ضروري هو ۽ مسئلي جي انهي پهلوءَ ٿي زور ڀرڻ لاءِ ڪنفيوشس اهو قدم کنيو هو.
ان سفر دوران ئي هُن، هڪ عورت کي قبر تي ويهي روئندي ڏٺو. خبر پئي ته سندس مڙس، ڀاءُ ۽ ڏير کي شينهن ماري وڌو هو.
ڪنفيوشس ان عورت کي چيو: ”تون اتي ڇو ويٺي آهين؟“ هن وراڻيو: ”هتي شينهن ته ايندو آهي پر ڪو جابر ۽ ظالم حڪمران نه آهي.“ ان تي ڪنفيوشس چيو ته عوام جي نظرن ۾ هڪ ظالم ۽ جابر حڪمران شينهن کان وڌيڪ خطرناڪ آهي.

[b]اشتراڪي معاشري جو جڙڻ
[/b] رياست لو جون حالتون اڃان وڌيڪ خراب ٿيون ته ڪنفيوشس کي گهرايو ويو، هن کي پهريان مئجسٽريٽ ۽ پوءِ زراعت جو وزير مقرر ڪيو ويو. ٿوري ئي عرصي ۾ ماڻهن جي حالت سڌرڻ لڳي. هن عوام جي حالت ڏانهن گهڻو ڌيان ڏنو ۽ حڪم ڏنو ته ڪوبه ماڻهو بکيو نه رهي. بازارن ۾ عورتن ۽ مردن جي گڏ گهمڻ تي بندش هنئي ويئي. اهڙي نموني چوري ۽ ٻيا ڏوهه گهٽجي ويا. قبرن جي لاءِ بي ڪار ۽ بنجر زمين جدا ڪئي وئي ته جيئن زراعت جي قابل زمين ضايع نه ٿئي. هن حڪم ڏنو ته قبرستان ۾ قبرن تي عاليشان مقبرا نه جوڙيا وڃن ۽ نه جهنگلا ۽ ڀتيون ڏنيون وڃن.

[b]منيشس (منگ ڏاهي) جو دور
[/b] منيشس ڪنفيوشس جو مشهور شاگرد ٿي گذريو آهي. هو، ڪنفيوشس جي وفات کان 180 ورهيه پوءِ پيدا ٿيو. هن جو چيني نالو منگ يعني منگ ڏاهو هو. ٽن ورهين جي عمر ۾ هن جي پيءُ وفات ڪئي، انڪري هن جي پرورش انتهائي غربت ۾ ٿي. منيشس جي والده صحيح معنيٰ ۾ هڪ اعليٰ سيرت ۽ ڪردار جي عورت هئي جنهن جي تربيت جي ڪري هو تمام جلد ملڪ جي عظيم مفڪرن ۽ رهنمائن ۾ ڳڻجڻ لڳو.
جڏهن هو جوان ٿيو ته چين جون حالتون تمام گهڻو بگڙي ويون هيون. خانه جنگي بي چيني ۽ مالي بحران پيدا ڪري ڇڏيو هو. ڪنهن ماڻهوءَ جي زندگي محفوظ نه هئي. امير غريبن جو خون چوسي رهيا هئا. غريب بک مري رهيا هئا. منيشس ڪنفيوشس جي مشهور شاگردن کان تعليم ۽ تربيت حاصل ڪئي هئي. هن ڪنفيوشس جي اصولن کي لاڳو ڪرڻ ۾ ئي ڪاميابي ڄاتي پر ڪنفيوشس جي تعليم گهڻو وقت اڳ غائب ٿي چڪي هئي. ان ڪم کي هن پنهنجي ذمي کنيو، انهن حالتن تي تبصرو ڪندي هن چيو ته ”ڏاها حڪمران هاڻي پيدا نه ٿيندا. رياستن ۽ حڪومتن جا والي پنهنجي خواهشن جا غلام آهن. عالم بي معنيٰ بحثن ۾ پنهنجو قيمتي وقت ضايع ڪري رهيا آهن.“ خود غرضيءَ تي تبصرو ڪندي هن چيو ته:
”سندن بورچيخانا چانهن ۽ گوشت سان ڀريا پيا آهن. انهن جا اصطبل گهوڙن سان ڀرپور آهن پر عوام بکون ڪاٽي رهيو آهي ۽ شهر کان ٻاهر هر جڳهه تي مرندڙ انسانن جا لاش نظر اچن ٿا. جيڪڏهن انهن جاهل عالمن جا نظريا ختم نه ڪيا ويا ۽ انهن جي جڳهه تي ڪنفيوشس جي اخلاقي نظام کي زندهه نه ڪيو ويو ته حقيقي محبت ۽ نيڪيءَ جو رواج ڪڏهن به نه پوندو.“
منيشس، ڪنفيوشس وارو طريقو ۽ لائحه عمل اختيار ڪيو، پر پتو پوي ٿو ته هن جا همعصر کانئس مطمئن نه هئا. اهي سڀ اعتراض نيڪي ۽ پرهيز گاريءَ جو نتيجو هئا. نيڪيءَ جو رهباني تصور جيڪو معاشري بجاءِ فرد تائين محدود آهي، زندگيءَ جي انڪار تي ٻڌل آهي. ان نظرئي خلاف ڪنفيوشس زبردست احتجاج ڪيو هو. منيشس ۽ ڪنفيوشس وٽ نيڪي ۽ پرهيزگاريءَ جي تقاضا اِها ئي هئي ته پنهنجي قوم جي سڀني ماڻهن کي ان نصيحت سان سرفراز ٿيڻ جو موقعو ڏئي.
ان زماني ۾ جڏهن عوامي حڪومت جو تصور به نه هو، تڏهن ماڻهن جي نظرن ۾ بادشاهه جي ذات ئي احترام لائق هئي. منيشس اعلان ڪيو ته معاشري ۾ سڀ کان اعليٰ ۽ قابل احترام درجو عوام کي حاصل آهي، جنهن جي آرام ۽ آسائش خاطر رياست ۽ سربراهه جي ضرورت هوندي آهي. جيڪڏهن بادشاهه يا والي انهن مقصدن کي پورو نه ڪري سگهن ته کين تخت تان هٽائڻ لازمي آهي، اهڙن بادشاهن يا حڪمرانن کي قتل به ڪيو وڃي ته اهو جائز آهي. اهو قتل ائين آهي جيئن ڪنهن چور يا ڌاڙيل کي قتل ڪيو وڃي. ان معاملي ۾ منيشس جو اهو عمل ڪنفيوشس کان مختلف آهي، ڇو ته ڪنفيوشس مطابق اهڙي بادشاهه يا حڪمران جي لاءِ سواءِ نصيحت ۽ هدايت جي ڪو حل نه هو.
هڪ رياست جي والي منيشس کي چيو ته حالتون خراب آهن، ٺيڪ ڪيئن ٿين؟ هن چيو ”منهنجي خيال ۾ هر ماڻهوءَ وٽ گهٽ ۾ گهٽ پنج ايڪڙ زمين هجي، جنهن ۾ شهتوت جا وڻ هڻي سگهي ته جيئن وڏڙن کي ريشمي ڪپڙو ملي سگهي. اهڙي نموني هو پالتو جانور به رکي سگهن ۽ غريبن کي گوشت کائڻ به نصيب ٿئي. جيڪڏهن ان نموني جو نظام قائم ٿي وڃي ته اٺن گهر ڀاتين تي ٻڌل خاندان جو سٺي نموني گذارو ٿي سگهي ٿو. مڪتبن ۾ تعليم جو نظام اهڙو هئڻ گهرجي جيئن هر ماڻهو ان مان فائدو حاصل ڪري سگهي. ٻار پنهنجي والدين جي خدمت ڪرڻ نه وسارين، جنهن جو نتيجو هيءُ ٿيندو ته اڄ وانگر ايندڙ نسل ڪراڙن کي شهرن جي روڊن تي بار کڻندي ۽ مختلف قسم جي مشقت ڪندي نه ڏسندو. اهو ئي هڪ طريقو آهي جنهن سان شهر، ملڪ ۽ عوام جي خدمت ٿي سگهي ٿي ۽ اهو ئي صحيح ديني ۽ اخلاقي ڪم آهي.“

سقراط

سقراط ايٿنز جي هڪ محلي ايلو ۾ 469 ق- م ۾ پيدا ٿيو. هن جو پيءُ مجسما ساز سنگتراش هو ۽ ماءُ دائي هئي. پهرين زال جيڪا اعليٰ خاندان مان هئي، طاعون جي بيماريءَ ۾مري وئي. پوءِ پنجاهه ورهين جي عمر ۾ هُن زين ٿپي (Xanthippe) سان شادي ڪئي جنهن مان کيس ٽي پٽ ڄاوا.
ايٿنز ۽ اسپارٽا ۾ سدائين ڪشمڪش رهندي هئي. اهڙي هڪ جنگ ۾ جيڪا 1 3 4 ق- م ۾ ٿي، سقراط هڪ هٿياربند فوجيءَ جي حيثيت سان حصو ورتو. ان ڊگهي ويڙهاند دوران سقراط ٽن جنگي مهمن ۾ شرڪت ڪئي ۽ ٽنهي جنگين ۾ سقراط جي بهادريءَ کي ساراهيو ويو.

[b]حقيقت جي ڳولا جو سفر
[/b] نوجوانيءَ ۾ ئي سقراط جو رجحان انهن سوالن ڏانهن ٿي ويو هو جن جي لهر آئيوني فلسفي جي ڪري سموري يونان ۾ڦهلجي چڪي هئي. اهي سوال هي هئا:
1 . ڪائنات ڇو ۽ ڪيئن جڙي؟
2 . بنيادي سرچشمو ڪهڙو آهي؟
3 . شيون ان مان ڪيئن ظاهر ٿيون؟
افلاطون سقراط جي ئي لفظن ۾ بيان ڪيو آهي ته” جڏهن آءٌ نوجوان هوس ته فلسفي ڏانهن تمام گهڻو لاڙو هو. مونکي هر شيءِ جي سبب ڳولڻ جو گهڻو شوق هو ته اها ڪيئن وجود ۾ آئي، ڪيئن فنا ٿيندي ۽ ڇو باقي آهي؟
آءٌ اهڙيون ڳنڍيون کولڻ لاءِ سوچيندو رهندو هس پر تمام جلد مون ۾ هڪ احساس پيدا ٿيو ته آءٌ اهڙي نموني جي تحقيق لاءِ صفا نااهل آهيان. اهڙي طرح مان تمام جلد سائنسي انداز فڪر ڇڏي مذهب جي ان سوال ڏانهن آيس ته ڪائنات وجود ۾ ته اچي وئي پر ان کي ڪنهن وجود بخشيو ۽ ڇو وجود ۾ آندي وئي آهي؟
مون هڪ دفعي ڪنهن کي انڪساغورث جو ڪتاب پڙهندي ٻڌو ته ڪيئن هڪ عقلِ ڪُل سموري ڪائنات کي ترتيب ڏنو آهي. پوءِ ان شوق ۾ مون هن جا سڀ ڪتاب پڙهيا. سقراط انڪساغورث علاوه ٻن فلاسافرن پارمينڊيز ۽ زينو کان به متاثر ٿيو.
انڪسا غورث سان سقراط کي جيڪا عقيدت پيدا ٿي هئي ان جو اثر تمام جلد ختم ٿي ويو. ان جو سبب اهو هو ته انڪسا غورث بحث ته مذهبي سوال کان شروع ڪري ٿو ته ڪائنات ڇو جڙي(Why) ؟ پر جواب سائنس جي سوال: ڪائنات ڪيئن جُڙي(How) ؟ جو ڏئي ٿو. هو چوي ٿو ته هڪ عقل ڪل آهي پر جڏهن ڪائنات تي غور ڪري ٿو ته چوي ٿو ته مادو، هوا، پاڻي ئي ڪائنات جي جڙڻ جون اصل علتون آهن. سقراط جو اعتراض هو ته مادو ۽ هوا وغيره جون علتون ثانوي آهن، خدا نه هجي ها ته اهي علتون به نه هجن ها، انڪري ڪائنات تي تدبر ۽ فڪر جي اصل علت (پروردگار) کي ڇڏي ثانوي علتن تي بحث ڪندو رهڻ صحيح فڪر کان پري ڀڄڻ آهي. اهڙي نموني ان جو تفصيل سقراط جي پنهنجي زباني ٻڌو :
”منهنجا دوست! پوءِ جڏهن مون انڪسا غورث جي ڪتابن کي پڙهيو ته پنهنجي انهن بلند توقعات کان ڦهڪو ڏئي هيٺ اچي ڪريس. مون هن کي هڪ اهڙو ماڻهو ڄاتو جيڪو عقل ڪل کي علت جي طور تي استعمال نٿو ڪري ۽ نه ئي شين ۾ جيڪا ترتيب نظر اچي ٿي ان جي سبب ان کي متعين ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، پر چوي ٿو ته علتون هوا، پاڻي ۽ مادو اهڙين ئي بي معنيٰ شين تي ٻڌل آهن. مون کي هو هڪ اهڙي ماڻهوءَ وانگر لڳو جيڪو اهو چوي ته سقراط جيڪو ڪجهه ڪري ٿو پنهنجي ذهانت جي ڪري، ڪري ٿو. ماڻهو اهو فرق محسوس ڪونه ٿا ڪن ته اصل علت ٻي شيءِ آهي ۽ ٻيو جنهن کانسواءِ سبب، سبب نٿو بڻجي سگهي، اڃا مختلف شيءِ آهي. عام طور ماڻهو ايئن ئي ڪن پيا ۽ اونداهيءَ ۾ هٿوراڙيون هڻي رهيا آهن. ڪو ڪيئن چوي ٿو، ڪو ڪيئن پر اها طاقت جنهن شين کي ايئن جَڙي ۽ جوڙي رکيو آهي جو اهي پنهنجي ممڪن بهترين حالت ۾ قائم آهن، ان تي ڪير به غور نٿو ڪري... ماڻهو اهو نٿا سوچين ته ان مقصد جي لاءِ انساني قوت کان مٿانهين هڪ برتر طاقت جي ضرورت آهي.“
جيڪا تنقيد سقراط انڪسا غورث تي ڪئي آهي، قرآن اهو ئي بحث خدا کي نه سڃاڻڻ وارن سائنسدانن سان ڪيو آهي. قرآن جو چوڻ آهي ته هيءَ ڪائنات اهڙي نموني ٺاهي وئي آهي جو ان تي غور ۽ فڪر، هڪ سليم الفطرت ماڻهوءَ کي لازمي طور خدا جي معرفت ڏانهن وٺي وڃي ٿو. جيڪي ماڻهو ان جوابدهيءَ کان بچڻ ۽ پنهنجي ذميدارين کان ڀڄڻ چاهين ٿا، اهي صحيح غور و فڪر کي ڇڏي صرف سائنسي طرز جي تحقيق تي ڪيئن (How) ڀاڙين ٿا؟ پر سقراط جي خيال ۾ اهي شيون حقيقي علت نه آهن، جيئن سائنس بيان ڪري ٿي، جيستائين حقيقي علت پروردگار کي نه مڃيو وڃي.
قرآن هر هر ذڪر ڪيو آهي ته شين ۾ جيڪا ترتيب ۽سازگاري نظر ٿي اها هڪ قادر مطلق جو واضح ڏس ڏئي ٿي.

[b]ڪائنات جي مشاهدي کان اخلاقيات ڏانهن
[/b] هڪ خدا ناشناس سائنسدان جو ڪائنات جو مشاهدو کيس ڪنهن اخلاقي تعليم ڏانهن نٿو وٺي وڃي، ڇو ته هو اڳواٽ طئي ڪري ٿو ڇڏي ته هن کي ڪنهن اهڙي هستيءَ جي وجود جي ضرورت نه آهي جنهن سان ارادي ۽ فڪر جي آزاديءَ ۾ ڪا رڪاوٽ پوندي هجي. پر هڪ سليم الفطرت ماڻهو جيڪو ڪنهن ذهني تحفظ کانسواءِ ڪائنات تي غور ڪري ٿو، اهو هِن نتيجي تي پهچي ٿو ته ڪو آهي جنهن هيءَ ڪائنات جوڙي آهي. ان سان اهو شعور پيدا ٿئي ٿو ته هيءُ عظيم الشان اهتمام بي مقصد ۽ اجايو نٿو ٿي سگهي. ماڻهو سٺن اعمالن جي لاءِ ڪنهن جي اڳيان جوابده هوندا. مطلب ته فڪر جو اهو طريقو ڪائنات جي مشاهدي کان اخلاقيات ڏانهن وٺي وڃي ٿو. اهڙي نموني سقراط جو غور ۽ فڪر کيس انڪساغورث ۽ ٻين سائنسي فلسفن جي ابتڙ اخلاقيات ڏانهن وٺي ويو. هڪ قديم تاريخدان سسرو (Cicero) چيو آهي ته سقراط انڪسا غورث جي شاگرد آرڪيلاس کان تعليم حاصل ڪئي ۽ ان کان پهروڪو سڄو فلسفو، عددن ۽ حرڪتون مرجع بابت بحث ڪندو هو جنهن مان سڀ شيون نڪتيون آهن ۽ جنهن ۾ سڀ فنا ٿي وينديون. انهن مقصدن جي تحقيق ۽ جستجو جو محور اها ڳالهه رهي آهي ته اهو معلوم ڪيو وڃي ته ستارن ۽ ٻين فلڪي سيارن جو ڪاٿو ۽ انهن ۾ فاصلو ۽ انهن جو مدار ڇا آهي؟ پر سقراط اهو پهريون ماڻهو آهي جيڪو فلسفي کي آسمان تان لاهي زمين تي کڻي آيو. هن شهرن بلڪه گهرن تائين هن کي سڃاڻپ ڏني ۽ زندگي، اخلاقيات، سٺائي ۽ برائي جي باري ۾ ان بابت سوچڻ تي مجبور ڪيو.
جيئن ٻڌايو ويو آهي ته سقراط جي دور ۾ ماديت وارا طبعي فلسفي ۽ سوفسطائي موجود هئا. سقراط طبعي فلسفين جي باري ۾ چيو آهي ته انهن جي سڄي علم جو سرمايو خدا، روح، آخرت ۽ اخلاقي قدرن کان انڪار هو. معاشرتي زندگيءَ جو توازن قائم ڪرڻ لاءِ سقراط وٽ ان کان سواءِ ڪو به رستو نه هو ته هو پنهنجي همعصرن جي ذهن ۾ ان حقيقت جي اهميت ويهاري ته جيستائين سندن نگاهه ۾ پاڪيزگي، دل ۾ سوز، جذبن ۾ ترتيب ۽ دلين ۾ روحاني ۽ اخلاقي قدرن کي قائم ڪرڻ ۽ ترقي ڏيارڻ جو ولولو پيدا نه ٿيندو، تيستائين سندن سڀ علمي ڪارناما فائدي بجاءِ نقصان جو سبب بڻجندا. نفس کان هٽي ڪائنات ڏانهن ڌيان ڏيڻ جو نتيجو هميشه انسان جي دل ۽ نظر لاءِ فساد جو باعث بڻيو آهي. ان جو واضح مثال اولهه ۽ ان جي علمي ترقي آهي. سقراط جو آفاق کي ڇڏي ماڻهن ڏانهن موٽڻ حقيقت ۾ معاشرتي انقلاب ڏانهن پهرين وک هئي.

[b]آخرت جو تصور
[/b] سقراط جو سڀ کان اهم ڪارنامو اهو آهي ته هن انساني روح جو مٿانهون تصور پيش ڪيو جنهن ۾ موت کان پوءِ روح جي بقا جو نظريو به شامل آهي. همعصر ماڻهن جي دلين ۾ ماديت ايتري ته گهر ڪري وئي هئي جو سقراط جڏهن پنهنجي همعصرن جو، جيڪي طبعي فلسفن ۽ سوفسطائي گروهه جي ڪثرت جي ڪري روح ۽ موت کانپوءِ زندگيءَ جي نظرين کي وساري چڪا هئا، ٻيهر ڌيان ڇڪايو ته انهن حيران ٿي کيس چيو ته هو ايترو دقيانوسي ماڻهو آهي جو اسان کي وري قديم بي معنيٰ تصورن ۽ نظرين ڏانهن وٺي وڃڻ چاهي ٿو. فيڊو ۾ سقراط جا هيٺيان لفظ ان مسئلي تي روشني وجهن ٿا. سقراط چيو ته” منهنجو خيال آهي ته اسانجي صوفين جا قول وڏي معنيٰ وارا آهن. هو اسان کي مثالن ۽ ڪهاڻين ذريعي هميشه سمجهائيندا رهيا آهن ته هر اهو ماڻهو جيڪو روحاني طور پاڪ ۽ صاف ٿيڻ کانسواءِ ٻي دنيا ۾ پهچندو، اهو ديوتائن (ملائڪن ۽ نيڪ انسانن) جي مجلس ۾ شامل ٿيڻ جي سعادت ماڻڻ بجاءِ گند ۾ ڦاٿو رهندو.“
سقراط فيڊو ۾ ٻي هنڌ چيو آهي ته” اسين اهو ڪيئن مڃون ته روح جنهن جي فطرت ايتري شاندار، غير محسوس ۽ خالص آهي، هونئن ته اهو نيڪ ۽ دانائ خدا جي پيرويءَ ۾ زندگي گذاري ٿو پر جسم جي موت کان پوءِ هوا ۾ تحليل ٿي ويندو آهي ۽ جلد هميشه لاءِ فنا ٿي ويندو آهي، جيئن ماڻهن جو خيال آهي. نه منهنجا دوستو، ائين نه آهي.“ قرآن هر هر ڪافرن جي اعتراضن جي جواب ۾ ان حقيقت ڏانهن اشارو ڪيو آهي.
وَ یَقُوۡلُ الْاِنۡسَانُ ءَاِذَا مَا مِتُّ لَسَوْفَ اُخْرَجُ حَیًّا ﴿۶۶﴾ اَوَلَا یَذْكُرُ الْاِنۡسَانُ اَنَّا خَلَقْنٰہُ مِنۡ قَبْلُ وَلَمْ یَكُ شَیۡئًا ﴿۶۷﴾(مريم:66-67).
(ترجمو): انسان پڇي ٿو ته جڏهن هو مري ويندو ته هو ضرور جيئرو ڪري اٿاريو ويندو ته ڇا هو ياد نٿو ڪري ته اسان پهريون ڀيرو کيس پيدا ڪيو هو، جڏهن هو ڪجهه به نه هو.
سقراط جي زندگيءَ جو مقصد ئي موت کانپوءِ واري زندگيءَ جي نظرئي جي تلقين هو، تنهن ڪري هو فيڊو ۾ چوي ٿو:
”جيڪڏهن روح لافاني آهي ته اسان جو فرض آهي ته اسين ان جي پرورش ڪريون. نه صرف هن زندگي دوران پر آخرت جي لاءِ به. اسان اهو محسوس ڪريون ٿا ته ان فرض کان غفلت ۽ بي پرواهيءَ جو نتيجو ڇا آهي. جيڪڏهن موت مان مطلب اهو آهي ته انسان جي زندگيءَ جا سڀ اعمال نيڪ ۽ بد جي نتيجن کان مٿانهان ٿي وڃن ٿا ته پوءِ اها بد اعمال انسانن لاءِ نعمت آهي پر آخرت جي زندگي يقيني آهي ۽ انساني روح موت کانپوءِ زندهه رهندو ته اهڙي حالت ۾ ڇوٽڪاري ۽ فلاح جو رستو به يقيني آهي ته هو حڪمت ۽ ڪمال حاصل ڪري، ڇو ته ٻي دنيا ۾ سواءِ پنهنجي اعمال جي، روح ٻيو ڪجهه نه کڻي ويندو.“
اپالوجيءَ ۾ سقراط هن دنيا جي مشغلن جي مقابلي ۾ آخرت لاءِ لاڀائتن اعمالن جي اهميت جو ذڪر ڪيو آهي. هو چوي ٿو: ”اي دوستو! توهان ايٿنز جا رهندڙ آهيو ۽ ايٿنز پنهنجي حڪمت ۽ علمي ڪارنامن جي ڪري مشهور آهي، ڇا توهان کي دولت گڏ ڪرڻ، شهرت حاصل ڪرڻ ۽ عزت جي خواهش تي شرم نٿو اچي؟ ڇا توهان جي دل ۾ ڪڏهن اهو خيال نٿو اچي ته حڪمت ۽ سچائيءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ ۽ پنهنجي روح کي مڪمل ڪرڻ لاءِ به محنت ضروري آهي؟

[b]سقراط جو متضاد نظريو ۽ قرآن حڪيم
[/b] سقراط آخرت لاءِ ڪائنات ۾ متضاد شين کي دليل طور استعمال ڪيو آهي. سندس نظريو هي آهي ته سڀ تضاد واريون شيون گهٽ يا وڌيڪ، ڪمزور يا مضبوط، ننڍو يا وڏو، سمهڻ يا جاڳڻ، زندگي يا موت پاڻ ۾ ائين جڙيل آهن جو هڪ ٻئي پٺيان وجود ۾ اچي رهيون آهن. جهڙي نموني سمهڻ کانپوءِ جاڳڻ، اهڙي نموني موت کانپوءِ زندگي آهي. جيڪڏهن متضاد شيون ائين هڪ ٻئي جي جڳهه وٺڻ لاءِ نه اچن ته ڪائنات هڪ هنڌ بيهي رهندي ۽ آخر ۾ سڀ شيون فنا ٿي وينديون. ان سان سقراط اهو ثابت ڪرڻ چاهي ٿو ته هن دنيا جي ڀيٽ ٻي دنيا به آهي.
قرآن ڄاڻايو آهي ته ڪائنات جون سموريون شيون پاڻ ۾ جوڙا جوڙا ڪري پيدا ڪيون ويون آهن. سورت الذاريات جي آيت 49 ۾ آهي ته
وَ مِنۡ كُلِّ شَیۡءٍ خَلَقْنَا زَوْجَیۡنِ لَعَلَّكُمْ تَذَکَّرُوۡنَ ﴿۴۹﴾
”۽ اسان هر شيءِ ۾ جوڙا پيدا ڪيا آهن ته جيئن توهان يادگيري رکو.“
هر جوڙو ٻن متضاد سان ملي جڙي ٿو. قرآن شريف ڪائنات جي ڪيترن ئي جوڙن يعني زمين ۽ آسمان، ظلم ۽ نور، اس ۽ ڇانَو، رات ۽ ڏينهن، سج ۽ چنڊ، نر ۽ مادي جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ان مان نڪرندڙ نتيجن ڏانهن ڌيان ڏياريو آهي پر جنهن شيءِ جي سڀ کان وڌيڪ تصديق ڪئي وئي آهي اها آخرت آهي.
سورت انشقاق ۾ ذڪر ٿيو آهي ته ڪائنات جا سڀ جوڙا پاڻ ۾ ائين جڙيل آهن جو هڪ کانپوءِ ٻيو وجود ۾ اچي ٿو، جيئن رات کان پوءِ ڏينهن ايندو آهي. چنڊ به ڪٿي بيٺو ڪونهي. اهڙي نموني انسان جي دنيوي زندگي اصل ۾ سفر آهي ٻي دنيا جي زندگي ڏانهن.

اِڪي ٻڌي
فيڊو ۾ موت کانپوءِ زندگيءَ بابت هڪ دليل متضاد شين/ لقائن ۽ انهن جي صفتن يا صورتن جي باري ۾ آهي. سقراط جو چوڻ آهي ته انهن متضاد شين جي باري ۾ ائين محسوس ٿئي ٿو ته اهي پاڻ ۾ لاڳاپيل آهن پر حقيقت ۾ گڏ نه آهن. حقيقي متضاد گڏ رهي نٿا سگهن پر اهي هڪ ٻئي کي پري هٽائيندا آهن. ان باري ۾ ٻه مثال ڏنا ويا آهن: پهريون گرمي ۽ سردي، ٻئي متضاد آهن. گرميءَ جي هڪ صورت باهه آهي ۽ سرديءَ جي برف اهڙي نموني اهي ٻئي هڪٻئي سان گڏ نٿيون رهي سگهن.
ٻيو مثال اڪي ۽ ٻڌيءَ جو آهي. اڪيءَ جون صورتون ٽي، پنج، ست، نَوَ آهن. جڏهن ته ٻڌيءَ جون ٻه، چار، 6 ، اٺ آهن. ٻنهي مثالن مان سٺي نموني واضح ٿئي ٿو ته متضاد ۽ ان جون صورتون به پاڻ ۾ گڏ نٿيون ٿي سگهن. انهي وضاحت کانپوءِ ان قاعدي تحت سقراط اهو ثابت ڪيو آهي ته موت روح جي ويجهو نٿو اچي سگهي، انڪري روح غير فاني آهي.
قرآن ۾ سورت فجر ۾ به اڪي ٻڌيءَ جو ذڪر آيو آهي، مقصد هتي به موت کانپوءِ زندگيءَ کي ثابت ڪرڻ آهي.
وَ الْفَجْرِ ۙ﴿۱﴾ وَ لَیَالٍ عَشْرٍ ۙ﴿۲﴾ وَ الشَّفْعِ وَ الْوَتْرِ ۙ﴿۳﴾ وَ الَّیۡلِ اِذَا یَسْرِ ۚ﴿۴﴾ ہَلْ فِی ذٰلِکَ قَسَمٌ لِّذِیۡ حِجْرٍ ؕ﴿۵﴾ (الفجر-5 ).
(ترجمو): ”شاهد آهي فجر ۽ ڏهه راتيون، اڪي ۽ ٻڌي ۽ رات جڏهن اها هلي پوي. ان ۾ ته هڪ عاقل جي لاءِ عظيم شهادت آهي.“
ان سورت جي شروع ۾فجر ۽ آخر ۾ ان جي ضد رات ذڪر آهي. وچ ۾ اڪي ٻڌي جي تضاد جو ذڪر آهي. مطلب اهو ته جهڙي نموني صبح کانپوءِ رات آهي، اهڙي نموني دنيا کانپوءِ آخرت آهي. واليل اذايسر جو مطلب آهي ته جڏهن رات هلي پوندي آهي ته اها حقيقت ۾ پنهنجي متضاد ڏينهن ڏانهن ويندي آهي. جيئن جيئن رات گهري ٿيندي ويندي آهي تيئن ڏينهن ويجهو ايندو ويندو آهي. اهڙي نموني دنيا جو سفر جيترو ڊگهو ٿيندو وڃي ٿو. آخرت اوترو ويجهو ايندي وڃي ٿي. ڪائنات ۾ موجود جوڙن جي ان ترتيب ۾ هر هڪ عاقل جي لاءِ موت کانپوءِ زندگيءَ جي هڪ عظيم گواهي موجود آهي.
ياد رهي ته سورت الفجر جي انهن آيتن جي مفهوم جي باري ۾ اڪثر عالم سڳورا مونجهاري جو شڪار آهن. ايستائين جو صرف اڪي ۽ ٻڌيءَ جي تاويل بابت 6 2 اقوال منقول آهن. ڪيترن ته اِن کي متشابه آيت چيو آهي ۽ اهو سمجهڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي ته اڪي ۽ ٻڌي آخرت جو دليل ڪيئن ٿا بڻجن!

[b]جنت ۽ دوزخ
[/b] سقراط فيڊو ۾ جنت ۽ دوزخ جو ذڪر ڪيو آهي. جنت ۽ دوزخ جو سرشتو احوال هڪ اڻ ڏٺي دنيا سان تعلق رکي ٿو ۽ اسان جي ادراڪ جي حد کان ٻاهر آهي. سقراط به ان کي سلجهائڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ تصور جي ٻوليءَ ۾ ڳالهايو آهي. ان جي حقيقي نوعيت آخرت ۾ ئي کلندي. سقراط آخرت جا دليل، جزا ۽ سزا جو بيان، جنت ۽ دوزخ جو تفصيل ٻڌائڻ کانپوءِ ان سڄي ڳالهه جو اختتام هِن جملي تي ڪيو آهي ته ”انهن سببن جي ڪري جيڪي مون بيان ڪيا آهن، اسان کي هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته زندگيءَ ۾ نيڪي ۽ ڏاهپ جو رستو اختيار ڪريون ڇو ته انعام تمام وڏو آهي، ان کي حاصل ڪرڻ جي توقع به تمام گهڻي آهي.“ اهو ڪم آءٌ هر ان ماڻهوءَ کي چوندس جيڪو مونکي ملندو، ڇو ته مونکي خدا جي طرفان اهو ڪم ڪرڻ لاءِ حڪم مليو آهي ۽ آءٌ پنهنجي سڄي زندگي ان ڪم لاءِ صرف ڪريان ٿو ته هر جڳهه ۽ هر ماڻهوءَ کي ذهن نشين ڪرايان ته پهريون ڪم اهو آهي ته پنهنجي روح جي اصلاح ۽ تڪميل تي ڌيان ڏنو وڃي ۽ جيستائين اهو ڪم پورو نه ٿئي تيستائين هن دنيا جي ڪمن يعني جسماني ضرورت ۽ دولت حاصل ڪرڻ ڏانهن ڌيان نه ڏجي ۽ اهو ته نيڪي دولت سان پيدا نه ٿيندي آهي پر دولت ۽ هر اها شيءِ جنهن جي خواهش ماڻهن جي دلين ۾ پيدا ٿئي ٿي، سڀ نيڪيءَ جو ثمر آهي.

[b]موت جي شروعات
[/b] سقراط پنهنجي دعوت چاليهن پنجيتاليهن ورهين جي عمر ۾ شروع ڪئي، اهو اندازو ارسٽوفينز جي تحريرن مان لڳايو ويو آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڇائيتاليهن ورهين جي عمر تائين هو پنهنجي خاص نظرين جي اشاعت ڪرڻ ۾ نه صرف مصروف ٿي چڪو هو پر هن جي شاگردن ۽ پوئلڳن جو هڪ حلقو به وجود ۾ اچي چڪو هو. هُن جي دعوت عوام توڙي خواص ٻنهي لاءِ هئي. موجوده دور جي فلسفيءَ جي ابتڙ هو هڪ داعي ۽ عوامي مبلغ هو. پنهنجي جسماني آرام ۽ آسائش جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ هو پيرين اگهاڙي ۽ بکئي پيٽ تبليغ ۾مصروف رهندو هيو. ان جوش جو اصل سبب اهو هو ته هن ڪم کي هو خدا جي طرفان سونپيل فرض ۽ خدا جي خدمت سمجهندو هو. ان ڳالهه جو هن ڪيترا ئي دفعا اظهار ڪيو ته هن ڪم جو حڪم کيس خدا ڏنو آهي ايستائين جو جڏهن عدالت ۾ موت جي سزا جو مقدمو هليو، اتي به هن کليل لفظن ۾ چيو ته آءٌ اهو پيغام پکيڙڻ کان ڪڏهن به نه مڙندس، پوءِ مونکي ان لاءِ ڪيترا ئي ڀيرا مرڻو ڇونه پوي.

[b]پيغمبرانه اخلاقيات ۽ نفس جي سڌاري جي تلقين
[/b] سقراط جي دعوت جي شروعات ته ديوتائن تي تنقيد سان ٿي پر ان جو مرڪزي نُڪتو اهو هو ته ماڻهو پنهنجي نفس جي اصلاح ڪن. نفس جي سڌاري جي دعوت ڏيندي هن چيو ته:
” مان توهان مان هر ان ماڻهوءَ کي چوندس جنهن سان منهنجي ڪڏهن به ملاقات ٿي آهي ته منهنجا پيارا، ايٿنز جا رهواسيو، توهان اُن عظيم شهر جا شهري آهيو جيڪو پنهنجي طاقت ۽ ڏاهپ ۾ مشهور آهي. توهان هر ممڪن ڪوشش ڪيو ٿا ته دولت، شهرت ۽ رتبي ۾ مٿان هان ٿي وڃو. توهان ڪڏهن اهو به سوچيو آهي ته سچائي، ڏاهپ ۽ پنهنجي نفس لاءِ پڻ ڪوشش ۽ محنت ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اهو به مٿانهون ٿي وڃي ... مان توهان کي احساس ڏياريندس ته توهان گهڻين ئي قيمتي شين جي لاءِ ٿوري محنت ڪئي آهي ۽ صفا معمولي شين جي لاءِ وڏي محنت ۾ مصروف آهيو. اها ئي تبليغ مان هر ان ماڻهوءَ کي ڪندس، جنهن سان ملندس، پوءِ اهو ڪراڙو هجي يا جوان، ملڪي هجي يا غير ملڪي، خاص ڪري توهان کي ڇو ته مان پنهنجي قوم ۽ برادري مان آهيان. يقين ڪريو ان ڪم جو حڪم مونکي خدا ڏنو آهي ۽ منهنجو ايمان آهي ته هن شهر جي لاءِ منهنجي ان خدائي خدمت کان وڌ ڪابه نيڪي نٿي ٿي سگهي. منهنجو ڪم اهو ئي آهي ته توهان کي مائل ڪريان. پوءِ اهي جوان هجن يا ڪراڙا ته پنهنجي جسم ۽مال کي پهرين ترجيح نه ٺهرائين پر روح ۽ نفس جي پاڪيزگيءَ کي اوليت ڏين.“
زيتو خان لکيو آهي ته سقراط جا بحث اڪثر ان ڳالهه تي ٿيندا هئا ته نيڪي ڇا آهي؟ بَدي ڇا آهي؟ برائي ڇا آهي ۽ ذلت ڇا آهي؟ انصاف ڇا آهي ۽ ظلم ڇا آهي؟ نفس تي ضابطو ڇاکي چئبو آهي ۽ نفس جي تزڪئي کان خالي ڪير آهي؟ سياسي قوت ڇاکي چئبو آهي؟ ۽ سياستدان ڪنهن کي چئبو آهي؟
اهڙن بحثن جي تهه ۾ خالص فلسفيانه يا منطقي مقصد لڪل نه هوندا ها پر اخلاقي اصلاح جو جذبو سمايل هوندو هو. سندن خيال ۾ نيڪيءَ کي معلوم ڪرڻ انڪري ضروري هو ته جيئن نيڪيءَ تي عمل ڪري سگهجي. سقراط چيو ته نهايت ضروري آهي ته اسان نيڪي ۽ بَدي، سٺي ۽ خراب جي تميز ڪرڻ سکون ته جيئن هڪ کي اختيار ڪيون ۽ ٻئي کي ترڪ ڪيون. ان ڳالهه کي ”پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ“ به چيو ويندو آهي، انڪري پنهنجي نفس جي ماهيت کان آگاهي ضروري آهي. نفس جي تزڪئي جي راهه جي پهرين وک اها ئي آهي ته پنهنجو پاڻ کي سڃاڻو.
ان بيان مان واضح ٿئي ٿو ته ”دنيا جا ماڻهو سڀ ڪجهه ڄاڻندي به پنهنجي حقيقي فلاح ۽ بهبود، پنهنجي روحاني زندگيءَ جي تقاضائن، پنهنجن اخلاقي فرضن کان بلڪل بي پرواهه، اڻڄاڻ ۽ انهن جي اهميت کان بي خبر آهن.“ سقراط جي برتري اها آهي ته هو ٻنهي حقيقن کان باخبر آهي ۽ هن جي زندگيءَ جو مقصد اهو ئي آهي ته ماڻهن کي بلند اخلاقي زندگي گذارڻ جي تلقين ڪري. هن دعويٰ ڪئي آهي ته کيس اهو فرض خدا جي طرفان سونپيو ويو آهي ۽ هن هميشه ان جي ادائگيءَ جي پوري ڪوشش ڪئي آهي. اپالوجي جي مطالعي مان اها ڳالهه واضح ٿي وڃي ٿي ته سقراط هڪ فلسفيءَ کان وڌي هادي ۽ مصلح آهي. سقراط چيو هو ته ”جيڪڏهن توهان مونکي هِن دعوت ۽ تبليغ جي ڏوهه ۾ ماري ڇڏيندا ته توهان کي مون جهڙو انسان سولائيءَ سان نه ملي سگهندو. منهنجي خدا مونکي هن شهر (ايٿنز) جي سڌاري لاءِ موڪليو آهي. توهان هيئن سمجهو ته هي شهر هڪ بهترين نسل جو گهوڙو آهي جيڪو بدقسمتيءَ سان سستي ۽ ڪاهليءَ جو شڪار ٿي ويو آهي. منهنجو ڪم ان ڏنگُ وانگر آهي جيڪا کيس سڀني پاسن کان چڪ هڻي ٿو ۽ ستائي ٿو ۽ اهڙي ريت ان کي حرڪت ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو. مان ئي اهو ڏنگ آهيان جنهن کي خدا توهان ڏانهن موڪليو آهي.
”اهو ياد رکو ته خدا ئي مونکي توهان جي شهر ۾ موڪليو آهي. جيڪڏهن توهان اهو سمجهيو ته اهو فرض مون پاڻ پنهنجي ذمي کنيو آهي ته توهان سٺي نموني ڄاڻو ٿا ته ڪوبه انسان پنهنجي ذاتي رجحان لاءِ ڪا اهڙي وک نٿو کڻي سگهي جنهن سان هن جي مفادن کي نقصان پهچي. مثال طور مون جڏهن کان ان فرض جي ادائگيءَ جو ڪم شروع ڪيو آهي ان وقت کان وٺي اڄ تائين منهنجا سڀ معاملا بگڙي چڪا آهن. مان پنهنجي سڀني ذاتي ڪمن کان بي نياز ٿي پنهنجو سڄو وقت توهان ماڻهن کي سنئين راهه تي آڻڻ ۾ صرف ڪيو آهي. مون اهو فرض هڪ وڏي ڀاءُ يا پيءُ جي حيثيت سان سرانجام ڏنو آهي. ڇا مونکي ان ڪم مان ڪو فائدو ٿيو آهي يا مون ان تبليغ جو ڪوبه معاوضو توهان کان گهريو آهي!؟“

[b]الهام جي دعويٰ
[/b] ”توهان اهو چئو ٿا ته آءٌ شهر جي سياسي معاملن ۾ دخل نٿو ڏيان. ان جو سبب اهو آهي ته مونکي خدا جي طرفان هڪ نشاني ننڍپڻ کان حاصل آهي، اهو هڪ غيبي آواز آهي جيڪو مونکي خاص وک کڻڻ کان روڪي ٿو. توڙي جو اهو خاص وک کڻڻ ڏانهن رهنمائي نٿو ڪري ۽ مونکي سياسي معاملن ۾ دخل ڏيڻ کان روڪي ٿو. جيڪڏهن مان ناانصافي ۽ ظلم جي خلاف آواز اٿاريان ته گهڻو اڳ مري چڪو هجان ها. انڪري ان ماڻهوءَ جي لاءِ جيڪو انصاف ۽ عدل جو معاشرو قائم ڪرڻ چاهي، اهو ناممڪن آهي ته مون وانگر سياسي زندگيءَ کان پري رهي.
مونکي موت کان به خوف نه آهي پر خدا جي قانونن جي خلاف ورزي ڪرڻ کان خوف آهي. خدا ماڻهن کي خواب ۽ ٻين ذريعن سان پنهنجي رضا جي خبرچار ڏيندو رهندو آهي.“

[b]سقراط جي ذهني ارتقا
[/b] علم جي دنيا ۾ ٿيلس کان وٺي انڪسا غورث تائين وڏا وڏا فلاسافر موجود آهن، سوفسطائي به آهن، سياسي اڳواڻ به، جنرل به، مذهبي پيشوا پڻ. انهن سڀني جي وچ ۾ سقراط پنهنجي مشن جي شروعات ڪئي. هن پنهنجي دور جي سموري فڪر ۽ نظرين کان منهن موڙيو. صحيح ڳالهه جي کوجنا ڪئي ۽ غلط ڳالهه کي ڇڏي ڏنو. هن جي فڪر ۽ نظرين ۾ گهرائيءَ سان گڏ تازگي به آهي جنهن ڪري صديون گذرڻ کان پوءِ به اهي ڳالهيون دل ۽ دماغ کي موهي ٿيو ڇڏين. فڪر کان وڌيڪ ان جو عمل آهي جيڪو حق جي راهه تي هلڻ وارن جي لاءِ رهندي دنيا تائين وڏي حوصلي جو سبب بڻيو رهندو.
اهڙي ماحول ۾ سقراط پنهنجي فڪري زندگيءَ جي شروعات ڪئي ۽ حالتن جي مطابق سندس پهرين توجه ٻاهرين ڪائنات جي مسئلن ڏانهن رهي. افلاطون پنهنجي ڪتاب ۾ سقراط جو ذهني سفر پنهنجي لفظن ۾ هيئن بيان ڪري ٿو:
”جڏهن مان جوان هوس، مون کي ان حڪمت حاصل ڪرڻ جو تمام گهڻو ولولو هو جنهن کي طبعي علم چون ٿا. منهنجي خيال ۾ هر شيءِ جي علت معلوم ڪرڻ هڪ معتبر ترين مشغلو هئو. ڪا شيءِ ڇو ۽ ڪيئن وجود ۾ اچي ٿي؟ اها ڇو فنا ٿئي ٿي؟ ڇو قائم رهي ٿي؟ منهنجي ذهن ۾ هر وقت اهي خيال پيدا ٿيندا هئا. ڇا جاندار شين جي هيئت سردي ۽ گرميءَ جي هڪ متناسب آميزش سان وجود ۾ اچي ٿي؟ ڇا اسان جي عقلي قوت خون، هوا يا باهه جي ڪري آهي يا ڇا انهن مان ڪابه شيءِ ان قوت جي حقيقي علت نه آهي بلڪه اسان جو ذهن آهي جنهن سان ڳالهائڻ، ٻڌڻ، سنگهڻ ۽ ڏسڻ جي حس پيدا ٿئي ٿي. ان کان علاوه مان مختلف شين جي فنا ٿيڻ ۽ آسمان ۽ زمين جي تبديلين تي غور ڪندو هوس. ايستائين جو هِن نتيجي تي پهتس ته آءٌ اهڙن مسئلن تي غور ۽ فڪر ڪرڻ ۽ انهن جي تهه تائين پهچڻ جي اهليت ئي نٿو رکان. انهن علمن جي مطالعي مونکي ايترو انڌو ڪري ڇڏيو جو مون هر ان علم کي وساري ڇڏيو جيڪو مونکي شين جي باري ۾ اڳ ۾ معلوم هو. نه صرف اهو ته مون وساري ڇڏيو پر مونکي گهڻو ڪجهه وسارڻو پيو. مثال طور ماڻهوءَ جو گوشت ۽ هڏا وڌن ويجهن ٿا. اهڙي نموني جڏهن ڊگهي ۽ ننڍي قد وارن ماڻهن کي ڏسندو هوس ته مونکي يقين هو ته هڪٻئي کان هڪ انچ يا چار انچ ننڍا وڏا آهن پر هاڻي اها حالت هئي جو انهن مان ڪنهن شيءِ جي صحيح علت جو مونکي يقين نه رهيو هو. هڪ ۾هڪ جمع ڪبو ته ٻه ٿيندا يا نه!؟ هاڻي مان نٿو سمجهي سگهان!
مان ذهني ڪشمڪش ۽ الجهن ۾مبتلا رهيس. هڪ ڏينهن مون هڪ ماڻهوءَ جي واتان ٻڌو ته هن انڪسا غورث جو ڪتاب پڙهيو آهي جنهن ۾ ذڪر هو ته ڪائنات جي هر شيءِ جي علت، ترتيب ۽ انتظام پيدا ڪرڻ وارو نفس آهي. اهو ٻڌي مونکي ڪجهه سڪون مليو ۽ مونکي محسوس ٿيو ته نفس جو آخري سبب هجڻ صحيح آهي ڇو ته جيڪڏهن ڪائنات جو سڄو نظام نفس جي هٿن ۾ آهي ته پڪ سان اهو نظام بهترين هوندو. جيڪڏهن اسين ڪنهن شيءِ جي پيدائش يا فنا جي علت معلوم ڪرڻ چاهيون ٿا ته اسان کي ڏسڻو پوندو ته ان شيءِ جي وجود، عمل ۽ معمول جو بهترين طريقو ڪهڙو آهي. ماڻهوءَ کي گهرجي ته هو سوچي ته هِن لاءِ ڪهڙو طريقو بهترين آهي ۽ ان سان هو ڄاڻي وٺندو ته خراب شيون ڪهڙيون آهن. آءٌ انهن ڳالهين تي سوچي خوش ٿيس ۽ مونکي محسوس ٿيو ته انڪساغورث جو شين جي سببن جي تشريح وارو اهو اصول منهنجي ذوق ۽ مزاج مطابق آهي. مونکي توقع پيدا ٿي ته هو ٻڌائي سگهي ته زمين گول آهي يا هموار، پوءِ علت ۽ ضرورت جي تشريح ٿيندي ۽ ان کانپوءِ ٻڌايو ويندو ته ڪهڙي شيءِ بهترين آهي ۽ اهو ته زمين جي ڪهڙي به شڪل آهي اها بهترين هوندي. اهڙي نموني منهنجي ذهن ۾ سج، چنڊ، ستارن ۽ انهن جي گردش ۽ مختلف رفتارن جي باري ۾ ڪيترائي سوال پيدا ٿيا ۽ مونکي توقع هئي ته انڪساغورث وٽ انهن سڀني شين ۽ سندن سرگرمين جي سببن جي تشريح هوندي. منهنجو خيال هو ته هو هر شيءِ بابت اها ڇنڊڇاڻ ڪندو ته هر هڪ جي لاءِ ڪهڙو بهترين مقصد آهي ۽ اها ڪهڙي اعليٰ مقصد جي لاءِ وجود ۾ آئي آهي. ان قسم جي مختلف تصورن ۽ توقعات کي ذهن ۾ رکندي مون هن جي ڪتابن جو مطالعو وڏي ذوق شوق سان شروع ڪيو ته جيئن پتو پوي ته بهترين ۽ بدترين ڪهڙو ڪهڙو آهي پر اي منهنجا دوست، منهنجون سڀ اميدون مٽيءَ ۾ ملي ويون. جڏهن مون ڏٺو ته مصنف نفس جو ذڪر ته ضرور ڪيو پر سوالن ۽ مسئلن جي حل ۾ هن ان اصول کي استعمال نه ڪيو ۽ ڪائنات جي نظام جي تشريح ۾ ڪنهن علت جو ذڪر نه ڪيو. هن جن علتن جو ذڪر ڪيو ڇا اهي ئي هيون جيڪي انهن فلسفين استعمال ڪيون هيون جيڪي ان کان اڳ موجود هئا(جن کي مادي چيو ويندو آهي) مثال: هوا، مادو، پاڻي وغيره.“
ان مايوسيءَ کانپوءِ سقراط فيصلو ڪيو ته حالتن جي نزاڪت کي نظر ۾ رکندي طبعيات جي علم تي ڌيان ڏيڻ مناسب نه هوندو ڇو ته ماڻهن ۾ ذهني طور تي هڪ اهڙي ڇڙواڳي پيدا ٿي چڪي آهي جو ڪنهن اخلاقي اصول تي اتفاق ممڪن نه آهي. ماڻهن جي دلين ۾ نيڪي ۽ بَدي ۽ مذهبي قدرن جي اهميت ختم ٿي چڪي آهي. پراڻا عقيدا ۽ قديم روايتون پنهنجي افاديت وڃائي چڪا آهن. سقراط جو خيال هو ته طبعياتي مسئلن کان پنهنجو ڌيان هٽائي خالص نفسياتي ۽ اخلاقي مسئلن ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي ته جيئن ان عبوري دور ۾ ماڻهن جا ذهن صاف ٿي سگهن. سقراط پنهنجي زماني جي تقاضن کان مجبور ٿي ٻنهي قسمن جي تحريڪن ۾ شامل هو. هو خالص طبعي ۽ مابعدالطبعي مسئلن تي به اهڙي نموني غور ڪري رهيو جهڙي نموني اخلاقي ۽ مذهبي مسئلن تي سوچي رهيو هو ۽ سندس شهرت هڪ فلسفي جي حيثيت سان پري پري تائين پهچي چڪي هئي.
سقراط هڪ اهڙي صوفياڻي جماعت جو مهندار به هو جنهن ۾ علم ۽ حڪمت کان علاوه عملي زاهدانه زندگي گذاري ويندي هئي. زيتو خان چواڻي: ايٿنز ۾ هڪ سوفسطائي اينٽي خون سقراط جي خلاف عملي جهاد شروع ڪري ڏنو هو ۽ سقراط جي ان حلقي کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ۾ مصروف هو. ان حلقي جي زندگيءَ جو نقشو زيتو خان سقراط جي لفظن ۾ هيئن چٽيو آهي ته:
” مان ۽ منهنجا ساٿي قديم عالمن ۽ دانشورن جي ڪتابن جو مطالعو ڪندا هئاسين، جيڪي اسان وٽ محفوظ آهن. حڪمت جي انهن خزانن ۾ اسان ناياب گوهر چونڊيندا ۽ انهن تي غور ۽ فڪر ڪندا هاسين.“
پر سوال اهو آهي ته اهي ڪتاب ڪهڙا ها، شايد اهي مصري يا فيثا غورث جا ڪتاب هجن، پر ڇا اهو ممڪن نه آهي ته اهي ڪتاب بني اسرائيل جي نبين جا هجن ڇو ته مغربي مصنفن جي اها ڪوشش آهي ته سقراط پنهنجي حڪمت ۽ ڏاهپ کي سڌو سنئون ماڻهن آڏو پيش ڪيو، هو پنهنجي ڪنهن پيشوا کان متاثر نه هو. افلاطون مطابق سقراط صرف هڪ فلسفي نه هو پر هو الهام سان به نوازيو ويو هو. هن جي دلي واردات صرف هڪ خشڪ فلاسافر واري نه هئي پر ان ۾ ڪشف، وجدان ۽ الهام جي آميزش هئي. ان سلسلي ۾ سڀ کان اهم گواهي سقراط جو توحيد وارو نظريو آهي.

[b]سقراط جو توحيد وارو نظريو
[/b] هن وٽ ”خدا“ جمع جي حالت ۾ ملي ٿو پر جتي به هن ”ديوتائن“ جو لفظ استعمال ڪيو آهي، ان جو مطلب عوام جي مشرڪانه عقيدن جي تشريح ۽ سندن نظرين جي ترجماني آهي پر جتي سقراط صرف پنهنجي ذاتي رجحانن جو ذڪر ڪيو آهي اتي هو لفظ خدا کي واحد ۾ استعمال ڪري ٿو. ڊاڪٽر زيلر پنهنجي ڪتاب ”سقراط ۽ سندس مڪتبه فڪر“ ۾ لکي ٿو ته سقراط کان پهرين يونانين وٽ توحيد جا ڌنڌلا تصور موجود ها پر سقراط ئي اهو پهريون ماڻهو هو جنهن ڪثرت پرستي ۽ شرڪ جي خلاف واحد خدا ۽ توحيد جو خالص تصور پيش ڪيو.
سقراط پنهنجي زماني جي سڀني فلسفيانه فڪرن مان لاڀ حاصل ڪيو ۽ اها هڪ حقيقت آهي ته هو پنهنجي زماني جي فلسفين وانگر مذهب کان پري نه هو. هو هڪ مذهبي ماڻهو هو جيڪو پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ عبادت ڪندو هو. سقراط پنهنجو پاڻ کي مادي فلسفين ۽ سوفسطائين کان الڳ رکيو، ايستائين جو انڪساغورث کان به الڳ ٿي ويو.
يونان ۾ ٻن خدائن جو ذڪر اچي ٿو: هڪ زيوس (Zeves) جيڪو خدا جي برابر هو، ٻيو اپالو (Apallo) هيو.
زيوس جي ذڪر تي هيئن روشني پوي ٿي ته يونان ۾ تهذيب ۽ مذهب جي شروعات ان وقت ٿي جڏهن هند يورپي قبيلن (آريه نسل) جو يونان ۾ اچڻ ٿيو. هند يورپي قبيلن هڪ برتر خدا جو تصور به گڏ آندو، جنهن کي انهن پنهنجي آسپاس سڀني قبيلن ۾ ڦهلايو، ان جو نالو زيوس هو. زيوس اصل ۾ هند يورپي نالو آهي ۽ قديم يوناني نسل جن کي بعد ۾ ايڪينز (Achaean) سڏيو ۽ جن جا وڏڙا هند يورپي قبيلا هئا، هتان جو سڀ کان وڏو خدا هو. هومر جن بادشاهن جي درٻار ۾ نظم ڳايا، اهي ايڪينز جا بادشاه هئا، انڪري انهن نظمن ۾ زيوس (خداءِ برتر) جو ذڪر ڪثرت سان اچي ٿو.
يونانين جي ٻئي نسل ۾ آئيونين وٽ اپالو خداءِ برتر جي حيثيت سان مڃيو ويندو آهي. اپالو جي، قديم زمانن کان يونان ۾ خدا برتر جي حيثيت سان پرستش ڪئي ويندي هئي. لفظ اپالو جي لفظي معنيٰ مان ظاهر آهي ته اهو حقيقت ۾ الله جو يوناني نالو هو. عبراني ٻوليءَ ۾ ان لاءِ ايل ۽ الوهيم جا لفظ آهن. دنيا جي مختلف ٻولين ۾ اهو ئي نالو مختلف تبديلين سان خدا جي لاءِ استعمال ٿيندو هو) عبراني ٻوليءَ ۾ ايل ۽ الوهيم جا لفظ الله تان ورتل آهن. اهڙي نموني قديم حيتي (Hittite) تهذيب ۾ خدا جي لاءِ لفظ اپالو جي نوعيت قديم زمانن کان هڪ خداءِ برتر واري رهي آهي.
آئيونين وٽ اهو شروع کان ئي خداءِ برتر جي حيثيت رکندو هو. انسائيڪلوپيڊيا ۾ اپالو کي سج ديوتا لکڻ سطحيت آهي. يونان جي پوري مذهبي تاريخ ۾ اپالو تهذيب جي دور کي ڇڏي، سقراط ۽ ارسطو جي دور تائين ڪڏهن به سج، ديوتا جي حيثيت سان پوڄيو نه ويو. يونان جي سڀني خدائن ۾ پيغمبرن جا سلسلا اپالو سان وابسته رهيا. يونان جون مشهور پيغمبرانه ڪردار فيثاغورث، آرفيس ۽ سقراط به اپالو سان وابسته رهيا آهن.
يونان ۾ اپالو جا ڪيترائي معبد هئا، جن ۾ سڀ کان مشهور ڊيلفي (Delfi) جو معبد هو، ان جي دروازي تي لکيل هو: ”پنهنجو پاڻ سڃاڻو“ (Know Them Selves) ۽ ”اجايو نه“ (Nothing in Excess) اهي لفظ اصل ۾ معاشي مسئلي سان تعلق رکن ٿا. اهو معبد سڄي يونان ۾ جادو ۽ پيشن گوئين جو مرڪز هو انڪري مقدس هو.
ڊيلفيءَ جو اهو جادوئي نظام سقراط کان صديون اڳ سڄي يونان ۾ رائج هو. بظاهر اهو معلوم ٿئي ٿو پر خدا جا طريقا مختلف قومن جي لاءِ مختلف آهن. اهو فرق اصول ۾ نه بلڪ جزئيات ۾ هوندو آهي. قومن جي تمدني ۽ ٻين خاصيتن جي ڪري ظاهري رسمن ۾ ڪجهه تبديليون اچي وينديون آهن. ڊيلفيءَ جي جادوءَ جي خاصيت اها آهي ته اهو ذهن جي درين کي بند نٿو ڪري پر جواب جو مفهوم ڳولڻ جي لاءِ ذهن کي اتساهيندو ۽ غور ۽ فڪر تي آماده ڪندو آهي.

[b]حضرت ابراهيم ۽ سقراط جي حالتن جي ڀيٽ
[/b] حضرت ابراهيم عليه السلام جو والد بت تراش هو. سقراط جو والد به بت تراش هو. ٻئي اهڙي معاشري ۾ پيدا ٿيا جتي بت پرستيءَ جو شديد غلبو هو. ٻنهي جڳهن تي سج، چنڊ ۽ ستارن جي پرستش تي زور رهيو. ٻنهي جي امتيازي وصف اها هئي ته اهي ٻئي ڪائنات جي آثارن جو مطالعو ڪندا پوءِ ان مطالعي سان معاشري جي اخلاقي قدرن جي اصلاح لاءِ نتيجا ڪڍندا هئا. سقراط فلسفين جي ابتڙ ڪائنات جي مشاهدي ذريعي اخلاقي اصول اخذ ڪيا.
ٻنهي، ماڻهن کي سمجهائڻ لاءِ دليل، منطق ۽ استدلال جو سهارو ورتو ۽ ان ۾ کين اهڙي خداداد صلاحيت عطا ٿيل هئي جو ساڻن بحث ڪندي مخالفن تي سڪتو طاري ٿي ويندو هو. سقراط بابت ٻڌايوسين ته هو بحث جي حوالي سان ايڏو مشهور هو جو ماڻهو چوندا هئا ته هن مخالف تي جادو ڪريو ڇڏي. حضرت ابراهيم جي باري ۾ قرآن چوي ٿو ته جڏهن نمرود سان بحث ٿيو ته هو ان جي جوابن سان لاجواب ٿي ويو.
اها ڳالهه به ٻنهي ۾ يڪسان آهي ته هنن پنهنجي قوم کي سج، چنڊ ۽ ستارن جي پرستش کان روڪڻ لاءِ اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهي فطرتي مظهر ته پاڻ غلام آهن، اهي معبود ڪيئن ٿي سگهن ٿا؟ حضرت ابراهيم اهو استدلال ڪيو ته ٻڏي يا اُلهي وڃڻ وارو منهنجو دوست نٿو ٿي سگهي. قرآن اِن کي حجت ابراهيمي چيو آهي. سقراط به پنهنجي عدالتي تقرير ۾ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته فطرتي مظهر خدا جا جوڙيل آهن ۽ جيڪو انهن تي ايمان رکي ٿو، اهو خدا تي به ايمان رکي ٿو. هن چيو ته” تون ان ماڻهوءَ کي جيڪو ٿورڙو به شعور رکندو هجي، اهو باور نٿو ڪرائي سگهي نه ته ڪو شخص خدا سان لاڳاپيل شين تي ته ايمان رکي پر خدائي هستين ۽ خدائن کي نه مڃي، اهو قطعي طور ناممڪن آهي. اها طاقت جنهن جو انهن شين تي اهڙو ته مڪمل ڪنٽرول آهي جو اهي پنهنجي بهترين حالت ۾ قائم آهن، ڪوبه ان تي غور نٿو ڪري. اهي ماڻهو اهو نٿا سوچين ته ان مقصد جي لاءِ انساني قوت کان مٿان هين هڪ برتر طاقت جي ضرورت آهي.“
قرآن حڪيم به چيو آهي ته سڀ سيارا پنهنجي پنهنجي مدار ۾ گهمي رهيا آهن، ڪو به هڪٻئي سان نٿو ٽڪرائي، اها سڀ خدا جي قدرت آهي. قرآن هر هر چيو آهي ته فطري مظهرن جو مطالعو سليم ذهن واري ماڻهوءَ کي خدا تي ايمان آڻڻ ڏانهن وٺي وڃي ٿو.

[b]ناڪاري رويو
[/b] خدا جي نيڪ بندن جي هڪ نشاني اها به آهي ته اهي تشدد يا لالچ سان پنهنجي دعوت ڇڏي نه ڏيندا آهن، اهڙي نموني سقراط کي پڻ پنهنجي دعوت دوران مزاحمت، مخالفت ۽ شديد دشمني کي منهن ڏيڻو پيو، ايستائين جو هن کي موت جي سزا لاءِ ڪٽهڙي ۾ آڻي بيهاريو ويو پر ان سڄي عرصي ۾هن پنهنجي نظرين تي ٿورو به مصلحت کان ڪم نه ورتو. جيڪڏهن هو چاهي ها ته مقدمي دوران خوشامد وارو لهجو اختيار ڪري موت جي سزا کان بچي سگهي پيو، جيئن عام طور ڏوهاري ڪندا آهن. جيل مان ڀڄڻ جا سڀ انتظام مڪمل هئا. هو جان بچائي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ وڃي سگهي پيو. ڀڄڻ جي لاءِ هن تي زور به ڏنو ويو پر هن ائين نه ڪيو. هن چيو:
” ايٿنز واسيو! ڇا ائين ڪرڻ منهنجي لاءِ عجيب نه آهي ته آءٌ ڪيترن ئي جنگي محاذن تي اٽل بيٺو رهيس جتي مونکي منهنجي ڪپتانن بيهاريو هو، مان اتي ٻين سان گڏ موت کي منهن ڏيندو رهيس پر جنهن محاذ تي مونکي خدا بيهاريو جيئن منهنجو يقين ۽ عقيدو آهي ۽ مونکي اها ذميواري سونپي وئي ته پنهنجي زندگي حقيقت جي ڳولا ۾ صرف ڪريان، پنهنجو پاڻ کي به جاچيان ۽ ٻين جو به امتحان وٺان. اهڙي حالت ۾ خطرن ۽ موت کي سامهون ڏسي مان پوئتي هٽان! يقين ڄاڻو ائين ڪرڻ عجيب ٿيندو. جيستائين سسئيءَ ۾ ساهه آهي، جسم ۾ طاقت آهي، مان ڪڏهن به ان دعوت کان نه مڙندس. سٺي نموني ڄاڻي وٺو، جيڪو ڪم مان ڪري رهيو آهيان ڪڏهن به ان جي خلاف نه ڪندس، پوءِ ان لاءِ ڪيترا ئي دفعا مرڻو ڇو نه پوي.“
ياد رهي ته سقراط کان پهريان انڪسا غورث کي سزا ڏني وئي هئي. هن پيري ڪليز جي مدد سان وڏي مشڪل سان جيل مان جان ڇڏائي. سقراط کانپوءِ ارسطوءَ تي اهو الزام لڳو ته هو خوف کان شهر ڇڏي ڀڄي ويو. ان ڪري هڪ محقق چيو هو ته فلسفين جي تاريخ ۾ ان کان وڏو ماڻهو ڪڏهن پيدا نه ٿيو.
339 ق - م ۾ ٽن ڄڻن ميلي ٽاس (Meletus)، ايني ٽاس (Anytus) ۽ لائي ڪان (Lycon) سقراط تي الزام هنيو هو ته هو معروف خدائن جو منڪر آهي ۽ نوجوانن کي گمراهه ڪري رهيو آهي، ان ڪري هن کي موت جي سزا ڏني وڃي. ان الزام هيٺ سقراط کي عدالت ۾ گهرايو ويو. عدالت 1 0 5 ججن تي ٻڌل هئي، جيوري ميمبرن آڏو سقراط پنهنجي دفاع ۾ تقرير ڪئي. ”معذرت“ ان جي تقرير جو عنوان آهي، جنهن کي افلاطون نقل ڪيو آهي. ڪتاب جو اصل يوناني نالو” سقراط جو جواب“ آهي پر انگريزيءَ ۾ اپالوجي (Apology) جي نالي سان مشهور آهي. ان جو ترجمو ”معذرت“ ڪيو ويو آهي. اهو دنيا جي ڪجهه لافاني ڪتابن مان هڪ آهي جنهن انساني نسل تي گهرا اثر ڇڏيا آهن. پنهنجي موضوع جي لحاظ کان اهو سقراط جي شخصيت ۽ سوانح جو سڀ کان اهم ماخذ آهي.
ان سوال جي جواب ۾ ته ڇا ”معذرت“ جنهن کي افلاطون نقل ڪيو آهي، لفظ به لفظ صحيح آهي؟ گهڻن دليلن سان اهو ثابت ٿئي ٿو ته افلاطون سقراط جي ان دفاعي تقرير جي بنيادي ۽ اهم حصن کي بلڪل صحيح نقل ڪيو آهي. ٻن مشهور محققن برنٽ ۽ گٿري (Guthrie) پڻ اهو ئي نتيجو ڪڍيو آهي. ايٿنز جي عدالت هارين ۽ واپارين تي ٻڌل هئي، جنهن جي چونڊ جو طريقه ڪار هيئن هو ته ميمبر واري واري سان نالن جي الف ب وار ترتيب سان چونڊيا ويندا ها. عدل انهن ”چونڊيل“ ماڻهن جي حوالي هو. اهڙي سوسائٽي جتي ماڻهو ديني ۽ اخلاقي قيد کان آزاد ٿي ويا هجن ۽ ملڪ جو دارومدار عوام جي راءِ شماريءَ تي هجي. جمهوريت وڏي خطري ۾ هئي، پر عوام کي ان خطري جو ڪوبه احساس نه هو ۽ جيڪڏهن احساس هو به ته ان جي سببن جو سٺي نموني پتو نه هو. ان ئي جمهوريت آخر ۾ سقراط جهڙي ڏاهي ۽ اخلاقي مصلح کي ڪجهه ووٽن سان موت جي سزا ڏني.
ايٿنز جي پاڙيسري حڪومت اسپارٽا جو نظام مرڪزيت ۽ عسڪريت پسندي تي ٻڌل هو. انڪري اسپارٽا کي عقل جي واڌاري جي ضرورت نه هئي بلڪ طاقت جي واڌاري جي ضرورت هئي. اظهار جي آزاديءَ واري جمهوريت جتي هر ماڻهو پنهنجي انفرادي راءِ رکڻ چاهي ٿو جڏهن عسڪريت سان ٽڪرائيندي ته ان جي شڪست لازمي آهي. ايٿنز جي جمهوريت آزاد شهرين جي جمهوريت هئي. ٽي حصا آبادي غلامن تي ٻڌل هئي جن کي ڪابه شخصي آزادي يا قانوني حق حاصل نه هو. آزاد جماعت ۾ ڪيتريون ئي پارٽيون بڻجي چڪيون هيون. وڏن وڏن اهم معاملن جو فيصلو اڪثريت راءِ سان ٿيندو هو. وڏا وڏا اڳواڻ ۽ جرنيل ڪجهه ووٽن جي ڪري قتل ڪيا ويندا ها. فلسفين جي باري ۾ به اهي ئي فيصلا ڪندا هئا ته ڪهڙو فلسفي قابل قبول ۽ ڪهڙو واجب القتل آهي. ظالم ماڻهن جي مطلق العناني جي خوف کان جماعتون جمهوريت قائم ڪنديون آهن پر جڏهن جمهوريت جاهل ۽ پاڳل ٿي وڃي، جنهن جو هميشه امڪان رهندو آهي ته ان جو ظلم مطلق العنان بادشاهن کان گهٽ نه هوندو آهي. خودغرضن ۽ خطيبن جي لاءِ عوام جي جذبن کي ڀڙڪائڻ ڪهڙي ڏکي ڳالهه آهي.

[b] عدالت ۾ دفاعي تقرير
[/b] ايٿنز واسيو! مون کي پتو نه آهي ته مون تي الزام لڳائڻ وارن کان توهان ڪيترا متاثر آهيو. مان ته سندن دليلن جي اُڻت ڏسي اهو وساري ويٺو هوس ته مان ڪير آهيان. جيستائين حقيقت جو تعلق آهي. هنن هڪ لفظ به سچ نه ڳالهايو. سندن سڀني الزامن مان هڪ الزام اهڙو آهي جنهن تي مان سڀ کان وڌيڪ داد ڏيان ٿو ۽ اهو هيءُ ته انهن چيو آهي ته مان شاندار تقرير ڪندڙ آهيان، تنهن ڪري مون کان هوشيار رهجو. ڪٿي توهان کي گمراهه نه ڪري ڇڏيان. هُنن کي اها ڳالهه چوندي ٿورو به شرم نه آيو ڇو ته اهو ڪوڙ ته منهنجي تقرير ڪندي ئي وائکو ٿي وڃي ها ۽ پتو پئجي وڃي ها ته مان هڪ شاندار مقرر ته ڇا پر هڪ سٺو مقرر به نه آهيان. هو شاندار مقرر ڪنهن کي ٿا چون جيڪو صاف ۽ سچي ڳالهه چوي. جيڪڏهن انهن جو اهو ئي مطلب آهي ته مونکي اعتراف آهي ته مان هڪ مقرر آهيان، پر انهن جهڙو نه آهيان. انهن ماڻهن جيئن مان چئي رهيو آهيان، شايد ئي ڪڏهن سچ ڳالهايو هجي پر مونکان توهان صرف سچ ئي ٻڌندا. ايٿنز جا شهريو! مان توهان کي شاندار لفظن ۽خوبصورت جملن سان سجايل تقرير نٿو ٻڌائي سگهان. توهان مونکان صاف، سڌي ڳالهه انهن صاف ۽ سڌن لفظن ۾ ٻڌندا جيڪي منهنجي ذهن ۾ ايندا. توهان مونکان ان کان وڌيڪ توقع نه رکجو، ڇو ته منهنجو انحصار لفظن تي نه، پنهنجي موقف جي سچائيءَ تي آهي ۽ مون جهڙي ڪراڙي ماڻهوءَ لاءِ اهو مناسب به نه آهي ته توهان جي آڏو هڪ وانگر پنهنجي ڳالهه کي خوبصورت لفظن ۾ ۽ شاندار جملن ۾ سجائي پيش ڪريان. هڪ شيءِ جي وضاحت ڪندس ۽ اها هيءَ ته توهان مونکي پنهنجو دفاع انهن ئي لفظن ۾ ڪندي ڏسندو، جن لفظن ۾ توهان مونکي بازارن، دوڪانن يا ٻين جڳهن تي ڪيترائي دفعا بحث ڪندي ٻڌو آهي.
منهنجا عزيز شهريو! ان تي حيران نه ٿيو ۽ نه ئي ان تي شور مچائجو. حقيقت اها آهي ته آءٌ ستر ورهين جو ڪراڙو آهيان پر زندگيءَ ۾ پهريون دفعو ههڙي عدالت ۾ بيٺو آهيان. انڪري هتان جي تقرير جي طريقي کان واقف نه آهيان، جيڪڏهن آءٌ واقعي هڪ غيرملڪي ڌاريو هجان ها ۽ اها ٻولي ۽ طريقو اختيار ڪريان ها جنهن جي مونکي عادت نه هجي ته توهان ناراض نه ٿيو ها. منهنجي درخواست آهي ته توهان مونکي ان ئي نظر سان ڏسو ۽ منهنجي ڳالهه جي طريقي کي، پوءِ اهو سٺو آهي يا خراب، نظر انداز ڪيو. پنهنجو سمورو ڌيان منهنجي ڳالهين تي ڏکيو ته اهي صحيح آهن يا غلط. اصل انصاف جو روح اهو ئي آهي ته مقرر سچ چئي ڏئي.
دوستو! مناسب ٿيندو ته پهرين مان پنهنجن پراڻن تهمتن هڻندڙن ۽ سندن ڪوڙن الزامن جو ذڪر ڪيان جيڪي گهڻي عرصي کان جاري آهن. ان کانپوءِ مان نوان الزام لڳائڻ وارن جي باري ۾ عرض ڪندس ڇو ته مون تي تهمتون هڻڻ وارا گهڻا آهن ۽ اهي ڪيترن ئي ورهين کان ان ڪم ۾ مصروف آهن پر منهنجي لاءِ هميشه ڪوڙ ئي ڳالهائيندا رهندا آهن. مون تي وڏي عرصي کان اهڙا الزام هڻندڙ ايني ٽاس ۽ ان جي ساٿين کان وڌيڪ آهن ۽ انهن کان وڌيڪ خطرناڪ به آهن، پر ايني ٽاس به ڪو گهٽ خطرناڪ نه آهي. هي اهي ماڻهو آهن جيڪي توهان کي ان وقت کان سيکاري رهيا آهن جڏهن توهان اڃا ننڍا هيئو. انهن توهان کي بدگمان ڪيو ۽ مون تي اهو ڪوڙو الزام لڳايو ته هتي اهڙو ڏاهو ماڻهو سقراط رهي ٿو جيڪو انهن سڀني شين تي، جيڪي آسمان تي آهن ۽ جيڪي زمين جي هيٺ آهن سوچيندو رهندو آهي ۽ پنهنجي منطق سان ڪمزور ڳالهه کي مضبوط بڻائيندو آهي. دوستو، اهي ماڻهو جن مونکي ائين مشهور ڪيو آهي حقيقت ۾ منهنجي لاءِ وڌيڪ خطرناڪ آهن ڇو ته انهن جون ڳالهيون ٻڌڻ وارا اهو سوچيندا آهن ته جيڪي ماڻهو هٿ ڌوئي جي پويان پون ٿا، اهي خدا تي يقين نٿا رکن. اهي ماڻهو. اڄ کان ئي نه پر ڪيتري عرصي کان وٺي منهنجي خلاف الزام تراشين ۾ مصروف آهن. هُنن انهن الزامن کي هڪ اهڙي عمر ۾ اوهان جي آڏو بيان ڪرڻ شروع ڪيو جيڪا توهان جي ننڍپڻ يا نوجوانيءَ جي عمر هئي جنهن ۾ ماڻهو سولائي سان ڳالهه تي يقين ڪندا آهن. عدالت ۾ هڪ طرفو مقدمو هلي رهيو هو ۽ جواب ڏيڻ وارو ڪوبه نه هو. انهن مان ڪن بغض ۽ عداوت جي ڪري ۽ ڪن وري ان ڪري جو اهي پاڻ ئي دوکي ۾ هئا، توهان کي برغلايو.
انهن سڀني کي منهن ڏيڻ ڏکيو آهي ڇو ته انهن مان ڪنهن کي گواه طور هتي آڻڻ ۽ ان کان سوال ڪرڻ ناممڪن آهي. پنهنجي دفاع ۾ ان سان لڙائي، اهڙي ئي آهي جيئن ڪو پنهنجي پاڇي سان وڙهي ۽ ان کان سوال پڇي، جن جو جواب ڏيڻ وارو ڪوئي نه هجي.
بهرحال اهو ذهن ۾ رکو ته مون تي الزام لڳائڻ وارا ٻن قسمن جا ماڻهو آهن. هڪ اهي جن مون کي هاڻي ڏوهي چيو آهي ۽ ٻيا اهي پراڻا ماڻهو جن جو ذڪر آءٌ ڪري چڪو آهيان. توهان مون سان اتفاق ڪندو ته مونکي پهريان پراڻن ماڻهن کي ئي جواب ڏيڻ گهرجي ڇو ته اهي اُهي ماڻهو آهن جن کي انهن نون ماڻهن جي مقابلي ۾ مون تي الزام لڳائيندي اوهان پهريان به ٻڌو ۽ گهڻا ڀيرا ٻڌو آهي.
خوب! ته دوستو، هاڻي مونکي جواب ڏيڻو آهي. آءٌ ڪوشش ڪندس ته ان تعصب کي جيڪو وڏي عرصي کان منهنجي خلاف سانڍيو ٿا اچو، هِن مختصر وقت ۾ ختم ڪري سگهان. منهنجي خواهش ۽ توهان توڙي مون لاءِ بهتر اهو آهي ته، ان جو ڪو نتيجو نڪري ۽ منهنجو دفاع ڪامياب ٿئي پر منهنجو خيال آهي ته ائين ٿيڻ ڏکيو آهي ڇو ته اها تمام ڏکي ڳالهه آهي.
بهرحال ان سڄي معاملي ۾ خدا جي ئي مرضي پوري ٿئي، مونکي ته قانون تي عمل ۽ دفاع ڪرڻو آهي.
اچو شروعات کان ڏسون ته اها ڪهڙي ڳالهه آهي جنهن انهن سمورن بي بنياد الزامن کي جنم ڏنو ۽ جنهن جي ڪري ميلي ٽاس مون تي فرد جرم عائد ڪيو آهي. جن لفظن ۾ مون تي تهمت لڳائي وئي آهي جيڪڏهن مان پنهنجي الزام لڳائيندڙن جي لفظن ۾ چوان ته اهو حلفي بيان هيئن ٿيندو ته سقراط جو ڏوهه هيءُ آهي ته هو انهن شين جي جستجو ۾ رهي ٿو جيڪي آسمانن کان مٿي ۽ زمين کان هيٺ ان جي تهه ۾ آهن. پنهنجي سڄي منطق سان هو بدتر کي بهتر ثابت ڪري ٿو ۽ اهو ئي ٻين کي سيکاري ٿو.
هي اهو الزام آهي جنهن کي توهان پاڻ ارسٽوفينز جي مزاحيه ڊرامي ۾ ڏٺو هوندو، جنهن ۾ هن جي ڪردار سقراط کي حيران پريشان گهمندي ڏٺو. هوائن تي هلڻ جي دعويٰ ڪندي ۽ ڪجهه اهڙيون ڳالهيون ڪندي ڏيکاريو ويو آهي جنهن جي هڪ لفظ جي به مونکي خبر نه آهي. منهنجو مطلب هتي اهڙي نموني جي علم تي چٿر ڪرڻ نه آهي. جيڪڏهن ڪو صاحب واقعي اهڙو علم رکي ٿو ته شايد ميلي ٽاس جي طرفان مونکي اهڙن سنگين الزامن کي منهن نه ڏيڻو پوي ها پر حقيقت اها آهي ته ايٿنز واسيو، منهنجو اهڙن معاملن سان ڪڏهن به واسطو نه پيو آهي. ان جي ثبوت طور توهان ماڻهن جي اڪثريت کي گواه ڪريان ٿو. توهان مان اهي ماڻهو جن مونکي ڪڏهن بحث ڪندي ٻڌو آهي ۽ توهان مان به گهڻن مون کي بحث ڪندي ٻڌو آهي، هڪٻئي کي ٻڌايائين. ڇا توهان مونکي ڪڏهن اهڙن معاملن ۾ وڌيڪ يا ٿورو ئي سهي بحث ڪندي ڏٺو آهي؟ ان سان ظاهر ٿي ويندو ته توهان منهنجي باري ۾ جيڪي ٻيا قصا ٻڌا آهن، اهي سڀ انهن ئي الزامن سان تعلق رکن ٿا.
اهڙي نموني اِن ڳالهه ۾ ڪابه صداقت نه آهي جيڪا توهان ٻڌي آهي ته مان ماڻهن کي تعليم ڏيان ٿو ۽ ان جو معاوضو وٺان ٿو. مان سمجهان ٿو ته اها وڏي ڳالهه آهي ته ڪو ماڻهو ليوٽينيءَ جي جارجياس، سويس جي پروڊيڪس ۽ ايلس جي هپياس جهڙن ماڻهن کي تعليم ڏيڻ جو اهل هجي. هي اهي ماڻهو آهن جو انهن مان ڪوبه جيڪڏهن يونان جي ڪنهن به شهر ۾ هليو وڃي ته اتان جا ماڻهو پنهنجن هم وطنن کي ڇڏي، جن جي تعليم جو هو ڪوبه معاوضو نه ڏيندا هئا، انهن جي رفاقت اختيار ڪندا، کين معاوضو به ڏيندا ۽ انهن جا شڪر گذار به ٿيندا. اصل ۾ هتي ايٿنز ۾، پاروس شهر جو اهڙو ئي شخص رهيو به آهي. مون کي ان جي باري ۾ هيئن پتو پيو ته سناهپونيڪس جي پٽ ڪيلي آس سوفسطائين کي ايتري قدر رقم ڏني جيڪا سڀني جي ڏنل رقم کان به وڌيڪ آهي. مون پڇيو” ڪيلي آس، جيڪڏهن تنهنجا ٻئي پٽ گڏهه يا گهوڙا هجن ها ته اسان آسانيءَ سان انهن جي لاءِ هڪ اهڙو استاد ڳولي لهون ها جيڪو هاري يا گهوڙن کي تاتڻ وارو هجي ها. ان کي چئون ها ته انهن جي بهترين خوبين کي اجاگر ڪري. پر ڇاڪاڻ ته هاڻي اهي ٻئي انسان آهن، تنهنجي ذهن ۾ انهن جي لاءِ ڪهڙو استاد آهي؟ اهڙو ڪير آهي جيڪو انهن خوبين کي سمجهي جيڪي هڪ سٺي انسان ۽ هڪ سٺي شهري ۾ هونديون آهن؟ اهو مان انڪري پڇي رهيو آهيان ته تنهنجا پٽ آهن ۽ تو انهن جي باري ۾ سوچيو ته هوندو؟“ هن جواب ڏنو ”يقينن اهڙو ماڻهو منهنجي نظر ۾ آهي.“ مون پڇيو” ڪير آهي؟ ڪٿان جو آهي؟ ۽ تعليم جي فيس ڪيتري وٺندو آهي؟“ ”اهو ايونيس آهي سقراط.“ هن ٻڌايو، ”پاروست شهر سان سندس تعلق آهي. پنج منهاس فيس وٺي ٿو.“ مون دل ۾ سوچيو ته جيڪڏهن ايونيس واقعي اهڙو عالم آهي ۽ هو کين ايتري معمولي فيس جي عيوض سيکاري رهيو آهي ته واقعي خوشقسمت آهن. جيڪڏهن مونکي اهڙو علم ايندو هجي ها ته ان تي فخر ڪيان ها پر سچ ٿو چوان مونکي ڪابه خبر نه آهي.
توهان مان شايد ڪو ماڻهو پڇي ته ”سقراط، پوءِ تون ڇا ٿو ڪندو وتين؟ انهن الزامن جو ڇا سبب آهي؟ جيڪڏهن تون عام ماڻهن وانگر ڪنهن خاص ڪم ۾ مصروف نه آهين ته پوءِ تنهنجي باري ۾ اهي ڳالهيون ۽ الزام ڪيئن پيدا ٿيا؟ ضرور تون ڪو خاص ڪم ڪري رهيو آهين جيڪو عام ماڻهو نه ڪندا آهن. اسان کي ان باري ۾ ٻڌاءِ. اسين ذميواريءَ سان تنهنجي باري ۾ فيصلو ڪنداسين.“ ٻڌندڙؤ! مان سمجهان ٿو ته اهو ڏاڍو مناسب سوال آهي ۽ مان ان جو جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس ته جيئن ان جي وضاحت ٿي سگهي ته ا ها ڪهڙي شيءِ آهي جنهن مونکي ائين بدنام ڪيو آهي ۽ جنهن جي ڪري منهنجي باري ۾ غلط ڳالهيون مشهور ٿيون. غور سان ٻڌو، شايد توهان مان ڪجهه ماڻهو اهو سمجهن ته جيڪو مان چوڻ وارو آهيان اها مذاق جي ڳالهه آهي پر يقين ڪريو ته مان توهان کي اصل حقيقت ٻڌايان ٿو. منهنجي هيئن بدنام ٿيڻ جو اصل سبب اهو آهي ته مونکي هڪ خاص قسم جي ڏاهپ عطا ڪئي وئي آهي. توهان پڇندؤ ته ڪهڙي قسم جي ڏاهپ؟ شايد انساني شعور ۽ عقل جي نوعيت جي، ڇو ته مونکي حقيقت ۾ ان جي ڪري ئي عقلمند چيو ويو آهي. جن ماڻهن جو آءٌ پهريان ذڪر ڪري چڪو آهيان انهن جي علم جو محور انسان نه، انسان کان ماورا آهي. آءٌ نه ٿو ڄاڻان ته ان کان علاوه انهن جي علم کي ٻيو ڇا چوان، ڇو ته مون ان کي سمجهڻ جي ڪڏهن به دعويٰ نه ڪئي آهي. جيڪو به ائين چوي ٿو ته منهنجو علم ان نوعيت جو آهي، اهو ڪوڙو آهي ۽ مون تي تهمت هڻي ٿو ۽ هاڻي شهر واسيو! مونکي ٽوڪجو نه، پوءِ آءٌ ڪيتري ئي عجيب ڳالهه ڇو نه چوان. جيڪي لفظ هاڻي مان چوڻ وارو آهيان اهي منهنجا نه پر هڪ حد درجي جي قابل اعتماد هستيءَ جا آهن. ان ڳالهه جي گواهيءَ جي لاءِ مونکي هڪ خاص قسم جي ڏاهپ عطا ڪئي وئي آهي ۽ اُها اِها ته ان دانائيءَ جي نوعيت ڇا آهي. مان ڊيلفي جي خدا جي گواهي پيش ڪريان ٿو. توهان، منهنجو خيال آهي شيفران کي سڃاڻو ٿا. هو منهنجو ننڍپڻ جو دوست هو. موجوده جمهوري حڪومت ۾ توهان سان گڏ شريڪ رهيو. توهان سان گڏ هن هجرت ڪئي ۽ توهان سان گڏ ئي واپس آيو. توهان ڄاڻو ٿا ته هو ڪهڙو ماڻهو هو. جنهن ڪم ۾ هو هٿ وجهندو هو، ان کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. هڪ دفعي ڊيلفي ويو ۽ جرئت ڪري هن ان مسئلي جي باري ۾ جادوگرن کان پڇيو. ساٿيو! مان توهان کي وري چوان ٿو مون کي نه ٽوڪجو. هن پڇيو ته ڪوئي مونکان وڌيڪ عقلمند آهي ته پائٿيا جي جادوگرياڻيءَ چيو: مونکان وڌيڪ عقل مند ڪير به نه آهي. ان ڳالهه جي حقيقت جو گواهه هتي شيفران جو ڀاءُ آهي ڇو ته شيفران فوت ٿي چڪو آهي.
اها ڳالهه مان توهان کي ان ڪري سڻائي رهيو آهيان جو توهان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته منهنجي خلاف عداوت ڪيئن پيدا ٿي؟ جادوءَ جي ڳالهه ٻڌڻ کانپوءِ مان ان ڳالهه تي غور ڪندو رهيس ته خدا جي جواب جي ڇا معنيٰ سمجهان؟ ان پروليءَ جو ڇا مقصد آهي؟ مونکي پتو نه آهي ته مون ۾ دانائي ٿوري آهي يا وڌيڪ؟ پوءِ اهو چوڻ جو ڇا مطلب آهي ته مان سڀ کان وڌيڪ عقلمند آهيان؟ آءٌ ائين نٿو سمجهان ته مون سان ڪوڙو ڳالهايو ويو آهي، ڇو ته ڪوڙ خدا جي فطرت ۾ ڪوڙ نه آهي. هڪ عرصي تائين ان ڪشمڪش ۾ رهيس ته ان جو مطلب ڇا آهي؟ پوءِ گهڻي ٻڏتر کانپوءِ مون ان سوال جو جواب هن طرح ڳولڻ شروع ڪيو ته مان هڪ صاحب وٽ ويس جيڪو هڪ وڏي دانشور طور مشهور هو. ذهن ۾ خيال هو ته جيڪڏهن مان جادوءَ کي غلط ثابت ڪري سگهان ٿو ته اها ئي جڳهه مناسب آهي. مان چئي سگهان ٿو ته اي رب! تون چيو هو ته مان سڀ کان وڌيڪ ڏاهو آهيان پر هاڻي ڏس، هتي هڪ اهڙو شخص به آهي جيڪو مونکان به وڌيڪ عقلمند آهي. پر جڏهن مون ساڻس بحث ڪيو، کيس جاچيو ۽ پرکيو ... هتي ضروري نه آهي ته مان ان ماڻهوءَ جو نالو وٺان، بس ايترو ڪافي آهي ته هو اسان جي سياستدانن مان هو، جنهن سان مون بحث ڪيو ... ته مونکي احساس ٿيو ته اهو ماڻهو عام ماڻهن جي نظرن بلڪ پنهنجين نظرن ۾ اڃا به وڌيڪ عقلمند بڻجڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر حقيقت ۾ ائين آهي ڪونه، پوءِ ته مان ان ۽ ان جي ٻين ساٿين لاءِ جيڪي اتي موجود ها هڪ قابل نفرت هستي بڻجي ويس. جڏهن مان اتان هليس ته پنهنجو پاڻ کي چيم: آءٌ ان ماڻهوءَ کان وڌيڪ عقلمند آهيان. اهو هيئن ته ممڪن آهي ته اسان ٻئي ئي حقيقي جمال ۽ اصل خير کان بي خبر هجون پر هو سمجهي پيو ته هو ڄاڻي ٿو پر مان ڄاڻان پيو ته مان نٿو ڄاڻان. انڪري آءٌ وڌيڪ ڏاهو آهيان چاهي ان ننڍي معاملي ۾ ڪجهه نٿو ڄاڻان،. ان کانپوءِ مان هڪ ٻئي ماڻهو وٽ ويس جيڪو ان کان به وڏو دانشور هو. هتي به اهوئي معاملو ٿيو، ان کانپوءِ انهن ۽ انهن جي ساٿين لاءِ نفرت لائق بڻجي ويس.
ان کانپوءِ ڪيترن ئي ماڻهن وٽ واري واري سان ويس. مونکي ان جو ڏک هو ته مان اهڙي نموني پنهنجي لاءِ نفرت پيدا ڪري رهيو آهيان پر خدا جي مرضي ڄاڻڻ جي لاءِ اهو ضروري هو ۽ اها ئي منهنجي پهرين ترجيح هئي. ڪهانت جي معنيٰ ڄاڻڻ لاءِ اهو تمام ضروري هو ته مان انهن ماڻهن سان ملان جيڪي ڪجهه به ڄاڻڻ جي شهرت رکن ٿا. دوستو! مان قسم سان چوان ٿو، ڇو ته توهان کي ان سچائيءَ کان آگاهه ڪرڻ ضروري آهي. منهنجو تجربو اهو هو ته جڏهن به مان ماڻهن سان خدا جي طرفان عطا ڪيل ان مشن جي سلسلي ۾ مليس ته جن کي وڏو ديو قامت سمجهيو ويندو هو، اهي اصل ۾ ننڍڙا نڪتا ۽ جن کي گهٽ درجي جو سمجهيو ويندو هو، اهي حقيقت ۾ انهن کان مٿاهان هئا.
دوستو! منهنجي لاءِ حقيقت جي ڳولا جي ڪهاڻي ٻڌائڻ ضروري آهي. آءٌ ان راهه ۾ سخت اذيتن مان گذريو آهيان، صرف ان ڪري ته الله جو فرمان سچو ثابت ٿئي. سياستدانن کانپوءِ شاعرن وٽ ويس. الميه نگارن ۽ مجذوب شاعرن وٽ، بلڪه سڀني وٽ ان خيال سان هلي ويس ته آءٌ انهن جي مقابلي ۾ ڪم علم آهيان. اهڙي نموني مان انهن جا اهي نظم ٻڌا، جيڪي منهنجي خيال ۾ تمام مشهور هئا. پوءِ کانئن انهن جو مطلب پڇيم. يقين ڪريو توهان کي اها حقيقت ٻڌائيندي شرم ٿو اچي ته آسپاس بيٺل سڀني ماڻهن کي انهن جو مفهوم سرجڻهارن کان وڌيڪ پيو اچي. اهو هو شاعرن جو حال! مونکي ڪجهه ئي دير ۾ پتو پيو ته جيڪو ڪجهه انهن لکيو آهي، بلڪل اهڙي نموني جيئن پيشن گوئيون ڪرڻ وارا يا ديوانا ائين ئي ڳالهيون چئي ويندا آهن جن جو مطلب انهن کي پاڻ کي به معلوم نه هوندو آهي. اهڙي ئي ڪنهن اثر جي تحت شاعر به لکندا آهن ۽ پنهنجي ان قابليت جي ڪري اهي پنهنجو پاڻ کي ٻين معاملن ۾ به نهايت عقلمند سمجهندا آهن جڏهن ته اهي عقلمند نه هوندا آهن. اهڙي نموني مان انهن وٽان اهو سوچي هليو آيس ته جيئن مان سياستدانن کان برتر آهيان، تيئن انهن کان به آهيان.
آخر ۾ آرٽسٽن وٽ ويس، هتي به مونکي ڪم علميءَ جو پورو احساس هو. ٻئي پاسي ان جو به پختو يقين ه.و ته انهن کي جمال ۽ خوبصورتيءَ ۾ وڏو عالم ڏسندس. هتي مونکان غلطي به نه ٿي. هو ڄاڻن پيا ۽ مان به ڄاڻان پيو، ان معاملي ۾ هو مونکان داناءَ هئا پر مون ڏٺو ته سٺا فنڪار به اها ئي غلطي ڪري رهيا آهن جيڪا شاعرن ڪئي، يعني هر هڪ پنهنجي فن ۾ تمام ڀَڙُ هو، انڪري سمجهيائين ٿي ته ٻين معاملن ۾ سمجهدار نه بلڪ ڪجهه وڌيڪ ئي سمجهدار آهي. ان غلطيءَ سندن علم کي ڌنڌلائي ڇڏيو هو. نيٺ مون پنهنجو پاڻ کان ڪهانت جي باري ۾ پڇيو ته مونکي انهن ماڻهن جهڙو هجڻ گهرجي ۽ انهن جهڙو عقل ۽ انهن جهڙي جهالت ٻئي مون ۾ اچي وڃن يا مونکي ائين ئي رهڻ گهرجي جيئن مان آهيان، نه انهن جهڙو عقلمند نه انهن جهڙو جاهل ته جيڪو جواب مونکي مليو، اهو هي هو ته مونکي اهڙو ئي رهڻ گهرجي جيئن مان آهيان.
ان حقيقت جي ڳولا ۾، دوستو! منهنجي خلاف سخت نفرت پيدا ٿي وئي جيڪا ايتريقدر ڪوڙي ڪساري هئي جو ان ڪيترين ئي بي بنياد ڳالهين کي جنم ڏنو. ان جي ڪري ئي مونکي عقلمند جو خطاب مليو. جڏهن آءٌ ڪنهن ٻئي جي جهالت کي ڏسان پيو ته آسپاس بيٺل ماڻهو سمجهن پيا ته آءٌ انهن معاملن ۾ وڏو سمجهدار آهيان پر اهو خدا ئي آهي جيڪو اصل ڏاهو آهي. ان جادوءَ ذريعي اصل ۾ اهو ڏيکارڻو هو ته انساني عقل ۽ ڏاهپ جي حيثيت ڪجهه به نه آهي يا صفا معمولي آهي. جادوءَ ۾ سقراط جو ذڪر هو پر منهنجو نالو صرف مثال طور استعمال ڪري رهيو هو، ڄڻ ائين چئي رهيو هجي: لوڪو، ڏسو! توهان مان سڀ کان ڏاهي ماڻهو، جيئن سقراط آهي، جي حيثيت ڏاهپ جي معاملي ۾ڪجهه به نه آهي. اهڙي نموني مان اڄ به خدا جي حڪم مطابق هر ان ماڻهوءَ وٽ وڃان ٿو جنهن جي باري ۾ مونکي شڪ هوندو آهي ته هو عقل وارو آهي، پوءِ اهو ملڪي هجي يا غير ملڪي. آءٌ کانئس سوال ڪريان ٿو ۽ کيس جاچڻ چاهيان ٿو. پوءِ جيڪڏهن ظاهر ٿي وڃي ته، هو ائين نه آهي ته مان ان کي سڀني جي آڏو ظاهر ڪريان ٿو ته جيئن خدا جي ڳالهه سچي ٿئي ته اصل ڏاهو، انسان نه آهي.
ان ڪم مونکي ايترو مصروف رکيو جو مون وٽ ايترو وقت نه هو ته آءٌ رياست جي لاءِ ڪو قابل ذڪر يا پنهنجي ذات لاءِ ڪو ڪم ڪري سگهان. نتيجو هي آهي ته ان خدائي خدمت جي سبب انتهائي غربت ۾ رهان ٿو. ان کانسواءِ ائين به ٿئي ٿو ته امير گهراڻن جا نوجوان جن کي واندڪائي آهي، پنهنجي رضا خوشيءَ سان منهنجي پيروي ڪن ٿا. اهي مونکي اهڙن ماڻهن جو امتحان وٺندي ڏسي خوش ٿيندا آهن ۽ پوءِ مونکي ڏسي پاڻ به ٻين کان اهڙا ئي چڀندڙ سوال ڪندا آهن. منهنجو خيال آهي ته انهن کي اهڙا ڪافي ماڻهو مليو وڃن جيڪي ڪجهه ڄاڻڻ جي دعويٰ ته ڪندا آهن پر حقيقت ۾تمام گهٽ يا بلڪل نه ڄاڻندا آهن. اهي ماڻهو جن جو نوجوان ائين امتحان وٺندا آهن، پاڻ تي خفا ٿيڻ بجاءِ مون تي خفا ٿيندا آهن ۽ چوندا آهن ته سقراط وڏو نقصانڪار ماڻهو آهي ۽ نوجوانن کي بگاڙي رهيو آهي پر جڏهن کانئن پڇيو ويندو آهي ته هو نئين ٽهيءَ کي ڪهڙي ريت ۽ ڇا سيکاري بگاڙي رهيو آهي ته انهن وٽ ڪوبه جواب نه هوندو آهي. هو علم نه رکندا آهن پر ان ڳالهه کي تسليم ڪرڻ بدران ته کين ڪا خبر ڪانهي، هو سڀني فلاسافرن خلاف محاذ کڙو ڪري ڇڏيندا آهن. پاتال جون ڳالهيون ۽ آسماني اڏام واري شاعري، دهريا غلط ڳالهه کي دليل سان صحيح ڪرڻ وارا، اهو سڀ ڪجهه چوندا پر سچ نه چوندا. اصل ۾ علم جا دعويدار ته بڻجن ٿا پر علم جي دعويٰ جا بخيا اوچتو اڊڙيو پون. اهي ماڻهو جيڪي تعداد ۾ ڪافي آهن، طاقتور به آهن ۽ انهن کي وڙهڻ جو شوق آهي، تڏهن کان منهنجي خلاف ڪوڙيون سچيون ڳالهيون ٺاهيندا ۽ لڳاتار توهان جا ڪن ڀريندا آيا آهن. انهن ئي ماڻهن مان ميلي ٽاس، ايني ٽاس ۽ لائي ڪان منهنجي خلاف محاذ جوڙيو آهي. ميلي ٽاس شاعرن جي توهين جي ڪري ناراض آهي، جڏهن ته ايني ٽاس سياستدانن ۽ فنڪارن ۽ لائي ڪان مقررن جي ڪري ڪاوڙ ۾ آهي. اهڙي نموني جيئن مان عرض ڪري چڪو آهيان، مونکي حيراني ٿيندي جو ايتري ٿوري وقت ۾ مان پنهنجي خلاف ان ڪوڙ کي جيڪو هاڻي وڌي جبل جيڏو ٿي ويو آهي، ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهان پر منهنجا عزيز شهريو! اصل حقيقت اها ئي آهي جيڪا مون توهان کي ٻڌائي آهي. مون ان ۾ ڪابه ننڍي يا وڏي شيءِ لڪائي نه آهي. مونکي يقين آهي ته منهنجي صاف گوئي ئي منهنجي ملامت جو سبب بڻي آهي، اهو ئي منهنجي خلاف مقدمي جو اصل بنياد آهي. جيڪڏهن توهان اڄ يا مستقبل ۾ ڪڏهن معاملي جي تهه تائي وڃڻ جي ڪوشش ڪيو ضرور ڄاڻي وٺندو ته اصل قصو اهو ئي آهي.
اهو جواب، انهن الزامن جي باري ۾ آهي جيڪي منهنجي پراڻن الزام لڳائيندڙن لڳايا هئا، توهان جي لاءِ ڪافي هجڻ گهرجي. هاڻي مان ڪوشش ڪندس ته ميلي ٽاس جيڪو پاڻ کي محب وطن چوي ٿو ۽ ٻين نون الزامن هڻندڙن جي جواب ۾ پنهنجي صفائي پيش ڪريان. اچو انهن ماڻهن جي لاڳو ڪيل فرد جرم کي هڪ دفعو وري ڏسون الزام بنيادي طور اهو آهي ته سقراط ڏوهي آهي، پهريون سبب اهو ته هن نوجوانن کي گمراهه ڪيو ۽ ٻيو اهو ته رياست جي معروف خدائن تي اعتقاد نٿو رکي پر ڪجهه خدائن تي يقين رکي ٿو. اها انهن الزامن جي نوعيت آهي. هاڻي اچو ته انهن مان هر هڪ جو ترتيب وار جائزو وٺون. پهريون الزام اهو آهي ته آءٌ نوجوانن کي گمراهه ڪري رهيو آهيان پر آءٌ چوندس ته ميليٽاس پاڻ ان ڏوهه جو ڏوهاري آهي. هو ماڻهن تي غيرسنجيدگيءَ سان ڪيس داخل ڪري اهم ڳالهين کي لڪائي رهيو آهي. هو انهن معاملن ۾ وڏو جذباتي ۽ حساس بڻجي ٿو جن جي باري ۾ هن شايد هڪ دفعو به سنجيدگيءَ سان نه سوچيو آهي. مان توهان کي ڏيکاريندس ته معاملو اصل ۾ اهو ئي آهي. ميلي ٽاس! ٿورو هيڏي اچ ۽ مونکي ٻڌاءِ ته ڇا تون دل سان نٿو چاهين ته نوجوان جيترو ممڪن هجي سٺا هجن؟
ميلي ٽاس :يقينن مان چاهيان ٿو.
سقراط :ته پوءِ عدالت کي ٻڌاءِ ته ڪير انهن کي سٺو ٿو بڻائي؟ ان ڳالهه جو ته توکي ضرور پتو هجڻ گهرجي ڇو ته تنهنجو شغل ئي اهو آهي. تو ئي مونکي انهن کي گمراهه ڪرڻ واري جي حيثيت سان ڳولي لڌو. پوءِ هتي ڀريءَ عدالت ۾ مون تي اهو الزام لڳايئي... ته هاڻي ٻڌاءِ، ڪير آهي جيڪو انهن جي اصلاح ڪري ٿو، کين بهتر بڻائي ٿو؟ ميلي ٽاس، تون چپ ڇو آهين؟ ڳالهائين ڇو نٿو؟ ڇا توکي پنهنجي خاموشيءَ تي شرمندگي نه آهي، ڇا اهو ان ڳالهه جو واضح ثبوت نه آهي جيڪا مون هاڻي چئي آهي ته تو انهن معاملن تي ڪڏهن سنجيدگيءَ سان نه سوچيو آهي. منهنجا دوست، ٻڌاءِ! ڪير آهي جو انهن جي اصلاح ڪري ٿو؟
ميلي ٽاس : قانون.
سقراط : آءٌ اهو ڪونه ٿو پڇان. آءٌ پڇان ٿو ته ڪهڙو ماڻهو آهي؟
چڱو، في الحال اهو ٻڌاءِ ته انهن قانونن کي ڄاڻڻ وارا ڪير آهن؟
ميلي ٽاس : هتي موجود مانوارا جج!
سقراط: تنهنجو مطلب آهي ته اهي نوجوانن جي اصلاح ۽ تربيت ڪرڻ جي اهل آهن؟
ميلي ٽاس: يقينن.
سقراط : سڀ جا سڀ يا انهن مان ڪجهه اهل آهن ۽ ڪجهه نااهل؟
ميلي ٽاس : سڀ جا سڀ.
سقراط : خدا ٿو ڄاڻي ته، اها ته تو وڏي خوشخبري ٻڌائي ته اسان وٽ تربيت ڪرڻ وارن جي ڪمي نه آهي. چڱو، اهو ٻڌاءِ ته انهن کان علاوه ڪهڙا ماڻهو آهن؟ڇا آسپاس بيٺل ماڻهو به انهن جي اصلاح ڪن ٿا؟
ميلي ٽاس : ها اهي ماڻهو به اصلاح ڪن ٿا.
سقراط : ۽ سينيٽرز به؟
ميلي ٽاس : ها اهي به.
سقراط : ۽ جيڪي اسيمبليءَ ۾ ويٺا آهن، اهي نوجوانن کي خراب ڪن ٿا يا انهن جي اصلاح ڪن ٿا؟
ميلي ٽاس : اهي به اصلاح ڪن ٿا.
سقراط : ان مان ته ظاهر ٿئي ٿو ته ايٿنز ۾، مون کان سواءِ سڀ ماڻهو انهن کي سٺو ۽ نيڪ بڻائي رهيا آهن، اڪيلو مان ئي کين خراب ڪري رهيو آهيان، ڇا تون اهو ئي ثابت ڪرڻ چاهين ٿو؟
ميلي ٽاس : بلڪل مان اهو ئي ثابت ڪرڻ چاهيان ٿو.
سقراط : تو مونکي صفا بدقسمت بڻائي ڇڏيو. چڱو اهو ٻڌاءِ ته اهو ئي اصول گهوڙن جي معاملي ۾ به صحيح آهي ته سڀ ماڻهو انهن کي هيرائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، فقط هڪ ڄڻو ئي کين خراب ڪندو آهي يا ان جي ابتڙ هڪ يا چند ماڻهو اهڙا هوندا آهن جن کي سئيس چيو ويندو آهي، کين پالي تاتي هيراڪ بنائيندا آهن پر اڪثر ماڻهو اهڙا هوندا آهن جو جيڪڏهن گهوڙن کي انهن جي حوالي ڪيو وڃي ته جيئن انهن کي سانڍي استعمال لائق بڻائي سگهن ته اهي انهن کي خراب ڪري ڇڏيندا. ميلي ٽاس، ڇا اها ڳالهه گهوڙن ۽ ٻين جانورن جي باري ۾ صحيح نه آهي؟ صاف ظاهر آهي، بلڪل صحيح آهي، ايني ٽاس تون مڃين يا نه. نوجوان ڪيترا خوشقسمت آهن جو کين خراب ڪرڻ وارو صرف هڪ آهي ۽ باقي سڀ انهن جي اصلاح ڪري رهيا آهن! حقيقت هيءَ آهي ته اها ئي ڳالهه واضح ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي ته تون نوجوانن جي معاملي ۾ ڪڏهن به سنجيده نه رهين ۽ اهو ئي ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته جنهن جي ڪري مون کي ڏوهي قرار ڏنو ويو آهي، توکي ان جي پرواهه بلڪل نه آهي.
هڪ ٻيو سوال به آهي ميلي ٽاس، خدا جي واسطي ان جو جواب ضرور ڏئي ته سٺن ماڻهن جي وچ ۾ رهڻ سٺو آهي يا برن ماڻهن ۾ رهڻ؟ منهنجا پيارا ٻڌاءِ، اهو ڪو ڏکيو سوال نه آهي. ڇا برا ماڻهو پاڻ سان واسطو رکڻ وارن کي نقصان نه پهچائيندا آهن ۽ سٺا ماڻهو ساڻن ڀلائي نه ڪندا آهن؟
ميلي ٽاس : يقينن ائين ئي آهي.
سقراط : ڇا ڪوئي پنهنجي واسطيدارن کي فائدي بجاءِ نقصان ڏيڻ پسند ڪندو؟ محترم جواب ڏي، قانون جي تقاضا آهي ته تون جواب ڏي ته ڪوئي فائدي بدران نقصان کڻڻ پسند ڪندو؟
ميلي ٽاس : يقينن نه.
سقراط : هاڻي اهو ٻڌاءِ ته تو مون تي جيڪو نوجوانن کي خراب ڪرڻ وارو الزام لڳايو آهي، ڇا آءٌ اهو ڪم اڻ ڄاڻائيءَ ۾ ڪري رهيو آهيان يا ڄاڻي واڻي؟
ميلي ٽاس : مان سمجهان ٿو تون ڄاڻي واڻي ڪري رهيو آهين.
سقراط : منهنجا مانائتا ميلي ٽاس، آءٌ هڪ ڪراڙو شخص آهيان ۽ تون جوان. پوءِ به تون مون کان ڪيتريقدر عقلمند آهين. توکي خبر آهي ته برا ماڻهو هميشه پنهنجي ساٿين کي نقصان ۽ سٺا ماڻهو سدائين فائدو ڏيندا آهن، پر مونکي ڏس! ايتري به خبر نه آهي ته جيڪڏهن مون ڪنهن پنهنجي ساٿيءَ کي مانائتا ته ان جو نقصان مونکي ئي ٿيندو ۽ بقول تنهنجي مان اهو سڀ ڪجهه ڄاڻي واڻي ڪري رهيو آهيان. مان نٿو مڃان. ميلي ٽاس، دنيا ۾ ڪو به نه مڃيندو. سڌي ڳالهه آهي يا ته مان نوجوانن کي خراب نه پيو ڪريان يا جيڪڏهن ڪري رهيو آهيان ته غير شعوري طور تي ۽ ٻنهي صورتن ۾ تون ڪوڙو آهين. جيڪڏهن مان اڻڄاڻائيءَ ۾ اهو ڪم ڪري رهيو آهيان ته ان اڻ ڄاڻائيءَ جي ڏوهه ۾ مون کي ڪنهن قانون جي تحت عدالت ۾ نٿو گهرائي سگهجي. ان جي ابتڙ طريقو هي هو ته تون مونکي ڪنڊائتو ملي سمجهائين ها ۽ تنبيهه ڪرين ها جيئن جيڪو ڪم آءٌ اڻ ڄاڻائيءَ ۾ ڪري رهيو آهيان اهو سمجهه ۾ اچڻ کانپوءِ ڇڏي ڏيا ان ها پر تون ائين ڪرڻ نه پيو چاهين، انڪري تون مونکي عدالت ۾ وٺي آئين، جتي انهن کي گهرايو ويندو آهي جن کي سزا ڏيڻ ضروري هوندي آهي، انهن کي نه جن کي سمجهائڻ ضروري هوندو آهي.
اهو واضح آهي ته ميلي ٽاس ان معاملي تي جيئن مون پهرين چيو، ڪڏهن ٿورو به نه سوچيو. چڱو، ائين ئي سهي. ميلي ٽاس صاحب! ٿوري مهرباني ڪري اهو ٻڌاءِ ته آءٌ نوجوانن کي ڪيئن خراب ڪري رهيو آهيان؟ ڇا ائين جيئن تو چارج شيٽ ۾ چيو آهي ته شهر جي معروف خدائن تي اعتقاد نه رکن پر ڪجهه ٻين خدائن تي ايمان آڻين؟ تنهنجو مطلب آهي ڇا اهو سيکاري مان انهن کي خراب ڪري رهيو آهيان!؟
ميلي ٽاس : بلڪل، مان اهو ئي چوان ٿو ۽ غلط نٿو چوان.
سقراط : ميلي ٽاس، انهن خدائن جي نالي تي ئي سهي جن جو اسان ذڪر ڪري رهيا آهيون، مونکي ۽ ٻين ماڻهن کي جيڪي هتي موجود آهن، صاف لفظن ۾ ٻڌاءِ ته تون ڇا ٿو چوڻ چاهين؟ ڇو ته مان سمجهي نٿو سگهان ته تنهنجو مطلب اهو آهي ته آءٌ ماڻهن کي ڪجهه خدائن تي ايمان رکڻ جي دعوت ڏيان ٿو، جنهن جي معنيٰ اها ٿي ته آءٌ پاڻ به انهن خدائن تي ايمان رکان ٿو، معنيٰ آءٌ دهريو نه آهيان ۽ نه ڪو ان سبب جي ڪري مون تي الزام لڳو آهي پر اهو خدا، جنهن تي آءٌ ماڻهن کي ايمان آڻڻ جي دعوت ڏيان ٿو، اهو اهو نه آهي جنهن تي رياست جو ايمان آهي پر ان کان مختلف آهي ۽ ڇا ان سبب جي ڪري مونکي ڏوهي قرار ڏين ٿو ته منهنجو ايمان مختلف خدائن تي آهي يا تون اهو چوڻ چاهين ٿو ته خدائن تي ايمان ئي نٿو رکان ۽ اهو ئي ٻين کي سيکاري رهيو آهيان.
ميلي ٽاس : ها، مان اهو ئي چوان ٿو ته تون خدائن کي صفا مڃين ئي نٿو.
سقراط : منهنجا عجيب و غريب دوست ميلي ٽاس! اهو انڪار ڪيئن آهي؟ ڇا آءٌ ٻين وانگر چنڊ ۽ سج کي خدا نٿو مڃان؟
ميلي ٽاس : بلڪل نه. جج صاحبو، مان زيوس جو قسم کڻي چوان ٿو ته هيءُ انهن تي بلڪل ايمان نٿو رکي. هيءُ چوي ٿو ته سج پٿر آهي ۽ چنڊ مٽي.
سقراط : منهنجا دوست ميلي ٽاس! تنهنجي آڏو انڪسا غورث بيٺو آهي ڇا؟ ڇا تون اُن کي ڏوهي قرار ڏئي رهيو آهين يا تون هتي ويٺل ماڻهن کي احمق ۽ جاهل سمجهين ٿو ته کين اهو پتو نه آهي ته جيڪي خيال تون مون سان منسوب ڪري رهيو آهين، حقيقت ۾ اهي انڪسا غورث جا ويچار آهن، جنهن جا ڪتاب اهڙين ڳالهين سان ڀريا پيا آهن. ڇا نوجوان اهي ڳالهيون مون کان سکن ٿا؟ هو وڌ کان وڌ هڪ ڊرامي جي ٽڪيٽ وٺي ٿيئٽر ۾ وڃي سگهن ٿا ۽ اتي جيڪڏهن ڪو ڪردار اهو چوي ته اهي ڳالهيون خاص ڪري اهو نظريو سقراط جو آهي ته هو ٽهڪ ڏئي کلندا. زيوس جو قسم، ڇا توهان جو خيال آهي ته مان خدائن کي بنيادي طور مڃان ئي نٿو؟
ميلي ٽاس : مونکي قسم آهي زيوس جو، تون چوين ٿو ته خدا بنيادي طور آهي ئي ڪونه.
سقراط : ان تي ته ڪوبه يقين نه ڪندو ۽ مونکي شڪ آهي ته توکي پاڻ کي به ان تي يقين نه آهي! ڀائرو! هي ماڻهو مونکي غنڊو ۽ بدتميز محسوس ٿئي ٿو، جنهن جوانيءَ جي انڌي جوش ۾ اهو الزام هنيو آهي. هي ان ماڻهو وانگر آهي جيڪو هڪ ڳجهارت ذريعي منهنجو امتحان وٺڻ چاهي ٿو. اها ڳجهارت هيئن آهي ته ڇا اهو عقلمند سقراط منهنجي تضاد بيانيءَ جو اندازو لڳائي وٺندو يا مان ان کي ۽ ٻين ٻڌڻ وارن کي دوکو ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندس. ڇو ته هي ماڻهو ائين محسوس ٿئي ٿو: پنهنجي لڳايل الزامن ۾ تضاد نٿو رکي، پر خدائن تي اعتقاد رکي ٿو، اصل ۾ اها ئي راند آهي جيڪا هو کيڏي رهيو آهي.
ڀائرو ! مونڏانهن اچو، مان هن کان سوال ڪريان ٿو ۽ اسان سڀ ملي هن جي بيان جي لفظن جي، جيڪي مونکي محسوس ٿين ٿا، جاچ ڪريون ٿا. تون ميلي ٽاس، مونکي جواب ڏي. توهان دوستو، مهرباني ڪري اهو ياد رکو، جيڪو مون توهان کي شروع ۾ چيو هيو ته جيڪڏهن آءٌ پنهنجي معمول واري انداز ۾ ڳالهه ڪريان ته شور نه مچائجو. ڇا ڪو ماڻهو ميلي ٽاس تي اهو يقين ڪري سگهي ٿو ته انسانن سان لاڳاپيل شيون ته موجود آهن پر انسانن جو وجود نه آهي؟ منهنجي خواهش آهي ته ميلي ٽاس ئي جواب ڏئي. مهرباني ڪري هن کي هر هر نه ٽوڪيو. ڇا ڪير به يقين ڪري سگهي ٿو ته گهوڙن سان لاڳاپيل شيون ته موجود آهن پر گهوڙا نه، بانسري وڄائڻ واريون شيون ته موجود آهن پر بانسري وڄائڻ وارو نه آهي؟ منهنجا دوست، جيڪڏهن تون جواب نٿو ڏيڻ چاهين ته تنهنجي ڪري مان، توکي ۽ باقي سڀني کي جيڪي هتي موجود آهن، جواب ڏيان ٿو ته نه ائين نه آهي پر منهنجي هن سوال جو جواب توکي ضرور ڏيڻو پوندو. ڇا ڪو اهڙو ماڻهو آهي، جيڪو اهو سمجهي ته خدائن سان لاڳاپيل شيون ته موجود آهن پر خدائي هستيون موجود نه آهن.
ميلي ٽاس: نه اهڙو ڪو به ڪونهي.
سقراط : تو اهو جواب ڏئي خوش ڪري ڇڏيو. توڙي جو اهو جواب عدالت جي مجبور ڪرڻ تي ڏنو اٿئي پر تو اعتراف ڪيو آهي ته آءٌ خدائي شين تي، پوءِ اهي نيون هجن يا پراڻيون پر بهرحال خدائي شيون آهن، اعتقاد رکان ٿو ۽ اهو ئي سيکاريان به ٿو. تنهنجي پنهنجي لفظن مطابق، جنهن تي تون پنهنجي الزامي بيان جو حلف کنيو آهي. مان ان تي ايمان رکان ٿو ته اهو به ضروري آهي ته مان خدائي هستين تي به ايمان رکان. ڇا اهو صحيح نه آهي؟ يقينن اهو صحيح آهي! تون جواب نه ٿو ڏين ته مان ان کي تنهنجي طرفان ها سمجهندس. چڱو، ڇا اسين انهن خدائي هستين کي خدا يا خدا جا پٽ نٿا سمجهون؟ جواب ڏي، ها يا نه!؟
ميلي ٽاس : مان ها ڪريان ٿو.
سقراط : جهڙوڪر تون تسليم ڪري رهيو آهين ته مان خدائي هستين تي يقين رکان ٿو ۽ اهي خدائي هستيون جيئن تو چيو، هڪ قسم جا خدا آهن. مان پهرين ئي چيو هو ته تنهنجو الزام راند يا ڳجهارت کان گهٽ نه آهي ۽ هاڻي مان ان جو ثبوت به ڏيان ٿو. پهريون تون چوين پيو ته مان خدائن تي اعتقاد نٿو رکان، وري چوين ٿو ته رکان ٿو، ڇو ته خدائي هستين کي مڃان ٿو. پر جيڪڏهن خدائي هستيون، خدا جو ناجائز اولاد آهن، جيئن عام طور تي سمجهيو ويندو آهي، ته اهڙو ڪير آهي جيڪو اهو سمجهي ته خدائن جو اولاد ته آهن پر اهي خدا نه آهن. هي ائين ئي آهي جيئن ڪو اهو مڃي ته گهوڙن ۽ گڏهن جا ٻچا ته آهن پر گهوڙا ۽ گڏهه نه هوندا آهن. اصل ۾ ميلي ٽاس، اهو الزام لڳائڻ وقت تنهنجي نيت اها ئي هئي ته تون اهو ڏسڻ چاهين پيو ته ان معاملي ۾ڪيستائين کيڏي سگهين ٿو يا پوءِ تو وٽ الزام لڳائڻ جي لاءِ صحيح ڳالهه ئي نه هئي، ڇو ته تون ڪنهن به ماڻهوءَ کي جيڪو ٿورڙو به شعور رکي ٿو، اهو باور نٿو ڪرائي سگهين ته ڪو ماڻهو روحاني ۽ خدائن سان واسطيدار شين تي ته اعتقاد رکي ٿو پر خدائي هستين ۽ خدائن جي وجود کي نٿو مڃي! اهو بلڪل ناممڪن آهي.
بهرحال دوستو، آءٌ ميلي ٽاس جي لڳايل الزامن تحت بلڪل ڏوهاري نه آهيان، ان سلسلي ۾ ان کان وڌيڪ صفائي پيش ڪرڻ جي ضرورت نه آهي، ايترو ئي ڪافي آهي، پر مون ڪجهه دير پهرين چيو هو ته گهڻا ماڻهو مون کان دلي نفرت ڪن ٿا. توهان يقين ڪريو، حقيقت هيءَ آهي ته مونکي جيڪڏهن ڪا شيءِ ڏوهي قرار ڏياريندي ته اهي ميلي ٽاس يا ايني ٽاس نه پر اها نفرت ۽ عداوت آهي جيڪا اڪثر ماڻهو منهنجي خلاف سانڍيو ويٺا آهن. انهيءَ نفرت ۽ دشمني مون کان اڳ گهڻن صالح ماڻهن کي بدڪردار قرار ڏياريو آهي. ڪو سبب نه آهي ته اهو عمل اڄ رڪجي وڃي ۽ اهو معاملو وري نه دهرايو وڃي، شايد توهان مان ڪو اهو چوي ته سقراط، ڇا اهو ندامت جو باعث نه آهي. تو اهڙو طرز عمل اختيار ڪري رکيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ اڄ موت جي تلوار سر تي لٽڪي رهي اٿئي؟ اهڙي قسم جي سوال جو مون وٽ ڏاڍو معقول جواب آهي ته منهنجا دوستو، جيڪڏهن توهان اهو سمجهو ٿا ته هڪ ماڻهوءَ کي، جنهن ۾ سٺائيءَ جو ڪو ترورو به باقي آهي، زندگي ۽ موت جو حساب رکڻ گهرجي ته توهان صحيح نه سمجهيو. اهڙي ماڻهوءَ کي جڏهن هو ڪنهن ڪم ۾ مصروف آهي ته صرف ان جو فڪر ڪرڻ گهرجي ته اهو صحيح ڪري رهيو آهي يا غلط ۽ اهو ته ان جو عمل صالحن جهڙو آهي يا فتني بازن جهڙو، ڇو ته ان دليل مطابق تي اهي سمورا جيڪي ٽروجن جي جنگ ۾ مري ويا، وڏا بدنصيب هئا خاص ڪري ٿيٽينز جو پٽ اڪليز جنهن ذلت سان زنده رهڻ جي مقابلي ۾ خطرن کي منهن ڏيڻ پسند ڪيو. جڏهن هن هيڪٽر کي قتل ڪرڻ جو ارادو ڪيو ته هن جي ماءُ جيڪا پاڻ به هڪ ديوي هئي، چيو ”منهنجا پٽ، جيڪڏهن تو پنهنجي دوست پيٽروڪلس جي قتل جو بدلو ورتو ۽ هيڪٽر کي ماريو ته پاڻ به مارجي ويندين ڇو ته هيڪٽر کانپوءِ تنهنجو وارو آهي.“ هن ماءُ واتان پيشن گوئي ٻڌڻ باوجود موت جي پرواهه نه ڪئي ۽ اهو پسند نه ڪيو ته هڪ اهڙي بزدل ماڻهوءَ وانگر جيئرو رهي جيڪو پنهنجي دوست جو بدلو به نه وٺي سگهيو. ”موت بيشڪ اچي،“ هن چيو ” پر مان ڏوهاريءَ کي سزا ضرور ڏيندس، مان هتي ٽٽل جهاز جي تختن تي مذاق ڪرڻ ۽ ڌرتيءَ جي سيني تي بار بڻجي زندهه رهڻ نٿو چاهيان.“ ڇا توهان سمجهو ٿا ته هن خطرن ۽ موت کي ڪا اهميت ڏني هئي؟
دوستو! اصل ۾ ڳالهه هيءَ آهي ته جڏهن به ڪو شخص پنهنجو پاڻ کي ڪنهن اهم محاذ تي متعين ڪري ٿو، چاهي پاڻ اهو سمجهندو هجي ته ان جڳهه تي بيهڻ هُن لاءِ صحيح آهي يا سندس ڪپتان هن کي ان جڳهه تي بيهاريو هجي. مان سمجهان ٿو ته هن کي پٺتي هٽڻ ۽ هانوَ هارڻ جي ذلت جي مقابلي ۾ بهرحال پنهنجي جڳهه تي بيهي ڊيوٽي ڏيندو رهڻ گهرجي، پوءِ خطرا ڪيترا به هجن ۽ آڏو موت ئي ڇو نه هجي.
ايٿنز واسيو! ڇا ائين ڪرڻ منهنجي لاءِ عجيب نه هوندو ته مان پاٽي ڊايا ايمفي پولس ۽ ڊيلي اين ۾ انهن محاذن تي ته ارادي جي مضبوطيءَ سان بيٺو رهيس جتي منهنجي سرواڻن جن کي اوهان ماڻهن چونڊيو هو، بيهاريو هو، اتي مان ٻين سان گڏ موت سان مهاڏو اٽڪائيندو رهيس، پر جنهن محاذ تي مونکي خدا بيهاريو آهي جيئن منهنجو يقين ۽ اعتقاد آهي ۽ مونکي اها ذميواري سونپيائين ته پنهنجي زندگي حقيقت جي ڳولا ۾ صرف ڪريان، پنهنجو پاڻ کي به جاچيان، ٻين جو به امتحان وٺان، تڏهن خطرا ۽ موت آڏو ڏسي مان ان محاذ تان پوئتي هٽان؟ يقينن ائين ڪرڻ عجيب ٿيندو، پوءِ ڇا جڏهن ڪو ماڻهو مونکي ڏوهاري قرار ڏئي عدالت ۾ آڻي ۽ الزام ته عقلمند ۽ ڏاهو آهي، جڏهن ته حقيقت ائين نه آهي ته هو واقعي حق تي هوندو ڇو ته موت کان ڊڄڻ جو مطلب ان کانسواءِ ڪجهه نه آهي ته توهان اهو سمجهو ته وڏو عقلمند آهي، جڏهن ته حقيقت ۾ ائين نه هجي. اهو انڪري ته توهان جو گمان آهي ته هو جيڪو ڄاڻي ٿو، اهو توهان نه ٿا ڄاڻو، ڪوبه نٿو ڄاڻي ته موت ڇا آهي؟ شايد اها انسان جي لاءِ هڪ عظيم الشان نعمت ئي هجي پر ماڻهو موت کان ائين ڊڄن ٿا ڄڻ اهو انهن جي لاءِ بدترين مصيبت آهي. اهو ان کانسواءِ ڇا آهي ته اها ئي پراڻي جهالت ته توهان سمجهو ٿا، ڄاڻو ٿا پر توهان ڪجهه نٿا ڄاڻو.
دوستو، مان شايد گهڻن ماڻهن کان ان معاملي ۾ ڪجهه مختلف آهيان ۽ ٻين جي مقابلي ۾ جيڪڏهن آءٌ ٿورڙي ڏاهپ جي دعويٰ ڪريان ٿو ته ان ڪري جو مان ڄاڻان ٿو ته ٻي دنيا جي احوال جي باري ۾ وڌيڪ نٿو ڄاڻان. مونکي صرف ايترو پتو آهي ته خدا جي ۽ پاڻ کان بهتر ماڻهن جي نافرماني ڪرڻ، خراب ۽ بي حيائيءَ جي ڳالهه آهي. تڏهن انهن براين جي خوف کان، جن جي خراب هئڻ جو مونکي سٺي نموني پتو به آهي، مان موت کان نه گهٻرائيندس، نه لنوائيندس ۽ عين ممڪن آهي ته اها منهنجي لاءِ نعمت ئي هجي. تنهن ڪري جيڪڏهن توهان مونکي رها ڪريو ۽ ايني ٽاس جي ڳالهه رد ڪريو .... توهان کي ياد آهي هن ڇا چيو هو؟ هن چيو هو ته مونکي عدالت ۾ بلڪل آندو ئي نه وڃي ۽ جڏهن مونکي عدالت ۾ آندو ويو آهي، تڏهن موت جي سزا کان گهٽ سزا منهنجي لاءِ ممڪن نه آهي، ڇو؟ ان ڪري ته جيڪڏهن اڄ مونکي ڇڏيو ٿو وڃي ته توهان جا ٻار جلدي اهو ڪرڻ شروع ڪندا ته جيڪو سقراط سيکاري ٿو ان سان سڀئي گمراهه ٿي ويندا! ان جي جواب ۾ توهان جي طرفان جيڪڏهن اهو چيو وڃي ته سقراط! هن دفعي اسان ايني ٽاس جي ڳالهه نه ٿا مڃون ان سان توکي ان شرط تي آزاد ڪريون ٿا ته تون پنهنجو وقت حقيقت جي ڳولا ۾ گذارڻ بند ڪري ڇڏيندين ۽ جيڪڏهن تو ائين نه ڪيو ته موت جي سزا جو مستحق قرار ڏنو ويندين. جيڪڏهن توهان مونکي انهن شرطن تي آزاد ڪندؤ ته اي شهر واسيو! منهنجو جواب هيءُ آهي ته توهان جي محبت ۽ شفقت جي وڏي مهرباني! مان توهان جي اطاعت جي مقابلي ۾ خدا جي اطاعت ڪندس. جيستائين سِسيءَ ۾ ساهه آهي، جسم ۾ طاقت آهي، آءٌ ڪڏهن به ان دعوت کان نه مڙندس. مان دعوت ڏيندو رهندس، ترغيب ڏياريندو رهندس، اوهان مان هر ان ماڻهوءَ کي جنهن سان ڪڏهن به منهنجي ملاقات ٿيندي ته مان چوندس منهنجا ڀاءُ! تون ايٿنز جو رهواسي آهين، اُن عظيم شهر جو شهري آهين جيڪو پنهنجي طاقت ۽ ڏاهپ ۾ مشهور آهي. توهان هر ممڪن ڪوشش ڪريو ٿا ته دولت، شهرت، مقام ۽ مرتبي ۾ بهتر کان بهتر ٿيندا وڃو، ڪڏهن اهو به سوچيو اٿوَ ته سچائي، ڏاهپ ۽ پنهنجي نفس جي لاءِ به ڪوشش ۽ محنت جي ضرورت آهي ته جيئن اهي به بهتر کان بهتر ٿين. پوءِ جيڪڏهن توهان مان ڪو مون سان بحث ڪري ۽ اهو چوي ته هو انهن شين جي نگهداشت ڪري ٿو ته مان نه کيس وڃڻ ڏيندس ۽ نه ئي پاڻ ويندس. ان کان سوال پڇندس، کيس جاچيندس، پرکيندس ۽ جيڪڏهن مون ڄاتو ته هو چوي ٿو ته، کيس خير ۽ نيڪيءَ جو علم آهي پر حقيقت ۾ اڻڄاڻ آهي ته مان کيس اهو احساس ڏياريندس ته هن انتهائي قيمتي شين جي لاءِ تمام ٿورو سوچيو، جڏهن ته معمولي شين جي لاءِ وڏي ڊڪ ڊوڙ ۾ آهي. اها ئي تبليغ مان هر هڪ کي جنهن سان به ملندس، ڪندس، پوءِ اهو ڪراڙو هجي يا جوان، ملڪي هجي يا غير ملڪي، خاص ڪري سڄڻن کي هن پاسي ضرور سڏيندس! ڇو ته توهان منهنجي قوم ۽ برادريءَ مان آهيو. يقين ڪريو، ان ڪم جو حڪم مونکي خدا ڏنو آهي ۽ منهنجو ايمان آهي ته هن شهر جي لاءِ منهنجي هن خدا ڪارڻ خدمت کان وڌيڪ ڪا به ڀلائي نٿي ٿي سگهي. منهنجو ڪم صرف اهو ئي آهي ته توهان کي هن ڳالهه لاءِ مائل ڪريان پوءِ جوان هجن يا ڪراڙا ته پنهنجي جسم ۽ مال کي پهرين ترجيح قرار نه ڏيو پر روح ۽ نفس جي پاڪيزگيءَ کي مٿڀرو مقام ڏيو. روح جي ايتري نشونما ڪريو جو اهو نيڪيءَ جي اعليٰ مقام تي پهچي وڃي. آءٌ توهان کي ٻڌايان ٿو ته، خير ۽ نيڪي، مال ۽ دولت سان نه ٿي ملي پر خير ۽ نيڪيءَ سان مال به ملي ٿو ۽ اهي سڀ شيون به ملن ٿيون جيڪي انسان جي ذاتي ۽ اجتماعي زندگيءَ لاءِ ضروري آهن، جيڪڏهن مان اهو سيکارڻ سان نوجوانن کي خراب ڪري رهيو آهيان ته واقعي منهنجا نظريا خطرناڪ آهن پر جيڪڏهن ڪو اهو چئي ته مان ان کانسواءِ ٻيو ڪجهه چوان ٿو ته اهو ڪوڙ ٿو ڳالهائي. توهان ايني ٽاس جي ڳالهه مڃو يا نه مڃو، مونکي ڇڏيو يا نه ڇڏيو، پر اهو چڱيءَ طرح ڄاڻي وٺو ته جيڪو ڪم آءٌ ڪري رهيو آهيان ان جي خلاف ڪڏهن به نه ڪندس، پوءِ مونکي ان جي لاءِ ڪيترا ئي دفعا مرڻو ڇونه پوي.
دوستو! گوڙ نه ڪيو! مهرباني ڪري اها ڳالهه مڃو جيڪا مون توهان سان شروع ۾ ڪئي هئي ته منهنجي ڳالهه ۾ دخل نه ڏجو، پوءِ مان جيڪو ڪجهه به چوان. مونکي ضرور ٻڌو، ڇو ته مونکي ٻڌڻ سان توهان ضرور ڪجهه حاصل ڪندؤ. مونکي ڪجهه ٻيو به چوڻو آهي جنهن کي ٻڌي شايد توهان شور مچايو پر خدا جي واسطي ائين نه ڪجو. ان ڳالهه جو يقين ڪريو ته توهان جيڪڏهن مون جهڙي شخص کي ماري ڇڏيو ته منهنجي بدران پنهنجو پاڻ کي ئي نقصان پهچائيندو. مونکي ميلي ٽاس يا ايني ٽاس ذرو به نقصان نٿا پهچائي سگهن. انهن جي اندر ۾ ايتري طاقت نه آهي ڇو ته خدا جو قانون ان جي اجازت نٿو ڏئي ته هڪ برو ماڻهو، هڪ سٺي ماڻهوءَ کي پنهنجي برائيءَ سان نقصان پهچائي سگهي. هو ان کي ماري سگهي ٿو، ان کي ڏيهه نيڪالي ڏئي سگهي ٿو، ان جا شهري حق غصب ڪري سگهي ٿو ۽ شايد هو ۽ ڪجهه ٻيا ماڻهو به ائين سمجهن ته اهو وڏو زخم آهي پر مان ائين نٿو سمجهان، ان جي بجاءِ جيڪو ڪم ايني ٽاس هاڻي ڪري رهيو آهي، يعني هڪ ماڻهوءَ کي ناحق مارڻ جي ڪوشش، ان کي وڏو شر سمجهان ٿو. تنهن ڪري، ايٿنز واسيو! آءٌ پنهنجو دفاع پنهنجي لاءِ نه پيو ڪريان جيئن توهان جو گمان آهي، بلڪ توهان جي خاطر پنهنجو دفاع ڪري رهيو آهيان ته جيئن مونکي گنهگار قرار ڏئي توهان اها غلطي نه ڪري ويهو ته خدا هڪ نعمت عطا ڪئي هئي جنهن کي توهان ٺڪرائي ڇڏيو. ڇو ته جيڪڏهن مونکي ترت ماري وڌوَ ته جلد ڪو ٻيو مون جهڙو توهان کي نه ملندو. مون کي خدا هن شهر سان ڳنڍيو آهي.... اهو چوڻ کل جوڳو لڳي ٿو..... ته ڄڻ ڪا شيءِ سختيءَ سان جوڙي وئي هجي. رياست جو مثال هڪ چڱيءَ طرح پاليل گهوڙي وانگر آهي، جيڪو پنهنجي وزن ۽ هيڏي وجود جي ڪري سست رفتار آهي. هن کي هڪ اهڙي ڏنگ جي ضرورت آهي جيڪو کيس ننڊ مان جاڳائي هوشيار ڪري. اهڙي ئي هڪ ڏنگ وانگر خدا مونکي هن رياست سان ڳنڍي ڇڏيو آهي ته آءٌ سڄو ڏينهن ان جي جسم تي گهمندو وتان، توهان مان هر هڪ وٽ هلي وڃان، ان کي غفلت جي خواب مان جاڳائيندو ۽ هوشيار ڪندو رهان. سڄڻَو! اهڙو ماڻهو توهان کي سولائي سان نه ملندو. منهنجي نصيحت مڃو ته مونکي وڃڻ ڏيو پر شايد ان بدحواس ماڻهوءَ وانگر جنهن کي ننڊ مان اوچتو اٿاريو ويو هجي، توهان مون تي ئي هٿ کڻو ۽ ايني ٽاس جي ڳالهه مڃي مونکي موت جي سزا ڏيو، تهان پوءِ وري سڄي زندگي ستا رهجو، اوستائين جو خدا پنهنجي ٻاجهه سان مون جهڙو ڪو ٻيو توهان کي ننڊ مان اٿارڻ جي لاءِ موڪلي ڏئي. رهي اها ڳالهه ته مان خدا جي طرفان ان رياست جي لاءِ هڪ نعمت آهيان، ان کي توهان منهنجي ڪردار سان جاچي ڏسي سگهو ٿا. شهر واسيو! اهو عام انسانن جو طريقو نه آهي جيئن مون پنهنجي سمورن ذاتي معاملن کي نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي. منهنجا گهريلو معاملا ڪيترن ئي ورهين کان ڪُنڊائتا پيل آهن ۽ منهنجو حال اهو آهي ته هر وقت توهان ماڻهن سان مصروف آهيان. توهان مان هر هڪ وٽ ائين ويندو آهيان جيئن هڪ وڏو ڀاءُ يا پيءُ ويندو آهي. توهان کي خير ۽ ڀلائيءَ لاءِ راغب ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. جيڪڏهن مون ان خدمت جي عيوض ڪو به فائدو يا رقم وصول ڪئي آهي ته ان جو ڪونه ڪو سبب ضرور هوندو پر توهان پاڻ ئي ڏسو ته مون تي الزام هڻندڙ هر قسم جو الزام بي شرميءَ سان لڳايو پر ان جو هڪ به گواهه پيش نه ڪري سگهيا ته مان ڪڏهن ڪنهن کان فيس ورتي يا ان جو مطالبو ڪيو، جڏهن ته مان پنهنجي صفائيءَ ۾ واضح شهادت پيش ڪريان ٿو ۽ اهو آهي منهنجي غربت ۽ افلاس.
شايد توهان کي اها ڳالهه عجيب محسوس ٿئي ته مان صحيح ماڻهن وٽ انفرادي طور ويندو آهيان، کين نصيحت ڪندو آهيان ۽ هر وقت اِن ڪِرت ۾ مشغول آهيان، پر اسيمبليءَ ۾ نه ايندو آهيان ۽ رياست کي مشورا نه ڏيندو آهيان. ان جو سبب آءٌ توهان کي ڪيترائي دفعا ڪيترين ئي جڳهن تي ٻڌائي آيو آهيان ۽ جنهن کي ميلي ٽاس پنهنجي بيان ۾ ٽوڪيو آهي، اهو آهي ته مون تي هڪ روحاني ۽ الهامي نوعيت جي شيءِ اچي ٿي. اهو معاملو مون سان ننڍپڻ کان وٺي اڃ تائين آهي. مان ڪنهن ڪم ۾ هٿ وجهندو آهيان ته هڪ آواز مونکي اهو ڪم ڪرڻ کان روڪيندو آهي. پر ڪنهن ڪم ڪرڻ تي مجبور نه ڪندو آهي. ان آواز ئي مونکي اجتماعي معاملن ۾ حصو وٺڻ کان روڪيو آهي ۽ مان سمجهان ٿو ته ان جهل پل ۾ وڏي حڪمت آهي. توهان ان جو يقين ڪريو ته جيڪڏهن مان اجتماعي معاملن ۾ حصو وٺان ها ته ڪڏهوڪو ختم ٿي چڪو هجان ها. هاڻي منهنجي سچ چوڻ تي توهان ناراض نه ٿيو. حقيقت اها ئي آهي ته جيڪو ماڻهو به توهان جي پارٽيءَ سان يا ڪنهن ٻي پارٽيءَ سان حقيقي اختلاف رکي ٿو ۽ رياست ۾ ظلم ۽ ناانصافيءَ جي ڳالهين کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته ان جي زندگي خطري کان خالي نه آهي. ان ڪري اهڙي ماڻهوءَ جي لاءِ جيڪو واقعي سچائيءَ جي ويڙهه وڙهي رهيو هجي، جيڪڏهن ان کي باقي رهڻو آهي، پوءِ ٿوري وقت لاءِ ئي سهي ضروري آهي ته هو اجتماعي معاملن کان الڳ رهي انفرادي زندگي گذاري. مان توهان کي ان ڳالهه جو نهايت واضح ثبوت به پيش ڪريان ٿو جيڪو صرف زباني جمع خرچ نه بلڪ اهي واقعا آهن، جن جي اوهان جي نظر ۾ وڏي اهميت آهي. ٻڌو! خود مون سان ڇا ٿيو، ان مان توهان کي به پتو پئجي ويندو ته مون موت جي خوف کان ڪڏهن به ڪنهن کي عدل ۽ انصاف جي خلاف عمل جي رعايت نه ڏني. پوءِ اها رعايت نه ڏيڻ جي ڪري آءٌ ٿڏي تي ڇو نه ماريو وڃان! آءٌ توهان کي قانوني عدالتن جو قصو ٻڌايان ٿو جيڪو بور ڪندڙ پر سچو آهي.
شهر واسيو! مون رياستي معاملن ۾ ڪڏهن به حصو نه ورتو سواءِ هڪ ڀيري، جڏهن آءٌ هڪ دفعو سينيٽ جو ميمبر رهيس. ان وقت حڪومتي معاملن ۾ منهنجي قبيلي ايني روڪس جو عمل دخل هو. ان وقت ڏهن جنرلن تي ان الزام ۾ ڪيس هليو ته انهن سامونڊي ويڙهه کانپوءِ لاش نه کنيا هئا. توهان اهو چاهيو پيا ته انهن سڀني تي گڏ مقدمو هلايو وڃي جيڪو قانون جي خلاف هو. ان جو بعد ۾ توهان اعتراف به ڪيو. پر ان وقت پنجاهه ماڻهن جي مجلس ۾، صرف مان ئي هس جنهن ان غير قانوني ڪم ڪرڻ جي مخالفت ڪئي ۽ مخالفت ۾ ووٽ وڌو. ان وقت به مقرر منهنجي مذمت ڪري رهيا هئا، مونکي تڏهن ئي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ها ۽ هاڻي رڙيون ڪري کين ائين ڪرڻ تي اڀارين ٿا، مون جيل ۽ موت جي خوف کان ظلم جو ساٿ نه ڏنو هو. سڀني خطرن کي منهن ڏنم پر قانون ۽ انصاف جو مان مٿانهون ڪيم. هي ان وقت جو واقعو آهي جڏهن ملڪ ۾ جمهوريت هئي. جڏهن الخاصه حڪومت آئي ته ٽيهن جي ٽولي مونکي پنهنجي چيمبر ۾ گهرايو ۽ حڪم ڏنو ته چئن ٻين ماڻهن سان گڏ سلاميس وڃان ۽ سلامي شخص ليون کي وٺي اچان ته جيئن ان کي موت جي سزا ڏني وڃي. انهن اهڙا ئي حڪم ٻين کي به ڏنا هئا. چاهين پيا ته پنهنجي گناهن ۾ وڌ کان وڌ ماڻهن کي ملوث ڪن. ان موقعي تي به مون زباني جمع خرچ سان نه بلڪه پنهنجي عمل سان اهو ثابت ڪيو هو ته مونکي موت جي رتي برابر به پرواهه نه آهي. جيڪڏهن پرواهه آهي ته ان ڳالهه جي ته ڪوبه ڪم ظلم ۽ ناانصافيءَ سان نه ٿيڻ گهرجي. اها حڪومت وڏي طاقتور هئي پر مونکي خوفزده ڪري غلط ڪم ڪرڻ تي مجبور نه ڪري سگهي. اهڙي نموني جڏهن اسان چيمبر مان ٻاهر آياسين ته باقي چار ٽوليون کي آڻڻ لاءِ سلاميس هليا ويا، جڏهن ته مان پنهنجي گهر آيس. جيڪڏهن ٽيهن جي اها حڪومت جلد ختم نه وڃي ها ته منهنجي ان حرڪت تي شايد مونکي موت جي سزا ڏني وڃي ها.
ڇا توهان اهو سمجهو ٿا ته مان رياستي معاملن ۾ حصو وٺان ها، هڪ سچي انسان وانگر هميشه عدل کان ڪم وٺان ۽ پوءِ ايتري عرصي تائين جيئرو به رهان؟ ايٿنز واسيو! نه، آءٌ يا ڪوبه ٻيو ماڻهو اهڙو طرزعمل اختيار ڪري پنهنجو پاڻ کي بچائي نه پيو سگهي. مان پنهنجي سڄي زندگيءَ ۾ ائين ئي رهيو آهيان. چاهي انفرادي معاملا هجن يا اجتماعي، ڪڏهن به ڪنهن کي خوش ڪرڻ جي لاءِ ناانصافيءَ کان ڪم نه ورتو اٿم. ڪنهن جو استاد نه آهيان پر جيڪڏهن ڪو ڪراڙو يا جوان مونکي پنهنجي مشن دوران ٻڌڻ جو خواهشمند آهي ته مون ڪنهن کي ان کان روڪيو نه آهي. نه وري منهنجي اها عادت آهي ته پئسا وٺي بحث ڪريان يا جيستائين پئسا نه ملن، بحث نه ڪريان••••• پر آءٌ ته هر وقت تيار رهندو آهيان ته ڪير به امير هجي يا غريب مونکان سوال پڇي يا اسان مان جيڪڏهن ڪير اهو چاهي ته پهرين آءٌ ان کان سوال پڇان. آءٌ ٻين کي پنهنجي ڳالهه چوڻ جو پورو موقعو ڏيندو آهيان پوءِ جيڪو چوڻو هوندو آهي چوندو آهيان. ان کانپوءِ منهنجي ٻڌڻ وارن مان ڪو سٺو بڻجي ويندو آهي يا برو ته ان جي لاءِ مون تي الزام نٿو لڳائي سگهجي، ڇو ته مون ڪنهن کي تعليم ڏيڻ جو وعدو نه ڪيو هو ۽ نه ئي ڪنهن کي ان انداز سان سيکاريو هو. اهڙي نموني جيڪڏهن ڪو ماڻهو اهو چوي ته هن علحدگيءَ ۾ مونکان جيڪو ڪجهه ٻڌو ۽ سکيو آهي، جيڪو مون سڀني جي وچ ۾ نه چيو آهي ته سمجهو ته اهو سچ نه پيو ڳالهائي.
پوءِ ڪهڙو سبب آهي ته ڪي ماڻهو منهنجي صحبت ۾ ايترو وقت گذارڻ پسند ڪن ٿا؟مانائتا دوستو، توهان پهرين ئي مونکان ٻڌي چڪا آهيو. مون توهان کي اصل حقيقت ٻڌائي آهي ته اهي مونکي امتحان ۾ ڏسڻ چاهين ٿا جيڪي پاڻ کي عقلمند سمجهن ٿا پر حقيقت ۾ اهي عقلمند نه آهن. انهن لاءِ اهو ڪم وندر ورونهن آهي پر منهنجي لاءِ اهو خدا جو حڪم آهي جيڪو هن پنهنجي نشانين، خوابن ۽ سڀني طريقن سان ڏنو آهي، جيئن خدا جي منشا انسان تي ظاهر ٿئي. ايٿنز جا شهريو! اصل حقيقت اها ئي آهي ۽ ان جو ثبوت به واضح آهي. اهو هيئن ته جيڪڏهن مان نوجوانن کي خراب ڪري رهيو آهيان ۽ گهڻن کي خراب ڪري چڪو آهيان ته لازمي طور تي انهن کان جيڪي وڏا ٿي چڪا آهن ۽ اهو ڄاڻي چڪا آهن ته جڏهن اهي نوجوان هئا ته انهن مونکان ڪافي مشورا ۽ نصيحتون حاصل ڪيون هيون، هاڻي عدالت ۾ پيش ٿيڻ کپن ۽ مونتي الزام لڳائين ۽ مونکي سزا ڏيارين. جيڪڏهن اهي پاڻ ائين نٿا ڪرڻ چاهين ته انهن جي مائٽن، انهن جي والدين، انهن جي ڀائرن يا سندن خاندان جي ٻين ماڻهن کي، جن کي منهنجي هٿان نقصان پهتو آهي، هاڻي ٻڌائڻ گهرجي ته جيئن مونکان بدلو وٺي سگهن، انهن مان گهڻا منهنجي خيال ۾ هتي موجود نه آهن، پر انهن مان ڪن کي مان هتي ڏسي رهيو آهيان. سڀ کان اڳ اسٽرو بولس جو پيءُ ڪرائٽو هتي موجود آهي. اهو منهنجو هم عمر به آهي ۽ منهنجي علائقي جو به آهي. سينٽين جو رهواسي لائيانياس آهي جيڪو ايسڪينيز جو پيءُ آهي. سيفي سنين جو رهڻ وارو اينٽي نان آهي جيڪو ايبي جينز جو پيءُ آهي، ان کان علاوه ڪجهه ٻيا به آهن، جن جا ڀائر مون سان گڏ هئا. انهن مان نڪوسٽرٽس آهي جيڪو ٿيوس ڊوٽائي ڊيز جو پٽ ۽ ٿيوڊوٽس جو ڀاءُ آهي. ٿيوڊوٽس ته مري چڪو آهي، انڪري هو هن کي ڪجهه چوڻ کان روڪي نٿو سگهي. پارلس جيڪو ڊيموڊوڪس جو پٽ ۽ ٿيايجيز جو ڀاءُ آهي. ان کان علاوه آءٌ ارسٽون جي پٽ ايڊي مينٽس کي به ڏسي رهيو آهيان، جنهن جو ڀاءُ افلاطون به موجود آهي. اپالو ڊورس جو ڀاءُ آئينٽوڊورس به هتي ئي آهي. ان کانسواءِ ٻيا به ڪافي آهن جن جا نالا مان توهان کي ٻڌائي سگهان ٿو ۽ جن مان ڪن کي ميلي ٽاس کي ضرور پنهنجي تقرير ۾ گواهه طور گهرائڻ کپندو هو. جيڪڏهن هو وساري چڪو آهي ته هاڻي انهن مان ڪنهن کي گواهيءَ لاءِ پيش ڪري، آءٌ وارو ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. هو ڳالهائي ۽ ٻڌائي ته وٽس انهن مان ڪنهن جي گواهي آهي؟ پر منهنجا عزيز شهريو! توهان حقيقت کي ان جي ابتڙ ڏسندو. اهي سڀ منهنجي مدد جي لاءِ تيار آهن. ها! مان اخلاق جو خراب آهيان ۽ بقول ميلي ٽاس: سندن مائٽن لاءِ به ڏک ۽ اذيت جو باعث آهيان. مان جن کي خراب ڪري چڪو آهيان، اهي منهنجي تائيد ڪن ته پوءِ شايد ڪو سبب ٿي سگهي ٿو پر سندن اهي مِٽ مائٽ جن کي مون نه برغلايو آهي، جيڪي اڌيڙ عمر جا آهن، اهي به جيڪڏهن منهنجي حمايت ڪن ته پوءِ ان کان سواءِ ٻيو ڪهڙو سبب ٿي سگهي ته اهي ڀلائي ۽ سچائيءَ جي طرفداري ڪرڻ چاهين ٿا. هو ڄاڻن ٿا ته ميلي ٽاس ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي ۽ مان سچ چئي رهيو آهيان.
اي شهر واسيو! مان پنهنجي معذرت ۾ جيڪو ڪجهه عرض ڪري سگهان پيو بس اِهي ئي حقيقتون آهن يا شايد انهن جهڙيون ڪي حقيقتون به هونديون. هاڻي شايد توهان مان ڪي صاحب ان ڳالهه تي دل ئي دل ۾ خار کائيندا هجن جڏهن کين اهو ياد اچي ته ڪڏهن اهي به ڪنهن اهڙي مقدمي کي جيڪو ان کان گهٽ سنگين هو، منهن ڏئي رهيا هئا. ان وقت انهن ڪيتريون التجائون ڪيون هيون. ججن جي دلين کي نرم ڪرڻ لاءِ ڪيترا ڳوڙها ڳاڙيا هيا. پنهنجي ٻچن ۽ رشتيدارن کي انهن ڏانهن موڪليو هو ۽ ساڻن گڏ بي شمار دوست به هئا پر مان جيئن ته ظاهر ٿي رهيو آهي، ائين نه ڪري رهيو آهيان ۽ اهو به اهڙين حالتن ۾ جڏهن نهايت سنگين خطري ۾ آهيان. منهنجي ان طرز عمل کي ممڪن آهي ڪير خراب محسوس ڪري ۽ ان ڪري سندس دل منهنجي لاءِ سخت ٿي وڃي ۽ هو غصي ۾ منهنجي خلاف ووٽ ڏئي. جيڪڏهن توهان مان ڪو ائين محسوس ڪري ٿو ته مان نهايت ادب سان کيس چوندس ته جناب اعليٰ! منهنجا به عزيز ۽ رشتيدار آهن، ڇو ته بقول هومر: مان نه ته پٿر مان پيدا ٿيو آهيان ۽ نه ڪاٺ مان. انسان جو اولاد آهيان، انڪري منهنجا به مِٽ مائٽ ۽ دوست آهن. انهن کان علاوه منهنجا ٽي پٽ آهن، هڪ ته جوان ٿي چڪو آهي ۽ ٻه اڃا ٻار آهن، پر مان انهن مان ڪنهن کي به ان ڪم لاءِ هتي نه آڻيندس ته اهي منهنجي حق ۾ ووٽ وجهن. مان اهو سڀ ڇو نه پيو ڪريان؟ ان ڪري نه ته مان مغرور آهيان ۽ نه انڪري ته توهان کي گهٽ ۽ حقير سمجهان ٿو. آءٌ بهادريءَ سان موت کي منهن ڏيان ٿو يا نه، اهو هڪ جدا مسئلو آهي پر اصل ڳالهه هيءَ آهي ته مونکي پنهنجي، توهانجي ۽ رياست جي حيثيت کي نظر ۾ رکندي اهو پنهنجي شان جي خلاف محسوس ٿئي ٿو ته آءٌ اهڙو، ڪم ڪريان ۽ اهو به هن عمر ۾ ۽ ان شهرت سان، پوءِ اها سٺي آهي يا خراب. گهٽ ۾ گهٽ هڪ عام راءِ آهي ته سقراط عام ماڻهن کان ڪهڙي به نموني برتر هو ۽ اها شرم جهڙي ڳالهه هوندي ته اوهان مان جيڪي ڪهڙي به نموني ٻين کان برتر هجن، چاهي عقل ۽ ڏاهپ ۾ يا ڪنهن ٻي نيڪيءَ ۾، اهي اهڙي طرز عمل جو مظاهرو ڪن. مون اڪثر سٺي شهرت رکڻ وارن کي به، جڏهن هو ڏوهي قرار ڏنا ويندا آهن، انتهائي عجيب طرز عمل جو مظاهرو ڪندي ڏٺو آهي. شايد سندن خيال هوندو آهي ته جيڪڏهن مري ويا ته خطرناڪ مصيبت ۾ وٺجي ويندا، نه ته هميشه زنده رهندا. آءٌ سمجهان ٿو ته اهڙا ماڻهو رياست جي لاءِ رسوائيءَ جو باعث آهن ڇو ته انهن کي ڏسي غيرملڪي اهو سمجهندا ته ايٿنز جا اعليٰ رتبي جا ماڻهو به، جن کي سندن پنهنجا ساٿي حڪومت ۽ ٻين اعزازن جي لاءِ چونڊيندا آهن، عورتن کان بهتر نه آهن. ان نوعيت جون حرڪتون، اسان جهڙي شهرت رکڻ وارن کي زيب نٿيون ڏين ۽ نه ئي توهان کي اسان کي اهڙين حرڪتن جي اجازت ڏيڻ کپي توهان کي سواءِ ان شخص جي جيڪو سنجيدگيءَ سان پنهنجو دفاع ڪري، هر ان ماڻهوءَ جي مذمت ڪرڻ گهرجي جيڪو شهر کي اهڙن دردناڪ منظرن سان کِل جوڳو بڻائي ڇڏي. پر جيڪڏهن ان وقار جي معاملي کي ڇڏي ڏجي، تڏهن به مونکي اهو صحيح نه ٿو لڳي ته ڪو ماڻهو جج کي دليلن سان قائل ڪرڻ بجاءِ صرف ان جي رحمدليءَ تي انحصار ڪري آزاد ٿي وڃي ڇو ته جج صاحب عدالت ۾ عدل ڪرڻ لاءِ ويهن ٿا، انڪري نه ته انصاف کي بطور عنايت ڪنهن جي جهوليءَ ۾ وجهن. ان جو حلف اهو آهي ته قانون مطابق انصاف ڪن. اهو نه ته جيڪو انهن کي خوش ڪري ان کي نوازين. اسان کي گهرجي ته توهان کي ان حلف جي خلاف ورزيءَ جي عادت وجهڻ نه ڏيون ۽ توهان به پنهنجو پاڻ کي ان عادت ۾ مبتلا نه ڪيو. اهي ٻئي خدا جي نظر ۾ هڪ جهڙيون برايون آهن ڇو ته ٻنهي صورتن ۾ ائين ڪرڻ صحيح عمل جي خلاف آهي. ان ڪري مون کان اهو مطالبو نه ڪيو ته مان توهان جي لاءِ اهڙي طرز عمل جو مظاهرو ڪريان جيڪو نه سٺو آهي، نه صحيح آهي ۽ نه ئي جائز، خاص ڪري زيوس جو قسم، هن موقعي تي مون جهڙي شخص لاءِ جيڪو ميلي ٽاس جهڙي ماڻهوءَ جي بدولت مذهب جي منڪر جي حيثيت سان عدالت ۾ بيٺو آهي. ظاهر آهي جيڪڏهن مان رحم ڏياري اوهانجون همدرديون حاصل ڪريان ۽ مجبور ڪريان ته توهان پنهنجي کنيل قسم جي خلاف ورزي ڪيو ته پوءِ آءٌ يقينن توهان کي هيءُ سيکاري رهيو آهيان ته توهان خدائن تي يقين نه رکو. اهڙي نموني پنهنجو دفاع ڪندي مان پاڻ ئي پنهنجو پاڻ کي خدائن تي ايمان نه رکڻ جو ڏوهي ثابت ڪندس پر مان اهڙين شين کان گهڻو پري آهيان. منهنجو انهن تي ايمان، مون تي الزام هڻندڙن جهڙو نه آهي. آءٌ پنهنجي ڪيس جو فيصلو توهان تي ۽ خدا تي ڇڏيان ٿو ته جيئن اسان ٻنهي جي لاءِ جيڪو بهتر آهي، اهو ئي ٿئي.
(ان موقعي تي هڪ وقفو ٿيو ته جيئن ڪيس جو فيصلو ووٽنگ ذريعي ڪيو وڃي. سقراط جي حق ۾ 0 2 3 ووٽ ۽ مخالفت ۾ 1 8 3 ووٽ پيا. 1 6 ووٽن جي اڪثريت سان سقراط ڏوهي قرار ڏنو ويو. ايٿنز ۾ قانون اهو هو ته ڏوهاريءَ کي پنهنجي لاءِ متبادل سزا تجويز ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويندو هو. ان کانپوءِ جيوري ڏوهاري لاءِ تجويز ڪيل سزا ۽ ان جي متبادل سزا تي ٻيهر ووٽنگ ڪندي هئي. ان قانون مطابق سقراط کي پنهنجي لاءِ سزا تجويز ڪرڻي هئي، ان لاءِ هن عدالت کي ٻيهر خطاب ڪيو.)
ايٿنز واسيو! جيڪو فيصلو هاڻي توهان ٻڌايو آهي، مونکي ان تي افسوس نه آهي. سبب ان جا ڪافي آهن. خاص ڪري اهو ته جيڪو ڪجهه ٿيو اهو توقع جي خلاف نه هو پر مونکي ٻنهي پاسي پيل ووٽن جي تعداد تي حيراني آهي. منهنجو خيال هو ته منهنجي خلاف پوندڙ ووٽن جو تعداد تمام گهڻو هوندو پر هاڻي جيئن ظاهر آهي ته جيڪڏهن ايني ٽاس ۽ لائي ڪان مونکي ڏوهي قرار ڏيڻ ۾ ميلي ٽاس جو ساٿ نه ڏين ها ته ڪل ووٽن جو پنجون حصو به نه ملي ها ۽ هزار ڊالر ڪم جو جرمانو ادا ڪرڻو پوي ها.
ان شخص منهنجي لاءِ موت جي سزا تجويز ڪئي آهي. چڱو، ائين ئي سهي. هاڻي دوستو، آءٌ پنهنجي لاءِ ڪهڙي سزا تجويز ڪريان؟ ايترو واضح آهي ته جيڪا به سزا تجويز ڪريان اها بهرحال مناسب هجڻ گهرجي. پر منهنجي سزا ڪهڙي هجي، ڪيترو جرمانو مناسب رهندو؟ ڇو ته آءٌ سڄي زندگي چين سڪون سان نه ويٺو آهيان، ۽ مون انهن شين کي، جن تي ماڻهو مري مٿو ڏيندا آهن: مال ميڙڻ، گهر ۽ خاندان سنوارڻ، فوجي عهدن، عوامي خطابن نه انهن کان علاوه هن شهر جي انتظامي عهدن، پلاٽن ۽ جماعتن کي ذري جيتري به اهميت نه ڏني. ڇو ته مونکي يقين هو ته انهن ۾ مبتلا ٿي گناهن کان آجو رهي نه سگهندس. مان اتي نه ويس جتي وڃي توهان لاءِ ۽ پنهنجي لاءِ ڀلائي نه ڪري سگهان. البته هر ان جڳهه تي ويس جتي اميد هئي ته توهان کي خير جي نعمت سان مالامال ڪري سگهندس. مون ڪوشش ڪئي ته توهان مان هر هڪ کي قائل ڪريان ته پنهنجي نفس جي نگهداشت، پنهنجي دنياوي مفادن کان پهريان ڪريو ۽ اهڙي نموني ڪريو جيئن نيڪي ۽ ڏاهپ ۾ اعليٰ درجي تي پهچي وڃو. رياست کي پهرين ترجيح ڏئي ۽ ان سان لاڳاپيل پنهنجي مفادن کي بعد ۾ ڏسي. اها ئي ترتيب ٻين معاملن ۾ به رکي، اهو اهڙو ماڻحو ڪري جنهن لاءِ مناسب به هجي. مون جهڙي ماڻهوءَ لاءِ ڇا مناسب آهي جيڪو غريب آهي، توهان جي لاءِ فائديمند آهي، جيڪي اطمينان ۽ سڪون چاهيو ٿا. اهڙي ماڻهوءَ جي لاءِ اي شهر واسيو، ان کان بهتر ٻيو ڇا ٿي سگهي ٿو ته کيس رياست جي خرچ تي مفت طعام ۽ قيام جي سهولت سان ٽائون هال ۾ رهايو وڃي. هو ان عياشيءَ جو اولمپيا ۾ گهوڙيسوار يا بگي گوءِ ۾ انعام حاصل ڪرڻ وارن کان وڌيڪ اهل آهي، ڇو ته اهي اوهان کي سطحي خوشي ڏين ٿا، جڏهن ته مان توهان کي حقيقي مسرت ڏانهن وٺي وڃان ٿو. انهن کي مفت رهڻ ڪهڻ جي ضرورت نه آهي جڏهن ته مونکي آهي. ان ڪري جيڪڏهن مان پنهنجي نيڪ ڪاوشن جي عيوض ڪنهن سزا جو حقدار آهيان ته اها بلڪل اها ئي آهي: ٽائون هال ۾ مفت طعام ۽ قيام. شايد منهنجو ائين چوڻ اوهان کي برو لڳي بلڪل ائين جيئن مون عدالت ۾ روئڻ پٽڻ جي باري ۾ چو هيو، پر دوستو، اهڙي ڪابه ڳالهه نه آهي، مون ائين انڪري چيو ته مونکي پورو يقين آهي ته مون ڪڏهن به ڪنهن کي ڄاڻي واڻي نقصان نه پهچايو آهي پر آءٌ توهان کي ان جو يقين نه ڏياري سگهيو آهيان ڇو ته اسانکي ڳالهائڻ جي لاءِ تمام ٿورو وقت مليو آهي. جيڪڏهن هتي به اهو ئي قانون هجي جيڪو ٻين ملڪن ۾ آهي ته موت جي سزا جا مقدما هڪ ڏينهن نه پر ڪيترائي ڏينهن هلن ته آءٌ توهان کي ان ڳالهه جو يقين ضرور ڏياريان ها پر ايتري ٿوري وقت ۾ پنهنجي خلاف ايڏي وڏي ڪوڙ کي ختم ڪرڻ سولو ڪم نه هو. مونکي يقين آهي ته مون ڪنهن جي خلاف برو نه ڪيو آهي، انڪري پنهنجو پاڻ کي غلط نه سمجهندس، پنهنجي خلاف سزا نه ٻڌائيندس. اهو نه چوندس ته آءٌ ڪنهن بري سلوڪ جو حقدار آهيان، پنهنجي لاءِ ڪنهن بري شيءِ جو تعين به نه ڪندس ۽ ڪريان به ڇو؟ ڇا ان سزا جي خوف کان، جيڪا ميلي ٽاس تجويز ڪئي آهي، جڏهن ته منهنجو چوڻ اهو آهي ته مان نٿو ڄاڻان ته اها سٺي آهي يا خراب ۽ ان بدران اهڙيون شيون چونڊيان جيڪي يقينن بريون آهن ۽ اهي سزا طور تجويز ڪريان؟ ڇا چوان! جيل؟ مان جيل ۾ ڇو رهان انهن جو غلام بڻجي، اهي يارهن جيڪي اتان جا آفيسر آهن؟ ته پوءِ ڇا جرمانو ۽ جرمانو ادا ڪرڻ تائين جيل؟ پر منهنجي معاملي ۾ اهو جيل کان گهٽ نه آهي، ڇو ته مون وٽ ڪوبه مال نه آهي جنهن سان جرمانو ادا ڪري سگهان.. ته پوءِ ڇا چوان! ملڪ بدري؟ توهان شايد منهنجي لاءِ اها سزا مڃي وٺو ۽ جيڪڏهن مونکي زندگي پياري آهي ته اها ئي سزا پنهنجي لاءِ تجويز ڪريان پر مان ڇا اهڙو ويل آهيان؟ توهان منهنجا هم وطن آهيو، منهنجو ڪم ۽ منهنجون ڳالهيون برداشت نٿا ڪري سگهو. اهي شيون توهان جي لاءِ ايتريون تڪليف واريون آهن جو توهان مونکي ملڪ بدر ڪيو ته ڇا ٻيا ان کي سولائيءَ سان برداشت ڪندا؟ ڪيڏو عجيب منطق آهي! نه ايٿنز جا شهريو، اهو ڏکيو آهي ته ڇا اها شاندار زندگي هوندي ته مان هن عمر ۾ هجرت ڪريان ۽ شهر شهر ڀڄندو رهان. ڇو ته مونکي پڪو يقين آهي ته جتي به ويندس، نوجوان منهنجون ڳالهيون ائين ٻڌندا جيئن هتي ٻڌن ٿا. جيڪڏهن مون کين ڌڪاريو ته اهي مونکي ڌڪاريندا ۽ جيڪڏهن ائين نه ڪيم ته سندن والدين ۽ خاندان وارا، انهن خاطر مونکي ٻاهر ڪڍندا.
شايد توهان مان ڪو چوي ته: توهان اسان وٽان ڪٿي ٻئي هنڌ ڇو نه ٿا هليا وڃو؟ ڇو نٿا ڪنهن ٻي جڳهه تي وڃي خاموشيءَ سان ماٺ ميٺ ۾ زندگي گذاريو؟ اها ڳالهه توهان کي سمجهائڻ سڀ کان ڏکي آهي. ان ڪري جڏهن مان اهو چوان ٿو ته اهڙي نموني چپ چاپ زندگي گذارڻ خدا جي نافرماني ٿيندي، تنهن ڪري ائين نٿو ڪري سگهان ته توهان يقين نه ڪندئو بلڪ سمجهندئو ته شايد مان غلط بياني ڪري رهيو آهيان. جيڪڏهن مان اهو چوان ته ڪنهن انسان جي لاءِ اها وڏي نعمت آهي ته روزانو نيڪي ۽ ٻين اهڙين شين جي باري ۾ بحث ڪري، جن جي باري ۾ توهان مون سان ڳالهه ٻول ڪري، پنهنجو ۽ ٻين جو امتحان وٺو ٿا ۽ اهو ته زندگي حقيقت جي ڳولا کانسواءِ بي معنيٰ آهي ته توهان اڃا به گهٽ يقين ڪندئو پر مانائتا دوستو، اصل حقيقت اها ئي آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته توهان کي ان جو يقين ڏيارڻ سولو نه آهي. ان کانسواءِ منهنجي سمجهه ۾ اها ڳالهه نٿي اچي ته مونکي ڪهڙي به نموني ڪا سزا ملڻ گهرجي. جيڪڏهن مون وٽ رقم هجي ها ته آءٌ جرماني جي ايتري رقم تجويز ڪريان ها جيڪا ادا ڪري سگهان ها. ائين ڪرڻ سان مونکي ڪوبه نقصان نه پيو پهچي پر هاڻي جڏهن صورتحال هيءَ آهي ته اها ڳالهه بحث کان ٻاهر آهي ته جرماني جي رقم اوهان ايتري گهٽ رکو جو آءٌ ان کي ادا ڪرڻ جي قابل هجان.
شايد مان توهان کي چانديءَ جو هڪ منهاس ادا ڪري سگهان ٿو ۽ آءٌ ان کي جرمانو قرار ڏيان ٿو. هتي افلاطون، ڪرائٽو، اسٽرو بولس ۽ اپالو ڊورس مونکي چيو آهي ته ڏنڊ جي رقم ٽيهه منهاس ڄاڻايان ۽ هو انهن جي ادائگيءَ جي ضمانت ڏين ٿا. تڏهن آءٌ ان کي جرماني جي رقم قرار ڏيان ٿو. اهي ماڻهو ان رقم جي ادائگيءَ جا مناسب ضامن آهن.
(سقراط طرفان پنهنجي لاءِ ڏنڊ جي تجويز ڪيل سزا تي ۽ ميلي ٽاس جي تجويز ڪيل موت جي سزا تي هڪ دفعو وري راءِ شماري ٿي. عدالت اڪثريت راءِ سان سقراط جي خلاف موت جي سزا جو فيصلو ٻڌايو. سقراط ان مختصر وقفي ۾، جڏهن کيس جيل وڃڻو هو، اتي موجود ماڻهن کي خطاب ڪيو).
ايٿنز جا شهريو! توهان کي ڪو گهڻو انتظار نه ڪرڻو پوندو. جلد ئي اهو الزام هنيو ويندو ته توهان هڪ ڏاهي ماڻهو سقراط کي موت جي منهن ۾ ڏئي ڇڏيو. اسان جي شهر تي تنقيد ڪرڻ جا خواهشمند ائين هو ضرور چوندا، اهي جڏهن اوهان تي تهمتون هڻندا تڏهن توڙي جو مان عقلمند نه هجان. تڏهن به عقلمند چوندا. جيڪڏهن توهان ٿورو صبر ڪيو ها ته اها شيءِ توهان کي پنهنجو پاڻ حاصل ٿي وڃي ها. منهنجي عمر ڏسو، مرڻ جي ويجهو آهيان. اها ڳالهه مان توهان سڀني کي نه چئي رهيو آهيان پر انهن کي جن منهنجي لاءِ موت جي حق ۾ ووٽ ڏنو آهي. مونکي انهن ماڻهن سان ڪجهه ٻيو به ڳالهائڻو آهي. توهان شايد اهو سمجهندا هوندا ته دليل نه هجڻ جي ڪري مان ڏوهي قرار ڏنو ويو آهيان، اهي دليل جيڪي توهان کي ترغيب ڏين ٿا. جيڪڏهن آءٌ صحيح طرز عمل اختيار ڪريان ها ته اهو ڪم ۽ ڳالهه ڪريان ها جنهن سان آءٌ ان سزا کان بچي وڃان ها. اصل ڳالهه اها نه آهي. آءٌ دليل نه هجڻ جي ڪري نه پر بيحيائي ۽ بي شرمي جي نه هجڻ ڪري ڏوهي قرار ڏنو ويو آهيان، آءٌ ان ڪري ڏوهي قرار ڏنو ويو آهيان جو مان رنس ڪونه، منٿون نه ڪيم ۽ اهي حرڪتون نه ڪيم جيڪي توهان ٻين ۾ ڏسڻ جا عادي آهيو ۽ جن جي باري ۾ مون توهان کي ٻڌايو هو ته ائين ڪرڻ مونکي نٿو جُڳائي. ان وقت به خطري کي آڏو ڏسي مون اهو نه سوچيو هو ته ڀاڙيائپ جو مظاهرو ڪجي ۽ هاڻي به مونکي پنهنجي دفاع لاءِ هن طريقيڪار تي افسوس نه آهي. مان اهڙيون حرڪتون ڪري زنده رهڻ بجاءِ مرڻ وڌيڪ پسند ڪندس. منهنجي لاءِ يا ڪنهن ٻئي جي لاءِ اهو جائز نه آهي ته موت کان بچڻ جي لاءِ پوءِ اهو عدالت ۾ هجي يا جنگ ۾، هر ممڪن رستو اختيار ڪري. جنگ ۾ اڪثر ائين ٿيندو آهي ته ڪو ماڻهو هٿيار اڇلي، حملي آورن کان رحم جي خيرات گهري موت جي منهن مان بچي ويندو آهي، اهڙي ئي قسم جي خطرن ۾ موت کان بچڻ جا ڪافي رستا هوندا آهن. شرط اهو آهي ته هر ڪم ڪرڻ ۽ هر ڳالهه چوڻ تي آماده هجي.
نه، دوستو، مشڪل ڪم موت کان بچڻ نه پر برائيءَ کان بچڻ آهي ڇو ته اها موت کان وڌيڪ تيزيءَ سان ايندي آهي. مون جهڙي ڪراڙي ۽ سست ماڻهوءَ کي ان موت جڪڙيو آهي جنهن جي رفتار سست آهي، جڏهن ته منهنجي چالاڪ ۽ تيز الزام هڻندڙ دوستن کي ان برائيءَ جڪڙيو آهي جيڪا تيز رفتار آهي. آءٌ توهان جي طرفان ڏوهي قرار ڏئي موت جي سزا ماڻڻ ٿو وڃان ۽ هو سچائيءَ جي جا ڏوهي ليکجي مڪاري ۽ ظلم جي سزا ڀوڳڻ ٿا وڃن. مونکي پنهنجي سزا اختيار ڪرڻي آهي، هُنن کي پنهنجي. ائين ئي مقدر ۾ هو ۽ مان سمجهان ٿو ته اهو صحيح به آهي.
هاڻي ايٿنز واسيو، آءٌ انهن ماڻهن لاءِ اڳڪٿي ڪريان ٿو جن مونکي ڏوهي قرار ڏنو آهي، مان زندگيءَ جي ان پل ۾ آهيان، جتي اڪثر انسانن ۾ اڳڪٿي جي قوت وڌي ويندي آهي يعني اها گهڙي جڏهن موت سامهون نظر ايندو آهي. جن مونکي ڏوهي قرار ڏنو آهي انهن جي لاءِ منهنجي اڳڪٿي هيءَ آهي ته منهنجي مرڻ کان جلد پوءِ، زيوس جو قسم! انهن تي عذاب ايندو، جيڪو هن سزا کان ڪيترائي دفعا وڌيڪ سخت هوندو جيڪا انهن مونکي ڏني آهي. توهان اهو سوچي هيءُ ڪم ڪيو آهي ته مستقبل ۾ ان ڳالهه جي جواب دهي کان بلڪل آزاد آهيو، پر مان توهان کي چوان ٿو ته صورتحال ان جي ابتڙ هوندي. ڪو هڪڙو ناهي جيڪو توهان کي ڏوهي قرار ڏيندو، پر ڪيترا ئي آهن جن کي مون روڪيو آهي ۽ جن جو توهان کي اندازو نه آهي. جيترا اهي نوجوان هوندا، سمورا توهان تي ڏمريل هوندا ۽ اوترو ئي توهان انهن جي هٿان پريشان ٿيندئو. جيڪڏهن توهان اهو سمجهو ٿا ته ماڻهن کي موت جي سزا ڏيڻ سان توهان کين غلط زندگيءَ ڏانهن وڃڻ کان روڪي سگهو ٿا ته اها انتهائي غلط سوچ آهي ڇو ته اها راهِه فرار نه ممڪن آهي ۽ نه ئي مناسب. پر ٻيو رستو سولو به آهي ۽ عزت جي لائق به، ته توهان ٻين جي زندگين جا ڏيئا وسائڻ بجاءِ پنهنجين زندگين کي نيڪين سان سنوارڻ جي ڪوشش ڪريو. اها منهنجي اڳڪٿي انهن جي لاءِ آهي جن مونکي ڏوهي چيو ۽ انهن سان هاڻي منهنجو معاملو ختم ٿيو.
هاڻي مونکي ڪجهه انهن ماڻهن کي چوڻو آهي جن منهنجي دفاع ۾ ووٽ ڏنو آهي. هينئر جڏهن مئجسٽريٽ صاحب مصروف آهن ۽ مونکي ان جڳهه تي نه پيا وٺي وڃن، جتي مونکي مرڻو آهي، تيستائين مان وڏي خوشيءَ سان، اڄ جي موجوده واقعن تي اوهان سان ڳالهائيندس. منهنجا دوستو! منهنجي خواهش آهي ته مهلت جي ان ٿوري وقفي ۾ توهان مون سان گڏ رهو، ڇو ته جيستائين مهلت آهي ڪوبه اسان کي هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ کان روڪي نٿو سگهي. منهنجا دوستو! توهان تي مان اهو راز ظاهر ڪري رهيو آهيان، جيڪو مون تي هاڻي ئي ظاهر ٿيو آهي. جج صاحبو! توهان کي جج چئي ڪري حقيقت ۾ توهان کي صحيح نالي سان پڪاري رهيو آهيان. منهنجي لاءِ اڄ نهايت ئي شاندار ڪم ٿيو آهي. هڪ ڄاتل الهامي آواز، هڪ پيغمبرانه غيبي فرشتو اڪثر مون وٽ ايندو هو، مان غلطي ڪرڻ وارو هوندو هوس ته نهايت معمولي شين تي به مونکي ٽوڪيندو هو پر اڄ جيئن اوهان پاڻ ڏٺو ۽ جيئن سمجهيو وڃي ٿو ته هڪ وڏي مصيبت مون تي نازل ٿي آهي، هڪ دفعو به گهران نڪري عدالت اچڻ تائين، عدالت ۾ پنهنجي دليلن دوران ان بيغمبرانه غيبي فرشتي مونکي نه ٽوڪيو. هونئن اهو مونکي منهنجي ٻين تقريرن ۾، ڳالهه ٻولهه دوران ٽوڪيندي دير نه ڪندو هو. پر اڄوڪي واقعي دوران هن مونکي بلڪل نه ٽوڪيو، نه عمل ۾ نه تقرير ۾. آءٌ ان جو ڪهڙو مطلب سمجهان؟ جيڪو ڪجهه ٿيو آهي ان ۾ئي منهنجي بهتري آهي ۽ اسان مان جيڪو موت کي برائي سمجهي رهيو آهي انهن جي راءِ يقين سان صحيح نه آهي. ان جو سڀ کان وڏو ثبوت اهو آهي ته جيڪڏهن ان معاملي ۾ منهنجي لاءِ بهتري نه هجي ها ته منهنجي معمول جو الهامي انسان ضرور ٽوڪي ها.
اچو هِن ڳالهه جو هڪ ٻئي رخ کان جائزو وٺون ته موت جي نعمت هجڻ جي توقع ڪيتري آهي؟ موت ٻن شين مان پڪ سان هڪ آهي: يا ته مرڻ وارو بلڪل ئي ختم ٿي ويو يا اهو ته هو هتان کان ٻي جڳهه ڏانهن منتقل ٿي ويو آهي. جيڪڏهن موت کان پوءِ شعور بلڪل ختم آهي ۽ موت ان ننڊ وانگر آهي جنهن ۾ ڪو خواب به ڪونهي ته اها شاندار نعمت نه هوندي. منهنجو خيال آهي ته جيڪڏهن ڪير به ان پرسڪون رات جو مقابلو پنهنجي زندگيءَ جي سڀني ڏينهن سان ڪري يا ڏسي ته ان ۾ ڪيترا ڏينهن يا راتيون هيون جيڪي ان رات کان وڌيڪ مٺيون ۽ پرسڪون هيون ته مونکي يقين آهي ته عام ماڻهو ته ڇڏيو پر پارس جو بادشاهه به آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڏينهن مس ڏسي سگهندو. پر جيڪڏهن موت هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه منتقلي آهي ۽ جيڪڏهن اهو سچ آهي جيڪو چيو ويو آهي ته جيڪي مري چڪا آهن اهي اتي هوندا ته جج صاحب! ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي نعمت هوندي، ڇاڪاڻ ته جيڪو شخص انهن ماڻهن کان جيڪي هتي پنهنجو پاڻ کي جج چون ٿا، نجات حاصل ڪري آخرت ۾ ويندو ته اتي هو انهن حقيقي ججن کي ڏسندا جن جي باري چيو ويو آهي ته هو اتي انصاف ڪن ٿا. مائي نوس، راڌامير، آئٽايڪوز، ٽرلٽيولميوس ۽ اهڙيون ئي ٻيون هستيون جيڪي دنيا ۾ نيڪوڪار هيون. پوءِ ڇا اهو انتقال خراب ڳالهه آهي؟ پر اتي ته آرفيس، موزياسس، هزيڊ ۽ هومر جي همراهي نصيب ٿيندي، جنهن جي لاءِ توهان مان هر ڪوئي ڪيتروئي خرچ ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو. جيڪڏهن اهو سچ آهي ته مان ڪيترائي دفعا مرڻ لاءِ تيار آهيان ڇو ته مونکي اتي رهڻ تمام سٺو لڳندو. اتي مان پالاسيڊيز ۽ ڪيترين ئي انهن هستين سان ملندس جيڪي ناانصافين جي ور چڙهي ويون. آءٌ پنهنجي تجربي جي انهن سان ڀيٽ ڪندس، جيڪو هڪ خوشگوار تجربو هوندو پر سڀ کان مزي جي ڳالهه اها هوندي ته مان اتي به ماڻهن کان سوال ڪري کين جاچيندس پرکيندس ۽ اهو معلوم ڪندس ته ڪير اصل ڏاهو آهي ۽ ڪير ڏاهو بڻجي ٿو پر آهي ڪين. منهنجي عدالت جا جج صاحبو! ان ماڻهوءَ کان سوال ڪرڻ جي لاءِ جنهن ٽراءِ جي خلاف عظيم مهم جي اڳواڻي ڪئي هئي اوڊليس، سستي فاس يا ان مهم ۾ شامل هزارين مرد ۽ عورتن کان پڇڻ خاطر، ڪو به پنهنجو ڇا نه قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿيندو؟ انهن ماڻهن سان اتي ڳالهه ٻول ڪرڻ، جاچڻ، پرکڻ ۽ ساڻن گڏ رهڻ هڪ لازوال مسرت کان گهٽ نه آهي. اتي هن دنيا ۾ اُهي هتان کان وڌيڪ خوش آهن، ان ڪري به ته جيئن چيو ويو آهي ته اهي اُتي باقي عرصو ابدي زندگي گذاريندا.
توهان جج صاحبن کي گهرجي ته موت جي باري ۾ سٺي توقع رکو. گهٽ ۾ گهٽ هن ڳالهه جي حقيقت تي ايمان رکو ته هڪ نيڪ ماڻهوءَ کي، ڪا به برائي هرگز نقصان نٿي پهچائي سگهي، نه هِن دنيا ۾ نه هُن دنيا ۾ ۽ نه وري ڪڏهن خدا اهڙن ماڻهن جا معاملا نظر انداز ڪيا آهن، ان ڪري منهنجو اهو انجام صرف اتفاق نه آهي پر مونکي صاف محسوس ٿئي پيو ته منهنجي لاءِ هاڻي مرڻ ۽ دنيا جي تڪليف کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ئي بهتر آهي. اهو ئي سبب آهي جو منهنجي الهامي فرشتي مون کي نه ٽوڪيو ۽ ان جي ڪري ئي آءٌ انهن ماڻهن کان پڻ بلڪل خفا نه آهيان، جن مونکي ڏوهي قرار ڏنو، ۽ مون تي الزام لڳايا آهن. پر جڏهن انهن مون تي الزام لڳايا ته سندن نيت اها ئي هئي ته مونکي نقصان پهچائين. بس ان ئي معاملي ۾ مٿن الزام ٺهي ٿو. مونکي ساڻن هڪ ڪم به آهي: جڏهن منهنجا پٽ وڏا ٿي وڃن ۽ پوءِ جيڪڏهن هو نيڪيءَ جي مقابلي ۾ مال ۽ دولت گڏ ڪرڻ کي ترجيح ڏين ته توهان انهن کي ائين ئي تنگ ڪجو جيئن مان توهان کي ڪندو هيس. جيڪڏهن هو اهو ظاهر ڪرڻ لڳن ته وڏي شخصيت بڻجي ويا آهن پر حقيقت ۾ ائين نه هجي ته کانئن پڇاڻو ڪجو، ائين جيئن آءٌ توهان کان پڇاڻو ڪندو هوس، ڇو ته اهي ان جي حفاظت نه ڪري رهيا آهن، جنهن جي حفاظت انهن کي ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجو پاڻ کي ڪجهه سمجهڻ لڳا آهن جڏهن ته حقيقت ائين نه آهي. جيڪڏهن توهان ائين ڪيو ته مان ۽ منهنجا پٽ ٻئي اوهان جي هٿان صحيح انصاف حاصل ڪندا.
هاڻي وڃڻ جو وقت اچي ويو آهي، اسان پنهنجن پنهنجن رستن ڏانهن وڃون ٿا، مان مرڻ ۽ اوهان زنده ڏانهن رهڻ. ڪهڙو رستو بهتر آهي، اهو خدا ڄاڻي ٿو.
ڊاڪٽر خليفه عبدالحڪيم پنهنجي ڪتاب ”داستان دانش“ ۾ سقراط جي ڳالهين جو خلاصو هيئن بيان ڪيو آهي ته انهن سڀني بحثن جو نچوڙ ڪڍجي ته ڪجهه بنيادي ڳالهيون ڇنڊجي ڇاڻجي آڏو اچن ٿيون: پهرين اها ته عقل ڪل جو وجود آهي، اها ته خير مطلق جو وجود آهي، ٽين ته نيڪي عقل آهي ۽ بَدي جهالت، چوٿين بنياد ڳالهه اها آهي ته نيڪي پنهنجو پاڻ ئي اجر آهي ۽ بَدي پنهنجو پاڻ ئي سزا آهي. خارجي ۽ مادي جزا سزا جو نيڪي ۽ بَديءَ تي عائد ٿيڻ لازمي نه آهي ۽ هڪ لحاظ سان غير واسطيدار پڻ رياست جڏهن عقل ۽ اصول جي بنيادن تي قائم ڪئي وڃي ته ماڻهن جي زندگي ۽ اجتماعي نظام ڪهڙي قسم جو هجڻ گهرجي ۽ عادل ۽ عامل حڪمرانن جي جماعت ڪيئن وجود ۾ اچي سگهي ٿي. عاقل ۽ عادل فرد، عادل ۽ عاقل جماعت هڪ ٻئي جو آئينو آهن. جن اصولن سان هڪ فرد جي زندگيءَ ۾ توازن، هم آهنگي ۽ سعادت پيدا ٿئي ٿي، انهن ئي اصولن سان جماعت ۽ رياست ۾ به اهائي ڪيفيت ظاهر ٿئي ٿي.
سقراط حقيقت ۾ فقط هڪ خدا جو قائل هو جيڪو سراپا عقل ۽ سراپا عدل آهي سندس خيال ۾ خدا نج خير آهي ۽ نفس ۾ ان نج خير جي عرفان جو نالو نيڪي آهي. سندس عقيدو هو ته روح، جسم ۾ داخل ٿيڻ کان ۽ مادي جي ملوث ٿيڻ کان پهريان به موجود هو ۽ ان جسم جي فنا ٿيڻ کانپوءِ به موجود رهندو. هو چوي ٿو ته اعليٰ درجي جي زندگي مرڻ کان اڳ موت جي هڪ ڪوشش آهي. جذبات ۽ مادي خواهشن کان بچي خالص ۽ نج خير ڏانهن وڃڻ جسماني موت ۽ روحاني زندگي آهي. ڏاهو انسان ان قسم جي موت جي ڪوشش جسماني زندگيءَ جي اندر رهندي ئي شروع ڪندو آهي، ان کانپوءِ جسم جي تحليل کان ڊڄڻ بدران ان سان خوش ٿيندو آهي، ان کان پري نه ڀڄندو آهي. عاقل مرد جي نشاني هيءَ آهي ته کيس جسماني موت کان بلڪل ڪوبه خوف نه ٿيندو آهي. سقراط پنهنجي شهادت وقت ان جو ثبوت ڏنو ته سندس قول ۽ فعل هڪجهڙو آهي. هاڻي سندس تعليم جا اهم نقطا بغير ڪنهن منطقي ترتيب جي پيش ڪجن ٿا.
1 . سڀني انسانن جو علم محدود آهي، غير انساني مخلوق جو علم ڏکيو به آهي ۽ غير ضروري به، انسان کي نيڪيءَ جو علم ٿي سگهي ٿو، پر اهو به پوري طرح نه.
2 . ٻيا ماڻهو به جاهل آهن ۽ آءٌ به جاهل آهيان، پر هو پنهنجي جهالت کان ناواقف آهن ۽ ان جهالت کي به علم سمجهن ٿا. مونکي انهن تي فوقيت اها آهي ته آءٌ ڄاڻان ٿو ته مون کي ڪا خبر ڪانهي.
3 . پاڻ سڃاڻو، سڀني حقيقتن جو در پاڻ سڃاڻڻ سان ئي کلي ٿو.
4 . اخلاقيات ئي اصل علم آهي، باقي سڀ علم ان جي مقابلي ۾ ثانوي آهن.
5 . انسان ڪائنات جو مينار آهي، پر ان جو مطلب ڪنهن فرد جا هنگامي جذبات ۽ محسوسات نه آهن. نج خير جو مينار انسان جي فطرت جي اندر لڪل آهي.
6 . جنهن کي حقيقت چون ٿا، اها جزئيات ۾ نه، بلڪ ڪُليات ۾ ملي ٿي، نيڪي ۽ علم، ڪلي اصول جي عرفان ۽ ان تي عمل ڪرڻ جو نالو آهي.
7 . ڄاڻڻ ٻن قسمن جو آهي: هڪ راءِ ۽ ٻيو علم. عام ماڻهو فقط راءِ رکن ٿا ۽ ان تي عمل ڪن ٿا، علم صرف داناءُ کي حاصل هوندو آهي.
8 . بحث کان اڳ هر لفظ جي معنيٰ متعين ڪئي وڃي، جيستائين بحث هيٺ تصور جي چٽي وضاحت نه هجي، تيستائين ان بحث جو ڪوبه نتيجو نه نڪرندو آهي.
9 . علم جا اصلي اصول انسان جي فطرت جي اندر لڪلآهن. تعليم جو مقصد ٻاهران ڪنهن جي اندر معلومات داخل ڪرڻ نه بلڪ ان جي اندران فطري اصول بي نقاب ڪرڻ آهي. سمورو اصلي علم انساني روح جو ازلي سرمايو آهي. انسان جي فطرت علم سان ڀري حامله آهي. معلم کي دائيءَ جو ڪم ڪرڻ گهرجي.
10 . ڪوبه ماڻهو ڄاڻي واڻي برائي نه ڪندو آهي. علم سان ضرور نيڪي ئي ٿيندي ۽ جهالت سان بَدي. بد ماڻهو به شر کي خير سمجهي ڪندو آهي. فطري طور اهو به خير جو طالب آهي، پر جهالت جي ڪري رستو ڀلجي ويو آهي.
11 . نيڪي علم آهي، ان ڪري ان ڪري اها پاڙهي سگهجي ٿي. خير ۽ شر جو اصول عقلي طور ماڻهن کي سمجهائي سگهجي ٿو.
12 . نيڪيءَ ۾ به وحدت نظر اچي ٿي. جيڪڏهن ڪنهن هڪ معاملي انسان پوري طرح نيڪ ٿي وڃي ته باقي نيڪيون به ڏانهس هليون وينديون. ڪوئي ماڻهو ڪنهن هڪ پهلوءَ ۾ بد ٿي ٻئي پهلوءَ ۾ نيڪ نه ٿو ٿي سگهي.
13 . صحيح علم ۽ نيڪيءَ جي لاءِ لازمي آهي ته اهي عمل ۾ هجن.
14 . انسان جي فطرت جو ڪوبه پهلو فنا ڪرڻ جي قابل نه آهي. هر جبلت جو هڪ وظيفو آهي ۽ عدل سان ان وظيفي کي پورو ڪرڻ جو نالو نيڪي آهي.
15 . ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ سعادت ۽ هم آهنگي عدل سان قائم ٿي سگهي ٿي ۽ جماعت جي زندگيءَ ۾ به عدل سان. ماڻهو ۽ جماعت جو عدل هڪ ٻئي جو آئينو آهي.
16 . جماعت جو عدل اهو آهي ته هر طبقو اهل هجي ۽ کيس سونپيل ڪم سٺي نموني انجام ڏئي. فرد جي اندر عدل اهو آهي ته ان جي هر جبلت پنهنجو وظيفو پنهنجي حدن جي اندر پورو ڪري ته جيئن سڀني وظيفن سان ملي هم آهنگي پيدا ٿي وڃي جيڪا اصل سعادت آهي.
17 . انسان کان اعليٰ ترين مافوق الفطرت هستين جو وجود آهي پر اصل الوهيت هڪ خداءِ واحد کي آهي جيڪو نج خير ۽ علم آهي ۽ رب العالمين آهي.
18 . خارجي فطرت جي باري ۾ انسان کي فقط ايترو علم ٿي سگهي ٿو ته ان ۾ نظم، ترتيب ۽ مقصد هوندو آهي، جنهن مان پتو پوي ٿو ته اها هڪ ڏاهي قوت جي مخلوق آهي.
19 . انسان هميشه عقل جي رهنمائي ۾ نه هلندو آهي پر اعليٰ قوتون به ان کي هدايت ڪنديون آهن ۽ غلط رستن تي هلڻ کان روڪينديون آهن.
20 . بَدي ڪرڻ سان ڪڏهن به حقيقي مسرت ۽ سعادت حاصل نه ٿي ٿي سگهي. سعادت نيڪيءَ سان جڙيل آهي ۽ نڀاڳ بديءَ سان. نيڪي پاڻ ئي پنهنجو اجر آهي ۽ بَدي پاڻ ئي پنهنجي سزا، پر خدا انهن سان ٻيون سزائون ۽ جزائون به جوڙي رکيون آهن جنهن جي مڪمل ڄاڻ ٻي زندگيءَ ۾ ملندي.
21 . ظلم ڪرڻ، ظلم سهڻ کان ڪيترائي دفعا بدتر آهي. ظلم سهڻ سان انسان جي اصليت يعني ان جي روح کي صدمو پهچي ٿو ۽ ان سان فساد پيدا ٿئي ٿو.
22 . جيستائين ڏاهن ۽ عادلن جي حڪومت نه هجي ته ڪوبه شريف ماڻهو عام زندگيءَ ۾ حصو نٿو وٺي سگهي. جيڪڏهن هو ڏاهپ ۽ سچائيءَ کان ڪم وٺندو ته گهڻو نقصان پهچندو. هن کي ڪنهن قسم جي قوت حاصل نه ٿيندي ۽ قومي مفاد ان ۾ آهي ته ان کي ماريو وڃي.
23 . خطابت عام طور تي خوشامد جي مشق جو نالو آهي. تمام گهٽ ائين ٿيندو آهي ته ڪو ماڻهو خطابت جي قوت کي صداقت جي لاءِ استعمال ڪري.
24 . خطيب هڪ خوشامدي بورچيءَ وانگر آهي جيڪو ذائقيدار کاڌا مريضن کي پيش ڪندو آهي ۽ کين ٿوري دير لاءِ اهو خوشامدي بورچي سچي طبيب جي مقابلي ۾ تعريف لائق ماڻهو لڳندو آهي. ڇو ته سچو طبيب مريض جي لاءِ ڪوڙيون دوائون ۽ سادي غذا تجويز ڪندو آهي.
25 . شاعر به اڪثر هوائي هوندا آهن، وڌاءُ کان ڪم وٺندا آهن ۽ ماڻهن جي جذبن سان کيڏڻ سندن مشغلو ٿي ويندو آهي. ان ڪري هو گهڻا مشهور ٿي ويندا آهن ۽ مالي نفعو به حاصل ڪندا آهن. عادل رياست ۾ شاعرن جو گهڻو احتساب ٿيڻ گهرجي.
26 . سچ اهو ئي ماڻهو ڳالهائي سگهي ٿو جيڪو ڏاهو هجي، جن جو نفعو ۽ نقصان حڪومت يا عوام جي هٿن ۾ نه هجي.
27 . سچو ماڻهو موت کان نه ڊڄندو آهي پر بد اعمالي ۽ روح جي تخريب کان لنوائيندو آهي.
28 . جيڪو ماڻهو رسمن رواجن جي پابندي يا عادت طور نيڪي ڪري ٿو ان کي به دنيا ۽ آخرت ۾ هڪ قسم جي سعادت حاصل ٿيندي پر اعليٰ ترين درجا صرف ان نيڪيءَ لاءِ آهن جنهن سان گڏ عرفان به هجي.
29 . نيڪيءَ سان گڏ سادگيءَ واري زندگيءَ جي خواهش ضروري آهي ڇو ته ان کانسواءِ نيڪي قائم نه ٿي رهي سگهي.
30 . ڏوهه ڪرڻ کانپوءِ سزا ڀوڳڻ، بچي نڪرڻ کان گهڻو بهتر آهي. بَدي هڪ روحاني بيماري آهي ۽ سزا ان جي دوا آهي. بيماريءَ جي هوندي دوا کان بچڻ وارو احمق آهي. اهڙي ڪوشش سان ان جي بيماريءَ جو ازالو نه ٿيندو. اها ويتر وڌندي. سزا جو مقصد تهذيب (ڦيٽاڙو) نه بلڪ تهذيب (سڌارو) آهي.